گهر گهمجي ڳري ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ڇت ۾ سوراخ ظاهر
ٿين ٿا. باغ کنڊر ٿي وڃي ٿو ۽ اتي گندگاهه ڦٽي وڃي
ٿو. پوءِ هڪ ڏينهن هڪ نياپو اچي ٿو. ”مهرباني ڪري
مسز ميڪ نيب گهر کي رهڻ لاءِ تيار ڪري.“ رامسي
ڪٽنب ۽ انهن جا دوست اونهارو گذارڻ لاءِ اوڏانهن
اچي رهيا هئا. رازا ڀتين جي مرمت ڪري رهيا آهن.
مسز ميڪ نيب ۽ سندس سهيلي مسز بيسٽ ٻهاري پوچو ڪري
رهيون آهن. مسز بيسٽ جو پٽ جارج ڏاٽو کڻي اچي گاهه
لڻي ٿو... ڪٽنب ۽ زندگي موٽي اچي ٿي.
مسز رامسي، ٻار ۽ للي برسڪو پهچي وڃن ٿا ۽ مسٽر
ڪار ميڪائيل به اچي ويو آهي. هو اڃا وڌيڪ پوڙهو ٿي
ويو آهي. هو وري پنهنجي ڊيڪ چيئر ۾ ويٺو ننڊ جا
جهوٽا کائيندو نظر اچي ٿو. ”هو پنهنجو ڪتاب بند
ڪندي، ننڊ جي آغوش ۾ ويندي سوچي ٿو سڀ ڪجھ ائين ئي
لڳي ٿو جيئن ڪيترا ورهيه اڳ لڳندو هو“.
ٻئي ڏينهن صبح جو للي برسڪو نيرن لاءِ هيٺئين منزل
تي اچي ٿي ته پاڻ کي ڊائننگ روم ۾ اڪيلي ڏسي ٿي.
”هن ڇا ٿي محسوس ڪيو. ايترن ورهين کان پوءِ آئي ۽
مسز رامسي فوت ٿي وئي آهي؟ هوءَ ڪجھ به چئي نه ٿي
سگهي“. اوچتو کيس ياد اچي ٿو ته هو ڏهه ورهيه اڳ
ڪيئن ٽيبل تي ويٺي هئي ۽ هڪ تصوير ۾ ڪمپوزيشن جي
مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ۽ ميز پوش تي
لوڻ داڻي کي هيڏانهن هوڏانهن ڦيرايو هئائين جيئن
کيس ياد پوي ته وڻ جي جاءِ بدلائي ڪٿي رکي. هو اها
تصوير ڪڏهن به مڪمل نه ڪري سگهي. پر هاڻي اها مڪمل
ڪندي. هوءَ نيرن کان پوءِ لان ۾ وڃي ٿي ۽ پنهنجي
ايزل ۽ ڪينواس سيٽ ڪري ٿي.
سورهن ورهين جو جيمس ۽ سترهن ورهين جو ڪيم پنهنجي
پيءُ سان گڏ ٻيڙي تي خليج جي ٻئين ڀر لائيٽ هائوس
وڃي رهيا آهن. انهن پاران نڪرڻ کان اڳ مسٽر رامسي
للي سان ڪجھ ڳالهائڻ اچي ٿو. هو سوچي ٿو ته ڪيئن
سندس زال هڪ دفعو اها تمنا ڪئي هئي ته جيڪر هن جي
وليم بينڪس سان شادي ٿئي. پر انهي مان ڪجھ نه
وريو. مسٽر رامسي جڏهن هن سان لائيٽ هائوس وڃڻ
بابت ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو ته للي ڪاوڙجي ۽ پريشان
ٿي پوي ٿي ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته مسٽر رامسي جو
اصل مقصد اهو آهي ته هو پنهنجي ڏک تي هن جي همدردي
حاصل ڪري. هن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا چوي پر
اوچتو سندس پيرن ۾ ڏسي ٿي ۽ رڙ ڪري ٿي: ”ڪهڙا نه
سهڻا بوٽ آهن! ۽ فوراً کيس ”پاڻ تي شرم اچڻ لڳو ته
هن چاهيو هو ته هوءَ سندس روح کي آٿت ڏئي ۽ هوءَ
سندس بوٽن جي تعريف ڪري رهي هئي“.
پر لڳي ٿو ته مسٽر رامسي دل ۾ نه ٿو ڪري. هو مرڪي
ٿو ۽ کيس ڏيکاري ٿو ته هو ڪيئن ڪهيون ڇڪي ٻڌي ٿو
جيئن اهي کُلي نه وڃن. ”اهڙي مشغولي ۾ هوندي هو
کيس لامحدود درد جي تصوير لڳو. هن ڳنڍيون ٻڌيون.
هن بوٽ خريد ڪيا. مسٽر رامسي جنهن سفر تي وڃي رهيو
هو انهي تي ڪنهن به هن جي مدد نه ٿي ڪئي. هو هيٺ
بندر ڏانهن وڃي ٿو جيئن جيمس ۽ ڪيم کي ٻيڙي جي سفر
تي وٺي وڃي.
للي پنهنجي تصوير ٺاهڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. هن جي
ويجھو پوڙهو مسٽر ڪارميڪائيل پنهنجي ڊيڪ چيئر تي
ويٺو ننڊ جا جهوٽا کائي رهيو آهي. مسٽر رامسي ۽
ٻار ٻيڙي ۾ چڙهن ٿا. جيمس پنهنجي پيءُ کان نفرت
ڪندي اميد ڪري ٿو ته هوا ايتري تيز نه هجي جيڪا
ٻيڙي کي خليج جي ٻئين ڀر ڌڪي وڃي.
للي پينٽنگ ڪندي سوچي ٿي ته مسٽر رامسي ڪيئن هڪ
ڏينهن سمنڊ جي ڪناري تي ويٺو هو، پال ۽ منٽا ڪيئن
هڪ ڏينهن شادي ڪئي ۽ اها شادي نه هلي سگهي ۽ ڪيئن
مسز رامسي کي انهي بابت خبر نه پئجي سگهندي. للي
هڪ لمحي لاءِ سوڀاري محسوس ڪري ٿي پر اهو احساس
ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ڏک ۽ نقصان جي احساس سبب کيس روئڻ
ٿو اچي. ”مسز رامسي“ هوءَ پنهنجي منهن ڳالهائي ٿي
۽ ”هو هڪ ڪنجوس پوڙهي نوڪرياڻي ٿي رهي، هڪ رنگ
وارو برش کنيو لان ۾ بيٺي رهي“.
جيمس کي لائيٽ هائوس ڏانهن ويندي اڌ رستي تي اوچتو
ڏهه ورهيه اڳ وارو وقت ياد اچي ٿو تڏهن سندس پيءُ
چيو هو ته سڀاڻي جو ڏينهن سٺو نه ٿيندو انهي تي هن
جي اندر ۾ سندس پيءُ لاءِ نفرت جا جذبا پيدا ٿيا
هئا...
للي پينٽنگ ڪندي رهي ٿي. هن جو گهر ۽ ماڻهن سان
محبت وارو پراڻو احساس موٽي اچي ٿو. هوءَ مسٽر ۽
مسز رامسي بابت سوچيندي اهو تصور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري
ٿي ته اهي پهريان ڪيئن مليا هوندا ۽ ڪيئن محبت ٿي
وئي هوندن ۽ هوءَ مسز رامسي کي وري ڏسڻ جي قابل ٿي
وڃي ٿي. هو ٽيريس تي دري جي ڀرسان ويٺل هڪ نٻل
وجود آهي.
ٻيڙي ۾ جيمس، ڪيم ۽ مسٽر رامسي پنهنجا سئنڊوچ
کائين ٿا. ٻيڙي لائيٽ هائوس جي دامن ۾ پهڻن وٽ
پهچي ٿي ته مٺيي تي ويٺل جيمس ٻيڙي کي ڏاڍي صفائي
سان اندر موڙي ٿو. شاباس! ”مسٽر رامسي چوي ٿو. اهي
هن پاران پنهنجي پٽ کي چيل ساراهه جا پهريان لفط
هئا ۽ ڪيم کي خبر آهي ته اهي ڪيتري نه معنيٰ رکن
ٿا“. سندس پيءُ سندس ساراهه ڪئي هئي. توکي هاڻي
اها ملي وئي. ڪيم سوچيو...“
لان تي للي پري کان ڏسي ٿي ته اهي لائيٽ هائوس
پهچي ويا آهن. هن هڪ اوچتي شدت سان ڄڻ ته اها کيس
هڪ سيڪنڊ لاءِ صاف نظر اچي وئي هئي هن اتي وچ ۾ هڪ
ليڪ ڪڍي. اها مڪمل ٿي وئي هئي. هائو! هن تمام
ساڻائي ۾ برش هيٺ رکندي سوچيو. مون کي پنهنجي رويا
نظر اچي وئي آهي.
”ورجينيا وولف جڏهن اهو لکي پورو ڪيو ته پنهنجي
ڊائري ۾ لکيائين: منهنجو هن وقت رايو اهو آهي ته
اهو منهنجو بهترين ڪتاب آهي. انهي مان اهو مطلب
نڪري سگهي ٿو ته مون پنهنجي طريقي (Method) کي
مڪمل ڪري ڇڏيو آهي.“
هن پاران انهي بابت سٺي راءِ ۽ سندس اطمينان ٻئي
بلڪل برحق هئا. اهو ڪتاب ڇپجڻ تي هڪ تبصري نگار
لکيو: سندس ذهانت موجوده دور جي ٻئي ڪنهن به ناول
نگار کان هڪ ئي وقت وڌيڪ مشڪل به آهي ۽ وڌيڪ اصلي
به آهي. ”وقت گذرڻ سان سمجهڻ جي ڏکيائي ختم ٿي وئي
آهي، اصليت ۽ ذهانت باقي آهن“.
85. دي سائونڊ ائنڊ دي فيوري
-- وليم فاڪنر --
وليم فاڪنر کي ايٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻنهي پاسن تي
ويهين صدي جو هڪ عظيم ناول نگار سمجهيو ويندو هو.
پر هن ننڍي عمر ۾ اسڪول مان گُسائڻ کان سواء ٻي ڪا
صلاحيت نه ڏيکاري. آمريڪي رياست مسي سپي جي شهر
آڪسفورڊ ۾ سندس پيءُ مسواڙ تي گهوڙا ڏيڻ جو طنبيلو
هلائيندو هو. هن کي ڏسي سندس ماءُ پيءُ ۽ استادن
کي ڏاڍي مايوسي ٿيندي هئي جو هو پنهنجو گهڻو وقت
پنهنجي پيءُ جي نيگرو نوڪرن جي پٽن سان شڪار ڪرڻ ۽
مڇي مارڻ ۾ گذاريندو هو. بهرحال هو اوائل نوجواني
۾ وڏو پاڙهو ٿي پيو ۽ شهر جي ڪتاب گهر تي به
لامارا پيو ڏيندو هو.
