سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:31 

انهي کان پوءِ به ڳجھيون ملاقاتون ٿيون پر ڪي به ٻه لڳاتار ساڳئي جاءِ تي نه ٿيون. ”ڪڏهن به انهي ساڳئي رستي تان گهر نه وڄ جنهن تان آئي هئين“. هن مشورو ڏنو. اهي غريبن جي گهٽين مان عام رواجي نموني ڳالهائيندا ويندا هئا ۽ جيئن ئي پارٽي جو ڪو وردي پوش ماڻهو ايندي ڏسندا هئا ته ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي جدا ٿي ويندا هئا. اهي ٻئي مصروف به هوندا هئا (ونسٽن کي هفتي ۾ سٺ ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو هو جڏهن ته جوليا کي انهي کان به وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو هو) ۽ انهن جا واندڪائي وارا ڏينهن به ورلي ئي ڪو گڏ ايندا هئا. انهن مئي مهيني ۾ هڪ دفعو هڪ ڦٽل گرجا گهر جي گهنٽا گهر ۾ ميلاپ ڪيو. اتي جوليا ونسٽن کي پنهنجي باري ۾ وڌيڪ ڳالهيون ٻڌايون. هن جي عمر 26 ورهيه هئي ۽ هوءَ ٽيهن ٻين ڇوڪرين سان هڪ هاسٽل ۾ رهندي هئي. هؤ فڪشن ڊپارٽمينٽ ۾ ناول رائيٽنگ مشين تي ڪم ڪندي هئي. پر هوءَ ريڊر نه هئي نه ئي ايتري ذهين هئي جو پلاننگ ڪميٽي يا ري رائيٽ اسڪواڊ (Re- write Squad) کي ڪم اچي سگهي. هن کي سندس بهترين اخلاقي ۽ ورزشي (مثال طور هوءَ جاسوسي ۾ ٽُروپ ليڊر هئي) رڪارڊ سبب ئي پورنوسيڪ (Pornosec) ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويو هو جتي جنسي بکين پرولتاري نوجوانن لاءِ ردي فحش مواد تيار ٿيندو رهندو هو. ونسٽن اندروني طور هن ڏانهن هن جي زندهه دلي ۽ خوشي حاصل ڪرڻ جي عملي محبت جي سبب ڇڪجي آيو هو. سندس پهريون عاشق (تڏهن هن جي عمر 16 ورهيه هئي) هڪ سٺ ورهين جو پارٽي ميمبر هو جنهن پوءِ گرفتاري کان بچڻ لاءِ آپگهات ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح جوليا کي به بدنامي کان بچائي ويو. هن کي سدائين وندر ورونهه گهربل هوندي هئي تنهن ڪري هوءَ پارٽي جي ننڍن ننڍن قاعدن تي عمل ڪندي هئي جيئن ڳجھي نموني وڏن قانونن کي ڀڃي سگهي. پارٽي ۾ ته ڪا تبديلي نه ٿي اچي سگهي، هن انقلاب کان اڳ واري دنيا ڏٺي نه هئي ۽ برادرهڊ (Brotherhood) بابت هن ڪڏهن ڪا ڳالهه ٻڌي ئي نه هئي.

ونسٽن پوءِ پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي زال جي باري ۾ ٻڌايو: هن زال بابت ڏاڍو کُليل لفظن ۾ ڳالهايو ته هو ڏاڍي سٺي هئي ۽ جنسي لحاظ کان ٿڌي هئي. جوليا انهي جو مطلب چڱي طرح سمجهي وئي ۽ پارٽي جي جنسي پاڪبازيءَ بابت تفصيل سان ڳالهايائين. نه فقط اهو ته جنس جي هڪ پنهنجي دنيا هئي جيڪا سرڪاري ڪنٽرول کان ٻاهر هئي پر پارٽي جي نظر ۾ اها ڳالهه به اهم هئي ته جنس جي کوٽ واري هسٽريا کي جنگي بخار ۾ ڪيئن تبديل ڪجي. هيڏانهن هوڏانهن اچڻ وڃڻ، هنبوڇيون هڻڻ ۽ جهنڊا جهولائڻ جي تهه ۾ اها حقيقت لڪل آهي ته جنس پهچ کان ٻاهر ٿي وئي آهي. ڇا پارٽي پاڻ ٻارن کي ڏينهن رات پنهنجي ماءُ پيءُ تي جاسوسي ڪرڻ جي سکيا ڏئي ساڳئي چالاڪي جو مظاهرو نه پئي ڪيو؟ هن سندس رضامندي واري موڊ جو پنهنجي زندگي سان محبت وارو جواب ڏنو جيتوڻيڪ کيس پسڻ پيا ٿي ته ٿاٽ پوليس ڪنهن ڏينهن سندس صفايو ڪري ڇڏيندي.

ونسٽن مسٽر ڪيرنگٽن جي دڪان جي مٿان وارو ڪمرو مسواڙ تي ورتو هو. هن جوليا جو انتظار ڪندي دريءَ مان هڪ تمام وڏي جسم واري عورت کي ڏٺو جيڪا هڪ واش ٽب ۽ ڪپڙن سڪائڻ واري رسيءَ جي وچ ۾ اچي وڃي رهي هئي ۽ هڪ تازو آيل پاپ گيت جهونگاري رهي هئي. هُن کي انهي جي پرولتاري اطمينان تي ڏاڍي ريس آئي. جوليا به جلدئي پهچي وئي ۽ هن لاءِ کنڊ، ”اصلي اِنر پارٽي ڪافي“ ۽ اصلي چانهه به کڻي آئي. هن ٻن ٽن منٽن ۾ پنهنجي منهن تي ميڪ اپ ڪيو ۽ پوءِ وڏي پلنگ تي چڙهي ويٺي. پر جلدئي پوءِ ڀت تي لڳل آرائشي تختن مان هڪ وڏي ڪوئي منڍي ڪڍي- ونسٽن لاءِ اها تمام ڀوائتي شي هئي- جوليا ڪپڙو وجھي سوراخ بند ڪري ڇڏيو. ونسٽن اڪيلو جو ٿيو ته پنهنجي شيشي جي پيپر ويٽ واري مرجان جي جوليا ۽ پنهنجي زندگي سان ڀيٽ ڪرڻ لڳو.

ڳالهه هتي پهچڻ تائين سائم غائب ٿي ويو هو. هو ڪم تان به غير حاضر رهڻ لڳو هو. نفرت جي هفتي (Hate Week) جون تياريون زور شور سان جاري رهيو. جوليا جي يونٽ زيادتين بابت پمفليٽ ڪڍڻ شروع ڪيا. ٽيلي اسڪرين تي هڪ نئون نفرت جو گيت (Hate song) هلڻ لڳو، افواهه گردش ڪرڻ لڳا. جعلي فوٽو ٺهڻ لڳا. جلوس، فلم شو، ليڪچر ۽ ٻيون ڳالهيون زور شور سان ٿيڻ لڳيون. گهٽين کي لغڙين سان سجايو ويو. راڪيٽن سان بمباري ۾ واڌ اچي وئي ۽ هڪ پوڙهي جوڙي کي ٻاهرئين نسل جو سمجهندي سندس پنهنجي گهر ۾ ئي گهٽو ڏئي ماريو ويو. جوليا ۽ ونسٽن پنهنجي خانگي ڪمري ۾ مزا ماڻيندا رهيا پر اهڙي خوشي هميشه جاري نه ٿي رهي سگهي. ونسٽن جوليا کي اوبرائين سان پنهنجي عجيب تعلق بابت ٻڌايو. جوليا جو ذهن اڌ روايتن کي تسليم ڪندو هو ۽ اڌ سچ جو تجزيو ڪندو هو. هن انهي حقيقت کان ئي انڪار ٿي ڪيو ته جنگ ٿي رهي هئي. انهي تي ونسٽن ته حيران ٿي ويو. هن چيو ٿي ته خود اوشينيا جي حڪومت لنڊن تي بمباري ڪري رهي هئي. ”جيئن ماڻهن کي خوف ۾ رکجي“.

