سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:15 

گاڏي اڳتي وڌي وڃي ٿي. رات جا اونداها پاڇا پئجي رهيا آهن. گاڏي وارو چهبڪ هوا ۾ گهمائي گهوڙن کي هڻي ٿو. اهي ڪليئر مونٽ مان به حفاظت سان گذري وڃن ٿا ۽ شاهي پارٽي جا سڀ ماڻهو هڪ قسم جي ننڊ ڪرڻ لڳن ٿا. پر انهي دوران ڊرائوٽ ۽ ٽائون ڪلارڪ نوس نوس ڪندا رهن ٿا ۽ گاڏي جڏهن وارينس ڳوٺ جي لنگهه وٽ پهچي ٿي ته انهن کي هڪ فرنيچر جي گاڏي سان روڊ بلاڪ ٿيل نظر اچي ٿو ۽ گاڏي مان بندوقون اڀيون نظر اچن ٿيون. ”مهربان، توهان جا پاسپورٽ؟“ ڀر ۾ ئي ڊرائوٽ بيٺو آهي. پوءِ سفري پارٽي کي ڌاڍي شائستگي سان ايم ساسي جي سيڌي جي دڪان ۾ رات رهڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. لوئس ٻاهر لهي ٿو. پوءِ ٻيا سڀ به هيٺ لهن ٿا ۽ دڪان جي مٿان ٺهيل ڪمري ۾ وڃن ٿا. بادشاهه سلامت اتي پهچندي ئي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھ گهريو. ”کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھ گهريو“. ڪتاب ۾ اهي لفظ ئي لکيل آهن. انهي تي کيس ماني، پنير ۽ برگنڊي جي هڪ بوتل ڏني وئي. انهي لاءِ هن چيو ته هن اهڙي بهترين برگنڊي ڪڏهن نه پيتي آهي! ۽ پوءِ صبح جو انهن وري پيرس ۽ سري لاهڻي ڏانهن سفر شروع ڪيو.

ڪارلائيل اهڙن واقعن جي بيان ۾ پنهنجي تحرير جي بهترين انداز ۾ هوندو آهي. جڏهن لڳندو آهي ته وقت هڪ جاءِ تي بيهجي ويو آهي ۽ ڪجھ نه ڪجھ ٿيڻ وارو آهي. ڊرامي جي مک اداڪارن جا پورٽريٽ به ڪڏهن ڪڏهن عاليشان هوندا اٿس. مثال طور هن پاران شارلٽ ڪورڊي جي ٺاهيل تصوير ڏسو. اها ڇوڪري ”عاليشان نارمن شڪل صورت جي هئي. سندس عمر 25 ورهيه هئي“. اهو 9- جولاءِ 1793ع اڱاري جو ڏينهن هو جو هوءَ هڪ گاڏي ۾ ويٺي. انهي جي سيٽ پيرس تائين بُڪ ٿيل هئي. ”ڪنهن به کيس خدا حافظ نه چيو نه ئي سفر سٺو ٿيڻ جي ڪا دعا ڏني. سندس پيءُ کي هڪ سٽ لکيل ملندي جنهن ۾ لکيل هوندو ته هو انگلينڊ وڃي رهي آهي ۽ هڪ گندي ڪمري ۾ ويٺي آهي جنهن ۾ Terror جي دور جو سڀ کان طاقتور عملدار Marat”اڌ ڍڪيل وهنجڻ جي ٽب ۾ ويو هو، هو ڏاڍو ٿڪو ٽٽو پيو هو. انقلاب جي مسئلن کيس بيمار ڪري وڌو هو. هن کي ٻيون به ڪي بيماريون هيون جن جو نالو نه وٺجي ته چڱو. ”سٽيزن مارات! آءٌ ڪائن (Caen) مان آئي آهيان. اهو بغاوت جو ڳڙهه آهي. آءٌ توهان سان ڳالهائڻ چاهيان ٿي“. مهرباني ڪري ويهه. ڪائن ۾ ڪهڙا ڪهڙا غدار ڪم ڪري رهيا آهن؟ هتي ڪهڙا ڊپٽي مقرر ٿيل آهن؟ شارلٽ ڪجھ ڊپٽين جا نالا کنيا. ”انهن جا سر پندرهن ڏينهن ۾ قلم ٿي ويندا. پُرجوش عوام جو دوست چوي ٿو ۽ ڪجھ لکڻ لاءِ پنهنجيون تختيون کڻي ٿو هو ٽب ۾ پاسو ورائي پنهنجي اگهاڙي سُسيل ٻانهن سان Barbaroux، Petion جا لفظ لکي ٿو ۽ اڃا Louvet جو لفظ لکيائين مس ته شارلٽ سٽ ڏئي پنهنجو چاقو ڪڍيو ۽ هڪ ئي وار سان لکندڙ جي دل ۾ ٽنبي ڇڏيائين.

شارلٽ ڪور ڊي مٿان جڏهن انقلابي ٽرائبيونل جي سامهون الزام هنيو ويو ته هو ماٺ ميٺ ۾ هئي ۽ ڏاڍي سهڻي لڳي رهي هئي ”مون هڪ ماڻهو کي قتل ڪيو آهي، ”هن چيو ”جيئن هڪ لک ماڻهن کي بچائي سگهان؛ مون معصومن، بي گناهن کي بچائڻ لاءِ هڪ بدمعاش کي ماريو آهي. مون هڪ وحشي جهنگ جي جانور کي ماريو آهي جيئن پنهنجي وطن کي سک ڏئي سگهان. آءٌ انقلاب کان اڳ ريپبليڪن خيالن جي هئس. مون کي طاقت ۽ توانائي جي ضرورت نه هئي ته کيس موت جي سزا ڏني وئي ۽ انهي ئي شام“ ڪونسر جيري جي ڦاٽڪ مان موتمار گاڏي نڪتي، سمورو شهر کڙين ڀر اڀو لڳو بيٺو هو. انهي گاڏي تي هڪ سهڻي نوجوان ڇوڪري قاتل وارو ڊگهو ڳاڙهو پهراڻ پهريو ويٺي هئي. هوءَ ڏاڍي سهڻي، ڏاڍي پرسڪون، ڏاڍي زندگيءَ سان ڀريل لڳي رهي هئي. هو موت ڏانهن محو سفر هئي.... ڪيترائي ماڻهو ٽوپلا لاهي ڏاڍي احترام سان سلام ڪن ٿا. اهو منظر ڏسي ڪهڙي دل تي اثر نه ٿيندو. ”ڪي ٻيا ماڻهو وري رڙيون ۽ ڪوڪون ڪن ٿا!“.

هڪ سال کان به گهٽ عرصو پوءِ انقلابي هڪ ٻئي کي قتل ڪرڻ لڳا، ”ڊانٽن ڦاهي جي تختي تان رڙيون پئي ڪيون: ”او منهنجي زال! او منهنجي پياري. آءٌ توکي هاڻي ڪڏهن به نه ڏسي سگهندس: پر وري هو پنهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏيندي چوي ٿو! ڊانٽن، ڪمزوري نه ڏيکار. هيرالٽ سيچلز هن کي ڳراٽڙي پائڻ لاءِ اڳتي وڌي ته هن چيو: ”اسان جا مٿا هُتي ملندا“، هيڊزمئن جي ٻوريءَ ۾. هن پنهنجا آخري لفظ سيمسن دي هيڊزمئن کي مخاطب ٿيندي چيا: ”تون منهنجي مُنڍي ماڻهن کي ڏيکارجانءِ. اها ڏيکارڻ لائق آهي“.

انقلاب جي پڇاڙي وقت رابس پيئر جو انت ڏاڍو مختلف هو. جيئن ڇڪڙو کيس سري لاهڻي ڏانهن کڻي پئي آيو ته فوجين پنهنجون تلوارون هن ڏانهن اڀيون ڪيون جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته هو ڪهڙو آهي. هڪ عورت هڪ هٿ ڇڪڙي ۾ وجھي ٽپ ڏئي ڇڪڙي تي چڙهي آئي ۽ ٻيو جادوگرياڻي جهڙو هٿ لوڏي چوڻ لڳي: ”تنهنجي موت سان منهنجي دل کي ڏاڍي راحت ٿي اچي“. رابس پيئر پنهنجيون اکيون کوليون، ”اسڪليراٽ وڃ سڀني مائرن ۽ زالن جا پٽون پاراتا کڻي وڃي جهنم ۾ پئهُ. ڦاهي گهاٽ وٽ هنن سندس وارو اچڻ تائين هن کي پٽ تي ليٽائي ڇڏيو. وري جو مٿي کنيائونس ته سندس اکيون وري کُلي ويون. هن رت ٻڏل ڪهاڙو ڏٺو. سيمسن هن جو ڪوٽ ڇڪي لاٿو ۽ سندس ڄاڙي تان گندو ڪپڙو لاٿو ته ڄاڙي هيٺ لڙڪي پئي. هن جي وات مان ڏاڍي خوفناڪ رڙ نڪتي. ”سيمسن ايتري جلدي نه ڪجانءِ....“

اهڙي طرح منظر کان پوءِ ٻيو منظر ايندو ٿو وڃي. ايستائين جو آخري منظر ۾ نيپولين بونا پارٽ نالي هڪ نوجوان آرٽلري آفيسر گولين جو مينهن وسائڻ جو حڪم ٿو ڏئي جنهن سان گهٽي آخري انقلابين جي جسمن سان ڀرجي ٿي وڃي. اهڙي طرح اسين جنهن واقعي کي خاص طور فرانسي انقلاب چئون ٿا اهو هوا ۾ تخليل ٿي وڃي ٿو ۽ ماضي جي شي ٿي وڃي ٿو.