نوجوان فاڪنر جي اندر ۾ لکڻ جي شديد تانگهه هوندي
هئي. پر هن کي جيئن ته پنهنجن خيالن کي لفظن جو
روپ ڏيڻ نه ايندو هو تنهن ڪري هو بيشمار سادن
ڪاغذن تي ويٺو منجهيل، بي مطلب جملا لکندو هو. هن
مايوس ٿي پنهنجن ماءُ پيءُ کي انهي ڳالهه تي قائل
ڪري ورتو ته هو کيس انگريزي ادب ۾ ڪو ڪورس ڪرڻ
لاءِ آڪسفورڊ جي مسي سپي اسٽيٽ يونيورسٽي موڪلين ۽
سندس زندگي جو تمام خوشگوار وقت اتان جي لائبريري
۾ گذريو. هو شام جو لڏندو لمندو گهر ايندو هو ته
سندس ذهن ۾ ان ڏينهن پڙهيل ڳالهين جا ٽڪرا پيا
ڦرندا هئا. پوءِ هو ميڻ بتي جي روشني ۾ هڪ نوٽبڪ
تي شاعري جون ڪچيون ڦڪيون ڪوششون پيو رهڙيندو هو.
سندس شعر ناقابل اعتبار حد تائين ڪچا هوندا هئا ۽
سن 1914ع ۾ اوچتو جنگ لڳي وڃڻ سان جيڪڏهن سندس
زندگي جو رخ مڪمل طور تبديل نه ٿي وڃي ها ته هو
ورهين جا ورهيه اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن تي انهن
شعرن جا مينهن وسائيندو رهي ها.
وليم فاڪنر جي نظر ۾ پري يورپ ۾ لڳندڙ جنگ آزادي
لاءِ هڪ اهڙو جهاد هئي جنهن ۾ کيس ضرور شريڪ ٿيڻو
هو. تنهن ڪري هو ڪنهن طريقي سان اتر طرف ويو هليو
۽ ڪيناڊين ايئر فورس ۾ ڀرتي ٿي ويو. پوءِ هو
ليفٽيننٽ جي رينڪ سان رائيل ائير فورس ۾ بدلي ٿي
ويو.
خوابن جي دنيا ۾ رهندڙ ۽ پنهنجيون ڳالهيون پاڻ سان
اوريندڙ نوجوان کي جنگ مسي سپي مان کڻي ٺوس حقيقت
واري عجيب دنيا ۾ آڻي ڇڏيو ۽ جيئن سندس جسم نظم
ضبط تي هرندو ويو ته سندس ذهن آهستي آهستي معلومات
جي انهي ڍير کي هضم ڪندو ويو جيڪو هن اڳي فقط
اُڳري ڇڏيو هو. فوج مان واپس اچڻ تي آڪسفورڊ جي
ننڍي شهر واري زندگي جي معمولي پابندين کيس بيزار
ڪري ڇڏيو ۽ هو نيو آرليئنس ويو هليو. اتي هو گهٽ
مسواڙ وارين جاين ۾ رهندو هو ۽ پنهنجو جنگ بابت
ناول Soldier’s
Pay لکيائين.
سندس ناول نگار دوست شير ووڊ اينڊرسن مهرباني ڪندي
مسودو هڪ پبلشر ڏانهن موڪلي ڇڏيو. گڏوگڏ مسودي جي
سفارش به ڪيائين. فاڪنر کي ڏاڍي خوشي ۽ حيرت ٿي جو
ڪتاب قبول پئجي ويو. جلدئي کيس انهي جي معاوضي مان
معمولي بياني جي رقم ملي وئي ۽ هو يورپ ويندڙ هڪ
مال بردار سامونڊي جهاز تي چڙهي پيو ۽ هڪ بهترين
سال انهي کنڊ تي رولاڪيون ڪندي گذاريائين.
هو 1926ع جي شروعات ۾ هٿين خالي واپس موٽيو. هتي
کيس شديد نااميدي کي منهن ڏيڻو پيو. سولجرس پي جون
نقادن جيتوڻيڪ وڏيون تعريفون ڪيون ۽ برطانوي توڙي
آمريڪي اخبارن ۾ انهي تي سٺا تبصرا به ٿيا ته به
انهي مان کيس آمدني بلڪل ٿوري ٿي. سندس دماغ ۾ هڪ
ٻئي ۽ اڃا وڏي ناول لاءِ خيال ڀريا پيا هئا تنهن
ڪري کيس اهو بس لکڻو هو. هن دفعي هو آڪسفورڊ کي نه
ڇڏي سگهيو ڇاڪاڻ ته ڪتاب سندس پاڙن بابت هو جيڪي
اتي ئي هيون. تنهن ڪري هن ايندڙ ٻن ورهين تائين
فارم مزدور، شڪاري، واڍي ۽ مڇيون ماريندڙ طور ڪم
ڪيو ۽ شام جو The
Sound and the Fury لکندو
هو. اهو هڪ تمام وڏو ڪشالو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته لفظ
وهندا ويندا هئا ۽ هو سموري رات تڙ تڪڙ ۾ لکندو
ويندو هو. پر اڪثر حالتن ۾ لفظ ڏاڍي آهستگي سان ۽
تڪليف سان ايندا هئا ۽ هو هڪ ننڍي پيراگراف تي
ڪلاڪ لڳائي ڇڏيندو هو. هن جيئن تيئن ڪري ڪتاب پورو
ڪيو. هن اها خاطري رکندي ته انهي ڪتاب ۾ سندس
بهترين صلاحيتون شامل آهن اهو پنهنجي پبلشر ڏانهن
موڪلي ڇڏيو. هن کي انهي وقت شديد مايوسي ٿي جڏهن
پبلشر اهو چئي مسودو واپس موڪلي ڇڏيو ته اهو
پنهنجي موجوده شڪل ۾ اشاعت جي قابل نه آهي. هائو
اهو جيڪڏهن بلڪل نئين سر لکيو وڃي ته هو انهي تي
غور ڪري سگهي ٿو.
فاڪنر وڏي ڪاوڙ ۾ مسودو ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ تي هو
پوءِ هن ڏند ڪرٽيا، رات جي چوڪيدار طور نوڪري
ورتائين ۽ سمورو ناول ٻيهر لکيائين. انهي دوران هن
وٽ ميز به نه هوندي هئي هو هڪ ريڙهي کي اونڌو ڪري
ميز طور ڪم آڻيندو هو ۽ انهي جي سامهون گوڏا کوڙي
ويهي لکندو هو. هن کي ائين ڪرڻو ئي هو ڇاڪاڻ ته
انهي ۾ انهي ڌرتي جي مسئلن بابت سندس گهرا احساس
موجود هئا. جنهن کي هن چڱي طرح سڃاتو ٿي. پبلشر
نئون نمونو قبول ڪيو ۽ 1939ع ۾ The
Sound and the Fury ڇپجڻ
سان فاڪنر بابت ”دي اسپيڪٽيٽر“ جي لکيل ڳالهه صحيح
ثابت ٿي وئي ته: ”انهن چند زنده ليکڪن مان هڪ هو
جن تي خاطري سان ڏاهپ جو الزام هڻي سگهجي ٿو“.
ناول شديد تڪرار به پيدا ڪيو ۽ لڳ ڀڳ پنجٽيهن
ورهين جي عرصي کان پوءِ انهي کي ٻيهر پڙهڻ سان اها
ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته اهو تڪرار ڇو پيدا ٿيو
هوندو. دي سائونڊ ائنڊ دي فيوري هڪ وڏي ڇڪتاڻ واري
ڪهاڻي آهي جنهن ۾ آمريڪا جي Deep
South جي
سموري ٽرئجڊي سمايل آهي ۽ اهو هڪ اهڙي اسلوب ۾
لکيل آهي جيڪو پنهنجي دور کان گهڻو اڳتي هو. ناول
جو بنيادي موضوع ڪامپسن خاندان جو خوفناڪ نموني
ڇڙوڇڙ ٿي وڃڻ آهي. اهو مسي سپي جو هڪ سٺو پراڻو
ڪٽنب هو جنهن ۾ پاڻ ۾ شاديون ڪرڻ ۽ تن آساني سبب
اهڙي سٺي رت نه رهي هئي. اندروني موضوع وري انهن
جي نيگرو نوڪرن جي هڪ ٽولي سان واسطو رکي ٿو ۽ دي
بِل آف سول رائيٽس ۽ انهي جي خلاف ٿيندڙ مظاهرن کي
مد نظر رکندي موجوده دور جي پڙهندڙن لاءِ شايد اهو
موضوع ئي وڌيڪ اهم آهي.
جيسن ڪامپسن ۽ سندس زال ڪيرولين اها ڳالهه تسليم
ئي نه ٿا ڪن ته ڪو دور بدلجي ويو آهي. اهي پنهنجي
وڏي پراڻي ڀڳل ڀريل گهر ۾ رهن ٿا، جنهن ۾ باغ گند
گاهه سان ڀرجي ويو آهي، طنبيلي ۾ فقط ٽي پوڙها
گهوڙا بيٺا آهن ۽ هڪ ڀڳل هلڪي چار ڦيٿي گاڏي اٿن.
انهن کي چار ٻار آهن: هوشيار ۽ سهڻو ڪئنٽين (Quentin)،
زنده دل ڪيڊي، رکو جيسن ۽ موڳو بينجي. سندس ماءُ
انهي جي ڄمڻ کان پوءِ ڪنهن نيم معذور جو روپ
اختيار ڪري وڃي ٿي ۽ سدائين خدا جي ناانصافي تي
پٽڪو ڪندي رهي ٿي ته هن اهڙي پٽ کي ڇو جنم ڏنو.
پيءُ پاڻ کي لائبريري ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. هو اتي
شراب پيئندو رهي ٿو. هو فقط ڪڏهن ڪڏهن اتان نڪري
نوڪرن ۽ وڏن ٽن ٻارن تي ڪاوڙ ڪڍي ٿو. ٻار ميمي
ڊلسي جي نگهباني هيٺ وڌي وڏا ٿيا آهن جيڪا
بورچياڻي به آهي ته هائوس ڪيپر به آهي، انهي جي
سار سنڀال ۾ پوڙهي گاڏي هلائيندڙ روسڪس (Roskus) به
حصو ورتو آهي.
ڪيڊي جيڪا سونهن جا آثار ڏيکارڻ لڳي آهي اها
ڪئينٽن تي حاوي ٿي وڃي ٿي ۽ اهي گڏجي هر قسم جون
شرارتون ڪن ٿا. جن ۾ وِرش ۽ لسٽر نيگرو ڇوڪرا وڏي
خوشي سان حصو وٺن ٿا. نوجوان جيسن (Jason) اداس
۽ ڪاوڙ باز آهي ۽ الڳ ٿلڳ رهي ٿو. کيس دلي طور
انهن ٻنهي کان ڏاڍو ساڙ ٿئي ٿو ۽ هو انهي جي بدلي
۾ بينجي کي تنگ ڪري ٿو. انهي تي ڪيڊي کي ڏاڍي ڪاوڙ
لڳي ٿي ڇاڪاڻ ته سندس هڪ تمام بهترين خصوصيت اهو
ممتا وارو پيار آهي جيڪو هوءَ موڳي ڇوڪري تي نڇاور
ڪري ٿي. هو ڳالهائڻ بجاءِ جيڪي عجيب رڙيون ۽ گرڙاٽ
ڪري ٿو اهي به فقط هوءَ ئي سمجهي ٿي ۽ هو به هن کي
چاهي ٿو. ڇاڪاڻ ته سمجهي ٿو ته هوءَ ئي سندس سار
سنڀال لهندي ۽ سندس حفاظت ڪندي.
بينجي بلوغت جي عمر کي پهتو ته تباهي منهن ڪڍيو.