جلدئي اوبرائين وٽان متوقع نياپو اچي ويو ۽ آخرڪار اهو وقت به اچي ويو جو ونسٽن جوليا سان گڏ اوبرائين جي اِنر پارٽي فليٽ ۾ بيٺو هو. اهڙي منحوس ماحول ۾ اوبرائين انهن کان برادرهڊ ۾ شامل ٿيڻ جو حلف کڻايو. برادرهڊ جا قاعدا قانون ڏاڍا ظالماڻا هئا. کين انهي جي مفاد لاءِ ڪهڙو به بڇڙو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رهڻو هو پر انهن کي برادرهڊ مان ڪنهن به مدد جي اميد نه رکڻي هئي. اوبرائين ونسٽن کي گولڊ اسٽين وارو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنو.

اوچتو اهو اعلان ٿي ويو ته يوريشيا نه پر ايسٽيشيا دشمن هو. يوريشيا جيئن سدائين رهيو هو تيئن هاڻي به اتحادي هو. عوام ۾ نعرا هڻندڙ ماڻهن جملي جي وچ ۾ نالا مَٽائي ڇڏيا. پر جيئن ته رڪارڊن ۾ تبديلي آڻڻي يا ڪاٽ ڪوٽ ڪرڻي هئي ۽ تاريخ کي نئون رخ ڏيڻو هو تنهن ڪري ونسٽن ۽ ٻيا ماڻهو روزانو ارڙهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻ لڳا. پوءِ هن گولڊ اسٽين جو Theory and Practice of Oligarchical collectivism  کوليو جيڪو ”بي علمي طاقت آهي“. جي لفظن سان شروع ٿيو. انهي ۾ طاقت (Power) جو خاڪو تفصيل سان بيان ٿيل آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهميت تڏهن ئي آهي جڏهن اهي آزادي کي گهٽ ڪن. جنگ جي حالت دائمي آهي. گولڊ اسٽين اوڻيهين ۽ ويهين صدي جي تاريخ جو انگ ساڪ (Ingsoc) دور ۽ انهي پاران شخصي آزادي ختم ڪرڻ تائين جي تاريخ ڏني هئي.

اوچتو ٿاٽ پوليس اچي وئي ۽ ونسٽن ۽ جوليا کي گرفتار ڪري ورتائين. انهن ۾ نئين توانائي سان ڀرپور ۽ ڦڙت ڏسڻ ۾ ايندڙ مسٽر ڪيرنگٽن به بيٺو هو. ونسٽن کي وزارت محبت ۾ هڪ اوچين ڀتين واري ۽ بغير درين واري کوليءَ ۾ قيد رکيو ويو. هو جيڪڏهن پنهنجو هٿ پنهنجي کيسي ۾ وجھندو هو ته به ٽيلي اسڪرين ذريعي رڙ ڪري کيس منع ڪيو ويندو هو. ڏوهاري پيا ايندا ويندا هئا پر ونسٽن ۽ سندس شاعر دوست ايمپل فورٿ جهڙن سياسي قيدين کي گند سمجهيو ويندو هو. هر طرف بک ۽ ڌپ جو راڄ هوندو هو. پارسنس به قيد ۾ هو. هن تي سندس پنهنجي ڌيءُ چغلي هنئي هئي. هڪ احتجاج ڪندڙ قيدي کي خطرناڪ روم 101 ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

پوءِ او برائين آيو ۽ ونسٽن جيڪو اڳيئي ڌمڪين کان هيسجي ويو هو انهي کي تفتيش ۽ تشدد واري ڪمري ۾ وٺي ويا. جتي کيس ايترو ڪُٽيو ويو ۽ ٿڏا هنيا ويا جو هو ساڻو ٿي اٽي جي ڳوڻ وانگر پٿر جي فرش تي ڪري پيو. هو آهستي آهستي وڏا ۽ هٿ ٺوڪيا ڏوهه باسي ويٺو. پوءِ کيس روم 101 ڏانهن وٺي ويا. جتي اوبرائين هن مٿان مختلف موڊ ٺاهيو بيٺو رهيو. ونسٽن کي تشدد کان پوءِ پهريان سچ جي شڪل مٽائڻ جي مشق ڪرائي وئي پوءِ هن کان پنهنجا ئي ڪوڙ باسرايا ويا. هن پنهنجين ئي يادگيري کي مسخ ڪرڻ سکي ورتو. هن کي سيکاريو ويو ته طاقت فقط تابعداري نه پر پيڙا جي طلب ڪري ٿي.

ونسٽن کي اگهاڙو ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ هو وات ڦاڙيو پنهنجي بدبودار ڦٽيل جسم کي ڏسندو رهيو. آخري ٽيسٽ ۾ سندس سڀ کان وڏو خوف ڪوئا، حقيقت بڻجي ويو. ڪوئا جڏهن سندس منهن تي چڪ هڻڻ لڳا ته هو رڙيون ڪرڻ لڳو: ”اهو ڪم مون سان نه جوليا سان ڪريو! توهان هن کي جيڪو ڪجھ ڪنداؤ انهي جي مون کي پرواهه نه آهي“. هو آزاد ٿي چيسٽنٽ ٽري ڪيفي ۾ اچي ويٺو. جوليا ظاهر ٿي ۽ ٻنهي تسليم ڪيو ته هنن هڪ ٻئي خلاف ڳالهايو هو. محبت ختم ٿي وئي هئي پر اهي وري ملڻ تي راضي ٿي ويا. اوچتو بگل فتح جي خبر وڄائڻ شرع ڪئي. هو هڪ سڪون واري خواب واري حالت ۾ ويٺو ڏاڍو خوش هو. ونسٽن آخرڪار ”پنهنجي مٿان سوڀ حاصل ڪري ورتي هئي. هن کي Big Brother سان پيار ٿي ويو“.

آرويل هن سخت طنز ۾ انگريزي زبان کي مالامال ڪندي ڪيترائي ياد رکڻ جهڙا لفظ ڏنا آهن. ناول جيتوڻيڪ سئفٽ، وولٽيئر ۽ آلڊس هڪسلي جهڙن جديد ليکڪن واري طنزيه روايت سان واسطو رکي ٿو پر انهي جو مرڪزي خيال بلڪل اصلي آهي. انهي ۾ اسان کي سائنس فڪشن جي ڪجھ رجحانن سان تعلق به نظر اچي سگهي ٿو. ڪهاڻي جي گهڙت جيتوڻيڪ سٺي ٿيل آهي. پر حقيقي اسلوب هر جاءِ تي ايترو موثر نظر نه ٿو اچي. آرويل اوشينيا جي ڏاڍ کي بي روڪ ٽوڪ ڪري پيش ڪري ٿو پر هو جبلتي طور انهن انسانن جي مزاحمت جا چٽ به چٽي ٿو جيڪي عزت ۽ تفريح کي اهميت ڏين ٿا. سندس سماج جي ساخت ڏاڍي چٽي ۽ هڪ خوفناڪ چتاء آهي. 1984ع ۾ ڪنهن اهم تخليقي شاهڪار واري ڪشش ۽ ڇڪ آهي.

97. دي ڪون- ٽڪي ايڪسپيڊيشن

-- ٿور هائيرڊاهل (Thor Heyerdahl) --

 

اها ڏاڍي صاف سهڻي رات هئي. سونهري چنڊ پيسفڪ سمنڊ تي روشني ڪيو بيٺو هو. اهي ماٺ ۾ ويٺا ڏسي رهيا هئا.

پوءِ هن ڳالهايو: ڏاڍو عجيب ٿو لڳي. پر ٻيٽ جي ٻئي ڪناري تي اهڙيون وڏيون لهرون پيدا نه ٿينديون آهن.

اها ڳالهه صحيح هئي؛ ٻئي ڪناري تي ايتريون وڏيون لهرون پيدا نه ٿينديون هيون. هتي اهي گهڙيال وانگر باقاعدگي سان چڙهنديون پئي آيون. اهي انهن جي سامهون اچي هڪ سفيد ڦوهاري جي شڪل ۾ ٽُٽي ٿي ويون. اڌ ميل پري ٻئين ڀر تي ڪا لهر ئي نه هئي. پر اها ڪا خاص ڳالهه ته نه هئي. اتان جي علائقي مطابق اتي عام طور گهلندڙ هوا پئي گهلندي هئي ۽ سمورو سال لهرون پئي پيدا ڪندي هئي.

