سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: اُونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)

باب: --

صفحو :1

اُونداهي ڌرتي روشن هٿ

(ناول)

 

آغا سليم

 

7- آگسٽ 1984ع

فيروز پيارا.

خوش هجين شال.

تنهنجو خط مليو ۽ ڪتاب به مليا. يقين ئي نٿي آيو ته ڪو سنڌيءَ ۾ ههڙا سهڻا ڪتاب به ڇپجن ٿا. سچ پچ ته ڇپائيءَ جي لحاظ کان ههڙا سهڻا ڪتاب ڇپائڻ لاءِ مبارڪون هجنئي.

ادا، ٽيون ڏينهن اوهان جا ڪتاب مليا. ان ڏينهن ئي مون پنهنجو سارو ڪتاب (اونداهي ڌرتي روشن هٿ پهريون ايڊيشن) پڙهيو. ڪتاب ۾ پروف جون غلطيون آهن، جن کي مون ٺيڪ ڪيو آهي. بائينڊنگ ۾ صفحا اڳتي پٺتي ٿي ويا آهن، اهي ٺيڪ ڪري ڇڏجو. باقي ڪتاب ۾ اصلاح جي ڪا گنجائش ڪانهي. رڳو هڪڙو باب جيڪو پاڪستان کان اڳ جي دؤر جي باري ۾ هو ان کي شامل ڪرڻو آهي. 141 صفحي تي انگريزن جي دؤر جو باب ختم ٿو ٿئي ته ان کانپوءِ يڪدم آزاديءَ کانپوءِ جي دؤر جي شروعات ٿي ٿئي. اصل ۾ 142 صفحي تي پاڪستان کان اڳ واري دؤر جو باب هئڻ گهرجي جيڪو ورهاڱي ۽ سنڌوءَ ۽ ماڻڪ جي هندستان وڃڻ واري واقعي تي ختم ٿو ٿئي. مهرباني ڪري ان باب کي ضرور شامل ڪجو نه ته ڪتاب اڻ پورو رهندو. پهرين ڇاپي ۾ جيڪا اڻ پورائي رهجي وئي تنهن کي ٻئي ڇاپي ۾ پورو ڪري سگهجي ٿو. ادا هيڏن سالن کان پوءِ مون ڪتاب پڙهيو. سچ پڇين ته ههڙو ناول مان وري لکي نه سگهندس. مهرباني ڪري ان کي سٺو ڪري ڇاپ.

اوهان جو ڀاءُ

آغا سليم

 

ٻيڙي ڪناري سان لڳي. مسافر هڪ هڪ ٿي لهڻ لڳا. سارنگ به پنهجي ڳنڍ ڪلهي تي رکي ۽ ٻيڙيءَ تان لهي ڪناري تي ٿي بيٺو. هن اکيون کڻي سامهون نهاريو. سامهون بچاءَ بند جي هن پار مُهن جو شهر هو. شهر ٻن حصن ۾ ورهايل هو. هڪ هيٺاهون ۽ ٻيو مٿاهون. هيٺاهين حصي ۾ ڪَمنِ، ڪاسبِن ۽ پورهيتن جا گهر ۽ دڪان هئا. جتي اهي گهر ۽ دڪان ختم ٿي ٿيا، اتي مٿاهينءَ تي شهر جو ٻيو حصو اڏيل هو جنهن جي چوڌاري شهر پناهه ڏنل هئي ۽ وڏيون وڏيون جايون ڪَرُ کنيو بيٺيون هيون. انهن جاين ۾ سرڪاري عملدار، پوڄاري، پوڄارڻيون ۽ امير ماڻهو رهندا هئا. شهر جي چوڌاري نيڻ نهار تائين سايون سايون ٻنيون هيون ۽ پاسي کان سنڌو وهي رهيو هو. مُهن شهر جا ماڻهو سنڌوءَ کي ديوتا ڪري پوڄيندا هئا ۽ هنن جا ان درياه بابت ڏاڍا عجيب عقيدا هئا. ڪي چوندا هئا ته: اهو درياه چنڊ مان وهي ٿو، سندس پاڻي پگهريل چانڊوڪي آهي، جيڪا اُڃايل ڌرتيءَ جي پُورن ۾ پيهي، سونا سنگ بڻجي فضائن ۾ جهولندي آهي. ڪي وري چوندا هئا ته : هڪڙي اوچي ۽ برف سان ڍڪيل جبل، ڌرتيءَ جي اُره مان، ٿڃ سِيرون ڪري وهندو آهي ۽ سنڌوءَ جي صورت ۾ پنهنجي ٻچڙن جي بک ڀڃندو آهي. سج اولهه ۾ لڪو ۽ آسمان ۾ جهُڙ جي ٽڙيل پکڙيل ٽڪرن ۾ باه جا اُلا ڀرڪي پيا. اُلن جي اولڙي ۾ درياه ۾ ترندڙ ٻيڙين جا سڙه ۽ شهر جون جايون جرڪڻ لڳيون. پريان مينهن، ڳئن ۽ ٻڪرين جا ڌَڻَ، کير سان ڀريل ڇاڳلون ’ڇلڪائيندا، کُرن سان ڌوڙ اُڏائيندا، ٽليون ۽ چڙا وڃائيندا، شهر ڏانهن اچي رهيا هئا. ڌڻن جي پٺيان ڌنار بئنسري وڄائيندو  ٿي آيو. بئنسري جا سُرَ فضا ۾ ائين تري رهيا هئا، جيئن سنڌوءَ ۾ سِڙهَ!”ڪهڙو نه سهڻو شهر آهي!“ سارنگ سنڌوءَ جي ڪناري تي بيٺي بيٺي سوچيو.