ڇو ته هو هڪ اسڪولي ڇوڪريءَ جي پٺيان لڳو ۽ هن سان
ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. شهر ۾ ڪاوڙ ڀرجي وئي ۽
سندس ماءُ پيءُ به ڇرڪجي پنهنجي بي تعلقي واري
ڪيفيت مان نڪري آيا. ڇاڪاڻ ته کين ڊپ ورائي ويو ته
ڇوڪري کي پاڳل خاني نه موڪليو وڃي پوءِ هنن ڇوڪري
کي خصي ڪرائي ڇڏيو. بينجي جي دکدائڪ حالت ڪيڊي ۽
ڪئينٽين کي هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجھو آڻي ڇڏيو. پر اهي
حد کان وڌيڪ ويجھا ٿي ويا. ڇاڪاڻ ته ڪيڊي رنگين
مزاج آهي ۽ ڪئينٽين سندس هر ڳالهه مڃي ٿو. اهي
ڪيترن مهينن تائين لڪ ڇپ ۾ قرب ونڊيندا رهيا. پوءِ
انهن جي ماءُ پيءُ اها ڳالهه مشهور ڪري ڇڏي ته
انهن ڪئينٽين کي هارورڊ يونيورسٽي ۾ داخل ڪرائي
ڇڏيو آهي. ڪامپسن ڪٽنب جا ٻار اتي ئي پڙهندا رهيا
هئا. اهي انهي ڳالهه تي زور ڏيندا هئا ته اهي ٻار
کي يونيورسٽي ۾ پڙهائيندي وڏيون قربانيون ڏئي رهيا
هئا. حقيقت به اها آهي اهي ورهين کان پنهنجي زمين
ٽڪرو ٽڪرو ڪري وڪرو ڪندا آيا هئا ۽ هاڻي انهن
ويچاري بينجي کي انهي زمين کان محروم ڪري ڇڏيو هو
جيڪا کيس ڪنهن ناني ڏاڏي کان ملي هئي. اهو ڏاڍو
ڀوائتو سين آهي جڏهن سخت پيڙا مان گذرندڙ ڪئينٽين
محرم مائٽن سان حرامڪاري واري تعلق جي خوبصورتي
بابت وڦلي رهيو آهي ۽ سندس پيءُ اهڙي تعلق جي هڪ
وڏي گناهه هئڻ بابت ڳالهائي رهيو آهي. آخر ۾
ڪئينٽين کي زوريءَ هارورڊ موڪليو وڃي ٿو ۽ سندس
صدمي ۾ ورتل ماءُ پيءُ اهو فيصلو ڪن ٿا ته ڪيڊي
لاءِ بنا دير مڙس ڳولهيو وڃي.
ڪيڊي جي فطرت ۾ ڪنهن سان به وفاداري نه آهي ۽
ڪئينٽين جڏهن هارورڊ ۾ مايوسي جي پيڙائن مان گذري
رهيو آهي ته ڪيڊي پاڻ کي ڪيترن ئي مردن سان
وندرائي رهي آهي. پر گهر جو ماحول برداشت کان ٻاهر
ٿيندو وڃي ٿو. سندس ماءُ مسلسل ٽُنب ٽُنب ڪندي رهي
ٿي، سندس پيءُ سندس هر قدم کي ناپسند ڪري ٿو، جيسن
هڪ بدخواهه جي روپ ۾ اچي ويو آهي جيڪو پنهنجو
سمورو وقت هن جي جاسوسي ڪرڻ ۽ سڀ ڳالهيون ماءُ
پيءُ کي ٻڌائڻ ۾ گذاري ٿو. هوءَ اڀرندڙ نوجوان
بينڪر هربرٽ هيڊ کي پسند ڪري ٿي. انهي وٽ دولت به
جام آهي. مسز ڪامپسن ڏاڍي خوشي مان ڪئينٽين ڏانهن
خط لکي ٿي ته هربرٽ تمام سهڻو آهي ۽ هو جيسن ۽ خود
هن لاءِ بئنڪ ۾ نوڪريون ڳولهيندو ۽ هن کي به شادي
تي گهر اچڻ گهرجي. ڪئينٽين پنهنجي ماءُ جو خط پڙهي
ٿو ته کيس اوچتو هڪ ڳالهه ياد اچي وڃي ٿي. ٻه
ڏينهن پوءِ سندس ڪٽنب کي خبر پوي ٿي ته هن پاڻ کي
ٻوڙي ماري ڇڏيو آهي. هن جي پتلون جي کيسي مان
استري هٿ اچڻ سان اها ڳالهه ثابت ٿي وڃي ٿي ته هن
آپگهات ڪيو آهي.
هاڻي ڪٽنب جو زوال پوري شدت سان اچي وڃي ٿو ڪيڊي
پنهنجي هربرٽ سان شادي ڪري ٿي پر کيس پنهنجي ڀاءُ
جي ياد ستائيندي رهي ٿي جنهن سان هن ايتري بيوفائي
ڪئي هئي. هوءَ پنهنجي ڌيءُ کي هن جي پٺيان ڪئينٽين
سڏي ٿي ۽ پوءِ انهي ياد کي ميسارڻ جي ڪوشش ۾ عاشقن
پٺيان عاشق ڪندي رهي ٿي. هوءَ هڪ دفعو پنهنجي پيءُ
جي فوتگي تي گهر وڃي ٿي پر جڏهن جيسن کيس طعنا ڏئي
ٿو ته هوءَ ڪٽنب جي ڀاتين جي قبرن تي روئي رهي آهي
جتي اڳ ۾ ئي ڪئينٽين به دفن ٿيل آهي ته هوءَ اوچتو
نڪتي هلي وڃي ٿي. هن به بلڪل اهو ئي چاهيو ٿي.
هاڻي هو گهر جو مالڪ آهي ۽ ڪٽنب هن سان ورهين کان
جيڪي بي عزتيون ۽ جٺيون ڪيون هيون هو انهن جو پورو
پورو بدلو وٺڻ گهري ٿو.
ڪيڊي جي وڃڻ کان پوءِ کيس ڪو به روڪڻ وارو ناهي
رهيو. سندس ماءُ بسترو وڃي ورتو آهي- هوءَ اتي پئي
هيڻائي سان سڏ ڪندي رهي ٿي. هو هر روز اچي کيس ياد
ڏياريندو رهي ٿو ته هن ۽ سندس پيءُ کي ڪئينٽين کي
يونيورسٽي موڪلڻ لاءِ اها زمين ڪڏهن به وڪرو نه
ڪرڻ گهربي هئي جيڪا قانوني طور سندن نه هئي. هنن
ته کيس ڪا چڱي نوڪري به نه وٺي ڏني نه ئي کيس ڪا
سٺي تعليم ڏياري. هن کي خبر آهي ته هن وٽ سندس
پنهنجي ڪا ٿوري رقم آهي جيڪا هن ڪٿي لڪائي رکي
آهي. هو اها وٺڻ گهري ٿو. هوءَ هر روز رات جو سندس
مغز مارين کان بيزار ٿي آخرڪار پنج هزار ڊالر سندس
حوالي ڪري ٿي جيئن هو هڪ هارڊويئر اسٽور ۾ حصو
خريد ڪري سگهي. هو رقم پنهنجي ڪمري ۾ لڪائي ڇڏي ٿو
۽ اسٽور تي پگهاردار مئنيجر طور ڪم ڪري ٿو.
جيسن لاءِ پئسو هڪ خبط ٿي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته پئسي جو
مطلب آهي طاقت. هو پنهنجي پگهار جو به وڏو حصو
بچائي ٿو. سندس واحد وڏو خرچ هفتي وار ٻئي شهر ۾
چڪلي ۾ وڃڻ آهي. هو پنهنجي ماءُ پاران به گهر جو
خرچ هلائي ٿو ۽ انهي مان به بچت ڪري ٿو جو بينجي ۽
نوڪرن کي کاڌو گهٽ ڏئي ٿو. نيگرو هن کان نفرت ڪن
ٿا ۽ هن کان ڊڄن ٿا پوءِ به هو هن جي ڏاڍ مان ڪنڌ
نه ٿا ڪڍائين. اهي ڪامپسن ڪٽنب جي گهڻو وقت اڳ
گذاري ويل وڏڙن پاران آندل غلامن جي پيڙهي مان
آهن. اهي اهڙي وفادار مخلوق آهن جن لاءِ آزادي ڪا
معنيٰ نه ٿي رکي ۽ روايتون ئي انهن لاءِ سڀ ڪجھ
آهن. ورش ۽ لسٽر جيڪي هاڻي وڏا ٿي مرد ٿي ويا آهن
اهي ڪڏهن ڪڏهن بغاوت جي ڌمڪي ڏيندا آهن پر پوڙهو
روسڪوس انهن کي سمجهائيندو آهي ته سفيد فام ماڻهو
مالڪ آهن. جيسن جي ڪاوڙ جو سمورو بار ميمي ڊلسي کي
برداشت ڪرڻو پوندو آهي. ڇاڪاڻ ته رڌ پچاءُ ۽ صفائي
سٿرائي جي ڪم سان گڏوگڏ کيس پنهنجي رينگندڙ
مالڪياڻي جي خدمت ۾ به حاضر رهڻو پوندو آهي ۽ سڀ
کان ڏي ڳالهه ته کيس ويچاري بينجي کي به ماٺ رکڻو
پوندو آهي.
ننڍڙي ڪئينٽين انهي وقت تقريباً ٻارهن ورهين جي
هئي جڏهن ڪيڊي کيس پراڻي گهر آندو. سندس شادي ٽٽي
وئي آهي ۽ هوءَ مسز ڪامپسن کي عرض ٿي ڪري ته هو
ٻار پاڻ وٽ رهائي ۽ واعدو ٿي ڪري ته هوءَ انهي جي
خرچ پکي جا پئسا هر مهيني موڪليندي رهندي. جيسن
سان هڪ بي عزتي واري منظر کان پوءِ هوءَ ٻار ڇڏي
ٿي ۽ پاڻ وڃي ٿي هلي. ميمي ڊلسي ٻار کي پنهنجي
نظرداري هيٺ رکي ٿي ۽ هو مقامي اسڪول ۾ داخلا وٺي
ٿي پر هو هر روز شام جو جنهن گهر ۾ موٽي اچي ٿي
اهو تمام خراب حالت ۾ ۽ ڀڳل ڀريل آهي. فرش جا تختا
چيڪاٽ پيا ٿا ڪن. باغ ۾ گند گاهه وڌي ويو آهي سندس
ناني گذريل دور جي عظمتن کي ياد ڪري ٿڌا ساهه
ڀريندي رهي ٿي. ميمي ڊلسي رڌڻي ۾ پير گهليندي وتي
ٿي جڏهن ته بينجي هڪ ڪنڊ ۾ پيو ڪنجهندو ڪرڪندو
آهي. سڀ کان خراب ڳالهه ته کيس رات جي ماني وقت
پنهنجي خوفناڪ مامي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ سندس
رهڙون ڇڙٻون ماٺ ڪري ٻڌڻيون پونديون آهن.
ڪيڊيءَ وانگر ڪئينٽين به بينجي کي جيءَ ۾ جايون
ڏئي ٿي ۽ هو اهو سمجهندي ته سندس پياري ڀيڻ هن
ڏانهن موٽي آئي آهي جتي ڪٿي هن جي پٺيان گهلبو ٿو
رهي. ڇوڪري جيئن وڏي ٿيندي ٿي وڃي ته وڌ ۾ وڌ
پنهنجي ماءُ جهڙي ٿيندي ٿي وڃي ۽ انهي تي جيسن هوش
مان نڪرندو ٿو وڃي ڇاڪاڻ ته انهي تي نظر پوڻ سان
ئي انهن ورهين واريون تلخ يادگيريون سندس ذهن ۾
موٽي اچن ٿيون. جڏهن ڪيڊي ۽ ڪئينٽين کيس پنهنجي
ڪنهن به ٻاراڻي شرارت ۾ شامل نه ڪندا هئا. هو مسز
ڪامپسن کي خبردار ٿو ڪري ته ڪئينٽين به وڏي ٿي
رنگين مزاج ٿيندي. هن مٿس هر وقت نظر رکڻ شروع ڪئي
آهي هن کي اسڪول ايندي ويندي اک ۾ رکي ٿو ۽ سندس
ساٿين کي به ذهن ۾ رکي ٿو. هو هر رات ماني جي وقت
هن کان ڏاڍي سخت آڏي پڇا ٿو ڪري ته هن ڏينهن جو هڪ
هڪ منٽ ڪيئن گذاريو ۽ هوءَ جڏهن کيس سچ ٿي ٻڌائي
ته هو رڙيون ٿو ڪري ته هو ڪوڙي آهي.