42. ڊيڊ سولز (Dead Souls)

- نڪولائي وي.گوگول -

 

نڪولائي وسيلائي وچ گوگول يوڪرائين ۾ سورو چينٽيز ۾ ڄائو ۽ هڪ ڪوزڪ خاندان مان هو. هو اوڻيهين ورهين جي ڄمار ۾ ڏاڍو حساس طبيعت ۽ رومانوي مزاج رکندڙ هو جو سينٽ پيٽرز برگ ويو ۽ هڪ سرڪاري آفيس ۾ معمولي ڪاپي ڪلارڪ ٿيو. سندس نوڪري جي مختصر عرصي دوران هن ۾ آفيسر شاهي لاءِ ڏاڍي سخت ۽ ديرپا نفرت پيدا ٿي وئي. انهي آفيسر شاهي جو سندس دور واري روس تي سخت ڪنٽرول هو. اهي حالتون ڏسي هن آمريڪا ۾ پنهنجو مقدر آزمائڻ جو فيصلو ڪيو. هن پنهنجي نوڪريءَ تان استعفا ڏني، پنهنجي ماءُ کان ڪجھ پئسا اڌارا ورتائين ۽ روانو ٿي ويو پر لوبيڪ مان واپس موٽي آيو جو پاڻ کي انهي ڳالهه تي قائل ڪري ورتائين ته هن ۾ عظيم اداڪار ٿيڻ جي صلاحيت موجود آهي. پوءِ هو ڇهن مهينن تائين سينٽ پيٽرز برگ جي ڪيترن ئي ٿيٽرن چوڌاري بيسود لامارا ڏيندو رهيو. اهو ڏاڍو بي مانائتو ڪندڙ تجربو هو. هن پنهنجي شاعر دوست پشڪن جي سامهون احتجاج ڪيو ته مئنيجرن جو اهو چوڻ تمام ناواجب آهي ته هن جو آواز ڏاڍو ڪمزور آهي. پر حقيقت اها آهي ته سندس سموري ظاهري شڪل صورت سندس خلاف هئي. سندس هڪ همعصر مطابق، ”هن جو قد ننڍو هو ۽ ٽنگون سندس جسم جي لحاظ کان ننڍيون هئس. هو ٽنگون وچڙائي هلندو هو ۽ ڪو به ڪم سليقي سان نه ڪري سگهندو هو. ڪپڙو لٽو به سٺو نه هوندو هوس ۽ ڪجھ کِل جهڙو لڳندو هو. سندس نڪ ڊگهو هوندو هو ۽ وارن جي هڪ ڊگهي چڳ نرڙ تي پئي لڙڪندي هئس.“

غمگين ۽ مايوس گوگول کي پشڪن آٿت ڏني ۽ کيس نوجوان دانشورن جي حلقي سان ملايو. اهي انهي تحريڪ جا مرڪزي ڪردار هئا جنهن وڌي ويجھي تقريباً هڪ صدي پوءِ روس کي انقلاب جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. گوگول انهن جي تحرڪ هيٺ هڪ مختصر نثري رزميو Tara Bulba ۽ ڪيترائي بهترين افسانا لکيا. انهن مان The Cloak تمام مشهور آهي جنهن لاءِ دوستو وسڪي سدائين ائين چوندو هو ته روسي ناول انهي وڻ مان ڦٽي نڪتو آهي.

اڪثر روسين تي چانهه پيئندي ۽ ڪچهري ڪندي نشا چڙهي ويندا آهن. گوگول به انهي عادت کان خالي نه هو. هو ۽ سندس ساٿي راتين پٺيان راتيون ويٺا پنهنجي ملڪ جي تمام وڏي ۽ ڪرپٽ سول سروس جي ناانصافين تي بحث مباحثا ڪندا هئا. انهن ڪچهرين دوران کيس يقين ٿي ويو ته انهيءَ جي بڇڙاين کي وائکو ڪرڻ سندس فرض آهي. هو جيتوڻيڪ اڃا به ٿيٽر جي موهه ۾ مبتلا هو پر The Inspector- General (مرزا قليچ بيگ انهي جي آڌار تي سنڌيءَ ۾ انڪوائري آفيسر لکيو. سنڌيڪار) نالي پنهنجي بهترين طنزيه ڪاميڊي ۾ اهو ڪم ڪري ڏيکاريائين. زوڪو وسڪي نالي شاعر جيڪو نوجوان زاري وچ جو اتاليق هو انهي کي اها دل ٿي جو اهو زار نڪولس پهرئين کي ڏيکاري ڇڏيائين. ماڻهو اهو ڏسي حيران ٿي ويا جو اهو سخت گير بادشاهه اهو ڏسي ايترو ته خوش ٿيو جو اهو ڊرامو 10- مارچ 1836ع تي امپيرئل ٿيٽر ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيائين. هو پاڻ رائيل باڪس ۾ ويٺو ۽ ڊرامو هلندي وڏي آواز ۾ ٽهڪ ڏيندو رهيو ۽ جڏهن پردو ڪريو ته چيائين ته: ”هر ڪنهن کي پنهنجو حصو مليو آهي. مون کي ته سڀ کان وڌيڪ مليو آهي“.

اهو چوڻ ته ڊرامي هڪ هلچل پيدا ڪري ڇڏي، ڳالهه کي گهڻو گهٽ ڪري پيش ڪرڻ هوندو. بهرحال توڙي جو نقادن انهي جي واکاڻ ڪئي ۽ عوام باڪس آفيس کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ته به هر لحاظ کان طاقتور سول سروس جي سربراهن ڳجھي جاءِ تي گڏجاڻي ڪري اهو يڪراءِ فيصلو ڪيو ته انهي واهيات اين وي. گوگول کي فوراً رستي تان هٽايو وڃي. اهي جيئن ته زار جي هن ۾ دلچسپي کان واقف هئا تنهن ڪري انهن کي ڏاڍي لڪ ڇپ ۾ ڪم ڪرڻو هو پر اهي کيس ايترو ته مسلسل ايذاءُ رسائيندا رهيا جو سال گذرڻ کان اڳ ئي حساس طبيعت گوگول کي روم ڏانهن فرار ٿيڻو پيو. هو اتي تمام ٿوري وظيفي تي گذارو ڪندو رهيو جيڪو هو سمجهندو رهيو ته کيس سندس دوست ٿا موڪلين پر حقيقت ۾ نڪولس پهريون موڪليندو هو.

گوگول 1830ع کان پوءِ وارن ڪجھ ورهين ۾ هڪ تمام ڊگهي ناول جو رف ڊرافٽ لکيو هو جنهن جو نالو Dead Souls تجويز ڪيو هئائين. آکاڻي جيتوڻيڪ تمام ظرافت ۽ طنز سان ڀريل هئي پر انهي جو اندروني موضوع ايترو ته دکدائڪ هو جو اهو جڏهن پشڪن کي وڏي آواز سان پڙهي ٻڌايائين ته هن کان پڄاڻي تي رڙ نڪري وئي ته: ياخدا روس ڪيترو ته ڏکايل ملڪ آهي“. پشڪن دوستن کي چيو هو ته: ”گوگول ڪا به شي دليئون گهڙيندو نه آهي. اهو سڌو سادو ۽ خوفناڪ سچ هوندو آهي“. گوگول روم ۾ ڊرافٽ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو پر ڪم جي رفتار سُست هئي. پشڪن جي 1837ع ۾ هڪ دوبدو مقابلي ۾ موت به هن تي ڏاڍو اثر وڌو ۽ سندس پنهنجي جلاوطني هن جي ذهن تي ايترو اثر وڌو جو هو ڊگهو ڊگهو عرصو ماليخوليا جو شڪار ٿي ويندو هو. انهي جو پهريون جلد 1842ع ۾ هلي ڇپيو ۽ بيان ۾ موجود ڪيترن ئي رخنن جي باوجود انهي روس جي عظيم نثري شاهڪار جي حيثيت ۾ مشهوري ماڻي. افسوس جو ٻيون جلد ڪڏهن به منظر تي نه اچي سگهيو جو گوگول ڪيترا سال پوءِ نراسائي جي هڪ دوري ۾ غير مڪمل مسودو ساڙي ڇڏيو.

ڊيد سولز آفيسر شاهي راڄ هٿان نپايل ۽ تاتيل ڪرپشن جي موضوع تي تمام چڀندڙ طنز آهي. اهو موضوع گوگول جي دل جي تمام ويجھو هو. انهي ۾ مرڪزي ڪردار چيچيخوف نالي هڪ پرڪشش نظر ايندڙ بدمعاش آهي. سرڪاري ڪسٽمز آفيسر طور سندس نوڪري بدناميء ۾ ختم ٿي وئي هئي. هن کي پنهنجي وڃايل دولت وري حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين رٿا سمجهه ۾ اچي ٿي. انهي وقت هر هڪ روسي زميندار وٽ زمين سوڌو خريد ڪيل غلام (Serf) يا روح (Souls)هوندا هئا. انهن مان کيس هر هڪ تي ساليانو head tax ڏيڻي پوندي هئي حڪومت جيئن ته هر ڏهين يا ويهين سال آدمشماري ڪرائيندي هئي ۽ موت جي شرح به وڌيڪ هوندي هئي تنهن ڪري زميندار کي اڪثر مئل روحن (Dead Souls) تي به ٽيڪس ڏيڻي پوندي هئي. انهي کي هو وڏي بي انصافي سمجهندا هئا. چيچيخوف اها رٿا ٺاهي ته هو سموري ملڪ ۾ سفر ڪري سستي اگهه تي مئل روح خريد ڪندو پوءِ پنهنجي خريداري جي لسٽ مقامي گورنر وٽ پيش ڪندو جيڪو انهن کي زنده روح سمجهندي (ڇاڪاڻ ته ڪو به هوش حواس وارو ماڻهو مئل روح خريد نه ڪندو) منتقلي جي دستاويز (Deed of transfer) تي صحيح ڪري ڇڏيندو. چيچيخوف اهو دستاويز کڻي ڪنهن به بينڪ ۾ ويندو هليو ۽ پنهنجن روحن تي چڱو خاصو قرض وٺندو. هو انهن پئسن مان ڪنهن ڏورانهين صوبي ۾ ننڍڙي ملڪيت ۽ انهي تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪجھ زنده روح خريد ڪندو.