 

هو بچاءُ بند ٽپي شهر ۾ گهڙيو. شهر جا سڌا ۽ ويڪرا رستا جن سان سڌيون سنواٽيون گهٽيون، هڪ پاڙي کي ٻئي پاڙي کان ڌار ڪري، اچي ملي ٿي ويون. رستي تي ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. کٿي جون گوڏيون پاتل ڪمي ۽ ڪاسبي، ننڍي ڏاڙهي، سنواريل وار، بت تي ڇريل چادرون ويڙهيل معتبر ماڻهو. ٽِڪَ ۽ سچن ڪوڏين جون پڙيون ۽ گهگهريون پاتل جواڻ جماڻ عورتون. ڪٿي ٻار اِٽي ڏڪر کيڏي رهيا هئا ۽ ڪٿي ٺڪر جي ٺهيل بيل گاڏين کي ڌاڳو ٻڌي گهلي رهيا هئا. هڪڙي دڪان ۾ سرڪاري عملدارن ماپن جي چڪاس ٿي ڪئي. پريان ڀنگي ڪني پاڻيءَ جي نيڪاس جون ناليون صاف ڪري رهيا هئا.

 

سارنگ کي سانوڻ ڪنڀر جي گهر وڃڻو هو. هو هن شهر ۾ پهريون ڀيرو آيو هو ۽ کيس سانوڻ جي گهر جي خبر نه هئي. هن هڪڙي واٽهڙوءَ کان سانوڻ جي گهر جو پتو پڇيو. واٽهڙوءَ هڪڙي گهٽيءَ ڏانهن اشارو ڪري سانوڻ جي گهر جو ڏس ڏنو ۽ هو اوڏانهن روانو ٿيو.

سارنگ در کڙڪايو.اندران هڪڙو پوڙهو نڪري آيو.

”ابا ڪير آن؟“ ۽ پوءِ سارنگ کي سڃاڻي، پوڙهي خوشيءَ گاڏڙ اچرج وچان پڇيو، ”سارنگ آن ڇا. اَبا ڀلي آئين، جيءُ آئين. مس مس منهن ڏيکاريو ٿي.“

سارنگ جهڪي پوڙهي جا پير ڇهيا. هو هن کي اندر وٺي آيو. گهر جي اڱڻ ۾ هڪڙي جواڻ جماڻ عورت منجيءَ تي ويٺي هئي ۽ ٻار کي هنج ۾ ليٽائي کير پياري رهي هئي. سارنگ ۽ سانوڻ جي پيرن جو آواز ٻڌي ٻار کير ڇڏي، ڪنڌ ڦيري هنن ڏانهن نهاريو. عورت جي ڇاتيءَ مان کير جي سيرَ ٻارڙي جي منهن تي پئي. ٻارڙي هونگڙي ڏني، ڳٽڪيو ۽ پوءِ پتڪڙن هٿن سان ماءُ جو اُره جهلي کير پيئڻ لڳو.

”سڀاڳي، سارنگ آيو ٿي. روز چوندو هو ته ايندس. اڃ مس مس آيو آ.“ پوڙهي چيو.

”ڀاءُ، ڀلي ڪري آئين.“ سڀاڳيءَ سارنگ کي کيڪاريو.