ڪئينٽين سترهن ورهين جي ٿئي ٿي ته سندس سهپ جواب
ڏئي وڃي ٿي ۽ هوءَ پنهنجي ماءُ کي خط لکي کيس
ايلاز ٿي ڪري ته هوءَ کيس پاڻ وٽ اچڻ جي موڪل ڏئي.
ڪيڊي فوراً جواب لکي موڪلي ٿي ۽ گڏوگڏ چڱي خاصي
رقم به موڪلي ٿي پر جيسن وچ ۾ پئي خط کولي رقم ڪڍي
وٺي ٿو. انهي ئي ڏينهن کيس خبر پوي ٿي ته ڪئينٽين
سندس چوڪسي جي باوجود هر روز رات جو هڪ دادا ٽائيپ
نوجوان سان ملڻ ويندي آهي جيڪو شهر ۾ ساليانو ميلو
هڻڻ آيو آهي. هو وڏي ڪاوڙ ۾ گهر اچي ٿو. هن تي
الزام هڻي ٿو ته هوءَ به پنهنجي ماءُ وانگر رنڊي
آهي ۽ کيس سندس بيڊروم ۾ واڙي ڇڏي ٿو. پوءِ هو
آرام وٺڻ چڪلي ڏانهن هليو وڃي ٿو. پر هن کان
بيدروم جي دري جي ڀر وارو پراڻو وڻ وسري وڃي ٿو
جنهن جي هيٺان ڪيڊي به لمڪا پئي ڏيندي هئي.
ڪئينٽين فرار جو اهو ئي ذريعو ڪم آڻي ٿي ۽ پاڻ سان
گڏ ڊالرن جو اهو خزانو به کڻي وڃي ٿي جيڪو جيسن
پنهنجي ڪمري ۾ ڌيان سان لڪائي رکيو هو. هو
جيستائين گهر واپس پهچي ٿو تيستائين ڪئينٽين ۽
دادا گهڻو پري نڪري وڃن ٿا پوءِ به هو انهن جي
پٺيان لڳي ٿو پر هو رياست جي سرحد پار ڪري وڃن ٿا.
ڪامپسن ڪٽنب جو زوال پڄاڻي تي پهچي ويو آهي. مسز
ڪامپسن بستري تي پئي پنهنجي قسمت تي واويلا ڪري
رهي آهي. جيسن ڪُٻ ڪڍيون لائبريري ۾ ويٺو آهي. هو
پنهنجي دل ۾ پلاند جا جذبا سانڍيو بيمار ۽ چريو ٿي
پيو آهي. پوڙهي ڊلسي رڌڻي ۾ بينجي کي آٿت ڏيارڻ جي
ڪوشش ڪري رهي آهي. هو پنهنجي پياري ڪيڊي جو هڪ
پراڻو سفيد سليپر پنهنجي سيني سان لاتيون روئي ۽
ڪنجهي رهيو آهي. اهي سڀئي انهي لالچ، خودغرضي ۽
ڪرپشن جو علامتون آهن جن خلاف ڪانفيڊريٽ سپاهي
مهاڏو اٽڪايو هو ۽ جن کي روڪڻ لاءِ پنهنجي جان ڏني
هئائين. انهي جو ڊگهو ۽ کڙو تڙو مجسمو مارڪيٽ واري
چوڪ ۾ لڳل آهي. هو ڏاڍي آرام سان روشن مستقبل
ڏانهن ڏسي رهيو آهي. هن پنهنجين اکين جي مٿان
پنهنجي هٿ جي اوٽ ڪئي آهي.
دي سائونڊ ائنڊ دي فيوري کي فاڪنر جو سڀ کان
بهترين ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو جيتوڻيڪ هو پاڻ پنهنجي
ناول The
Fable (1954ع)
کي وڌيڪ اهميت ڏيندو هو. هو ويهين صدي جو سمورو
ٽيون ڏهاڪو آڪسفورڊ ۾ پنهنجي زال ايسٽل سان گڏ
رهيو ۽ لڳاتار لکندو رهيو. هن کي 1939ع ۾ او.
هينري ميموريل پرائيز مليو. ڏهه ورهيه پوءِ سندس
ڪيريئر جي بهترين حاصلات جو موقعو آيو جو هو تڏهن
ادب جو نوبل انعام وٺڻ اسٽاڪ هوم ويو هن پاران
مڃتا واري مختصر تقرير ۾ اسان کي سندس فن جوهر نظر
اچي ٿو:
”آءٌ محسوس ڪريان ٿو ته هيءُ انعام مون کي هڪ
انسان طور نه پر پنهنجي ڪم سبب مون کي مليو آهي.
هي انساني روح جي پيڙا ۽ پگهر تي ٻڌل سموري حياتي
جو ڪم آهي جيڪو ڪنهن اعزاز لاءِ نه ڪيو ويو هو.
انهي جو مقصد ڪو فائدو حاصل ڪرڻ ته بلڪل به نه هو
پر انساني روح جي خام مال مان ڪا اهڙي شي تخليق
ڪرڻ هو جيڪا اڳ ۾ موجود نه هجي. انسان ڀوڳنائون
سهندو رهندو ڇاڪاڻ ته هن کي هڪ روح آهي اهڙو روح
جيڪو ڪهل، قرباني ۽ سهپ جي صلاحيت رکي ٿو. شاعر ۽
ليکڪ جو فرض آهي ته انهن ڳالهين بابت لکن. اهو
سندس خاص حق آهي ته هو انسان جي دل کي سهارو ڏئي
کيس پنهنجي ماضي جي عظمت جو حصو بڻيل عزت، اميد،
فخر ۽ رحم ۽ شفقت ياد ڏياري کيس پنهنجو وجود
برقرار رکڻ ۾ مدد ڏئي“.
86. اي فيئر ويل ٽو آرمس
-- ارنيسٽ هيمنگوي--
ارنيسٽ هيمنگوي 21 جولاءِ 1899ع تي اوڪ پارڪ،
شڪاگو ۾ ڄائو. هو ڇهن ٻارن ۾ ٻئين نمبر تي هو.
سندس پيءُ هڪ ڊاڪٽر هو ۽ وڏو سرگرم رانديگر هو.
هيمنگوي اوڪ پارڪ هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي. هو
ٻه دفعا گهر مان ڀڄي وڃڻ کان پوءِ آخرڪار 1917ع ۾
جڏهن اسڪول مان نڪتو ته ڪَينساس سٽي مان نڪرندڙ
اخبار اسٽار جو سيکڙاٽ صحافي ٿي ويو. هو اتي فقط
چند مهينا رهيو پوءِ هو پهرئين جنگ عظيم ۾ يورپ ۾
ڪم ڪندڙ هڪ آمريڪن ايمبولينس يونٽ ۾ رضاڪار ٿي
ويو.
هن کي اطالوي محاذ تي موڪليو ويو. هو اتي بلڪل
پوري وقت تي پهتو ۽ آڪٽوبر 1917ع ۾ ڪيپوريٽو ۾
اطالوي فوجين کي پيش آيل تباهي جو اکين ڏٺو شاهد
ٿيو. هو جولاءِ 1918ع ۾ شديد زخمي ٿي پيو ۽ کيس
جنگ لاءِ نااهل سمجهي گهر موڪليو ويو. هو صحت ياب
ٿيڻ کانپوءِ ٽورنٽو جي اسٽار ويڪلي لاءِ فيچر
رائيٽر ٿي ويو. هن 1921ع ۾ شادي ڪئي ۽ سفري
نامانگار ٿي يورپ هليو آيو. اتي هن جنگ کان پوءِ
وارين ڪيترين مشهور ڪانفرنسن جي رپورٽنگ ڪئي. هو
1924ع کان پيرس ۾ رهي پيو ۽ پاڻ کي ادب لاءِ وقف
ڪري ڇڏيائين. هو پيرس ۾ ليکڪن جي هڪ گروپ سان
رابطي ۾ آيو جنهن ۾ گرٽروڊ اسٽين، ايزرا پائونڊ ۽
جيمس جئائس جهڙا ماڻهو شامل هئا.
هن جو پهريون ڪتاب Three
Stories and Ten poems سن
1923ع ۾ فرانس ۾ محدود ايڊيشن ۾ شايع ٿيو. انهي
مان جيتوڻيڪ وڏي ادبي صلاحيت جا اشارا مليا ٿي پر
انهي سندس ويجھن دوستن جي حلقي کان ٻاهر ڪو به اثر
پيدا نه ڪيو ۽ جيتوڻيڪ 1924ع ۽ 1925ع ۾ افسانن جا
ننڍا ننڍا پيرس لاءِ ايڊيشن شايع ٿيا پر کيس
پهريون دفعو وسيع پيماني تي عوامي توجه The
Sun also Rises سان
ملي. اهو 1926ع ۾ نيويارڪ مان شايع ٿيو. سندس ٻيو
ڪتاب Men
without Women (1927ع)
افسانن جي هڪ مجموعي سندس شهرت ۾ تمام گهڻو واڌارو
ڪيو پر هن جنگ کان پوءِ منظر تي آيل هڪ نامياري
ليکڪ طور عالمي پيماني تي داد ۽ مڃتاA
Farewell to Arms (1929ع)
مان حاصل ڪئي. اهو هڪ ناول هو.
هو نه فقط هڪ بهترين داستان گو هو پر هڪ اهڙي
اسلوب جو مالڪ هو جيڪو جاندار هو ۽ سليس ۽ مخصوص
آمريڪي انداز رکندڙ هو. حقيقت ۾ اها بلڪل نئين شي
هئي. نه ئي اها ڳالهه آهي ته ماڻهن کي فقط سندس فن
جي هيئت ۽ طريقه ڪار پاڻ ڏانهن ڇڪيو ٿي. هو پنهنجي
تحريرن ۾ انهن نوجوان نسلن ۾ وڏي پيماني تي پکڙيل
مايوسي کي غور هيٺ آڻيندو هو جيڪي ڏسندا هئا ته
دنيا هيروز جي رهڻ لاءِ مناسب جاءِ ٿيڻ بجاء جنگ
کان اڳ واري حالت کان به خراب حالت ۾ اچي وئي هئي.
جڏهن ته جنگ جو مقصد ئي حالتن ۾ بهتري آڻڻ هو.
”اي فيئرويل ٽو آرمس“ جذبن کي اظهار ڏئي اندر ٺارڻ
وارو تجربو هو. هيمنگوي گذري ويل جنگ- هو انهي جي
جن هلڪن ڦلڪن توڙي خوفناڪ رخن کان واقف هو- بابت
لکي پاڻ کي انهن جسمي نفسي اثرن کان آجو ڪرڻ جي
ڪوشش ڪري رهيو هو جيڪي جنگ بابت سندس پنهنجي تجربي
هن تي وڌا هئا ۽ هو انهي ۾ وڏي حد تائين ڪامياب به
ٿيو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهي عمل کي مڪمل ٿيڻ
لاءِ هڪ ٻي جنگ ۽ هڪ ٻيو ڪتاب ”اڪراس دي رور(River) اينڊ
ان ٽو دي ٽريز“ (1950ع) گهربل هئا.
