ڪو به ماڻهو هن عظيم انسان جي زندگي ڏانهن رويي کي
پسند يا ناپسند ڪري سگهي ٿو پر انهي سان Essays جي
ڪشش ۾ ڪا گهڻي تبديلي نه ٿي اچي. شيڪسپيئر جهڙا
عظيم ذهن جن مانٽين جو فلوريو پاران ٿيل انگريزي
ترجمو پڙهيو اهي سندس سوچ مان گهڻا متاثر ٿيا.
مانٽين پنهنجن فڪري مخالفن کي به موهي وجھي ٿو ۽
انهن لاءِ دلچسپي جو باعث آهي ڇو ته هڪ تهEssays سٺي
عقيدي ۽ ايمانداري جو مظهر آهن ۽ ٻيو ته ٻئي ڪنهن
به ڪتاب ۾ انسان جي مشڪل صورتحال جي اهڙي حقيقي
تصوير نه ٿي ملي. اهڙا نوجوان جيڪي اهڙين سوچن ۽
عادتن جي باري ۾ ڄاڻڻ بابت فڪرمند هجن جن بابت
سماج عام طور چپ نه چوريندو آهي انهن کي اهڙيون
ڳالهيون مانٽين جي Essays جي
شروعات ۾ ئي ملي وينديون. البت ڪجھ مصمونن جي
عنوانن مان صحيح اندازو نه ٿو ٿئي: اهڙو هڪ مضمون
جنهن جو نالو آهي ”On
the Verses of Vergil“
انهي ۾ گهڻو ڪري مانٽين جا محبت ۽ جنس بابت خيال
تمام بي تڪلفي سان بيان ٿيل آهن. جڏهن ته ”On
the powers of the Imagination“
جيڪڏهن وڪٽوريائي دور ۾ اصلي صورت ۾ ظاهر ٿئي ها
ته انهي جي وڏي حصي تي پابندي جي قينچي لڳي وڃي
ها. مجموعي طور چئجي ته مانٽين جا Essays انهن
ٻن يا ٽن ڪتابن مان هڪ آهن- انهن مان پيپيز جو
جرنل به هڪ آهي- جن ۾ انسان پاڻ کي ائين پيش ڪري
ٿو جيئن هو آهي. مانٽين لکي ٿو ته عوام جي احترام
ئي کيس پاڻ کي مڪمل طور اگهاڙو ڏيکارڻ کان روڪيو.
انهي مخصوص سوچ جي مطابق هو ڪتاب جي شروعات ئي هنن
لفظن سان ڪري ٿو ته هن سستي ڪاهلي ۾ ويهي پنا ڪارا
ڪيا آهن جيئن سندس دوست کيس ياد ڪري سگهن:
هتي منهنجون خاميون جاندار نموني ۽ منهنجي فطري
شڪل ۾ پڙهڻ ۾ اينديون. سو اي پڙهندڙ! منهنجي ڪتاب
جو موضوع آءُ خود آهيان ۽ توهان پاران اهڙي اجائي
عنوان تي پنهنجو فارغ وقت وڃائڻ بي عقلي جو ڪم
ٿيندو. تنهن ڪري الوداع.
18. ڊان
ڪئگزاٽ
-- مگئيل ڊي سروانٽيس --
ڪجھ وقت اڳ لامانچي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ جنهن جو آءٌ
نالو کڻڻ نه ٿو گهران هڪ معزز ماڻهو رهندو هو. هو
اهڙن معززن مان هو جن وٽ سدائين هڪ نيزو، هڪ قديمي
ڍال ۽ شڪار لاءِ هڪ نٻل گهوڙو ۽ هڪ ڪتو رهندو هو.
اهي لفظ هڪ اسپيني سپاهي سترهين صدي جي شروعات وقت
لکيا هئا. اهو ماڻهو هڪ لڙائي ۾ معذور ٿي پيو هو ۽
انهي شخص ڪُل وقتي ليکڪ ٿيڻ کان اڳ هڪ تمام پُرجوش
زندگي گذاري هئي. هُو جنهن معزز شخص بابت لکي ٿو
اهو چڱي حد تائين هن سان مشابهت رکندڙ آهي.
پنجاهه ورهين جي لڳ ڀڳ، مضبوط هڏڪاٺ، سنهي جسم
سنهي مُنهن، تمام سوير اٿندڙ ۽ شڪار جي شوقين انهي
اسپيني ماڻهو جي آکاڻي دنيا جي عظيم ترين آکاڻين
مان هڪ آهي. انهي کان پوءِ لکيل هر ناول انهي جي
مثال جي ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ پيروي ڪئي آهي. هي
اهڙي قسم جو ڪتاب آهي جنهن کي ڪو به شخص ڪنهن به
وقت کڻي وڏي خوشي سان هڪ ٻه باب پڙهي سگهي ٿو. ڊان
ڪئگزاٽ- اسپيني معزز پاڻ کي انهي نالي سان سڌي ٿو-
سموري فڪشن جي ذخيري ۾ تمام درد انگيز، تمام کل
جوڳن ۽ تمام وڻندڙ ڪردارن مان هڪ آهي. مٿئين جملي
۾ ”سموري فڪشن“ بجاء ”سموري تاريخ“ به چئي سگهجي
ٿو ڇاڪاڻ ته انهيءَ لالٽين جھڙي ڄاڙي واري، سنهي
ڊگهي ۽ جعلي سورمي (Knight)
جا کل جهڙا ڪارناما- اهو پهريون ماڻهو هو جنهن پن
چڪين تي نيزا اُلاريا- ايتري حد تائين زندگي جو
حصو لڳن ٿا جو کيس ڪنهن ڪاوڙيل گتي وال پاران
نائيٽ (Knight)
جي عهدي ئي فائز ڪرڻ جو تصور ڪرڻ به ايترو ئي سولو
لڳي ٿو جيترو لارينس پاران عربي پوشاڪ پهري ترڪن
کي شڪست ڏيڻ لاءِ نڪري پوڻ.
هاڻي ڪتاب جي مُنڍ کان شروعات ٿا ڪريون. اسپيني
معزز جنهن جو ڪٽنب جو نالو سروانٽيس مطابق
”ڪئگزاڊا يا ڪئيساڊا هو پر انهي نقطي تي ليکڪن ۾
اختلاف آهي“ هن پنهنجي ننڍڙي جاگير جي نگهباني جي
دوران گهڻو وقت اهڙا ڪتاب پڙهڻ ۾ گذاريو هو جن ۾
اهڙن ماڻهن جو احوال هوندو آهي جيڪي بهادري جا
ڪارناما ڏيکاڻ لاءِ موقعن جي تلاش ۾ هوندا آهن. سر
وانٽيس اسان کي ٻڌائي ٿو ته کيس اهڙي قسم جا عشقيه
ٽڪرا ڏاڍا وڻندا هئا جن ۾ هن انداز ۾ لکيل هوندو
هو: ”تو پاران منهنجي واجبي روشن کي غير واجبي
انداز ۾ ڏسڻ سبب منهنجو واجبي انداز ايترو ته
ڪمزور ٿي وڃي ٿو جو آءُ واجبي انداز ۾ تنهنجي حسن
جي شڪايت ڪريان ٿو“. هو لفظن جي حسن سان جوش ۾
ڀرجي ويندو هو.
اهڙي طرح، اسان جي سورمي وقت اچڻ تي اهو فيصلو ڪيو
ته کيس هاڻي سورميائي ڪارنامن جي تلاش ۾ نڪرڻ
گهرجي. هاڻي هو چمڪندڙ زره بڪتر زيب تن ڪري، ڀلي
گهوڙي تي سوار ٿي سموري دنيا ۾ ڪارنامن جي ڳولها ۾
نڪري پوندو؛ غلط ڪمن کي درست ڪندو ۽ مصيبت ۾ آيل
نوجوان ڇوڪرين جي مدد ڪندو. هن هڪ پراڻي زره هٿ
ڪئي، ان کي وڏي محنت سان صاف ڪيو ان تان جيتري ڪٽ
لاهي سگهيو ٿي سا لاٿائين ۽ پوءِ انهي ۾ گهڙي ويو.
اها هن تي فِٽ پوري بيٺي. انهي جي ٽوپلي ۾ فقط
اکين جو ڍڪ نه هو. پر اهو هن وڏي محنت ڪري هڪ گتي
مان ٺاهي ورتو. پر پوءِ اهو ڏسڻ لاءِ ته ڇا اهو
ايترو مضبوط آهي جو تلوار جو ڌڪ جهلي ويندو هن
پنهنجي تلوار ڪڍي ۽ انهي کي ٻه ڌڪ هنيا. جيڪا شي
ٺهڻ ۾ هڪ هفتو لڳو هو اها پهرئين ڌڪ ۾ پرزا پرزا
ٿي پئي“.
هن وري ٻيو ڍڪ ٺاهيو ۽ انهي کي لوهه جي سنهين پٽين
سان مضبوط ڪيائين ۽ وڏي دانشمندي سان وڌيڪ ڪنهن
چڪاس کان پاسو ڪيائين ( پر جلدي ئي پوءِ خود ٽوپلو
به تبديل ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ تي ڏاڍو کل جهڙو
حجام جو هڪ چمڪندڙ پيالو اچي ويو). پوءِ هو پنهنجي
گهوڙي لاءِ هنو ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
هن انهي رحم جوڳي وهٽ کي- اسان پهرئين پيراگراف ۾
جنهن کي نبل گهوڙو سڏيو آهي، اهو فقط کل ۽ هڏا لڳ
پيو هو روسينانٽ جو نالو فقط انهي ڪري ڏنو هو جو
انهي لفظ جو آواز کيس وڻندو هو. سندس پنهنجو لقب
اڳتي هلي سر ڊان ڪئگزاٽ (ڇو ته اهو ڪئگزاڊا يا
ڪئيساڊا کان ٻڌڻ ۾ سٺو لڳو) لامانچا ٿيڻو هو. اهو
واقعي ڏاڍو شاندار نالو هو: ڊان ڪئگزاٽ ڊي
لامانچا.
