سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:25 

نواب جي زال ڪنهن آجياڻي ۾ ويندي اهو ظاهر ٿي ڪري ته چارلس سوان جو انهن کي ٻڌائي رهيو هو ته سندس ماءُ کي ڪينسر آهي ۽ هو مرڻ تي آهي اها ڳالهه کيس سمجهه ۾ نه ٿي اچي: هو نه ٿي چاهي ته هو آجياڻي ۾ دير سان پهچي. هن دنيا ۾ اهم شيون ماڻهن سان ملڻ جلڻ ۽ پنهنجي نمائش ڪرڻ جي معمولي خوشين آڏو ثانوي حيثيت اختيار ڪري وڃن ٿيون. هن دنيا جا رهواسي فرانس جي تاريخ جا عڪس پسائيندڙ پنهنجن شاندار نالن سان اندروني طور اهڙيون ڪٺ پتليون آهن جيڪي ڏيک ويک جي چٽا ڀيٽي ۾ رُڌل آهن. انهن مان هر ڪنهن جي دل ۾ ڪو ديوان خانو هوندو آهي. هو چاهيندا آهن ته کين انهي ۾ ڪنهن گهري دوست وانگر اچڻ ڏنو وڃي، هو چاهيندا آهن ته هو پاڻ وڏا ليکيا وڃن تنهن ڪري ڪي اڳوڻا ويجھا دوست، ڪي ڳوٺاڻا سوٽ ماسات، ڊاهي وجھجن ته مڙئي خير آهي.

پرائوسٽ جي انهي تخليق کي سمجهڻ جي ڪنجي هيءَ آهي ته سندس دنيا فڪر ۽ فهم نه پر يادگيري مان جُڙيل آهي. شروع ۾ بيان ڪندڙ کي جيڪو پيرس جو هڪ نوجوان ڇوڪرو آهي. چانهه جو ڪوپ ڏنو وڃي ٿو. هو انهي ۾ فرانس جي هڪ خاص قسم جي بن (Bun) ميڊيلين ٻوڙي کائي ٿو. هو ٻه يا ٽي چڪ هڻڻ کان پوءِ محسوس ڪري ٿو ته هُن جي اندر ۾ ڪجھ ٿي رهيو آهي.

”منهنجن حواسن تي هڪ عجيب سرور طاري ٿي ويو پر اهو ڏاڍو منفرد قسم جو ۽ يگانو هو انهي جي اصل بابت ڪا به خبر نه ٿي پوي ۽ فوراً دنيا جا ڏک ڏولاوا منهنجي لاءِ بي معنيٰ ٿي ويا انهي جو تڪليفون بي ضرور محسوس ٿيڻ لڳيون ۽ انهي جي غربت تصوراتي محسوس ٿيڻ لڳي. انهيءَ نئين احساس مون تي اهڙو اثر وڌو جهڙو محبت جو هوندو آهي. انهي مون کي هڪ قيمتي جوهر سان ڀري ڇڏيو. ائين چئجي ته اهو جوهر مون ۾ اڳ ۾ موجود نه هو. اهو آءٌ پاڻ هوس. مون پاڻ کي عام رواجي، فاني يا ڪا اتفاقي حادثاتي شي سمجهڻ ڇڏي ڏنو هو. اها ايتري سگهاري خوشي مون ۾ ڪٿان اچي وئي هئي؟

هن کي ننڍي لا ڪومبري جي ڳوٺاڻي علائقي ۾ رهندي جيڪا ميڊيلين ڏني ويندي هئي اها هاڻي چانهه ۾ ٻوڙڻ سان هن جي يادگيري کي تحرڪ ملي ويو ۽ انهي سان هن کي اهي سڀ ڳالهيون ياد اچي ويون جن جي باري ۾ هو اڪثر سوچيندو رهندو هو. پر بن چانهه ۾ ٻوڙڻ جي تحرڪ سان نه فقط ننڍپڻ پر ٻيو به گهڻو ڪجھ وڏي تازگي ۽ قوت سان واپس اچي ويو. انهي جو روح موٽي آيو. ميڊيلين يا اهڙن ٻين تجربن جي ذريعي سجاڳ ٿيل يادگيريون ڪنهن ليکڪ جي نوٽ بڪ مان ورتل يادگيرين کان مختلف هونديون آهن. (پرائوسٽ به نوٽ بڪ جو استعمال تمام گهڻو ڪندو هو) اهي هڪ اهڙي تخليقي يادگيري جو ثمر آهن جنهن جو بنياد احساس تي آهي. اها ائين ماضي ياد ڏياري ٿي جيئن اهو هو. اسين ماضي کي اهڙي طرح موت کان نجات ڏياري سگهون ٿا جو اهو پنهنجي اڳوڻي سموري تازگي، تنوع ۽ بي ربطيءَ سان واپس اچي وڃي ٿو ۽ اهي ئي زندگي جون خصوصيتون آهن.

رميمبرنس آف ٿنگس پاسٽ، جئائس جي يوليسس وانگر ڏکيو ڪتاب نه آهي جيڪو ادب ۾ خاص صلاحيت رکندڙ کي ئي پاڻ ڏانهن ڇڪي سگهي ٿو. ممڪن آهي ته پرائوسٽ سڀني ذهين پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن ته ڇڪي پر هو سادي ذهن واري يا هوشيار؛ گهڻو پڙهيل يا ٿورو پڙهيل سڀ ڪنهن کي جڪڙي سگهي ٿو. اها صلاحيت ٻئي ڪنهن ليکڪ ۾ نه آهي. رميمبرنس آف ٿنگس پاسٽ پڙهندي ڪنهن جو به ذهن انهي ۾ ڊگهي وقت لاءِ جذب ٿي سگهي ٿو. انهي جو سبب اهو آهي ته اهو اڃا به دنيا جي عظيم ترين ناولن مان تمام اصلي ناول آهي ۽ انهي جي اصليت انهي ۾ آهي جو انهي زندگي جي هڪ ٽڪري (Segment of life) کي پنهنجي گرفت ۾ آندو آهي. ڪير به ماڻهو اهو ناول پڙهندي انهي جي ڪردارن يا پلاٽ ذريعي اڀاريل سوچن يا جذبن ۾ ڀرجي نه ٿو وڃي. پرائوسٽ جا ڪردار جيتوڻيڪ فڪشن جي ٻين عظيم ڪتابن جي ڪردارن کان وڌيڪ اڻ چٽا ۽ مبهم هوندا آهن ته به اهي اسانجن ذهنن ۾ زنده رهندا آهن ۽ واڌ ويجھ وٺندا رهندا آهن. اسين جڏهن انهن بابت سوچيندا آهيون ته اهي سوال اٿاريندا ۽ همدردي، پڇتاءُ، بيزاري، نااميدي ۽ ڪاوڙ جا جذبا پيدا ڪندا رهندا آهن. اهي ڪڏهن نيچ ته ڪڏهن نسبتاً شانائتا ٿيندا آهن ۽ پاڻ سان به ڪڏهن سچا ته ڪڏهن ڪوڙا ٿيندا آهن. اسان کي ڪڏهن به اها پڪ نه ٿيندي آهي ته اسين انهن کي سمجهي ويا آهيون.

سمنڊ جي ڪناري تي بال بيڪ نالي هڪ هنڌ جتي بيان ڪندڙ نوجوان ڇوڪرين جي هڪ ٽولي سان ملي ٿو اتي هن جو تعارف بيرن ڊي ڪالرس (Baron de Chalrus)  سان ڪرايو وڃي ٿو. اهو سندس تهذيب ۽ اڻ گهڙي گرمجوشي مان متاثر ٿئي ٿو. انهي ڳالهه تي بيان ڪندڙ جي دل ۾ واکاڻ جا جذبا پر ڪنهن حد تائين خوف به پيدا ٿئي ٿو. پرنس آف گرمانٽين ۽ ڊيوڪ آف گرمانٽين جو ڀاءُ بيرن ڊي ڪالرس حقيقت ۾ اعليٰ طبقي جي انهن ماڻهن کان وڌيڪ اصلي ۽ سگهارو ڪردار آهي جن کي هو اڪثر تمام واهيات نموني ۾ گاريون ڏئي ٿو پر اهي ماڻهو سندس خاندان جي ڪري هن جو لحاظ ڪن ٿا ۽ سندس ذهانت سبب هن کان ڪؤ کائن ٿا.

بيان ڪندڙ بيرن کي هر رخ کان ڏسي ٿو؛ هو سندس ذهن جي پختگي کي پسند ڪري ٿو، سندس ڪاوڙ تي حيران ٿئي ٿو ۽ پڻ سندس غير معمولي هلت جي هيٺان تمام وڏي شفقت ۽ رحمدلي نظر اچي ٿي. هن کي ڪالرس بابت هڪ تمام اهم ڳالهه جو پتو تڏهن پوي ٿو جڏهن هو اتفاقي طور بيرن ۽ هڪ پوڙهي واسڪوٽيون ٺاهيندڙ هم جنس پرست جوپين (Jupien) جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهيون ٻڌي وٺي ٿو. بيان ڪندڙ کي بيرن جي هڪ اهڙي رخ کان آگاهي حاصل ٿئي ٿي جنهن کي اڳتي هلي نظر انداز ڪرڻ ڏکيو ٿيندو ڇاڪاڻ ته وقت گذرڻ سان بيرن مردن بابت جيئن شوق سان سوچڻ شروع ڪري ٿو تيئن هو عورتن جهڙو نظر ايندو وڃي ٿو. هو ٿلهو ٿيندو وڃي ٿو ۽ سندس پٺيون حصو تمام گهڻو ٻاهر نڪرندو وڃي ٿو. هو پنهنجي نڪ تي پائوڊر هڻي ٿو ۽ چپ ڳاڙها ڪري ٿو. هو ڊرائنگ روم ۾ داخل ٿيڻ وقت لمڪو ڏئي ٿو ۽ ائين ٿو لڳي ڄڻ ته ڪا نظر نه ايندڙ اسڪرٽ پهريل اٿس.

