سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: اُونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)

باب: --

صفحو :15

 

 

موهن، هن کي سڀني دوستن سان ملايو. سڀئي شاعر، اديب، فنڪار ۽ سياسي ورڪر هئا. ڪي پڪا ڪانگريسي هئا، ڪي ڪٽر مسلم ليگي، ڪي وري انقلابي  تحريڪ جا جوشيلا ورڪر، ڪن جو آدرش اکنڊ ڀارت هو. ڪن جو پاڪستان ۽ ڪن جو انقلاب. انقلابي تحريڪ جو روح روان موهن هو. هنن ريلوائي، بندرگاه ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزورن جون يونيئنون ٺاهيون هيون. مزدورن جي ميڙن ۾ تقريرون ڪندا هئا، اسٽرائيڪون ڪرائيندا هئا. هيڏي اونده انڌوڪار ۾ هنن اميدن جون ڏياٽيون ٻاريون هيون. بکون ڪاٽيون هئائون. جيلن ۾ ويا هئا. پوليس جون لٺيون کاڌيون هئائون. ايڏن ايذائن سان ته شايد ڏونگر به ڏري پون، پر هنن جا ارادا اٽل هئا. خوشحالي جي روشن راهن کي ٺڪرائي، دل ۾ اميدن ۽ خوابن جون مشعلون ٻاري، هنن اونده جو هي سفر شروع ڪيو هو. سندن واٽ اونداهي هئي، پر سندن منزل لاک رتي باک هئي. سرڪار هنن کي غير ملڪي ايجنٽ سڏيندي هئي. مٿن الزام مڙهيندي هئي، ته هو غير ملڪي حڪومتن کان مدد ٿا وٺن.  پر ڇا غير ملڪي مدد تي پلجڻ وارا هينئن ڏکن کي ڏيهه جو ڏاج سمجهي سيني سان لائيندا آهن. ائين ڪنڊن جا تاج پائيندا آهن ۽ ائين پنهنجا پير پٿون ڪندا آهن. هنن وٽ ڪو جذبو هو، ڪو احساس هو ۽ ڪو خواب هو، جنهن جي مستيءَ هنن کي ايترو ته مست ڪري ڇڏيو هو، جو ان مستيءَ ۾ هو ڪنڊن تي به ائين ٿي ٽليا جو سندن ٽور تان مور گهور ٿي ويا. هنن ۾ هڪڙي اهڙي ڏکويل عظمت هئي، جنهن کي سارنگ سمجهي نه سگهيو، انهن ۾ جوشيلا جوان به هئا، جن جي رت ۾ گرمي هئي. پڪي عمر وارا به هئا، جن زندگيءَ جي ٿڌي ڪوسي ڏٺي هئي. ڇوڪريون به هيون، جن جا ڪنوارا بدن ڪنولن جهڙا ڪئنرا هئا، پر جن جا ارادا  پهڻن جهڙا سخت هئا. ميٽنگ ۾ بحث ڪندا هئا. ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا هئا، سارنگ اهو به محسوس ڪيو، ته زندگيءَ جي باري ۾ سندن ڄاڻ ڪتابي هئي. هنن کي خبر ئي ڪانه هئي، ته ٿرن ۽ برن ۾، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ انسان زندگيءَ جي هٿان ڪيترو نه حيران آهي. پر پوءِ به هو پنهنجن عقيدن سان سچا ۽ وفادار هئا.

 