چيچيخوف ڏاڍي پرجوش نموني پنهنجي برچڪا (ٽن گهوڙن واري هلڪي گاڏي) ۾ چڙهي ن -شهر ۾ پهتو، هن سان سندس ڪوچوان سيليفان ۽ سندس خادم پيٽروشڪا گڏ هئا. هو سراء جي بيري کان شهر جي اهم شخصيتن بابت معلومات وٺي ٿو ۽ هو هر هڪ سان ملاقات لاءِ نڪري پوي ٿو. سندس شخصيت ڏاڍي شاندار لڳي رهي آهي. ڏاڙهي تازي ڪوڙيل، ڳاڙها ڳٽا، بلبيري رنگ جو سلڪ جو فراڪ ڪوٽ ۽ يوڊي ڪولون لڳل رومال هٿ ۾ اٿس. هو گفتگو ۾ وڏي مهارت سان مشهور ماڻهن جا نالا کڻندو ويندو آهي ۽ وڏن ماڻهن جو ذڪر ڏاڍي عام رواجي نموني ڪندو ويندو آهي. انهي سان گڏوگڏ هو شهر جي هلي چلي بابت تعريفي جملا جو چوندو وڃي ٿو پوءِ هر هڪ ماڻهو کي ”ايڪسيلينسي“ چئي مخاطب ٿيڻ جي جو وڻندڙ عادت اٿس ته اهي سڀ ڳالهيون سندس ٻڌندڙ تي تمام گهڻو اثر وجھن ٿيون. شام ٿيڻ کان اڳ ئي گورنر کيس هڪ وڏي استقباليه جي دعوت ڏئي ٿو ۽ سندس ڊائري ايندڙ سموري هفتي تائين مانجهاندن ۽ رات جي مانين جي دعوتن جي پروگرامن سان ڀرجي وڃي ٿي.

هر ڪو ماڻهو مهمان جي منڊ ۾ منڊجي ويو آهي ۽ هو جڏهن ٿوري وقت ۾ روانو ٿي وڃڻ جو اعلان ڪري ٿو ته احتجاج جو طوفان اٿي کڙو ٿئي ٿو. پر چيچيخوف پنهنجي ارادي تي قائم آهي ۽ ڏاڍي پراسرار نموني ٻڌائي ٿو ته کيس هڪ اهم ڪم آهي جيڪو لازماً پورو ڪرڻو آهي ۽ ائين گاڏي ۾ چڙهي روانو ٿي وڃي ٿو. پٺيان شهر اهڙن افواهن سان ڀريل رهي ٿو ته هو هڪ وڏو سرڪاري عملدار آهي جيڪو ڪنهن اهم ڳجهي ڪم ۾ مصروف آهي.

هاڻي اسين سندس ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪامياب ۽ گهڻو ڪري پُر مزاح سفر تي نظر وجھون ٿا. هن ن- ۾ پنهنجن نون دوستن کان ضلعي جي زميندار جي ڪردار ۽ مخصوص لاڙن بابت ڪارائتي ڄاڻ حاصل ڪئي آهي. تنهن ڪري کيس خبر آهي ته ڪنهن کي ريهي بيهي، ڪنهن جي خوشامد ڪري ۽ ڪنهن کي اکيون ڏيکاري پاڻ سان سودو ڪرڻ تي آماده ڪرڻو آهي. ٺيڪ آهي هو جن ماڻهن سان مليو انهن مان ڪجھ کيس بي ضرر پاڳل سمجهيو جڏهن ته ڪجھ اهو سمجهيو ته هو الله لوڪ خير جا ڪم ڪندڙ آهي. پر اهي سڀئي ڪنهن نه ڪم جي شي مان ڪجھ ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ ايترا ته آتا هئا جو اهي سندس تجويز سان متفق ٿي ويا ۽ چيچيخوف ٿوري ئي وقت ۾ سوين مئل روحن جو مالڪ ٿي ويو.

پر ڪاميابي چيچيخوف کي لالچي بڻائي ڇڏيو ۽ هن ڪيترائي ميل پري هڪ شاهوڪار زميندار سان ملڻ جو فيصلو ڪيو. بدقسمتي سان سيليفان گذريل رات تمام گهڻي ووڊ ڪا پيتي ۽ غلط رستو ورتائين. وري جو برفاني طوفان شروع ٿيو ته انهن کان اهو رستو به گم ٿي ويو ۽ گهوڙا ڊڄي ويا ۽ بر چڪا گپ ۾ اونڌي ٿي پئي. بهرحال پوءِ مادام ڪوروبوچڪا چيچيخوف کي اها رات پاڻ وٽ رهايو. هوءَ هڪ شاهوڪار پر ڪنجوس ۽ ڏاڍي عجيب غريب عادتن واري بيواه عورت هئي جنهن گهڻي ريڙهه پيڙهه کان پوءِ پنهنجا ڪيترائي مرده روح هن کي وڪرو ڪري ڏنا. ورندي صبح جو چيچيخوف وري نڪري پيو. هو هلڪي ڦلڪي کاڌي پيتي لاءِ هڪ سراءِ ۾ ترسيو اتي نازڊريف نالي هڪ خوش طبع ماڻهو هن جو آڌرڀاءُ ڪيو. هو انهي سان اڳ ۾ ن- ۾ مليو هو. اها ڏاڍي تباه ڪن ملاقات ثابت ٿي. نازڊريف تمام گهڻو نشي ۾ هو ۽ اڳئين رات هڪ مقامي ميلي ۾ ويو هو جتي جوا ۾ پئسا هارايا هئائين. هو چيچيخوف کي پنهنجي گهر وٺي هلڻ تي زور ڀري ٿو ۽ کيس ڏاڍيون مانيون کارائي ٿو ۽ شراب پيئاري ٿو. پر سندس مهمان جڏهن روحن جو موضوع ڪڍي ٿو ته نازڊريف هن کي ڪو به روح وڪرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو ڇڏي. هو چوي ٿو ته هو روح وڪڻڻ بجاءِ چيچيخوف هن سان ڀلي ڪهڙي به قسم جي جوا جي راند کيڏي هو پنهنجا گهوڙا ڪتا يا ٻي ڪا به شي داءُ تي لڳائي ڇڏيندو. چيچيخوف اها ڳالهه نه ٿو مڃي ته نازڊريف ڪاوڙ ۾ آپي مان نڪري وڃي ٿو ۽ کيس ٺڳ ڪوٺيندي کيس ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍڻ تي آهي جو پوليس جو هڪ سپرنٽنڊنٽ کيس هڪ پاڙيسري تي حملو ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪرڻ اچي ٿو.

چيچيخوف سئين لڱين بچي وڃڻ تي شڪر ڪري ٿو ۽ سيليفان کي جيترو ٿي سگهي تيز رفتاريء سان ن -ڏانهن هلڻ جو حڪم ڏئي ٿو. اتي پهچڻ تي هو سڌو لوڪل ڪائونسل جي صدر ڏانهن وڃي ٿو روحن جون لسٽون پيش ڪري ٿو ۽ منتقلي جي دستاويزن تي صحيحون ڪرائي مهرون هڻائي ٿو. هو ڪاميابي جي احساس سان سراءِ ڏانهن وڃي ٿو جتي گورنر جو خادم هن سان ملي کيس ايندڙ رات ڊانس پارٽي جي دعوت پهچائي ٿو.

هو جڏهن انهي فنڪشن ۾ پهچي ٿو ته مقامي سر ڪردا ماڻهو ميڙ ڪري هن جو آڌرڀاءُ ڪن ٿا ۽ هو تمام گهڻو مسرور ۽ خوش لڳو پيو آهي جو سندس نظر ڪمري جي آخري ڇيڙي ۾ هڪ سهڻي ڇوڪري تي پوي ٿي. هو اتاولو ٿي هن جي سڃاڻپ پڇي ٿو ۽ جڏهن کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته اها گورنر جي ڌي آهي ته هو ڪنهن کي چئي هن سان متعارف ٿئي ٿو. انهي کان پوءِ هو ڪنهن ڏانهن اک کڻي نهاري ئي ڪو نه ٿو (جيتوڻيڪ ناري به هن ۾ گهٽ دلچسپي نه ٿي ڏيکاري) پر اها ڳالهه ٻين عورتن کي نه ٿي وڻي ۽ هو جو مرد ماڻهن ۽ انهن جي ڳالهين ۾ اوچتو دلچسپي وٺڻ بند ٿو ڪري ته اها ڳالهه مردن جي به ناپسنديدگيءَ جو سبب ٿئي ٿي. پوءِ اوچتو نازڊريف اچي نازل ٿئي ٿو. هو حسب معمول تمام گهڻو نشي ۾ آهي ۽ زوردار آواز ۾ چيچيخوف کي نندڻ شروع ڪري ٿو ته هو ڪو بدمعاش آهي جيڪو پنهنجي ڪنهن غير قانوني ۽ بڇڙي ڪم لاءِ مئل روح خريد ڪري رهيو آهي.

چيچيخوف تڙ تڪڙ ۾ اتان کسڪي وڃي ٿو. پر نقصان ته ٿي ويو. ٻئي ڏينهن شهر افواهن سان ڀرجي وڃي ٿو ۽ نازڊريف جڏهن سراء ۾ مٿس اهي الزام هڻي کيس وڌيڪ بي عزتو ڪرڻ اچي ٿو ته هو گورنر جي ڌيءُ کي ڀڄائڻ جي رٿ رٿي رهيو آهي ته چيچيخوف سمجهي وڃي ٿو ته کيل ختم ٿي ويو آهي ۽ اڃا وقت هوندي ڀڄي وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿو. جيئن برچڪا لوڏا کائيندي ڏکڻ طرف وڃي رهي هئي ته هو ڏاڍي ڏکاري انداز ۾ سوچي رهيو هو ته انسان ڪيئن نه ٻئي انسان سان غير انساني سلوڪ ڪري ٿو.

