سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:14 

اهو ڪنهن عورت جو آواز آهي ۽ چوڪ جي ڪنڊ مان هڪ قسم جي غار مان آيو آهي. اتيSachetto نالي هڪ گوشه نشين عورت ورهين کان پاڻ کي بند ڪيو ويٺي هئي. هوءَ پنهنجي نوجواني ۾ هڪ مشهور طوائف هئي. هوءَ جڏهن انهي ڌنڌي سبب ختم ٿي وئي ته هن کي ڪنهن شي جي خواهش ٿي جنهن سان محبت ڪري. پوءِ ڄڻ ته ڪو معجزو ٿيو ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي. هن ڏاڍي سهڻي ڇوڪريءَ کي جنم ڏنو. هوءَ پنهنجي سموري محبت ۽ پيار انهي تي نشاور ڪرڻ لڳي. ٻارڙي جڏهن چئن ورهين جي ٿي ته انهي کي جپسي چورائي ويا ۽ سندس ماءُ اها غار وڃي وسائي. هن کي سڀني جپسين کان نفرت ٿي وئي.

هاڻي ڪيپٽن فوئبس جو ڊيموسيل فلائير ڊي ليس ڊي گونڊيلاريئر سان مڱڻو ٿيو آهي. هو هڪ ڏينهن هُن سان سندس ماءُ جي گهر ۾ ملڻ آيو. اهو گهر پليس ڊي پاروس کان مٿي واقع آهي ۽ انهي جي هڪ ڀت نوٽري ڊيم جي گرجا گهر سان گڏ آهي. جنهن وقت ايسميرالڊا چوڪ ۾ ڊانس پئي ڪئي ته فلائير ڊي ليس ۽ سندس سهيليون ڏاڍي دلچسپي سان ڏسي رهيون هيون ۽ فوئبس کيس ۽ سندس ٻڪري کي مٿي گهرائي ورتو. اتي ٿيندڙ ڪرتبن جي مظاهري ۾ ننڍڙي ٻڪري جاليءَ هڪ ننڍڙي ڇوڪريءَ سان راند ڪندي پنهنجي وات مان ”فوئبس“ جو لفظ ڪڍيو. ايسميرالڊا پنهنجو اهو راز فاش ٿيڻ تي ڏاڍي پريشان ٿي ۽ جلد ئي اتان رواني ٿي وئي. ڪيپٽن ڪنهن خوشگوار تفريح جي امڪان کي هٿان وڃڻ نه ٿو چاهي ۽ هن جي پٺيان لڳي پوي ٿو. هو لڪي ڇپي ڪنهن جاءِ تي ملاقات لاءِ راضي ٿي وڃي ٿي.

پوءِ خبر پوي ٿي ته آرڪ ڊيڪن ڊوم فرولو واقعي هڪ تمام منحوس ماڻهو آهي. هو ڪيمياگري ۾ به ٿاڦوڙا هڻندو رهي ٿو پر اڃا خراب ڳالهه اها ته هن جي دل ۾ ايسميرالڊا لاءِ گناهه وارو جذبو پيدا ٿي پيو آهي. کيس جڏهن خبر پوي ٿي ته ايسميرالڊا فوئبس کي ڳجھي ملاقات جو وقت ڏنو آهي ته هو انهي وائڙي ڪيپٽن کي انهي ڳالهه تي آماده ڪري ٿو وڃي ته هو جنهن ڪمري ۾ ”محبت جو عمل“ ڪن هو کيس انهي ۾ لڪي ويهڻ جي موڪل ڏئي.

جڏهن ايسميرالڊا اتي پهچي ٿي ته سندس دل ۾ ٻه جذبا آهن جيڪي هڪ جيترا طاقتور آهن. هڪ ته کيس فوئبس لاءِ تمام گهڻي محبت آهي. ٻيو ته هوءَ پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڳولهڻ چاهي ٿي ڇاڪاڻ ته هوءَ به ننڍي لاءِ پنهنجي ماءُ پيءُ کان وڇڙي وئي هئي. ۽ کيس خبردار ڪيو ويو آهي ته هن جيڪڏهن پنهنجي ڪنوارپ ختم ڪري ڇڏي ته پنهنجي ماءُ پيءُ سان ڪڏهن به نه ملي سگهندي (انهي ڪري ئي هن گرنگوئر سان شادي کي همبستري ذريعي قانوني طور مڪمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي) بهرحال هن جي فوئبس لاءِ محبت ڏاڍي سگهاري ثابت ٿئي ٿي ۽ هوءَ محبت جي عمل لاءِ راضي ٿي وڃي ٿي. پر هو جڏهن هن سان ملڻ لاءِ تيار ٿي رهيو هو ته کيس ڪيپٽن جي ڪلهي جي مٿان هڪ ڪارو ماڻهو نظر اچي ٿو. هو ڪمري مان لُوهه پائيندي ڪيپٽن جي پٺي ۾ خنجر ٽنبي ڇڏي ٿو.

هوءَ بيهوش ٿي وڃي ٿي ۽ جڏهن هوش ۾ اچي ٿي ته پاڻ ۽ پنهنجي ٻڪري کي قتل ۽ جادوگري جي الزامن ۾ گرفتار ٿيل ڏسي ٿي. هوءَ آڏي پڇا ۾ فوئبس کي خنجر هڻڻ جو ڏوهه باسڻ کان انڪار ڪري ٿي ۽ جڏهن ڪيس هلي ٿو ته کيس بنا دير تشدد جي سزا ڏني وڃي ٿي. هو تشدد ۾ ڏوهه باسڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ٿي عدالت جي ڪمري ۾ واپس اچڻ تي کيس اها سزا ٻڌائي وڃي ٿي ته هوءَ نوٽري ڊيم ۾ گناهن کان پڇتائي ڪفارو ڏئي ۽ پوءِ کيس ۽ سندس ٻڪري کي پليس ڊي گريو ۾ ڦاهيءَ چاڙهيو وڃي.

کيس ڦاهي چاڙهڻ کان اڳ هڪ بدبودار کولي ۾ رکيو وڃي ٿو جتي آرڪ ڊيڪن هن سان ملڻ اچي ٿو. هي اهو ساڳيو آرڪ ڊيڪن آهي جنهن فوئبس تي حملو ڪيو هو. هو کيس چوي ٿو ته هوءَ جيڪڏهن سندس داشته ٿي ته هو کيس بچائي وٺندو. هو کيس پڪ ڏياري ٿو ته فوئبس مري ويو آهي ۽ کيس منٿون ڪري ٿو ته هوءَ هن سان گڏجي هلي پر هوءَ کيس اهو چئي موٽائي ٿي ڇڏي ته جيڪڏهن فوئبس مري ويو آهي ته کيس به زنده رهڻ جي ڪا خواهش نه آهي.

کيس ٻئي ڏينهن ڦاسي لاءِ ڪڍيو وڃي ٿو ۽ سزا جي پهرئين حصي تي عمل لاءِ هڪ کليل ڇڪڙي ۾ ويهاري نوٽري ڊيم جي مک دروازي وٽ آندو وڃي ٿو. حقيقت ۾ فوئبس زنده آهي ۽ جڏهن ڇڪڙو چوڪ ۾ آيو ته هو پنهنجي مڱيندي سان ملاقات لاءِ آيل هو. هن کي ايسميرالڊا ۾ ڪا به دلچسپي نه رهي هئي ۽ فلائير ڊي ليس کي به چوي ٿو ته هوءَ ڪفاري جي رسم نه ڏسي. پر هوءَ اها رسم ڏسڻ تي اصرار ٿي ڪري ۽ هن کي به چوي ٿي ته هو سندس ڀرسان بيهي ڏسي.

جڏهن مقرر دعائون پڙهي پوريون ٿيون- اهو ڪم آرڪ ڊيڪن ڪرايو- ته ايسميرالڊا جي نظر اوچتو مٿي وئي ته هن کي بالڪني ۾ فلائير ڊي ليس سان گڏ بيٺل ڏٺائين. هن سندس نالو وٺي کيس سڏ ڪيو. هن جو اهو ٻڌو ته تڪڙ ۾ اندر ويو هليو. اهو ڏسي ايسميرالڊا کي اوچتو خيال آيو ته هن ضرور اهو سوچيو هوندو ته هن کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اهو خيال اچڻ سان ئي هوءَ بيهوش ٿي ڪري پوي ٿي پر اهو منظر هڪ ٻيو ماڻهو به ڏسي رهيو هو. مٿي نوٽري ڊيم جي ڀت تان ڪاسيموڊو ڪاروائي ڏسي رهيو هو. هن کي جيتوڻيڪ ڪو آواز ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو پر هن کي خبر هئي ته ڪفاري جي اها رسم قتل کان اڳ ٿيندي آهي ۽ اهو ته انهي جو شڪار هڪ اهڙي سهڻي ڇوڪري ٿي رهي هئي جنهن پاڻ تي تشدد جو خطرو کڻي کيس انهي وقت ڪجھ پيئاريو هو جڏهن هو ڪاٺ ۾ پيو هو. هن کي تڏهن کان انهي سان محبت هئي.

