هيل اُتر ۾ ڏاڍي گرمي ٿي هئي. ڏينهن کورن وانگر ٻرندا ۽ راتين
جو اهڙي ٻُٽ ٿيندي، جو ساه پيو ٻوساٽبو. سارين ۾
بيٺل پاڻيءَ تي مڇر اهڙو ٿيو هو، جو ڍڳي کي چڪ
هڻي ته ڍڳي کان رنڀ نڪريو وڃي. پِتُ، مَلو،
ڦرڙيون، مڇرن جي ڪري تپاولي، هر ڪو ڊڙيو پيو هو.
سج ڪني ڪڍندو ته ڄڻ آويءَ کي باه لڳي وئي. سارو
ڏينهن ماڻهو آويءَ ۾ پچندا، لڇندا ۽ ڦٿڪندا. رات
ٿيندي ته ٻوسٽ ۽ گهُٽ ، جنسي گهٽا پيا ايندا. مڇرن
لاءِ دونهيون دکنديون ته مڇرن جي چڪن سان مال پيو
رنڀندو، ٻار پيا رڙندا، گرمي ٻوسٽ، پگهر جي ڌپ،
مڇرن جا چڪ، ٻارن جو ريهٽ، زالن جو پٽڪو ڪُٽڪو،
مڙدن جي گارين جو زيپٽ.
هيل سانوڻ کي به واري جو تپ ٿي پيو هو. شڪارپور وڃي ڊاڪٽر کي
نبض ڏيکاري آيو هو. ڊاڪٽر زهر جهڙي ڪوڙي دوا جي
دُنگ ڀري ڏنو هوس. سارو دنگ پي ڇڏيائين، پر تپ نه
ڇڏيس. هڪڙي ڏينهن تپ مان ساه ٿي پٽيائين ته ٻئي
ڏينهن وري تپ ڊاهي ٿي وڌس. سارو بت سيءَ ۾ ٿڙڪندس،
ڏند پيا کڙڪندس ۽ اکين مان پاڻي پيو وهندس. سيءَ
ڍرو ٿيندو ته ڦوه ڏيئي تپ نڪرندو. لڳ تنور وانگر
ٻرندا، اکين مان اُلا نڪرندا، اندر ۾ باه ۽ لوڇ.
پوءِ پگهر شروع ٿيندا. سارو هنڌ پاڻي ٿي ويندو. بت
مان سارو ست ساه نپوڙجي ويندو.
هڪڙي ڏينهن تپ ڍرو ٿيس ته چنگهندو چنگهندو کٽ تان اٿيو ۽ اندر
وڃي هڪڙي پيتي کوليائين. پيتيءَ ۾ کهنبو وڳو، سوني
نٿ، چانديءَ جا پنڙا، هَسُ ۽ ڪڙا پيا هئا____ اهو
کنبهو وڳو ۽ ڳهه پائي گلان ڪنوار بڻجي هن گهر ۾
پير پاتو هو، ساڳي گهر مان هن جو جواڻ جماڻ لاش
نڪتو هو. هيڏانهن تازو ٺاول سارنگ اوئان اوئان ڪري
ٿي رنو ۽ هوڏانهن گلان جي ميت گهران پئي نڪتي.
سانوڻ ته صفا چريو ٿي پيو هو. چرين وانگر ننڍڙي
سارنگ کي ٻانهن ۾ کڻي گلان کي واسطا ٿي وڌائين ته
مون کي ۽ هن ننڍڙي معصومڙي کي رڻ ۾ رولي نه وڃ. پر
پرديس پلاڻڻ وارا پرين ڪو اهڙن واسطن سان ترسندا
آهن ڇا. سانوڻ ۽ سارنگ رئند ارهيا ۽ گلان ٻنهي کي
ڇڏي وڃي قبر ۾ آرامي ٿي. سانوڻ، سارنگ کي پنهنجي
پرينءَ جي جي پيار جي نشاني سمجهي سيني سان لاتو.
ماءُ وانگر راتيون جاڳي کيس پالي وڏو ڪيائين. مٽن
مائٽن گهڻو ئي زور ڀريس ته ٻي شادي ڪر، پر هن ٻي
شادي نه ڪئي. ڪهڙي خبر ماٽيلي ماءُ گلان جي گلڙي،
سان ڏنگي هلي. نيٺ هن جو پورهيو صاب پيو، سارنگ
سلڇڻو ٿيو. مامي وٽ وڃي پڙهي پيو، وڪالت پاس ڪئي
هئائين. ڪراچيءَ مان موٽندو ته جج ٿيندو. هندو
ڪامورا لڏي ويا هئا. نوڪريون جام هيون. احمد خان
رهائيءَ وارو مڙس هو. سندس شاگرد وڏن عهدن تي هئا.