پر هو ڏاڍي لچڪدار مخلوق آهي ۽ جيئن ئي ٻيلن سان ڍڪيل جبلن ۽ زرخيز وادين واري علائقي ۾ پهچي ٿو ته سندس فطري اميد پرستي واپس موٽي اچي ٿي. خوش قسمتي سان سندس پهرئين ملاقات کليل ذهن واري ٽينٽيٽي نيخوف سان ٿئي ٿي. جنهن کي جلدئي اها پڪ ٿي وڃي ٿي ته کيس پنهنجي مهمان جي روپ ۾ هڪ هم خيال ماڻهو ملي ويو آهي. هن وٽ به ڪجھ مئل روح آهن ۽ چيچيخوف هن سان بهترين سودو ڪري ٿو. هو وري جنرل بيٽرسخوف سان ملاقات ڪري ٿو جو هو به ڪجھ مئل روحن جو مالڪ آهي. هو سندس تجويز تي ٺٺوليون ڪري ٿو ۽ کيس بيوقوف ڪوٺي ٿو. بهرحال هن جا به ڪي ڪارج آهن جو چيچيخوف هاڻي هن لاءِ سدائين. ”منهنجو مهربان سرپرست جنرل بيٽرسخوف“ جا لفظ ڪم آڻي ٿو. انهي کان پوءِ هو زميندار پيٽوخ سان ملاقات ڪري ٿو. انهي جون سموريون زمينون گروي رکيل آهن. پر هو پنهنجي نااميدي جي ڪسر ڪڍڻ لاءِ پليٽون نالي هڪ ماڻهو سان ملي ٿو جيڪو کيس ڪوسٽان زوگلو وٽ رهائڻ وٺي وڃي ٿو. هو تمام شاهوڪار ماڻهو آهي ۽ پنهنجين زمينن جو بندوبست تمام ڪامياب ۽ جديد انداز ۾ ڪري ٿو.

هو جيتوڻيڪ تمام هوشيار ڪاروباري ماڻهو آهي پر چيچيخوف کي اهڙو ته ڀلو ماڻهو سمجهي ٿو جو کيس چڱي خاصي رقم ايڊوانس ڏيڻ جي آڇ ڪري ٿو جيئن هو ملڪيت خريد ڪري سگهي. چيچيخوف سڀاويڪ طور اها آڇ بنا دير قبول ڪري ٿو. هڪ ڊنل مالڪ کان ڪجھ زمين خريد ڪري ٿو ۽ هڪ ڪوٽ سميت نون ڪپڙن جو آرڊر ڏئي ٿو. هاڻي سندس سڀ ڏکيائيون پڄاڻي تي پهچي ويون آهن ۽ هو پنهنجي نئين ساز سامان سان آڪڙ ۾ هلندو مرازوف نالي هڪ اهميت رکندڙ ۽ ڏاهي ماڻهو کي مستقبل بابت پنهنجن وڏن منصوبن کان آگاهه ڪري ٿو.

پر سندس پيرن هيٺان زمين کسڪي رهي آهي. صوبي جو گورنر جنرل نئون ماڻهو مقرر ٿيو آهي ۽ تمام بدقسمتي اها آهي جو هو اهو ساڳيو ماڻهو آهي جنهن چيچيخوف کي ڪنهن وقت ڪسٽمز سروس مان فراڊ ڪرڻ سبب نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي. انهي ضلعي جي پهرئين دوري وقت ئي انهي شهزادي کي ماڻهن جو ميڙ گهيري ۾ وٺي وڃي ٿو جيڪي هن آڏو اهڙا پڪا پختا ثبوت پيش ڪن ٿا ته چيچيخوف انهن کي ٺڳيو آهي. نتيجي طور هو اڃا پنهنجي ڪاميابي تي کڳيون هڻي رهيو هو جو کيس گرفتار ڪري شهزادي جي آڏو آندو وڃي ٿو. هن جڏهن پاڻ تي لڳل الزام ٻڌا ته زمين تي ليٿڙيون پائڻ ۽ ٻاڏائڻ لڳو ته هو بي گناهه آهي. پر شهزادو ڏاڍي بيرخي سان کيس ٻڌائي ٿو ته سندس اصلي ڪردار ڪهڙو آهي ۽ گڏوگڏ کيس اهو به ٻڌائي ٿو ته هن سموري دولت بي حيائي ۽ چالاڪي وارن ذريعن سان ڪمائي آهي ۽ انهي جي سزا ڪوڙا ڦٽڪا ۽ سائيبيريا ڏانهن نيڪالي آهي.

چيچيخوف کي جيڪي گارڊ جهليو بيٺا هئا هن انهن کان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ان کان زور هئا ۽ کيس جهلي شهر جي جيل جي هڪ سرد تهه خاني ۾ اڇلايائون. سندس سهڻو ڪوٽ ليڙون ليڙون ٿي ويو. سندس جسم تي رهڙون ۽ ڦٽ اچي ويا ۽ سڀ کان خراب ڳالهه اها ٿي جو هن تي الزام هڻندڙ اها پيتي به کڻي وڃن ٿا جنهن ۾ هن جو ناجائز نموني گڏ ڪيل مال محفوظ هو. هڪ ڪلاڪ جي اندر مرازوف هن وٽ پهچي وڃي ٿو جيڪو پنهنجي ڏاهپ سبب سمجهي وڃي ٿو ته اصل ڏوهه چيچيخوف جو نه پر انهي ڪرپٽ نظام جو آهي جنهن کيس انهي منزل تي پهچايو. هو قيديءَ کان اهو پڪو پختو واعدو وٺڻ کان پوءِ ته هو آئيندي ايمانداريءَ واري زندگي گذاريندو شهزادي وٽ هن جي سفارش ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ اهو به ٻڌائي ٿو ته بيشمار سرڪاري عملدار به ايترا ئي ڏوهي آهن جو انهن کي به سندس بڇڙين اٽڪلن مان فائدو مليو هو. شهزادو نه چاهيندي به قيدي کي آزاد ڪري ٿو، سندس پيتي کيس موٽرائي ڏئي ٿو ۽ کيس بنا دير شهر ڇڏي وڃڻ جو حڪم ڏئي ٿو. هو پوءِ عملدارن کي گهرائي ٿو ۽ کين هڪ ڊگهو ليڪچر ڏئي ٿو. جڏهن ته چيچيخوف پنهنجي لاءِ هڪ نئون فراڪ ڪوٽ سبرائي ٿو ۽ گاڏي تي سوار نَوَن موقعن جي ڳولها ۾ نڪري وڃي ٿو.

اهو به ناول جي عظمت جو هڪ معيار آهي ته اهو جيتوڻيڪ اڻپورو آهي ته به هڪ سو ويهه ورهيه گذرڻ کان پوءِ به انهي کي تخليقي تحرير جو شاهڪار مڃيو وڃي ٿو. جيئن پشڪن چيو هو: ”توهان کي گوگول جي ٽهڪن پٺيان اڻ ڏٺل ڳوڙها محسوس ٿيندا“. هتي به ظرافت، طنز ۽ ڳوٺاڻي زندگي جي بهترين بيان سان گڏ ذهن ۾ بار بار ايندڙ انهي اداس شي جو به تقريباً مڪمل تجزيو موجود آهي جنهن کي اسين ڪو بهتر لفظ نه هئڻ جي صورت ۾ ”روسي روح“ ڪوٺي سگهون ٿا.

پر انهي ناول جي اشاعت وقت گوگول پاران چيچيخوف جي ڪردار کي همدرداڻي نموني ۾ پيش ڪرڻ سبب تڪرار جو هڪ طوفان کڙو ٿي ويو هو ۽ هن کي هزارين اهڙا خط مليا هئا جن ۾ کيس عرض ڪيو ويو هو ته هو ٻئين جلد ۾ اها ڳالهه يقيني بڻائي ته بدمعاش کي پنهنجن ڪرتوتن جي سزا ضرور ملي. انتهائي حساس طبيعت جي مالڪ گوگول کي جيڪو اڳيئي روس مان جلاوطني جا ايذاءَ سهي رهيو هو انهن خطن لوڏي وڌو هن دوستن ۽ نقادن ڏانهن خط لکيا ته هو چيچيخوف کي هڪ سڌريل انسان بڻائيندو. پر سندس وڌندڙ ذهني خلل ٻئين حصي تي ٿورن ٽڪرن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ نه ڏنو. هن ۾ لاعلاج بي چيني پيدا ٿي پئي ۽ هو هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ ڀٽڪندو رهيو تان جو 1848ع ۾ يروشلم جي زيارت به ڪيائين. آخرڪار هو روس موٽي آيو تڏهن هن وٽ هڪ ٿيلهي کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه هو. انهي ۾ اهي پمفليٽ ۽ اخباري تراشا هئا جن ۾ سندس ڪم تي بي رحمي سان حملا ٿيل هئا. اهي هن هِتي هُتي ورهائي ڇڏيا ۽ پنهنجا آخري ڏينهن عبادتون ڪندي ۽ ورت رکندي گذاريا. هن 1853ع م پنهنجي موت جي بستري تي زور زور سان رڙيون ڪيون: ”ڏاڪڻ، جلدي ڪريو ڏاڪڻ!“ فرض ڪيو وڃي ٿو ته هيءَ اها روحاني ڏاڪڻ آهي جيڪا جيريمياهه طلب ڪئي هئي ۽ جنهن جو پراڻي عهدنامي جي يوناني ترجمي ۾ ذڪر آهي. ڪجھ وفادار دوستن سندس تدفين جو بندوبست ڪيو ۽ سندس هي پسنديده قول سندس لوح مزار تي نقش ڪرايو: ”آءٌ پنهنجي تلخ کِل کلندس“.