پوءِ هن کي سورمن وانگر هڪ سهڻي عورت جي ضرورت هئي
جنهن سان پيار ۽ دل لگي ڪري سگهجي. هن پنهنجي عمر
۾ انهي مسئلي کي گهڻو ڌيان نه ڏنو هو پر هاڻي کيس
هڪ اهڙي ڳالهه ياد آئي جيڪا مناسب ٿي پئي سگهي.
اها ٻني تي ڪم ڪندڙ هڪ سگهي جسم واري ڇوڪري هئي
جنهن کي هو ڪنهن وقت پسنديدگي جي نگاه سان ڏسندو
هو (پر اها ڳالهه کيس ٻڌائڻ جي تڪليف نه ڪئي
هئائين) هن انهي کي اهڙو بهترين نالو ڏنو جيڪو هو
ڪنهن سهڻي ڇوڪري لاءِ ايجاد ڪري سگهيو ٿي: ”ڊلسينا
ڊيل ٽوبوسو“.
پوءِ هو پنهنجي ڪٽنب ۾ ڪنهن کي به ٻڌائڻ کان سواءِ
روانو ٿي ويو. نه ڀاڻيجيء کي، نه گهرجي نگهبان کي
نه مالهيءَ جي ڇوڪري کي. اهو جولاءِ جو هڪ پگهر
ڪڍندڙ گرم ڏينهن هو.
هن اڃا زره بڪتر ۾ پگهرجڻ شروع ئي مس ڪيو هو جو
کيس دهشت جي هڪ لهر سان اها ڳالهه ياد آئي ته هن
کي ته اڃا سورمي جو خطاب ئي نه مليو آهي.
انهيءَ ڪم ۾ جيتوڻيڪ ٻين جي مدد ۽ سهڪار گهربل
هوندو آهي پر هن اهو ڪم پنهنجي مڪمل اطمينان مطابق
سرانجام ڏئي ورتو. هو انهي شام هڪ سراء ۾ اچي پهتو
جنهن بابت ڏاڍي سهوليت سان فيصلو ڪري ورتائين ته
اها هڪ قلعو آهي. انهي جي ٻاهران ڪجھ آوارا عورتون
ويٺيون هيون. هن انهن کي سهڻيون عورتون چئي
کيڪاريو- سر وانٽيس ٻڌائي ٿو ته اهو لقب انهن جي
ڌنڌي تي ٺهڪي نه ٿي آيو- ۽ ڌوڪيندو اندر ويو هليو.
اتي عجيب کل جوڳا ڪم ڪندي هڪ شام گذارڻ کان پوءِ
اتان جي مالڪ کيس جلد ئي سورمي جو خطاب ڏئي ڇڏيو
جيئن اهڙي ڏکيائيون پيدا ڪندڙ مهمان کان جند ڇڏائي
سگهجي. اتي هن ٻن خچر سوارن سان ڏاڍي کل جهڙي
لڙائي ڪري ورتي جيڪا هن ڪتاب ۾ آيل ٻين لڙاين جي
ابتڙ کٽي به ورتي.
هو آخرڪار سورمو ٿي ويو ۽ فخر ۾ ڀرجي ويو. پوءِ
ڏاڍي تيز رفتاري سان هڪ مهم پٺيان ٻي مهم درپيش
اچڻ لڳي. سڀ کان پهريون هن ڏٺو ته هڪ ماڻهو پنهنجي
غلام کي لڪڻ هڻي رهيو هو. هن کيس اها ڌمڪي ڏئي
انهي ڪم کان باز رکيو ته هو پنهنجو گرز انهي کي
ٽنبي ڇڏيندو. هن انهي حاصلات مان مطمئن ٿي
روسينانٽ کي اڙي هنئي ۽ انهن کي پٺيان ڇڏي پاڻ
اڳتي ويو هليو. انهي ماڻهو ڇوڪري کي ٻيو دفعو وڻ
سان ٻڌو ۽ کيس لڪڻ هڻي هڻي مرڻ جهڙو ڪري ڇڏيائين
پر تيستائين دلير ڪئگزاٽ پاڻ کي انهي ڳالهه تي
مبارڪون ڏيندو ميلن جا ميل اڳتي نڪري ويو هو ته هن
پهريون غلط ڪم درست ڪيو آهي.
پوءِ هو هڪ چوواٽي تي واپارين جي هڪ ٽولي سان اچي
مليو. هو جئين ئي سندس آواز ٻڌڻ جيترو ويجھا پهتا
ته بيوقوف رڙ ڪئي. ”سموري دنيا هڪ جاءِ تي بيهي
رهي جيڪڏهن سموري دنيا اها ڳالهه نه ٿي مڃي ته
سموري دنيا ۾ لامانچا جي راڻي، بيمثال ڊلسينا ڊيل
توبوسو کان وڌيڪ ڪا سهڻي عورت نه آهي“.
واپارين کي انهي ۾ ڪو شڪ شبهو نه رهيو ته اهو ڪو
دماغ ڦريل شخص آهي ۽ اهي مٿس چٿرون ڪرڻ تي هئا.
پوءِ انهن مان هڪ کيس چيڙائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هن کي
چيو ته ڇا اها بيمثال خاتون ايتري ئي سهڻي آهي
جيتري هو چوي ٿو.
اها ڳالهه ڪئگزاٽ جي برداشت کان ٻاهر هئي. هن
پنهنجو نيزو اڀو ڪيو ۽ جنهن ماڻهو اهي لفظ چيا هئا
انهي تي ايتري ڪاوڙ ۾ وٺي لُوهه ڪيائين جو
روسينانٽ جيڪڏهن خوش قسمتي سان ٿاٻو کائي روڊ تي
ڪري نه پوي ها ته انهي گستاخ واپاري جو حال ڏاڍو
خراب ٿئي ها.
پر روسينانٽ ڪري پئي. اسان جو سورمو بي يارو
مددگار ٽنڊڻ وانگر ليٿڙيون پائيندو ويو. هو پنهنجي
ساز سامان جي بار سبب اٿي به نه پيو سگهي پر اتان
به دانهون ڪندو ٿي رهيو ته: ”اڙي ڪمينؤ بيهو ته
سهي! اها منهنجي غلطي نه آهي پر منهنجي گهوڙي جي
آهي جو آءُ هت پيو آهيان.“
پوءِ واپاري ۽ انهن جا خچر سوار ڀڳا نه پر سندس
نيزي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري کيس ائين ڪُٽڻ لڳا جيئن ڪڻڪ
کي چڪي ۾ ڪٽبو آهي پوءِ به دلير سورمو ڌمڪين جا
ڌوڙيا لايون آيو.
پوءِ واپاري ته کلندا ويا هليا پر ڪئگزاٽ ويچارو
هڪ ته زره جي بار ٻيو جسم تي ڌڪ لڳڻ سبب اٿي ئي نه
پيو سگهي تنهن ڪري اتي ئي پيو رهيو ۽ ڪنهن زخمي
سورمي بابت هڪ گيت ياد اچي ويو هوس اهو ڳائي رهيو
هو جو انهي جي ڳوٺ جو هڪ مزدور اتان اچي لنگهيو ۽
ان جو گتي ۽ لوهه مان ٺهيل اکين جو ڍڪ پري ڪري
ڏٺائين- اهو به ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو هو- ته اهو ڏسي
دهشت ۾ ڀرجي ويو ته ڪئگزياڊا پنهنجي فينسي پوشاڪ ۾
ڏاڍو زخمي لڳو پيو هو. هن انهي خودساخته سورمي کي
ڏاڍي آرام سان پنهنجي گڏهه تي رکيو ۽ ٽوپلو، ڀڳل
نيزو ۽ ڪجھ ٻيون شيون روسينانٽ جي پٺي سان ٻڌائين
۽ گهر جي راهه ورتائين.
گهر پهچڻ کان پوءِ گهر جي نگهبان زخمي جسم تي اڃا
به جيڪو ساز سامان موجود هو اهو آهستگي سان لاٿو ۽
کيس بستري ۾ سمهاري ڇڏيو. هو تڏهن به فورن ۽ سهڻين
عورتن بابت بد شد ڳالهائي رهيو هو.
اهڙي کل ڀوڳ سان ڀريل پنجن بابن ۽ 126 صفحن تائين
هلڻ کان پوءِ غمگين منهن واري سورمي (Knight
of the Doleful Countenance) جي
پهرئين مهم پڄاڻي تي پهچي ٿي. پر پندرهن ڏينهن
آرام ڪرڻ کان پوءِ هو چپ چاپ ٻيهر نڪري وڃڻ جو
فيصلو ڪري ٿو. هن دفعي هو هڪ سادي ڳوٺاڻي کي
پنهنجي مصاحب طور وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سانچو
پانزا نالي اهو ڳوٺاڻو مال غنيمت ۽ شايد ڪنهن ٻيٽ
جي گورنري جي آڇن تي هرکجي گڏ هلڻ تي راضي ٿي ويو.
ائين هڪ شام جو اهي گهر جي نگهبان توڙي سانچو جي
زال کان موڪلائڻ کان سواءِ نڪري پيا. سورمو هڏائين
روسينانٽ تي چڙهيو ۽ مصاحب گڏهه تي سوار ٿيو.
هن پاڻ ۽ پنهنجي ليڊي ڊلسينا ڪئگزاٽ کي خدا جي
حوالي ڪندي سڀ کان ويجھي پن چڪي تي حملو ڪري ڏنو.
سندس نيزو هڪ ڦڙڪندڙ سڙهه کي لڳو ته زوردار آواز
نڪتو ۽ سندس هٿ مان اڇلجي ڀورا ڀورا ٿي ويو. (اسان
جو سورمو نيزن جي لحاظ کان ته مهانگو ٿيو) ۽ هو
گهوڙي سميت اڇلجي پري وڃي ڪريو.
ڪئگزاٽ انهي ناڪام ڪارنامي کان پوءِ به نه مڙيو ۽
اهو سوچي پاڻ کي ۽ پانزا کي تسلي ڏنائين ته آخري
لمحي ۾ ڪنهن بدروح ديون کي پن چڪيون ڪري ڇڏيو هو
جيئن هو انهن کي فتح ڪرڻ جي اعزاز کان کيس محروم
رکي سگهي.
