سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: اُونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)

باب: --

صفحو :6

 

 آخر وڇوڙي جي رات پوري ٿي.

سج آسمان ۾ ٽٻي هنئين ۽ ڪنهن اربيليءَ جو کنهبو رؤ ڇڏائجي، اڏامي، آسمان ۾ تاڻجي ويو. آسمان ۾ ابابيل اُڏري رهيا هئا. شام جو آکيرن ۾ موٽندڙ پکين چرپر لائي ڏني هئي. ڀر واري مندر ۾ سنک وڳو ۽ پوءِ گهنڊ وڄڻ لڳا ۽ ساري ڪائنات گهنڊن جي آواز ۾ پڙاڏجي وئي. پڄاريءَ ڀڄن ڳائڻ شروع ڪيو. ڀڄن جا ٻول ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ هئا ۽ سارنگ انهن جي معنيٰ سمجهي نه سگهيو. پر هن کي محسوس ٿيو ڄڻ پوڄاريءَ جي آواز سان عرش جا ڪونگرا لڏي رهيا هئا. سارنگ مندر جي پٺيان، تلاءَ جي ڪنٺي تي، گهاٽن وڻن جي جهڳٽي ۾ ويٺو سنڌوءَ جو انتظار ڪري رهيو هو. سنڌو ڄڻ ڪا آسماني ديوي هئي، جيڪا دکايل دلين کي سرهو ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ تي پير ڌرڻ واري هئي. هن جي آجيان لاءِ سنک وڄي رهيا هئا ۽ پڄاري ڀڄن ڳائي رهيا هئا، پر ديوي اڃا ڪا نه آئي هئي ۽ هر آواز تي هن کي سنڌوءَ جي پيرن جي آواز جو گمان ٿي رهيو هو. سندس دل جي ڌڪ ڌڪ، ڄڻ سنڌوءَ جي پيرن جا پڙلاءَ! آخر وڻن ۾ سرٻاٽ ٿيو ۽ وڻن جون لامون هٽائيندي، سنڌو سامهون اچي بيٺي. سارنگ کي پنهنجي اکين تي اعتبار ئي نٿي آيو. شايد هو جاڳ جا خواب ڏسي رهيو هو. جڏهن کان هن سنڌوءَ کي ڏٺو هو، تڏهن کان هو هر گهڙي اهڙا خواب ڏسندو هو.سنڌو ڊيل جيان ٽلندي، هن جي ڀر ۾ اچي بيهندي هئي، گهونگهٽ هٽائي ماڻي ڀري مُرڪ سان هن ڏانهن ڏسندي هئي ۽ هو جڏهن هن ڏانهن هٿ وڌائيندو هو، تڏهن ..... پر هينئر سنڌو هن جي سامهون بيٺي هئي ۽ اهو خواب نه، پر جيئري جاڳندي حقيقت هئي. اڄ سنڌو گهونگهٽ نه ڪڍيو هو، پر ته به هوءَ حياءَ جي حجابن ۾ هئي. سندس اڇن ڳلن تي حيا جي ڳاڙهاڻ جي شفق ٽڙي پئي هئي. سندس وڏيون ۽ ڊگهيون پلڪون اکين تي ڇانوَ ڪري بيٺيون هيون. هوءَ رئي جي پلاند کي آڱرين تي ويڙهي ۽ ڇوڙي رهي هئي. اوچتو پيرن جو کڙڪو ٿيو. ٻئي ڄڻا ڄڻ ننڊ مان ڇرڪي جاڳي پيا. سنڌو ڊنل اکيون کڻي ان طرف نهارڻ لڳي، جتان پيرن جو آواز اچي رهيو هو. هن جي ڇاتي هيٺ مٿي ٿيڻ لڳي. هن هيسيل هرڻيءَ جيان ڇرڪي ڇال ڏنو ۽ سارنگ جي سيني سان اچي چنبڙي. سندس دل ڪنهن ڪُٺل ڪبوتر جيان ڦٿڪي رهي هئي. سارنگ هن کي ٻانهن ۾ سوگهو جهليو ۽ ٻئي ڄڻا ساه منجهائي، ڪن لائي، پيرن جو آواز ٻڌڻ لڳا. آهستي آهستي آواز دور ٿيندو ويو، ۽ جڏهن خطرو ٽري ويو، تڏهن سارنگ کي احساس ٿيو ته، هن جي سنڌو هن جي ٻانهن ۾ هئي. هن جو خواب ساڀيان بڻجي، هن جي ڀاڪر ۾ اچي پيو هو. ڄڻ ساري ڪائنات جي سونهن سميٽجي سندس ڀاڪر ۾ اچي وئي هئي.... سنڌو جڏهن هوش سنڀاليو، ته پنهنجو پاڻ کي سارنگ جي ٻانهن ۾ جڪڙيل ڏٺائين. جيئن سورج ديوتا سارو ڏينهن اُشاديويءَ جي ڪڍ ڊوڙندو آهي ۽ شام جو اُشا ديوي سندس ٻک ۾ اچي ويندي آهي. ائين هو به اڄ هن پرديسي جي ٻک ۾ اچي وئي هئي. ان احساس سان هوءَ شرم ٻوٽيءَ جيان اندر ئي اندر ويڙهجڻ سيڙهجڻ لڳي. هڪ ئي ڇلانگ ۾ هوءَ لوڪ لتاڙي، ڌرم جا ليڪا لنگهي، محبت جون الائي ڪيتريون منزلون ٽپي، پنهنجي پرينءَ جي سيني سان اچي لڳي هئي. هن جو ڪنوارو ۽ اڻ-ڇهيل جسم هن جي ٻانهن ۾ جڪڙيل هو. انهن ٻانهن ۾ هن پنهنجو پاڻ کي ڪيترو نه محفوظ ٿي محسوس ڪيو.ڄڻ دنيا جا سمورا خطرا انهن ٻانهن جي دائري کان ٻاهر هئا ۽ هوءَ انهن سڀني خطرن کان محفوظ هئي.