بيان ڪندڙ بيرن ڊي ڪالرس کي سمجهڻ جي نتيجي ۾ اوچتو هن دنيا ۾ وسندڙ هم جنسن جي هڪ وڏي آبادي کان واقف ٿئي ٿو. شايد پرائوسٽ پاڻ هم جنس هو تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته هن سندس دور جي سماج ۾ موجود مردن يا عورتن ۾ هم جنسي جي مقدار کي وڌائي بيان ڪيو هجي. جيئن پرائوسٽ پاڻ لکي ٿو: ”هم جنس شروع ۾ ائين سمجهندو آهي ته هو اهڙي قسم جو دنيا ۾ اڪيلو ماڻهو آهي پر اڳتي هلي هو سمجهڻ لڳندو آهي ته (وري مبالغو) نارمل ماڻهو ئي انهي قاعدي کان ٻاهر آهي.“

پرائوسٽ پهريون وڏو ناول نگار هو جنهن هم جنسي کي اها جاءِ ڏني جيڪا انهي کي جديد سماج ۾ حاصل آهي. پر پرائوسٽ جي فن ۾ معذرت خواهي يا وضاحت پيش ڪرڻ واري اها خواهش نه آهي جيڪا ڪڏهن ڪڏهن هن موضوع تي لکندڙ ليکڪن جي تحريرن ۾ نظر اچي ٿي. بيرن جو دربانن، نوجوان سپاهين، ۽ ٽرام ڪنڊيڪٽرن کي پسند ڪرڻ جو ذوق سندس زندگي ۾ تمام اهميت رکي ٿو. اهو ذوق کيس هڪ نوجوان وائلن وڄائيندڙ سان دکدائڪ معاشقي تي پهچائي ٿو. اهو معاشقو آخرڪار ٽٽي وڃي ٿو ۽ تمام غير معمولي زوال تي پهچائي ٿو ڇڏي. سوان عورتن ڏانهن پنهنجي تمام آزاد لاڙي سبب پنهنجي پختي عمر وارا بهترين ورهيه هڪ بلڪل بيڪار عورت جي محبت ۾ وڃائي ڇڏيا. هن انهي سان شادي ڪئي ۽ هن سان وفادار رهيو پر هُن هِن سان دوکو ڪيو. پر محبت انهن ٻنهي مردن ڪالرس ۽ سوان جي ڪردارن جي سمجهاڻي نه ٿي ڏئي. ٻئي غير معمولي صلاحيتن ۽ جذباتي گرم جوشي جا مالڪ آهن. ڪالرس جيڪڏهن فابورگ سينٽ جرمين ۾ پيدا نه ٿيو هجي ها ته هو تمام وڏو موسيقار يا سياستدان هجي ها. پر ڪالرس ۾ اها حياتي واري قوت (Life- Force) پاڻ کي فقط هڪ قسم جي ذهني فتور ۾ ئي ظاهر ڪري سگهي پئي.

پرائوسٽ جي ذهني صلاحيت فيصلن ۽ قدرن جي اجازت نه ٿي ڏئي. جيئن هڪ فرانسي نقاد ايم. ريويل نشاندهي ڪئي آهي. پرائوسٽ انهن تمام ٿورڙن عظيم ليکڪن مان هڪ آهي جن جي دلچسپي انهي ۾ هوندي آهي ته هو انساني فطرت کي ائين ڏسن جيئن اها آهي بجاء انهي جي جو انهي بابت ڪي سمجهاڻيون ڏين. هن وٽ ماڻهن يا واقعن بابت ڪي اڳ ۾ ٺهيل نظريا نه آهن. پرائوسٽ هڪ تمام وڏي پيانو وڄائيندڙ جي هڪ تمام سٺي پيانو وڄائيندڙ تي فوقيت ۽ برتري سمجهائي ٿو. ماڻهو سمجهندا آهن ته پهرئين (يعني تمام وڏي پيانو وڄائيندڙ) کي ڪنهن سوناٽا (Sonata) جي سمجهاڻي ٻئين (تمام سٺي پيانو وڄائيندڙ) کان سٺي نموني ڏيڻ ايندي آهي. جڏهن ته انهي جي برخلاف حقيقت اها آهي ته تمام وڏو پيانو وڄائيندڙ ته سوناٽا جي سمجهاڻي ڏيندو ئي نه آهي، ڏات سان به نه؛ هو ته فقط ايترو ڄاڻندو آهي ته هو ڪيئن پاڻ کي فنا ڪري ڇڏي ۽ پنهنجين آڱرين ذريعي موسيقي کي پنهنجو پيغام پهچائڻ ڏئي.

پرائوسٽ ڪي فيصلا نه ٿو ڏئي پر هن جيڪو ڪجھ ڏٺو آهي انهي جي سامهون ڪنڌ جهڪائي ٿو ڇڏي. انهي جي باوجود به اڪثر پڙهندڙ ماضي جي ڳولها بابت اهو تمام وڏو ڪتاب- جنهن ۾ انساني فطرت ائين ئي ڏيکاريل آهي جيئن اها آهي- پڙهڻ کان پوءِ فرحت ۽ ترنگ جي احساس سان ڀرجي وڃن ٿا ۽ اهي سمجهن ٿا ته زندگي ۾ کوٽ ٿيڻ بجاء انهي ۾ واڌارو آيو آهي. انسان هڪ مزاحيه ڪردار آهي ۽ (شيڪسپيئر جي) پراسپيرو بجاء ڪيليبان جهڙو آهي. محبت اها نه آهي جيئن اها نظر اچي ٿي يا جهڙي بڻائي پيش ڪئي وڃي ٿي. شايد فقط ڏاڏيون نانيون يا مائرون محبت کي سمجهن ٿيون جنهن ۾ هٺ وڏائي يا شهوت شامل نه هوندي آهي. پر انسان جي زندگي ڪهڙي نه جادوئي منظر ۾ بسر ٿئي ٿي. فطرت جي دنيا ۾ ڪيتري نه رنگا رنگي، حسن ۽ انوکائپ آهي. پرائوسٽ، ميٿيو آرنلڊ ۽ گوئٽي وانگر هڪ اهڙو سچ ڏٺو جيڪو فيشن ۾ اچي ويو تنهن ڪري انهي اهڙي انداز ۾ نقل ٺاهيو ويو جنهن کي ڪنهن دور ۾ ادب براء ادب جو نظريو ڪوٺيو ويو. انهي مطابق جمالياتي قدرن کي اخلاقي قدرن کان برتر ليکيو وڃي ٿو ۽ انهي جي مدد سان ”پڪا ڊلي ۾ گلاب جو گل يا ڪو ڪنول کڻي گهمندڙ“ جمالياتي قدرن ۾ يقين رکندڙ انهي روزاني انساني زندگي کي ڪنهن خاطر ۾ نه ٿو آڻي جنهن ۾ هو رهڻ کان ڊڄي ٿو.

پرائوسٽ جو ڪم جنهن سچ جو اعلان ڪري ٿو اهو هي آهي ته آرٽ به انهن طريقن مان هڪ آهي جنهن ۾ انسان پاڻ کي بچائي ٿو. ڪو هڪ مطلق قدر ڪيترن ئي اضافي قدرن مان جنم وٺي ٿو. آندري ماروئي پنهنجي ڪتاب The Quest for Proust ۾ لکيو آهي. سندس ناول جو بنيادي موضوع اوڻيهين صدي جي آخر ۾ فرانس ۾ ملندڙ ڪنهن خاص سماج جي تصوير نه آهي نه ئي محبت جو ڪو نئون تجزيو ۽ تحليل آهي. اصل ۾ اهو انسان جي روح پاران وقت سان جوٽيل جنگ، حقيقي زندگي ۾ ڪو اهڙو مقرر نقطو (Fixed Point) نه ڳولهي سگهڻ جنهن کي ذات قابو جهلي سگهي، اهو نقطو پنهنجو پاڻ ۾ ئي ڳولهڻ جو فرض ۽ اهو آرٽ جي ڪنهن فن پاري ۾ ڳولهي سگهڻ جو امڪان آهي. رميمبرنس آف ٿنگس پاسٽ جو اصلي، گهرو ۽ انوکو موضوع اهو ئي آهي.