پوءِ اهي اڳتي روانا ٿيا. انهن هڪ ڪلاڪ جي اندر هڪ
بدنصيب عورت کي ڪجھ معصوم پادرين کان آزاد ڪرايو
جيڪي هڪ گاڏي ۾ انهي سان گڏ سفر ڪري رهيا هئا.
انهن انهي ڊنل عورت تي زور ڀريو ته هؤ ايل ٽوبوسو
هلي ۽ پاڻ کي سهڻي ۽ بيمثال ڊلسينا آڏو پيش ڪري.
انهن هن مٿان اهو به واضح ڪري ڇڏيو ته هن کي
ڊلسينا جي صدقي پادرين کان آزاد ڪرايو ويو هو.
انهي عورت انهي زره پوش چريي جي درخواست قبول ڪري
ورتي. بهرحال اسان کي اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته هن
انهن جو ڪيستائين ساٿ ڏنو ڇاڪاڻ ته اها ڏاڍي ڏکي
ثابت ٿئي ها جو ڊلسينا جو ڪو وجود ئي نه هو.
هڪ جي پٺيان ٻي مهم درپيش ايندي رهي ٿي پر تقريباً
سڀني ۾ ڪئگزاٽ هار کائي ٿو پر هو تمام ٿورين حالتن
۾ پنهنجي شڪست کان واقف ٿئي ٿو. سندس ٻئين ڊگهي
مهم ڪيترا باب اڳتي هلي پڄاڻي تي پهچي ٿي جنهن ۾
هو هڪ ٻي عورت کي بچائڻ جي تمام ناڪام ڪوشش ڪري
ٿو. (اها جيئن ته هڪ مجسمو هئي تنهن ڪري اها
پهرئين کان اڃا گهٽ فڪرمند آهي) پوءِ اهي ٻئي
ويڙهاڪ ڦٽجي رت ڳاڙيندا هڪ بُهه جي گاڏي تي واپس
روانا ٿين ٿا ۽ انهن جا سواري جا وهٽ انهن جي
پٺيان ٿا اچن. سانچو پانزا جي زال ڪاوڙ ۾ پڇي ٿي؟
توکي انهي مصاحبي مان ڪهڙو فائدو مليو؟ منهنجي
لاءِ پڙو آندئي؟ ٻارن لاءِ ڪي سٺا بوٽ آندئي؟ پر
سانچو ته تجربي کان سواءِ ڪجهه نه آندو آهي. هن
کان انهي سفر ۾ پيش آيل ڏکيائون وسري ويون آهن ۽
هو وڏي جوش سان چوي ٿو: ”دنيا ۾ ڪنهن ايماندار
ماڻهو لاءِ ڪنهن سورمي جو مصاحب ٿيڻ کان سٺي ڳالهه
ڪا آهي ئي ڪا نه!
پر اها پڄاڻي ته نه ٿي ٿي سگهي. سروانٽيس جي تخيل
مان هڪ مڪمل ٻيو حصو به آيو اهي جنهن ۾ اسان جي
سورمي جي ٽئين ۽ آخري سفر جو احوال وڌيڪ تفصيل سان
۽ وڌيڪ کل جوڳي نموني ڏنل آهي. انهي جي ڊيگهه
پهرين ٻن سفرن جي مجموعي ڊيگهه کان وڌيڪ آهي. هتي
انهن غير معمولي مهن جو بيان ڏيڻ جي جاء نه آهي.
جيڪي استاد ڪئگزيانا جي پُر امن موت تي پڄاڻي تي
پهتيون. هو مرندي مرندي انهي حقيقت کان به واقف ٿي
ويو ته هو سورمو نه آهي. هو پنهنجي وصيت ۾ انهي
ننڍڙي ماڻهو کي ڪجھ شيون ڏيڻ جي وصيت ڪري ويو. اها
وصيت لکرائڻ وقت سانچو پانزا سندس بستري ڀرسان
بيٺو روئي رهيو هو. آءٌ جڏهن چريو هوس ته کيس هڪ
ٻيٽ جي گورنري منهنجي وسيلي ملي هئي. هاڻي آءٌ
جڏهن پنهنجي هوش حواس ۾ آهيان ته جيڪڏهن منهنجو وس
هلي ها ته کيس ڪنهن ملڪ جي بادشاهت ڏيان ها. ڇاڪاڻ
ته سندس طبيعت جي سادگي ۽ ڪردار جي سچائي انهي جون
حقدار آهن.“
هن پنهنجي جاگير جنهن ڀاڻيجي جي حوالي ڪرڻ جي وصيت
ڪئي انهي بابت لکيائين: کيس ڪنهن اهڙي ماڻهو سان
شادي ڪرڻ گهرجي جنهن بابت کيس پڪي پختي ثابتي هجي
ته هو سورميائي ۽ جوانجوان مرديءَ بابت لکيل ڪتابن
جي نالي کان به واقف نه آهي.“
انهي مزاحيه ناول جو ليکڪ، ميگئيل ڊي سر وانٽيس 9-
آڪٽوبر 1547ع تي ڄائو. هو هڪ غريب اسپيني طبيب ۽
دواساز هو. هن کي پنهنجي شعبي جي پوري ڄاڻ به نه
هئي ۽ ڪنن کان به بلڪل ٻوڙو هو ۽ قرض خواهن کان
بچڻ لاءِ سدائين رهائش مٽائيندو رهندو هو. پر اهو
ڪٽنب 1566ع ۾ ڪجھ پاڻڀرو ٿيو ته مئڊرڊ ۾ رهي پيو.
ميگئيل 21 ورهين جي ڄمار ۾ انهي دور جي رواج مطابق
فلپ ٻئين جي زال ازابيل ڊي ويلوئي جي وفات تي ڪجھ
بيت لکيا جيڪي پسند ڪيا ويا. هو هاڻي هڪ ڪامياب
ليکڪ ٿي پئي سگهيو جو هو ڪيترائي سفر ڪري چڪو هو ۽
سندس پنهنجي خاندان جون عجيب غريب مهمون کيس سموري
زندگي لکڻ لاءِ مواد ڏئي ڇڏين ها. پر هڪ بدقسمتي
ٿي پئي جو هو هڪ اڪيلي سر دوبدو لڙائي (duel)
۾ ڦاسي پيو. ۽ نتيجو اهو ٿيو جو کيس اسپين مان ڀڄي
وڃڻو پيو. وري اسان کي هن بابت تڏهن خبر پوي ٿي
جڏهن هو روم ۾ خانگي سپاهي ٿئي ٿو. هڪ سال پوءِ
1571ع ۾ هو ليپانتو جي وڏي سامونڊي لڙائي ۾ حصو
وٺندي نظر اچي ٿو. انهي ۾ هو تمام گهڻو زخمي ٿي
پيو ۽ سندس کاٻو هٿ بيڪار ٿي پيو. ڪجھ وقت پوءِ
اسپين واپس اچڻ جي موڪل ملڻ کان پوءِ هو ٻيڙي
ذريعي اچي رهيو هو ۽ نيپلز مان نڪتي کيس هڪ ٻه
ڏينهن ٿيا هئا جو سندس ٻيڙي تي باربري جي سامونڊي
ڦورن قبضو ڪري ورتو. اهي کيس الجيريا کڻي ويا ۽
قيد ۾ رکڻ کان پوءِ غلام طور وڪڻي ڇڏيائون. اتي هو
ٻين کي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ۾ مدد ڏيڻ ۾ وڏي بهادري
جو مظاهرو ڪري ٿو.
سر وانٽيس کي آخرڪار ڀنگ جي رقم ڀري آزاد ڪرايو
ويو. ڀنگ جي رقم جو ڪجھ حصو سندس ڪٽنب ڀريو جن
سالن کان ٽڪو ٽڪو ڪري بچت ڪئي هئي ۽ باقي ڪجھ حصو
همدرد راهبن ڀري گهربل رقم پوري ڪئي. هو 1580ع جي
سرءُ جي مند ۾ 33 ورهين جي ڄمار ۾ اسپين ۾ پنهنجي
غربت جي ماريل ڪٽنب ۾ واپس آيو. انهن کيس هڪ بدليل
شخص جي روپ ۾ ڏٺو. هن جي حالت اهڙي هئي جيئن ڪو
سپاهي جنگين کان پوءِ گهر پهچندو آهي. هو هاڻي اڳي
جهڙو ڏيک ويک جو شوقين نوجوان نه رهيو هو. پر هو
ته ڪو ڪارائتو شخص به نه رهيو هو. ڪنهن کي به سندس
چاهت نه رهي هئي.
هن وري بيت لکڻ شروع ڪيا ۽ پورچوگال ۽ حيرت انگيز
طور تي الجيريا ويو. هن ڪيترائي ڊراما لکيا جن مان
ڪجھ باقي رهجي ويا آهن ۽ 38 ورهين جي ڄمار ۾ شادي
ڪيائين ٻين ڪيترن ليکڪن وانگر هن لاءِ به فقط قلم
جي سهاري زنده رهڻ مشڪل ٿي پيو ۽ کيس ٻيا هر قسم
جا ڪم ڪرڻا پيا. هن سامونڊي آرماڙ لاءِ رسد مهيا
ڪرڻ ۾ معاونت جو ڪم به ڪيو. انهي ڪم کيس عوام ۾
تمام نامقبول ڪيو. هو پنهنجي پيءُ وانگر غريب کان
غريب تر ٿيندو ويو ۽ پنهنجي پوءِ جي تخليق سانچو
پانزا وانگر اهي خواب ڏسڻ لڳو ته کيس جيڪڏهن ڪنهن
اسپيني ٻيٽ جي گورنري نه ته گهٽ ۾ گهٽ انهن مان
ڪنهن تي ڪا نوڪري ڏني وڃي. هو بار بار درخواستون
ڏيندو رهيو پر کيس انڪار ٿيندو رهيو.
هو انهن سمورين دلبرداشگين دوران- جن ۾ ٻه دفعا
قيد ٿيڻ جا دور به شامل آهن- ڊان ڪئگزاٽ ڊي لاماچا
تي ڪم ڪندو رهيو ۽ جيڪا به بدنصيبي سندس سر تي آئي
يا سندس ذهن ۾ اميد جو جيڪو به نئون ڪرڻو آيو هو
انهي کي لکندو ويو.