جڏهن جلاد جا نائب بيهوش ايسميرالڊا کي واپس ڇڪڙي ۾ رکڻ تي هئا ته ڪُٻڙو هڪ رسي ذريعي نوٽري ڊيم جي ٻاهرئين ڀت ٽپي اندر لهي آيو ۽ هڪ هٿ ۾ ڇوڪري کي بغل هيٺان کنيائين ۽ ٻڪري کي پيرن ذريعي ڇڪيندو ”پناه پناه“ جون رڙيون ڪندو چرچ ۾ لهي ويو. اهو سڀ ڪجھ ايترو ته اوچتو ۽ غير متوقع طور ٿيو جو ڪير به انهي کي روڪي نه سگهيو.

هو ڪيترن ئي هفتن تائين ايسميرالڊا جي وڏي پاٻوهه سان سار سنڀال لهندو رهيو. پر اختياريون انهي ڳالهه تي بيٺل رهيون ته ڇوڪري کي پنهنجي پناهه گاهه مان ڪڍيو ويندو ۽ ڇوڪري کي بچائڻ جو واحد قانوني طريقو خاص پارليامينٽري بل هو. بل عمل هيٺ اچڻ کان ڪجھ وقت اڳ Truandsايسميرالڊا کي بچائڻ جو فيصلو ڪيو. بدقسمتي سان ڪاسيموڊو انهن جا ارادا نه سمجهي سگهيو ۽ انهن کي ويجھو اچڻ نه ڏنائين.

گرجا گهر تي حملي دوران آرڪ ڊيڪن هن جي ”مڙس“ گرنگوئر (ڇاڪاڻ ته هن کي خبر هئي ته هو جيڪڏهن اڪيلو هن جي ويجھو ويو ته هوءَ کيس ڪجھ نه چوندي) سان گڏ ايسميرالڊا وٽ ويو ۽ کيس انهن جي پٺيان حفاظت جي جاءِ تي هلڻ لاءِ قائل ڪرڻ لڳو.

چرچ کان ٻاهر ايندي ئي گرنگوئر غائب ٿي ويو ۽ آرڪ ڊيڪن هڪ دفعو وري ڪوشش ڪئي ته هو سندس داشته ٿئي. هن جڏهن انهي کان انڪار ڪيو ته کيس ٻانهن کان پڪڙي انهي گوشه نشين ۽ جپسين کان نفرت ڪندڙ پوڙهي Sachette وٽ وٺي ويو ته جيئن هو کيس قابو ڪري ته هو گارڊ کي سڏ ڪري گهرائي وٺي.

هن جي غير موجودگيءَ ۾ Sachette ايسميرالڊا جي ڳچي ۾ پيل تعويذ سڃاڻي ورتو ۽ سمجهي وڃي ٿي ته اها ڇوڪري جپسي نه پر سندس اغوا ٿيل ڌيءُ آهي. هوءَ کيس گارڊ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر اهي ٻئي ڄڻيون کولي مان گهلي ڪڍيون وڃن ٿيون. پوڙهي عورت ڪري مري وڃي ٿي جڏهن ته ايسميرالڊا کي اتي ئي ڦاهي تي چاڙهيو ويو.

آرڪ ڊيڪن گارڊ کي ٻڌائي ٿو ته ايسميرالڊا ڪٿي هوندي. پوءِ هو نوٽري ڊيم واپس وڃي ٿو ۽ ڇت تي چڙهي وڃي ٿو جيئن هو ايسميرالڊا کي ٽڪٽڪي تي چڙهندي ڏسي سگهي. هو اهو منظر ڏسڻ ۾ ايترو ته مگن آهي جو کيس اها به خبر نه ٿي پوي ته ڪاسيموڊو سندس ڀرسان ويٺو آهي. ڪاسيموڊو کيس ڇوڪري کي کڻندي ڏٺو هو. ڪاسيموڊو کي احساس ٿئي ٿو ته ڇوڪري کي ڦاسيءَ جي سزا آرڪ ڊيڪن ممڪن بڻائي آهي ۽ جنهن وقت ايسميرالڊا جي پيرن هيٺان تختو ڪڍيو وڃي ٿو هو به انهي ئي وقت آرڪ ڊيڪن کي هيٺ ڌڪو ڏئي ٿو ۽ هو چوڪ ۾ ڪري مري وڃي ٿو.

ڪاسيموڊو وري ڪنهن کي نظر نه آيو پر هڪ يا ٻه ورهيه پوءِ جڏهن اهو مرده خانو کوليو ويو جنهن ۾ ايسميرالڊا جو لاش ڦٽو ڪيو ويو هو ته اتي ٻه ڍانچا نظر آيا جن جون ٻانهون هڪ ٻئي ۾ وڪوڙيون پيون هيون. هڪ اها ڇوڪري هئي جنهن کي ڦاهي آئي هئي ۽ انهي جي ڳچي ۾ تعويذ هو جڏهن ته ٻيو لاش هڪ ڪٻڙي ماڻهو جو هو.

نوٽري ڊيم هڪ تمام ڊگهو ڪتاب آهي. انهي ۾ تاريخي واقعن، جاين ۽ رسمن رواجن بابت وڏي تفصيل وارا اهڙا ڊگها ٽڪرا به شامل آهن جن جي اڪثريت جديد ذوق جي ماڻهن کي ٿڪائيندڙ ۽ اجائي لڳندي. انهي رومانوي تفصيلن ڏيڻ جي شوق هيوگو جي تحرير کي اونهائي ۽ تخليقي طاقت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. پر جيڪڏهن سندس نثري ڪمن کي- ٽائلرس آف دي سي کي ڇڏي- جديد پڙهندڙ وٽان اها مڃتا نه ٿي ملي جيڪا انهن کي پنهنجي دور جي وڌيڪ فراغت وارن ماڻهن کان ملي هئي ته هو اڃا به انهي شهرت جو حقدار آهي جيڪا هن پنهنجي زندگي ۾ حاصل ڪئي هئي ۽ نوٽري ڊيم اڃا تاريخي رومانوي ناولن جي عظيم مثالن مان هڪ ڳڻيو وڃي ٿو.

40. اولڊ گورياٽ

-- هو نوري ڊي بالزڪ --

 

بالزڪ جو نالو مليل جليل جذبا پيدا ڪري سگهي ٿو. انهي وڏي پيٽ ۽ وڻندڙ شڪل واري تخليق ڪار بابت ڪيترائي پيار ڀريا احوال ڏنل آهن. هو تصويرن ۾ سفيد راهبن وارو چوغو پهريون، ڪمربند جي جاءِ تي سونهري زنجير ٻڌيون بيٺو هوندو آهي. هو هفتن جا هفتا ٻارنهن ٻارنهن ڪلاڪ لاڳيتو ويٺو لکندو هو. هو پنهنجي توانائي برقرار رکڻ لاءِ ڪافي جا جڳ ويٺو پيئندو هو. هن پنهنجن ڪردارن جا چٽ ايتري ته چٽائي سان ويهي چٽيا آهن جو اهي زنده ماڻهن کان به وڌيڪ حقيقي لڳن ٿا. هو ته سمجهندو هو ته اهي هن سان گڏ ويهي چانهه به پيئندا آهن. ٻئي طرف وري اسان کي سندس ناول ذهن تي تري اچن ٿا: انهن جو اسلوب پيچيدو، زندگي جي سڀني مادي شين جو ننڍي کان ننڍو تفصيل ڏنل، ڪردارن جي ڪم ۾ رخنو وجهندڙ فلسفياڻن، سائنسي ۽ نفسياتي موضوعن تي ڊگها ڊگها بحث هڪ تمام ڀريل دماغ جي پيداوار آهن جيڪو هڪ اهڙي عجيب دنيا اکين آڏو آڻي ٿو جيڪا گهڻي مانوس نه هوندي آهي. ويندي فرانس ۾ به سندس بابت راءِ ورهايل رهي آهي ۽ هڪ ليکڪ طور سندس خاميون سندس خوبين جيتريون ئي نمايان رهيون آهن. پر ڪنهن به ملڪ ۾ ڪو به ماڻهو سندس قوت ۽ انساني فطرت کي درست نموني ڏسڻ جي سندس غيرمعمولي صلاحيت کان انڪار نه ٿو ڪري. هن ”دي هيومن ڪاميڊي“ نالي پنهنجي يادگار سورهن جلدي ڪتاب ۾ فرانسي سماج جا جيڪي چٽ چٽيا آهن انهن جي صداقت کان به ڪير انڪار نه ٿو ڪري سگهي.