76. دي ريولٽ آف دي اينجلز

-- انا طول فرانس (1924ع- 1844ع) --

 

انا طول فرانس، جيڪس انا طول ٿيبالٽ جو قلمي نالو هو. هو هڪ ڪتب فروش جو پٽ هو جنهن جي دڪان تي ادبي ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ هوندي هئي. هو 16- اپريل 1844ع تي پيرس ۾ ڄائو. هن پيرس جي ڪاليج اسٽينسلاس مان تعليم حاصل ڪئي ۽ شروعاتي عمر ۾ ئي ليکڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪيائين. پوءِ هو ادبي حلقن ۾ وڃڻ ۽ قديم مخطوطا پڙهڻ سان گڏوگڏ ڪتابياتي مسئلن تي لکڻ ۽ فرانسي ڪلاسيڪي ڪتابن جا مقدما لکڻ لڳو. هن الفريڊ ڊي وائني (Vigny)تي مونوگراف پڻ لکيو. هو سينيٽ لائبريري ۽ پوءِ مشهور لاروس ڊڪشنري جو اسٽاف جو ميمبر ٿيو. هن جو پهريون ڪتاب ايڪويهن ورهين جي ڄمار ۾ ڇپيو. اهو Poemes dores نالي هڪ نظمن جو مجموعو هو.

تڌهن به ائين لڳندو هو ته کيس پاڻ کي لکڻ جي سفر تي باضابطا طور هلائڻ جي ڪا به تڪڙ هئي ڇاڪاڻ ته انهن نظمن جي مجموعي ۽ نثر ۾ سندس پهرئين ڪتاب جي ڇپائي ۾ ڇهه ورهيه لڳي ويا. اهو Jocaste et la chat maigre هڪ ڪهاڻين جو مجموعو هو. انهي سان لڳي ٿو ته مٿس اتساهه جا بند ڀڄي پيا ۽ هڪ ٻئي پٺيان ناول، هجو ۽ تنقيد تي ڪيترائي ڪتاب اچي ويا.

سن 1893ع ۾ La Rotisserie de la reine pedanque ڇپجڻ سان سندس شهرت جو ڌاڪو ويهي ويو. تڏهن کان سن 1914ع تائين هر سال گهٽ ۾ گهٽ هڪ ۽ ڪڏهن ته ٻه ٻه ڪتاب به ايندا رهيا. انهن سڀني فرانس جي ادبي قدر و قيمت جون پاڙون وڌيڪ پختيون ڪيون ۽ ساڳئي وقت کيس فرانسي ادب ۾ پنهنجي نسل جي هڪ سرڪردي شخصيت بڻائي ڇڏيو.

انا طول فرانس جي حسب نسب مان سندس سيرت ۽ ڪردار ۽ سندس لکڻين بابت اشارا ملي سگهن ٿا. سندس پيءُ ٻني ٻارو ڪندڙ خاندان مان هو. جيڪو فوج ۾ وڃڻ کان پوءِ پاڻ لکڻ پڙهڻ سکيو. هو ڪتابن جو شوقين ۽ ڪلاسيڪي ڪتابن جو ڄاڻو هئڻ سان گڏوگڏ هڪ عام رواجي انسان پڻ آهي. سندس ڪتابن ۾ موجود مزاح، شهوت ۽ روايتن کان بيزاري وري هن پاران روايتي شين سان محبت سان ٺهڪي نه ٿي اچي. ٻئي طرف وري سندس عظمت جو بنياد انهي تي آهي جو هن جي ڪم ۾ علم ۽ شهوت پرستي؛ عقل ۽ رومانويت، ۽ دنياوي ۽ خدائي ڳالهين ۾ واري ڦيري سان ٿيندڙ ٽڪراءُ ۽ ميلاپ آهي.

هو متشڪڪ به آهي، وڏو عالم به آهي ته کيس حقيقي ڳالهين ۾ وڏي دلچسپي پڻ آهي تنهن ڪري کيس ڪو ناول نگار چوڻ بنهه مناسب نه ٿيندو. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هو هڪ مهربان هجونگار آهي جيڪو تحقيق ۽ تجزيي لاءِ پنهنجي ميڊيم طور ناول کي ڪتب آڻي ٿو. هن جديد ۽ قديم تاريخ کي پنهنجي موضوع طور کنيو پر هن جنهن ڳالهه کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏني ٿي اها هيءَ هئي ته هو قديم ۽ روايتي ڪهاڻيون کڻي انهن کي ابتو سبتو ڪري ڏيکاري ته هر دور جي انسانن ۾ ڪي ڳالهيون مشترڪ رهيون آهن. هو هڪ لحاظ کان شا(Shaw) ۽ ويندي ويلز جي مشابه هو پر هو انهن کان گهٽ بي رحم ۽ گهٽ بي چين هو.

فرانس جي ادبي خصوصيتن جو اظهار The Revolt of the Angels ۾ سڀ کان بهترين نموني ٿئي ٿو. هو انهي کي پنهنجو بهترين ڪتاب سمجهندو هو ۽ عام طور نقادن جي به اها ئي راءِ آهي. اهو ڪتاب 1914ع ۾ پهرئين جنگ عظيم شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ لکيو ويو هو. اهو انهي وقت جي دنيا ۽ اڄوڪي دنيا تي هڪ پيغمبراڻي طنز آهي. انهي فرانس جي انهي سوچ کي صحيح ثابت ڪري ڏيکاريو ته وقت گذرڻ سان انسان ذات ۾ جيڪڏهن تبديلي اچي به ٿي ته اها تمام ننڍي پيماني تي اچي ٿي.

”سينٽ سلپائين جي پاڇي هيٺان، ڊي ايسپارويو جي ڪٽنب جي قديم حويلي سنواريل صحن ۽ بند باغيچي جي وچ ۾ پنهنجيون ساديون ٽي ماڙيون کنيو بيٺي آهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اڃان وڌيڪ اوچيون ۽ اڻ وڻندڙ عمارتون ٺهي ويون آهن جن باغ کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. پر اتي ٻه ڊگها شاهه بلوط جا وڻ اڃان پنهنجون چوٽيون کنيو بيٺا آهن“.

اتي 1825ع کان 1857ع تائين ڪٽنب جو وڏو ماڻهو اليگزينڊر بوسارٽ ڊي ايسپارويو، گورنمينٽ آف جولاءِ ۾ ڪائونسل آف اسٽيٽ جو وائس پريزيڊنٽ رهيو هو. اليگزينڊر پنهنجي شهرت ۽ دولت جي وارث طور فلجين اڊولف پٺيان ڇڏيو. هو سيڪنڊ ايمپائير ۾ سينيٽر هو، ”انهي اها زمين خريد ڪري پنهنجي ميراث ۾ تمام گهڻو واڌارو ڪيو جنهن تان avenue de la Imperatrice گذرڻو هو. هن پوپن (Popes) جي دنياوي اختيارن جي حمايت ۾ پڻ هڪ زوردار تقرير ڪئي هئي“.

فلجين جي ٽيئن پٽ ريني 1888ع ۾ بيرن ڪوپيلي جي ڌيءُ ميري اينٽيونيٽ سان شادي ڪئي. ”انهن بهترين زال مڙسن 1908ع ۾ پنهنجي وڏي ڌيءُ جي شادي ڪرائي هئي. پوءِ به انهن جا ٽي ٻار، هڪ ڌيءُ ۽ ٻه پٽ گهر ۾ هئا“.

سڀ کان ننڍي پٽ ليون- جنهن جي عمر ست ورهيه هئي-جو ڪمرو پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ برٿ جي ڪمري جي ڀرسان هو. سڀ کان وڏو پٽ ماريس باغ جي پرئين پاسي ٻن ڪمرن تي ٺهيل هڪ ننڍي سمر هائوس ۾ رهندو هو. ”اهڙي طرح انهي نوجوان کي اهڙي آزادي ملي وئي“. جو هو ڪٽنبي زندگي جالڻ جي قابل ٿي ويو.

ماريس شڪل شباهت ۾ سهڻو هو، سمارٽ هو ۽ گهڻي ڏيک ويک کان به پري رهندو هو. هن جي شخصيت ۾ هڪ قسم جي ڇڪ هوندي هئي. هن پنجويهن ورهين جي ڄمار ۾ ئي وڏن پادرين جهڙي ڏاهپ حاصل ڪري ورتي هئي. ”هو سوچيندو هو ته ماڻهو هن دنيا ۾ جيڪي ڪوششون ڪري ٿو ڇا انهن جو ڪو فائدو به آهي“. تنهن ڪري هو ڪنهن به ڪم ۾ هٿ نه وجھندو هو. هو اوائل ننڍپڻ کان پوءِ اهڙا طريقا پيو ڳولهي ڪڍندو هو جيئن ڪم کان بچي سگهي. هو ڊاڪٽر آف لا ۽ ڪورٽ آف اپيل جو بئريسٽر ٿيو، ته به هو نه ئي ڪنهن ڪيس ۾ جج جي سامهون پيش ٿيو نه ئي قانوني مشاورت جو ڪم ڪيائين. هن کي نه ئي اڳواٽ ڪا ڄاڻ هئي ۽ نه ئي ڪا ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي خواهش هئس. ائين ڪندي هو بلڪل پنهنجي فطري صلاحيتن مطابق هلي رهيو هو. سندس اندروني ٻوجھي کيس ٻڌائيندي هئي ته گهڻين ڳالهين کي غلط نموني ۾ سمجهڻ کان ٿورين ڳالهين جي صحيح ڄاڻ بهتر آهي“.