ڪتاب جو پهريون حصو 1605ع ۾ منظر تي آيو ۽ فوراً
تمام مقبول ٿي ويو ۽ انگريزي سميت ڪيترين ٻولين ۾
ترجمو ٿي ويو. ڊان ڪئگزاٽ ۽ سانچو پانزا راتو رات
حقيقي فرد ٿي ويا ۽ هر ماڻهو انهن کان واقف ٿي
ويو.
هو پنهنجو لکڻ جو ڪم جاري رکيو آيو. هن ڪيترائي
ڊراما، افسانا ۽ نظم لکيا. پوءِ هن پنهنجي زندگي
جي آخري سال ۾ ڊان ڪئگراٽ جو شاندار ٻيون حصو
ڇپرايو جيڪو به پهرئين وانگر تمام ڪامياب ٿيو ۽
اهو اڪثر نقادن جي نظر ۾ ٻنهي حصن مان تمام بهتر
آهي.
پر ميگئيل سر وانٽيس سوربود پنهنجي سورميائي تخليق
وانگر بدنصيب ثابت ٿيو ۽ سموري يورپ ۾ ڄاتل سڃاتل
هوندي ۽ مان ملڻ جي باوجود هو 23 اپريل 1616ع تي
غريبي حال ۾ فوت ٿي ويو .
البت سندس ڪتاب باقي رهيو آهي ۽ هڪ شاندار يادگار
طور هميشه باقي رهندو. اهو جيتوڻيڪ هڪ مهماتي
داستان آهي پر ڪردارن ۽ پس منظرن جي جهڙي گوناگوني
انهي ۾ آهي اهڙي عملي طور اهڙي ڪنهن داستان ۾ نه
آهي. انهي جي صفحن تي ايندڙ هر شخص جو تمام ڌيان
سان، تمام خوش طبعي سان ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته تمام دل
ڀڄائيندڙ انداز ۾ ذڪر ڪيو وڃي ٿو. ڊلسينا ڊيل ٽوبو
تائين جو بيان ساڳئي انداز ۾ ڏنل آهي.
پس منظر به تمام وڻندڙ آهي ۽ ڪتاب ۾ سورهين صدي
واري اسپين جي رسم رواج، هلت چلت ۽ طبقاتي جوڙجڪ
بابت اسان کي جيڪو تفصيلي احوال ڏنل آهي فقط انهن
جي بنياد تي اهو هڪ شاهڪار ليکجڻ ۾ اچي ها.
ڪتاب طنز سان به لبالب ڀريل آهي. انهي ۾ هلڪڙي
اشاري کان وٺي موتمار ڌڪين تائين سڀ ڳالهيون اچي
وڃن ٿيون. انهي هوندي به ڪتاب کي سماجي تنقيد جو
مثال نه ٿو ڳڻي سگهجي. سر وانٽيس مختلف فردن تي
چٿرون ڪري تمام خوش ٿيندو هو. پر انهي ۾ بحيثيت هڪ
طبقي جي ڪنهن جي عمومي طور نندا نه ڪئي وئي آهي نه
سرڪاري ادارن جي نه چرچ جي نه ئي عدالت انصاف جي.
سر وانٽيس شين کي اهڙي نظر سان ڏسي ٿو جيئن اهي
سندس سامهون اچن ٿيون. هو انهيءَ تي مطمئن آهي ته
هو انهن شين کي سادو سودو بڻائي اسان جي سوچ ويچار
لاءِ پيش ڪري ٿو ڇڏي.
انهي ڪتاب جا ڪيترائي انگريزي ترجما ٿيا آهن.
اسپيني ٻولي ۾ ڇپجڻ کان ترت پوءِ سڀ کان پهريون
شيلٽن جو ترجمو آيو پر 1950ع ۾ پينگئين بڪس پاران
جي. ايم. ڪوهين جو ڇپايل ترجمو سڀ کان بهترين آهي.
پر اها ڳالهه ڪنهن جي به ڪيل ترجمي ۾ ۽ پنجاه جي
لڳ ڀڳ ترجمو ٿيل ٻولين مان ڪهڙي به ٻولي ۾ پڙهي
وڃي درد انگيز شڪل وارو سورمو ۽ سندس ننڍڙو مصاحب
تخليقي ادب جي سموري خزاني جا سڀ کان دلچسپ ڪردار
رهن ٿا.
19. لاروشفو
ڪالڊ جا مقولا
(La Rochefoucauld's Maxims)
لاروشفو ڪالڊ جا مقولا ۾ 1665ع ۾ انهن جي منظر تي
اچڻ کان وٺي هر نسل جي لاءِ دلچسپي جو باعث رهيا
آهن ۽ انهن جي ليکڪ فقط هڪ ڪتاب جي آڌار تي چڱي
لافانيت حاصل ڪري ورتي آهي. اهڙي لافانيت ٻين
ماڻهن کي به ملي آهي پر ڪنهن کي اهڙي مختصر ڪتاب
تي نه ملي هوندي. انهي ۾ ڪي ست سو مقولا هوندا ۽
انهن جي به اڪثريت ٽن يا چئن جملن تي ٻڌل آهي.
مقولن ۾ جيڪو پيغام سمايل آهي. انهي تي ٿوري دير
کان پوءِ بحث ڪيو ويندو پر اها ڳالهه اڳ ۾ ئي
ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي ته مقولن ۾ انسان، سندس جذبن ۽
اڌمن ۽ سندس عملن بابت جيڪو نقطئه نظر بيان ٿيل
آهي اهو اڄ به اهميت رکندڙ ۽ جوش ڏياريندڙ آهي ڇو
ته انهن جو بنياد لاروشفو ڪالڊ جي پنهنجن تجربن تي
آهي. انهن ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي جيڪا ٻين
انسانن جي ذهنن يا ڪتابن مان اخذ ڪيل هجي. انهن ۾
ڪو فڪري نطام تيار ڪرڻ يا ڪنهن نظريي جي تبليغ جي
ڪوشش به ٿيل نه آهي. ٻين اخلاقياتدانن جي ابتڙ
لاروشفو ڪالڊ کي ماڻهن کي پنهنجي دين ڏانهن آڻڻ جي
به ڪا خواهش نه آهي. هن تمام ذهين ماڻهن جي هڪ
ننڍڙي حلقي کي سامهون رکي لکيو تنهن ڪري سندس خيال
تمام بي باڪ ۽ کليل لفظن ۾ بيان ٿيل آهن. عوام کي
آڏو رکندي انهن کي ڪا پوشاڪ نه پهرائي وئي آهي.
هائو انهن کي انهيءَ لحاظ کان پوشاڪ پهرايل چئي
سگهجي ٿو جو اهي بيمثال نثر ۾ لکيل آهن ۽ اهڙا ته
بهترين آهن جو اهي ٿوري توجه سان ترجمي ۾ به
بهترين رهن ٿا. جارج سينٽس بري لاروشفو ڪالڊ جي
نثر جي تمام مناسب نموني ٽامي يا ٽامي جي ڪنهن
ميڊل سان ڀيٽ ڪئي آهي. ۽ اها ڳالهه مواد توڙي هيئت
ٻنهي تي لاڳو ٿئي ٿي. هو چوي ٿو ته ڪنهن به شي غير
مڪمل نه ڇڏيو ويو آهي تنهن هوندي به ڪاريگري ۾
گهڻي ٺاهه ٺوهه نظر نه ٿي اچي.
سطحي طور اها ڳالهه جيتوڻيڪ حيرت انگيز لڳي سگهي
ٿي ته اهو فرانسي وڏ گهراڻو جنهن جي زندگي جو وڏو
حصو شاهي درٻار ۾ بي مقصد سازشن ۽ تباهه ڪار گهرو
لڙاين ۾ گذريو انهي ڳوڙهن مشاهدن جو هڪ اهڙو
مجموعو به وجود ۾ آندو هوندو جيڪي انسان ذات لاءِ
اڄ به ڪارآمد لڳن ٿا. هو. 1613ع ۾ ڄائو. خانداني
روايت ۾ سندس نالو Prince
de Marcella هو
لاروشفو ڪالڊ جي نوابن (Dukes)
جي وڏي پٽ جو اهو لقب هوندو آهي. هن جي پندرهن
ورهين جي ڄمار ۾ لوئي تيرهين جي هڪ بااثر درٻاري
جي ڌيءَ سان شادي ٿي. هينري چوٿين جي انهي ڪجھ
ڪمزور بادشاهه پٽ ملڪ تي حڪمراني جون واڳون تمام
باصلاحيت ڪارڊينل ڊي رشيلو جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيون.
نوجوان روشفو ڪالڊ راڻيءَ جي مصاحبن جي ٽولي ۾
شامل ٿي ويو. اها ٽولي سدائين ڪارڊ ينل خلاف
سازشون ڪندي رهندي هئي ۽ هڪ دور ۾ اها رٿا به تيار
ٿي جنهن مطابق لاروشفو ڪالڊ کي راڻي کي برسلز
پهچائي ملڪ ۾ هٿياربند بغاوت کي هوا ڏيڻي هئي.
لاروشفو ڪالڊ فرانسي فوج ۾ هڪ سال وڙهڻ کان پوءِ
1635ع ۾ رشيلو خلاف سازشون جاري رکيون ۽ هڪ هفتو
باسل جيل ۾ پڻ گذاري آيو. پر انهي جوشيلي نوجوان
کي ڪنهن گهڻي اهميت نه ڏني.