”سک هجيئي ڀيڻ.“

”ابا، سڀاڳي منهنجي ڌيءَ آ. ٽيون وره ڪَتيءَ ۾ پرڻايو. هومانس. گهوٽ پرديس ويل اٿس. ٻه چار ڏينهن مون وٽ گهارڻ آئي آ. اَبا ڏي خبران، ڳوٺ ڏي ته سک هو. پڻهين چاق هو. اوڙو پاڙو، راڄ ڀاڳ، سڀ سکي ها.... گهرجي به سک. ٿڪجي پيو هوندين. پاسي ۾ وهنجڻ جي جاءِ آ، ٻه چار دلا وجهندين ته سارو ٿڪ لهي ويندءِ.“

 

سارنگ وهنجي سهنجي، ماني ٽڪي کائي، ڪاڪي سانوڻ سان ريهاڻ ڪري، کٽ تي ليٽيو ته ننڊ کڻي ويس.

سارنگ جهَڪر شهر جو رهاڪو هو. پڻس ڪنڀر هو ۽ ٿانون تي اهڙا ته چِٽَ ڪڍندو هو جو پريان پريان کان ماڻهو سندس ٿانو وٺڻ ايندا هئا. سارنگ به ننڍپڻ کان ٿانوَ ٺاهڻ سکيو. پر ٿانون کان وڌيڪ هن جو مورتين ٺاهڻ تي شوق هو. مٽيءَ مان سهڻيون سهڻيون مورتيون ٺاهيندو هو. وڏو ٿيو ته پٿرن جون مورتيون ٺاهڻ لڳو. انهيءَ وچ ۾ مهن شهر جي بت تراش ماڻڪ جو نالو ٻڌائين، ماڻڪ جون ٺهيل مورتيون به ڏٺائين. اچي شوق ٿيس ته ماڻڪ جهڙيون مورتيون ٺاهيان ۽ ماڻڪ جيڏو وڏو بت تراش ٿيان. ڪاڪو سانوڻ پڻس جو دوست هو. ڇٽيءَ ڇماهيءَ، وڻج واپار سانگي، سندن شهر ۾ ايندو هو. سارنگ هن کان هميشہ ماڻڪ جون ڳالهيون پڇندو هو. ڪاڪي سانوڻ کيس ٻڌايو هو ته ماڻڪ جيڏو وڏو بت تراش هو، ايڏو ئي ارڏو ۽ هٺيلو هو. چڱي ڀلي سان منهن ڏيئي ڳالهائيندو به نه هو، پر ماڻهو ڏاڍو مانُ ڪندا هئس. ماڻڪ جي باري ۾ ڳالهيون ٻڌي هن جو ماڻڪ سان ملڻ جو شوق ويتر وڌي ويو. آخر هڪڙي ڏينهن دل ٻڌائين. پيءُ کان پيرين پئي موڪلايائين ۽ پنهنجون چونڊ مورتيون ڳنڍ ۾ ٻڌائين ۽ ٻيڙيءَ تي چڙهي، مُهن جي شهر روانو ٿيو.

 

صبح جو ڀنڀرڪي مهل هن جي اک کلي، هٿ منهن ڌوئي ڳنڍ ڪلهي تي رکيائين ۽ ڪاڪي سانوڻ سان ملڻ کان سواءِ ماڻڪ جي گهر روانو ٿي ويو. تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو ماڻڪ جي گهر وٽ اچي پهتو. در کڙڪائڻ لاءِ هٿ وڌايائين ته دل ڌڙڪڻ لڳس. آخر دل جهلي ڪڙو کڙڪايائين، اندران نوڪر نڪري آيو.

”ماڻڪ آهي.“ سارنگ نوڪر کان پڇيو.

”ها سائين آهي.“

”ٻڌائينس ته هڪڙو پرديسي ساڻس ملڻ آيو آ.“

نوڪر اندر هليو ويو ۽ هو اميد ۽ نااميديءَ جي ويرن ۾ لڙهڻ لڳو. ويرم نه گذري ته نوڪر موٽي آيو ۽ کيس اندر و‎ٺي ويو. هن ڌڙڪندڙ دل سان ڪوٺيءَ ۾ قدم رکيو. سامهون ماڻڪ پٺيرو ويٺو هو. هن جي اڳيان پٿر پيو هو ۽ هن جون نظرون پٿر ۾ پيهي ڪنهن مورت کي ڳولي رهيون هيون. سارنگ ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو، پر اکر سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا. ڳيت ڏيئي نڙي آلي ڪيائين ته ايتري ۾ ماڻڪ جو آواز اڀريو.