چئه چوان ڪري سارنگ کي سٺي نوڪري وٺي ڏيندو، پوءِ
سڀئي ڏک ڏولاوا لهي ويندا. سارنگ کي پڙهائڻ لاءِ
سوسائٽيءَ مان جيڪو قرض کنيو هئائين، سو به لهي
ويندو. پاڪستان ٿيڻ کان اڳ هن سمجهيو هو ته
پاڪستان ٿيندو ته اسلامي حڪومت ٿيندي. هندن ويساه
گهاتيءَ سان مسلمانن جي جيڪا ملڪيت ڦٻائي هئي سا
موٽي مسلمانن کي ملندي. ڄيٺا مل جا وڏا ڀلاوڻا
هئا. پوءِ هن جا وڏا ويا ڄيٺامل جي وڏن کان قرض
کڻندا ۽ زمينون گروي رکندا. گرويون ڇڏائي نه
سگهيا. هينئر ڄيٺامل زميندار هو ۽ سانوڻ انهن
ساڳين زمينن تي راهڪ هو. پاڪستان ٿيو ته ڄيٺامل
ساري زمين سانوڻ کي ڏئي ويو ۽ چيائين:
”سانوڻ خان، زمين امانت ڏيئي ٿو وڃانءِ ، جي گوڙ گهٽيا ۽ موٽڻ
ٿيو ته زمين موٽائي وٺندوسانءِ، نه ته زمين تو کي
آئي.“
ڄيٺامل هندستان هليو ويو. سانوڻ وارن گڏجي زمين کيڙي. فصل تيار
ٿيو ته هڪڙي ڏينهن مهاجر الاٽمينٽ جو ڪاڳر کڻي،
مختيارڪار، تپيدار ۽ پوليس ۽ جيپ ڀرائي اچي زمين
جو قبضو ورتو. هن گهڻيون ئي دانهون ڪيون، پر ڪجهه
ڪونه وريو. مهاجر بيٺل فصل جي بٽئي وٺي ڪراچيءَ
روانو ٿي ويو. هينئر هنن زمينن جو مالڪ مهاجر هو ۽
هو اهو ساڳيو راهڪ هو. پاڪستان مان هنن کي ڪهڙو
فائدو ٿيو هو؟ هندن جون ساريون زمينون دڪان،
واپار، ڪارخانا مهاجرن کي الاٽ ٿيا هئا. شڪارپور ۾
هندن جي ملڪيتن ۽ مهاجرن جي آبادڪاريءَ جون آفيسون
کليون هيون. انڌير لڳو پيو هو. ناني رڌڻ واري،
ڏُهٽا کائڻ وارا، غريب لاءِ جهڙو هندستان تهڙو
پاڪستان. جهڙو هندو، تهڙو مهاجر! غريب جي حياتي ته
آڻڻ ۽ چاڙهڻ ۾ ئي پوري هئي، پر هاڻي وقت ضرور
ورندو. سارنگ جج ٿيندو. اڇو لٽو ۽ اڇي ماني نصيب
ٿيندي. حياتيءَ جا باقي ڏينهن سُک سان گذرندا.