راشيلو جڏهن 1642ع ۾ فوت ٿيو ته ڪارڊ ينل مزارين
ان جو جانشين ٿيو. پر لاروشفو ڪالڊ صاحب اختيار
شخص جو دشمن ئي رهيو. سن 1649ع کان 1653ع تائين Fronde واريون
جنگيون عملي طور لاروشفو ڪالڊ سميت وڏن نوابن
پاران مزارين کان جان ڇڏائڻ جون ڪوششون هيون. انهن
کي شاهي فوج سان وڙهڻ يا اسپينين کان مدد وٺڻ ۾ به
ڪو عار نه هو. فرونڊ جي ڌر وارا ڪجھ ماڻهو پيرس جي
پارليامينٽ جا اتحادي ٿي ويا. اها برطانوي انداز
واري ڪا پارليامينٽ نه پر اهڙن وڪيلن ۽ معززن جو
مجموعو هئي جن کي بادشاهه ۽ خاص طور مزارين کان
انهي ڪري ساڙهو جو انهن هنن جي رعايتن تي ڌاڙو
هنيو هو. انهن کي مرڪزي حڪومت کان ساڙهو.
لاروشفو ڪالڊ ٻين ماڻهن وانگر گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا
وفاداريون مٽايون. هو جڏهن پنهنجي پارٽي مٽائي
مزارين طرف آيو ته به کيس ائين نه لڳو ته ڪو
مزارين سندس صلاحيتن کي صحيح نموني پرکي ورتو آهي.
جنگ هلندي هڪ شديد معرڪي ۾ جڏهن بادشاه جي چاچي
ڊيوڪ آف آليئنز پيرس جي توب جو منهن بادشاهه جي
فوج ڏانهن ڪيو ته لاروشفو ڪالڊ کي مٿي ۾ ڌڪ لڳي
ويو ۽ ذري گهٽ سندس نظر ختم ٿي وئي. انگريزن جي
گهرو ويڙهه جي ابتڙFronds جا
ڪي به اصول نه هئا ۽ واڳون اڃا مزارين جي هٿن ۾ ئي
هيون جو انهن جو زور ختم ٿي ويو.
لاروشفو ڪالڊ جو پيءُ 1650ع ۾ فوت ٿي ويو. پوءِ هن
1656ع ۾ شاهي درٻار ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي. تڏهن
نوجوان بادشاهه لوئي چوڏهين جو ستارو عروج تي هو.
پوءِ هو 1680ع ۾ پنهنجي وفات تائين پيرس ۾ يا
پوئيٽو ۾ پنهنجين زمينن تي پر امن زندگي گذاريندو
رهيو. نئين بادشاهه جي درٻار ۾ کيس وڳوڙن واري
گذريل دور جي معزز نشاني سمجھيو ويندو هو ۽ هو اڃا
جيتوڻيڪ نسبتاً جوان هو ته به لڳندو هو ته کيس
سياست ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪا خواهش نه هئي.
مادام ڊي لا فائيٽي سندس بهترين دوست هئي. سندس
ناول La
princesses de Charles ۾
لاروشفو ڪالڊ جي صلاح مشوري جو گهڻو عمل دخل هو.
لاروشفو ڪالڊ هن توڙي مادام ڊي سيبل جي ديوان خاني
۾ موليئر بئائلو ۽ ڪانيل جهڙن ليکڪن سان گهڻو وقت
گڏ گذاريو. هو بوسيو جو دوست هو ۽ مقولن جي تمام
پُر جوش مداحن مان لافونٽين به هڪ هو. لاروشفو
ڪارلڊ جي متحرڪ زندگي بابت اهو ئي چئي سگهبو ته هو
ايترو ذهين ۽ باصلاحيت هو جو رياست جي معاملن ۾
اهم ڪردار ادا ڪري سگهيو ٿي پر ڪنهن ثانوي درجي
واري شخصيت کان مٿي اڀرڻ سندس نصيب ۾ نه هو.
لاروشفو ڪالڊ جي هڪ تمام ذهين دشمن پال گونڊي
ڪارڊينل ڊي ريٽز سندس تمام دلچسپ لفظن ۾ تصوير ڪشي
هيئن ڪئي آهي: لاروشفو ڪالڊ جي شخصيت مان سدائين
”مون کي خبر نه آهي“ جي تاثر جو اظهار ٿيندو هو.
هو ڪڏهن به هڪ فيصلي تي قائم نه رهي سگهندو هو. هو
جيتوڻيڪ هر لحاظ کان هڪ سپاهي هو پر سندس شخصيت ۾
جنگي اڳواڻ ٿيڻ جا ڪي به جزا نه هئا. هو جيتوڻيڪ
سموري عمر پارٽين سان واڳيل رهيو پر سندس فطرت ۾
پارٽين سان وفاداري نه هئي. ڪاروباري معاملن ۾ به
سندس انداز هميشه ڪنهن حد تائين معذرت خواهاڻو ئي
رهيو. لڳي ٿو ته ائين ڪرڻ سندس ضرورت به هئي. هو
پنهنجي ڳالهه کي ختم ڪندي چوي ٿو ته انهن سڀني
ڳالهين تي جڏهن سندس مقولن (Maxims)
کي آڏو رکندي غور ڪيو وڃي ٿو ته اهو احساس ٿئي ٿو
ته هو جيڪڏهن پنهنجين صلاحيتن جو صحيح نموني ادراڪ
ڪري ها ۽ پاڻ کي پنهنجي صدي جو سڀ کان قابل درٻاري
ڪرڻ تائين محدود رکي ها ته تمام بهتر ٿئي ها وري
سندس مقولن مان اها ڳالهه به ظاهر ٿئي ٿي ته کيس
چڱائي ۾ ڪو اعتبار نه هو ۽ اها سندس عادت هوندي
هئي ۽ هو جيترو جلدي ڪنهن ڳنڀير معاملي ۾ ٽپي
پوندو هو ايترو جلدي انهي مان ٻاهر به نڪري ويندو
هو. اها ڪا وڻندڙ تصوير ڪشي نه آهي. پر لارشفو
ڪالڊ جيئن ته زندگي ۾ ڪو ڪامياب ڪردار ادا نه ڪري
سگهيو ته انهي مان کيس ڪارڊينل سميت انسانن جي
ذهنن کي پڙهڻ جي اهڙي بصيرت ملي وئي جنهن کي
ڪاميابي ڪنهن نموني ڪتب نه آڻي سگهي ها.
لاروشفو ڪالڊ پنهنجن Maxims ۾
جنهن بنيادي ويچاريا پنهنجي مشاهدي ۾ آيل ڳالهه
ڏانهن بار بار موٽي ٿو اها هي آهي ته انساني عملن
۾ ذاتي مفاد (Self-
interest)
کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. سڀني چڱائين جو رُخ
ذاتي مفاد ڏانهن ائين آهي جئين دريائن جو سمنڊ
ڏانهن آهي. هو لکي ٿو ۽ هو انهي سوچ کان پوءِ هن
نتيجي تي پهچي ٿو ته انسان جن ڳالهين کي نيڪيون ۽
چڱايون سڏين ٿا اهي درحقيقت تمام گڏيل سڏيل
خصوصيتون آهن جن ۾ سندس چوڻ مطابق، برايون چڱاين
جو اهڙي طرح حصو آهن جيئن زهر دوائن جو حصو آهي.
ڪيترن ئي مقولن ۾ رحم، وچٿرائي ۽ انصاف جي محبت
جهڙين نام نهاد نيڪين جو تجزيو ڪري انهن مفادن کي
منظر تي آندو ويو آهي جيڪي انهن مان هر هڪ نيڪي کي
اپنائڻ ۽ انهي تي عمل ڪرڻ جي راهه هموار ڪن ٿا.
ايئن هو انصاف جي محبت بابت لکي ٿو: انصاف سان
محبت جي حيثيت عام طور انهي کان وڌيڪ ڪجھ نه هوندي
آهي ته جيڪي شيون ماڻهو جي مليڪت ۾ هونديون آهن
کيس انهن کي وڃائڻ جو خوف هوندو آهي، انهي ڪري ئي
اسين پنهنجن پاڙيسرين جي مفادن جو احترام ڪندا
آهيون ۽ انهي ڪري ئي اسين وڏي ڪوشش ڪري انهن کي
نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪندا آهيون هو اڳتي لکي ٿو:
ماڻهو ناانصافي تي ڪنهن فطري ناپسنديدگي سبب آڱر
نه کڻندا آهن پر انهي جو سبب اهو هوندو آهي ته
انهن مان کين به نقصان پهچي سگهندو آهي.
هن کي احسان مندي جي احساس ۾ به ذاتي مفاد وڏو
ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿو. هو لکي ٿو ته سڀ کان
وڏي ڳالهه ته اهو هوندو ئي اڻلڀ آهي. فخر جي احساس
کي احسان مندي ناپسند هوندي آهي ۽ ذاتي مفاد کي
ڪجھ ڏيڻ پسند نه هوندو اهي. احسان مندي جو اظهار
ڪندڙ ماڻهن جي اڪثريت ۾ انهي جو سبب اها مضبوط ۽
لڪيل خواهش هوندي آهي ته انهن کي اڃا وڌيڪ فائدا
ملن.
ذاتي مفاد ڪيتري حد تائين گهڻين ئي نام نهاد نيڪين
کي تباه ڪري ٿو يا انهن مٿان حاوي ٿي وڃي ٿو. انهي
جي شدت جي هڪ سخت تجزيي کان پوءِ لاروشفو ڪالڊ جا
خيال اهڙن احساسن جي اڇاترائي طرف مُڙي وڃن ٿا جن
۾ لڳي ٿو ته ذاتي مفاد ڪو وڏو ڪردار ادا نه ٿو
ڪري. جيڪا اسان کي اسانجن دوستن جي بدنصيبين ۾
مڪمل طور ناخوش نه ٿي ڪري. اهو مقولو وري هن مشهور
مقولي سان ٺهڪي اچي ٿو: اسان سڀني کي ٻين ماڻهن جي
بدنصيبين کي سهڻ جي لائق قوت ۽ طاقت هوندي آهي.