سنڌوءَ پنهنجو پاڻ کي سارنگ جي ٻانهن مان ڇڏائيندي چيو، ”الائي ڪير هو؟“

”هوندو ڪو واٽهڙو.“

” هن طرف ته ڪو لنگهه ئي ڪونهي.“

”ڪير به هجي، اسان جو ڇا؟“

”جي ڏسي وٺي ها ته ڇا ڪري ها.“

”ٻنهي کي ڪُهي ڇڏي ها.“

”پوءِ ته ڏاڍو چڱو ٿئي ها، ٻئي گڏ مرون ها.“

”حياتيءَ مان ايترو ڪڪ اهين ڇا، جو مرڻ جون ڳالهيون ٿو ڪرين.“

’جهڙو شڪل جو سهڻو آهي، تهڙو ئي ڳالهائڻ جو مٺو آهي.‘ سنڌوءَ سوچيو. اڄ هوءَ پهريون دفعو سارنگ سان ملي هئي. پر ان کان اڳ هوءَ ڪيترا دفعا سپنن ۾ سارنگ سان ملي هئي. ڪيترا دفعا هن سپنا ڏٺا هئا ته هوءَ ڪوٽن ۾ قيد هئي ۽ سارنگ ٻُٽَ ٻڌي گهوڙي جي سُنبن سان ڌوڙ اُڏائيندو، ڪوٽ ڪيرائيندو آيو ۽ هن کي ڀاڪر ۾ ڀري دور کڻي هليو ويو. اکيون اٿس ڪي سُرڪڻ ڦاهيون. ڏسڻ سان ماڻهن کي اهڙو ٿيون ڦاسائين، جو ڦٿڪڻ ئي نه ٿيون ڏين. پهرين ڏينهن گهاگهري ڀري ڏنائين ۽ دلڙي کسيائين، رجنيءَ سان مندر ويندي هيس ته دڳ جهلي بيٺو هوندو هو. ڪيئن نه نماڻا نيڻ کڻي نهاريندو هو، منهنجو به اندر پيو ڳرندو هو، پر لوڪ آهي ٻوڪ، لوڪ جي لڄ جهلي ورتو هو، نه ته ڪڏهن جو اچي ملانس ها. رجني ساري ڳالهه سمجهي وئي، تنهن هتي ميل ڪرايا، نه ته ساري ڄمار ائين هڪٻئي کي ڏسندي گذري وڃي ها، پر ٻئي لڄ جو ليڪو لنگهي نه سگهون ها، رجنيءَ کي چيم:

”رجني هو ته مسلمان آهي.“

تنهن تي کلندي چيائين:

”چري، پيار سڀني ڌرمن کان مٿاهون ٿيندو آهي، ان ڏينهن پنڊت ڪو نه ٿي چيو ته ويدن ۾ لکيل آهي ته : جيئن جدا جدا رنگن جون ڳايون هڪ رنگ جو اڇو کير ڏينديون آهن، ائين جدا جدا ڌرم، هڪ ئي ڌڻيءَ کي ڳوليندا آهن. هو رحيم چون، اسان رام چئون، هو قلندر شهباز چون، اسان پرٿري هري چئون. ماڻهين هر جمعي تي مسيت ۾ ڏيئو ڪونه ٻاريندي آهي، اسان به مسلمانن وانگر يارهين ملهائيندا آهيون، محرم ۾ تعزين تي ڏونگهي، مصري ۽ ڏوڪڙن جا ڍير لڳائيندا آهيون، ننڍيون هونديون هيونسين ته امان جن تعزين جي هيٺان لنگهائينديون هيون. پاڻ مسلمانن جي گهرن ۾ ڏياري جي مٺائي ۽ ٿڌڙيءَ جا مٺا لولا موڪليندا آهيون ۽ هو وري عيدن تي حلوو ماني ۽ سيون موڪليندا آهن. پوءِ ٻيايون ڇاجيون. ڳالهه اصل هڪ اٿيئي، ماڻهو رڳو اکرن ۾ منجهيا آهن.“

”پرديسي گهڻا ڏينهن شڪارپور ۾ رهندين؟“

”هاڻي ته ساري ڄمار هتي رهندس ۽ جي مئس ته وصيت ڪري ويندس ته مون کي هتي دفن ڪيو وڃي.“

”نما شام جو مرڻ جون وايون واتان نه ڪڍ، ڀڳوان ڏينهن ڏيئي، جواني ماڻين، اسان استريون ته اوهان جيون جُتيون آهيون.“

”تون منهنجي جتي نه، پر پڳ آهين، پڳ لاهي ڪاڏي ويندس.“

”پکي آکيرن ۾ موٽندا آهن ۽ پرديسي پنهنجي ديس، تون به اڄ يا سڀان پنهنجي ڳوٺ هليون ويندين.“

”توکي ڇڏي ڪاڏي ويندس، پرديسي آهيان، تنهنجي ديس ۾ اچي پکا اڏيا اٿم، ڪهل ڪري، مڙيئي پرديسين جي پکن تي پيرڙا گهمائي ويندي ڪر، تنهنجا ٻول ٻڌي پيا جيئنداسين.“

”مائٽن وٽ نه ويندين؟“

”هاڻي ڪهڙا مائٽ، منهنجو ته سڀڪجهه هاڻي تون آهين.“

”اڳي تنهنجا نيڻ چت ۾ چڻڪندا هئا، هاڻي تنهنجيون ڳالهيون چت چريو ڪري ڇڏينديون.“

”اسان کان به ننڊ کسي ٿِي، جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.“

ايتري ۾ وري گهنڊ وڄڻ لڳا ۽ پوڄاري ڀڄن ڳائڻ لڳا.