43. ٽي بندوقچي (Three Musketeers)

-- اليگزينڊر ڊوما--

 

اليگزينڊر ڊوما جا The Three Musketeers ۽ The Count of Monte cristo سموري ادب جا ٻه مشهور تاريخي ناول آهن. انهن ٻنهي شاندار قصن هڪ صدي کان به وڌيڪ عرصو پنهنجو وجود برقرار رکيو آهي ۽ هاڻي به سموري دنيا ۾ دلپسند ليکيا وڃن ٿا. اهو ڪهڙو ماڻهو هوندو جنهن ايڊمنڊ ڊانٽي، چاٽيو ڊي الف، ايٿوس، آرامس ۽ آرٽاگنان جا نالا نه ٻڌا هوندا ۽ ڪنهن جي ذهن جي ڪنهن خاني ۾ ننڍپڻ کان وٺي تصويرن جو هڪ سلسلو محفوظ نه هوندو جنهن ۾ ڪٿي سر ڌڙ جي بازي لڳائيندي دوبدو مقابلا آهن، بند وقچي آهن، جن کي بغير ٻانهن وارا چوغا ۽ کنڀ لڳل ٽوپلا آهن ته ڪٿي ڪي جوان رستي جي ڀرسان ڪنهن سراء ۾ شراب جي محفل مچايو ويٺا آهن. اڌ رات جو چنڊ جي جهيڻي روشني ۾ گهوڙا سنبن سان ٽاڪوڙا ڪندا پيا وڃن. ته ڪٿي ڪارڊينل ريشيلو جي ڏوهاري شڪل آهي جيڪو راڻي جو تختو اونڌو ڪرڻ جون رٿائون رٿي رهيو آهي ۽ زهر جون شيشيون آهن ۽ ڳجها نياپا آهن. وري چار سدائين گڏ رهندڙ گڏجي، کِلي، وڙهي ۽ سازشون ڪري رهيا آهن. اهو ڪير ماڻهو هوندو جيڪو The Three Musketeersجي تازگي ۽ سادگي، انهي جي رفتار ۽ جوش ۽ ولولي جي منڊ ۾ منڊجي نه ويو هوندو يا ڊوما کي پنهنجي پُرخطر ڪهاڻي بيان ڪرڻ ۾ جيڪا دلي خوشي محسوس ٿئي ٿي انهي کي ڪڏهن پاڻ محسوس نه ڪيو هوندو؟ لوئي تيرهن جي دور جي انهي پلاٽ ۽ ڪائونٽر پلاٽ واري ڪهاڻي سان اسان کي مسحور به خود ڊوما ئي ڪري ٿو ۽ انهي بابت ڪجھ لفظ بيان ڪرڻ سان سندس ڪتاب جو مجموعي تاثر پڙهندڙ تائين پهچائڻ ۾ مدد ملندي.

ڊوما 1802ع ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏو هڪ ننڍي درجي جو نارمن وڏگهراڻو هو ۽ سندس ڏاڏي هيٽي جي شيدياڻي هئي. سندس پيءُ نيپولين جو هڪ جرنيل هو ۽ تمام وڏي جسماني قوت جو مالڪ هو. سندس پٽ اڃا ٽن ورهين جو هو جو هو فوت ٿي ويو. ڊوما ڳوٺ ۾ پنهنجي مسڪيني واري حالت ۾ رهندڙ ماءُ سان شروعاتي خوشي ۽ بي فڪري وارا سال گذارڻ کان پوءِ، ايڪويهن ورهين جي ڄمار ۾ پيرس ويو هليو. سندس واحد خوبي جنهن جو ڪو ملهه ملي سگهي پيو اها سندس ڀلا اکر (Hand Writing) هئا. انهي کيس ڊيوڪ آف اورليئنس جي آفيسن ۾ ڪلارڪ جي نوڪري وٺرائي ڏني. گهنديدار وارن ۽ حبشين جهڙن ٿلهن چپن وارو اهو نوجوان تمام بي خبر ماڻهو هو پر سندس هڪ دوست سندس ادبي تعليم تي ڌيان ڏنو ۽ هن ۾ لکڻ جي امنگ پيدا ٿي وئي. انهن گيت ناٽڪن تي گڏجي ڪم ڪيو پر اهي بلڪل ناڪام ثابت ٿيا. هن کي پهرئين جنهن سنجيده ڪم مان چڱي ڪاميابي ملي اهو هڪ رومانوي اسلوب ۾ تاريخي نظميه ڊرامو هو. تڏهن سندس عمر ستاويهه ورهيه هئي. بهرحال شهرت هن کان ڪجھ فاصلي تي بيٺي رهي ۽ 1829ع ۾ سندس ڊرامي Henri III et sa Cour کيس فوراً مڃتا ڏياري ڇڏي. تنهن کان پوءِ زندگي جو خوش مزاج عاشق، هٿ ڦاڙ، پُرجوش ۽ سموري دنيا لاءِ مهربان حقيقي معنيٰ ۾ ڊوما منظر تي اچڻ شروع ٿيو ۽ هن عينڪ، سٺي رنگ واري واسڪوٽي. گهوڙو، نوڪر ۽ محل جهڙي رهائش حاصل ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. ڪاميابي کيس ٻارن جهڙي خوشي سان ڀري ڇڏيو. هو کلندو ڳالهائيندو هو، چرچا گهٻا ڪندو هو ۽ دوستن دشمنن سڀني سان هڪ جهڙو مُرڪندو مسڪرائيندو هو. هن ۾ تخليقي صلاحيت جي املهه ڏات ڪرموڙي رهي هئي جنهن کي اڳتي هلي کيس Lion of Paris ۽ ادبي فرانس جو نيم ديوتا ڪرڻو هو. هن کي پاپا ڊوما سڏيو ويندو هو جنهن جا ڪتاب مهذب دنيا جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پڙهيا ويندا هئا. پر هن هڪ دفعي کلي دل سان اعتراف ڪيو هو ته پنهنجا ڪتاب ته سڀ کان اڳ هو پاڻ پڙهندو آهي.

سن 1830ع کان ستر ورهين جي ڄمار ۾ سندس وفات تائين سندس زندگي جي ڪهاڻي جا مکيه عنصر تمام وڏي ادبي پيداوار، تمام وڏيون فضول خرچيون پُرشور رهڻي ڪهڻي ۽ تمام وڏي ڪاميابي آهن. هيوگو، بالزڪ ۽ ڊي موسي کان سواءِ هو سڀني کي وڻندو هو. انهن جي نفرت جو سبب به ساڙ ۽ حسد هو. ويندي سندس تمام گهڻو غرور به قابل قبول هوندو هو ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ تمام گهڻي سادگي هوندي هئي. هن کي مهم جوئيون ۽ سير تفريح وڻندي هئي ۽ انهي دور جي رومانوي ادب جون غمگين فنٽسيون (Fantasies) سندس جذبن کي ٿڌو ڪري ڇڏينديون هيون. زندگي جيڪو ڪجھ ڏئي ٿي انهي کي خوشي سان قبول ڪرڻ ۾ ڊوما جي اندر ۾ ويٺل هڪ دائمي ٻار پيو ليئا پائيندو هو. انهي تازگي ڏيندڙ رويي جو گهڻو حصو The Three Musketeers جي صفحن تي ظاهر ٿي بيهي ٿو. اهو تمام طوفاني رفتار سان سن 1843ع جي آخر ۾ لکيو ويو ۽ پهريون دفعو قسط وار 1844ع ۾ ڇپيو. انهي ڪهاڻي کي ايتري ته فوري ڪاميابي ملي جو ڊوما پاڻ حيران ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته انهي ۾ نه خيالن جي گهرائي آهي نه لطيف نثر ۾ تجربي مان ڇڻيل ڳالهيون آهن نه ئي ڪي اهڙا منظر آهن جيڪي پنهنجي درد انگيزي سبب پڙهندڙ تي اثر وجھن. ڪتاب سنئون سڌو تاريخ ۽ تخليق جو ملغوبو آهي. جنهن ۾ واقعا تڪڙا تڪڙا اڳتي وڌن ٿا ۽ انهي جي لکڻ جو مقصد تفريح مهيا ڪرڻ آهي ۽ اهو جنهن انداز ۾ سهيڙيو ويو هو انهي مان اها حقيقت ظاهر ٿئي ٿي ته اهو مقبول عام ۽ گهڻو وڪرو ٿيندڙ ڪتاب ڪڏهن به هڪ ادبي شاهڪار جو درجو حاصل نه ڪري سگهي ها.

ڊوما سان ڪم ۾ ڪيترائي شراڪت دار به هئا. انهي ڪري ئي هڪ زهر ڀريل نفاد هن جي ڪم بابت ”فڪشن فيڪٽري“ جا لفظ چيا هئا. انهن مان اهم آگسٽ ماڪي (Auguste Maquet)نالي هڪ نوجوان ليکڪ ۽ اسڪالر هو. سندس ناولن لاءِ تحقيق جي ڪم جو وڏو حصو هو ڪندو هو ۽ هو ئي سندس ذهن ۾ خيال ڀريندو هو ۽ ناولن لاءِ خام مال مهيا ڪندو هو. ڊوما 1843ع ۾ لوئي چوڏهين جي دور بابت هڪ تاريخي ڪتاب لکڻ جي تياري دوران Memors d’ Artagnon نالي هڪ ڪتاب ڏٺو. اهو هڪ پگهاردار سپاهي هو جيڪو سترهين صدي جي اوائل ۾ ٿي گذريو. ڊوما ڪجھ خيالن جو خاڪو ٺاهيو ۽ اهو مارڪي ڏانهن سندس راءِ لاءِ موڪلي ڏنو. پوءِ اهي شراڪت دار انهي ناول جي نمايان تاثر ۽ انداز تي بحث ڪرڻ لاءِ گڏجي ويٺا. لڳي ٿو تهThe Three Musketeers جي سموري تحريري ڪم دوران بنيادي ڪم جو گهڻو حصو مارڪي ئي ڪيو آهي. تاريخي مواد به هن ئي مهيا ڪيو آهي ۽ لڳي ٿو ته ڪجھ اهم باب به هن جا ئي لکيل آهن پر پوءِ انهن ۾ ڦير ڦار ۽ انهن کي رنگ ۽ زندگي ڏيڻ جو ڪم ڊوما ئي ڪيو. بهرحال اهو چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن اهو عظيم ماڻهو ٻانهن جا ڪف مٿي ڪيو، کليل گلي واري شرٽ پهريو پنهنجي ٻُسي ڪم واري ڪمري ۾ ڪنهن لوهار وانگر هٿوڙا هڻي رهيو هو ته مارڪي کيس مناسب ڊيگهه جا لوهه جا سريا مهيا ڪرڻ ۾ مصروف لڳو پيو هو. انهي جي نتيجي ۾ تمام پڙهڻ جهڙو ناول منظر تي آيو جيڪو پنهنجي جدا جدا ٽڪرن جي لحاظ کان نه پر مجموعي طور ياد رکڻ جي قابل آهي. اهو جيتوڻيڪ غير يڪسان طور لکيل آهي پر انهي ۾ ڊوما جو زندگي لاءِ شوق ڪنان تار نظر اچي رهيو آهي.