اپريل جي جهڙيالي ۽ ميرانجهڙي شام هئي. آسمان تي پرينءَ جي زلفن جهڙا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. هوا ۾ ڇڻيل پنن، تازن گونچن ۽ مينهن ڦڙن ۾ مهڪندڙ مٽيءَ جي هٻڪار هئي. اهڙن ڀنل، هٻڪاريل ۽جهڙيالي سانجهين ۾ روح جي افق تي ڪنهن ياد جي انڊلٺ کڙندي آهي، ڪنهن چاهت جو چنڊ اُڀرندو آهي ۽ جيءَ ۾ جهڙياليون لائي ڏيندڙ ميگهه ملهار پرين ياد پوندا آهن....  سارنگ جو ته ڪو پرين نه هو. نه جيءَ ۾ جهڙياليون هيون، نه چاهت جو چنڊ هو، نه ياد جي انڊلٺ هئي. هلڪو هلڪو غم هو. جيڪو اندر ئي اندر دکندو ٿي رهيو ۽ اڄ هن جهڙيالي سانجهي ۽ هنن مينهن ڦڙن سندس غم کي وڌائي ڇڏيو. هو ڪمري جي دريءَ جي ڀرسان ڪرسي رکي ويٺو ۽ سگريٽ دکائي دريءَ جي لوهي سيخن کان ٻاهر نهارڻ لڳو. آسمان تي ڇانيل ڪارن ڪڪرن ۾ هن کي سنڌوءَ جي صورت  نظر آئي، ٻن وڏن، چيرون ۽ ڦٽرن اکين ڳورا ڇپر کڻي هن ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ جهڙ جي تهن ۾ محلول ٿي ويون. وري هن جي اکين جي اڳيان سڪينه جو چهرو اُڀريو. پگهريل سون جهڙو رنگ، چيلهه جيڏا چوٽا، جسم تي جوانيءَ جا گل گؤنچ هن جي دل ۾ سرور جي هلڪي لهر اُڀري، جذبن جو جلترنگ وڳو ۽ پوءِ هر طرف سانت ڇانئجي وئي. ساڳي اُداسي ، ساڳي تنهائي.

هاڻي هن کي پنهنجو خواب ياد پيو. اڻ ڏٺل پرين جا پور سندس روح کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ويا. اهو ڪهڙو پرين هو، جنهن جي ياد ۾ هن جي ساري هستي، سارو وجود سگريٽ وانگر دکندو ٿي رهيو، اوچتو هن جي ڪلهي تي ڪنهن هٿ رکيو. هن کان هلڪو ڇرڪ نڪري ويو. هن ڪنڌ ڦيري ڏٺو. سامهون موهن بيٺو مرڪي رهيو هو.

 

”ڪهڙن پورن ۾ آهين. هل ته سنڌوءَ جي گهر هلون. سنڌوءَ اڄ هڪڙي انگريز جرنلسٽ ڇوڪريءَ کي دعوت ڏني آهي. تو کي ۽ مون کي به سڏايو اٿئين.“

سارنگ يڪدم تيار ٿيو ۽ هو ٻئي سنڌوءَ جي گهر ڏانهن روانا ٿيا.

 

سنڌو ۽ رجني لان ۾ ڪرسيون وڇائي ويٺيون هيون. هنن جي ڀر ۾ اها انگريز ڇوڪري به ويٺي هئي. سنڌوءَ سندن تعارف ڪرايو. هن جو نالو مارگريٽ هو. هندستان گهمڻ آئي هئي ۽هندستان جي آزاديءَ جي جدوجهد تي ڪتاب ئي لکيائين. سارو هندستان گهمي هينئر سنڌ گهمڻ آئي هئي. سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي ۽ ريتن رسمن مان ايتري ته متاثر ٿي هئي، جو سنڌ تي هڪڙو جدا ڪتاب لکڻ ٿي چاهيائين.

”اوهان کي به اسان سنڌين جي سادگي ۽ مهمان نوازي ڏاڍي پسند آئي هوندي؟“ موهن مشڪندي چيو.

”ها، مون کي سنڌين جي سادگي ۽ مهمان نوازي ڏاڍي پسند آئي.“

”اسان سنڌين کي ان سادگي ۽ مهمان نوازيءَ ئي ماريو آهي. اسان جي اڱڻ تي آيل مهمان جي مَنَ ۾ ته مندي هوندي آهي، پر اسان هن کي کلي کيڪاريندا آهيون.“

”شروع ۾ اسان به اوهان وٽ مهمان ٿي آيا هئاسين. اوهان اسان کي به کلي کيڪاريو ۽ موٽ ۾ اسان اوهان کي غلاميءَ جا زنجير ڏنا.“

 

موهن ۽ مارگريٽ ڳالهائي رهيا هئا ۽ سارنگ مارگريٽ کي غور سان ڏسي رهيو هو. هن کي مارگريٽ جا مهانڊا سونهان ٿي لڳا. ڄڻ هن پهرين به مارگريٽ کي ڏٺو هو. پر الائجي ڪٿي. اوچتو سارنگ کي ياد اچي ويو ته هن مارگريٽ کي ڪٿي ڏٺو هو. يڪدم چيائين:

”مان تهان کي پهرين به ڏٺو آهي.“

”مون کي؟“  مارگريٽ حيرت مان پڇيو.”ڪٿي؟“

”جنهن ريل ۾ مان ڪراچيءَ آيو هوس، ان ريل مان تهان به لٿا هيا. تهان سان گڏ تهان جا پيءُ ماءُ هيا.“

”منهنجا پيءُ ماءُ ته لنڊن ۾ آهن. اها انگريز فيملي منهنجي دوست آهي. هو مون کي مُهن جو دڙو گهمائڻ وٺي ويا هئا.“

”مهن جي دڙي جي باري ۾ اوهان جو ڇا رايو آهي؟“ رجنيءَ پڇيو.