نوجوان ٿور هائيرڊاهل هڪ ٻيٽ جي رهواسي جا اهي لفظ ٻڌا هئا ته ”ٽِڪي خدا به آهي ته سردار به آهي. ٽڪي ئي منهنجن ابن ڏاڏن کي هنن ٻيٽن تي آندو هو“. وري هن جي ذهن ۾ اها ڳالهه به هئي ته انهي ٻيٽ تي ٽڪي ديوتا جون وڏيون پٿر جون مورتيون هوبهو انهن مورتين جهڙيون هيون جيڪي هن ڏکڻ آمريڪا ۾ ڏٺيون هيون. هاڻي انهن ٻنهي ڳالهين تي گڏي سوچ ويچار ڪرڻ سان هن جي ذهن ۾ هڪ نظريي شڪل وٺڻ شروع ڪئي.

هو پنهنجي زال سان گڏ مارڪئيساس گروپ جي انهي ٻيٽ تي انهن ماڻهن جي ڪلچر جو اڀياس ڪرڻ آيو هو جيڪي اتي سوين ورهيه اڳ رهيا هئا اِتي عجيب پٿر جا يادگار ڇڏيا هئائون ۽ پوءِ غائب ٿي ويا هئا. هاڻي هڪ بلڪل مختلف شي تي غور ڪرڻو هو.

ڇا ائين ٿي سگهيو ٿي ته پيسفڪ سمنڊ تي رهندڙ انهن پولي نيشائي ماڻهن جا ابا ڏاڏا ڏکڻ آمريڪا جي اُلهندي ڪناري تان آيا هوندا؟ ڇا اهو ممڪن هو؟ پٿرن جي مورتين کي ڇڏي ٻين به ڪيترن ئي اشارن مان لڳي پيو ته ائين ئي ٿيو هوندو. اهي ٻيٽن تي رهندڙ ماڻهو تمام مختلف قسم جا هئا. انهن جو ايشيا يا آسٽريليا ۾ رهندڙ ماڻهن سان ڪو ڳانڍاپو نه هو. انهن جو قسم ۽ انهن جي ٻولي سوين اهڙن ٻيٽن تي پکڙيل هئي جن جو عملي طور پاڻ ۾ ڪو ميل ميلاپ يا انهن وچ ۾ ڪو مواصلات جو ذريعو نه هو. ڪا ٻولي اهڙن ٻيٽن تي ٽڙيل پکڙيل هجي جن جي وچ ۾ مواصلات جو ڪو ذريعو ئي نه هجي ۽ انهي جي باوجود انهي ٻولي ۾ ايتري مشابهت به هجي ته انهي مان اهو پڪو اشارو مليو ٿي ته اها اتي هجرت ۽ لڏپلاڻ ذريعي پهتي هئي ۽ اهو دور ايترو مختلف ٻيٽن تي مختلف نموني پروان چڙهڻ لاءِ ڪافي هو.

هائيرڊاهل ۽ سندس زال پاران مارڪئيساس ۾ اڀياس جو هڪ سال پورو ڪرڻ کان پوءِ اهو نظريو سندس ذهن ۾ واڌ ويجھ وٺندو رهيو. پر انهي کان اڳ جو کيس انهي بابت ڪجھ ڪرڻ جو موقعو ملي 1940ع اچي ويو ۽ سندس وطن ناروي تي جرمني ڪاهه ڪري ڇڏي.

هائيرڊاهل جنگ دوران ناروي جي ايئر فورس ۾ نوڪري ڪئي ۽ جنگ ختم ٿيڻ تي آمريڪا هليو آيو. هن وٽ پئسا ختم ٿي ويا. تنهن ڪري کيس نيويارڪ ۾ ناروي جي سيلرز هوم (Sailors Home) ۾ رهڻو پيو. هن اهڙين مايوسيءَ وارين حالتن ۾ پنهنجي نظريي کي ثابت ڪري ڏيکارڻ جو ارادو ڪيو. ڪجھ به ٿي پوي هو نئين دنيا (New World) ۾ ته هو جتان ئي هن ثابت ڪرڻ چاهيو ٿي ته لڏپلاڻ جي شروعات ٿي هئي (توڙي جو هو هڪ هزار يا انهي کان به وڌيڪ ميل پري اتر ۾ هو) ۽ اهو به امڪان هو ته هن کي متان آمريڪا ۾ مالي سهائتا ملي وڃي.

شروع ۾ ته هر ڪنهن سندس نظريي تي چٿرون ٿي ڪيون ته پولي نيشيائين وٽ جهڙي قسم جا جهاز هوندا هئا انهن ۾ ته هو هزارين ميل سمنڊ نٿي جهاڳي سگهيا؛ اهو ممڪن ئي نه هو. انهي نارويائي خواب لهندڙ کي پنهنجي نيچرل هسٽري سان ئي چنبڙيل رهڻ گهرجي.

هن اهڙي قسم جو ڪو به ڪم نه ڪيو. هن انهن ٻيڙن جو اڀياس ڪيو جيڪي ڏکڻ آمريڪا جا انڪا (Inca) لوڪ ڪم آڻيندا هئا. اهي تمام هلڪي بالسا (Balsa) ڪاٺي جا ٺهيل هوندا هئا. هن پيسفڪ سمنڊ جا چارٽ گڏ ڪيا. ويرن ۽ سِيرن (Currents) جي اثرن جو اڀياس ڪيو ۽ انهن کي نقشن تي رکي ڏٺو ۽ پوءِ پيرو (Peru) جي ڪناري کان تائو موٽو (Tuamoto) ٻيٽن تائين هڪ ليڪ ڪڍيائين.

هن ته مسافري جي رفتار جو به حساب ڪڍيو. ڪنهن ٻيڙي تي پيرو کان انهن ٻيٽن تائين سڙهن ذريعي يا لڙهندو ويندي هڪ سو ڏينهن نه، نوي ڏينهن به نه پر ستانوي ڏينهن لڳندا.

جنهن به سندس نظريي بابت ڳالهه ٻڌي ٿي انهي کي اهو حصو ته ڏاڍو کل جوڳو لڳو ٿي ته ڪو ماڻهو اهڙي ڏکئي سمنڊ تي سفر به ڪري ويندو. پر اهو سفر هڪ مقرر مدي ۾ به پورو ڪندو اها ته بلڪل چريائپ هئي.

هائيرڊاهل انهي جي باوجود به پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ نيويارڪ مان پنجن نوجوان جانباز اسڪنڊي نيويائين جي ٽيم ڀرتي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. انهن دنيا جي مختلف حصن مان اچي ٻيڙو ٺاهڻ ۾ مدد ڪرڻ ۽ انهي کي دنيا جي سڀ کان وڏي سمنڊ مان هاڪاري پار ڪرڻ جي هامي ڀري.

مالي پٺڀرائي جي معاملن بابت به هڪ هڪاڻي ڪئي وئي. رسد ۽ ساز سامان جون لسٽون ٺهيون، ڊهيون، وري ٺهيون. ٻيڙي ٺاهڻ جون رٿائون به ٺاهيون ويون. ٻيڙو بالسا جوئي ٺهندو جيڪو ڪارڪ کان هلڪو ٿيندو آهي ۽ جيئن ته اهو پيرو ۾ خشڪي تي ٿيندو آهي تنهن ڪري اهي ائين ئي ڪندا جيئن انڪا لوڪن ڪيو هو: اهي ايڪئي ڊور جي سامونڊي ڪناري تائين ويندا بالسا جا وڏا وڻ وڍي انهن کي پاڻي تائين آڻيندا.

اهي جهاز ذريعي ايڪئي ڊور ويا. اهو انهي کان وڌيڪ معاملو هو جيترو انهن سوچيو هو. اتي ايترا ڊگها بالسا نه هئا. آخرڪار انهن کي پنهنجي گهرج جيترا ٻارنهن ڊگها وڻ ملي ويا ۽ انهن کي وڏين محنتن سان پيرو جي ڪالائو (Callao) بندر تائين کڻائي آيا. اتان ئي اهي سامونڊي سفر جي شروعات ڪندا. بشرطيڪ ٻيڙو به تيار ٿي وڃي.