سارنگ جي شادي ڪرائيندس. سڪينه، گلان وارو وڳو ۽
ڳہ ڳٽا پائي ڪنوار بنجي هن گهر ۾ پير پا.ئيندي ۽
پوءِ هيءُ گهر خوشين ۾ پيو ٻهڪندو. سارنگ ته چيو
هو ته وڪالت پڙهڻ ۾ رڳا ٻه سال لڳندا. هينئر ته هن
کي ٽي سال ٿي ويا آهن، پر اڃان واپس ورڻ جي نٿو
ڪري. وڪالت پاس ڪئي اٿئين، پر ته به ڪراچيءَ ۾
رهيو پيو آهي. شاديءَ جي ڳالهه ٿو ڪريانس ته ٽاري
ٿو ڇڏي. الائي مرضي ڇا اٿس. احمد خان کان پڇان ٿو
ته هو به سولو جواب نٿو ڏي. شايد شهر جو واءُ لڳي
ويو اٿس، تڏهن ڳوٺ جو منهن ئي نٿو ڪري. پر به هڪڙو
دفعو ڳوٺ اچي شادي ڪري، پوءِ ڀل پنهنجي ڪنوار سان
وڃي ڪراچيءَ ۾ رهي. اُتي ئي نوڪري ڪري، اُتي ئي
بنگلو ٺهرائي. مان هتي اباڻي گهرڙي جو در پٽي ويٺو
هوندس ۽ پيو دعا ڪندوسانءِ. مئس ته پوءِ اچي ڪلهو
ڏيئي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ پوري وڃي. اڄ شڪارپور
وڃي احمد خان کان خط ٿو لکرايانس ته ’مان چاق نٿو
رهان، اچي منهن ڏيکاري وڃ....‘ سانوڻ پنهنجو پاڻ
سان ويٺي رهاڻ ڪئي ته ايتري ۾ ٻاهران لڌي سڏ ڪيس،
هن يڪدم گلان جو کنهنبو وڳو ۽ ڳہ ڳٽا ويڙهي پيتيءَ
۾ رکيا ۽ لڌي جو سڏ ورايائين.
”لڌا خان، هليو آ.“
لڌو آيو ته سندس منهن لٿل هو. سانوڻ سمجهيو ته اڄ وري ڪو ڦڏو
ڪري آيو آ.
”لڌا خان، آهي ته خير ني.“
”خيروري ڪهڙوآ.سانوڻ خان، ڏاڍي خراب خبر ٻڌي اٿم.“
”ڪهڙي خبر ٻڌي ٿي.“
”ٻڌو اٿم ته سارنگ جا دشمن.....“ لڌو ڳالهه پوري ڪري نه سگهيو.
”اڙي ڇا ٿيو سارنگ کي؟“ سانوڻ دانهن ڪئي.
”چون ٿا ته سارنگ جهلجي پيو آ.“
سانوڻ کي ڄڻ لڌي ڪاپار ۾ ڪهاڙي وهائي ڪڍي.
”لڌا خان، چئين ڇا ٿو!“
”سانوڻ خان اڄ روهڙي پيسينجر کنيم. ٻن پاسينگرن پاڻ ۾ ڳالهيون
ٿي ڪيون ته سارنگ کي پوليس جهلي وئي آ.“
”ڪنهن جي جوءِ سان کريو، ڪنهن جي ڌيءَ سان ڪارو ٿيو، جو پوليس
جهليس. اهي ماءُ.... هيا ڪير.“
”سارنگ جا دوست هيا، ڪراچي ۾ سارنگ سان ڪاليج ۾ پڙهندا آهن.“
سانوڻ صفا مڃي ئي نه،گار جو زيپٽ پيو پويس. ڪاوڙ ۾ سارو بت ٿي
ڏڪيس. وس پڄيس ته لڌي جي زبان ڪاڪڙي مان ڪڍي ڇڏي.
لڌي صلاح ڏنس ته شڪارپور هلي احمد خان سان احوال
ڪريون. پر سانوڻ مڃي ئي نه، رڳو ٿي گاريون ڏنائين.
آخر لڌو کيس ريڀائي ريجهائي شڪارپور وٺي ويو.
سانجهيءَ جي ٻانگ ملي ته هو احمد خان جي گهر ڀيڙا ٿيا. احمد خان
اڱڻ ۾ کٽ تي پلٿي ماري ماني کائي رهيو هو. سامهون
چانورن جو ٿال، انب ۽ پڪوڙن جو دونون رکيل هوس،
پاسي کان ٻانهيءَ تي سڪينه جي ماءُ پاسيري ويٺي
هئي ۽ وڃڻي سان ڪوسا چانور ٿي ٺاريائين. سڪينه
رڌڻي وٽ ويٺي هٿ بتيءَ جو شيشو ٿي صاف ڪيو. ماڻس
چيس:
”امان خيرين سلين نماشام جو گهر ۾ اونده ڇو ڪئي اٿئي، جلدي ڪر
بتي ٻاري وٺ.“
ايتري ۾ سانوڻ گهٽيءَ ۾ کنگهڪار ڪري سڏ ڪيو. سڪينه جي ماءُ ٽپ
ڏيئي کٽ تان اُٿي ۽ رئي سان مٿو ڍڪيندي سانوڻ کي
کيڪاريائين.
”ادا، ڀلي ڪري آئين.“
”ادي خير هجئي.“ سانوڻ جو آواز ڦريل هو، سندس منهن مان ڪاوڙ ٿي
بکي.