”بت تراش آن؟“ماڻڪ هن ڏانهن نهارڻ کانسواءِ پڇيو.

”مڙيئي پٿر ٽُڪيندو آن. تنهانجون مورتيون ڏٺم ته انهن هٿن کي ڏسڻ جي آس جاڳي پئي، جن جي ڇهاءَ سان پَهڻ پساهه کڻڻ لڳندا آهن. سچ پچ ته مان تنهانجي مورتين کي ساه کڻندي ڏٺو آهي. مان هنن جي سيني ۾ جيئري جاڳندي دل کي ڌڙڪندي ٻڌو آهي، ۽ سندن رڳن ۾ ڳاڙهي ڳاڙهي رت کي ڊوڙندو ڏٺو آهي. ڏيئي مان ڏيئو ٻرندو آ. مان به پنهنجي آڱرين جون اُجهاڻيل ڏياٽيون تنهنجي آڱرين جي جوت سان جرڪائڻ جي آس کڻي آيو آن.“

سارنگ يڪ ساهي چئي ويو. هن جي ڳالهه ٻڌي ماڻڪ آهستي آهستي ڪنڌ ڦيريو ۽ سندس اکين ۾ اکيون کپائي کيس يڪ ٽڪ ڏسڻ لڳو. هن جي ويڪري  پيشانيءَ تي اڇن وارن جون چڳون لڙڪي رهيون هيون ۽ سندس ڪارن ڪارن اکين تي اڇيون پنبڻيون ڇانو ڪيو بيٺيون هيون. سارنگ کي ائين ڀاسيو ڄڻ ماڻڪ جون ماڻڪيون سندس دل جي اٿاه اوناهين ۾ لهي ويون.

 

”نوجوان. ماکي تنهنجي ڳالهين مان ڪنهن وڏي بت تراش جي ڇيڻيءَ ۽ تيشيءَ جا آواز ٻڌڻ ۾ پيا اچن. پاڻ سان پنهنجون ڪي مورتيون آنديون ٿي.“

” ها سائين؛ آنديون اٿم.“

”ماکي پنهنجون مورتيون ڏيکار.“

سارنگ يڪدم ڳنڍ کولي ۽ جلدي جلدي مورتيون ڪڍڻ لڳو. پر سندس هٿ رڪجي ويا.

”ڇو؟ هٻڪين ڇو ٿو؟“

”سائين، تنهان جهڙي وڏي بت تراش کي پنهنجي ڏات جو ڏيک ڏيکاريندي لڄ ٿي اچي.“

”تنهنجون ڳالهيون منهنجي گذريل زندگيءَ جا پڙلاءُ آهن. هٽڪ نه—ماکي پنهنجون مورتيون ڏيکار.“

سارنگ مورتيون ڪڍي هن جي سامهون رکيون ۽ پاڻ ٻڏتر سان ماڻڪ کي ڏسڻ لڳو. ماڻڪ هڪ هڪ مورتيءَ کي ڌيان سان ڏٺو ۽ چيائين: ” ڏات اٿي پر ڏانءُ نه ٿي، تون تمام وڏو بت تراش ٿي سگهين ٿو.“

”ڪيئن.....؟“

”ڏات رت پيئندي آهي. ننڊ ۽ سپنا ڏات کي ڏان ڏيڻا پوندا آهن، تڏهن جيءَ ۾ جوت جلندي آهي. تو کي مون سان گڏ رهڻو پوندو.“

”مان تيار آهيان سائين“ سارنگ اتساهه سان وراڻيو.

 

سارنگ ماڻڪ وٽ رهڻ لڳو. ماڻڪ مورتيون ٺاهيندو هو ۽ هو ماٺ ڪري هن کي مورتيون ٺاهيندو ڏسندو هو. تن ڏينهن ۾ ماڻڪ مهاپوڄاريءَ جي مورتي ٺاهي رهيو هو. سارنگ ڏٺو ته ڪيئن ماڻڪ جي هٿن جي ڇهاءَ سان اڻ گهڙيل پٿر مان مورتي اُڀرڻ لڳي. هن به مورتيون ٺاهڻ شروع ڪيون. مورتي ٺاهي ماڻڪ کي ڏيکاريندو هو. ماڻڪ سندس مورتيون ڏسي  منهن ڦيري ڇڏيندو هو. هڪڙي ڏينهن ته جوش ۾ اچي تيشي سان سندس مورتيون ڀڃي ڇڏيائين ۽ چيائين: ”مورتيون ٺاهه نه، پر مورتين کي جنم ڏي.“

سارنگ کي هن جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. آهستي آهستي مورتيون ٺاهڻ ڇڏي ڏنائين. هاڻي هن کي پڪ ٿيندي وئي ته هو ڪڏهن به ماڻڪ جهڙو بت تراش ٿي نه سگهندو. ڪڏهن به ڪنهن مورتيءَ کي جنم ڏيئي نه سگهندو.