اهڙي طرح شايد ته هڪ هزار ورهين ۾ پهريون دفعو ڪلائو ۾ هڪ بالسا ٻيڙو تيار ٿيو. هائيرڊاهل اندازو هنيو ته پهريان سفر- جيڪڏهن اهي ٿيا هئا ته- هتان شروع ٿيا هوندا. جيئن ته موجوده دور جي رهواسين کي انهي اسڪيم ۾ ڏاڍي دلچسپي پيدا ٿي وئي هئي ۽ ڊاڪ يارڊ تي به ڪم سٺو پئي هليو تنهن ڪري ٻيڙو جلدي مڪمل ٿيڻ لڳو. نَو سڀ کان ٿلها بُنڊ خود ٻيڙي لاءِ چونڊيا ويا. انهن مان سڀ کان ڊگهو 45 فوٽ هو. انهن کي پاڻي ۾ وڌو ويو جيئن ڏسجي ته اهي گڏ ڪيئن ٿا ترن. پوءِ انهن کي رسي سان ٻڌو ويو (ڪوڪا يا تار دوکو ڏئي وڃن ها تنهن ڪري ڪتب نه اچي سگهن ٿا). پنجيتاليهن فوٽن وارو سڀ کان ڊگهو بنڊ وچ ۾ پيو ۽ گهٽ ڊيگهه وارا پاسن کان وڌا ويا. سڀ کان ننڍو ڊيگهه ۾ ٽيهه فوٽ هو. انهي جي مٿان چيريل بانسن جو عرشو (Deck) وڌو ويو ۽ انهي جي مٿان بانسن جي هڪ ننڍڙي ڪيبن ٺاهي وئي. ڪيبن جا لڪڙا هڪٻئي سان ڪيلي جي پنن سان ٻڌا ويا. انهي جي سامهون ٻه کوها هڪ ٻئي جي ڀرسان هنيا ويا. اهي تمر جي پڪي ڪاٺ جا ٺهيل هئا. انهن ٻنهي کي چوٽي تي هڪ ٻئي سان ٻڌو ويو ۽ انهن سان هڪ وڏو چورس سڙهه ٻڌو ويو.

هڪ پاسي عوام ۾ ڏاڍو جوش ۽ خروش هو ته ٻئي پاسي اندروني طور هنن جي دل شڪني ڪئي ٿي وئي. هر هڪ نوجوان ملاح کي ڪڏهن ڪو سفير، ڪو سياستدان، ڪو ملاح ته ڪڏهن ڪو دوست پاسي تي وٺي وڃي زور بار وجھي رهيو هو ته هو انهي چريائپ واري سوچ تان هٿ کڻي وڃي. پر هاڻي انهن مان ڪنهن کي به ڇڏي وڃڻ جو ڪو به ارادو نه هو. ٻيڙو جيئن جيئن تڪميل جي ويجهو پهچندو ٿي ويو تيئن جوش خروش وڌندو پئي ويو.

آخرڪار 28- اپريل تي ڪون ٽڪي هاڪارجڻ لاءِ تيار هو. هنن پولي نيشيا جي سورج ديوتا پٺيان هن تي اهو نالو رکيو هو. انهن رسد چاڙهي پوري ڪئي ۽ پاڻ به چڙهي ويٺا.

اهي جڏهن روانا ٿيڻ لڳا ته ڪالائو خليج جي چوڌاري هڪ وڏو ميڙ بيٺو هو. انهي کي پهريان ڪجھ ميل هڪ اسٽيمر ڇڪيو. اهو اسٽيمر ڏاڍو تيز پئي هليو. انهي کي به شايد ڳڻتي هئي ته انهي حماقت جهڙي شي کان جلدي جان ڇڏائي رواجي ڪم ڏانهن موٽي اچي. اهي جڏهن ڪناري کان نڪري ٻاهر ٿيا ته ازخود لڙهڻ لڳا.

اهي هر ڳالهه ۾ ٻيڙي جي اڳوڻي ڊزائين مطابق هليا هئا پر انهن کي ڊزائين جي ڪيترين ئي ڳالهين بابت ڳڻتي هئي. هنن کي هڪ ڳالهه اها به پريشان ڪري رهي هئي ته ڪٿي بُنڊن کي ٻڌل رسيون ڳري کُسي نه وڃن ۽ ڪون ٽڪي وچ پيسفڪ سمنڊ ۾ کُلي نه وڃي ۽ هر بنڊ مختلف طرفن ۾ لڙهندو وڃي ۽ انهي جي عملي کي شارڪ مڇيون ڳڙڪائي وڃن؟

پر هاڻي انهن کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي ته پيرو جا قديم ملاح فقط رسي ئي ڇو ڪتب آڻيندا هئا: بالسا ڪاٺ جيئن ته نرم آهي تنهن ڪري آهستي ڳريو ٿي ۽ رسيون ڳرڻ بجاءِ آهستي آهستي انهي ۾ چڪ هڻنديون ٿي ويون ۽ پوءِ انهن کي اهڙي مضبوط ڳنڍ اچي ٿي وئي جهڙي بُلٽن سان به نه اچي ها.

اهو سفر انساني سوچ ۽ همٿ جي عظيم ترين داستانن مان هڪ آهي. سفر ناقابل يقين حد تائين 97 ڏينهن ئي ورتا. هائيرڊاهل به ايترو ئي حساب ڪيو هو. اهي ڪيترائي دفعا تباهي جي ڪناري تي اچي پهتا هئا. ڪڏهن طوفان اچي ڪاغذ جهڙي هلڪي ٻيڙي کي سمنڊ ۾ اڇلائي ٿي ڇڏيو ته ڪڏهن شارڪن ٿي اچي انهن کي ٿونا هنيا. ڪڏهن ڪڏهن ته وري ڪو ماڻهو يا سامان هيٺ ڪري پوندو هو ۽ انهيءَ کي وڏين محنتن سان مٿي ڪڍڻو پوندو هو. پر انهن سٺن مهم جوئين وانگر هوش حواس قائم رکيا. ڏينهن جي شروعات عام رواجي نموني ٿيندي هئي. رات جو چوڪيءَ وارو آخري ماڻهو سمهڻ وقت بورچي کي ڌونڌاڙي اٿاريندو هو جيڪو چنگهندو ڪُرڪندو پنهنجي سليپنگ بئگ مان نڪرندو هو ۽ رات دوران عرشي تي اچي ڪرندڙ مڇيون گڏ ڪرڻ لڳندو هو. هر روز کنڀين وانگر نيون مڇيون اينديون هيون. اهي ڏاڍي ڌيان سان هڪ گاسليٽ واري چلهي تي بچائيندو هو. انهن پاڻ سان ڪافي مقدار ۾ خشڪ ۽ دٻي بند کاڌو به آندو هو جيڪو بانس جي عرشي هيٺان رکيو هئائون پر انهن گهڻو وقت عرشي تان گڏ ڪيل يا ڄار يا ڪنڊي ذريعي ماريل مڇي تي گذارو ڪيو. انهن زماني جي لحاظ کان هڪ ڪم اهو ڪيو هو- هائيرڊاهل شروع ۾ جيتوڻيڪ انهي کان هٻڪيو ٿي- جو انهن هڪ ننڍڙو ريڊيو ٽرانسميٽر ۽ رسيور پاڻ سان گڏ کنيو هو. انهي ذريعي هو موسم جي رپورٽ موڪليندا رهندا هئا.

ٻن مهينن کان پوءِ انهن پاران کنيل پاڻي تمام پاروٿو ٿي ويو پر تڏهن کان وري ايتري ته باقاعدگي سان (۽ ڪڏهن ته خوفناڪ) مينهن وسڻ لڳو جو ڪنٽينر ڪنان تار ڀريل رهڻ لڳا ۽ مڇي به روز بروز ڪثرت سان اچڻ لڳي. مڇي ايتري ته گهڻي هوندي هئي جو بس ٻيڙيءَ ۾ ترندي نظر ايندي هئي ۽ پڪڙڻ ۽ ترڻ جي دير هوندي هئي. انهن مان وڏي بونيٽو مڇي ته کائڻ ۾ به ڏاڍي سٺي هوندي هئي.