”سانوڻ خان اچو مانيءَ تي.“
سانوڻ هن جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري چيو:
”احمد خان، خبر اٿئي ته دشمن سارنگ لاءِ ڪهڙيون ڍيڪان ٿا ڏين.“
”ها، سانوڻ خان، مون به خبر ٻڌي آه“
”دشمنن جو منهن ڪارو آ ني.“
احمد خان ماٺ ٿي ويو. سڪينه جي ماءُ کي پڪ ٿي وئي ته ڪا ڳالهه
آهي ضرور. يڪدم چيائين:
”ڳجهارتن ۾ ڇو ٿا ڳالهايو. ماکي به ته ٻڌايو ته ڳالهه ڇاهي.“
”ڳالهه وري ڪهڙي آ، دشمنن هلايو آ ته سارنگ جيل ۾ پيو آ.“
”اَئي مٺيس. شل هچا پوين. اوٿ ڪرين جو اسان جي ٻچن لاءِ ٿا اهڙا
ويڻ ڪڍن. شل پنهنجي آنڊن ۾ هٿ پوين.“
”سانوڻ خان. مان ڪراچيءَ ٽيليفون ڪري پڇا ڪئي هئي، ڳالهه سچي آ.
اخبار ۾ به آئي آ.“
سڪينه جي ماءُ کان دانهن نڪري وئي. سانوڻ جي بت مان سارو ساه
ڇڏائجي ويو. سڪينه جي هٿ مان بتيءَ جو شيشو ڪري
پيو ۽ ڇيهون ڇيهون ٿي ويو.
”ڇا سچي، سارنگ جهلجي پيو آ،“ سانوڻ وساڻيل آواز ۾ پڇيو.
”ها، سانوڻ خان. ڳالهه سچي آ.“
”اڙي پر ڪهڙو ڌاڙو هنيائين، ڪهڙي ڦُر ڪيائين.“
سانوڻ جو آواز سڏڪن ۾ لڙهي ويو، سڪينه ماءُ پارَ ڪڍي روئڻ لڳي،
سڪينه تکيون تکيون وکون کڻندي اندر هلي وئي ۽ رئي
۾ منهن لڪائي روئڻ لڳي.
رات جو ڪوئٽا ميل ۾ احمد خان ۽ سانوڻ ڪراچي روانا ٿيا.
پهرين رات سارنگ جيل ۾ جاڳندي گذاري. ساري رات دروازي جي لوهي
سيخن کي جهلي آسمان ۾ چنڊ ڏانهن نهاريندو رهيو.
پوئين پهر هيرَ سندس سنَڌ سنَڌ کي ڇُهي پره جا پار
پتا ڏنا. پوءِ رات جا پساه پورا ٿيا ۽ پره ڦٽي.
پره جي آجيان لاءِ هڪڙو پکي لات لنوڻ لڳو. ٻئي
پکيءَ سندس لات جو جواب ڏنو ۽ پوءِ هر طرف کان
پکي لاتيون لوڻ لڳا. سارنگ سوچيو رات ائين ئي
وهامندي آهي. رات جي ڪاريءَ ڪُکِ مان پره ڦٽندي
آهي. پرهه جي آجيان لاءِ هڪڙو پکي لات لوندو آهي.
ٻيا پکي ان لات جون وراڻيون ڏيندا آهن ۽ پوءِ هر
طرف روشني ئي روشني آواز ئي آواز هوندا آهن. هو به
رات جو مسافر هو. هن جي منزل به پره هئي، هن ۽ هن
جي ساٿين پره جي آجيان لاءِ لات لنوين هئي. هاڻي
ڳليءَ ڳليءَ ، ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ ۽ وستيءَ وستيءَ
مان سندن لاتن جون وراڻيون اينديون. پوءِ هر طرف
مٺڙا آواز ئي آواز هوندا، روشني ئي روشني هوندي.
هن جي مايوسين جي اونداهين سان وڪوڙيل دل ۾ اميد
جي روشني ڦٽي.....