بالزڪ هڪ ڪڙمين جي خاندان ۾ 1799ع ۾ ٽوئرس (Tours) ۾ ڄائو ۽ گهڻي ڪم سبب 1850ع ۾ فوت ٿيو. هن پنهنجي مختصر زندگي ۾ بي انتها گهڻو ادبي ڪم ڪار ڪيو. سدائين قرضي رهيو جو پنهنجي نمائشي سماجي زندگي جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ سدائين قرض کڻندو رهندو هو. پر سدائين اهڙا ناول لکڻ جون رٿائون پيو رٿيندو هو ۽ لکندو هو جن ۾ انهي سموري دنيا جا عڪس ۽ اولڙا موجود هجن جيڪا سندس ذهن ۾ اڳيئي موجود هئي. هن کان وڌيڪ پُرجوش تخليقي ڏات ڏڻي شايد اڳ ۾ ڪڏهن پيدا نه ٿيو آهي.

”دي هيومن ڪاميڊي“ عنوان انهي ڪري رکيو ويو هو جو بالزڪ جو ارادو هو ته اهو انهن ناولن جي مجموعي تاثر جو اظهار هوندو جن ۾ هن چاهيو ٿي ته ”انهي ۾ اسان جي جديد سماج جو ننڍي کان ننڍي تفصيل ۽ ايمانداري سان تاريخ ڏني وڃي ۽ انهي جي طور طريقن جي بلڪل صحيح تصوير پيش ڪئي وڃي. اهي جلد سيڪشنن ۾ ورهايل هئا: خانگي زندگي، ننڍن شهرن جي زندگي، پيرس شهر جي زندگي، سياسي زندگي، فوجي زندگي ۽ ڳوٺاڻي زندگي جا منظر. اهي سڀ حصا گڏجي جيڪا شي تشڪيل ڏين ٿا. انهن بابت هڪ فرانسي نقاد چيو آهي ته اها تاريخي دستاويزن سان ڀريل هڪ رڪارڊ آفس آهي جيڪا جولاءِ مانرڪي (July Monarchy) جي دور ۾ فرانسي سماج جي سڀني حصن جي هوبهو تصوير پيش ڪري ٿي. انهي دور ۾ پاڻ کي اڳتي وڌائڻ ۽ پئسي دولت جو حرص پنهنجي عروج تي هو. فرانسي انقلاب سبب آزاد ٿيل وچولي طبقي جي اهميت مسلسل وڌندي پئي وئي ۽ نوان سياسي سماجي ۽ اقتصادي نظريا ڪنهن تبديلي جي اچڻ جو اعلان ڪري رهيا هئا. بالزڪ پنهنجن ناولن ۾ اهو سڀ ڪجھ ۽ روايتي ڳوٺاڻي زندگي جا احوال تمام وڏي جوش ۽ ولولي ۽ مشاهدي جي درستگي سان ڏنا آهن. هن پنهنجي تحرير ۾ انسان جي سڀني گروپن کي ذهن ۾ رکندي ڪنهن سائنسي مشاهدي ڪندڙ واري درستگي سان گڏوگڏ تخليقي قوت کي به هٿان نه وڃايو آهي.

هن جو شروع ۾ چئن هزارن کان وڌيڪ ڪردار The Human Comedy ۾ شامل ڪرڻ جو ارادو هو. هو سماج جي سڀني طبقن مان کنيل ۽ ڌيان سان مشاهدي هيٺ آندل ٻن هزارن جي لڳ ڀڳ ڪردار تخليق ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن کي پنهنجي ذاتي تجربي جي آڌار تي پيرس جي فيشني زندگي ۽ صحافين، شاگردن ۽ وڪيلن جي منشين جي زندگين بابت خبر هئي. هو پاڻ انهن ٽنهي روپن ۾ رهيو هو. ڪاروباري ماڻهو، فنڪار، اداڪار، هاري ناري، ڌنڌي واپار جي ڪمن ڪارين سان سفر ڪندڙ، جيل ڪٽيندڙ، البيلي، غير روايتي زندگي گذاريندڙ ۽ سودخور ۽ پيرس جي آسپاس لامارا ڏيندڙ ڏوهارين کي انهن جي لباس، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ ويندي انهن جي آمدنين ۽ خرچن بابت به ننڍي کان ننڍي تفصيل سميت تخليق ڪيو ويو آهي. بالزڪ کي جن طبقن جي ماڻهن بابت ذاتي طور ڪا خبر نه هئي هو انهن جو ڪنهن ماهر حيوانيات جهڙي شوق سان اڀياس ڪندو هو. اهڙو ڪو ماڻهو ڪٿي اڪيلو نظر اچي ويندو هوس ته ان جي پٺيان هلي پوندو هو انهن جون ڳالهيون ٻڌندو هو ۽ ان جي ذهني قالب کي پاڻ ۾ سموهيندو ويندو هو تان جو سندس چواڻي سندس روح انهن جي روح ۾ پيهي ويندو هو.

پر بالزڪ فقط بيان ڪرڻ تي راضي نه هوندو هو. هو هر ڳالهه پاڻ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو پاڻ کي سماجي سائنس جو ڊاڪٽر ڪوٺيندو هو. سندس مطلب هوندو هو ته هو انساني عمل جي سرچشمن ۽ سماج ۾ عمل پيرا قوتن کي سمجهڻ گهري ٿو. هو سمجهندو هو ته انسان جذبي ۽ ذاتي مفاد جي ميلاپ هيٺ عمل ڪن ٿا. هو سماج جي ريتن رسمن ۽ قانون جي احترام جي هڪ سنهي پردي هيٺ خود غرضاڻي جوش جذبي سان پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن ٿا. انهن جي ذهنن ۾ فقط فائدو وٺڻ جو هڪ ئي مقصد هجي ٿو. سندس اڪثر ڪردار انهيءَ قسم جا ماڻهو آهن. انهن جي بلڪل تُز ۽ چٽي سڃاڻپ ڏنل آهي. اهي پنهنجن مزاجن ۽ طبيعتن مطابق دکدائڪ، قابل رحم ۽ اڻ وڻندڙ جي خانن ۾ ورهايل آهن. انهي سان گڏوگڏ بالزڪ جي ناولن ۾ اهو به لاڙو موجود آهي ته هو زندگيءَ جي سهڻن رخن بجاءِ برن، بدصورت ۽ شرم ناڪ رخن کي ترجيح ڏئي ٿو. هن جو جهڪاء تشدد ۽ بيرحمي ڏانهن آهي ۽ هن جي ناولن مان قنوطي حقيقت پسندي جهلڪي ٿي. انهن جو مجموعي تاثر هڪ ئي وقت سگهارو به آهي ته ڪنهن حد تائين دل وسائيندڙ به آهي. پر اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوندي ته انهن مان سچائي جي بوءِ اچي ٿي. هو اسان کي مجبور ڪري ٿو ته اسين سندس دنيا کي قبول ڪريون ۽ سندس ڏات جو جوهر به اهو ئي آهي.

اهي سڀ ڳالهيون ڪجھ نقادن جي نظر ۾ The Human Comedy جي سڀ کان بهترين ناول ”Old Goriot“ ۾ موجود آهن.