لاروشفو ڪالڊ رحم ۽ مهرباني جون پاڙون به وڏي حد
تائين پنهنجي ذات تي ڪهل ۾ ڏسي ٿو ۽ چوي ٿو ته
اسين پنهنجن دوستن کي پاڻ تي ترجيح ڏيندي فقط
پنهنجي ذوق ۽ پنهنجي خوشي جي پيروي پيا ڪندا
آهيون. هو محبت بابت لکي ٿو: سچي محبت روحن جي نظر
اچي وڃڻ وانگر آهي. هر ڪو ماڻهو انهي بابت پيو
ڳالهيون ڪندو آهي پر ٿورن ئي ماڻهن کي اها نظر
ايندي آهي. محبت ڪيترين ئي سرگرمين ۽ ڪمن تي
پنهنجو نالو رکندي آهي. پر انهن ۾ انهي جو ڪردار
نالي ماتر هوندو آهي. اسٽينٿال وانگر لاروشفو ڪالڊ
کي به اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿئي ٿي ته سڀني
جذبن ۽ اُڌمن وانگر محبت ۾ به غرور ۽ تڪبر وڏو
ڪردار ادا ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته پيرسن ماڻهو انهي
ڪري سٺي صلاح ڏيندا آهن جيئن هو پاڻ کي آٿت ڏئي
سگهن ته اهي ڪو خراب مثال نه ڏئي سگهيا آهن.
تنهن ڪري ڏسڻ ۾ ايندو ته Maxims ۾
اهو رجحان موجود آهي ته اهي سٺين خاصيتن جو تباه
ڪن انداز ۾ تجزيو ڪن ٿا ۽ انساني احساسن يا جذبن
جي سُٺائي بابت وهمن کي تباه ڪن ٿا. مقولن کي
جيتوڻيڪ پنهنجي اسلوب يا جائري جي اونهائي سبب
پسند ڪيو وڃي ٿو پر انهن تي اها تنقيد به ڪئي وڃي
ٿي ته انهن ۾ حد کان وڌيڪ سختي ۽ نااميدي آهي.
هاڻي اهو چئي سگهجي ٿو ته لاروشفو ڪالڊ اهو
ڏيکاريندي ته سڀني انساني عملن ۾ برائي يا ذاتي
مفاد شامل هوندو آهي، خودپرستي جي مختلف درجن ۾ ڪو
فرق نه ٿو سمجھي- ڪجھ انساني عمل وڌ ۾ وڌ خراب آهن
جڏهن ته ڪجھ انساني عملن لاءِ ابتدائي سٺو لاڙو يا
احساس موجود هوندو آهي. اهڙي طرح هڪ اهڙو ماڻهو
جيڪو پنهنجي سموري زندگي انهي ڪري سٺي ۽ عزت ڀري
هلت رکي ٿو جو کيس انهي ڄاڻ مان خوشي ملي ٿي ته هو
سٺو ماڻهو آهي. هو ٿي سگهي ٿو ته خودپرست هجي پر
اهو ماڻهو اهڙي بدمعاش کان تمام گهڻو ڀلو آهي جنهن
جي هلت چلت مان اهو تاثر ملي ٿو ته چڱائي سٺائي ۽
عزت جهڙي ڪا شي ئي نه آهي. اهو به چئي سگهجي ٿو ته
لاروشفو ڪالڊ پنهنجي ڪتاب ۾ سٺي هلت چلت جي عملي
اهميت کي ڪا به اهميت نه ڏني آهي.
انهن سڀني تنقيدن ۾ انهي حقيقت کي مدنظر نه رکيو
ويو آهي ته لاروشفو ڪالڊ انسان ذات جي اصلاح جو ڪم
هٿ ۾ نه کنيو هو نه ئي هن اهو ٻڌايو آهي ته انسانن
جي هلت چلت ڪيئن هئڻ گهرجي. هو ته فقط اها ڳالهه
رڪارڊ تي آڻي رهيو آهي ته انسان ۽ سندس هلت چلت
ڪهڙي نموني سندس مشاهدي هيٺ آئي آهي. هائو سندس
تجربا جيڪڏهن بلڪل مخصوص نوعيت جا هجن ها ۽ سندس
مشاهدا جيڪڏهن هڪ طرفا هجن ها ته سندس ڪتاب يا ته
پڙهيو ئي نه وڃي ها يا فقط ڪو عجوبو سمجهي پڙهيو
وڃي ها. پر صورتحال انهي جي بلڪل ابتڙ آهي ۽ سندس
ڳالهين کي جيڪڏهن فرد جرم چئي سگهجي ٿو ته به اها
اهڙي آهي جنهن کي ڪنهن به وقت ٻڌي سگهجي ٿو.
انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته لاروشفو ڪالڊ ياسيت پسند
آهي. هو شين جي سٺي بجاء خراب رخ ڏسي ٿو. پر هو
اهڙو فلسفي يا سيت پسند نه آهي جيڪو انهي نتيجي تي
پهتو هجي ته حياتي گذارڻ جي جي قابل نه آهي ۽ بدي
نيڪي کان وڌيڪ سگهاري آهي. نه ئي سندس ياسيت پسندي
انسانن کان بي جا نفرت تي ٻڌل هئي جنهن کي مردم بي
زاري چئبو آهي. نه ئي انهي کي اهڙي قسم جو رويو
چئي سگهجي ٿو جيڪو اڻ وڻندڙ تجرين مان جنم وٺندو
آهي ۽ اهو ڪي ليکڪ، فنڪار ۽ حساس ماڻهو وڌيڪ
نااميدين کان بچڻ لاءِ پنهنجي دفاع طور اختيار
ڪندا آهن. لاروشفو ڪالڊ جي يا سيت پسندي عيسائين
واري به نه آهي جيڪي انسان جي فخر ۽ غرور واري
احساس جي ناڪار ڪري کيس خدا ڏانهن متوجه ڪندا اهن.
لاروشفو ڪالڊ جيتوڻيڪ عيسائي نه آهي. پر هو جيڪڏهن
عيسائي هجي ها ته انهي سان به سندس مشاهدن ۾ شايد
ڪا وڏي تبديلي نه اچي ها ڇاڪاڻ ته اهي وڏي حد
تائين ٻين عيسائين ۽ خاص طور وڏي ليکڪ پاسڪل جي
سوچن سان مشابهت رکن ٿا.
هاڻي اسين پنهنجو رخ انهي سڀ کان اهم سچائي ڏانهن
ڪريون ٿا ته Maxims جي
پڙهيو وڃڻ جو اهو سبب آهي جو اهي سڌي تجربي مان
حاصل ڪيل ويچار آهن. اها ڳالهه به لازماً ذهن ۾
رکڻ گهرجي ته انهن ڌيان سان گهڙيل مقولن ۾ ڪي ڪٽر
۽ پٿر تي ليڪ جهڙا نظريا بيان ٿيل نه آهن. انهن جي
لفظن مان تقريباً هميشه انهي ڳالهه جو اظهار ٿيندو
آهي ته لاروشفو ڪالڊ سمجھندو هو ته هو جن نتيجن تي
پهتو آهي ڪجھ ڳالهيون انهن جي ابتڙ به ٿي سگهن
ٿيون. خلوص بابت اسان کي هي لفظ ملن ٿا. خلوص دل
جو کلڻ آهي. ٿورا ماڻهو ئي انهي جا اهل ٿي سگهندا
آهن ۽ جيڪا ڳالهه عام طور نظر ايندي آهي. اها فقط
ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ فريب هوندو آهي. پر
انهي مان اهو نتيجو نڪري ٿو ۽ لازماً اهو ئي ڪرڻ
گهرجي ته ليکڪ اهو سمجھيو ٿي ته خلوص جيتوڻيڪ
ڪمياب آهي پر انهي جو وجود آهي. لاروشفو ڪالڊ جو
محبت جو نظريو به تباه ڪار آهي. پر انسان ذات بابت
يا سيت پسند سوچ رکندڙ هن شخص ڪجھ اهڙن خيالن جو
اظهار ڪيو آهي جيڪي لازماً ڪنهن خشڪ ۽ شڪي مزاج جا
نه آهن: اهڙو ڪو به پوش يا غلاف نه آهي جيڪو جتي
محبت هجي انهي کي گهڻي عرصي تائين لڪائي سگهي ۽
جتي اها موجود نه هجي انهي کي ظاهر ڪري سگهي. انهي
ڳالهه جو هنن لفظن مان به ثبوت ملي ٿو ته لاروشفو
ڪالڊ کي محبت جي وجود ۾ يقين هو: جيڪڏهن اسانجن
ٻين جذبن ۽ اُنهن جي آلائش کان پاڪ ڪنهن محبت جو
وجود آهي ته اها اسانجي دل جي گهراين ۾ لڪيل اهي ۽
اسين پاڻ انهي کي نظراندار ڪري ڇڏيندا آهيون. اهو
هڪ تمام اهم مقولو آهي ڇاڪاڻ ته انهي مان خبر پوي
ٿي ته لاروشفو ڪالڊ کي چڱاين جي وجود ۾ يقين هو پر
هو سمجھندو هو ته اهي حقيقي ۽ اصلي چڱايون فقط
انهي صورت ۾ هونديون جڏهن انهن ۾ بي ساختگي هجي ۽
اهي خود آگاهي جي آرائش کان به پاڪ هجن. پر اهو
ڪو سنڪي مزاج نقطئه نظر نه آهي ۽ لاروشفو
ڪالڊ جي ڳالهين جو تت به اهو ئي آهي.
20. پيرڊائيز
لاسٽ
-- جان ملٽن --
جان ملٽن جيڪڏهن کڻي چئجي ته 1640ع ۾ بادشاهه ۽
پارليامينٽ جي وچ ۾ لڳل گهرو ويڙهه جي آخري ڏينهن
۾ فوت ٿئي ها ته کيس شايد ڪجھ وڻندڙ گيتن جي ليکڪ
طور ياد رکيو وڃي ها. پر جيڪڏهن هو ويهه ورهيه
پوءِ چارلس ٻئين جي تخت تي بحالي (Restoration)
وقت فوت ٿئي ها ته کيس شايد ڪرامويل جي لاطيني
زبان جي سيڪريٽري ۽ انهن سگهارن ماڻهن جي شديد
حمايتي طور ياد رکيو وڃي ها جن بادشاهت جو تختو
اونڌو ڪري بادشاهه کي سرعام ڦاسي ڏئي فوجي آمريت
قائم ڪري ڇڏي هئي پر هو 1674ع ۾ فوت ٿيو ۽ اهڙي
طرح کيس Paradise
lost تخليق
ڪرڻ جو وقت ملي ويو. انهي کي عام اتفاق راءِ سان
انگريزي زبان ۽ شايد سڀني زبانن ۾ سڀ کان وڏو ۽ سڀ
کان پرشڪوه رزميه نظم مڃيو وڃي ٿو. ملٽن جي
شاهڪارن ۾ Paradise
Regained ۽ Samson
Agonists به
گهٽ اهم نه آهن.