انهي ۾ هو پنهنجي پڙ ڏاڏي اليگزينڊر جي ابتڙ هو. ڇاڪاڻ ته ”کيس انساني علم جي سموري دائري کي پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻڻ جي تمنا هوندي هئي ۽ کيس انهي ڳالهه جو به ڏاڍو اونو هوندو هو ته هو پنهنجي انسائيڪلوپيڊيائي ذهانت جو ڪو ٺوس ثبوت دنيا کي ڏئي وڃي“. هن ٽي لک سٺ هزار ڪتابن تي ٻڌل هڪ لائبريري ٺاهي هئي جنهن ۾ ڇپيل توڙي دستخط نسخا شامل هئا. هن پنهنجي وصيت ۾ هڪ خاص شق ذريعي پنهنجن وارثن کي انهي ڳالهه جو پابند ڪيو هو ته هو لائبريري ۾ واڌارو آڻيندا رهن ۽ انهي مقصد لاءِ پنهنجي جائيداد جو هڪ حصو خاص ڪري رکيو هو. هيستائين آيل سندس ٻن جانشينن اهو ڪم ڏاڍي ديانتداري سان ڪيو هو. اهڙي طرح اِسپارويو لائبريري سموري يورپ جي بهترين نجي لائبريرين مان هڪ ٿي پئي هئي.

انهي بهترين ڪتابي مجموعي جي سار سنڀال جو ڪم ڪيترن ورهين کان مونشيئر جوليئن سارئيٽ جي هٿن ۾ هو. هو تاريخي دستاويزن ۽ قديم تحريرن جو ماهر هو. هن کي پنهنجي لائبريري سان ڏاڍو پيار هوندو هو ۽ هو هر روز صبح جو ستين بجي اتي اچي ويهندو هو ۽ ويٺو ڪيٽالاگ ٺاهيندو هو.

ناول جي ڪهاڻي شروع ٿيڻ وقت سارئيٽ ڏاڍو پريشان آهي، جو لائبريري ۾ رات جو ڪي پراسرار قوتون اچن ٿيون ۽ قيمتي ڪتاب ۽ مخطوطا طاقن تان لاهي ٽيبلن تي ٽڙيل پکڙيل ڇڏي وڃن ٿيون.

شروع ۾ هو سمجهي ٿو ته اهو ڪم ڪٽنب جي ڪنهن ماڻهو جو هوندو پر جڏهن سڀ انهي کان انڪار ڪن ٿا ته هن کي ڏاڍو کٽڪو ورائي وڃي ٿو. انهن ڪتابن ۾ هر قسم جي چونڊ شامل هئي ۽ ڪٽنب جي ڪنهن به ماڻهو پاران انهن ۾ ايتري دلچسپي ڏيکارڻ ڏکيو ڪم هو. ڇاڪاڻ ته ”انهن ۾ سندس تمام قيمتي عبراني، فرانسي ۽ لاطيني ٻولي ۾ بائيبل جا نسخا، هڪ تمام منفرد تالمود، رِبين جا ڇپيل ۽ دستخط مقالا، آرامي ٻولي ۾ لکيل متن ۽ يهودين جي عبادت گاهن مان هٿ آيل ويڙهوٽا شامل هئا.

ڪٽنب جا ماڻهو وري پنهنجي سر سمجهندا هئا ته پوڙهو يا ته وهمي ٿي پيو آهي يا پاڻ صبح جو ڪتاب لاهي ڏسي ٿو ۽ پاڻ کان ڳالهه وسري ٿي وڃيس. بهرحال اهي کيس پرڀائڻ لاءِ قلف مٽائن ٿا ۽ چوڪيداري لاءِ جاسوسن جي هڪ خانگي فرم کان ڪم وٺن ٿا. پر ٻنهي قدمن مان ڪو فائدو نه ٿو ٿئي.

مهينا گذري ورهيه ٿيڻ سان ڪٽنب وارن کي اهو يقين ٿيندو وڃي ٿو ته پوڙهي سارئيٽ جو واقعي دماغ خراب ٿي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻي هو اها ڳالهه چوڻ لڳو هو ته ڪتاب پنهنجو پاڻ طاقن تان هيٺ لهن ٿا ۽ هڪ ڪتاب ته هوا ۾ ترندو لائبريري جي دروازي مان نڪري هيٺئين منزل تي گهر مان نڪري باغ ٽپي ماريس جي سمر هائوس ڏانهن ويو هليو هو.

پوءِ هڪ ڏينهن بلڪل اوچتو انهيء اسرار تان پردو کڄي وڃي ٿو. ماريس 126 روڊي روم تي هڪ ننڍڙو فليٽ مسواڙ تي وٺي ٿو. هو اتي پنهنجي مستقل تبديل ٿيندڙ محبوبائن جي خاطر تواضع ڪري ٿو. هو 30 جنوري تي ڇنڇر جي ڏينهن پنهنجي هڪ تازي حاصلات مادام ڊيس آبلز جي انتظار ۾ هو. هو دير سان پهتي هئي ۽ بهانن جو ڍير کڻي آئي هئي جيڪي هن رد ڪري ڇڏيا. پر ”هن کي ته ڄمڻ سان ئي موهڻ ۽ خوش ڪرڻ جون صلاحيتون مليل هيون تنهن ڪري هوءَ ڏاڍي آرام سان بي لباس ٿي وئي. انهي تي ماريس جي سموري اڻ وڻت ختم ٿي وئي.

هڪ يا ٻه دفعا ملڻ کان پوءِ هن ساڍي ڇهين بجي چيو ”اسان کي هلڻ گهرجي“.

ماريس وقت گذرڻ جي اوچتي احساس تي ڇرڪ ڀريو. هن جي توانائي وري بحال ٿي وئي ۽ خواهش وري سجاڳ ٿي ويس. سفيد ۽ چمڪندڙ منهن واري گلبرٽ، سندس مٿو پٺتي ڍُرڪيل هو، اکيون اڌ کليل، چپ هڪ ٻئي کان جدا ننڊاکڙي حالت ۾ آهستي آهستي ساهه کڻي رهي هئي جو اوچتو ڇرڪ ڀري هڪ رڙ ڪيائين. 

”اهو ڇا آهي؟“

”ماٺ ڪري بيهه“ ماريس کيس پنهنجين ٻانهن ۾ جهليندي چيو. هو انهي وقت جنهن موڊ ۾ هو تڏهن جيڪڏهن آسمان به هيٺ ڪري پوي ها تڏهن به کيس ڪا ڳڻتي نه ٿئي ها. پر هوءَ هڪ جهڙپ ۾ هن کان ڀڄي وئي. هوءَ ڪرونڊڙي ٿي پنهنجي آڱر سان هڪ جسم ڏانهن اشارو ڪري رهي هئي...

”ماريس آخرڪار پنهنجو ڪنڌ ورائي انهيءَ جسم کي ڏٺو ۽ انهي کي چرپر ڪندي ڏسي کيس به خوف وٺي ويو“.

انهي دوران گلبرٽ ڪجھ سامت ۾ اچڻ لڳي ۽ اهو سمجهندي ته اها به ماريس جي ڪا محبوبا هوندي جيڪا انهي کان اڳ ۾ هن سان گڏ هوندي ۽ خود هن جي اچڻ وقت اتان کسڪي نه سگهي هئي، هن کي دڙڪا ڏيڻ لڳي.

اها ڳالهه صحيح نه هئي ۽ هن چيو ته هن کي جيتوڻيڪ اهو جسم صحيح نموني ۾ ڏسڻ ۾ نه پئي آيو پر هو ايترو ڏسي سگهيو ٿي ته اهو ڪو مرد هو. انهي تي گلبرٽ وري پريشان ٿي وئي.

انهي تي هن جسم ڏاڍي مِٺي آواز ۾ چيو، ”مادام ڊڄ نه“ انهي تي هن کي ڪجھ دلجاءِ ٿي ۽ هن کان پڇيائين ته هو ڪير هو. ”آءٌ ماريس جو نگهبان ملائڪ آهيان“.

ماريس ۽ گلبرٽ کي انهي ڳالهه تي يقين ڪرڻ ۾ ڪجھ منٽ لڳا پر آخرڪار انهن يقين ته ڪري ورتو پر پوءِ به کين سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته ڇا ٿي رهيو هو.

ملائڪ چيو: ”آءٌ توهان لاءِ هڪ اهڙي راز تان پردو کڻي رهيو آهيان جنهن تي ڪائنات جي تقدير جو دارومدار آهي. توهان جنهن کي سڀني جو خالق سمجهو ٿا آءٌ انهي کان باغي ٿي ويو آهيان ۽ انهي خلاف ملائڪن کي ڀڙڪائي رهيو آهيان“.

انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ اڃا وڌيڪ ڏکيو هو پر ملائڪ انهن کي وري يقين ڏياري ٿو. انهي کين ٻڌايو ته سندس آسماني نالو ابديل آهي پر هو پاڻ کي آرڪيڊ سڏرائڻ پسند ڪري ٿو ۽ سندس دليلن مان اوچتو ماريس کي خبر پوي ٿي لائبريرين کي ٻن ورهين کان تنگ ڪندڙ به آرڪيڊ ئي آهي. ملائڪ اهو الزام باسي ٿو.