”خبر ٿي ان ڀڄن جي معنيٰ ڇا آهي؟“

”نه.“

”ان ڀڄن جي معنيٰ آهي ته اي ملان، تون جو وڏي واڪي ٻانگون ٿو ڏين ۽ ٻانڀڻ، تون جو هيڏا گهنڊ ٿو وڄائين، ڇا ڀڳوان ٻوڙو آهي، ڀڳوان ته ڪئليءَ جي پير جو آواز به ٻڌي ٿو.“

”اسان جي به ٻڌئين، جو ميل ڪرايائين.“

”تو اسان جا شاستر پڙهيا آهن؟“

”شاستر پڙهي ڇا ڪندس.“

”ڇو؟“

”ان ڪري جو اوهان جا شاستر رشين جا رچيل آهن ۽ مون ڀڳوان جو رچيل شاستر پڙهيو آهي.“

”هو وري ڪهڙو شاستر آهي؟“

”تون نه آهين.“

سارنگ جي ڳالهه ٻڌي سنڌوءَ جو چهرو چمپا جي گل جيان ٽڙي پيو.

 

پيار جو ويري وقت گذرندي ويرم ئي نه ڪري. الائي ڪيئن وقت گذري ويو. سَمَڪ ئي ڪانه پين. رجنيءَ سڏ ڪيو، تڏهن اک پٽيائين ته مار وقت ته گهڻو گذري چڪو هو. ٻنهي هڪ ٻئي کان موڪلايو. جدا ٿيڻ لاءِ دل ئي نه ٿين، پر ته به ٻئي ڏينهن ملڻ جي آس ۾ موڪلايائون.

ائين ميل ٿيندا رهيا. پيارَ جا پلَ اک ڇنڀ ۾ گذرندا ويا. جدائيءَ جا پل جهڙا پهاڙ. رجني هن کي رکڙي ٻڌي. سنڌو شِوَ جو پهريون پَلو پچائي هن ڏانهن موڪليو. هوليءَ ۾ رنگن جي ورکا ٿي. ترموريءَ جي ترن جا لڏون، ٿڌڙيءَ جا لولا آيا. ڏياري آئي، ڏيئن جهرمر لاتي، پر اوچتو ڌوڙئي جي ڌوڙ وسڻ لڳي. ڏيئا هڪ هڪ ٿي اجهامڻ لڳا. ويري وقت وار ڪيو، ۽ هڪ ٿي ڌڙڪندڙ ٻه دليون، هڪٻئي کان جدا ٿي، ڦٿڪڻ ۽ لڇڻ لڳيون.

 

هڪڙي ڏينهن سارنگ وڻن جي جهڳٽي ۾ ويٺو سنڌوءَ جو انتظار ڪري رهيو هو. سنڌوءَ جي اچڻ جي مهل ٿي وئي هئي، پر هوءَ اڃا ڪانه آئي هئي. اڄ هن جي دل ۾ الائي ڇو ڪنڊو چڀي رهيو هو ۽ بيچينيءَ سان سنڌوءَ جو انتظار ڪري رهيو هو. رکي رکي هن اکيون کڻي ان واٽ ڏانهن ٿي نهاريون، جنهن تان هر روز هوءَ پنهنجا پَٽَ جهڙا پير گهمائيندي، لوڪ کان لڪي هن وٽ ايندي هئي. اوچتو پيرن جو آواز ٿيو.، وڻن جي لامن ۾ سرٻاٽ ٿيو. هن آسائتيون اکيون کڻي سامهون نهاريو. رجني بيٺي هئي. موڳي ۽ نٻل. هو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ رجنيءَ جي ويجهو وڃي هن کان سنڌوءَ جو پڇيائين. رجنيءَ ٻڏندڙ آواز سان هن کي ٻڌايو ته سنڌوءَ جي مائٽن کي سندن پيار جي خبر پئجي وئي هئي. سنڌو ڪوٽ ڪڙن ۾ آهي ۽ هاڻي هوءَ ڪڏهن به هن سان ملي نه سگهندي. رجنيءَ جي ڳالهه ٻڌي سارنگ جي بت مان ساه ڇڏائجي ويو، ڄنگهون ڏڪڻ لڳس ۽ هو اتي ئي ويهي رهيو. الائي گهڻي دير هو ائين ويٺو رهيو ۽ پوءِ جڏهن اکيون کڻي مٿي نهاريائين ته رجني وڃي چڪي هئي. رات چڱي گذري وئي هئي وڻ خاموش بيٺا هئا ۽ هر طرف اونده هئي.