هن پنهنجي رزميي جو بنياد جنهن آکاڻي تي رکيو انهي
کان هر ڪو واقف آهي: اها دنيا جي قديم ترين آکاڻين
مان هڪ آهي ۽ بائيبل جي ڪتاب پيدائش جي شروعاتي
بابن ۾ لافاني حسن ۽ شان شوڪت واري ٻولي ۾ محفوظ
ٿيل آهي. هو ”انسان جي پهرئين نافرناني بابت“ کان
شروعات ڪري ٿو:
انسان جي پهرئين نافرماني ۽ انهيءَ پابندي وڌل وڻ
جي ميوي بابت ڳالهائجي جنهن جي فاني ذائقي هن دنيا
۾ موت ۽ اسان جا سڀ غم ۽ ڏک آندا ۽ انهي سان باغ
عدن اسان جي هٿن مان ويو هليو.
پر اڳتي هلي جلدئي اها ڳالهه واضح ٿي ويندي ته هن
کي فقط بائيبل جي آکاڻي کي بي قافيه نظم ۾ نئين سر
تحرير نه ڪرڻو آهي. ڇاڪاڻ ته اصل جي شاهاڻي سادگي
۾ خود ملٽن به ڪا بهتري نه آڻي سگهي ها. نه ئي هن
جي ذهن ۾ اڃا ڪا وڌيڪ ڳالهه آهي. لکڻ جي پٺيان
سندس محرڪ اهو آهي ته:
جيئن آءٌ خداوند حَيُّ و قَيُّوم جي ذات جو اثبات
ڪري سگهان ۽ انسانن کي ٻڌائي سگهان ته خدا جا طور
طريقا حق ۽ انصاف تي ٻڌل آهن.
ڪيترو نه حد کان وڌيڪ پُر اعتماد خيال آهي. پر
اسين اها خاطري ڪري سگهون ٿا ته ملٽن جي اها سوچ
نه هئي. هن جو ذهن تمام قانون پسند هو ۽ هو اهو
سوچڻ کان رهي نه سگهيو هو ته آدم ۽ حوا سان خراب
سلوڪ ٿيو آهي. انهن آخر ڪيو ڇا هو؟ انهن بظاهر ته
اهوئي ڪيو هو جو انهن منع ٿيل وڻ مان ميوو پٽي
کاڌو هو ۽ اهو انهن کي سٺو لڳو هو! انهي خسيس غلطي
سبب انهن کي ڏک ۽ تڪليف ۽ آخرڪار مري وڃڻ جي سزا
ڏني وئي هئي. پر ڇا اها غلطي ايتري خسيس هئي؟
لازماً انهي معاملي ۾ انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪجھ به
هوندو ۽ ملٽن پنهنجي صحيح ۽ غلط جي احساس کي اهڙي
طرح مطمئن ڪري ٿو جو بظاهر هڪ معمولي غلطي کي تمام
بڇڙو ڏوهه ڪري پيش ڪري ٿو. حقيقت ۾ اها غلطي ايتري
معمولي نه هئي. نانگ جي چُرچ تي ٿيل ڪم تمام برتر
خدا جي اختيار خلاف وڏي ڌيان سان رٿيل ۽ وڏي مهارت
سان عمل هيٺ آندل هڪ بغاوت هئي.
انهي سموري معاملي ۾ بدمعاش جو ڪردار نانگ ادا ڪيو
آهي. جنهن کي ملٽن ”وڏي دشمن، شيطان“ جي روپ ۾ پيش
ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪجھ پڙهندڙ اهو ٻڌي حيران
ٿين ته بائيبل جي ڪتاب پيدائش واري بيان ۾ شيطان
جو ڪو ذڪر نه آهي. انهي ڳالهه ۾ کيس شامل ڪرڻ وارو
ملٽن آهي. علمي ديني توڙي تهذيبي روايت تي اهو
ملٽن جو اثر ئي هو جو هاڻي عام طور نانگ کي ئي
شيطان سمجھيو وڃي ٿو جيتوڻيڪ بائيبل جي مستند ڇاپي
۾ ته نانگ لفظ جو شروعات وارو اکر s وڏو
(Capital)
به ڪم آندل نه آهي.
نظم جي متن مان اسان کي اهو تاثر ملي ٿو ته انهي
معاملي کان ڪجھ وقت اڳ تائين به شيطان کي تمام عزت
وارو منصب مليل هو ۽ هو شايد خدا برتر کان پوءِ
ٻئين نمبر تي هو. پر خدا جڏهن پنهنجي واحد پٽ لاءِ
پنهنجي ترجيح جو اشارو ڏنو ته شيطان آسمانن تي
ناپاڪ جنگ شروع ڪري ڏني. انهي جو نتيجو اهو نڪتو
جو هو ۽ ان جا سڀ حمايتي ملائڪ جن خدا مطلق سامهون
هٿيار کڻي ان جي حڪم عدولي جي جرئت ڪئي هئي انهن
کي:
انهن کي اُماڙي ڏئي لطيف آسمان کان مٿي ڀر هيٺ اڻ
کٽ تباهي ۽ بربادي ڏانهن اڇلائي ڇڏيو.
هو نون ڏينهن نون راتين تائين ”پنهنجي خوفناڪ جٿي
سان گڏ باهه سان ڀريل کاهي ۾ ليٿڙبو مغلوب ٿيو پيو
رهيو. پر انهي جي باوجود به سندس هٺيلي هوڏ ۽ پڪي
نفرت برقرار رهي.“ پوءِ هو شديد طوفان مان پاڻ کڻڻ
۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ پنهنجي آسپاس پنهنجن ساٿين تي
نظر وجھندي دليراڻن لفظن سان خوفناڪ خاموشي کي ختم
ڪيائين.
نظم جا ڇهه ست صفحا اٿلائڻ کان اڳ ئي اسان کي
شيطان سموري منظر نامي تي حاوي نظر اچي ٿو.
درحقيقت هو سموري نظم ۾ سموري منظرنامي تي حاوي
آهي. ملٽن جي سڀ کان وڏي خبيث جي تصور کي شاعري جي
سموري ڪائنات جو سڀ کان وڏو ڪردار ڪوٺيو ويو آهي ۽
انهي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته شيطان ئي Paradise
lost جو
مرڪزي ڪردار ۽ هيرو آهي. هن کي ايتري قوت ۽ طاقت
آهي جو پنهنجن پيروڪارن ۾ پنهنجي عقيدت ۽ وفاداري
جا جذبا پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ انهن کي ناقابل تلافي
نقصان ۽ تباهي ڏانهن وٺي وڃڻ کان پوءِ به کيس اها
طاقت آهي جو هو پنهنجن پيروڪارن جي عقيدت برقرار
رکي سگهي ٿو. هو جنگ ۾ طاقتور ۽ شڪست ملڻ کان پوءِ
به بي دپو ۽ بي خوف رهي ٿو. هن کي شديد تڪليف ۽
ايذاءُ پهچڻ کان پوءِ خبر پئجي وئي آهي ته سندس
مدمقابل قادر مطلق آهي ته به سندس بي ڊپائي نه ٿي
وڃي. هن جي هلت چلت ۽ انداز مان بزدلي ۽ بي همٿي
جو ذري برابر به اشارو نه ٿو ملي.
جيڪڏهن جنگ جي ميدان ۾ شڪست اچي وئي ته ڇا ٿيو؟
جيڪڏهن اهڙو حوصلو باقي آهي جنهن کي فتح نه ڪري
سگهجي جيڪڏهن انتقام جي سوچ برقرار آهي. دائمي
نفرت باقي آهي ۽ جيڪڏهن ڪڏهن به آڻ نه مڃڻ ۽ هٿيار
ڦٽا نه ڪرڻ جي همٿ باقي آهي ته ڪجھ به نه وڃايو
آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته ڪنهن کي پاڻ مٿان
غالب ٿيڻ نه ڏيڻو آهي.
جڏهن بلزيبب کيس شڪست تسليم ڪرڻ تي آماده ڪري ٿو
ته شيطان ورندي ڏئي ٿو ته:
اڙي هار کاڌل ملائڪ! هيڻو ٿيڻ جو مطلب رحم جوڳو
هئڻ آهي.
هو پنهنجي نائب جي ٻين اعتراضن کي هي ڳالهه چئي
ختم ٿو ڪري ته:
حڪمراني ڪرڻ حوصلي مندي جو ڪم آهي ڀلي ته دوزخ ۾
ئي ڪجي! جنت جي غلامي کان دوزخ جي حڪمراني ڀلي
آهي.
هاڻي انهي ٻرندڙ سمنڊ جي ڪناري تي هن ”ايترو ته
زور سان سڏ ڏنو جو دوزخ جو ترو به پڙاڏي سان وڄي
ويو.“
اي شهزادؤ! اي آپيشاهؤ! اي ويڙهاڪؤ!
جنت جا گل ڪنهن وقت توهان جا هئا، هاڻي اهي هٿان
ويا هليا آهن!
ڇا لافاني روحن کي اهڙي حيرت وٺي سگهي ٿي! يا
توهان هيءَ جاءِ انهي ڪري چونڊي آهي جو جنگ جي
ٿڪاوٽ کان پوءِ توهان پنهنجي ٿڪيل نيڪي کي هتي
آرام وٺرائي سگهو! ا توهان هي جاءِ انهي ڪري چونڊي
آهي جو توهان کي هتي ننڊ ڪرڻ ۾ اهڙو آرام ٿو ملي
جهڙو بهشت جي ماٿرين ۾! يا توهان اهو قسم کنيو آهي
ته هن گندي حالت ۾ توهان فاتح جي پوڄا ڪنداؤ؟
جاڳو! اٿو يا هميشه لاءِ مغلوب ٿيا پيا هجو!