هو هنن کان پڇن ٿا ته هو ڇو بغاوت جي سازش ڪري رهيو آهي. انهي تي آرڪيڊ ٻڌائي ٿو ته هن کان ايمان ويو هليو آهي. ”مون کي يهودين ۽ عيسائين جي خدا ۾ ايمان آهي“. هو وضاحت ڪري ٿو، ”پر آءٌ انهي ڳالهه کان انڪار ڪريان ٿو ته هن دنيا تخليق ڪئي آهي. هن وڌ ۾ وڌ شين کي ترتيب ڏنو آهي.... آءٌ نه ٿو سمجهان ته هو ابدي ۽ لامحدود آهي.... آءٌ کيس محدود، تمام محدود سمجهان ٿو. آءٌ کيس واحد خدا به نه ٿو مڃان. گهڻي وقت تائين خود سندس پنهنجو به اهو خيال نه هو. شروع ۾ هو هڪ کان وڌيڪ خدائن کي مڃيندو هو پوءِ سندس پنهنجي فخر ۽ سندس پوڄارين جي خوشامد کيس هڪ خدا ۾ يقين رکندڙ بڻائي ڇڏيو. سندس نظرين ۾ ڪو ربط ئي ڪونهي. هو انهي کان گهٽ طاقتور آهي جيترو کيس سمجهيو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪنهن رک رکاءُ کان سواءِ ڳالهائجي ته هو ڪو خدا نه پر هڪ متڪبر ۽ بي خبر آسماني وجود آهي. مون جهڙا ٻيا ماڻهو جيڪي سندس صحيح ماهيت کان واقف آهن اهي کيس ايلڊابوث سڏيندا آهن“.

ماريس ۽ گلبرٽ آرڪيڊ کي ايلاز ڪن ٿا ته هو پنهنجي رٿا کي عمل هيٺ نه آڻي. پر انهي جو ڪو اثر نه ٿو ٿئي ۽ جيئن ته هو پاڻ کي انهن جي سامهون انساني شڪل ۾ ظاهر ڪري چڪو آهي تنهن ڪري هو انهن کي ٻڌائي ٿو ته هو هاڻي ماريس جو نگهبان ملائڪ نه ٿي سگهندو. ماريس ٻاهر وڃي کيس ڪجھ پراڻا ڪپڙا وٺي ڏئي ٿو. ڇاڪاڻ ته هو اگهاڙو آهي ۽ پنهنجي اڳوڻي نگهبان ملائڪ کي خدا حافظ چوي ٿو.

هاڻي خبر پوي ٿي ته فقط آرڪيڊ ئي بغاوت ناهي ڪئي. پيرس ۾ اهڙا ٽي يا چار سو ملائڪ رهن ٿا اهي به ائين ئي ڪم ڪن ٿا جيئن روس جي نهلسٽن (Nihilists) بابت چيو ٿي ويو ته ڪن ٿا. انهن مان هڪ بائوچوٽ (Bouchotte) نالي هڪ ننڍڙي ميوزڪ هال جي فنڪارا سان گڏ رهندو هو. ٻيو پرنس اسٽار (Istar) بم ۽ ٻيا تباهي جا اوزار ٺاهيندو آهي. آرڪيڊ آهستي آهستي اهڙن ڪيترن ئي باغين سان رابطا ڪري ٿو ۽ هڪ قسم جي تنظيم ٺاهي وڃي ٿي.

انهي دوران ماريس پنهنجي نگهبان ملائڪ کان سواءِ پاڻ کي اٻاڻڪو محسوس ڪري ٿو ۽ انهيءَ جي ڳولها شروع ڪري ٿو. هو هڪ ڏينهن اتفاقاً بائوچوٽ سان ملاقات ڪري ٿو ۽ کيس هڪ فلاحي مقصد لاءِ ڪيل ڪنسرٽ ۾ اچڻ جو چوي ٿو ۽ کيس پنهنجي محبوبائن جي ساٿ ۾ شامل ڪري ڇڏي ٿو. هو بائوچوٽ ۽ سندس عاشق نگهبان ملائڪ ذريعي وري آرڪيڊ سان ملي ٿو ۽ کيس ٻڌائي ٿو ته جيئن ته آرڪيڊ سندس نگهبان ملائڪ نه ٿو ٿي سگهي تنهن ڪري هو پاڻ آرڪيڊ جو نگهبان ملائڪ ٿي پوي ٿو.

بغاوت جي رٿائن تي عمل جو وقت ويجھو اچي ٿو ته ملائڪ هڪ ننڍڙي ٿيٽر ۾ عام گڏجاڻي ڪن ٿا. سڀاويڪ طور سيڪيورٽي پوليس کي انهي جي خبر پئجي وڃي ٿي ۽ وزير انصاف کي فوراً يقين ٿي وڃي ٿو ته انهي سازش جو مقصد ريپبلڪ جو تختو اونڌو ڪرڻ هو. هو سيڪيورٽي فورسز کي حڪم ڏئي ٿو ته سازشين تي نظر رکي وڃي جيئن ڪي ثبوت هٿ ڪيا وڃن جن جي آڌار تي انهن کي گرفتار ڪيو وڃي.

ماريس کي انهن سرڪاري قدمن بابت خبر پئجي وڃي ٿي ۽ هو آرڪيڊ کي روڊي روم واري اپارٽمينٽ ۾ روپوش ٿي وڃڻ تي قائل ڪري وٺي ٿو. انهيءَ دوران ڪيترائي اهڙا واقعا پيش اچن ٿا جيڪي ماريس ۽ آرڪيڊ تي اثر وجھن ٿا پر آخرڪار اطمينان بخش نموني حل ٿي وڃن ٿا.

آخرڪار اهو لمحو به اچي وڃي ٿو جڏهن ملائڪ آسمان تي حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪن ٿا. ”انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهن وٽ آسمانن جي سلطان جي بيشمار سپاهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ويڙهاڪ تمام ٿورا هئا پر انهن اهو طي ڪري ڇڏيو ته انهن جي تعداد جي گهٽتائي جي ڪسر هو اوچتو حملو ڪري ڪڍي وٺندا.... آسمانن جي فوج باغين جي لشڪر تي وقت جي شروعات کان اڳ جيڪا فتح حاصل ڪئي هئي. انهي کان پوءِ انهن ڪا به ترقي نه ڪئي هئي. جيستائين ساز سامان ۽ اسلحي جو تعلق آهي ته اهو به مسلمان عربن جي اسلحي وانگر پراڻي دور جو هو. انهي جا جرنيل سستي ۽ جهالت جي ننڊ ۾ سُتا پيا هئا. اهي مال غنيمت ۽ اعزازن اڪرامن سان سٿجڻ کان پوءِ جنگ جي محنت مشقت بجاء ضيافتن جي ذائقن کي ترجيح ڏيڻ لڳا هئا“.

باغين شيطان کي پنهنجو ڪمانڊر انچيف ٿيڻ جي دعوت ڏني. هن کين ٻڌايو ته هو انهي دوران سمهي ننڊ ڪندو. رات جو شيطان هڪ خواب ڏٺو ته هو باغين جي فوج وٺي ايلڊابوث جي فوجين جي سامهون ٿيو آهي ۽ انهن کي شڪست ڏني اٿائين ۽ کيس ايلڊابوث جي جاءِ تي آسمانن جي بادشاهه جو تاج پهرايو ويو آهي. پر پوءِ جو هن جهينا (Gehenna) ۾ ايلڊابوث تي نظر وڌي ته ”هو ڌرتي ڏانهن نهاري رهيو هو جيڪا بڇڙاين ۽ پيڙا ۾ ڌٻندي پئي وئي. هن جي دل ۾ رحم ۽ شفقت جا خيال اچڻ لڳا. هو اوچتو اٿي بيٺو ۽ ايٿر ۾ پنهنجيون سگهاريون ٻانهون ائين هلائڻ لڳو جيئن اهي سندس ونجهه هجن. تڙ تڪڙ ۾ هيڏانهن هوڏانهن انسان ذات کي تعليم ۽ تسلي ڏيڻ لڳو. هن جي وسيع جسم ڌرتي جي ناخوش گرهه تي محبت جي رات جهڙو ڪومل پاڇو وجھي ڇڏيو هو.

”۽ شيطان ٿڌي برف جهڙي پگهر ۾ وهنجي ننڊ مان سجاڳ ٿيو. ”نيڪٽر، اسٽار، آرڪيڊ ۽ زيتا سندس چوڌاري بيٺا هئا. ”ساٿيو، وڏي ۽ مک ملائڪ چيو“، ”نه، اسين آسمانن کي فتح نه ڪنداسين. طاقت حاصل ڪرڻ ئي ڪافي آهي.... خدا کي فتح ڪبو ته شيطان ٿي پوندو. شيطان فتح ڪندو ته خدا ٿي پوندو. شال تقدير اهڙي خطرناڪ ڳالهه کان بچائي. مون کي جهنم سان پيار آهي جنهن منهنجي ڏات کي تخليق ڪيو.... هاڻي اسان جي ڪري اڳئين زماني جي خدا کان سندس زميني سلطنت کسجي وئي آهي ۽ هاڻي هن ڌرتي جي گولي تي هر سوچ رکندڙ وجود ان کي حقير سمجهي ٿو يا کيس ان بابت ڪا ڄاڻ ئي نه آهي.... ۽ اسان آسماني روحن جيڪڏهن پنهنجي اندر ۾ موجود جهالت ۽ ڊپ کي ناس ڪري ڇڏيو ته اسان ڄڻ ايلڊابوث کي ناس ڪري ڇڏيو“.