 

سنڌوءَ جو وڇوڙو ڪاري رات بڻجي هن جي ڪائنات تي ڇانئجي ويو. ڪنهن شيءِ ۾ دل ڪانه ٿي لڳس. ڪتاب پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته ڪتاب جا اکر اڳيان اڀري واڳون بڻجي سندس وجود تي وار ڪندا هئا. اڃا سندس دل ۾ سنڌوءَ سان ملڻ جي اميد جو تارو ٽمڪي رهيو هو. پر پوءِ اهو تارو به ٽٽو ۽ تاريڪ خلائن سان ٽڪرائجي ڀسم ٿي ويو. سنڌوءَ جي شاديءَ جي شرناءِ جا سُرَ اونائڻ لڳا ۽ سارنگ جو ساه ٻوساٽجڻ لڳو. ارادو ڪيائين ته سنڌوءَ کي زوري کڻي وڃي، پر اندر ملامت ڪيس. پيار کي پاپ بنائڻ نه جڳائي. پرينءَ جي پيءُ ماءُ جي عزت ڇو مٽيءَ ۾ ملايان. آخر ٽپ ڏيئي اُٿيو. گهوڙي تي لانگ ورائي، بنان ڪنهن منزل جي روانو ٿيو. رستي تي اهو کوه هو، جتي ديدن ڌاڙا هنيا هئا، اهو ساڳيو مندر، تلاءَ جي ڪنٺي تي وڻن جو جهڳٽو، جتي هن ساري ڪائنات کي ڀاڪر ۾ جهليو هو. اڄ به آسمان ۾ ابابيل اڏامي رهيا هئا. افق وٽ شفق، ڄڻ ڪنهن اربيليءَ جو کنهبو رؤ ڇڏائجي، اُڏري، اُفق وٽ تاڻجي ويو هو. مندر ۾ سنک وڳو، گهنڊ ۽ جهانجهه وڳا ۽ ڪو ڀڄن ڳائڻ لڳو:

ملان، تون جي وڏي واڪي ٻانگون ٿو ڏين،

ٻانڀڻ تون جو گهنڊ ٿو وڄائين،

ڇا ڀڳوان ٻوڙو آهي.

ها ڀڳوان ٻوڙو آهي. گهنڊ ۽ جهانجهه ٿا چون ته ڀڳوان ٻوڙو آهي. شرناءِ جا سُر ٿا اونائين ته ڀڳوان ٻوڙو آهي. هن ٻئي هٿ ڪنن تي رکيا ۽ وٺي گهوڙو ڀڄايائين. الائي گهڻا ڏينهن سچل سائينءَ جي درگاه تي رهيو. پوءِ منزلون ڪندو ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاه تي آيو. جمعي رات فقير ڀٽ ڌڻيءَ جون ڪافيون ڳائيندا هئا. هو مونن ۾ منهن وجهي ڪافيون ٻڌندو ۽ ڳجها ڳوڙها ڳاڙيندو هو. هڪڙي ڏينهن اندر اٿل کاڌس. ڪافي چيائين. پنهنجو سارو سوز ڪافيءَ ۾ پلٽيائين، پر کيس محسوس ٿيو ته هن جو اندر سورن جو کوه آهي، لفظ ڀڳل ڪينگريون آهن جيڪي هن جي اندر مان سورن سان ڀرجي ٻاهر نڪرن ٿيون، پر ٻاهر نڪرندي نڪرندي سڀ سور انهن مان وهي، موٽي وڃي اندر ٿا پون. ڪو ڪنهن جو سور نٿو ڄاڻي، سڀني جي اندر ۾ سورن جا سلا آهن، پر ڪو ڪنهن سان سور نٿو سلي. ارادو هئس ته ڀٽ ڌڻيءَ جو فقير ٿيندو، گيڙو الفي پائي، يڪتارو ۽ چپڙيون وڄائي پنهنجا سور ڳائيندو.  پر انهن ڏينهن ۾ ’ڊاڪٽر برنس‘ جو ڀاءُ اليگزينڊر برنس، رنجيت سنگهه  کي سوکڙيون پهچائڻ جو بهانو ڪري سنڌونديءَ  جي پڙتال لاءِ ٻيڙا ڪاهي لنگهيو هو. ساري سنڌ ۾ ’هل پئجي ويو هو ته سنڌ وئي جو فرنگين سنڌوندي ڏسي ورتي. هو يڪدم اٿيو ۽ حيدرآباد اچي ميرن جي محافظ دستي ۾ شامل ٿيو.