”مهن جو دڙو هڪڙي عظيم قوم جي عظيم تهذيب جو تهذيبي دستاويز آهي. اسان يورپين کي پنهنجي تهذيب تي فخر آهي. پر ڏٺو وڃي ته يورپ جا وحشي قبيلا جڏهن اڃا حيواني سطح تي زندگي گذاري رهيا هئا، تڏهن سنڌين جي تهذيب بلندين تي پهچي وئي هئي.“

”تهان جڏهن ڪراچي جي اسٽيشن تي لٿا هئا، تڏهن تهان هڪڙي ملنگ جو فوٽو به ڪڍيو هو.“

”ها، مون کي ياد آهي.“

”تڏهن مان سوچيو هو، ته تهان انگلينڊ وڃي هندستان جي باري ۾ لکندؤ. ان ڪتاب ۾ ان ملنگ جو فوٽو ڏيندؤ ته هندستان نهرو نه آهي، جناح نه آهي. پر هندستان اڌ اگهاڙو چرسي ملنگ آهي. هن هندستان کي آزادي نه پر تهذيب گهرجي ۽ انگريز ههڙي هندستان کي آزادي ڏيئي انسانيت ۽ انساني تهذيب سان مذاق ڪندا.“

”اوهان مون کي غلط سمجهيو.مان هندستان جي جوڳين ۽ ملنگن جي باري ۾ ڪتاب لکڻ نٿي چاهيان. مان ته هندستان جي ان نئين نسل جي باري ۾ لکڻ ٿي چاهيان، جيڪو سوچي ٿو ۽ جيڪو هندستان جو ضمير آهي.“

”اوهان جي خيال ۾ هندستان جو پڙهيل لکيل طبقو، جنهن کي اوهان هندستان جو ضمير ٿا سڏيو. سو ڇا ٿو گهري؟“ سنڌوءَ پڇيو.

”جيڪو هڪ غيرتمند قوم جو غيرتمند نسل گهرندو آهي. يعني آزادي.“ مارگريٽ چيو.

”هندستان جو ضمير فقط آزادي نٿو گهري، پر انقلاب ٿو گهري. رڳي آزادي ته ڪانگريسي ۽ ليگي ٿا گهرن، ته جيئن انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ اهي ’ڪارا انگريز‘ انگريزن جي ٺاهيل ڦرلٽ واري سرشتي سان عوام کي ڦري ۽ لٽي سگهن،“ موهن چيو.

”مسٽرسارنگ،اوهين مسلمان آهيو،اوهان جو پاڪستان جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“ مارگريٽ پڇيو.

”مان پاڪستان جو زبردست حامي آهيان،“ سارنگ وراڻيو.

”ڇا اوهين ليگي آهيو؟“ مارگريٽ پڇيو.

”نه مان ليگي نه آهيان، پر تاريخ جو شاگرد آهيان ۽ اهو تاريخ جو فيصلو آهي ته هندستان جو ورهاڱو ٿئي ۽ پاڪستان وجود ۾ اچي.“

”اوهين به ان نظرئي جا حامي آهيو، ته هندو ۽ مسلمان ٻه جدا جدا قومون آهن، جن کي رهڻ لاءِ ٻه هندستان يعني هڪ هندستان ۽ ٻيو پاڪستان گهرجي؟“مارگريٽ پڇيو.

”ها، منهنجي خيال ۾ هندو ۽ مسلمان فقط ٻن جدا جدا عقيدن جا پوئلڳ نه آهن، پر ٻه جدا جدا قومون آهن.“

”اوهان جي ته ساڳي ڌرتي آهي، ساڳي تاريخ آهي، ساڳي تهذيب ۽ ثقافت آهي، پوءِ اوهين ڪيئن ٻه جدا جدا قومون آهيو؟“ مارگريٽ پڇيو.