آکاڻي جي شروعات بالزڪ جي هڪ مخصوص ماحول جي بيان سان ٿئي ٿي. اهو پيرس جي سڀ کان گندي علائقي ليٽن ڪئارٽر جو هڪ اونداهون بورڊنگ هائوس آهي. اهو مادام واڪوئرMadame Vauquer نالي هڪ لالچي بيوه هلائي ٿي. اتي رهندڙ ماڻهو جيستائين پنهنجي مسواڙ ڏيندا رهن هوءَ انهن جي ڪنهن ڳالهه سان ڪو واسطو نه ٿي رکي. سندس مسواڙين ۾ هر قسم جا ماڻهو آهن: مادام ڪوٽيور هڪ ڪاميسري جنرل جي بيوهه آهي: وڪٽورائين ٽيليفر سلهه ۾ ورتل نو عمر ڇوڪري آهي؛ مرڻ ڪنڌي تي پهتل هڪ پوڙهو ماڻهو آهي جنهن کي ”سماجي گهاڻي جو ڏاند“ چيو ويو آهي. ”ميلي مائيڪونيو هڪ گهنجيل ڪراڙي غير شادي شده عورت آهي جيڪا اکين تي سائي رنگ جو ريشمي ڪپڙو هڻي هلي ٿي. انهن مان وڪٽورائين کان سواءِ جنهن کي ڪو مناسب نوجوان مرد اڃا به جاڳائي سگهي ٿو ٻيا سڀ ننڍي ذهن جا ۽ رواجي ماڻهو آهن. پر اتي مونشيئر واٽرن نالي هڪ ماڻهو به آهي. سندس جسماني ڍانچو طاقتور آهي ۽ انهي کان وڌيڪ سگهاري سندس شخصيت آهي. هو مٿي تي ڪاري رنگ جي وگ رکي ٿو، شهپرن کي رنگ ڪري ٿو ۽ سندس کِل به ڏاڍي جاندار آهي. مسواڙي کيس پسند ڪن ٿا پر ڪنهن به ماڻهو کي صحيح خبر نه آهي ته هو ڇا ڪندو آهي. سندس چمڪندڙ اکيون جيڪي روح جي گهرائين ۾ پيهنديون محسوس ٿينديون آهن انهن کي ڏسڻ سان دهشت ٿيندي آهي. ماڻهن ۾ عام راءِ اها آهي ته واٽرم مڙس ماڻهو آهي، باقي سندس دل ۾ انساني جذبا آهن يا نه اها ٻي ڳالهه آهي. هڪ ٻيو مسواڙي، هو عارضي اچي رهيو آهي، نوجوان ۽ سهڻو قانون جو شاگرد يوجين ڊي راسٽينيڪ آهي. اهو پڪي ارادي ۽ صاف دماغ وارو آهي ۽ کيس پيرس جي سماج ۾ ڪامياب ٿيڻ جي شديد خواهش آهي. آخر ۾ خود ”اولڊ گورياٽ“ آهي. جنهن کي فرانسي ۾ Pere Goriot ڪوٺيو وڃي ٿو.

ڊسمبر 1819ع ۾ ڪهاڻي جي شروعات وقت گورياٽ کي واڪوئر وٽ رهندي ڇهه سال ٿي ويا هئا. هو رٽائرڊ سيون ٺاهيندڙ هو. هو جڏهن آيو هو ته هن وٽ ڪافي لٽا ڪپڙا هئا، چاندي جا ٿانو ٿپا به ڪيترا هئس ۽ پئسو ڏوڪڙ به جام هوس. شروع ۾ هو هفتي ۾ هڪ ٻه دفعا ٻاهر ماني کائيندو هو. پوءِ اهو ٻاهر وڃڻ بند ٿي ويو. پوءِ هن پنهنجا ڪجھ چاندي جا ٿانو وڪرو ڪيا ۽ هڪ سستو ڪمرو گهريو. انهي سان مسواڙين ۾ سرٻاٽ ٿيڻ لڳا ته هن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جوا کيڏي آهي، يا پنهنجو پئسو عورتن تي اڏايو اٿائين. انهي ڳالهه تي تڏهن اعتبار ٿيڻ لڳو جڏهن هن وٽ مختصر وقفن سان ٻه فيشني پوشاڪ واريون عورتون اچڻ لڳيون. تڏهن انهي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ شبهو نه رهيو ته اولڊ گورياٽ هڪ وڏو هٿ ڦاڙ آهي. پر جڏهن هڪ ڏينهن مادام واڪوئر هن کان ڏاڍي گستاخيءَ سان پڇيو ته هن سندس بورڊنگ هائوس کي ڇا سمجهيو آهي ته هن ڏاڍي نماڻائي سان وراڻيو ته اهي ٻه عورتون سندس ڌيئر هيون. ڇا واقعي ڌيئرون! ڪنهن به مٿس اعتبار نه ڪيو. وري ٽن ورهين کان پوءِ هن پنهنجا خرچ اڃا گهٽائي ڇڏيا، اڃا ننڍو ڪمرو ورتائين ۽ پنهنجن ڪپڙن کان به غافل رهڻ لڳو. هاڻي هن سان ڪير ملڻ به نه ايندو هو. ”هاڻي تنهنجيون اهي ڌيئرون توسان ملڻ نه ٿيون اچن؟“ مادام واڪوئر ڏاڍي بدنيتي سان پڇيو ”اهي ڪڏهن ڪڏهن اينديون آهن“. هن ڏڪندڙ آواز ۾ وراڻيو.

انهن واقعن جي پٺيان هڪ ڏاڍي دردناڪ ڪهاڻي آهي. ڪتاب جي ٻن مکيه موضوعن مان هڪ انهي مان ملي ٿو. اولڊ گورياٽ بالزڪ جي هڪ ٻي خبطي شخصيت آهي. هن دفعي سندس خبط پدري محبت آهي. هن جي زال اوائل عمر ۾ ئي فوت ٿي وئي هئي ۽ هو پنهنجي محبت ۽ پئسو پنهنجين ٻن ننڍين ڌيئرن ڊيلفائين ۽ اناسٽيسي تي لٽائڻ لڳو. ڪا به شي انهن کان مٿي نه هئي. ”خوش رهڻ لاءِ پيئرن کي سدائين ڏيڻ گهرجي. مسلسل ڏيندو رهڻ ئي توهان کي حقيقي معنيٰ ۾ پيءُ بڻائي ٿو“. حقيقت ۾ ڇوڪريون ئي هن جي سموري ڪائنات هيون. اهي هڪ اهڃاڻ هيون جن جي ذريعي هن تخليق وارو رستو ٿي ڳولهي لڌو. هن وقت اچڻ تي هنن لاءِ مڙس ڳولهيا. هڪ فرانسي وڏگهراڻو ۽ ٻيو هڪ جرمن بينڪار هو. اهي ٻئي وڏي ڏاج جي اميد تي ڇڪجي آيا هئا. ڪجھ وقت تائين پوڙهي ماڻهو جو ٻنهي ڇوڪرين جي فيشني پيرس وارن گهرن ۾ آڌرڀاءُ ٿيندو رهيو. پوءِ جڏهن مڙسن ڏٺو ته انهيءَ مان وڌيڪ پئسو نه ٿو نڪري سگهي ته هن لاءِ دروازا مضبوطي سان بند ڪيا ويا. پر پوءِ به ڇوڪريون هن سان ڪڏهن ڪڏهن ملڻ اينديون هيون. انهن ٻنهي کي عاشق هوندا هئا. عاشقن تي قرض چڙهي ويو ۽ گورياٽ پنهنجا چمچا وڪرو ڪيا ۽ پنهنجي رهڻ جي خرچ ۾ به ڪٽوتي ڪئي جيئن انهن کي لڄي ٿيڻ کان بچائي سگهي. هن وڏي خوشي سان تماڪ ڇڪڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ ڊيلفائين يا اناسٽيسي جي مُنهن تي مرڪ ڏسڻ لاءِ پنهنجي آخري سيڙپ به ڪڍرائي ڇڏي. ”آءٌ انهن جي منهن تان هڪ ڳوڙهو اُگهڻ خاطر خداوند، پٽ ۽ روح القدس کي به وڪرو ڪري ڇڏيندس“. هن کي موٽ ۾ ڪا به محبت نه ملي. پر هو سدائين پنهنجن ڌيئرن کي کيس لتاڙڻ جي موڪل ڏيندو رهيو. حقيقت اها آهي ته ڪڏهن انهن جي پوشاڪن کي هٿ سان ڇهي وٺڻ، يا انهن کي ڪنهن فيشني ڊانس پارٽي لاءِ ويندي پنهنجين گاڏين ۾ چڙهندي ڏسي وٺڻ ئي هن لاءِ ڪافي هوندو هو. هو چوندو هو ته: ”هو هڪ منحوس پوڙهو لاشو آهي جنهن جو روح اتي آهي جتي سندس ڌيئرون آهن“. کيس محبت جي توقع ئي نه هوندي هئي. فقط ڪنهن قسم جو دوکو ئي هن جي خوشي لاءِ ڪافي هوندو هو. هن کي اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوندي هئي ته هو جڏهن انهن کي پئسا ڏئي ٿو ۽ هو خوش ٿين ٿيون يا ڪڏهن ڪڏهن مرڪن ٿيون ته انهن ڳالهين مان ڇوڪرين جو هن لاءِ هڪ قسم جو احساس ظاهر ٿئي ٿو. محبت ۽ پيار جو هڪ ننڍڙو چمڪو ئي ڪافي هوندو. اسان کي هن ڪهاڻي جي شروعات ۾ اها شديد نراسائي نظر اچي سگهي ٿي جيڪا هن جي منتظر هئي.