ٿور هائيرڊاهل محسوس ڪري ورتو ته بک وگهي مرڻ ته ناممڪن هو پر ڪيترائي گهٽ پُرڪشش متبادل پڻ موجود هئا. انهن کي سڀ کان وڌيڪ ڊپ رات جو آڪٽوپسن جي حملي کان هوندو هو. ڇاڪاڻ ته پيسفڪ سمنڊ جي هن حصي ۾ انهن کي اهي خود ٻيڙي جيترا وڏا به نظر اچي سگهيا ٿي جيڪي ڪون ٽڪي جي ڪنهن به شي يا ماڻهو کي ٻيڙي تي چڙهڻ کان سواءِ ئي جهڙپ هڻي سگهيا ٿي.

ڪيترائي دفعا ته ائين ٿيو هوندو ته ڪا خود ڪون ٽڪي کان به ڊگهي وهيل انهن سان گڏوگڏ ترڻ لڳي هوندي ۽ اهي ساهه بند ڪري ويهي رهيا هوندا. انهي کي اوچتو ڪو پُور پوي ها ۽ اها کين پڇ جي هڪ جهٽڪي سان اونڌو ڪري ڇڏي ها. پر اها ڏاڍي پر امن ثابت ٿيندي هئي. انهن کي تمام گهڻي تفريح ڏيندي هئي. اهي کيس ساهه کڻندي ٻڌندا هئا. بهرحال پيسفڪ سمنڊ جي وچ ۾ مڇي کان سواءِ ٻئي ڪنهن ساهدار جي آواز سان اهو وشال ساگر ڪجھ گهٽ وشال لڳندو هو.

انهن کان سواءِ ڊالفنز به هونديون هيون جيڪي انهن جي ڀرسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ خوشي ۾ ٽپا ڏينديون هلنديون هيون.

هائيرڊاهل جي بهترين ڪتاب ۾ انهن جي مهم جوئين جو بيان به گهٽ دلچسپ نه آهي پر انهي کي انهن پاران ڪڍيل فوٽن مان به وڏي ٽيڪ ملي ٿي جيڪي ڪتاب ۾ شامل آهن. انهن وٽ هڪ ننڍڙي رٻڙ جي ٻيڙي هئي. جڏهن سمنڊ ماٺو هوندو هو ته هو انهي تي چڙهي ڪون جي آسپاس گشت ڪندا هئا ۽ انهي جا پيسفڪ سمنڊ ۾ آرام سان اولهه طرف ويندي فوٽو ڪڍندا هئا. هڪ فوٽو ۾ هڪ وهيل پاڻي ۾ انهن کان فقط هڪ وال پٺتي آهي.

جولاءِ جي ٽيهين تاريخ انهن پاران ڪالائو ڇڏڻ کان ٽن مهينن کان ٿورو مٿي ٻيڙي ۾ وڏو جوش خروش پيدا ٿي وڃي ٿو جو انهن کي ڌرتي نظر اچي وئي آهي. اهو هڪ ٻيٽ آهي ۽ اهي پنهنجي رٿا مطابق اڳتي وڌندا رهن ٿا. انهن کي اهو ڏسي خوشي آهي ته هو صحيح دڳ تي آهن. اهي 7- آگسٽ تي انهن پاران حساب ڪيل پورن ستانوي ڏينهن کان پوءِ هڪ ٻئي ٻيٽ جي ويجھو پهچن ٿا ۽ ننڍي ٻيڙي جو انتظار ڪن ٿا جيڪا انهن کي وٺي هلي.

اهي انتظار ۾ ئي هئا جو ٻه ماڻهو هڪ ٻيڙيءَ ۾ آيا. ويجھو پهچڻ تي هڪ هنن جي ٻيڙي تي چڙهي آيو ۽ هٿ وڌائيندي ڏند ٽيڙيندي چيائين: ”Good night“.

هن کي پولي نيشيائي زبان کان سواءِ فقط اهي ٻه لفظ ايندا هئا. ڪون ٽڪي مهم جي ڪهاڻي تاريخ ۾ هميشه محفوظ رهندي. اها به پنهنجي انداز ۾ هائيرڊاهل جي هم وطن امنڊسين جي ڪارنامي سان ڪلهو هڻڻ جي لائق آهي جيڪو اسڪاٽ جي دکدائڪ آمد کان ڪجھ هفتا اڳ سڀ کان اڳ سائوٿ پول تي پهتو هو. اها اسان جي علم ۾ آيل ڪنهن به سچي آکاڻي کان گوءِ کڻي وئي آهي.

هن ڪارنامي بابت ڪتاب پهريون دفعو ناروي جي ٻولي ۾ 1948ع ۾ ڇپيو. انهي جو انگريزي ترجمو 1950ع ۾ Allen & Unwin پاران ڇپيو. مهم جوئي جي ڪنهن به عاشق لاءِ اهو هڪ لازمي ڪتاب آهي.

انهي جو ليکڪ ٿور هائيرڊاهل 1914ع ۾ لاروڪ، ناروي ۾ ڄائو. هن کي پنهنجي زندگي جي شروعات کان ئي نيچرل سائنس ۾ تمام گهڻي دلچسپي هئي. هو اوسلو يونيورسٽي ۾ اهو علم پڙهيو، نوجواني ۾ شادي ڪيائين ۽ پاڻ جهڙي ئي خطرن کي پسند ڪندڙ زال سان گڏ مارڪوئي ساس ويو هليو.

اهي اتان موٽڻ کان پوءِ ڪجھ اهم کوٽايون ڪرڻ برٽش ڪولمبيا ويا هليا. هو اتي ڪيناڊا جي اولهه ۾ ڪم ۾ مصروف هو جو جنگ شروع ٿي وئي ۽ هو بنا دير وڃي ناروي جي ائير فورس ۾ شامل ٿيو. پوءِ کيس پيراشوٽ يونٽ ۾ بدلي ڪيو ويو.

هو جنگ کان پوءِ جيترو جلد ٿي سگهيو تحقيق جي ڪم ڏانهن واپس هليو ويو ۽ خاص طور پيسفڪ سمنڊ پار ڪرڻ جي رٿائن تي سوچ ويچار ڪرڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته هاڻي هن محسوس ڪري ورتو هو ته اهڙي ڪنهن نظريي کي ثابت ڪرڻ جو سڀ کان بهترين ۽ اڪيلو طريقو خود سفر ڪرڻ هو.

جيئن اسان ڏٺو هن پنهنجو مقصد حاصل ڪري ورتو. انهي جي باوجود به سڀني ماهرن کي اها پڪ نه ٿي آهي ته پولي نيشيائين انهي دڳ تان پيسفڪ سمنڊ پار ڪيو هو.

هائيرڊاهل جو نظريو صحيح هو يا نه پر اها ڳالهه آهي ته هو اسان کي تصور ۽ همٿ جو هڪ شاهڪار بيان ڏئي ويو آهي. 
 

98. دي ماسٽرز

-- سي.پي.سنو --

 

چارلس پرسي سنو ليسيسٽر ۾ 1905ع ۾ ڄائو. هن عملي زندگي جي شروعات هڪ سائنسدان جي حيثيت ۾ ڪئي. هن کي ڪيمبرج لاءِ هڪ ريسرچ اسڪالرشپ ملي ۽ اتي ماليڪيولر فزڪس تي ڪم ڪيائين ۽ 1930ع ۾ ڪرائيسٽ ڪاليج جو فيلو ٿيو. هو ٻين جنگ عظيم جي شروعات تائين اڪيڊمڪ زندگي ۾ رهيو ۽ پوءِ سول سروس ۾ گهڙيو. اتي به سندس مکيه ڪم سائنسي عملي جي چونڊ سان لاڳاپيل هو. هن کي 1964ع ۾ لارڊ سنو جي حيثيت ۾ ليبر حڪومت ۾ هڪ جونيئر عهدو ڏنو ويو.

سي. پي سنو ڪيمبرج ڇڏڻ کان ڪجھ وقت اڳ ناولن جو هڪ سلسلو شروع ڪيو جيڪو پورو ٿيڻ کان پوءِ پهرئين جلد جي عنوان Strangers and Brothers جي نالي سان مشهور ٿيو. دي نيو مين کي 1954ع جي بهترين ناول جو James Tait Black Memorial Prize مليو. ٻئي ناول The Conscience of the Rich کي به 1958ع ۾ وڏي مڃتا ملي ۽ دي افيئر سن 1960ع ۾ آمريڪا ۾ Book of the Month رهيو. انهي کان پوءِ 1964ع ۾ Corridors of power منظر تي آيو. سي. پي سنو تعليم بابت سندس خيالن جي ڪري به ڏاڍو مشهور آهي. سندس انهن خيالن جو ڪيمبرج ۾ سندس Rede Lecture ۾ سگهاري نموني اظهار ٿيل آهي. اهو ليڪچر The Two Cultures and the scientific Revolution جي نالي سان 1959ع ۾ ڇپيو.