فلپ سگار دکايو ۽ ڪرسيءَ تي ٿورو آهلي، سگار جا آهستي آهستي ڪش وٺڻ لڳو. آهستگي هن جي شخصيت جو خاص جزو هئي. اُٿڻ، ويهڻ، کلڻ، ڳالهائڻ، هن جي هر عمل ۾ آهستگي هئي. هن آهستگيءَ سان سگار جو ڪش ورتو ۽ هوريان هوريان چپن ۾ شاه سائينءَ جو بيت جهونگارڻ لڳو.

ڪڏهن طاقيون ڏين، ڪڏهن کُلن در دوستن جا،

ڪــڏهـن اچان، اچڻ نه لهان، ڪڏهن ڪوٺيو نين،

ڪڏهن سڪان سڏ کي، ڪڏهن ڳجهاندر ڳرهين،

اهـــــڙا ئــــــي آهـــيــن، صـــاحــب مــنهـنجـا سـپـريـن.

اهو بيت اڄ سارنگ هن کي سمجهائي ويو هو ۽ الائي گهڻي دير کان هو ان بيت کي انگريزي ۾ ترجمي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ڪيترا دفعا ترجمو ڪيو هئائين ۽ هر دفعي ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏيو هئائين. هينئر هن سگار جو ڪش وٺي آهستي آهستي ان بيت کي چپن ۾ جهونگاريو ۽ بيت جي ميٺاج ۽ مزاج، نغمگي ۽ آهنگ کي پنهنجي اندر ۾ جذب ڪرڻ لڳو.

ڪڏهن طاقيون ڏين، ڪڏهن کلن در دوستن جا.

آهستي  آهستي هن جي روح جون طاقيون کلڻ لڳيون. دور يڪتارو وڄڻ لڳو. مهراڻ جي موج هوريان هوريان ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳي، بيت جي سٽ سندس روح ۾ گونجڻ لڳي ۽ هر طرف کان پڙاڏا اچڻ لڳا.

اهڙائي آهين صاحب منهنجا سپرين.... صاحب منهنجا سپرين...... اهڙا ئي آهين....... اهڙا ئي آهين.....

Such is my beloved

Such is my beloved

ڪڏهن طاقيون ڏين، ڪڏهن کلن در دوستن جا..... کلن در دوستن جا.

At times beloved’s doors open wide…. Open wide

At times no admittance find… no admittance find

پڙاڏان جا پڙلاءِ، پڙلائن جا به پڙلاءَ، گول گول دائرا. لفظ جوڻ مٽائڻ لڳا. هن يڪدم قلم کنيو ۽ بي اختيار لکڻ  شروع ڪيائين:

At times he closes the latch,

At times he beloved’s doors open wide,

At times I come no admittance find,

At times he calls and leads me in,

At times I for a whisper long,

At times he wears me in heart,

Such is my beloved.