پر ڪتاب ۾ هڪ ٻيو موضوع به آهي. اهو نوجوان يوجين ڊي راسٽينيڪ جي ڪارگذاريءَ بابت آهي. هو هڪ غريب ڳوٺاڻي ڪٽنب مان آيو آهي جيڪي وڏي مشڪل سان پائي پائي گڏ ڪري هن ڏانهن پئسا موڪلين ٿا جيئن هو سماج ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي. هن کي هڪ مائٽ جي معرفت پيرس جي فيشني گهرن ۾ اٿ ويهه جو موقعو ملي وڃي ٿو. انهن ۾ ڊيلفائين ۽ اناسٽيسي جا گهر به آهن، هن کي جلدئي خبر پئجي وڃي ٿي ته هنن جي پٿرايل دلين ۾ پنهنجي پيءُ لاءِ ڪو به پيار نه آهي. هنن جي شادي شده زندگين ۾ ڪا به خوشي نه آهي ۽ انهن جي زندگين تي فقط ذاتي مفاد جي حڪمراني آهي. هو وقتي طور ڏاڍو پريشان ٿي وڃي ٿو. پر اڳتي وڌڻ جو شوق وري زنده ٿي وڃي ٿو ۽ کيس اهو به احساس ٿي وڃي ٿو ته سماج ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هن وٽ انهي کان گهڻو وڌيڪ پئسو هئڻ گهرجي جيترو هيءُ ڪٽنب ڏئي سگهي ٿو. اهو ڪٿان هٿ ايندو؟ اتي هرکائيندڙ واٽرن سامهون اچي ٿو. هو اڳ ۾ ئي اهو خيال عام ڪندو رهيو آهي ته ڪاميابي هڪ خصوصيت آهي ۽ يوجين هاڻي محسوس ڪري ٿو ته هو صحيح آهي. واٽرن(Vautrin) نوجوان جي معاملن ۾ گهري دلچسپي ڏيکاريندي هڪ تجويز پيش ڪري ٿو ۽ ائين ڪندي پنهنجو قنوطي ۽ بيرحم ڪردار به ڏيکاري ٿو وڃي. ”آءٌ منظم سماج سامهون اڪيلو بيٺو آهيان“. هو چوي ٿو، ”۽ آءٌ انهي کي ناڪام ڪري ڏيکاريندس“. سندس رٿا بلڪل سادي آهي. وڪٽورائين ٽيليفر کي هڪ ڀاءُ آهي جنهن کي تمام وڏي دولت ورثي ۾ ملي آهي. واٽرن اهو بندوبست ڪندو ته اهو ڀاءُ هڪ دوبدو مقابلي ۾ مارجي وڃي. پوءِ اها دولت وڪٽورائين کي ملندي ۽ يوجين هن سان شادي ڪري. ڏهه لک فرانڪ! واٽرن پنهنجن خدمتن عيوض فقط ويهه سيڪڙو گهريو هو. يوجين انهي تجويز تي ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي وڃي ٿو. پر انهي سان جيڪو روشن مستقبل جو امڪان آهي هو انهي کي ذهن مان ڪڍي به نه ٿو سگهي.

هاڻي اسين يوجين جي فيشني دنيا ۾ اڳڀرائي ڏسون ٿا. انهي دوران بالزڪ انهي دنيا ۾ عام ڪرپشن ۽ خودغرضيءَ تي به آڱر کڻي ٿو. اسان کي يوجين جي گورياٽ سان وڌندڙ دوستي به نظر اچي ٿي ڇاڪاڻ ته هن جو ڊيلفائين سان جذباتي لڳاءُ ٿي ويو آهي. گورياٽ آخرڪار يوجين لاءِ هڪ اپارٽمينٽ جا پئسا ڏئي پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏي ٿو. گورياٽ اهو ڪم انهي ڪري ڪيو هو جيئن يوجين پنهنجي داشته جي ويجھو رهي سگهي. ڊيلفائين مُرڪي مسڪرائي پيءُ کي انهيءَ جو بدلو ڏئي ٿي ۽ کيس عارضي طور موڪل ڏئي ٿي ته هو وري به اچي هن سان ملي وڃي. شيطان جو وڪيل واٽرن يوجين کي هرکائي اڃا وڌيڪ خرچ ڪرائيندو رهي ٿو ايستائين بورڊنگ هائوس جي تاريخ جي يادگار شام اچي وڃي ٿي ۽ وڪٽورائين جي ڀاءُ جي مارجي وڃڻ جي خبر اچي ٿي. پر جلدئي پوءِ واٽرن کي به مڪافات عمل کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هتي بالزڪ جذباتي ڊرامائي انداز اختيار ڪري ٿو. واٽرن قانون کان مفرور سزا يافته ڏوهاري آهي. کيس پيرس جي انڊر ورلڊ ۾ ڏاڍو اثر رسوخ آهي. هو اتي Cheat- Death جي نالي سان مشهور آهي. پوليس آخرڪار کيس ڳولهي لڌو آهي. اها اکين تي ڪپڙو هڻندڙ وڏي عمر جي اڻ پرڻيل عورت ميلي مائيڪو نيو کي انهي ڳالهه تي آماده ڪري ٿي ته هو ان جي پيئڻ جي ڪنهن شي ۾ نشو ملائي ڇڏي ۽ پوءِ کيس هوش ۾ آڻڻ جي بهاني اها پڪ ڪري ته ڇا هن جي ڪلهي تي سزايافته ڏوهارين وارو داغ جو نشان آهي. اهو ڪم ٿي وڃڻ کان پوءِ پوليس هن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ بورڊنگ هائوس جي ڊائننگ روم تي ڪاهه ڪري ٿي. انهي وٺ وٺان ۾ هن جي ڪاري رنگ جي وگ ڪري پوي ٿي ۽ سندس ننڍڙا ڪتريل تيز ڳاڙها وار ظاهر ٿي پون ٿا. سندس منهن به تبديل ٿي وڃي ٿو. ”انهي مان چالاڪي ۽ طاقت جو گڏيل ڊيڄاريندڙ تاثر ملي ٿو. انهي وقت ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته انهي ماڻهو جو روح ۽ جذبا اکين سان نظر اچي رهيا هئا. هو ڄڻ ته دوزخ مان ايندڙ خوفناڪ شعلن جي روشني ۾ بيٺو هو.... سندس منهن مان رت ٽمڻ لڳو. سندس اکيون جهنگراڙ ٻلي وانگر تجلا ڏيڻ لڳيون“. واٽرن انهي موقعي تي هڪ تقرير به ڪري ٿو جنهن مان پڇتاءُ جو ڪو به تاثر نه ٿو ملي. هو سموري انسان ذات خلاف نفرت جا درياءُ وهائي ٿو. پوءِ پوليس کيس وٺي وڃي ٿي.