هينئر سارو جيل سج جي ڪرڻن سان روشن ٿي ويو هو ۽ هر طرف زندگيءَ
جي چُرپر ۽ آواز هئا. ان ڏينهن هن جا سڀئي ساٿي هن
سان ملڻ لاءِ آيا. سڀئي ڏاڍي سڪ ۽ ڏاڍي پيار سان
هن سان مليا. سڀني جي اکين ۾ هن لاءِ عزت ئي. سڀني
جي دلين م اميد جون روشنيون هيون. علي هن سان
ڀائرن وانگر ڀاڪر پائي مليو. عليءَ جي ماءُ هن
لاءِ ڏاڍيون سٺيون شيون ٺاهي موڪليون هيون. زينب
مرڪي هن سان مٺڙي رهاڻ ڪئي، ۽ هن جا سڀئي اهنج
ايذاءُ لحضي ۾ لهي ويا. اهو ڏينهن ڏاڍو جلد گذري
ويو. وري رات آئي ۽ وري ياد آئي. هر طرف سانت جو
صحرا ۽ هيڪلائيءَ جو رِڻ پکڙيل هو. وري ان صحرا ۽
ان رڻ ۾ دوستن جي ياد جي هير گهلڻ لڳي ۽ سارو
بربوءِ ٿي ويو. پيار جي بُوءِ، خلوص جي بُوءِ،
بهار جي بُوءِ، وري رات جا پساه پورا ٿيا، وري پره
ڦٽي، وري پکيءَ لات لنوين ۽ وري هر طرف آواز ئي
آواز ۽ روشني ئي روشني پکڙجي وئي. ٽين رات هو سانت
۽ هيڪلائيءَ سان هري ويو ۽ آرام سان ننڊ ڪيائين.
صبح ٿيو ته سندس پيءُ ۽ مامون ساڻس ملاقات لاءِ
آيا.
مامي جي چهري تي ساڳي سنجيدگي ۽ رعب هو، باقي پڻس صفا جهري پيو
هو. منهن هيڊ جهڙو پيلو ٿي ويو هئس. اکيون ڏرا
ڏيئي ويون هئس ۽ هڙٻاٽيون نڪري آيون هئس. پيءُ جي
حالت ڏٺائين ته سندس هنيانءَ ڀرجي آيو. هن کي اهي
ڏينهن ياد پيا، جڏهن ٻاهر ڪو ساڻس وڙهندو هو ته هو
ڊوڙي اچي پيءُ کي دانهن ڏيندو هو. پڻس کيس ڇڪي
ڇاتيءَ سان لائيندو هو ۽ پوءِ ٻاهر وڃي هن سان
وڙهڻ وارن کي دڙڪا ڏيندو هو. تڏهين هو پيءُ کي
ڪيڏو نه طاقتور ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪيڏو نه محفوظ
سمجهندو هو. اڄ هن جو پيءُ ڪيڏو نه ڪمزور ٿي لڳو.
هن جهڪي پيءُ جا پير ڇهيا. پڻس کيس سيني سان
لاتو، هن سمجهيو هو ته پڻس کيس جيل ۾ ڏسندو ته
روئي ويهندو، پر پڻس صفا نه رنو، پنهنجيون
اجهامندڙ ڏيئاٽين جهڙيون اکيون هن ۾ کپائي هن کي
ڏسندو رهيو. پيءُ جي ان خاموش ۽ بي زبان نظر هن کي
بيچين ڪي ڇڏيو. پنهنجي ئي مرم ۾ مرڻ لڳو. هن جي دل
چيو ته هو پيءُ کي جيل ۾ پوڻ جو سبب سمجهائي، کيس
پنهنجو آدرش ۽ پنهنجو مقصد ٻڌائي، پر هو ته پيءُ
سان اکيون به ملائي نٿي سگهيو. مامي ڏانهن منهن
ڪري ٿي ڳالهايائين، ڪنهن ڪنهن مهل چور نگاهن سان
پيءُ ڏانهن ٿي نهاريائين ۽ وري اکيون چورائي ٿي
ڇڏيائين. سارو وقت هو الائجي ڇا ڳالهائيندو رهيو.
هن پيءُ جي حسرتن ۽ ارمانن جو خون ڪيو ۽ اڄ سندس
پيءُ جي اکين ۾ انهن حسرتن ۽ ارمانن جا لاش لڙهي
رها هئا. آخر ملاقات جو وقت پورو ٿيو. پڻس کيس
سيني سان لاتو ۽ پوءِ وقت ڄڻ ڄمي بيهي رهيو ۽ پڻس
هن کي ڀاڪر ۾ جهلي پنڊ پهڻ ٿي ويو. آخر ان پنڊ پهڻ
۾ ساه پيو. پڻس کيس سيني کان جدا ڪري ٻنهي ڪلهن
کان جهلي، ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين نهاريو. نهار
ئي نهار سان سندس سنڌ سنڌ کي ڇُهيو ۽ پوءِ اوچتو
پڻس اوڇنگار ڏني ۽ وري کيس ڇڪي ڇاتيءَ سان
لاتائين. پڻس جو سارو بت ٿي جُهٻيو، ڄڻ سندس سنڌ
سنڌ، رونءَ رونءَ، هڏ هڏ ٿي سُڏڪيو. هو به سڏڪا
ڀري روئڻ لڳو. مامون پاسيرو منهن ڪري رومال ۾ منهن
لڪائي گونگا ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو.