”تاريخي ۽ ثقافتي لحاظ کان به هندو ۽ مسلمان ٻه جدا جدا قومون آهن. اسان هندستان کي ڇڏي سنڌ جو مثال ٿا وٺون جو سنڌ ئي اهو صوبو آهي، جاتي پهرين مسلمان آيا ۽ سنڌ ئي اها جاءِ آهي، جاتي سڀ کان پهرين اسلامي عقيدن کي مقامي رنگ ۾ رڱي، هندو ۽مسلمانن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان جو سڀ کان وڏو مثال اسماعيلي تحريڪ آهي. ان تحريڪ جي اوائلي داعي پير نور الدين کي ست گرنور به سڏيو ويندو هو. هن ’دس اوتار‘ نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن پنهنجي مسلماني عقيدن کي هندو ديوتائن جي تمثيلن ۾ پيش ڪيو. اسماعيلي تحريڪ سنڌ ۾ زور ورتو ۽ سنڌ ۾ مسلمان ۽ هندو، عربي ۽ سنڌي تهذيب ۽ عقيدن پاڻ ۾ ملي هڪ نئين تهذيب کي جنم ڏنو، تنهن کان پوءِ سنڌ جي صوفين مذهب جي سڀني ويڇن کي ريٽي ۽ ميٽي، هندو ۽مسلمانن کي هڪ سطح تي آڻي بيهاريو. انهن سڀني ڳالهين هوندي به سنڌ ۾ سنڌي مسلمانن جي تاريخ جو آغاز محمد بن قاسم جي فتح سان ٿئي ٿو ۽ هندن لاءِ غلاميءَ جي دؤر جي شروعات ٿئي ٿي ۽ هندو پنهنجا  تاريخي رشتا ۽ ناتا سنڌ جي تاريخي ڪردارن جهڙوڪ دودي، درياه خان ۽ هوشو شيدي سان ڳنڍڻ جي بدران پرٿويراج ، راڻي پرتاب سنگهه ۽ شيواجيءَ سان ٿا ڳنڍين.

”ثقافتي لحاظ کان به سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ ويڇا ۽ فاصلا آهن. ثقافت ڪنهن به قوم جي گڏيل شخصيت جو اظهار آهي، جنهن مان ان قوم جو مخصوص مزاج پيو جهلڪندو آهي. سنڌ جي رلي، کيس، اجرڪ، سوسي، ڇر ۽ ٻيون استعمال جون شيون جن کي مان مادي ثقافت (Material Culture) سڏيان ٿو، تن مان سنڌين جي روح جا رنگ پيا جرڪندا آهن، پر سنڌي هندو انهن شين کي استعمال نه ڪندو آهي، جو هنن جي خيال ۾ اهو مسلماني ڪلچر آهي. هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي گهُر جو سبب اهي تاريخي ۽ ثقافتي ويڇا نه آهن، پر هندن ۽ مسلمانن جي معاشي ڇڪتاڻ آهي. هندو هر سطح تي مسلمان جي معاشي ناڪه بندي ڪئي آهي ۽ مسلمان پنهنجو پاڻ کي معاشي طرح سان غير محفوظ ٿو سمجهي. جڏهن نيپئر سنڌ فتح ڪئي ۽ حڪومت جو نئون سرشتو قائم ڪري نائونمل  جي مدد سان جيڪي به مختيارڪار ۽ ڪامورا مقرر ڪيا، سي سڀ هندو هئا. ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هندو نوڪرين جي معاملي ۾ مسلمانن جي ناڪه بندي ڪندو ٿو رهي. ايتري قدر جو ڪسٽمز  جي هڪڙي وڏي هندو عملدار  رٽائر ٿيڻ مهل چيو ته: مون ڪسٽمز ۾ ايترا ته هندو ڀري ڇڏيا آهن، جو سالن تائين ڪو مسلمان ان کاتي ۾ پير پائي نه سگهندو. واپار ۾ به هندو مسلمان کي اڳتي وڌڻ نٿو ڏي ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڪٿي به اوهان سنڌي مسلمان جو دڪان نه ڏسندؤ. ٻهراڙيءَ ۾ وري هندو واڻيون آهي، جيڪو مسلمان ڳوٺاڻي لاءِ معاشي ناسور آهي. هو مسلمان ڳوٺاڻي کي ڳاٽي ڀڳي وياج تي قرض ٿو ڏي. هن جي زمين گروي ٿو رکي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن جي جهالت مان فائدو وٺي گرويءَ جي بهاني وڪري جي دستاويز تي آڱوٺو ٿو هڻائي ۽ ساڳي وقت هن کان وياج به وٺندو ٿو رهي. اسان جي ڳوٺ جو زميندار هندو آهي. هن جي هڪڙي هاريءَ پنهنجي پٽ کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. زميندار کي خبر پئي ته هاريءَ کي سڏائي چيائين:

”اڙي پٽ کي پڙهائي ڇا ڪندين. مينهن وٺي ٿو ڏيانءِ، پٽ کي ڏي ته چاري.“

”مطلب ته هر سطح تي هندوءَ مسلمان جي معاشي ناڪه بندي ڪئي آهي ۽ مسلمان ان معاشي ناڪه بنديءَ کي ٽوڙن ٿو چاهي، ان لاءِ ئي هو پاڪستان جي گهر ٿو ڪري.“

”هندن جي ان رويي جو سبب ڇا آهي؟“مارگريٽ پڇيو.

”مان تاريخ جو شاگرد آهيان، ۽ هر شيءِ کي تاريخ جي پس منظر ۾ ڏسندو آهيان. منهنجي خيال ۾ هندن جي ان رويي جو سبب اهو آهي جو هندو مسلمانن جي دؤر حڪومت کي پنهنجي غلاميءَ جو دور سمجهندو رهيو آهي. مان مڃان ٿو ته مسلمان بادشاهن مذهبي تنگ نظريءَ جي ڪري هندن سان زيادتيون ۽ ظلم ڪيا هوندا، هينئر هندو انهن زيادتين، ظلمن ۽ غلاميءَ جو بدلو ٿا وٺن. اکنڊ ڀارت ۽ پاڪستان جو جهڳڙو ٻن ڦورن جو جهڳڙو آهي. ڪمزور ڦورو طاقتور ڦوروءَ کان الڳ رهڻ ٿو چاهي، ته جيئن هو پنهنجي عوام کي چڱيءَ طرح ڦري ۽ لٽي سگهي. باقي رمون ۽ پريمي کي نه اکنڊ ڀارت سان دلچسپي آهي ۽ نه پاڪستان سان. هو نه آزادي ٿا گهرن ۽ نه هندستان ۽ پاڪستان ٿا گهرن هو فقط جيئڻ جو حق ٿا گهرن.“

”هاڻي هندستان ۽ پاڪستان جي بحث کي ڇڏيو. اچو ته سنڌوءَ کان شاه سائينءَ جي ڪافي ٻڌون.“

پهرين ته سنڌوءَ نٽايو، پر پوءِ سڀني جي چوڻ تي اندران ستار کڻي آئي. ستار جون تندون ٺيڪ ڪري هن هلڪي کنگهڪار سان نڙي صاف ڪئي ۽ پوءِ ستار جي تندن کي ڇهيائين. سانت جي سيني ۾ سرن جا ٽانڊاڻا ٽمڪي پيا ۽ پوءِ سرن جون لاٽون نڪرڻ لڳيون. سنڌوءَ اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ آلاپ ڏيئي بيت ڏنائين:

”ڪڪر منجهه ڪپار، جهڙ نيڻون نه لهي،
جهڙا منهنجا سپرين، تهڙا ميگهه ملار،
کڻ اکيون کل يار، ته وڃن سور سنڌا ڪري.“
سارنگ کي ائين لڳو، ڄڻ سنڌوءَ  جي نڙيءَ مان نور جا ڪرڻا ڦٽي پيا آهن ۽ هر طرف نور ئي نور پکڙجي ويو آهي. ڏوهيرو پورو ڪري، هن ستار کي ڇيڙيو. ستار جي تارن مان ڄڻ مينهن ڦڙيون وسڻ لڳيون. سنڌوءَ ڪافي شروع ڪئي:

”آئي مند ملار، آءٌ کهنبا ڪنديس ڪپڙا،

                        آئي مند ملار.“

سنڌوءَ جو آواز فضا ۾ ترڻ لڳو، جيئن هنج نيري پاڻيءَ ۾ ترندو آهي. نور جي ڌارا هئي، جيڪا فرش کان عرش ڏانهن وهڻ لڳي هئي. هر طرف ’ڪُن‘ جا پڙلاءَ هئا، ڄڻ ڪائنات نئين سر تخليق ٿي رهي هئي، جنهن ۾ ڪو ڏک ڏنڀ، اهنج ۽ ايذاءُ نه هو. جتي ڪارا ڪڪر هئا، ڀورا بادل هئا، مينهن ڦڙيون هيون، ميگهه ملهار جهڙا سپرين، کهنبا ڪپڙا پائي، اکيون کڻي کليا هئا ۽ ڌرتي تان سڀئي ڏک ڌوپجي ويا هئا. مينڍو مينهن پسايو هو، ڀنڀا وار ڀڳا، هئا، آلا ڪڪر، ڀنڙس ڀنڀا وار.....

سنڌوءَ جو آواز بند ٿي ويو ۽ نئين تخليق ٿيل ڪائنات وٽڙي وئي. سارنگ ڏٺو ته هو ڌرتيءَ تي هو ۽ هن جي سامهون سنڌو ويٺي هئي ۽ سڀئي هن جي راڳ جي تعريف ڪري رهيا هئا ۽ هو اکيون سنڌوءَ ۾ کپائي  پنڊ پهڻ ٿيو ويٺو هو. معمولي مهانڊن واري سنڌو اک ڇنڀ ۾ ڪيتري نه حسين ٿي پئي هئي، ڄڻ شاه سائينءَ جي سارنگ  جا سر هن جي سرير ۾ سمائجي ويا هئا.

”اوهان کي منهنجا ڪافي نه وڻي ڇا؟“ سنڌوءَ سارنگ  کان پڇيو.

”جي__،“ سارنگ ڄڻ ننڊ مان جاڳي پيو. ”جي.... ڏاڍي وڻي.“ لفظ هن جي زبان مان اٽڪي ٿي نڪتا. سنڌو سارنگ  جي واتان پنهنجي تعريف ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي.

”سڀاڻي هلو ته مياڻيءَ هلون.“ سنڌوءَ موهن کي چيو.

”مارگريٽ مياڻي ڏسڻ ٿي چاهي. مياڻيءَ جي جنگ سان مارگريٽ جي خاندان جو هڪڙو ڏکوئيندڙ داستان وابسته آهي.“

”ڪهڙو داستان؟“ موهن پڇيو.

”اسان جي خاندان ۾ هڪڙي مارگريٽ هئي، هن جو اصل نالو ته ٻيو هو، پر پوءِ هن پنهنجو نالو مارگريٽ رکرايو هو. هن جو مڱيندو مياڻيءَ جي جنگ ۾ شهيد ٿيو هو. هن جو نالو فلپ هو. هو شاعر هو. هن شاه لطيف جا بيت انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا هئا. وڏو امن پسند هو. مرڻ کان پوءِ هن جي کيسي مان خط نڪتو، جيڪو هن پنهنجي مڱينديءَ کي لکيو هو. ان خط ۾ هن جنگ کي ننديو هو. نيپئر کي ننديو هو ۽ پوءِ به بندوق کڻي بهادر سپاهيءَ وانگر وڙهي شهيد ٿيو هو. مارگريٽ ساري عمر شادي نه ڪئي ۽ ساري حياتي پنهنجي شاعر ۽ شهيد مڱيندي جي ياد ۾ گذاري ڇڏيائين.“

”هر هڪ جنگ سان لٽيل سهاڳن. اُجڙيل جهولين۽ لڇيل لولين جا داستان وابسته آهن. مياڻيءَ ۾ به ڪو ماڻڪ، ڪو سارنگ شهيد ٿيو هوندو ۽ ڪنهن سنڌوءَ ڏهاڳ ڏٺو هوندو.