”اي فيئر ويل ٽو آرمس“ اٽلي ۾ آئسونزو محاذ تي سيٽ
ٿيل آهي. بيان ڪندڙ، هڪ ايمبولينس يونٽ سان اٽيچ
ٿيل آمريڪي فريڊرڪ هينري آهي. هو آفيسرزميس ۾ رهي
ٿو جيڪا گوريزيا ۾ هڪ گهر ۾ واقع آهي. وقت بوقت
ٿيندڙ پيش قدمين ۽ جوابي اقدامن جي وچ ۾ زندگي
معمول تي اچي وڃي ٿي. دستوري تفريحن خاص طور عورتن
جي ساٿ جي ڳولها ڪئي وڃي ٿي.
گوريزيا ۾ انگريز نرسون آهن. هينري جو روم ميٽ
ليفٽيننٽ رينالڊ پاڻ کي انهن مان هڪ ڪيٿرائين
برڪلي جي محبت ۾ گرفتار سمجهي ٿو ۽ هينري کي وٺي
ان سان ملڻ وڃي ٿو. هينري کي اها پسند اچي وڃي ٿي
۽ ٻئي ڏينهن شام جو هو هن سان اڪيلو ملڻ وڃي ٿو.
اهي هڪ ٻئي کان وڌ کان وڌ واقف ٿيندا وڃن ٿا ۽
محسوس ڪرڻ لڳن ٿا ته انهن کي هڪ ٻئي سان محبت ٿي
وئي آهي. پر هينري پاڻ کي اها ڳالهه سمجهائڻ جي
ڪوشس ڪري ٿو ته هن کي محبت نه آهي هن کي فقط عورت
جي ساٿ جي ضرورت آهي ۽ هو عورتاڻين نوازشن جي
حاصلات چاهي ٿو.
پوءِ خبر اچي ٿي ته پلاوا (Plava) تي
هڪ حملو ٿيڻو آهي ۽ هينري جي يونٽ کي اڳتي وڃڻ جو
حڪم ملي ٿو. هاڻي جيئن ته کيس ڪيٿرائين کان لازماً
جدا ٿيڻو آهي جيتوڻيڪ عارضي طور ئي ته کيس پاڻ سان
انهي ڳالهه جو اقرار ڪرڻو پوي ٿو ته هن کي شايد
ڪيٿرائين سان واقعي محبت ٿي وئي آهي.
حسب معمول اطالوين کي حملي ۾ ڳرو نقصان پهچي ٿو ۽
افراتفري ۾ سندس ڪيترائي دوست مارجي وڃن ٿا. جڏهن
هينري مکيه ڊريسنگ اسٽيشن ۾ هو ته هڪ گولو سڌو اچي
انهي مٿان ڪريو ۽ انهي وقت هو ۽ سندس ساٿي ماني
کائي رهيا هئا. هن جون به ٽنگون سخت زخمي ٿي پيون.
ڪجھ وقت فيلڊ هاسپيٽل ۾ رکڻ کان پوءِ هينري کي
ميلان جي هڪ اسپتال ڏانهن موڪليو ويو. اهي جڏهن
اتي پهتا ته اسپتال اڃا باقاعدي شروع نه ٿي هئي.
ڪا به شي تيار نه هئي ۽ فقط ٻه انگريز نرسيون
موجود هيون. آهستي آهستي مددي عملو پهچندو ويو.
انهن ۾ ڪيٿرائين برڪلي به هئي.
هينري جي ٽنگن کي انهي کان وڌيڪ نقصان پهچي ويو
جيترو شروع ۾ سمجهيو ويو هو ۽ هڪ آپريشن ضروري ٿي
پئي هئي. هن کي صحت ياب ٿيڻ ۾ جيتوڻيڪ ڊگهو وقت
لڳي وڃي ٿو پر ڪيٿرائين برڪلي جي نگهداشت سبب صحت
يابي يقيني ٿي وڃي ٿي. هن جي صحت ۾ ڪجھ بهتري اچي
ٿي ته هو ڪيٿرائين جو سمورو فارغ وقت گڏ گذارين
ٿا. هن جي جڏهن رات جي ڊيوٽي هجي ٿي تڏهن به هوءَ
ٻين مريضن کي آرام سان سمهارڻ کان پوءِ هن جي ڪمري
ڏانهن وڃي هلي ٿي ۽ اتي هو ميلاپ ڪن ٿا.
هوءَ جنهن ڏينهن اسپتال آئي هئي اسان انهي ئي
ڏينهن هڪ ٻئي کي چيو هو ته اسين شادي شده آهيون ۽
اسان پنهنجي شادي واري ڏينهن کان مهينا ڳڻڻ شروع
ڪيا هئا. مون واقعي شادي ڪرڻ چاهي ٿي پر ڪيٿرائين
چوندي هئي ته اسان جيڪڏهن شادي ڪئي ته هو کيس واپس
موڪلي ڇڏيندا... مون وري واقعي غير شادي شده رهڻ
گهريو ٿي پر مون کي ٻار ڄمي پوڻ جو ڊپ هو پر اسين
پنهنجو پاڻ ائين سمجهندا رهياسين ته اسين شادي شده
آهيون ۽ ڪو گهڻو اُلڪو نه ڪندا هئاسين ۽ منهنجي
خيال ۾ ته آءٌ شادي نه ڪرڻ تي ڏاڍو خوش هوندو
هئس“.
اهڙي طرح هينري ۽ ڪيٿرائين جو اونهارو خوشي ۽
اطمينان ۾ گذري ويو. اهي ڪڏهن ڪڏهن ڪيٿرائين جي
سهيلي هيلين فرگوسن سان ٻاهر نڪري ويندا هئا. انهي
سان هڪ نوجوان آمريڪي ڪروويل راجرس گڏ هوندو هو.
انهي کي به انهي ساڳئي ڌماڪي ۾ اک ۾ زخم رسيو هو
جنهن ۾ هينري زخمي ٿيو هو. پر اهي پنهنجي منهن رهڻ
پسند ڪندا هئا.
بهرحال اهو ڏينهن به اچي ويو جڏهن انهن جي اها
اونهاري واري پيار ڪهاڻي پڄاڻي تي پهتي. هينري کي
اطلاع ڏنو وڃي ٿو ته هو ٽي هفتا موڪل ڪري ۽ پوءِ
موٽي اچي محاذ تي ڊيوٽي ڪري. هو جڏهن ڪيٿرائين کي
اها خبر ٻڌائي ٿو ته هوءَ چوي ٿي ته هوءَ به موڪل
وٺڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ جيڪڏهن کيس موڪل نه ملي ته
هوءَ ڪم ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيندي.
هن جنهن نموني ڳالهايو انهيءَ مان هينري سمجهي ويو
ته ڪا گڙٻڙ آهي. هوءَ زور ڀرڻ تي ٻڌائي ٿي ته کيس
ٽيون مهينو پيٽ آهي. اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏڻ کان پوءِ
هو ڏاڍو سڪون محسوس ڪري ٿي ۽ ٻار جي ڄمڻ بابت
رٿائون ٺاهڻ شروع ڪري ٿي. انهي دوران اهي هينري جي
ٽن هفتن جي موڪل گذارڻ ليڪ ميجيوري تي پلانزا (Pallanza) وڃڻا
هئا.
پر موڪل تي وڃڻ کان اڳ ئي هينري کي سائي ٿي پئي.
انهن کي موڪل به ڪينسل ڪرڻي پئي ڇاڪاڻ ته جڏهن
سندس طبيعت ۾ ڪجھ بهتري آئي ته هڪ نئين پيش قدمي
شروع ٿيڻ واري هئي ۽ هن کي فوراً محاذ تي وڃڻ جو
چيو ويو.
جنهن رات تي کيس ڊيوٽي تي واپس وڃڻو هو اتي هو
بغير ڪنهن ارادي جي هڪ هوٽل تي هليا ويا. انهن وٽ
فقط هڪ يا ٻن ڪلاڪن جو وقت هو ۽ اڌ رات کان پوءِ
جڏهن انهن کي هوٽل مان نڪرڻو هو ته هو سڌو اسٽيشن
هليو وڃي ها جيئن ٽروپ ٽرين تي سوار ٿي وڃي. هو
کيس الوداع ڪرڻ لاءِ به ترسڻ نه ڏئي ها پر کيس
گاڏي ۾ ويهاري ڇڏي ها جيڪا کيس اسپتال کڻي وڃي ها.
هينري کي محاذ جي بيس سيزا سيڪٽر تي وڃڻ جو حڪم
ڏنو ويو آهي. هو اتي اڳ ۾ نه ويو آهي. انهي محاذ
تي ڪيپوريٽو جو ننڍو شهر آباد آهي. اطالوين پاران
پيش قدمي شروع ڪرڻ کان اڳ ئي آسٽريائين حملو ڪري
ڏنو ۽ ڪيپوريٽو وٽ اطالوي صفن ۾ گهري آيا.
جرمن فوجين کي آسٽريائين جي مدد لاءِ پهريون دفعو
موڪليو ويو آهي. اطالوين هيستائين جن فوجين کي
منهن ڏنو هو هي انهن کان بلڪل مختلف آهن. انهن جي
حقيقي مهارت کان انهن جي شهرت تمام گهڻي وڌيڪ آهي
پر اطالوين جي ذهن ۾ فقط شهرت ئي اچي ٿي ۽ اهي
احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿي پسپائي اختيار ڪن ٿا.
بدقسمتي سان اطالوي ڪمانڊ ۾ انتظامي مشڪلاتون پيدا
ٿي وڃن ٿيون. مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي وڃي ٿو،
جنرل ڪمانڊر انچيف جا حڪم نه ٿا مڃين ۽ ٿوري وقت
اندر پسپائي ڀاڄ ۾ بدلجي وڃي ٿي.
هينري ۽ سندس ايمبولينس يونٽ پسپائي ۾ ڦاسي پون ٿا
۽ هيمنگوي، بدنظمي، سپاهين جي عجيب روش- جن نطم
ضبط کي پٺيءَ پٺيان اڇلائي ڇڏيو آهي- ڪجھ آفيسرن
پاران تباهي کي روڪڻ لاءِ ڪيل بي رحماڻين ۽
ظالماڻين ڪوششن، زخمين ۽ سِوِل پناهگيرن جي افسوس
ناڪ حالت بابت جيڪي بيان ڏنا آهن انهن سان اهي باب
ڪتاب جو بهترين حصو ٿي پيا آهن. اتي هيمنگوي
پنهنجو اوٻر ڪڍي پاڻ کي اندر ٺارڻ جو بهترين موقعو
ڏنو آهي. اتي جنگ جي دهشتن، حماقتن، نااميدين ۽
وحشتن جا جنهن حقيقت پسندي سان چٽ چٽيا ويا آهن.
اهي پڙهندڙ تي تمام وڏو اثر وجھن ٿا.