اها رات وري هن لاءِ اوجاڳا ۽ انديشا کڻي آئي. ساري رات پيءُ کي
ياد ڪري اندر ئي اندر ميڻ وانگر پگهرندو رهيو. ان
رات پهريون دفعو هن جا پير ٿڙيا ۽ ارادو ڪيائين
ته پنهنجي پيءُ جي خوشيءَ خاطر هو پنهنجي مقصد کي
قربان ڪري ڇڏيندو. جيل ۽ زنجير به ماڻهوءَ کي
پنهنجي مقصد جي منزل تان هٽائي نٿا سگهن، پر رشتن
۽ ناتن جا پَٽ ڌاڳا ڪيئن نه ماڻهوءَ کي جڪڙي ٿا
ڇڏين. ٻه ڏينهن هن بي چينيءَ ۾ گذاريا. هن جلد
جيل مان ڇٽي پنهنجي پيءُ سان ملڻ ٿي چاهيو.
ٽئين ڏينهن وري مامون ساڻس ملڻ آيو ۽ کيس ٻڌايائين ته سندس پيءُ
گذاري ويو هو.
”بابا......!“ هن دانهن ڪئي، پر سندس سڏ ورائڻ وارو ڪونه هو. هر
طرف سانت هئي، موت جي ٿڌي ۽ بي جان سانت ۽ سندس
دانهن نڙيءَ ۾ اٽڪيل هئي. هن اوڇنگار ڏني ۽ مامي
جي هنج ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳو.
رات جو آسمان ۾ تارا ٽمڪيا ۽ سارنگ جي اکين ۾ لڙڪ، هن پنهنجي هڪ
هڪ لڙڪ کي ڳيت ڏيئي پيتو. غم کي اندر ئي اندر
ولوڙيو ۽ هن کي پنهنجو ڏک هر هڪ انسان جو ڏک لڳو.
پنهنجو درد ڌرتيءَ جو درد لڳو. انسان ڪيترو نه
ڏکويل آهي، ڌرتي ڪيتري نه دکي آهي. هو سڀني ڏکويلن
جا لڙڪ ميڙيندو ۽ انهن لڙڪن سان ڌرتي کي ڌوئيندو ۽
پوءِ ڌرتيءَ تي ڪو ڏک نه هوندو ڪو لڙڪ نه هوندو،
پوءِ باک هوندي، ماڪ هوندي ۽ مرڪ هوندي.
جيل مان ڇٽو ته ڳوٺ وڃي پيءُ جي قبر تي گل چارهڻ جي بدران، سڌو
عليءَ سان وڃي مليو. ۽ هڪڙي نئين عزم ۽ جذبي سان
ڪم کي جنبي ويو. هن سان ڪيترا نوان ساٿي شامل ٿيا.
ڪيترا ساٿي ساٿ ڇڏي ويا. ڪي ٿڪجي ساه پٽڻ لاءِ
ويٺا ته وري نه اٿيا. ڪن مايوس ٿي شراب ۾ پناه
ورتي. ڪن حالتن سان سرچاءُ ڪيو ۽ وڏيون وڏيون
نوڪريون ماڻيائون. علي هن جو وک وک تي ساٿ ڏيندو
رهيو. ڪيترا دفعا سارنگ سان گڏ جيل ۾ پيو. ڪيترا
دفعا سندس پير ٿڙيا ۽ سارنگ کيس سهارو ڏنو هڪ ٻه
دفعو سارنگ کي به مايوسين وڪوڙيو ۽سندس دل ۾ ٻرندڙ
اميد ۽ عزم جو ڏيئو وسامڻ لڳو. پر زينب پنهنجي رئي
جي پلاند جي اوٽ ڏيئي ان ڏيئي جي وٽِ کي مٿي ڪيو ۽
وري سندس دل ۾ روشني ٿي ويئي. ائين هڪ ٻئي جي
سهاري ئي هو اڳتي وڌندا ويا. |