فرانس پنهنجي ملڪ جي پهرئين جنگ عظيم ۾ گهڙي پوڻ جي وڏي حمايت ڪئي ۽ سدائين فرانسي موقف کي برتر رکڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. جنگ ختم ٿيڻ تي هو فرانسي ادب جوGrand Old Man ٿي ويو ۽ ماڻهو عقيدت وچان سندس گهر تي حاضري ڀرڻ لڳا. هن جا ڪيترائي پورٽريٽ ۽ فوٽوگراف ٺاهيا ويا. هو انهن سڀني ۾ ڊريسنگ گائون، ٽوپي ۽ سليپر ۾ ڏيکاريل آهي. هو هڪ عالم ۽ قوم جو پٽ ٿو لڳي. انهن سڀني مان هڪ مفڪر ۽ حليم ۽ شفيق روح جو تاثر ملي ٿو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته هن ۾ سندس دور جي فرانس جو روح سمايل هو.

هن کي سن 1921ع ۾ ادب جو نوبل انعام مليو. هو 13- آڪٽوبر 1924ع تي ٽوئرس (Tours) ۾ فوت ٿيو.

77. دي ٽائون ليبرر

-- جي. ايل ۽ باربرا هيمنڊ --

 

ارڙهين صدي جي آخري حصي کان اوڻيهين صديءَ ۾ گهڻو اڳتي تائين؛ انهن گهٽ وڌ ستر ورهين دوران انگلينڊ ۾ هڪ تمام وڏي تبديلي اچي وئي. اهو اڳ ۾ تقريباً مڪمل طور هڪ زرعي ملڪ هو پوءِ اهو دنيا جي فيڪٽري ۽ ورڪ شاپ ٿي ويو. اهو پنهنجي روز بروز وڌندڙ آبادي لاءِ ٻاهرين ملڪن مان کاڌي جون شيون خريد ڪندو هو ۽ انهي جي بدلي ۾ قسمين قسمين تيار ٿيل شيون ڏيندو هو. انهيءَ تبديليءَ کي صنعتي انقلاب (Industrial Revolution) جو نالو ڏنو ويو آهي.

انهي بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. جن جي شروعات آرنلڊ ٽائن بي جي 1881ع ۾ آڪسفورڊ ۾ ڏنل ليڪچرن کان ٿي. پر اهو چوڻ شايد صحيح ٿيندو ته انهي خاص ميدان ۾ هيمنڊ زال مڙس کان وڌيڪ ڄاتل سڃاتل ٻيو ڪو نالو نه آهي.

مرد جي ڳالهه اڳ ۾ ٿا ڪريون: جان لارينس لي بريٽن هيمنڊ (سندس پورو نالو اهو هو) 1872ع ۾ ڄائو ۽ 1949ع ۾ فوت ٿيو. هن جو تعلق جرسي جي هڪ پراڻي ڪٽنب سان هو پر هو يارڪ شائر ۾ هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو هو جتي سندس پيءُ ريڪٽر هو. هو بريڊ فورڊ گرامر اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ آڪسفورڊ ويو ۽ پوءِ صحافت ۾ ڪم جي شروعات ڪيائين. انهي ۾ به هو بنيادي طور مانچيسٽر گارجين سان لاڳاپيل رهيو. هن جي عمر انهيءَ وقت جيتوڻيڪ چاليهن ورهين کان مٿي هئي ته به هن پهرئين جنگ عظيم دوران هڪ سال آرٽلري ۾ ڪم ڪيو. هن 1901ع ۾ ليوسي باربرا بريڊ باء (1961ع- 1873ع) سان شادي ڪئي. هوءَ ڊاڪٽر بريڊ باء جو ستون ۽ آخري ٻار هئي. هو هيلي بري جو هڪ ناميارو هيڊ ماستر هو. هن آڪسفورڊ ۾ ليڊي مارگريٽ هال ۾ تعليم حاصل ڪئي. اتي هوءَ تمام هوشيار شاگردياڻي ثابت ٿي ۽ جي. ايل هيمنڊ سان شادي کان اڳ چار ورهيه فيلو پڻ ٿي رهي کيس نوجواني ۾ ٽي. بي هئي. تنهن ڪري اهو جوڙو ڪجھ ورهيه انهي دور جي علاجي طريقن جي پيرويءَ ۾ لکندو، پڙهندو، کائيندو، پيئندو ۽ سمهندو گهر کان ٻاهر هو. انهن جي ڏکيائين ۾ واڌارو انهي وقت ٿيو جڏهن هيمنڊ جي هڪ لبرل رسالي جي ايڊيٽر واري نوڪري ختم ٿي وئي ۽ هن ڪجھ وقت سول سروس جي هڪ پوسٽ تي ڪم ڪيو. خوش قسمتي سان کيس انهي نوڪري ۾ چڱو واندو وقت ملندو هو ۽ انهي جوڙي اهڙين ئي حالتن ۾ 1911ع ۾ سماجي ۽ اقتصادي تاريخ بابت ڪيترن ئي ڪتابن مان پهريون ڪتاب ڪڍيو. انهي جو بنيادي طور 1760ع کان 1832ع تائين واري دور سان تعلق هو.

دي وليج ليبرر نالي واري انهي ڪتاب ۾ حد بندي واري تحريڪ (The enclosure movement)بابت بيان آهي. اها تحريڪ فارم تي ڪم ڪندڙ کي زمين تان بيد خل ڪرڻ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي هئي ۽ ٻنهي ليکڪن اها ڳالهه لڪائڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي ته انهن جون همدرديون ڪهڙي ڌر سان آهن.

هيمنڊ زال مڙس ڳوٺاڻي مزدور جي حالتن جو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ شهري ورڪر جي حالتن جو جائزو وٺڻ ويا. انهي موضوع تي انهن جو پهريون ڪتاب 1832-1760 The Town Labourer  سن 1914ع جي اونهاري جي مند ۾ ڇپائي لاءِ لڳ ڀڳ تيار هو جو جنگ جي وڌيڪ ضروري ڪمن سبب انهي کي پاسي تي ڪيو ويو. اهو آخرڪار 1917ع ۾ ڇپيو.

ڪتاب جي شروعات ميڪالي جي هڪ تقرير جي مرصع نثر ۾ هڪ مشهور ٽڪري سان ٿئي ٿي. هن اها تقرير پهرين رفارم بل تي پارليامينٽري جدوجهد هلندي ڪئي هئي. ”اسان جون ٻنيون اهڙي مهارت سان کيڙيون وڃن ٿيون جنهن کان ڪو به واقف نه آهي، اهڙي مهارت جنهن دلدلن ۽ ڌٻڻن مان به بهترين فصل اپايا آهن، اسان جا گهر اهڙين سهوليتن سان ڀريل آهن جن تي جيڪر اڳئين دور جا بادشاهه به رِيسون کائين ها. اسان جون پُليون، اسان جا واهه، اسان جا روڊ رستا، اسان جا مواصلات جا ذريعا هر ڌارئين کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏين ٿا. ڪٿي به مصنوعات ۾ اهڙي ڪماليت نه ٿي پيد اڪئي وڃي. انسان ڪٿي به مادي (Matter) تي ايترو اختيار نه ٿو هلائي.“

هيمنڊ زال مڙس اها ڳالهه تسليم ڪن ٿا ته اهي ڳالهيون صحيح ۽ سچ آهن. پوءِ هڪ تمام غير معمولي تبديلي آئي. غربت ۽ ذلالت ۾ ڄاول ماڻهو پنهنجين ڪوششن سان دولت ۽ طاقت جي جاين تي پهتا هئا. وڏن وڏن علائقن ۾ ايتري ترقي آئي جيتري اڳ ۾ ڪڏهن نه آئي هئي. نيون صنعتون قائم ڪيو ويون ۽ هڪ تمام وڏي آبادي وجود ۾ اچي وئي. اسان کي هاڻي به اها پڪ نه آهي ته اهي سڀئي نوان ماڻهو ڪٿان ٿا اچن. هڪ وڏو نئون وچولو طبقو وجود ۾ اچي چڪو آهي ۽ سماج جي هڪ وڏي طبقي ۾ زندگي جو معيار چڱو بلند ٿي ويو آهي، پر ماڻهن جي هڪ تمام وڏي تعداد جو ڇا ٿيندو. انهي سموري سڌاري ۽ خوشحالي جي هڪ قيمت ڏيڻي هئي ۽ انهي جي ادائيگي جو بار پورهيت طبقي تي وڌو ويو.

”انسان ڪٿي به مادي (Matter) تي ايترو اختيار نه ٿو هلائي“، ميڪالي ڊاڙ هنئي هئي. سماج جي هيٺين طبقن لاءِ انقلاب ڪهڙي معنيٰ رکي ٿي انهي بابت هيمنڊ زال مڙسن جي ذهنن ۾ جيڪو تاثر جڙيو هو اهو هنن ميڪالي جي لفظن ۾ تبديلي آڻي هئين بيان ڪيو هو. ”ڪٿي به مادو انسان جي مٿان ايترو اختيار نه ٿو هلائي“.