آهستي يڪتاري جا هلڪا هلڪا آواز، روح ۾ گونجندڙ پڙاڏن جا پڙلاءَ سانت جي سيني ۾ جذب ٿيندا ويا ۽ هر طرف خاموشي ڇانئجي وئي. خوشيءَ جي هلڪي لهر هن جي دل ۾ اُڀري ۽ سندس جسم هوا کان به هلڪو ٿي پيو. هن ٻيهر اجهاڻيل سگار دکايو، آهستگيءَ سان ڪرسيءَ تان اُٿيو ۽ هڪ هٿ گاؤن جي کيسي ۾ هٿ وجهي، ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو، ٻاهر ورانڊي ۾ اچي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ٻاهر نهارڻ لڳو. حدِ نظر تائين اُجري چانڊوڪي پکڙيل هئي ۽ هوا جي جهوٽن ۾ انبن جي ٻور جي خوشبو رچيل هئي. دور کان نظر ايندڙ جايون، جاين جا منگهه، پڪو قلعو، ڪچو قلعو، ٿوري فاصلي تي مهراڻ وهي رهيو هو. ساري خدائي اگهاڙي ٿي چانڊاڻ ۾ وهنجي رهي هئي. مشرق جي ڌوتل پوتل چانڊاڻ کي ڏسي، هن کي هميشہ پنهنجي مارگريٽ ياد ايندي هئي. مارگريٽ! جنهن جو جسم هن چانڊاڻ جهڙو هو. جنهن جا وار چانڊاڻ جو آبشار هئا، جنهن جون اکيون انهن اجنبي سمنڊن جهڙيون نيريون، گهريون هيون، جن کي جهاڳي، هو هتي پرديس ۾ پهتو هو. اڄ مارگريٽ ۽ هن جي وچ ۾ ڪيترا نه فاصلا هئا ۽ ڪيتريون نه دوريون هيون. پر جڏهين هو انگلنڊ ۾ هو ۽ مارگريٽ هن جي ويجهو هئي، تڏهين ان ويجهڙائي ۾ به ڪيتري نه دوري هئي. انسان ۽ انسان جي وچ ۾ ڪيتريون نه دوريون ۽ مجبوريون آهن!  هو هڪڙي پورهيت جو پٽ هو ۽ مارگريٽ جو پيءُ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر هو.انگريزي سماج هونئن ئي اُمرا پرست سماج هو، ويتر جو انگريزن جو هندستان تي قبضو ٿيو هو ۽ هندستان جي ساري دولت، ڪچو مال، هيرا جواهر انگلنڊ پهتا ۽ لنڊن ۾ وڏن وڏن ڪارخانن جي چمنين ڪَرُ کڻي دونهون اوڳاڇڻ شروع ڪيو هو، ته طبقاتي فاصلا وڌي ويا هئا. پر هن کي انهن فاصلن  جي خبر ڪانه هئي ۽ هن خواب ڏٺا هئا، ته هو مارگريٽ سان شادي ڪندو، ’ڪيمبرج‘ مان انگريزي ادب جي ڊگري وٺندو ۽ گيت لکندو. ’ٽيمز‘ تي چمڪندڙ اُس جهڙا گيت، مارگريٽ جي مکڙي جهڙا گيت. پر هن جي خوابن جون ڪاغذي ٻيڙيون، تعبير جي ڪنارن کي ڇهڻ کان اڳ ٻڏي ويون ۽ هو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي آفيس ۾ ڪلارڪ اچي ٿيو. هن ’ٽيني سن‘ جي هڪڙي نظم ’شيلاٽ جي ليڊي‘ پڙهي هئي، جنهن ۾ هڪڙي عورت تنهاين ۾ قيد هئي ۽ پنهنجي قيدخاني جي ديوار ۾ ٽنگيل آرسي ۾ ٻاهرين زندگيءَ جي حسن ۽ خوشين جا پاڇولا ڏسي، ڪچا ڌاڳا اُڻندي هئي. اسين سڀ تنهاين ۾ قيد، ’ليڊي آف شيلاٽ‘ آهيون. اندر جي آرسين ۾ حياتيءَ جي حسن جا پاڇولا ڏسي، ڪچن ڌاڳن سان خواب اُڻندا آهيون. پر ڪچا ڌاڳا ڇڄي پوندا آهن ۽ اسين شاعر ۽ انگريزي ادب جا پروفيسر بنجڻ جي بدران، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ ڪلارڪ ٿيندا آهيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org