فلپ جي شهادت ۽ مارگريٽ جي ڏهاڳ جو ٻڌي مارگريٽ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. سنڌوءَ يڪدم پڇيو:

”ڇا ٿيو، اوهان اداس ڇو ٿي ويا.“

”ڪجهه نه آهي،“ مارگريٽ مرڪڻ لڳي. پر هن جي مرڪ مان به لڙڪ ليئا پائڻ لڳا. هن يڪدم موضوع مٽائي ٻي ڳالهه شروع ڪئي ۽ ڳالهين جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو. وقت جي خبر ئي نه پئي. رات جو دير سان هو اٿيا ۽ سارنگ هنن سان ٻئي ڏينهن مياڻي هلڻ جو پروگرام ٺاهي، هاسٽل موٽي آيو. کٽ تي ليٽيو ته هن کي سنڌو ياد پئي ۽ سنڌوءَ جي ڪافيءَ جا ٻول هن جي ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳا. سنڌوءَ جي نڙيءَ مان نور جا ڪرڻا ڦٽا ۽ هر طرف نور ئي نور پکڙجي ويو. سندس آواز فضا ۾ ترڻ لڳو، جيئن هنج نيري پاڻي ۾ ترندو آهي. نور جي ڌارا فرش کان عرش ڏانهن وهڻ لڳي. هر طرف کان’ڪُن‘ جا پڙلاءَ اچڻ لڳا ۽ ڪائنات نئين سر تخليق ٿيڻ لڳي جنهن ۾ ڪو ڏک، ڏنڀ، اهنج ۽ ايذاءُ نه هو، جتي ڪارا ڪڪر هئا، ڀورا بادل هئا، مينهن ڦڙيون هيون ۽ کنوڻن جهڙا کلڪار هئا، سپرين کهنبا ڪپڙا پائي اکيون کڻي کليا هئا ۽ڌرتيءَ تان سڀئي ڏک ڌوپجي ويا هئا. مينڍو مينهن پسايو هو، ڀنڀا وار ڀنا هئا. اهو پسيل مينڍو، ڀنڙل ڀنڀا وار، اهي کنوڻن جهڙا کلڪار ۽ مُرڪ جي باک. اهي ئي هن جي اڻ ڏٺل، اڻ سونهين پرينءَ جا اهڃاڻ هئا، ۽ ان پرينءَ جا پيرا هن سنڌوءَ جي پيشانيءَ ۾ ڏٺا هئا. پهرئين ڏينهن هن سنڌوءَ کي ڏٺو هو، ته سنڌوءَ جي سونهن هن کي صفا متاثر نه ڪيو هو، پر اڄ هن کي سنڌوءَ ۾ هڪ نئين سونهن نظر آئي هئي. ڪا سونهن اهڙي ٿيندي آهي، جيڪا کنوڻ وانگر تجلا ڏيئي پنهنجو پاڻ پسائيندي آهي، پر ڪا سونهن اهڙي ٿيندي آهي، جيڪا آهستي آهستي ٽڙندي آهي، جيئن مکڙي آهستي آهستي ٽڙي گل ٿيندي آهي، جنهن سونهن کي ڏسي ڪو وسريل خواب ۽ ڪو اڻ ٻڌل نغمو ياد پوندو آهي. شايد هر انسان جي روح تي ڪو نقش چٽيل  هوندو آهي، ڪو رنگ رچيل هوندو آهي ۽ ڪو گيت پيو گونجندو آهي، ۽ ڪڏهين ڪڏهين ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏسي پنهنجي ئي روح تي چٽيل نقش ياد پوندو آهي، رنگ ٽڙندا آهن ۽ گيت جا پڙلاءَ ايندا آهن. اڄ سارنگ کي سنڌوءَ ۾ پنهنجي ئي روح جا رنگ نظر آيا هئا. پنهنجي ئي اندر جي بهار جي بوءِ آئي هئي. ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.

 