سي. پي سنو جي دي ماسٽرز (1951ع) جي شروعات سياري جي هڪ شام جو ڪيمبرج ۾ ٿئي ٿي. بيان ڪندڙ ليوس ايليٽ (Lewis Eliot) کي ٿوري دير اڳ ورنون رائيس جي لاعلاج بيماري بابت خبر پئي آهي. هو هڪ بي نام ڪاليج جو معزز ماسٽر (Master) آهي. هن جي زندگي فقط چند مهينا بچي آهي پر سندس زال ليڊي ميورئيل سڀني ماڻهن کي منٿون ڪيون آهن ته ڪير به سندس مڙس کي سندس بيماري بابت سچي ڳالهه نه ٻڌائي سندس ڌيءُ جون (Joan) انهي ڳالهه جي مخالف آهي. جلدئي ڪاليج جا 13 فيلو سوچڻ لڳن ٿا ته نئون ماسٽر ڪير ٿيندو. آهستي آهستي ووٽن لاءِ حمايت وٺڻ ۽ سازشن جو ڪم شروع ٿي وڃي ٿو. علميت ۽ پارٽي پاليٽڪس سان گڏوگڏ شخصي لاڙا، بغض ۽ ساڙ ۽ وفاداريون به ڪم ڪرڻ لڳن ٿيون.

ليوس ايليٽ پرسڪون رهڻ جي ڪوشش ڪئي (اها ڳالهه هڪ قانوني ماهر کي شايد سڀاويڪ طور سمجهه ۾ آئي ٿي) جيتوڻيڪ هن ڪجھ ڏينهن ۾ ئي پنهنجي ووٽ بابت فيصلو ڪري ڇڏيو هو. سندس چونڊ پال جيگو (Paul Jago) سينئر ٽيوٽر هو. اهو اينگلو آئرش ڏاڍو گرم جوش ۽ مغرور هئڻ سان گڏوگڏ ڪجھ غير مستقل مزاج به هو. هن جي اندروني زندگي ۾ به ڪو سڪون نه هو جو هڪ ته ڪافي مايوسيون ۽ نااميدون پلئه پيون هيس، پنهنجي ذات تي اعتماد گهٽ هوس ۽ زال ۾ به ڪو سليقو يا سمجهه نه هئس. جيئن ئي ماڻهن کي ماسٽر جي خطرناڪ حالت بابت خبر پئي ته جيگو به انهي ئي رات کيس ڏسڻ آيو هو ۽ پنهنجي ووٽ جي حمايت ۾ ڳالهيون ڪيون هئائين. متبادل اميدوار بائلاجسٽ ڪرافورڊ هو. هو گهٽ ڳالهائيندڙ، گهمنڊي ۽ تنگ ذهن جو ماڻهو هو.

جيگو وارن جي ڌر جي اڳواڻي برائون جي هٿن ۾ هئي. هو اتان جو سينئر فيلو ۽ ڏاڍو سمجهدار ماڻهو هو. هن وٽ نظم ضبط جي گهٽ عادي ماڻهن لاءِ به سهپ هوندي هئي. سنو هن بابت چوي ٿو: هو دلي طور جيگو پاران بنا سوچ سمجهه جي ڳالهائڻ کي پسند ڪندو هو ۽ هو چاهيندو هو ته جيڪر هو به ائين ڪري سگهي. برائون جو دوست ڪرسٽل سندس حمايتي هو. هو ڊين هو ۽ تمام نظم ضبط وارو ماڻهو هو. زماني شناسي جي وصف کان بلڪل خالي برسر، ونسلو ۽ ماسٽر جو ڊپٽي ۽ پادري ڪرافروڊ جا حمايتي هئا. ونسلو پنهنجي غائب دماغ پٽ تي فدا هوندو هو جنهن کي برائون ڏاڍي محنت سان تياري ڪرائيندو هو جيئن هو فقط پاس ڊگري ئي وٺي سگهي.

ڪرافورڊ جي ڌر جو هڪ ٻيو ماڻهو ايليٽ جو دوست فرانس گيٽ ليف هڪ ماهر طبيعات هو. گيٽ ليف ۽ ايليٽ ٻئي کاٻي ڌر (Left Wing) سان واسطو رکندا هئا. پر گيٽ ليف کان جيگو جي انساني خوبين جي باوجود سخت پُراڻ پسندي (Conservatism) برداشت نه ٿي ٿئي. ٻئي طرف دل برداشته ماهر طبيعات نانٽنگيل ڪرافورڊ کان ساڙ سبب جيگو جي حمايت جو فيصلو ڪيو.

اڃا چار ووٽر باقي هئا جن بابت پڪ نه هئي: هڪ پوڙهو پروفيسر گي (Gay) هو هُو نارڊڪ گيتن بابت هڪ ماهر ليکيو ويندو آهي. ڏاڍو خوش طبع آهي پر حافظو جواب ڏيندو پيو وڃيس. جمالياتي حس رکندڙ پِل برو جي عمر 74 ورهيه آهي ۽ هو سموري يورپ ۾ آرٽ جي سرپرست طور سڃاتو وڃي ٿو. ٻن نوجوان ۽ عارضي فيلوز مان هڪ ليوڪ وڏو سائنسي دماغ رکندڙ ۽ ٻيو ايليٽ جو سڀ کان گهاٽو دوست راءِ ڪالويرٽ آهي. ڪالويرٽ جي عمر جيتوڻيڪ ستاويهه ورهيه به نه ٿي آهي. پر هو هڪ مستشرق جي حيثيت ۾ بين الاقوامي طور مشهور ٿي ويو آهي هو شاهوڪار ۽ نوجوان آهي ۽ پنهنجي زندگي کل خوشي ۽ خدا خوفي واري اداسي ۽ قديم مخطوطن ۽ عورتن ۽ شراب ۾ ورهائي ڇڏي اٿائين. سنو کي لڳي ٿو ته هن سان خاص طور چاهه آهي ۽ The Light and the Dark ناول تي ڪالورٽ ئي حاوي آهي. راءِ ڪالورٽ ۽ جون رائس ۾ معاشقو هلي رهيو هو ۽ ليڊي ميوريل هن سان پٽ جهڙو ورتاءُ ڪندي هئي. هن بنا دير جيگو کي ووٽ ڏيڻ جي حامي ڀري ڇڏي.

تصور ڪريو ته اهي سڀ شخصيتون هر وقت صلاح مشورن يا تڪرارن ۾ مصروف هونديون آهن يا ڪٿي ويهي شراب پيئنديون رهنديون آهن. جيگو وارو ٽولو اڪثر ڪري برائون جي رهائش گاهه تي گڏ ٿيندو هو جتي ڪرسٽل سرڪردو هوندو هو. پل برو ۽ ليوڪ ٻنهي جيگو جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اهي اشارا ملي رهيا هئا ته گي ڪرافروڊ کي ترجيح ٿي ڏني.

ڪرسٽل ۽ برائون هڪ اهڙي رٿا ۾ مصروف هئا جنهن مان سڀني کي فائدو پهچڻو هو. انهن کي اميد هئي ته هو هڪ وڏي ڪاروباري شخصيت سر هوريس ٽمبر ليڪ کي ڌتارائي ان کان ڪاليج لاءِ هڪ وڏو چندو وٺندا. تنهن ڪري اها ڳالهه تمام ضرور ٿي پئي هئي ته سندس ڀائٽيي کي سٺي ڊگري ملڻ گهرجي (هو به ونسلو جي پٽ جو ٻيو مثال هو) ۽ خود سر هوريس جي به سُٺي دعوت ٿيڻ ضروري هئي. ڪرسٽل ۽ برائون انهي رٿا تي اڻٿڪ نموني ڪم ڪيو ۽ انهي ۾ چيڙاڪ ۽ ڏکيائيون پيدا ڪندڙ ونسلو کي به پاسي تي ڪري ڇڏيو جيڪو شايد سر هوريس جي ايتري عزت نه ڪري ها.