پسپائي جي سموري وحشت دوران هينري جا خيال مسلسل
ڪيٿرائين ۽ سندس ايندڙ ٻار تي اٽڪيا پيا آهن. هو
جيئن ته پنهنجن تجربن جي سبب ڏاڍو پريشان آهي،
جنهن عورت سان کيس محبت آهي انهي لاءِ دل ۾ شديد
تڙپ پيدا ٿي پئي اٿس ۽ پنهنجي آسپاس ٿيندڙ واقعن
کان ڏاڍو مايوس آهي تنهن ڪري هو پنهنجو يونٽ ڇڏڻ
جو فيصلو ڪري ٿو ۽ ڪيٿرائين جي ڳولها ۾ ميلان
ويندڙ ريل گاڏي ۾ چڙهي پوي ٿو.
ميلان ۾ اسپتال ۾ پهچي کيس خبر پوي ٿي ته هوءَ
هاڻي اتي نه آهي. هوءَ ٻه ڏينهن اڳ هيلين فرگوسن
سان گڏ هلي وئي آهي ۽ پورٽر جو خيال آهي ته اهي
اسٽريسا ويون آهن. هينري ڪجھ سِوِل ڪپڙا هٿ ڪري ٿو
۽ انهن جي پويان وڃي ٿو. پورٽر کي جيئن ته انهن جي
اسٽريسا ۾ ائڊريس جي خبر نه هئي تنهن ڪري هو هوٽلن
۾ ڳولها ڪري ٿو. پر کيس ٻنهي انگريز نرسن کي ڳولهڻ
۾ ڪا ڏکيائي نه ٿي ٿئي.
هيلين سان هڪ مختصر ۽ پريشان ڪندڙ سين کان پوءِ
ڪيٿرائين هينري سان گڏ سندس هوٽل هلي اچي ٿي.
هيلين ائين نه ٿي چاهيو ته کيس پنهنجي منهن ڇڏيو
وڃي. هو اتي پهريون دفعو عام رواجي نموني ۾ زال
مڙس وانگر هلي چلي سگهن ٿا. پر انهي ڳالهه جي
هينري کي خبر نه آهي ته شهر جا ماڻهو کيس فوجي
ڀڳوڙو سمجهن ٿا ۽ هڪ رات جو دير سان هوٽل جو
بارمين کيس خبردار ڪري ٿو ته کيس صبح جو گرفتار
ڪيو ويندو. انهي کان بچڻ جو فقط هڪ ئي طريقو اهو
هو ته اهي ڍنڍ ذريعي سئٽرزلينڊ هليا وڃن.
بارمين هڪ ونجهن واري ٻيڙي هٿ ڪري ڏني. اهڙي طرح
هينري ۽ ڪيٿرائين ائين اوندهه، هوا ۽ تيز وسندڙ
مينهن ۾ نڪري پيا. اهي باقي سموري رات ٻيڙي هلائڻ
کان پوءِ آخرڪار سئٽرزلينڊ جي امن ۾ پهچي ويا. اتي
انهن جبل جي ڀڪ ۾ هڪ ننڍڙو گهر مسواڙ تي ورتو.
اهي سمورو سيارو اتي کل خوشي ۾ گذاري ڇڏين ٿا.
هينري وري شادي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ٿو پر ڪيٿرائين
انڪار ڪري ٿي ڇاڪاڻ ته هوءَ ظاهر ظهور پيٽ سان
آهي.
اهي مارچ مهيني ۾ لائوسان (Lausanne) هليا
وڃن ٿا. اهي اتي هڪ هوٽل ۾ رهن ٿا ۽ اتي ئي
ڪيٿرائين کي ويم جا سور ٿين ٿا. ڪجھ پيچيدگيون
پيدا ٿي وڃن ٿيون ۽ سيزر آپريشن ضروري ٿي وڃي ٿي.
ڇوڪرو مئل ڄمي ٿو، ٿوري دير کان پوءِ ڪيٿرائين کي
ڪيترائي دفعا بليڊنگ ٿئي ٿي. انهي کي ڊاڪٽر بند نه
ٿا ڪري سگهن ۽ هو به فوت ٿي وڃي ٿي.
انهن ٻنهي ناولن ۽ خاص طور اي فيئرويل ٽو آرمس جي
ذريعي اوٻر ڪڍي اندر ٺارڻ جو عمل ڪامياب رهيو
ڇاڪاڻ ته هيمنگوي جي باقي زندگي ۾ سندس ڪم جا مکيه
موضوع جسماني همٿ ۽ بهادري کي ساراهڻ ۽ جنگ توڙي
شڪار ۾ تشدد کي بغير ڪجھ ڪُڇڻ جي قبول ڪرڻ جي سوچ
کي عام ڪرڻ آهن.
هن جو ٻيو اهميت جوڳو ڪتاب 1932ع ۾ آيو. ”ڊيٿ اِن
دي آفٽر نون“، اسپين جي بل- فائيٽنگ جي ڏهن ورهين
جي اڀياس جو نتيجو هو ۽ انهي ۾ انهي راند جي
تاريخ، رپورٽ ۽ انهي بابت رهنمائي ۽ بياني تجزيو
سڀ شامل آهن. هو انهي موضوع ڏانهن انهي ڪري ڇڪجي
ويو جو انهي مان کيس ”زندگي ۽ موت جو احساس“ حاصل
ڪرڻ جو موقعو نظر آيو ٿي.
ادبي نقطه نظر کان انهي مان ثابت ٿيو ٿي ته اي
فيئرويل ٽو آرمس فن ۽ هنر جو ڪو واحد اظهار نه
آهي. پر اهو هڪ مخصوص ذهانت واري ليکڪ جو فن پارو
آهي.
هن جي اسلوب جي ڪيترن ئي ماڻهن نقالي به ڪئي ۽
جيئن اڳتي هلي جان وين (Wain) لکيو
هو: ”هن جا جيتوڻيڪ ڪيترائي نقال پيدا ٿيا پر
حقيقي معنيٰ ۾ ڪو ”هيمنگوي اسڪول“ پيدا نه ٿيو
ڇاڪاڻ ته هن جيڪو معيار مقرر ڪيو اهو تمام سخت
هو“. بهرحال هن اسلوب جي ارتقا تي وڏو اثر وڌو. هن
جي ننڍن ننڍن جملن، سندس بياني تحريرن جي وڏي حصي
مان روزاني ٻولي جي سواد ۽ پنهنجي موضوع کي اڀارڻ
لاءِ گفتگو کي هڪ ذريعي طور ڪم آڻڻ سندس همعصرن،
ليکڪن ۽ پڙهندڙن کي هڪ جهڙو متاثر ڪيو.
هيمنگوي پنهنجي شخصيت ذريعي به پنهنجي تحرير جي
سختي کي نمايان ڪيو ٿي- بل- فائيٽنگ جي اڀياس کان
پوءِ هو وڏن جانورن جو شڪار ڪرڻ آفريقا ويو هليو.
اهو سفر The
Green Hills of Africa جو
موضوع آهي جيڪو 1935ع ۾ ڇپيو. هو پنهنجي زندگي ۾
ئي هڪ سخت جان ۽ پڪي دل واري انسان طور مشهور ٿي
ويو هو.
هن ”ڊيٿ ان دي آفٽرنون“ لاءِ مواد گڏ ڪندي اسپين ۾
جيڪي ورهيه گذاريا هئا انهن دوران هن کي اسپين سان
جيڪا محبت ٿي وئي هئي انهي ڪري اسپيني گهرو لڙائي
هن مٿان گهرو اثر وڌو هو. انهي ٽڪراء جي نتيجي ۾
وجود ۾ آيل افسانوي توڙي حقيقي ڪتابن مان For
Whom the Bell Tolls سڀ
کان نمايان آهي.
هيمنگوي پنهنجن وڏن ڪتابن سان گڏوگڏ بيشمار
ڪهاڻيون پڻ لکيون. هن ادب جي انهي تمام خاص صنف ۾
پاڻ کي اهڙو استاد ثابت ڪيو جنهن کي سمر سيٽ ماهام
سان ڀيٽي سگهجي پيو. هن کي انهي ميدان ۾ ڪيل ڪم تي
پولٽزر پرائيز ڏنو ويو هو.
هن کي ادب جو نوبل انعام ٻين جنگ عظيم کان ڪجھ
ورهيه پوءِ مليو. اهو کيس پنهنجي مختصر ناول The
old Man and the Sea جي
ڇپجڻ کان ٻه ورهيه پوءِ 1954ع ۾ مليو.
هن ٻين جنگ عظيم کان پوءِ ڪيوبا ۾ رهائش اختيار
ڪئي. هو جيتوڻيڪ فڊل ڪاسترو کي پسند ڪندو هو ۽
انهي جو گهاٽو دوست هو ته به ڪيوبا جي انقلاب جيڪو
دڳ ورتو انهي تي هو مايوس ٿي ويو هو. هو اداهو ۾
سن ويلي ۾ موٽي آيو.
سندس صحت جواب ڏيندي وئي ۽ هن لاءِ ذيابيطس جي
علاج لاءِ بار بار اسپتال وڃڻ ضروري ٿي پيو. ائين
ئي هڪ دفعو اسپتال مان موٽي اچڻ کان پوءِ هو غير
معمولي طور مايوس هو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو 2- جولاءِ
1961ع تي سندس زال هڪ ٺڪاءُ ٻڌو ۽ کيس فرش تي مئل
ڏٺائين. سندس ڀرسان هڪ بندوق پئي هئي.
87. آل ڪئائيٽ آن دي ويسٽرن فرنٽ
-- ايرڪ ماريا ريمارڪ --
ايرڪ ماريا ريمارڪ جي سڀني گهري انسان دوستي تي
ٻڌل ناولن مان اها حقيقت جهلڪي ٿي ته هن هڪ ليکڪ
توڙي انسان جي حيثيت ۾ انهن دهشتناڪ ڳالهين کي
ڪڏهن به نه وساريو آهي جيڪي هن پهرئين جنگ عظيم
دوران محاذ تي ڏٺيون هيون يا خود انهن مان گذريو
هو. اهو صدمو به لازماً گهڻو وڏو هوندو جو هو
1898ع ۾ هينوور ۾ اوسنا بروڪ ۾ هڪ سانتيڪي مڊل
ڪلاس ڪٽنب ۾ ڄائو هو. سندس ماءُ پيءُ پنهنجن وڏڙن
جي رومن ڪيٿولڪ عقيدي تي قائم هئا. جيڪي فرانسي
انقلاب کان پوءِ رائين لينڊ ۾ اچي رهيا هئا. هن
سلسلي ۾ اها ڳالهه بيان ڪري ڇڏڻ گهرجي ته ريمارڪ
سندس اصلي نالو هو جيتوڻيڪ نازي کيس سندس پنهنجن
سامي مخالف (anti-
semitic) هم
وطنن ۾ مشڪوڪ بنائڻ جي اميد ۾ ورهين تائين اها
ڳالهه هُلائيندا رهيا ته هو يهودي نسل جو هو ۽
ريمارڪ فرضي نالو اختيار ڪيو هئائين.
ريمارڪ ارڙهين ورهين جو ٿيو ته اسڪول ڇڏي فوج ۾
شامل ٿيو. پوءِ هو جنگ جي پڄاڻي تائين ٻه ورهيه
فوج ۾ پرائيويٽ سولجر طور ڪم ڪندو رهيو. هو پنج
دفعا زخمي ٿيو انهن مان آخري دفعو شديد زخمي ٿيو ۽
مايوس ٿي فوج ڇڏي ڏنائين تڏهن هو عمر جي لحاظ کان
جيتوڻيڪ جوان هو پر ذهني طور ٿڪي پوڙهو ٿي ويو هو.