انهن هڪ باب ۾ انهي نظم ضبط ۽ پابندين جو بيان ڏنو آهي جيڪي پورهيتن تي وڌيون ويون هيون. جڏهن ڪنهن ماڻهو ٿوري پوکي راهي سان گڏ ٿورو ڪورڪو ڪم ڪيو ٿي ته گهريلو نظام اهڙو نه ٿي رهيو جهڙو هئڻ گهرجي. انهي جي باوجود به هن کي پنهنجي زندگي تي ڪجھ ڪنٽرول هوندو هو. جيڪڏهن هن جي دل ڪڍيو ٿي ته هو پنهنجي آڏاڻي تان اٿي سگريٽ جا ٻه ٽي سوٽا هڻڻ پنهنجي باغيچي ۾ وڃي سگهيو ٿي. پر هاڻي هو ڏينهن ۾ ڏهن يا ٻارهن ڪلاڪن لاءِ فيڪٽري ۾ قيد ٿي ويو ٿي. هن کي فيڪٽري جي گهنڊ جو سڏ ورنائڻو پوندو هو. هو انهي مشين جو غلام ٿي ويو هو جيڪا لڳاتار پئي ڪم ڪندي هئي ۽ ٿڪبي ئي نه هئي. ڌاڳو ڇنڻ يا ڪم دوران سيٽي وڄائڻ جهڙين معمولي ڪوتاهين تي به پورهيت تي ڏنڊ لڳي سگهيو ٿي. کاڻين ۾ حالتون ته فيڪٽرين کان به وڌيڪ خراب هونديون هيون ڇاڪاڻ ته اتي مردن، عورتن ۽ ٻارن کان نه فقط تمام خراب حالتن ۾ ڪم ورتو ويندو هو پر انهن کي هروقت ڪو عضوو وڍجڻ يا موت جو خطرو هوندو هو.

هڪ ٻئي باب ۾ اسان کي نيو ٽائون جي هڪ تصوير ڏيکاري وئي آهي. اهو تمام سادي سامان سان ٺهيل گهرن جو هڪ تمام وڏو ميڙ آهي. پورهيت سڄي ڏينهن جي محنت مشقت کان پوءِ اتي ايندا هئا. اتي گندي پاڻي ۽ گند ڪچري جي نڪاس جو ڪو به بندوبست نه هو. گند ڪچرو بدبودار ڍيرن جي صورت ۾ گڏ پيو ٿيندو هو. گهٽين ۾ فرش بندي ٿيل هئي نه پاڻي جي نيڪال جو ڪو انتظام هو. مانچيسٽر ۽ لورپول جهڙن وڏن شهرن ۾ به عمارتن ٺاهڻ جا ڪي ضابطا نه هوندا هئا. ڪچا ڪاڪوس به ٿورن گهرن ۾ هوندا هئا. واٽر سپلاءِ ته اڃا ٿورن گهرن ۾ هوندي هئي. ڪنهن گهٽي يا گهرن جي قطار جي آخر ۾ پاڻي جي نلڪي هر روز هڪ يا ٻه ڪلاڪ کولي ڇڏبي هئي ۽ رهواسي بالٽيون ۽ ڏول کڻي قطار ڪري اچي بيهندا هئا. ڪجھ نوان شهر ڄڻ ته پنهنجين حدن کان وڌي ويل پراڻا ڳوٺ هئا، ڪي شهر پراڻيون ڪارپوريشنون ته ڪي بلڪل نيون آباديون هئا. پر سڀني ۾ حڪومتي نظام خراب هوندو هو. اهي رعايتون ڏيڻ وٺڻ ۽ ڪرپشن جا ڳڙهه هوندا هئا. تفريح جا ڪي به وسيلا نه هوندا هئا. هڪ سڀ کان عام شڪايت اها هوندي هئي ته اهڙيون ڪي به کليل جايون يا پارڪ نه هوندا هئا جتي ڪو پورهيت ڪنهن آچر جي شام جو پنهنجي ڪٽنب سان گڏ وڃي سگهي.

هيمنڊ زال مڙس چون ٿا ته نوان شهر: ”شهر نه پر فوجين جون بيرڪون لڳندا هئا. اهي ڪنهن تهذيب جي پناهه گاهه نه پر ڪنهن صنعت جا ڀانڊا لڳندا هئا. نام نهاد انصاف جي عملداري به مقامي مئجسٽريٽن جي هٿن ۾ هوندي هئي جيڪي زميندار ۽ ملازم طبقي مان کنيا ويندا هئا. پوليس فورس به تبصري هيٺ دور جي بلڪل آخر ۾ وجود ۾ آئي. امن امان جي ذميواري فوج ۽ مقامي مليشيا تي هوندي هئي. هيمنڊ زال مڙسن جي ڪتاب جي هڪ ٻئي باب جو عنوان ”ٽريڊ يونين خلاف جنگ“ آهي ۽ اها ڳالهه به ذهن نشين ڪرائڻ فائدي کان خالي نه ٿيندي ته 1799ع کان 1824ع تائين ٽريڊ يونين سرگرمي نالي هر شي ۽ ڳالهه تي پابندي هوندي هئي.

هاڻي اقتصادي حالتن ڏانهن اچون ٿا. انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته صنعتي انقلاب جي شروعاتي ورهين ۾ تمام وڏي پيماني تي ۽ تڪڙي واڌ ويجھ آئي انهي جي باوجود به ليکڪن جو چوڻ آهي ته نين صنعتن ۾ ڪم تي بيهاريل پورهيتن کي نئين دولت مان ڪجھ به نه مليو. جيتوڻيڪ ڪپهه، اُنَ، لوهه، ۽ ڪوئلي مان بي انداز دولت ايندي رهي. پر انهن صنعتن جا پورهيت ويا بدحالي ۽ تڪليف جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندا. هڪ طرف امير مالڪن جو طبقو پيدا ٿيو ۽ ٻئي پاسي وڏي انگ ۾ بدحال مزدور طبقو (پرولتاري) وجود ۾ ايندو ويو.

پورهيتن جي هڪ وڏي طبقي لاءِ جسم ۽ روح کي گڏ رکڻ جو هڪ ئي طريقو هو. اهو هي هو ته اهي پنهنجن ٻارن کي ڪنهن فيڪٽري، ورڪشاپ يا کاڻ ۾ ڪم تي موڪلين جيئن انهن جي آندل ٿورڙي ڪمائي ڪٽنب جي بجيٽ کي متوازن ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي. انهن ليکڪن پاران ڪتاب لکڻ تائين صنعت ۾ ٻارن جي پورهيي جو وڏو حصو هوندو هو (۽ انهن مان گهڻا جيڪي اڃا نوجواني جي عمر تي ئي نه پهتا هوندا هئا) پر انهي پورهيي جو صحيح قدر به نه ڪيو ويندو هو. جنهن به ماڻهو مل يا کاڻ ۾ ٻارن جي پورهئي بابت انهن جا باب پڙهيا هوندا انهي کي وڌيڪ سمجهائڻ جي ضرورت نه آهي. شروعاتي فيڪٽريون پاڻي جي طاقت تي هلنديون هيون ۽ تنهن ڪري اهي لازماً ندين جي ڪنارن تي ٺهنديون هيون ۽ عام طور گهٽ آباديءَ وارن ضلعن ۾ هونديون هيون. ڪارخانيدارن کي گهربل ماڻهو هٿ ڪرڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي هئي ۽ انهن لنڊن ۽ ٻين شهرن ۾ ڪليسائي اختيارين جي انهي تجويز تي ڏاڍو سک جو ساهه کنيو ته اهي ڪارخانن ۾ سٿيل هزارين ٻارن کي ڪم تي بيهاري سگهن ٿا. اهڙي طرح اهو بدنام ڪاروبار شروع ٿي ويو ۽ ايستائين جاري رهيو جيستائين فيڪٽريون شهرن ۾ قائم نه ٿيون ۽ بالغ پورهيتن جا واندا ٻار دستياب نه ٿي ويا.

پهريون فيڪٽري ايڪٽ جنهن ڪارخانن جي سکيڙاٽ ٻارن کي معمولي تحفظ ڏنو. اهو 1801ع ۾ پاس ٿيو. پر 1831ع تائين به ٻارن کي ڪپهه جي صنعت کان سواءِ ڪٿي به تحفظ نه هوندو هو. ۽ ڪپهه جي صنعت ۾ به مالڪ نون ورهين جي ٻارن کان هر روز 12 ڪلاڪ ڪم وٺندا هئا ۽ اهي جيڪي ضابطا لاڳو ڪيا ويا اهي به ڄڻ ته درسي نوعيت جا هئا ڇو ته انهن تي عمل درآمد لاءِ هڪ به فيڪٽري انسپيڪٽر مقرر نه ڪيو ويو هو.