صبح جو هي ڀنڀرڪي مهل ڪار تي حيدرآباد روانا ٿيا. شهر کان ٻاهر نڪتا، ته هنجي آڏو غريبن جي دلين جهڙا ڪشادا ۽ سندن حياتيءَ جهڙا ويران ميدان پکڙجي ويا. ڪٿي ڪو ٻڪرار ڌڻ ڪاهيو ٿي آيو، ته ڪٿي وري ڪو ڳوٺاڻو ڍڳي گاڏي هڪليندو ٿي آيو، ڪٿي ڪٿي رستي جي پاسي کان ڪو ڳوٺ هو. منهه، جهوپڙيون، ڪکاوان گهرڙا، مسيت، واڻئي جو هٽ، کوهه جنهن تي ڪاريون ڪوجهيون لُڪن ۾ لوساٽيل، اُسن ۾ ڪاراٽيل عورتون پاڻي ڀري رهيون هيون. هڪڙو ڳوٺاڻو ڪنواٽيءَ ۾ دلا لڙڪايو کنيو ٿي آيو. ڪارا، بدصورت، ميرا، گدلا ۽ اڌ اُگهاڙا ٻار رانديون کيڏي رهيا هئا ۽ هڪ ٻئي کي گاريون ۽ بجا ڏيئي رهيا هئا. اهي ٻار سنڌ جو آئيندو هئا. ڪارو، ڪوجهو، ميرو، گدلو آئيندو! ساري هندستان ۾ آزاديءَ جي جنگ جاري هئي. جلسا جلوس، پوليس جيل، لاٺي چارج، ٽيئر گئس، ڪنهن پاڪستان جا خواب ٿي ڏٺا، ڪنهن اکنڊ ڀارت جا، ته ڪنهن انقلاب جا.  پر هنن ڳوٺاڻن وٽ ڪو خواب نه هو. نه رمونءَ وٽ ڪو خواب هو ۽نه پريمي وٽ. هو صدين کان هڪ ئي نموني جي ٺهيل جڙيل ۽ سٽيل حياتي گذاري رهيا هئا. زندگيءَ جي گهاڻي ۾ پيسجي رهيا هئا هنن لاءِ ڪو ڏک نئون نه هو. ڪو ڏاڍ، ڪو ڏنڀ نئون نه هو. اهي سور، اهي ڏاڍ ۽ ڏنڀ هنن جي وڏن به سٺا  هئا ۽ هو به سهي رها هئا ۽هنن جي چپن تي ڪا شڪايت،ڪا ميار، ڪو ڏوراپو نه هو، پر هنن جي حياتي خود قدرت کي ميهڻو، ڏوراپو ۽ ميار هئي. پريمي جا ڏاڏا ۽ پڙ ڏاڏا به هٽ واڻيان هئا ۽رمون جا ڏاڏا ۽ پڙ ڏاڏا به هاري ناري، ڪمي ڪاسبي هئا. بادشاهيون بدليون هيون، جنگيون جوٽيون هيون، پر هي تاريخ جي وهڪري کان پاسيرا بيٺا پورهئي ۾ پيڙهبا رهيا هئا. موهن چيو:

”مس مارگريٽ، سنڌ مُهن جو دڙو نه آهي. سنڌ ڪراچي جون چمڪندڙ ترڪندڙ سڙڪون ۽ عاليشان عمارتون نه آهي. سنڌ سنڌوءَ جي گهر جو لان نه آهي جتي ويهي موهن، سارنگ، سنڌو ۽ رجني بحث ڪن. پر سنڌ هي ڳوٺ آهي. هي ڪٻاٽيل، نهوڙيل ڳوٺاڻا، ڪاريون ڪوجهيون ۽ وقت کان اڳ پوڙهيون ٿيل عورتون آهي، جن جا بدن نه ڪنول جهڙا آهن ۽ نه جن ۾ گلن واري هٻڪار آهي. پگهر هنن جو يوڊي ڪلون آهي. هندستان جي ساري جمالياتي شاعري هنن جي بدصورتيءَ تي ٺٺولي آهي. هي ڪارا، ڪوجها، اڌ اگهاڙا ٻارڙا جن لاءِ ڪو اسڪول ڪونهي، ڪا اسپتال ڪانهي. جن ۾ الائجي ڪيترا نهرو آهن. الائجي ڪيترا جناح آهن، پر جيڪي وڏا ٿي حياتيءَ جا هَر ڪاهيندا. اهي سنڌي آهن. مان جڏهين ان سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ خوشيءَ لاءِ انقلاب جا خواب ڏسندو آهيان، تڏهين اسان جي ڪانگريسي ڪامريڊ شريمتي سنڌو چوندي آهي، ته سوشلسٽ سماج ۾ انفرادي آزادي ڪانهي. سوشلسٽ  سماج اهڙو گهٽيل سماج آهي، جتي شاعر، ليکڪ ۽ ڪلاڪار گهٽجي، ٻوساٽجي مري ٿو وڃي. مان پڇان ٿو ته ڇا انفرادي آزادي جو لفظ هنن بکين ڏکين، انگ اُگهاڙن انسانن جي هشامن تي ٺٺولي نه آهي. ڇا انفرادي آزادي اهڙي ديوي آهي، جنهن تي اسين ڪروڙين انسان قربان ڪري ڇڏيون، ته جيئن اسان جا ليکڪ،شاعر ۽ ڪلاڪار انفرادي آزادي ماڻي سگهن.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org