 

 

شهر جي مٿاهين حصي ۾ ٻه محلات هئا. هڪڙي ۾ وڏو پوڄاري ۽ ٻئي ۾ وڏي پوڄارڻ رهندا هئا. ٻنهي محلاتن جي چوڌاري ننڍيون ننڍيون ڪوٺيون ٺهيل هيون جن ۾ پوڄاري ۽ پوڄارڻيون رهنديون هيون. هر سال جڏهين پورهيتن  جو پگهر سونا سنگ بڻجي هوا ۾ جهولندو هو تڏهن لاباري کان اڳ هڪڙي چانڊوڪي رات جو جشن ملهايو ويندو هو. شهر ۽ ٻنين جي وچ ۾، درياه جي ڪنٺي تي سڀئي ماڻهو اچي مڙندا هئا. سڀ گڏجي مڌ پيئندا هئا. دهل ۽ کڙتال وڄائي ناچ کيج ڪندا هئا، سانگ رچائيندا هئا ۽ اُن طاقت اڳيان مٿو ٽيڪيندا هئا جيڪا هِتي هُتي، هر هنڌ هئي پر تڏهن به نظر نٿي آئي. جنهن جا هزارين روپ هئا، پر پاڻ بي روپ هئي، هزارين رنگ هئا، پر پاڻ بي رنگ هئي، هزارين نانءُ هئا، پر پاڻ بي نانءُ هئي، جيڪا ڌرتيءَ جي سيني مان سونا سنگ ۽ عورت جي ڪک مان چنڊ بڻجي اُسرندي هئي. ان رات شهر جون سڀ سونهاريون، سوڀياريون ڪنواريون ساٺ سينگار ڪري مهاپوڄاري جي اڳيان نچنديون هيون ۽ مهاپوڄاري شهر جي ڪنوارين مان سڀ کان سونهاري ۽ سوڀياري ڪنواريءَ جي مٿي تي زرخيزي جي ديويءَ جو تاج رکندو هو ۽ ان رات کان پوءِ اها ڪنواري مٽن مائٽن سان ناتا ٽوڙي، سڀئي لاڳاپا لاهي، زرخيزي جي ديوي ۽ مهاپوڄارڻ بڻجي محل ۾ اچي رهندي هئي ۽ ان کان اڳ واري مها پوڄارڻ داسي بڻجي محل کان ٻاهر وارين ڪوٺين ۾ رهڻ لڳندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن مهاپوڄاري زرخيزيءَ جي نئين ديوي چونڊڻ جي بدران گذريل سال چونڊيل مها پوڄارڻ جي مٿي تي ئي ديويءَ جو تاج رکندو هو ۽ هوءَ هڪ سال لاءِ وري مها پوڄارڻ بنجي راڄ ڪندي هئي.

 

گذريل سال مهاپوڄاريءَ سنڌوءَ جي مٿي تي تاج رکيو هو ۽ اُن ڏينهن کان سنڌو مها پوڄارڻ بڻجي محل ۾ رهڻ لڳي هئي. هن پنهنجي سونهن، سوڀيا، ناٽ، نوڙت سان مهاپوڄاريءَ جي من کي موهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر سال اک ڇنڀ ۾ گذري ويو. اڄ وري چانڊوڪي رات هئي ۽ زرخيزي جي جشن جو ڏڻ هو. اڄ وري مهاپوڄارڻ جي چونڊ ٿيڻي هئي. شهر جون ڪنواريون هار سينگار ڪري، سرهاڻ سان تن بدن ڌوئي،چوٽن ۾ چندن جو چورو وجهي، مهاپوڄارڻ بڻجڻ جي آس کڻي آيون هيون. شهر جا سڀئي ماڻهو ميدان ۾ مڙيا هئا ۽ دهل ۽ کڙتال وڄائي، ماکي ۽ سُرهن گلن مان ٺهيل مَڌُ ۽ خوشبو مليل تاڙيءَ  جون جمنيون پي، ناچ کيج ڪري رهيا هئا، پر سنڌوءَ جو من ماندو هو. مهاپوڄاري هن کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ هن کي پڪ هئي ته هن سال به هو ئي ديوي ٿيندي. پر مڙد جي دل ۽ درياه تي ڪهڙو ويساه. چڙهي ته لس ليٽ ڪري ۽ لهي ته ڪنڌيءَ جا ڪانَہَ سڪائي! جي مهاپوڄاريءَ جي دل ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ تي هرکي پئي ته پوءِ هن کي هن جي داسي بڻجي گذارڻو پوندو. راڻيءَ مان داسي بڻجڻ جي خيال سان ئي هن جي ڳلن تي ڳوڙها لڙي آيا.