هاڻي آکاڻي عروج ڏانهن وڌڻ لڳي ٿي. جڏهن ڊيلفائين جي بيماري اهڙي حالت ۾ پهچي وڃي ٿي جنهن مان سڌرڻ جو ڪو امڪان نه آهي ته يوجين ۽ گورياٽ بورڊنگ هائوس مان هميشه لاءِ نڪري وڃڻ جي تياري ڪن ٿا. سندس سموري دولت سندس جرمن مڙس هٿ ڪري ورتي آهي جيئن اها پنهنجي ڪاروبار  ۾ لڳائي سگهي. ڊيلفائين کي شڪ آهي ته اهو ڪاروبار به ڪو ٺڳيءَ وارو هوندو. ۽ هو فقط انهي شرط تي سندس عاشق کي پاڻ سان گڏ رهائڻ جي موڪل ڏئي ٿو ته هِن جو پئسو هن وٽ رهندو. اهڙي طرح گورياٽ جي سموري دولت جيڪا هن پنهنجي ڌي تي لُٽائي هئي اها تباهه ٿي وڃي ٿي. جلدئي اناسٽيسي به ساڳئي ڪهاڻي کڻي اچي ٿي. هن پنهنجي عاشق جا جوا جا قرض لاهڻ لاءِ پنهنجي ڪٽنب جا سمورا هيرا وڪڻي ڇڏيا آهن. سندس مڙس انهي ڳالهه کان واقف ٿي ويو آهي ۽ هن کي بليڪ ميل ٿو ڪري ته هو پنهنجي سموري ملڪيت هن جي نالي تي ڪري ڇڏي. پر اتي به پورت نه ٿي ٿئي. هن کي اڃا ٻارهن هزار فرانڪ گهرجن ٿا ۽ هوءَ پئسن لاءِ پنهنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿي. پر هن وٽ ته ڪجھ بچيو ئي نه آهي. هن جا آخري ٻارهن هزار يوجين جي اپارٽمينٽ لاءِ ضروري سامان وٺڻ تي خرچ ٿي ويا هئا.... انهي ڳالهه تي ٻنهي ڇوڪرين ۾ شديد جهيڙو شروع ٿي وڃي ٿو. پوڙهو ماڻهو انهن کي ٿڌو ڪرڻ جي بيسود ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ رڙيون ڪندو بستري تي ڪري پوي ٿو: ”ٻارڙو! توهان جيڪڏهن ائين ڪندا رهيو ته آءٌ ته مري ويندس!“ اناسٽيسي جلدئي ڪمري مان ڀڄي وڃي ٿي. ڊيلفائين جيتوڻيڪ پيءُ کي شديد بيمار ڏسي ٿي ته به يوجين سان گڏ آپرا ڏسڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ کان نه ٿي مڙي. ٻئي ڏينهن دير سان عاشق کيس سنڀالين ٿا ۽ پوءِ به فقط يوجين کيس ڏسڻ اچي ٿو. هن کي پير مرد جي حالت چڱي خراب نظر اچي ٿي. هن انهيءَ ڏينهن به صبح جو اٿي پنهنجو آخري بچيل چاندي جو سامان وڪرو ڪيو هو جيئن اناسٽيسي لاءِ نئين پوشاڪ وٺي سگهي. هو هاڻي نيم بيهوشي جي حالت ۾ وڦلي پيو ٿو ته هو اوڊيسا ۾ وري دولت ڪمائي پنهنجي ڌيئرن جي حوالي ڪندو. انهي رات يوجين کي ڊيلفائين وٽان هڪ چٺي اچي ٿي جنهن ۾ هن شڪايت ڪئي آهي ته هو کيس نظرانداز ڪري رهيو آهي. هو پوءِ هن سان ملي کيس پنهنجي پيءُ وٽ هلڻ تي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر هو هن تي زور ڀري ٿي ته هو هن سان گڏجي ڊانس پارٽي تي هلي. انهي دوران پوڙهي گورياٽ جي پنهنجي کوليءَ ۾ طبيعت خراب ٿيندي ٿي وڃي. پر هو اڃا به هوش حواس ۾ آهي. ٻئي ڏينهن جڏهن کيس خبر پوي ٿي ته سندس ڪا به ڌيءُ کيس ڏسڻ نه ايندي ته کيس انهي ڳالهه جو احساس ٿئي ٿو جيڪا هو گذريل ڏهن ورهين کان محسوس ڪندو رهيو هو ته انهن کي هن سان ڪا به محبت نه آهي. پر محبتون نشاور ڪندڙ پيئرن جو اهو مثالي نمونو پوڙهو گورياٽ پوءِ به ڌيئرن بجاءِ پاڻ کي الزام ڏئي ٿو. ”اهي معصومڙيون آهن“ هو چوي ٿو، ”هر ڪنهن کي اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏيو. هن پاڻ انهن کي خراب ڪيو هو. انهن جي لاءِ پاڻ کي مٽيءَ ۾ ملايو هو. هو پنهنجن حقن تان دستبردار ٿيو هو. انهي جو نتيجو اهو نڪتو جو هن اڻڄاڻائي ۾ پنهنجي ٻارن کي خراب ڪري ڇڏيو هو“.  انهن جي ناروا رويي جو سبب به آءٌ ئي آهيان. مون سدائين انهن جون ٻاراڻيون خواهشون پوريون ڪيون. انهن وٽ پندرهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي گاڏي هئي! انهن کي ڪنهن به شي کان محروم نه رکيو ويو. انهي جو فقط آءٌ ئي ذميوار آهيان. پر مون انهن جي محبت ۾ ڏوهه ڪيو. انهن جو آواز منهنجي دل ڳاري ڇڏيندو هو“.

پوءِ اوچتو مرندڙ ماڻهو جو موڊ تبديل ٿي ويو. هو ڪاوڙ ۾ رڙيون ڪري ٿو ته سندس ٻارن کي گهرايو وڃي. ”اچڻ انهن جو فرض آهي. قانون به اها ئي گهر ڪري ٿو. انهن کي مجبور ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ضروري هجي ته سپاهي گهرايا وڃن“. هو انهن کي ذليل پٿر دل عورتون ڪوٺي ٿو. هو انهن تي لعنتون وجھي ٿو. هن کي انهن کان نفرت ٿي وڃي ٿي. ڪجھ گهڙيون پوءِ هو وري چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري ٿو ته هو اوڊيسا وڃي انهن لاءِ ڏهه لک ڪمائيندو، پوءِ هو پنهنجن نياڻن کي گاريون ٿو ڏئي ته انهن ئي سندس ڌيئرن کي هن وٽ اچڻ کان روڪيو آهي. پوءِ هو تڪڙو تڪڙو ٻڏندو ٿو وڃي. هو ڀڻڪي ٿو: ”انهن کي ڏسڻو نه آهي. ايڏانهن موت جو ڏنگ آهي.“ آخرڪار يوجين انهن کي وٺڻ ٿو وڃي ۽ موٽڻ تي به فقط ڊيلفائين کان اچڻ جو واعدو وٺي اچي ٿو. پر هوءَ به اچڻ ۾ دير ڪري ٿي ۽ پوڙهو گورياٽ مري وڃي ٿو ته سندس بستري وٽ فقط يوجين ۽ هڪ طب جو شاگرد بيٺا هئا. پوڙهي جا هٿ انهن جي مٿن تي هئا. هو انهن کي پنهنجون ڌيئر سمجهي رهيو هو. سندس آخري لفظ هئا! ”هاء! منهنجا فرشتا!

هن لاءِ ٽئين درجي جي تدفين جو بندوبست ڪيو ويو ڇو ته ٻنهي امير گهراڻن مان ڪنهن به پئسي اچڻ جي اميد نه هئي. سندس ڌيئرن تدفين ۾ شرڪت نه ڪئي جنازي سان گڏ سوڳوارن ۾ فقط يوجين ۽ بورڊنگ هائوس جو هڪ خادم هو. مذهبي رسمون به فقط ويهه منٽ هليون. اهڙي طرح پوڙهي گورياٽ کي لحد ۾ لاٿو ويو ۽ خادم هن لاءِ هي لفظ چيا: هڪ ڀلو ۽ مهربان ماڻهو جنهن ڪڏهن به هڪ لفط به زور سان نه ڳالهايو. هن ڪنهن جي به ڪم ۾ رخنو نه وڌو ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪو ايذاءُ ڏنو“.

ڇا يوجين جي دل مان اعليٰ طبقي ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ختم ٿي؟ هو گورياٽ جي قبر تي هڪ ڳوڙهو وهائي ٿو. سندس نوجواني جو آخري ڳوڙهو پوءِ سندس نظرون ٽڪري جي هيٺان پيرس شهر جي چمڪندڙ روشنين ڏانهن ٿي وڃن ٿيون.

انهي رات- هتي بالزاڪ ڪهاڻي کي ٻيو رخ ڏيندي ٻي ڪهاڻي لاءِ راهون کولي ٿو جنهن کي ٻئي جلد ۾ کنيو ويندو- هو وري ڊيلفائين سان گڏ ماني کائي رهيو هو.

41. فرانسي انقلاب

-- ٿامس ڪارلائل --

 

عالمي تاريخ جي سڀني واقعن مان 1789ع جو فرانسي انقلاب سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي. انهي جي ايتري گهڻي مشهور هئڻ جو هڪ سبب اهو آهي ته انهي جي تاريخ هڪ گمنام ۽ جاگوڙي پر تمام باصلاحيت اسڪاٽ صحافي ٿامس ڪارلائيل لکي هئي.

ڪارلائيل اهو موضوع ڇو چونڊيو؟ انهي لاءِ ڪجھ وضاحت جي ضرورت آهي. هن جا فرانسين سان ڪي لاڳاپا نه هئا نه ئي انهن ۾ ڪو مفاد هوس. هن کي فرانس جي ملڪ يا اتان جي رهواسين بابت ڪا ذاتي ڄاڻ به نه هئي ۽ هن جي اتان جي زبان سان واقفيت به هلي ڦلڪي هئي. اهو خيال هن جي ذهن ۾ سڀ کان پهريان شايد انهي وقت آيو هو جو هو فرانسي انقلاب کان ڪجھ ورهيه اڳ واري هيرن جي هار واري معاملي تي هڪ ليک لکي رهيو هو. انهي معاملي ۾ فرانسي دربار ۽ خاص طور راڻي ميري اينٽونينٽ جو نالو به کنيو ٿي ويو. هو تڏهن پنهنجي زال جي فارم ڪريجن پٽڪ تي رهندو هو ۽ معمول مطابق ايڊنبرگ ويو ته اچي شهر جي لائبريرين ۾ پنهنجي ليک لاءِ مواد جي ڳولها پڻ ڪيائين.