انهي دوران ماسٽر جيتوڻيڪ موت ڏانهن قدم وڌائيندو رهيو ته به هو هن سان ائين ڳالهائيندا هئا ڄڻ ته هو جلدئي چاق ٿي ڪاليج ايندو. ڇڪتاڻ جي انهي دور دوران راءِ ڪالورٽ تي ليڊي ميوريل جو وڏو اعتبار رهيو. هر ڪو ماڻهو محسوس ڪري رهيو هو ته ماسٽر کي دوکي ۾ رکڻ سان خود هن تي دٻاء پئجي رهيو هو. اهي مختلف سببن جي ڪري اها اميد ڪري رهيا هئا ته ليڊي ميوريل پاڻ کي مضبوط ڪندي ماسٽر کي سچ ٻڌائيندي پر في الحال نه، مسٽر هوريس جي مان ۾ ٿيندڙ ضيافت کان اڳ ۾ نه.

جڏهن ليوس ايليٽ جيگو ڪٽنب سان گڏ آچر جي چانهه پي رهيو هو ته جون رائيس به مهمان طور موجود هئي ۽ اها ڳالهه بار بار زور ڏئي چئي رهي هئي ته سندس پيءُ کي سچ ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي. هڪ وڌيڪ پيچيدگي تڏهن پيدا ٿي جڏهن نائٽنگيل اهو اشارو ڏٺو ته هو جيگو کي تڏهن ئي ووٽ ڏيندو جڏهن هن کي جونيئر ٽيوٽر جو منصب ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويندو.

سر هوريس اڱاري جي ڏينهن گرجا گهر ۾ ٿيل تقريب ۾ شريڪ ٿيو. انهي کان پوءِ ٿيندڙ ضيافت ۾ ڏاڍي کل خوشي ٿي. سڀني فيلوز مسٽر هوريس جي تقرير ٻڌي. مهمان ڪافي وقت پنهنجي ڀائٽيي بابت ڳالهائيندو رهيو آخرڪار اصل موضوع يعني سائنسدانن لاءِ نين فيلو شپس عطا ڪرڻ ڏانهن آيو. هن ڏاڍي مهارت سان ڳالهه مبهم ڇڏي ۽ ڪنهن به ٺوس ڳالهه جو اعلان نه ڪيائين. مسٽر هوريس ٻئي ڏينهن صبح جو راءِ ۾ وڏو چاهه ڏيکاريندي ڪيترائي ڪلاڪ سندس بهترين مخطوطن جي معائني ۾ گذاريا. هن جي وڃڻ کان پوءِ صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي پئي. جيگو کي پاڻ سان نفرت ٿي رهي هئي ته هن نائٽنگيل سان اٽڪل ڪري کيس صحيح جواب نه ڏنو هو. ڪالورٽ کي انهي ڪري ڏک هو جو ليڊي ميوريل آخرڪار پنهنجي مڙس کي سچ ٻڌائي ڇڏيو هو ۽ هوءَ وري انهن جي وچ ۾ پيدا ٿيل نفسياتي دُوري تي پريشان هئي. پوءِ فرانس جيٽ لائيف ايليٽ کي ٻڌايو ته نائٽنگيل ڪرافورڊ وارن جي پاسي هليو ويو آهي انهي سان ووٽ 5-6 جي صورتحال ۾ اچي ويندا جنهن سان ڪنهن به ڌر کي واضح اڪثريت نه ملندي.

نائٽنگيل پاسو مٽائڻ جو جواب ڏاڍي زهريلي انداز ۾ ڏنو. هن جي هر لفظ مان جيگو خلاف ذاتي ناپسند ۽ ساڙ جو اظهار ٿي رهيو هو. برائون، ڪرسٽل ۽ ايليٽ پاران جيگو کي ٻڌائڻ ڪو خوشگوار ڪم نه هو. جيگو مايوس لڳي رهيو هو ۽ هٿ کڻڻ بابت سوچي رهيو هو.

فيلوز جي وچ ۾ ماحول به تقريباً ناقابل برداشت ٿي رهيو هو ۽ دوست داري ماضي جي ڳالهه لڳي رهي هئي. نائٽنگيل پاران ڪالورٽ جي جنس پرستي تي شديد حملن سان جيگو وارن جي بدنامي ٿي رهي هئي. هر ڌر جا ميمبر پنهنجن مخالفن کي ڪَٽي رهيا هئا. انهن مان ٿورائي ڪرافورڊ وانگر پُر سڪون ويٺا هئا. پوءِ هن ۽ جيگو گڏيل اعلان ڪيو ته انهن مان هر هڪ پاڻ ووٽ نه وجھندو اهڙي طرح ڪنهن به ڌر لاءِ پورا ووٽ کڻڻ جو امڪان نه رهندو.

ماسٽر جي بيماريءَ ۾ آهستگي اچڻ جي خبر سان به موڊ بهتر نه ٿيا. دير انهن جي اعصابن تي اثر وجھي رهي هئي. هر ڌر وڏي هيجان ۾ اچي وئي هئي ۽ ڪنهن به هڪ ميمبر جي ڏوهه جي ذميوار مجموعي طور سڀني کي قرار ڏئي رهي هئي. انهي جو هڪ مثال نائٽنگيل پاران نوجوان ليوڪ کي بليڪ ميل ڪرڻ هو ته ليوڪ جيڪڏهن ڪرافورڊ کي ووٽ نه ڏنو ته نائٽنگيل ليوڪ جي عارضي فيلوشپ وڃرائيندو. لڳي پيو ته فقط ڪرسٽل ئي مسٽر هوريس کي پير تي آڻڻ جي ڪوششن ۾ مصروف لڳو پيو هو.

پيڙا سبب ڪجھ عجيب وقتي دوستيون به پيدا ٿي پيون، امتحانن جو نتيجو به اچي ويو ۽ سر هوريس جو ڀائٽيو خوش قسمتي سان ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ٿي ويو. پر ونسلو جو پٽ ناپاس ٿي ويو. ڪالورٽ ونسلو کي ڏکايل ويٺو ڏسي هن وٽ ويو ۽ هن سان همدردي جو اظهار ڪيائين. هن کي چيائين ته هو انهن ماڻهن کي نظر انداز ڪري ڇڏي جيڪي سندس ڏک تي خوش ٿي رهيا هئا ۽ هن بابت جنسي افواهه پکڙجڻ تي کيس پهچندڙ ڏک بابت کيس ٻڌايائين. هاڻي اهي افواهه هلي رهيا هئا، کيس مرڻ ڪنڌي تي پهتل ماسٽر جي زال کي آٿت ڏيڻي پئجي رهي هئي، هو پاڻ سندس ڌيءُ جي محبت ۾ گرفتار هو ۽ هاڻي هو ڏسي رهيو هو ته سندس ساٿي ويچاري ونسلو جي ڏک تي خوش ٿي رهيا هئا. انهن سڀني ڳالهين تي هو ايترو ته جوش ۾ اچي ويو جو هن هڪ ليک لکيو جنهن ۾ هن بابت هُلايل جنسي افواهن بابت سچ بيان ڪيائين جيئن ونسلو سمجهي سگهي ته ”ماڻهو جيڪو ڪجھ چون ٿا اهو اهميت نه ٿو رکي“.

ونسلو جڏهن ليوس ايليٽ سان اڪيلائي ۾ ويٺو ته اهو به اشارو ڏنائين ته هو انهي دستاويز کي ڪالورٽ جي شهرت کي داغدار بنائڻ ۽ جيگو جي ڪاميابي جي امڪانن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم آڻي.

اونهاري جي موڪلن ۾ ڪالورٽ برلن ۾ ليڪچر ڏيڻ ويو هليو. پل برو بلقان ۾ چڪر ڏنا ۽ ايليٽ ماسٽر سان ڏاڍي آرام سان ڳالهيون ڪيون.