 

چوڏهينءَ جو چنڊ کڙيو ته نوجوان داسيون سينگار جو سامان کڻي هن جي چوڌاري اچي بيٺيون. هن سڀني کان لڪي لڙڪ آُگهيا ۽ داسين سان گڏ شهر جي وڏي تلاءَ ڏانهن رواني ٿي. داسين جي وچ ۾ هوءَ ائين ٿي لڳي، جيئن ديسن ۾ سنڌ ديس، جيئن شهرن ۾ مهن جو شهر، جيئن درياهن ۾ سنڌو درياه ۽ جيئن دلين ۾ محبت ڪرڻ واري دل! هن جي اڳيان اڳيان ٻه داسيون، پتل جي ٿالهيءَ ۾ اٽي جا ڏيئا ۽ ڪنول جا گل کڻي هلي رهيون هيون ۽ هن جي پٺيان هلندڙ داسين مان هڪڙي داسيءَ جي ٻانهن تي کنهنبو وڳو پيو هو، جنهن تي سوني سئيءَ سان زرتار جو ڀرت ڀريل هو. ٻي داسيءَ جي هٿ ۾ تيل جي ٿالهيءَ ۾ عاج جي ڦڻي، سرمي داڻي ۽ سرائي، پتل جي آرسي، پتل جي وٽيءَ ۾ منهن تي مَلڻ جو کنهبو ٻورو پيو هو. ٽين داسيءَ جي ٿالهيءَ ۾ سونن داڻن ۽ سونن سڳن جي چيلهڪي، سون جي سنهن پٽن جا چيلهبند، چوٽيبند، چوٽي گل، سون جا ڪنگڻ، عاج جي ٻانهين، سوني نٿ ۽ ٻيا ڳهڻا پيا هئا. تلاءَ وٽ پهچي، اڳيان اڳيان هلندڙ داسين، تلاءَ جي چئني ڪنڊن تي چار ڏيئا رکيا، ڪنول جا گل تلاءَ ۾ اڇلايائون، سنڌوءَ جا هڪ هڪ ڪري ڪپڙا لاٿائون ۽ کيس تلاءَ ۾ وهنجارڻ لڳيون. تلاءَ ۾ ترندڙ چنڊ جو پاڇو سنڌوءَ جي اگهاڙي بت جي ڇهاءُ سان ڏڪڻ، ڪنبڻ ۽ لهرن ۾ لڙهڻ لڳو ۽ ڪنول جي ٻن سدا ٽڙيل گلن سان اکٻوٽ راند کيڏڻ لڳو.

سنڌو وهنجي ٻاهر نڪتي سڀني داسين گڏجي هن کي ويس ڍڪايا، چوٽيون ڳتيائون ۽ ڳهڻا پارائي،ساٺ سينگار ڪري، پالڪيءَ تي چاڙهي کيس محل ۾ وٺي آيون.

 

ميدان ۾ مڙيل ماڻهو مهاپوڄاري ۽ سنڌوءَ جي آجيان لاءِ اُٿي بيٺا ۽ ڪنڌ نوائي، وڏي واڪي سندن آڌر ڀاءُ ڪرڻ لڳا. مهاپوڄاري ۽ سنڌو پالڪيءَ ۾ ويٺا هئا. هنن جي پٺيان پوڄارا، پوڄارڻيون ۽ داسيون اچي رهيا هئا. سڀني جي هٿن ۾ گلن سان ڀريل ٿالهيون هيون ۽ سڀني مهاپوڄاري ۽ سنڌوءَ تي گلن جي ورکا ٿي ڪئي. مهاپوڄاري ۽ سنڌو پالڪيءَ تان لٿا. سنڌو پوڄارڻين ۽ داسين سان گڏ هڪ پاسي ٿي بيٺي. مهاپوڄاري اڳتي وڌيو ۽ ميدان جي وچ ۾ باه جي مچ جي ڀر ۾ دڪاڻي تي ٿي ويٺو. سنڌو چٽسالي واري ٺڪر جي جمنيءَ ۾ پيل ماکي ۽ گلن مان ٺهيل مَڌ کڻي، ڊيل جيان ٽلندي، اڳتي وڌي ۽ جمني مهاپوڄاري کي ڏنائين. مهاپوڄاري سنڌوءَ کان جمني وٺي اٿي بيٺو ۽ جمني وارو هٿ مٿي ڪري وڏي واڪي چوڻ لڳو:

”شل اسان جون ٻنيون سدا سايون رهن ۽ اسان جون ونيون سنڍِ نه ٿين.“

سڀني عورتن ۽ مردن هن جا چيل اکر ورجايا. پوڄاري جمني چپن تي آندي ۽ ڳيت ڏيئي پِي ويو. اوچتو دهل تي ڏونڪو لڳو ۽ ميڙ مان هڪڙي ڪنواري واسينگ وانگر وٽ کائيندي سامهون آئي ۽ باه جي اُلن جي اولڙي ۾ نچڻ لڳي. هن جي مڌ ماتن نيڻن ۾ مهاپوڄارڻ بڻجڻ جي آس جو اولڙو ٿي جرڪيو. دهل جي ڌم ڌم تي هن جو انگ انگ، سنَڌ سنَڌ نچڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳو.

آخر جڏهن هوءَ نچي نچي ٿڪي پئي، تڏهن هن ڪنڌ جهُڪائي مهاپوڄاريءَ کي پرنام ڪيو ۽ ٿڪل وکون کڻندي، ميڙ ۾ موٽي وئي. هر هڪ ڪنواري سامهون اچي نچندي رهي. آخر جڏهن چنڊ جي چانڊاڻ ماڪ ۾ ڀني، تڏهن سنڌو ڇير پائي اڳتي وڌي. مهاپوڄاريءَ جي اڳيان ڪنڌ نوايائين ۽ پوءِ ڪنڌ ڦيري ميڙ ۾ بيٺل ماڻهن ڏانهن نهارڻ لڳي. اڄ هوءَ انهن سڀني جي راڻي هئي، پر هينئر، هڪ ٻن گهڙين ۾ هن جي قسمت جو فيصلو ٿيڻو هو. اڄ هن کي راڻيءَ مان داسي ٿيڻو هو، يا مهاپوڄارڻ بڻجي راڄ ڪرڻو هو. اوچتو هن جي اندر ۾ وڄ وراڪو ڏنو ۽ سندس انگ نچڻ لڳا.

 

سارنگ مڌ جون جمنيون پي مست ٿي ويو هو. سندس اکين تي مڌ جا کيپ چڙهي ويا هئا، پر سنڌوءَ کي نچندو ڏٺائين ته اکين تان مڌ جا کيپ لهي ويس ۽ هو تارا ڦاڙي سنڌوءَ کي نچندو ڏسڻ لڳو. سنڌوءَ جو سارو بت ائين لهرائي رهيو هو، ڄڻ سنڌو مستيءَ ۾ وهي رهيو هو. سندس جوڀن ڄڻ سنڌوءَ جي موج، ڄڻ سنڌين جي فوج! سندس سنَڌ ڳالهائڻ لڳا.... سنڌو مستيءَ ۾ وهي رهيو هو. هارين هر سانباهيا هئا. ڪنواريون چرخا ڪتڻ لڳيون، ٻارڙا هونگڙيون ڏيڻ لڳا. اوچتو هن جي ڇاتي سانوڻيءَ جي درياه وانگر اُٿلون ڏيڻ لڳي. ٻانهون، سنڌوءَ جي ڇوهَ ڀرين ڇولين وانگر ڦٿڪڻ ۽ لڇڻ لڳيون. بت کي ڦيراٽيون ڏنائين، ڄڻ سنڌوءَ جي ڪُنن ڪڙڪا ڪيا، اکيون ڪروڌ ۾ ٽانڊن وانگر ٻرڻ لڳيون. سنڌو ڪنارا ڀڃي رهيو هو. مهاپوڄاريءَ وڏي واڪي چيو:

”اسان تي ٻاجهه ڪر سنڌو. اسان جون ٻنيون نه ٻوڙ، اسان جي ونين کان مُرڪ نه کس، اسان جا مڙد هر ڪاهي رهيا آهن، ڪنواريون چرخا ڪتي رهيون آهن. ٻارڙا هونگهڙيون ڏيئي رهيا آهن. اسان تي ٻاجهه ڪر سنڌو!“

سڀئي مڙد ۽ عورتون هيسيل هانون سان مهاپوڄاريءَ جا اکر ورجائڻ لڳا.... گهڻي دير تائين سنڌو ڦٿڪندي لڇندي ۽ پاڻ پتوڙيندي رهي. هوري هوري سندس جوش ڍرو ٿيڻ لڳو. وري هن جا هٿ ڳالهائڻ لڳا. هن جو بدن هوريان هوريان لهرائڻ لڳو، ڄڻ سندس سنڌ سونا سنگ هئا، جيڪي ڪنهن جواڻ مڙد جي ڇهاءُ جي سيڪ ۾ پچي راس ٿيا هئا ۽ هير جي هندوري ۾ جهولي رهيا هئا. سندس چپن تي مُرڪ هئي، ڄڻ ساري سنڌ ٿي مرڪي، سڪار ٿي مرڪيو، پورهيتن جو پگهر ٿي مرڪيو. هن هڪڙي هٿ کي ڏاٽي جي صورت ڏني، ٻئي هٿ سان خيالي سنگ کي جهلي، ڏاٽي سان لڻيو. چؤطرف هوڪار مچي ويا، دهل وڄڻ لڳا ۽ سنڌو مست ٿي نچڻ لڳي ۽ نچي نچي ساڻي ٿي مهاپوڄاريءَ جي پيرن وٽ پٽ تي اچي ڪري.

مهاپوڄاري شاهاڻي شان سان دڪاڻيءَ تان اٿيو ۽ دڪاڻي تان لهي هن سهڪندڙ سنڌوءَ کي پٽ تان اٿاريو. هڪڙي داسيءَ ديويءَ وارو تاج آڻي مهاپوڄاريءَ کي ڏنو. مهاپوڄاريءَ اهو تاج سنڌوءَ جي مٿي تي رکيو. دهل تي وري ڏؤنڪو لڳو. ماڻهن هوڪارا مچايا. پوڄاريءَ سنڌوءَ کي ٻانهن کان جهلي دڪاڻيءَ تي وٺي آيو. داسيءَ هن کي مڌ جي جمني ڏني ۽ هو ٻئي اوڀر ڏي منهن ڪري، جمنيءَ مان آڱريون ٻوڙي، اوڀر ڏانهن مڌ جا ڇنڊا اڇلائي وڏي واڪي چوڻ لڳا:

اي شڪتي.

تون روشني آهين.

تون اونداهيءَ جي سيني کي چيري ائين ڦٽندي آهين جيئن ڌرتيءَ مان سلا ڦٽندا آهن،

جيئن ماءُ جي اُرهن مان ٿڃ جا گوها نڪرندا آهن،

جيئن اونداهيءَ ڪُک مان ٻار نڪرندو آهي.

تنهنجي ڇهاءَ سان سنگ ائين پچندا آهن.

جيئن مڙد جي ڇهاءَ سان ڪنواريءَ جو جوڀن.

تون اسان جي ڪنڀرن، سنگتراشن ۽ هنرمندن جي هٿن جي سونهن آهين.

تو جنسار کي چڪي تي ائين ٺاهيو آهي.

جيئن ڪنڀر ٿانوَ ٺاهيندو آهي.

تو روشنين ۽ رنگن جي پٽ- ڌاڳن سان جنسار کي چرخي تي ڪتيو آهي.

تون ڌرتي ماءُ آهين.

تنهنجي اُرهن مان دريا ٿا وهن،

اي ڌرتي ماءُ،

اسان جي ٻنين ۽ ونين جون ڪکيون سدا سايون رک.

 

پوڄاري پوري ڪئي هو ٻئي دڪاڻيءَ تان لٿا ۽ ٻنين ڏانهن روانا ٿيا. سڀئي ماڻهو هنن جي پٺيان پٺيان اچي رهيا هئا. هڪڙي ٻاري ۾ بيهي، سنڌو ڏاٽي سان پهريون سنگ لڻيون، ماڻهن خوشيءَ جا نعرا هنيان ۽ دهل ۽ کڙتال جي آوازن سان نچندا، هنبوڇيون هڻندا، لاباري کي لڳي ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org