ڪارلائيل پنهنجو ليک لکي پورو ڪيو. اهو سندس Essays ۾ به وري شامل ڪيو ويو ۽ پوءِ هن سموري فرانسي انقلاب جي جائزي ڏانهن توجه ڏني. انهيءَ جا سبب ڪهڙا هئا؟ اهو آخر اوچتو ڇو ڦاٽي نڪتو؟ انهي جا مک ڪردار ڪهڙا هئا؟ ۽ ڇا ڀلا انهي جي واقع ٿيڻ دوران انهن عظيم اخلاقي قانونن (Moral Laws) جو پتو لڳائي سگهجي پيو جيڪي ڪارلائيل کي سدائين ذهن ۾ هوندا هئا؟ هي اهي ڪجھ سوال آهن جيڪي سندس ذهن ۾ جنم وٺي رهيا هئا. پر جلدئي کيس اندازو ٿي ويو ته انهن سوالن جي جواب لاءِ مواد ايڊنبرگ ۾ موجود نه هو. تنهن ڪري هن لندن ۾ وڃي رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هو ۽ سندس زال 1834ع جي جون مهيني ۾ چيلسي ۾ Cheyne Row ۾ وڃي رهيا جيڪو تقريباً اڌ صدي پو سندس وفات تائين سندن گهر رهيو.

هن لنڊن ۾ ڪيتريون ئي فائديمند واقفتيون ۽ ڪجھ دوست ٺاهيا. انهن مان جان اسٽورٽ مل به هڪ اهي. هو نوجوان ۽ ڏاڍو ذهين ليکڪ، افاديتي فلسفي جو ترجمان ۽ ٻيو به گهڻو ڪجھ هو.

پهريون جلد پنجن مهينن ۾ مڪمل ٿيو ته ڪارلائيل اهو مل ڏانهن سندس راءِ لاءِ موڪلي ڏنو. مل وري اهو پنهنجي دوست مسز هيريٽ ٽيلر ڏانهن کڻي ويو. هو سندس ادبي تنقيد کي وڏي اهميت ڏيندو هو. اهو مسودو انهي وٽ ئي هو جو اتفاقي طور سندس نوڪرياڻي هٿان سڙي پيو. انهي جا فقط آخري چار يا پنج صفحا وڃي بچيا. مل انهي تباهي تي لُڏي ويو ۽ ڪارلائيل تي زور ڀريائين ته هو هڪ سو پائونڊن جو چيڪ قبول ڪري. هن انهي کي ٻه سو پائونڊن ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي جيئن تباه ٿيل مسودو ٻيهر لکڻ دوران ڪارلائيل جي گهر جي خرچ جو پورائو ٿيندو رهي. ڪارلائيل وٽ ٻي ڪاپي ته نه هئي ۽ نوٽس به بلڪل ٿورا هئا پر هو وڏي همٿ سان ڪم ۾ لڳي ويو ۽ ڪتاب 1837ع جي شروعات ۾ مڪمل ٿي ويو. هن 12- جنوري تي پنهنجي زال کي خط جي ذريعي ڪم پورو ٿيڻ جو اطلاع ڏنو. ”اهي منهنجي ڪتاب سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا اها ڪنهن کي به خبر نه آهي. منهنجي جيني! پر انهن کي ٻه سو ورهين کان اهڙو ڪتاب نه مليو هوندو جيڪو ايتري سچائي سان ڪنهن ماڻهو جي دل مان نڪتو هجي. هاڻي ماڻهو ڀلي انهي کي پيرن ۽ کُرن هيٺان لتاڙيندا رهن. ”هاء، هاء!“ سندس دلير زال وراڻيو، ”اهي انهي کي پيرن هيٺان لتاڙي نه ٿا سگهن“.

ڪتاب ڇهه مهينا پوءِ شايع ٿي ويو ۽ جلدئي اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته مسز ڪارلائيل جي راءِ درست هئي. ڪتاب جو ڏاڍي سٺي نموني استقبال ٿيو ۽ انهي کان پوءِ ڪارلائيل کي مستقبل ۾ جاءِ ملڻ يقيني ٿي وئي. ڪارلائيل جي عجيب غريب اسلوب جي باوجود به The French Revolution انهي عهد ساز جدوجهد بابت انگريزي ۾ لکيل ڪتابن مان عام طور سڀ کان وڌيڪ پڙهڻ جهڙي ڪتاب واري حيثيت برقرار رکي آهي. انهي جو سبب اهو آهي ته ڪارلائيل وٽ اها ڳالهه هئي جيڪا گهڻو ڪري ٻين مؤرخن ۾ نه هوندي آهي: هو سمجهندو هو ته تاريخ ڪا اهڙي ڳالهه نه آهي جيڪا ختم ٿي وئي هجي. پر هو انهي کي اهڙي شي سمجهندو هو جيڪا زنده هئي ۽ اڃا هلندڙ هئي. سندس تصور جي طاقت به ايتري ته سگهاري هئي جو هو ماضي کي وري گرفت ۾ آڻي انهي کي نئين سر تخليق ڪري سگهندو هو. اسان کي سندس ڪتاب جا صفحا پڙهڻ مهل ائين لڳندو آهي جيئن اسين به اتي موجود هجون ۽ تاريخ جي هڪ عظيم انقلابي نقطي جي ڏکن ڏولاون، خوفن ۽ خطرن ۽ نااميدين ۽ وري فتح جي سرجوشين ۾ پاڻ شريڪ هجون.

اهو هڪ ڊگهو ڪتاب آهي ۽ اصل ڳالهه دير سان شروع ٿئي ٿي. شروعاتي بابن ۾ لوئي پندرهين- لوئي پياري (Well Beloved) کيس ڪنهن وقت انهي نالي سان سڏيو ويندو هو- جي گندي موت جي بستري جو احوال ڏنل آهي. انهن بابن ۾ ملڪ جي خوفناڪ صورتحال جو احوال به ڏنل آهي ته هن ڪيئن نه پنهنجين جنگين ۽ عياشين سبب انهي کي ڪمزور ڪري تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو هو. شاهي نظام ختم ٿيڻ تي هو. اعليٰ خاندان جا ماڻهو پنهنجن هارين کان جيڪي ڍلون وٺي سگهندا هئا اهي عاليشان پوشاڪن، لذيذ کاڌن ۽ پنهنجين بداعمالين تي وڃائي ڇڏيندا هئا. سندن اهڙين ڳالهين جو رومي شهنشاهن جي تمام بدنام دور کان پوءِ ڪو به مثال نه ٿي مليو. چرچ زوال جو شڪار هو. پڙهيل لکيل طبقي جي راءِ سازي جو ڪم فلسفي ڪندا هئا. ۽ عوام؟ انهن کان قانوني بيگار، قانوني محصول ورتا ويندا هئا. انهن کي جنگ جي ميدانن کي ڀرڻ لاءِ گهرايو ويندو هو ۽ انهن کي اهڙن تڪرارن ۾ ڪم آندو ويندو هو جن سان انهن جو ڪو واسطو نه هوندو هو. انهن جا هٿ پير ۽ انهن جو محنتون مشقتون ٻين جي قبضي ۾ آهن پر انهن وٽ پنهنجي ڪا به شي نه آهي. هي نه پڙهيل آهن نه ڪير انهن کي دم دلاسو ٿو ڏئي نه ڪير انهن کي کارائي پيئاري ٿو. هٿين خالي، تمام خراب حالت ۽ ڏکيائين ۽ اونداهين ۾ ويٺو هٿ مهٽڻ ئي انهن لکين ماڻهن جو مقدر آهي....“

آهستي آهستي باب باب ٿي ڪهاڻي جو سلسلو اڳتي وڌندو رهي ٿو. جيئن Ancien regimeتڙندي ٿاٻڙندي آهستگي سان زوال جي ڪُن ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ ڪتاب ۾ به اهائي ڳالهه بيان ڪرڻي آهي ته ڪتاب جي بيان جو سلسلو به ائين آهستگي سان هلي ٿو. اسين جيئن ڪناري جي ويجهو پهچندا وڃون ٿا ڪهاڻي جي رفتار تيز ٿيندي وڃي ٿي ۽ اتي ئي ڪارلائيل اسان کي پنهنجيون مڪمل صلاحيتون ڏيکاري ٿو.

انهي ڏينهن ۽تاريخ جي باک ڦٽي چڪي آهي جنهن کي ايندڙ سمورا نسل ياد رکندا: 14- جولاءِ 1789ع. هر طرف ڀڄ ڀڄان ۽ تياريون آهن، چؤطرف خوف خطرا ۽ آفتون ٿيون نظر اچن. پوڙهين اکين مان ڳوڙها پيا ٽمن! هن ڏينهن، منهنجا پٽڙؤ! توهان جي اولاد جي اميدن جو قسم! زور ۽ زبردستي جو دور ڳاڙهي چادر ۾ ويڙهيو اچي رهيو آهي!