بغير ٻانهن وارن چوغن ۽ تلوارن واري ناول لاءِ تاريخي سيٽنگ به ڏاڍي واکاڻ جهڙي نموني چونڊي وئي آهي. فرانسي تاريخ جو ڪو به دور لوئي تيرهين (43- 1610ع) جي دور کان وڌيڪ بي اطميناني ۽ سازشن سان ڀريل نه رهيو آهي. تڏهن ڪارڊينل ريشلو جو مضبوط هٿ ئي ملڪ ۾ نالي ماتر طاقت ۽ اتحاد پيدا ڪري رهيو هو. ملڪ اندروني اختلافن جو شڪار لڳو پيو هو. انهي جا مکيه سبب اهي هئا جو بادشاهه بلڪل هيڻو ۽ ڪمزور هو، امير پاڻ ۾ وڙهيا پيا هئا ۽ ڪيٿولڪن ۽ هيوجي ناٽس ۾ مذهبي بنيادن تي شديد ڦوٽ پيل هئي. هٿياربند جٿا ۽ خانگي فوجون پيون ملڪ ۾ گهمنديون هيون. ڪنهن مسئلي جي نبيري لاءِ ٻن ماڻهن ۾ دوبدو مقابلن(duel) تي جيتوڻيڪ سرڪاري طور پابندي هئي پر انهن ۾ هر سال سوين ماڻهو مري ويندا هئا. ڪنهن نظام تحت نه هلندڙ سماج ۾ اخلاق ته بلڪل هيٺاهين سطح تي هئا. انهي کان اڳ ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڌُن جي پڪي نوجوان ماڻهو لاءِ تلوار جي زور تي شهرت، دولت ۽ سهڻين عورتن جون نوازشون حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙو بهترين موقعو ڪڏهن به نه رهيو هو. ناول جي ماخذي ڪتاب مطابق Monsier d Artgnan به اهڙي ئي قسم جو ماڻهو هو. هو بادشاهه جيMusketeers ۾ آفيسر هو. ڊوما کي انهي ۾ پنهنجي مطلب جي ڳالهه ملي وئي ۽ انهي کي ٻنهي هٿن ۾ کڻي قابو ڪيائين. سڀ کان اڳ هن پنهنجن مختلف ماخذن مان تاريخي پس منظر ۽ اهڙا ڪجھ اهم ماڻهو حاصل ڪيا جيڪي سندس قصي ۾ ڪو ڪردار ادا ڪندا: ڪمزور ۽ چيڙاڪ لوئي تيرهون، سندس سهڻي پر ناخوش راڻي اين آف آسٽريا، هر وقت چوڪس ۽ هر جاءِ تي ڊپ جي علامت ڪارڊينل ريشيلو، ڊيوڪ آف بڪنگهم، چارلس پهرئين جو ”ڏيک ويک پسند ڪندڙ پر نااهل مصاحب لاروشيلا ۾ محاصري هيٺ آيل هيوجي ناٽس جي مدد لاءِ ويندڙ ناڪام مهم جو ليڊر جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته هن جو فرانسي راڻي سان معاشقو هلندڙ هو.

جڏهن اهي ڪردار پلاٽ ۾ پنهنجو پارٽ ادا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا ته ڊوما پنهنجي ڪهاڻي شروع ڪئي. ڊي، آرٽگنان ارڙهن ورهين جو هڪ گيسڪن نسل جو نوجوان آهي. هو شان مان ۽ عزت حاصل ڪرڻ لاءِ آتو آهي ۽ پاڻ سان ٿيل ڪنهن به بي عزتي جو بدلو تلوار سان وٺڻ لاءِ هر دم تيار آهي. هو هڪ پوڙهي بيمار گهوڙي تي چڙهي پنهنجو مقدر آزمائڻ لاءِ پيرس نڪتو آهي. کيس کيسي ۾ پندرهن ڪرائونن ۽ ڦٽ ڇڏائڻ لاءِ هڪ معجزاتي ملم جي دٻلي کان سواءِ ڪجھ به نه آهي. پيرس ۾ هو ٽن ماڻهن سان دائمي دوستي جو معاهدو ڪري ٿو پر انهي کان اڳ ۾ هو انهن مان هر هڪ سان duel وڙهيو آهي. اهي هن سان واعدو ڪن ٿا ته هو کيس شاهي محافظ دستي Musketeers ۾ نوڪري ڏياريندا. اهو ۽ سندس ٽئي دوست ريشيلو جي محافظن سان ڪيترائي دفعا ٻه ٻه هٿ ڪن ٿا. ريشيلو جي محافظن جون فقط انهن دوستن سان نه پر سمورن Musketeers سان پيرس جي گهٽين ۾ لڙايون ٿينديون رهن ٿيون. انهن ٽن دوستن مان هڪ ايٿوس (Athos) هڪ وڏو معزز ماڻهو آهي. سندس ذهني قالب رومانوي آهي. ٻيو پورٿوس(Porthos) مغرور، ٿلهو متارو پر سٺي طبيعت وارو بيوقوف آهي ۽ ٽيون آرامس (Aramis) ڪنهن وقت چرچ ۾ ڪلارڪ رهي چڪو هو. هو هاڻي وري چرچ ۾ نوڪري جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجي واندڪائي واري وقت ۾ مذهبي مقالا لکندو رهي ٿو.

هاڻي منظرنامي تي مٿاهين درجي واري سياست اچي وڃي ٿي. ريشيلو راڻي جون نوازشون حاصل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري چڪو آهي هن کي بڪنگهم جي ڳجهي محبت بابت ڄاڻ آهي. هو هن ڏانهن راڻي جو فرضي نياپو موڪلي ڌتاري پيرس گهرائي ٿو. لوئي پنهنجي زال کي ٻارنهن هيرن وارو بٽڻن جو سيٽ ڏنو آهي ۽ هوءَ اهي بڪنگهم جي خدمت ۾ انهي شرط تي پيش ڪري ٿي ته هو فوراً انگلينڊ موٽي وڃڻ جو واعدو ڪري. ريشيلو تحفي بابت ٻڌي وٺي ٿو ۽ راڻي کي بي مانائتو ڪرڻ جي اها رٿ رٿي ٿو ته لوئي کان هڪ ڊانس پارٽي جو اعلان ڪرائي ٿو جنهن ۾ هو راڻي کي اهي هيرن وارا بٽڻ پائڻ جو چوندو. ريشيلو انومان ڪري ٿو ته راڻي اهي بڪنگهم کان واپس موٽائڻ لاءِ ڪو ماڻهو موڪليندي ۽ هڪ عورت ايجنٽ جو بندوبست ڪري ٿو جيڪا لنڊن وڃي ٻه بٽڻ چورائي ڇڏي. اهڙي طرح راڻي پارٽي ۾ ٻارنهن بجاءِ ڏهه بٽڻ هڻي ايندي. ماءِ ليڊي (Milady) نالي اها ايجنٽ ڪتاب جو هڪ مکيه ڪردار آهي اها مائي به پنهنجي مٿي هڪ ڊرامو آهي. سندس منهن سهڻو پر دل بڇڙي آهي. هن جي ايٿوس سان شادي ٿيل هئي پر پوءِ هن کان ڌار ٿي وئي. وري هڪ انگريز سان شادي ڪيائين. فرانس ۾ هن تي ڪيترن ئي نوجواني وارن ڏوهن جا الزام لڳا هئا. هن کي اڌ نانگڻ اڌ شينهڻ چيو ويو آهي. اها نانگڻ شينهڻ ٻه بٽڻ چورائي ٿي ۽ ڊي آرٽگنان ۽ ٽي بندوقچي هن جو تعاقب ڪندا اچن ٿا جو راڻي انهن جي ذمي اهو ڪم رکيو هو ته هو بڪنگهم کان سيٽ واپس وٺي اچن. رستي ۾ ريشيلو جا ٻيا ايجنٽ ڀائرن جي انهي جٿي تي حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر انهن جو اصول آهي ته ”سڀني جي بدلي ۾ هڪ ۽ هڪ جي بدلي ۾ سڀئي“. پوءِ پورٿوس، آرامس ۽ ايٿوس ڪاميابي سان ويڙهاند کي منهن ڏين ٿا ۽ ڊي آرٽگنان تي زور ڀرين ٿا ته هو انهن کي ڇڏي ۽ پنهنجي مقصد کي پورو ڪري. هو انگلينڊ پهچي بڪنگهم کان بٽڻ وٺي ٿو جنهن ٻن چورايل بٽڻن جي جاءِ تي ٻه هوبهو اهڙا بٽڻ ٺهرائي رکيا آهن ۽ راڻي پوري وقت تي مڪمل سيٽ سان ڊانس پارٽي ۾ پهچي ٿي.