هن ڇوڪراڻي وهي ۾ جيڪا لاطيني، يوناني ٻولي، تاريخ
يا ٻيو جيڪو به ڪتابي علم حاصل ڪيو هو لڳو ٿي ته
انهي کي ڪي زمانا ٿي ويا هئس. هن وٽ جيڪا به
توانائي هئي اها مڪينيڪل ڪمن تي مرڪوز ٿي
سمجهيائين. پر شروع ۾ کيس احساس ٿيو ته هو فقط
ماستري جي ذريعي ئي روزگار حاصل ڪري سگهي ٿو. تڏهن
ويمار حڪومت فوج مان ڊسچارج ٿيل سپاهين کي ماستري
جي ٽريننگ ڪورسن لاءِ اسڪالرشپ ڏيندي هئي. هن به
اها قبول ڪئي. هن هڪ سال تائين پڙهايو پر کيس
ماستري کان نفرت هوندي هئي تنهن ڪري اهو ڌنڌو ڇڏي
مختلف ڪم ڪندو رهيو. انهي دوران هو پنهنجي مڪينيڪل
ڪمن جي چاهه کي وڌائيندو رهيو هو ۽ برلن جي هڪ
ٽائر ٺاهيندڙ ڪمپني ۾ ٽيسٽ ڊرائيور طور نوڪري حاصل
ڪري ورتائين. هن سئٽرزلينڊ جي هڪ موٽر ڪار ميگزين
۾ پڻ ليک لکڻ شروع ڪيا ۽ پنهنجي ٽائرن واري ڪمپني
لاءِ اشتهاري مواد لکڻ لڳو. هن کي لکڻ جو ڪم
پنهنجي توقع کان وڌيڪ سولو لڳو ۽ هن هڪ باتصوير
اسپورٽس جرنل جي اسسٽنٽ ايڊيٽر جي نوڪري ڳولهي
ورتي.
ڪم ريمارڪ کان هڪ لمحي لاءِ به اهي ڏک ۽ ايذاءُ نه
وسرائي سگهيو جيڪي جنگ سموري يورپ ۾ سندس نسل کي
ڏنا هئا. هن انهن ڏکن ۽ ايذائن جو شاهد ٿيڻ گهريو
ٿي ۽ پنهنجن هم وطنن کي خبردار ڪرڻ گهريو ٿي ته
اهي وري ڪڏهن به جنگ شروع نه ڪن. هن ”آل ڪئائيٽ آن
دي ويسٽرن فرنٽ“ مڪمل ته ڪري ڇڏيو پر ڪيترن ئي
پبلشرن مسودو واپس موڪلي ڇڏيو. اهو آخرڪار 1929ع ۾
برلن جي اُلسٽين ورلاگ وارن ڇپايو. ڪتاب وڏي هلچل
مچائي ڇڏي ۽ پهرئين سال ۾ ئي ڏهن لکن کان وڌيڪ
ڪاپيون وڪرو ٿيون.
ريمارڪ جنهن کي شهرت ۽ پُڇ پُڇ کان بڇان هوندي هئي
اهو اوچتو امير ۽ مشهور ماڻهو ٿي پيو. سن 1932ع
ايندي ايندي سمجهو جرمننن کي خبر پئجي وئي ته نازي
جلد ئي اقتدار ۾ اچي ويندا. هن به ملڪ ڇڏڻ جو
فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ جيئن ته جنگ ۾ آيل هڪ زخم جي
نتيجي ۾ سندس هڪ ڦڦڙ متاثر هو تنهن ڪري هن پنهنجي
نئين وطن طور سئٽرزلينڊ جي چونڊ ڪئي. هن لاگو
ميگيوري تي پورٽو رونڪو ۾ هڪ گهر ورتو ۽ اوڏانهن
رهڻ ويو هليو. ڪجھ ورهين تائين سندس خانگي زندگي ۾
بي اطميناني رهي؛ هن 1923ع ۾ شادي ڪئي هئي. پر هن
پاران سئٽرزلينڊ لڏي وڃڻ کان اڳ سندس زال اِلسي
طلاق وٺي ڌار ٿي وئي. انهن 1938ع ۾ وري شادي ڪئي.
ريمارڪ پاران پورٽو رونڪو ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان
جلدئي پوءِ سندس پاڻ مرادو اختيار ڪيل جلاوطني پڪي
جلاوطني ٿي وئي. هن پاران عسڪريت پسندي ۽ جنگ کان
نفرت کيس جنگ جي عاشق نازين جو فطري نشانو بڻائي
ڇڏيو. اهي ريمارڪ کان خاص طور ڪاوڙيل هئا ڇاڪاڻ ته
هو ظاهري طور سندن ذهن موجب هڪ آريائي جو مڪمل
نمونو هو. هو ڊگهو هو، ڀورو هو ۽ ڪسرتي جسم جو
مالڪ هو.
ريمارڪ 1939ع ۾ جنگ شروع ٿيڻ وقت نيويارڪ ويو هليو
۽ 1947ع ۾ آمريڪي شهري ٿيو. جنگ کان وٺي هن پنهنجي
رهائش نيويارڪ ۽ سئٽزرلينڊ ۾ رکي آهي. هن سدائين
تمام گهڻا سفر ڪيا آهن ۽ مشغولي طور تصويرون ۽ فني
اهميت واريون سهڻيون شيون گڏ ڪندو هو پر جيئن سندس
اڪثر ناولن- سڀ کان تازو آيل Night
in Lisbon سميت-
مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سندس انسان دوستي ايتري ئي
مضبوط رهي آهي جيتري هن پاران پهريون ڪتاب لکڻ وقت
هئي.
آل ڪئائيٽ آن دي ويسٽرن فرنٽ جو دائرو ريمارڪ پاڻ
هڪ تعارفي نوٽ ۾ تمام وضاحت سان بيان ڪري ڇڏيو هو:
اهو ڪتاب نه ئي ڪنهن تي الزام آهي نه ئي ڪو اعتراف
آهي، نه ئي هو انهن لاءِ ڪا مهم جوئي ثابت ٿيندو
جيڪي انهي کي منهن ڏيندا. اهو ته فقط مردن جي انهي
نسل بابت ڳالهيون ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو جيڪي جيتوڻيڪ
جنگ جي بم گولن کان ته بچي ويا پر خود جنگ انهن کي
تباهه ڪري ڇڏيو.
اهو ڪتاب ڏاڍي سادگي سان ۽ سنئين سڌي نموني ۾ ضمير
متڪلم ۾ لکيل آهي. بيان ڪندڙ پال بامر هڪ اوڻيهن
ورهين جو ڇوڪرو آهي. اهو پنهنجي جمنازيم مان ڇهين
درجي مان پنهنجن دوستن سان گڏ هي بيان شروع ٿيڻ
کان هڪ ورهيه اڳ فوج ۾ شامل ٿيو هو. ڇوڪرن کي
پنهنجي هڪ استاد ڪينٽوريڪ فوج ۾ شامل ٿيڻ تي
اڀاريو هو. ”هو انهن شهري ماڻهن مان هڪ هو“ بامر
لکي ٿو، ”جيڪي سدائين ڳالهائيندا ۽ لکندا رهندا
هئا“. جڏهن ته، ”محاذ تي نوجوان سپاهي زخمين ۽
مئلن کي پيا ڏسندا هئا“. بامر کي ڪارپورل هِملس
ٽاس تي به ساڳئي نموني چڙ آهي. هو سِوِل زندگي ۾
ٽپالي هو. هن بامر ۽ سندس دوستن کي جنگ تي وڃڻ کان
اڳ ڏاڍي سخت بنيادي ٽريننگ ڏني هئي. هاڻي هڪ ورهيه
پوءِ اها ڳالهه واضح ٿي وئي هئي ته انهي ٽريننگ ڪو
فائدو نه ڏنو هو ڇاڪاڻ ته بامر جا ڪيترائي ڪلاس
ميٽ اڳيئي مري ويا هئا يا هميشه لاءِ معذور ٿي ويا
هئا. بامر هاڻي هڪ ڏينهن ڊراما لکڻ جا خواب به نه
ٿو ڏسي. هن جي ذهن تي ته ڪمرچ ۽ سندس ڪجھ ٻين
دوستن جي چُڻي چڻي مرڻ جون يادگيريون حاوي آهن.
هاڻي انهي جمنازيم مان پڙهيل باقي بچيل چار ڄڻا هڪ
ٻئي جي ويجھو اچي وڃن ٿا. مُلر پنهنجي ٿيلهي ۾ اڃا
به پنهنجا ڪي اسڪولي ڪتاب کنيو پيو هلي ۽ اهو خيال
کنيو پيو هلي ته هو مستقبل ۾ ڪنهن ڏينهن امتحان ۾
ويهندو. آلبرٽ ڪراپ صورتحال مان وڌ کان وڌ فائدو
حاصل ڪرڻ گهري ٿو ۽ لانس ڪارپورل جي رئنڪ تائين
پهتو آهي. ليئر ڪنهن وقت هڪ هوشيار رياضيدان هو.
هاڻي سندس ذهن آفيسرن جي چڪلي وارين رنڊين بابت
خيالن سان ڀريو پيو آهي.
انهن نوجوانن جا تعليمي درجا ۽ عزم ۽ ارادا ڪنهن
کي به ياد نه رهيا آهن. جيڪا ڳالهه اهميت رکي ٿي
اها هيءَ آهي ته مشترڪ مشڪلات ۽ خطرن ۾ هڪ ٻئي جو
ساٿ ڏجي ۽ هاڻي اهي اڳوڻا اسڪالر پنهنجي يونٽ جي
انهن ماڻهن سان تعلق ۾ اچي ويا آهن جيڪي تمام
مختلف پس منظرن مان آيا آهن. ٽيڊن جنگ کان اڳ تالا
ٺاهيندو هو. انهي سنهڙي سڪلڙي ماڻهو کي پنهنجن
آفيسرن ۽ نان ڪميشنڊ آفيسرن کان تحفظ جي ضرورت آهي
ڇو ته هن کي هڪ ڏاڍي افسوسناڪ بيماري آهي هو هنڌ ۾
پيشاب ڪري ڇڏيندو آهي. وري هاءِ ويسٿوس هڪ کاڻ
مزدور آهي. انهي جا مضبوط هٿ اڪثر مددگار ثابت
ٿيندا آهن. ڊينرنگ هڪ ڪڙمي آهي. انهي جي ذهن ۾
پنهنجي ٻني ۽ وني کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ئي نه
هوندي آهي.
انهن سڀني نوجوانن جو ليڊر اسٽينسلاس ڪيٽزنسڪي هڪ
موچي آهي. انهي کي ڇوڪرا ڪيٽ جي نالي سان سڏين ٿا.
ڪيٽ جي عمر چاليهه ورهيه آهي. هو ڏاڍو سياڻو،
چالاڪ ۽ همدرد هئڻ سان گڏوگڏ ڪنهن نه ڪنهن نموني
ڪم ڪري وڃڻ جو ماهر آهي. هن بابت بامر ڏاڍي پيار
سان لکي ٿو: ”هن جو اکيون نيريون ۽ ڪلها ڍُرڪيل
آهن. هن جي خراب موسم، سٺي کاڌي ۽ ڪمن جو اندازو
لڳائي وٺڻ جي حس ڏاڍي تيز آهي“. ڪيٽ نوجوان سپاهين
کي ائين دلاسا ڏيندو آهي ۽ ائين دڙڪا ڏيندو آهي ڄڻ
ته هو انهن جو پيءُ هجي. هو تمام خراب صورتحال ۾
به مزاح جو پهلو ڳولهي وٺندو آهي. هي اهڙو ماڻهو
آهي جنهن کي ٻين جنگ عظيم ۾ ”آرگنائيزر“ سڏيو وڃي
ها. هو سياري ۾ ڪٿان نه ڪٿان ڪو ننڍڙو چلهو ۽ انهي
۾ ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون هٿ ڪري ايندو آهي. هن کي خبر
آهي ته کيس پنهنجي لاءِ ۽ دوستن لاءِ ڪک پن ڪٿان
ملندا جن کي هنڌ طور ڪم آڻي سگهجي. هو کاڌي پيتي
جون شيون چورائڻ جو به استاد آهي. جيڪڏهن ڪٿي ڪي
ڪڪڙيون يا بدڪون هونديون ته کيس انهن جي به خبر
پئجي ويندي. هو سدائين پرئڪٽيڪل به رهندو آهي. هو
گهوڙي جو گوشت ۽ سبزيون پچائي سگهندو آهي. هو زخمن
لاءِ بهترين پٽيون به ٺاهيندو آهي.