آڪٽوبر ۾ پل برو کان سواءِ اهو سمورو گروپ واپس موٽي آيو. انهي جي ووٽ بابت اڃا ڪا ڳالهه طي نه ٿي هئي. انهي جي ووٽ سان جيگو جو اسڪور 6 ٿي ويندو. ڪرافورڊ جو اڳي ئي ڇهه هو. پر انهي سان به ڪو فيصلو نه ٿي سگهندو. گي يا ڊسپارڊ سمٿ جي ڪنهن پاسي ٿيڻ سان ئي ڪا ڌر کٽي سگهندي. نه ته قانون مطابق فيصلو ڪنهن وزيٽر (Visitor) تي ڇڏيل رهندو. اهو اترئين علائقي جو بشپ هو. انهي جي مداخلت ڪنهن به نه ٿي چاهي. ٿي سگهيو ٿي ته بشپ ڪو ٻاهريون ماڻهو مقرر ڪري!

تنهن ڪري ڪرسٽل اها تجويز ڏني ته ٻنهي اميدوارن تي زور ڀريو وڃي ته هو هڪ ٻئي کي ووٽ ڏين. برائون هميشه وانگر ٻي ڌر سان ڪنهن به ٺهراءُ جي مخالفت ڪئي. ڪرسٽل جي چالبازين ۽ مستقل مزاجي ڪم ڪيو ۽ ونسلو ۽ ڊسپارڊ سمٿ سان هڪ گڏجاڻي ۾ اهو طي ٿيو ته سڀني فيلوز ڏانهن نوٽس ڪڍيا وڃن جنهن ۾ جيگو ۽ ڪرافورڊ تي زور ڀريو وڃي ته هو هڪ ٻئي کي ووٽ ڏين. ٻي صورت ۾ انهن کي ڌمڪي ڏني وڃي ته ڪاليج مان ئي ڪوٽيون اميدوار چونڊيو ويندو. ٻئي اميدوار راضي ته ٿي ويا پر انهي عمل ۾ جيڪي ڳجھا طريقا ڪم آندا ويا هئا انهي تي جيگو ڏاڍو ڪاوڙيل هو.

ماسٽر 4- ڊسمبر تي فوت ٿي ويو ۽ ڪفن دفن ۾ چڱا ماڻهو شريڪ ٿيا. گي ڏاڍي ڦڙتي ڏيکاري پاڻ ملهايو ۽ نئين ماسٽر جي چونڊ لاءِ 20- ڊسمبر تي گڏجاڻي جو بندوبست ڪيو. انهي دوران جيگو شڪ شبهن جو شڪار رهيو. وري سر هوريس به هيستائين ڪاليج کي ملندڙ سڀ کان وڏو 120،000 پائونڊن جو چندو ڏنو. انهي مان ڇهه فيلو شپس ڏنيون وڃڻيون هيون. انهن مان هڪ ”مسٽر راءِ ڪالورٽ جي شاندار ڪم جي همٿ افزائي لاءِ هئي“. انهيءَ خبر تي سڀني ماڻهن جدا جدا نموني رد عمل ڏيکاريو. ونسلو جي شڪايت سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ هئي جنهن چيو ته برائون ۽ ڪرسٽل کي برسر جي حيثيت ۾ هن سان صلاح مشورو ڪرڻ گهربو هو جن سندن رٿا کان کيس بي خبر رکيو هو. هاڻي ڪا به ڳالهه کيس استعفا بابت پنهنجي ارادي تان نه ٿي لاهي سگهي.

پل برو بالقان مان موٽي آيو هو ۽ دنيا جي وڌندڙ خطرناڪ صورتحال کي مد نظر رکندي ڪرافورڊ لاءِ ووٽنگ ڪرائڻ تي زور ڀريائين. ٻئي ڏينهن ڪالورٽ ۽ ايليٽ کي ڏاڍي ڏکي صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. اليس جيگو ايليٽ جي ڪمري ۾ گهڙي آئي ۽ روئڻ ۾ ڇٽڪي پئي. هن جي جذبن جو بند ڀڄي پيو ۽ وئي ڳالهائيندي: هن چيو ته هن نائٽنگيل پاران هن بابت هُلايل بي عزتي جهڙيون ڳالهيون پڙهيون آهن. ٻنهي مردن کيس دم دلاسو ڏنو ۽ کيس سندس گهر وٺي ويا. اتي جيگو پل برو پاران پارٽي مٽائڻ تي ڪاوڙيو ويٺو هو. انهي شام هو ڪرافورڊ سان مليو ۽ کيس نائٽنگيل جي ڪارگذارين کان آگاهه ڪيائين. هن ڏاڍي سمجهداري سان واعدو ڪيو ته هو اليس جيگو ڏانهن خط لکندو ۽ پوءِ بي واجبي ڪندڙ سان به ملندو.

ٻئي شام جو راءِ ڪالورٽ ۽ ايليٽ پوڙهي گي کان هڪ دلچسپ انٽرويو وٺڻ نڪتا. هن پهريان ته پنهنجيون ڪجھ اسڪنڊي نيويائي شيون ڏيکاريون ۽ ڪجھ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪيون پوءِ جيگو کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تقريباً راضي ٿي ويو. ٻنهي دوستن واپس اچي ڏٺو ته ٻن ٻين دوستن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي. ڪرسٽل جو لاڙو انهي پاسي هو ته ٻي ڌر سان هڪ گڏجاڻي ڪجي ۽ ٿي سگهي ته ڪوٽيون اميدوار ڳولهجي جڏهن ته برائون جيگو جي حمايت ۾ اٽل بيٺو هو ۽ ڪرسٽل جي انهي دغا تي ڏاڍو افسوس ٿيو هوس.

ڪرسٽل رات جو ٻين وڳي تائين ڳالهائيندو رهيو ۽ هڪ ٻئي پٺيان ماڻهن جا نالا کڻندو ٽئين نئين اميدوار طور انهن جي حمايت ۾ دليل ڏيندو ويو. برائون ڏاڍي ڪاوڙ ۾ اميدوار طور بيهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ويو هليو پر آخرڪار اهو ئي پئي نظر آيو ته هو ئي ممڪن ٽيون اميدوار آهي. ٻئي ڏينهن ايليٽ ڊسپارڊ سمٿ جو دل جو حال وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پاران ڪرافورڊ کي ووٽ ڏيڻ جا سبب به ڏاڍا عجيب هئا. هن اهي هنن لفظن ۾ بيان ڪيا: ”مون هڪ مايوس ڪُن زندگي گذاري آهي“. هن کي جيگو به پاڻ جهڙو هڪ ناڪام قسم جو ماڻهو ٿي نظر آيو جڏهن ڪرافورڊ جي سائنسي ناموري سان ڪاليج جو مان مٿاهون ٿيندو.

اليڪشن کان اڳ وارو ڏينهن ڏاڍي آهستگي سان گذريو. ڪرسٽل هاڻي اها ڳالهه ظاهر ڪري ڇڏي ته هو ڪرافورڊ کي ووٽ ڏيندو- هن اهو به چيو ته هن جيئن ته جيگو پاران پروپيگنڊا ڪئي هئي تنهن ڪري کيس پاڻ تي ڪاوڙ هئي ۽ برائون سان وڙهڻ تي کيس ڏک ٿيو هو.

آخرڪار ڪرافورڊ چونڊجي ويو. جيگو ڊنر کان پوءِ هيڊي منهن سان ڪرافورڊ جو جام صحت نوش ڪرڻ آيو. هن فقط هڪ اعزاز جي طلب ڪئي ته نئون ماسٽر سڀ کان پهريان هن ۽ سندس زال جي پارٽي ۾ شريڪ ٿئي. پوءِ هو تيز طوفاني هوا ۾ اڪيلو نڪتو ويو هليو.

سنو دي ماسٽرز ۾ انهن ماڻهن کي ذهن ۾ رکيو آهي جيڪي طاقت ۽ اختيار ملڻ تي ڏاڍا مطمئن لڳندا آهن. نئين ماسٽر جي چونڊ کان اڳ ٿيندڙ ڇڪتاڻ ۾ تمام شديد جذبا منظر تي اچن ٿا جن کي انگلينڊ ۾ عام طور ڪنٽرول ۾ رکيو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اهي جذبا ڦاٽي به پون ٿا.

هتي ڪيمبرج ۾ طاقت جي انهي ڇڪتاڻ ۾ سموري عملي سياست جي جهلڪ نظر اچي سگهي ٿي. اها هر روز هر سطح تي عمل پيرا ٿيندي نظر اچي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org