توهان جيڪڏهن پنهنجي مدد پاڻ نه ڪندؤ ته توهان لاءِ ڪٿان به ڪا به مدد نه آهي. اڄ جي ڏينهن توهان عمل ڪندؤ يا مري ويندؤ“.

پوڙهو گورنري ڊي لاني ٻين سڀني فوجي اڪابرن وانگر پراڻي خوفناڪ قلعي ۾ تمام بي يقيني واري حالت ۾ مُنجهيو بيٺو آهي. هوٽل ڊي ولا ۾ ويٺل مقبول عام هيڊڪئارٽرن مان آيل نمائندا کيس دعوت ڏين ٿا ته هو ”نيشنل سولجرز“ کي تسليم ڪري وٺي. اهو هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ هڪ نرم لفظ آهي. پر ٻئي پاسي شهنشاهه جا حڪم به ڏاڍا تز آهن. ڪير به هٿيار ڦٽا نه ڪندو. پر سندس ڇانوڻي ۾ ته 82 پوڙها ۽ ڪمزور ماڻهو آهن. انهن جي ڪمڪ لاءِ 32 نوجوان سئس(Swiss) سپاهي آهن. ٺيڪ آهي سندس قلعي جون ڀتيون نو فوٽ ويڪريون آهن. هن وٽ گولا ۽ بارود به آهن پر هن وٽ کاڌي پيتي جو سامان فقط هڪ ڏينهن جو آهي. ۽ ٻاهر سمورو شهر هٿيار بند لڳو بيٺو آهي. ڊي لاني، فائر جو حڪم ڏئي ٿو. قلعي جي ڀت جي چوڌاري کاهي تي رکيل پل (Draw Bridge) مٿي ڇڪرائي ٿو. ٿوري ٺڪا ٺوڪي ٿئي ٿي. انهي وڏي ڦڙڦوٽ مچائي ڇڏي آهي. انهي سان سرڪشي ۽ بغاوت شروع ٿي وڃي ٿي. شروع ۾ هلڪي ٺڪاٺوڪي ٿيڻ سان ڪجھ ماڻهو مري ويا. ماڻهن پنهنجو رت وهندي ڏٺي ته بغاوت شروع ٿي وئي. پوءِ ته بندوقن جا ٺڪاءَ شروع ٿي ويا. هر طرف پريشاني ۽ واويلا شروع ٿي وئي. وري قلعي جي مٿان هڪ توپ مان انگوري ڇرا وسڻ شروع ٿي ويا. باسٽل جو گهيرو ٿي ويو هو.

”باهه وڌندي پئي وئي. هر شي کي ساڙيندي پئي وئي. گارڊن جا ڪمرا سڙندا پئي ويا. رت وهي رهي هئي. نئين چريائپ کي کاڌ خوراڪ ملي رهي هئي. زخمين کي Rue Celisaie جي گهرن ڏانهن نيو ٿي ويو. مرندڙ پنهنجي آخري وصيت ڇڏيندا ٿي ويا ته ڦٽڪاريل ٺڪاڻي جي سقوط تائين هٿيار ڦٽا نه ڪجو. پر انهي جو سقوط ٿيندو ڪيئن؟ انهي جون ڀتيون ته ڏاڍيون ٿلهيون آهن.

باسٽل جو وڏو گهڙيال Innercourt ۾ ڪيئن پيوٿوٽڪ ٽِڪ ڪري. ڪيتري نه سولائي سان ڪلاڪ ڪلاڪ تي ڌڪ ٿو هڻي. ڄڻ ته هن لاءِ دنيا لاءِ ڪا خاص ڳالهه ٿي ئي نه پئي. جڏهن فائرنگ شروع ٿي هئي ته انهي هڪ وڄايو هو. ۽ هاڻي انهي جي سئي پنجن ڏانهن اشارو پئي ڪري ۽ اڃا به فائرنگ جو زور نه گهٽيو آهي. پري تهه خانن ۾ ست قيدي فائرنگ جو گُهٽيل آواز ٻڌي رهيا آهن. انهن کي ائين ٿو لڳي ڄڻ ته اهو زمين ڌڏڻ جو آواز آهي... گذريل چئن ڪلاڪن کان عالمي پاڳل خانو گجگوڙ ڪري رهيو آهي. ويچارا ڪمزور سپاهي مورچن ۾ لڪي پيا آهن يا ڪڏهن ڪنڌ کڻڻ ٿا ته به بندوقون ابتيون ٿا جهلي بيهن. انهن رومالن مان سفيد جهنڊو ٺاهيو آهي... کاهي تي رکيل پل هيٺ ڪري ٿي. اها هيٺ ٿيڻ سان اُشرميلرڊ انهي کي بُلٽ هڻي ٿو. ماڻهن جي ٻوڏ اندر ڪاهي پوي ٿي. باسٽل جو سقوط ٿي چڪو آهي. انهي رات دير سان ڊيوڪ ڊي لين ڪورٽ ورسائي جي شاهي ڪمرن تائين پهچي وڃي ٿو ۽ پيرس ۾ سموري ڏينهن ۾ جيڪو ڪجھ ٿي گذريو آهي اهو بادشاهه کي ٻڌائي ٿو. ”اها ته بغاوت آهي“. ويچارو لوئي سورهون چوي ٿو. ”سائين! لين ڪورٽ جواب ڏئي ٿو“ هيءَ بغاوت نه آهي. اهو انقلاب آهي“.

تاريخي واقعن جي وڏي چٽائي سان نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ جي لحاظ کان ڪارلائل جو اهو بيان به پيش ڪري سگهجي ٿو جنهن ۾ هن شاهي ڪٽنب جي پيرس مان ڀاڄ جو احوال ڏنو آهي. انهن جو اهو قدم غلط صلاحن تي ٻڌل هو ۽ انهي مان ڪا چڱائي به نه ٿي. شاهي خاندان انهي ڪري نڪتو هو جو هو اتر الهندي سرحد تي بولي جي ماتحتي ۾ شاهي فوجين سان وڃي گڏبو. اهي هڪ چئن ڦيئن واري ڍڪيل نئين گاڏي ۾ نڪرن ٿا. اها آهستي آهستي گهلبي هلي ٿي.... اها ڪٿي بيهي ٿي ته ڪٿي خراب ٿي پوي ٿي.... انهي گاڏي ۾ يارهن گهوڙا جوٽيل هئا ۽ شاهي خاندان زندگي بچائڻ لاءِ ڀڄندي ٻاويهن ڪلاڪن ۾ اڻهتر ميل سفر ڪيو. شاهي خاندان ته ڏاڍو آهستي پيو وڃي. پر پوءِ به انهن ڪلاڪن جو هڪ هڪ منٽ قيمتي آهي. هاڻي ته هڪ منٽ ۾ به شاهي خاندان جي قسمت جو فيصلو ٿي سگهي ٿو.

شام ٿي وڃي ٿي ۽ سينٽ ميني هولڊ جي ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ ”ٿڪل ٽٽل ماڻهو زمينن ۾ ڪم کان پوءِ گهلجندا گهرن ڏانهن موٽي رهيا آهن ڳوٺ جو دستڪار پنهنجو سبزين وارو کاڌو شوق سان کائي رهيو آهي يا هوا خوري ۽ خبرون چارون وٺڻ لاءِ ڳوٺ جي گهٽين ۾ گهمي رهيو آهي. ڳوٺ جي آخري دروازي وٽ هڪ ماڻهو ڍلو رات جو گائون پهريو بيٺو آهي. هو ڪجھ ڪاوڙ باز، چيڙاڪ يا کڻي چئجي ته ڪجھ خطرناڪ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو اڃا ڦوهه جواني ۾ آهي. اهو هتي ماسٽر آف دي پوسٽ آهي. سندس نالو جين بيپٽسٽ ڊرائوٽ آهي. گاڏي ڳوٺ ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ پوسٽ ماسٽر ڊرائوٽ ڪجھ اڳتي وڌي ٿو جئين آيلن کي صحيح نموني ڏسي سگهي. گاڏي ۾ هڪ عورت کي جپسين واري هڪ پاسي ڍُرڪيل ٽوپي آهي. مرد کي گول ٽوپي ۽ وگ آهي. اهو بار بار پنهنجو منهن دري مان ٻاهر ٿو ڪڍي. اهي ڪجھ مانوس ۽ ڏٺل وائٺل ٿا لڳن؟ هو تڪڙ ۾ هڪ نئون ڪرنسي نوٽ ڪڍي ٿو ۽ انهي تي ڇاپيل بادشاهه جي تصوير کي گاڏي ۾ ويٺل ماڻهو سان ڀيٽي ڏسي ٿو. ”چئي سگهجي ٿو ته انهن مان هڪ ٻئي جي ڪوشش سان ٺاهيل نقش ٿيل تصوير هئي!“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org