ڪيٽ کي پنهنجن نوجوان دوستن جي ذهني حالت کي
متوازن رکڻ ۾ به وڏو هٿ آهي. انهن کان حقيقت (reality) جو
احساس گم ٿي ويو آهي. انهن کي زندگي هڪ مبهم گهٽ
وڌ ٿيندڙ دٻڪو يا داغ لڳي ٿي. محاذ تي ڪجھ وڏي عمر
جا ماڻهو ٺهيل ٺڪيل پس منظر رکن ٿا: انهن کي زالون
۽ ٻار آهن. انهن ڪا باقاعدي نوڪري به ڪئي آهي. ٻئي
طرف وري بامر ۽ انهن جي همعصرن کي ڪي پاڙون نه
آهن. اهي لڳي ٿو ته ڪنهن خال (Vacuum) ۾
رهن ٿا جنهن جي چوڌاري خطرو ۽ موت آهي. ”اسان
لاءِ“ بامر لکي ٿو ”هر شي لُڙهي وئي هئي. وڏي عمر
جي ماڻهن لاءِ ته جنگ فقط هڪ رخنو آهي. پر اسين ته
انهي جي گرفت ۾ اچي ويا آهيون ۽ ڪا خبر نه ٿي پوي
ته انجام ڇا ٿيندو. اسين ته فقط ايترو ڄاڻون ٿا ته
اسين ڏاڍي عجيب ۽ اداس نموني ڪنهن ويراني ۾ اچي
ويا آهيون“.
ڪجھ جلدي گذري ويندڙ لمحا اهڙا به اچن ٿا جن ۾
بامر گهر جي بابت سوچي ٿو پر يادگيري اهڙي اڻ چٽي
آهي جيئن نه ڪا شي تصوير ۾ نظر ايندي آهي. ”آءٌ
گرجا گهر جي ونگن واري دالان ۾ آهيان“. هو لکي ٿو،
”۽ انهن ڊگهن گلاب جي ٻوٽن ڏانهن ڏسان ٿو جيڪي
انهيءَ ننڍڙي باغيچي جي وچ ۾ گل جهليو بيٺا آهن
جنهن ۾ راهب آرامي آهن“. ڀتين تي حضرت عيسيٰ جي
مصيبتن واريون 14 تصويرون اڪريل آهن... آءٌ اتي
بيٺو آهيان ۽ سوچيان ٿو ته ڇا جڏهن آءٌ ويهن ورهين
جو ٿيندس ته تيستائين محبت جي متيون منجهائيندڙ
جذبن مان گذري چڪو هوندس“.
بامر کي جڏهن گهر وڃڻ جي موڪل ملي ته اتي به فقط
غمگيني هئي. سندس ماءُ ڪينسر ۾ مرڻ تي هئي. هن کي
کيس محاذ بابت فقط وڻندڙ ڪهاڻيون ٻڌائڻيون هيون.
سندس پيءُ هن کان ڪيتريون ئي ڳالهوين پڇي ٿو جن جو
بامر کي جواب ڏيڻ جو حوصلو نه آهي. هن کي جواب
ڏيندي ڊپ پڻ لڳي ٿو ڇاڪاڻ ته هن جيڪڏهن ائين ڪيو
ته کيس پڪ آهي ته سندس ڊپ ۽ شڪ تمام گهڻا وڌي
ويندا ۽ سندس دماغ تي حاوي ٿي ويندا. جڏهن بامر جي
موڪل ختم ٿي ته هو ڏاڍو خوش ٿيو.
هن ۽ سندس دوستن کي اها ڳالهه چٽي طرح ڏسڻ ۾ اچي
ٿي ته هن جي سنگت گهڻو وقت نه رهندي. بچي وڃڻ جا
امڪان گهٽ کان گهٽ ٿيندا پيا وڃن ۽ آخر ۾ بامر
پنهنجا سڀئي دوست وڃائي ويهي ٿو. ڊٽرنگ، هاري،
يونٽ مان ڀڄي وڃي ٿو پر گرفتار ٿي وڃي ٿو ۽ ڀڳوڙي
جي سزا طور گولي کائي ٿو. ليئر، ملر ۽ ٻيا به جنگ
۾ شديد زخمي ٿي پون ٿا ۽ زخمن وگهي مري وڃن ٿا.
ڪيٽ کي ”فقط گوڏي ۾“ گولي لڳي ٿي پر بامر جڏهن کيس
محفوظ جاءِ تي کڻي وڃي رهيو هو ته هڪ نشاني باز
کيس مٿي ۾ گولي هڻي ڇڏي ٿو.
بامر به شديد زخمي ٿي پيو آهي پر بيس واري اسپتال
۾ ڪيترا مهينا گذارڻ کان پوءِ کيس محاذ تي واپس
موڪليو وڃي ٿو. کيس چڱي طرح خبر آهي ته جرمني جنگ
هارائي ويو آهي. ”فقط جنرل اسٽاف ۽ فيڪٽري مالڪ-
جيڪي امير کان امير تر ٿيندا پيا وڃن- ئي جنگ جاري
رکڻ چاهين ٿا“. بامر کي هاڻي دشمن جي فائر کان ڪو
به ڊپ نه ٿو ٿئي. دوست وڃائي ۽ اميد کان وانجھجھي
اهڙي ڪا به شي باقي نه بچي آهي جنهن لاءِ زندهه
رهجي.
ڪتاب هڪ پس نوشت تي پڄاڻي تي پهچي ٿو جيڪو بامر جو
لکيل نه آهي. انهي پس نوشت(PostScript) ۾
آهي: ”هو آڪٽوبر 1918ع ۾ فوت ٿيو. انهي ڏينهن
سموري محاذ تي ايتري خاموشي هئي جو آرمي رپورٽ فقط
جملي تي ئي محدود رهي: All
Quiet on the western Front.
(مغربي محاذ تي بلڪل خاموشي رهي).
”هو اڳتي ڪريو هو ۽ زمين تي ائين پيو هو ڄڻ ننڊ
پيو هجي. هن جو پاسو ورائڻ تي ائين لڳو ڄڻ هن کي
گهڻي تڪليف نه آئي هوندي. سندس منهن مان خاموشي ۽
ماٺ جو اظهار ٿيو ٿي ڄڻ ته هو خوش هو ته پڄاڻي جو
وقت اچي ويو هو“.
”آل ڪئائيٽ آن دي ويسٽرن فرنٽ“ بلاشڪ هڪ بهترين
ڪتاب آهي جنهن جي مقبوليت ۾ وقت گذرڻ باوجود فرق
نه آيو آهي ۽ اهو جنهن وقت منظر تي آيو انهي وقت
به ان کي خاص توجه ڏيڻ گهربي هئي. اسلوب جي سادگي
۽ بي ساختگي ۽ ليکڪ جي سچائي پڙهندڙ لاءِ ڪنهن عام
سپاهي جي تجربن لاءِ هڪ حقيقي ۽ پائدار تاثر پيدا
ڪن ٿا. انهي کان سواءِ ريمارڪ- هن سندس پهرئين
ڪتاب ۾ پنهنجي انهي غير معمولي صلاحيت جو اظهار به
ڪيو آهي ته هو- جن ماڻهن بابت لکي ٿو انهن کي
جيئرو جاڳندو پيش ڪري سگهي ٿو. بامر ۽ سندس دوست
ڪتاب جي شروعات کان ئي زنده ماڻهن جي روپ ۾ منظر
تي اچن ٿا.
آل ڪئائيٽ جي هڪ ٻي نمايان خصوصيت اها آهي ته اهو
ڪڏهن به پراڻو نه ٿو ٿئي. قيصر جي جنگ دوران جرمني
جي سخت عسڪريت پسندي واري پس منظر کي بهترين نموني
بيان ڪيو ويو آهي. پر ريمارڪ جا سپاهي ڪردار
پنهنجين پيڙائن، مايوسين ۽ نراسائين سان شايد ته
ڪنهن به جنگ ۾، ڪنهن به ملڪ ۾ ۽ ڪهڙي به دور ۾ ڪم
ڏئي سگهن ٿا. اهڙي طرح آل ڪئائيٽ هڪ لازوال ڪتاب
آهي.
انهي جي باوجود به جيستائين هن ڪتاب جي ڪاميابي جو
تعلق آهي ته انهي جي ڇپائي جو وقت تمام اهميت رکي
ٿو. سن 1918ع کان فوراً پوءِ واري ڏهاڪي ۾ هر هنڌ
ماڻهن انهي جنگ جي سبب آيل پيڙائن کي وسارڻ ٿي
چاهيو. جيڪي ماڻهو خندقن کان واقف هئا اهي پنهنجا
تجربا پاڻ جهڙن ماڻهن کان سواءِ ٻين کي ٻڌائڻ پسند
نه ڪندا هئا. جن مردن عورتن جا پٽ، مڙس يا ڀائر
مري ويا هئا اهي به ڪجھ ڳالهائي نه سگهندا هئا
ڇاڪاڻ ته هن وڃايل نسل ڪهڙيون ڀوڳنائون ڀوڳيون
هيون. کين اهي وري ذهن ۾ آڻڻ جي همٿ ئي نه ٿيندي
آهي. يعني جنگ جي يادگيري مردن جي ذهنن ۾ هڪ لڪيل
ناسور هئي. عام سپاهين جنگ بابت ڪتاب نه لکيا هئا
۽ ايڊ مرلن، جرنيلن ۽ مدبرن جي ياد داشتن پڙهندڙ
کي حقيقي جنگ بابت ڪجھ به نه ٿي ٻڌايو.
پوءِ جنگ بندي کان ڏهه ورهيه پوءِ آل ڪئائيٽ آن دي
ويسٽرن فرنٽ شروعات ڪري ڇڏي. اهو جنگ بابت پهريون
ڪتاب هو جيڪو تڏهن هڪ گمنام سپاهي لکيو هو. ريمارڪ
جي ڪتاب جو مسودو ڇپجڻ کان اڳ نه فقط جرمني پر
انگلينڊ جي به ڪيترن ئي پبلشرن رد ڪري ڇڏيو هو.
انهي کان پوءِ جنگ بابت ٻيا ڪتاب آيا ۽ تڏهن وڃي
عام ماڻهن کي خبر پئي ته جنگ ۾ حصو وٺندڙ سپاهين
جي ڪهڙي حالت هوندي هئي. جنگ بابت صحيح حقيقتون
منظر تي آيون، ماڻهو انهي بابت کلي ڳالهائڻ لڳا ۽
ورهين جي ماٺ کان پوءِ اها ڏاڍي آرام ڏيندڙ ڳالهه
ٿي لڳي. |