اهو ٻڌڻ کان پوءِ اهي ڏاڍا لڄي ٿيا ۽ ٽپ ڏئي اٿي
کڙا ٿيا“. انهن پنهنجي عظيم سربراهه جي رهنمائي ۽
هدايتن هيٺ پيڊيمونيم نالي هڪ محلات ٺاهڻ شروع
ڪيو. جتي پوءِ اهي صلاح مشورو ڪرڻ لڳا. انهن
پنهنجي بهشت مان نيڪالي کان اڳ اهڙا افواهه ٻڌا
هئا ته ” بهشت جو بادشاهه“ ڪائنات ۾ ڪنهن جاءِ تي
هڪ نئين دنيا ٺاهڻ جي رٿ رٿي رهيو آهي ۽ ”اتي هڪ
اهڙو نسل آباد ڪندو. جن کي بهشت جي پٽن برابر
سمجهندو ۽ هاڻي بلزيبب انهن کي انهي رٿا کان آگاه
ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته: ”بهشت جيتوڻيڪ بند هوندو پر
اها جاءِ شايد دست رس کان ٻاهر نه هوندي. ”اها
ڳالهه اتي گڏ ٿيل دوزخ جي مصاحبن کي سٺي لڳي ۽
شيطان پنهنجي مخصوص جرئت ۽ بهادري سان اهو خطرناڪ
ڪم پاڻ تي لازم ڪري ورتو ته هو ”انهي نئين دنيا جي
ڳولها ۾ نڪرندو“ ۽ انسان ذات جي نسل کي تباهه ۽
برباد ڪري ڇڏيندو. هو ڪيترين ئي عجيب غريب مهم
جوئين ۽ مقابلن کان پوءِ آخرڪار نئين تخليق ٿيل
زمين تي پهچي ٿو، بهشت جي ڀت تان ٽپو ڏئي ٿو ۽
حياتي جي وڻ جي ٽارين ۾ هڪ جاءِ تان لڪي ويهي آدم
۽ حوا جي هڪ جھلڪ ڏسي ٿو جيڪي خدا طرفان پوکيل عدن
جي باغ ۾ آهن.
ٻئي تمام شانائتي شڪل وارا، کڙا تڙا ۽ ڊگها ديوتا
وانگر سڌا سنوان، پيدائشي شان مان ڪپڙن کان آجي
شان شوڪت ۾ سڀني جا سردار ڏسڻ ۾ پئي آيا.
آدم جي جسم جو اڳيون حصو وڏو هو، اکين مان شان بکي
رهيو هو انهن مان اهو ظاهر ٿي رهيو هو ڄڻ ته اهي
سڀ شي تي حاڪم آهن، سندس وارن جون سنبلي چڳون سيند
واري جاءِ تان گول هيون مُچن جي صورت ۾ پئي لڙڪيون
پر سندس ويڪرن ڪلهن کان هيٺ نه هيون.
حوا جون اڻ سنواريل سونهري چڳون ، ٽڙيل پکڙيل هيون
پر گولن جي شڪل ۾ لڏي رهيون هيون. اهي اهڙي طرح بي
لباس گهمي ڦري رهيا هئا. پر اهي خدا يا ملائڪن جي
نظرن کان اوجھل به نه هئا. ڇاڪاڻ جو انهن انهي کي
خراب نه ٿي سمجھيو اهڙي طرح اهي هٿ ۾ هٿ ڏئي
گهمندا ٿي رهيا اهو محبت ۾ هڪٻئي سان بغلگير ٿيندڙ
سڀ کان حسين جوڙو هو.
پهرين انساني عاشقن جي پنهنجي بهشتي جهڳٽي ۾ اهڙي
پرُ سرور بيان پيش ڪرڻ وقت ڇا ملٽن جي ذهن ۾
ايلڊرسگيٽ اسٽريٽ جي بيڊروم ۾ پنهنجي شادي واري
رات هئي؟ حواملٽن جي پهرئين زال کان ته تمام مختلف
هئي. هوءَ ڪڏهن به ايتري اطاعت گذار نه هئي. هو ته
شادي جي ڪجھ هفتن کان پوءِ ئي پنهنجن مائٽن ڏانهن
ڀڄي وئي هئي ۽ ڪيترن ورهين تائين واپسي جي واري ئي
نه ٿي واريائين. ملٽن انهي تجربي کان پوءِ (مڙس
پاران) طلاق ڏيڻ جي وڪالت ۾ هڪ مقالو لکيو هو جنهن
مان کيس ناخوشگوار مشهوري ملي هئي. هن پنهنجي
پهرئين زال جي وفات کان پوءِ ٻئين ۽ پوءِ ٽيئن
شادي ڪئي. سندس ٽئين زال هن کان 30 ورهيه ننڍي هئي
۽ لڳي ٿو ته انهن ٽنهي سان سندس تجربا بلڪل غير
اطمينان بخش هئا. شايد ڊاڪٽر جانسن جو اهو الزام
غلط نه آهي ته: ”ملٽن کي عورتن کان تُرڪن جهڙي ڪا
نفرت هئي. هو انهن کي تابع ۽ حقير وجود سمجھندو
هو.... هو سمجھندو هو ته عورتون فقط اطاعت لاءِ
خلقيون ويون آهن ۽ مرد فقط بغاوت لاءِ پيدا ڪيا
ويا آهن.“ هن حوا جهڙي زال چاهي ٿي ۽ ميري پاويل
سان شادي ڪيائين.... پر هاڻي اسان کي انهي ڊرامي
ڏانهن موٽڻ گهرجي جيڪو عدن جي باغ ۾ شروع ٿيڻ وارو
آهي جتي آدم ۽ حوا پنهنجي ناتجربي ڪاري سميت شيطان
جي سازشن ۽ فريب جي دست رس ۾ آهن. شيطان هاڻي هڪ
نانگ جي روپ ۾ سڀ کان اڳ حوا کي پنهنجي بي مثال
محبت جون مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌائي ٿو ۽ پوءِ کيس
ريهي ريبي اهو خدائي ميوو کائڻ تي آماده ڪري ٿو
جيڪو اکين کي سٺو لڳي ٿو جنهن جو ذائقو وات پاڻي
پاڻي ٿو ڪري ۽ جيڪو کائڻ سان ماڻهو عقلمند ٿي وڃي
ٿو. ۽ هن آدم کي به:
انهي سهڻي دل کي وڻندڙ ميوي جو ڳپل حصو ڏنو هو به
پنهنجي ڄاڻ کي پٺي ڏيندي پنهنجي اندر جي آواز تي
ڪن نه ڏيندي عورتاڻي موهه ۾ موهجي ويو ۽ اهو ميوو
کائي ڇڏيائين.
انهي تي ”سموري ڌرتي ڪنبي وئي“ ۽ ”فطرت به درد
منجھان هڪ ڪنجھ ڪار ڪئي. جيستائين آدم ۽ حوا جو
تعلق آهي ته انهن جي سموري معصوميت غائب ٿي وئي“ .
صبح جو انهن جون اکيون کليون ۽ انهن انجير جي وڻن
جي پنن مان پنهنجي لاءِ پوش ٺاهيا جيئن پنهنجي
ڏوهه ۽ لڄ جي احساس کي لڪائي سگهن.
انهي دوران شيطان پاران بهشت ۾ ڪيل بڇڙي ۽ ڌڪار
جهڙي عمل کان سڀ آسمان وارا واقف ٿي وڃن ٿا ۽ عدن
مان نيڪالي جي فرمان جو اعلان ٿي وڃي ٿو. مک ملائڪ
ميڪائيل کي فيصلي تي عملدار آمد لاءِ روانو ڪيو
وڃي ٿو. اهڙي طرح اهو سگهارو نظم پنهنجي غمناڪ
پڄاڻي تي پهچي ٿو:
اهي پٺتي نهاريندي بهشت جي اوڀر طرف ڏسن ٿا جيڪو
ڪجھ وقت اڳ انهن جو وڻندڙ ٺڪاڻو هو. انهن کي هڪ
ٻرندڙ اماڙي سان هڪليو وڃي ٿو انهن جي اکين مان
ڪجھ ڳوڙها ڳڙيا پر انهن اهي جلدي اگهي ڇڏيا سموري
دنيا انهن جي اکين جي آڏو هئي ته جتي وڻين پنهنجي
آرام جي جاءِ چونڊين ۽ خدا جي ذات انهن جي رهبر
هئي اهي هٿ هٿ ۾ ڏئي ٿڙندڙ ۽ سست قدمن سان عدن مان
نڪري پنهنجي اڪيلي راهه تي هلي پون ٿا.
پيراڊائيز لاسٽ 1667ع ۾ ڇپيو. ملٽن کي شروع ۾ پنج
پائونڊ مليا ۽ تيرهن سو ڪاپين جو پهريون ڇاپو وڪرو
ٿي وڃڻ تي وري پنج پائونڊ مليا. اڳتي هلي سندس
بيوه وڌيڪ 8 پائونڊن جي دعويٰ تان هٿ کڻي وئي.
ڪتابن ۾ اهي انگ اکر انهي ڪري ڏنا ويا آهن جيئن
ڏيکاري سگهجي ته انهي نطم کي شروع ۾ ڪيترو نه گهٽ
نظر سان ڏٺو ويو هو. پر ڊاڪٽر جانسن جي چوڻ مطابق
”ٻن ورهين ۾ 1300 ڪاپين جو اهڙي حالت ۾ وڪرو جو
ايترو ويجھرائي واري دور ۾ ملٽن جي ايتري مخالفت
به هجي ۽ نظم جو اسلوب به گهڻن ماڻهن لاءِ نئون ۽
اڻ وڻندڙ هجي اهو ڏاهپ جي عام موجودگي جو هڪ غير
معمولي مثال هو. ۽ شروع کان ئي ڊرائيڊن ۽ پوءِ
ايڊيسن جهڙن بهترين نقادن دل کولي تعريفون ڪيون. ۽
انهي کان پوءِ هر نسل انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي
ته پيراڊائيز لاسٽ ملٽن پاران ڪنهن سٺي ڪتاب جي
ڏنل وصف موجب ”ڪنهن مهمان روح جو بيش بها زندگي جو
خون آهي“. |