هاڻي پلاٽ ۾ هڪ نئين اسٽيج کلي ٿي. هٿيارن وارن ڀائرن کي لاروشيلا جي محاصري لاءِ گهرايو وڃي ٿو ۽ اهي اڃا اتي ئي آهن ته آرٽگنان کي قتل ڪرڻ جون به ڪوششون ٿين ٿيون انهي جي پٺيان ماء ليڊي جو هٿ هو. آرٽگنان هن سان ڳجهي ملاقات ڪئي هئي ۽ سندس داغ جي نشان جو راز دريافت ڪري ورتو هئائين. فوجي ڪيمپ جي ڀرسان ريشيلو ماء ليڊي سان ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو جيڪا ايٿوس ٻڌي وٺي ٿو. هن کي انگلينڊ وڃي بڪنگهم کي لاروشيلا جي ڪمڪ لاءِ اچڻ کان باز رکڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي. هن کي ڪارڊينل طرفان دڙڪا دهمان ڏيڻا آهن ته هو ڊيوڪ تي راڻي سان لاڳاپن جي ڳالهه کولي راڻي کي تباهه ڪري ڇڏيندو. چار ئي بندوقچي- هاڻي ڊي آرٽگنان جو نالو به لسٽ ۾ لکجي ويو آهي- قلعي جي دفاع جي وِٿين ۾ انهي چال جو ٽوڙ ڪڍڻ بابت بحث ڪن ٿا. اهو قلعو هيوجي ناٽس کان ڦريو ويو هو.

اهي ماءِ ليڊي جي انگريز ڏير لارڊ ڊي ونٽر کي خبردار ڪرڻ جو فيصلو ڪن ٿا ته اها انگلينڊ اچي رهي هئي. لارڊ به ڪجھ ڳالهين ڪري هن کان نفرت ڪري ٿو. پورٽس مائوٿ پهچڻ تي ڊي ونٽر هن کي حراست ۾ وٺي ڇڏي ٿو. هو شهر جو گورنر آهي ۽ ليفٽيننٽ جان فيلٽن جي سربراهي ۾ نيوي جي محافظ دستي جي نگراني ۾ کيس پنهنجي قلعي ۾ رهائي ٿو. ڪتاب جي ڪيترن ئي بابن ۾ اها ڳالهه بيان ٿيل آهي ته اتي جيئن ته ماءِ ليڊي کي ڊپ آهي ته سندس ڏير کيس ڪنهن اڪيلي ٻيٽ تي اماڻي ڇڏيندو؛ هو فيلٽن جي دل ۾ پنهنجي لاءِ همدردي پيدا ڪري وٺي ٿي ۽ کيس خبر پئجي وڃي ٿي ته هو هڪ ڇتو پيورٽين آهي تنهن ڪري سوچي سمجهي اهو داستان ٻڌائي ٿي ته بڇڙي بڪنگهم هڪ دفعو هن سان زوري ڪئي هئي ۽ فيلٽن هن کي انهي ڳالهه تي آماده ٿي ڪري ته هو هن جي فرانس ڀڄي وڃڻ ۾ مدد ڪري. اتي تاريخي منظر ۾ ڏاڍي ڦيرڦار ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ فيلٽن ڊيوڪ کي پورٽس مائوٿ ۾ قتل ڪري ٿو. پر فرانس ۾ بڇڙي سازشي جو مڪافات عمل انتظار ڪري ٿي. راڻي جي هڪ نوڪرياڻي جنهن سان ڊي آرٽگنان کي ڏاڍو پيار آهي اها ريشيلو جي حڪم هيٺ هڪ ڪانوينٽ ۾ قيد آهي. ماءِ ليڊي انهي سان ملي سندس اعتماد حاصل ڪري ٿي ۽ کيس هميشه لاءِ رستي تان هٽائڻ جي رٿ رٿي ٿي. پر ڊي آرٽگنان ۽ سندس دوست هن جي پٺيان آهن ۽ هو نوڪرياڻي زهر ڏيڻ کان پوءِ گرفتار ٿي وڃي ٿي ۽ آڌي رات جي انصاف جي هڪ منظر ۾ مٿس بي شمار ڏوهن جو ڪيس هلائي سندس سر قلم ڪيو وڃي ٿو. اهي سڀ ڳالهيون ريشيلو جي ڪنن تي پون ٿيون. هو آرٽگنان کي گهرائي ٿو ۽ مٿس رياست سان غداري جو ڪيس هلائڻ بابت سوچي ٿو. پر هو نوجوان جي ڪم ڪار جي صلاحيتن، سندس همٿ ۽ ذهانت ۽ سندس بي تڪلفي واري اٿي ويٺي ڏسندي سمجهي وٺي ٿو ته اهو بادشاهه ۽ خود سندس هڪ ڪارآمد نوڪر ثابت ٿيندو تنهن ڪري کيس Musketeers ۾ ليفٽيننٽ جي ڪميشن ڏئي ٿو.

هيءُ ڊوما جي ڪهاڻي جو مختصر خاڪو آهي. ڪيترائي دلچسپ واقعا حذف ڪيا ويا آهن. گڏوگڏ ڪيترائي کل ڀوڳ وارا واقعا ۽ ننڍا ننڍا ڪردار به خاڪي ۾ شامل نه ڪيا ويا آهن. ڪتاب پڙهڻ سان ئي انهي جي تازگي ۽ انهي جي رفتار بابت ذهن ۾ ڪو تاثر ٺهندو. اسان جي خيال ۾ ته ڪتاب جي جن ڳالهين انهي کي ايترو مشهور ڪيو آهي اهي آهن: ڀائرن جو جٿو جيڪي پنهنجي ڏک سهندڙ راڻي پاران وڙهن ٿا. انهي جو اڌ سبب ته مروت ۽ مردانگي پر اڌ سبب شيطاني آهي. وري نوجوان پگهاردار سپاهين جو احوال آهي جيڪي پنهنجين تلوارن جي زور تي جيئن ٿا، پنهنجين محبوبائن سان وفادار ۽ پنهنجن دشمنن لاءِ ڪٺور آهن ۽ پنهنجن دوستن سان کل خوشي ۽ فياضي سان پيش اچن ٿا. اهي دل کولي پيئن ٿا، گهري ننڊ ڪن ٿا ۽ زندگي سان محبت ڪن ٿا ۽ لوئي فلپ جي دور ۾ جڏهن The Three Musketeers پهريون دفعو ڇپيو هو- ۽ پڻ اسان جي دور ۾ -اهڙن ماڻهن لاءِ دائمي ڪشش هوندي هئي.

 

44. وينٽي فيئر

-- ڊبليو. ايم. ٿيڪري --

 

وڪٽوريائي ناول نگارن مان- اها به ڪهڙي نه بهترين سٿ آهي! ڪنهن به ملڪ يا دور ۾ ڪير انهن کان اڳتي نه نڪري سگهيو آهي- ٿيڪري کي اهڙي برتري واري حيثيت آهي جنهن کي ڊڪنس کان سواءِ ڪير به للڪاري نه سگهيو آهي ۽ ڪجھ بهترين نقاد اهو به چون ٿا ته ٿيڪري کي انهي ڀيٽ کان ڪو به ڊپ ڊاء نه آهي. جيتوڻيڪ سندس هڪ يا ٻه ناول لڳي ٿو ته سندس مزاج جي خلاف لکيل آهن پر هن Henry Esmond ۽ انهي سان لاڳاپيل ۽ انهي جي تڪميلي The Virginians، Pendennis ۽ The Newcones ۾ پنهنجي ماهراڻي انداز جو اظهار ڪيو آهي. پر سندس انداز The Vanity Fair ۾ تمام پڪي پختي نموني ۽ تمام ڪاميابي سان ظاهر ٿئي ٿو. سندس ناولن مان هيءُ سڀ کان پهريان ڇپيو (شروع ۾ مهيني وار شمارن جي صورت ۾ 1847ع کان شروع) ۽ کيس مشهوري ڏياري ڇڏي. هاڻي اهو هڪ سو ورهيه کان به وڌيڪ عرصي کان فڪشن جي عظيم شاهڪارن جي ڪهڙي به فهرست ۾ پنهنجي جاءِ پڪي ڪيون بيٺو آهي.

هو اسان کي بلڪل شروعاتي صفحي ۾ ئي ٻڌائي ڇڏي ٿو ته Vanity Fair هڪ بڇڙي ۽ احمقاڻي جاءِ آهي. اها هر قسم جي ٺڳن، ڪوڙ ۽ جعل سازين سان ڀريل آهي. پر هو اٿندي سان ئي اسان کي ڪا خطرناڪ شي نه ٿو ڏيکاري. ڪتاب جون مهيني جي هڪ روشن صبح جو شروع ٿئي ٿو. منظر چس وڪ مال تي مس پنڪرٽن جي نوجوان عورتن لاءِ اڪيڊمي جو وڏو لوهي ڦاٽڪ آهي. انهي هشمت جهڙي خاتون سان واقفيت رکندڙ اهڙو ڪهڙو ماڻهو هوندو جيڪو سمجهندو ته هن سان لاڳاپيل ڪا به شي عزت ۽ احترام جي اعليٰ ترين مقام تي نه آهي. انهي جو سبب اهو آهي ته هوءَ ڊاڪٽر جانسن سان پنهنجي دوستي جي ڳالهه هر ڪنهن کي ٻڌائيندي هئي. جنهن انهي اداري کي هڪ دفعو پنهنجي دوري سان اعزاز بخشيو هو ۽ سندس ڊڪشنري جي هڪ هڪ ڪاپي فارغ ٿيندڙ شاگردياڻي جي هٿن ۾ ڏني وئي هئي. مس پنڪرٽن جون نوجوان شاگردياڻيون سليقي، سگهڙائپ ۽ عورتن جي شايان شان اٿي ويٺي جا آدرشي نمونا هيون ۽ اهي جڏهن موڪلن ۾ گهرن ڏانهن وينديون هيون ته انهن جو رخ شهر جي امير ماڻهن جي حويلين يا زميندارن جي ڳوٺن وارين رهائش گاهن ڏانهن هوندو هو. جيئن اڪثر ٻين شين ۾ ٿيندو آهي تيئن هڪ ڳالهه هن قاعدي جي به ابتڙ هئي. انهن ۾ هڪ عورت يا کڻي چئجي ته ڇوڪري ٻين کان مختلف هئي. سندس عمر سترهن ورهيه هئي. سندس بابت لکيل آهي ته هو قد بت ۾ هلڪي هئي، سندس رنگ ڦِڪو، وار ڦڪاڻ مائل ڳاڙها ۽ سندس اکيون سدائين جھُڪيل هونديون هيون پر هوءَ جڏهن مٿي نهاريندي هئي ته سندس اکيون تمام وڏيون، دلڪش ۽ عجيب لڳنديون هيون. اهي سائي رنگ جون هونديون هيون ۽ اها ڳالهه ڪنهن جا به ڪن کڙا ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهي.

وينٽي فيئر جو ذيلي عنوان آهي، ”هيرو کان سواءِ ناول“، ۽ حقيقت به اها آهي ته قصي ۾ موجود مردن بابت اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي جنهن بابت رڙيون ڪري ڳالهائي سگهجي. جارج آسبورن هڪ امير پيءُ جو هٿ ڦاڙ پٽ آهي. سندس گهر رسل اسڪئائر ۾ آهي. هو هڪ بيوقوف نوجوان آهي سندس بهترين دوست ڊابن به هن وانگر غلطيون ڪندو رهي ٿو. جوس سيڊلي موڪل تي گهر آيل آهي. هن کي بادشاهه سلامت جي ايسٽ انڊين سروس ۾ نوڪري آهي. هن کي پنهنجي واسڪوٽين ۽ کاڌي پيتي جي ذوق تي ڏاڍو فخر آهي. هو سست ۽ مٽي جو ڍير آهي. اسين هاڻي هينٽس ڪائونٽي جي ڪرالي ڪٽنب جو ذڪر ڪريون ٿا. انهن مان سر پِٽ نيچ پوڙهو ۽ عياش شخص آهي. هو ميڻ بتيون پيو ورهائيندو آهي ۽ رات جي ماني ۾ ماني ۽ پنير کائيندو آهي. سندس پٽن مان پِٽ تنگ نظر ۽ ڪٽر مذهبي آهي ۽ راڊن فوجي ماڻهو آهي پر جوا، عزت خاطر دوبدو لڙاين ۽ ٻين اعليٰ طبقي جي بڇڙاين سبب سندس شهرت خراب آهي. نه! وينٽي فيئر ۾ ڪو به هيرو نه آهي. پر ناول ۾ هڪ هيروئين آهي. پر انهي لاءِ اسان کي هيروئين جي اصطلاح ۾ انگريزي فڪشن جي سڀ کان وڌيڪ هوشيار سڀ کان وڌيڪ بي لڄي ۽ ننڍي مهم جو عورت کي شامل ڪرڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو. سندس نالو ريبيڪا شارپ آهي. مختصر طور بيڪي هائو! توهان اندازو هڻي ورتو آهي اِها اُها ساين اکين واري ننڍڙي شرارتي ڇوڪري آهي جنهن ڏانهن اڳ ۾ ئي اشارو ڏنو ويو آهي. اها هيروئين هجي يا نه پر شروع کان ئي دلچسپي جو مرڪز آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته انهيءَ کان سواءِ وينٽي فيئر وجود ۾ ئي نه اچي سگهي ها.

”آءٌ سمجهان ٿي ته مون کي جيڪڏهن ساليانو پنج هزار هجن ها ته آءٌ هڪ سٺي عورت ٿي سگهيس پئي“. ٿيڪري هن کان چورائي ٿو، آءٌ جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺاڻي معزز جي زال هجان ها ته نرسري ۾ ويٺي وقت وڃايان ها ۽ ڀتين تي زرد آلو پئي ڳڻيان ها. آءٌ گلن کي پاڻي پئي ڏيان ها، گل شمعداني مان سڪل پن پئي پٽيان ها، پوڙهين عورتن کان سندن سنڌن جي سور بابت پڇا پئي ڪريان ها ۽ غريبن لاءِ اڌ ڪرائون ملهه جو سوپ پئي ٺهرايان ها. مون کي جيڪڏهن ساليانو پنج هزار هجن ها ته مون کي اهي ڳالهيون ايتريون ڏکيون نه لڳن ها. آءٌ چرچ وڃان ها ۽ ڪٽنبن لاءِ مخصوص وڏي سيٽ تي ويٺي جاڳان ها يا پردن پٺيان ننڊ ڪريان ها يا جيڪڏهن مون وٽ پئسا هجن ها ته هر ڪنهن کي پئي ڏيان ها. پر مس بيڪي هڪ اهڙي آرٽسٽ جي ڌي هئي جنهن کي پاڻ تي قرض چاڙهڻ جي ڏاڍي عادت هوندي هئي ۽ شراب خانن سان ڏاڍو لڳاءُ هوندو هوس. هو جڏهن پي مدهوش ٿي ويندو هو- ۽ اها ڳالهه اڪثر ٿيندي رهندي هئي- ته پنهنجي زال ۽ ڌيءُ کي مار ڏيندو هو ۽ ٻئي صبح جو مٿي جي سور سان سموري دنيا تي ڦٺ لعنت ڪندو هو ته اها سندس ڏات کي نظر انداز ڪري رهي آهي. هن کي پنهنجي پيءُ واري ذهانت ورثي ۾ ملي هئي پر هوءَ غريبن جي ٻارن وانگر وقت کان اڳ ذهين ٿي وئي هئي. هن ڪيترن ئي قرض خواهن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪري پنهنجي پيءُ جي در تان واپس موٽايو هو ۽ ڪيترن ئي واپارين سان مٺڙيون ڳالهيون ڪري چاپلوسي ڪري انهن کي سٺي موڊ ۾ آڻي انهن کي وڌيڪ هڪ ويلي جي ماني ڏيڻ تي راضي ڪيو هو. سندس پيءُ کي هن جي ظرافت تي ڏاڍو ناز هوندو هو ۽ هن جي عادت هوندي هئي ته هو جڏهن ويهي شراب پيئندو هو ته هوءَ سندس ڀرسان ويهي سندس جهنگلي دوستن جون ڳالهيون ٻڌندي هئي. اهڙيون ڳالهيون جيڪي اسين سمجهي سگهون ٿا ته ڪنهن به ڇوڪريءَ لاءِ ٻڌڻ مناسب نه هونديون. پر سندس ماءُ ڪٿان ڪا تعليم پرائي هئي ۽ انهي جو نتيجو اهو نڪتو جو بيڪي اهڙي خالص ۽ پيرس جي لهجي واري فرانسي ٻولي ڳالهائڻ سکي وئي جيڪا انهن ڏينهن ۾ غيرمعمولي صلاحيت ليکي ويندي هئي. بيڪي کي انهي جي آڌار تي مس پنڪرٽن جي اڪيڊمي ۾ خيراتي شاگردياڻي کان ترقي ڏئي فرانسي جي ماسترياڻي جي عهدي تي رکيو ويو. پر جڏهن انهي شاهاڻي عورت خرچ بچائڻ جي لحاظ کان بيڪي کي ٻڌايو ته کيس مستقبل ۾ نين شاگردياڻين کي فرانسي سان گڏوگڏ ميوزڪ جي به سکيا ڏيڻي پوندي ته ڇوڪري ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو. ”پنجٽيهن ورهين کان“، مس پنڪرٽن چيو، ”مون اهڙو ڪو به ماڻهو نه ڏٺو آهي جنهن منهنجي گهر ۾ منهنجي اختيار کي للڪارڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. مون پنهنجي سيني ۾ هڪ نانگ تاتيو آهي“. ”ڇا هڪ نانگ؟ چئه ته هڪ گز“ مس شارپ انهي عورت کي اتر ڏنو جيڪا حيرت سبب بيهوش ٿيڻ تي هئي، ”توهان مون کي انهي ڪري نوڪري تي رکيو هو جو آءٌ ڪارائتي هئس. اسان ٻنهي جي وچ ۾ احسان مندي جي ڪا به ڳالهه ڪونهي. مون کي هن جاءِ کان نفرت آهي ۽ آءٌ هن کي ڇڏڻ گهران ٿي... مون کي ڪجھ رقم ڏي ۽ مون مان جان آجي ڪراءِ. يا جيڪڏهن تون بهتر سمجهين ته مون کي ڪنهن معزز ماڻهو جي گهر ۾ گورنيس طور سٺي جاءِ ڏيار. تون جيڪڏهن چاهين ته اهو ڪم ڪري سگهين ٿي“.

مس پنڪر ٽن واقعي ائين چاهيو پر هن جيڪا جاءِ ڳولهي اها ڪنهن وڏي امير نه پر هڪ بيرن جي گهر ۾ هئي. هن جاءِ ته ڳولهي ڏني پر ڇوڪريءَ کي ڊڪشنري جي هڪ ڪاپي ڏيڻ کان سختي کان انڪار ڪري ڇڏيائين. سندس ڀيڻ مس جميما نرم مٽي جي ٺهيل هئي ۽ جڏهن مس بيڪي ۽ سندس پياري سهيلي آميليا سبڊلي کي کڻي ويندڙ گاڏي هلڻ تي هئي ته انهي مهربان مخلوق دري مان هڪ پارسل اندر اڇلايو ”پياري هي ڪجھ سئنڊوچ آهن“. هن اميليا کي چيو جيڪا شاگردياڻين ۾ کيس ڏاڍي وڻندي هئي. ”توکي شايد بک لڳي هجي، ۽ بيڪي، بيڪي شارپ هي تنهنجي لاءِ هڪ ڪتاب آهي، جيڪو منهنجي ڀيڻ يعني، آءٌ- توکي خبر آهي جانسن جي ڊڪشنري: تون انهي کان سواءِ نه وڃ. خدا حافظ. الله توهان تي رحمت ڪري! ۽ جيئن ئي گاڏي هلي ته مس شارپ پنهنجو ڦڪو منهن دري مان ٻاهر ڪڍيو ۽ ڪتاب باغيچي ۾ اڇلائي ڇڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org