اها جيتوڻيڪ تمام ڏکوئيندڙ تصوير آهي پر اها ڳالهه به بيان ڪرڻ ضروري آهي ته ڪجھ فيڪٽري مالڪ اهڙا به هئا جيڪي فيڪٽري نظام جي خرابين کان پوري طرح واقف هئا ۽ انهن کي دور ڪرڻ لاءِ پنهنجي پوري ڪوشش ڪندا هئا. سڀ مالڪ ظالم نه هوندا هئا ۽ سڀ ظالم به مالڪ نه ٿيا هئا. اڪثر ماءُ پيءُ پاڻ پنهنجن ٻارن جي محنت جو استحصال ڪرائڻ لاءِ تيار هوندا هئا ۽ بي رحمي جي ڪجھ تمام وڏن واقعن لاءِ هو ئي ذميوار هئا. پر پوءِ به مجموعي طور اهو چوڻ درست ٿيندو ته اعليٰ طبقا هيٺاهين طبقي سان اهڙي سختي ۽ اهڙي ظلم سان پيش ايندا هئا جيڪا تيستائين سمجهه ۾ اچڻ ڏکي آهي جيستائين اسان کي انهي دور جي فڪري ماحول جو ادراڪ نه ٿو ٿئي. هيمنڊ جوڙي انهي جو ”ذهن“ ۽ ”اميرن جي شعور“ وارن بابن ۾ جائزو ورتو آهي. هر ڪنهن جو انهي ڳالهه ۾ سچي دل سان ويساهه هوندو هو ته سرمائيداري نظام جي مڪمل ۽ بي روڪ ٽوڪ ترقي پورهيتن توڙي سندن مالڪن جي بهترين مفاد ۾ آهي ۽ اقتصادي نظريي جا مڃيل اصول به تقريباً سندن ئي حمايت ۾ هئا. مذهب به غريبن جي اهنجن تي پنهنجي تحفظ جو چوغو وجھي ڇڏيو هو. وليم ولبر فورس ۽ هنا مور جهڙا مهربان ۽ چڱائي سوچيندڙ ماڻهو به غريبن کي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائي تسلي ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا ته هنن جي هن زندگي ۾ تڪليفن ۽ محرومين جو کين قبر کان پوءِ واري زندگي ۾ صلو ڏنو ويندو.

اهڙن مخالف دٻائن جي باوجود به غريبن کان جيڪو بچاء جو بندوبست ٿي سگهيو انهن اهو ڪيو. اختيارين جي مخالفت جي باوجود ٽريڊ يونين ۾ چڱي واڌويجھ آئي ۽ اهڙيون دوست سوسائٽيون قائم ٿيون جيڪي پنهنجن ميمبرن کي روزاني زندگي جي خطرن خلاف تحفظ ڏينديون هيون. ڪوآپريٽو تحريڪ جي شروعات به انهن ڏکين ورهين ۾ ٿي. وري غريبن کي هيمنڊ جوڙي چواڻي مذهب جي روح مان سڪون ۽ همٿ افزائي ملڻ لڳي. سرڪاري چرچ پختي ۽ خاص الخاص نموني شاهوڪار طبقن جي پاسي هو پر سموري ملڪ ۾ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اختلافي فِرقن ۽ خاص طور ميٿاڊسٽ تحريڪ جاگرجا گهر موجود هئا جن ۾ عيسائي نظريي کي پورهيت طبقي جي مطابق بڻايو ويندو هو ۽ اتي ڪهڙي به گهٽ اصل ۽ معمولي ڌنڌي واري ماڻهو وٽ جيڪڏهن ڪي تنظيمي ۽ انتظامي صلاحيتون هجن ته کيس انهن جي استعمال جا موقعا ملي سگهيا ٿي.

انهي نئين سماج ۾ ڪار فرما فڪري قوتن جي انهي جائزي ۾ هڪ ڳالهه جي کوٽ ضرور نوٽ ڪئي ويندي. پورهيت طبقي جي ٻارن کي اسڪول ڏيڻ جي معاملي ۾ انگلينڊ سموري مذهب دنيا کان گهڻو پٺتي هو. ڪيترائي ماڻهو جيڪي پنهنجي تعليمي حاصلات تي فخر ڪندا هئا انهن کي غريبن کي بلڪل بنيادي تعليم کان به محروم رکندي به ڪو احساس نه ٿيندو هو ڇاڪاڻ ته انهن کي ڊپ هوندو هو ته ائين ڪرڻ سان انهن ۾ باغياڻين سوچن ۽ لاڙن کي هٿي ملندي ۽ جڏهن ڊاڪٽر بيل ۽ جوزف لنڪاسٽر جي نالن سان جڙيل ٻن سوسائٽين جي سرپرستي هيٺ اسڪول کوليا به ويا ۽ اهي به جيتوڻيڪ تمام ابتدائي قسم جا هئا ته به انهن جو وڏو مقصد تعليم ڏيڻ نه پر هڪٻئي جي مد مقابل ڪليسائي فرقن جا حامي پيدا ڪرڻ هو.

هيمنڊ جوڙو پنهنجي ڪتاب جي آخري باب ۾ انهي انگلينڊ ۾ رائج فڪري موسم ڏانهن موٽي اچي ٿو جنهن ۾ اڃا به ٿورا (Few) گهڻن (Many) تي حڪومت ڪندا هئا. جن به طبقن نئينءَ منجهان دولت حاصل ڪئي هئي انهن جو اهو پڪو ايمان هو ته ملڪيت (Property) دنيا جي عظيم مهذب ڪندڙ طاقت هئي. پر سرمائيدار تنظيم جي تڪڙي ترقي ڪندڙ نظام ملڪيت جي وسيع پيماني تي ورهاست جي اجازت نه ٿي ڏني. تنهن ڪري اهو سمجهيو ٿي ويو ته عوام ڀلي لازماً ملڪيت کان وانجھيل ۽ بيروزگاري جي منهن ۾ رهي ۽ سندس پيرسني غربت ۾ گذري. جيستائين انهي دلشڪستو ڪندڙ فڪري ماحول جو خاتمو نه ٿيندو- انهي جو نيٺ وقت اچڻ تي خاتمو ٿيو- تيستائين آبادي جي وڏي حصي لاءِ ڪا حقيقي اميد پيدا نه ٿيندي.

اهڙي طرح هيمنڊ جوڙو انهيءَ نتيجي تي پهتو ته ”فطرت جي ايتري وڏي پيماني تي تسخير جي باوجود جنهن صنعتي انقلاب کي به سوڀون ڏنيون، انسان جو روح ڪنهن ٿڌي علائقي ڏانهن جلاوطن ٿي ويو ڇاڪاڻ ته انهي نئين دنيا ۾- جنهن ۾ تمام گهڻي دولت هئي اڳتي لاءِ اميدون هيون ۽ مهارت جا وسيع افق هئا- ڀائيچاري ۽ رفاقت جو روح مري ويو هو.

هيمنڊ جوڙي دي ٽائون ليبرر جي اشاعت کان ٻه ورهيه پوءِ پنهنجي ٽيڙو جو ٽيون ڪتاب 1832- 1760 The Skilled Laborer ڇپايو. انهي کان پوءِ 1923ع ۾ لارڊ شيفٽسري جو اڀياس آيو. پوءِ دي رائيز آف ماڊرن انڊسٽري (1925ع)، دي ايج آف دي چارٽسٽس (1930ع) ۽ دي بليڪ ايج (1934ع) ايندا ويا جن صنعتي انقلاب جي ڪهاڻي کي گذريل صدي جي وچ تائين پهچايو. اهي سمورا ڪتاب تفصيلي حوالن سان لکيل آهن ۽ ساڳئي وقت دلچسپي سان پڙهڻ جهڙا آهن. انهي جو سبب اهو آهي ته هيمنڊ جوڙي جي تحرير ۾ هڪ خاص خوبي هوندي هئي. مختصر لفظن ۾ هيئن چئي سگهبو ته انهن اقتصادي تاريخ ۾ انسان ذات کي شامل ڪري ڇڏيو هو.

78. يولائسس

-- جيمس جئائس --

 

يولائسس انگريزي ادب جو هڪ منفرد ڪتاب آهي. اهو نه ئي ڪو سڌو سنئون ناول آهي، نه فئنٽسي، نه ئي ڪو تمام ڊگهو يادگيرين جو ڪتاب آهي. جيتوڻيڪ انهي ۾ انهن سڀني جا عنصر موجود آهن. اهو ليوپولڊ بلوم نالي ڊبلن جي هڪ يهوديءَ جي زندگيءَ جي هڪ ڏينهن جو رڪارڊ آهي. هو ماڻهن کي اشتهارن لاءِ ترغيب ڏياريندو آهي ۽ ميريون بلوم، ڳائڻيءَ جو مڙس آهي. ڏينهن آهي 16- جون 1904ع. واقعن ۾ ڏيکاريل آهي ته هو پنهنجي زال ۽ پنهنجي لاءِ نيرن تيار ڪري رهيو آهي، مختلف آفيسن ۾ وڃي ٿو، هڪ جنازي ۾ شريڪ ٿئي ٿو. سمنڊ جي ڪناري تي، شراب خاني ۾ ۽ چڪلي ۾ وڃي ٿو هڪ گاڏي واري جي ڇپري ۾ هڪ دوست سان ڳالهائي ٿو ۽ آخر ۾ پنهنجي زال وٽ گهر موٽي اچي ٿو. وري جيئن صبح جو ڪتاب جي شروعات وقت سندس زال ننڊ پئي هئي تيئن هوءَ هاڻي به ننڊ پئي آهي.

جئائس انهي ڪتاب تي 1914ع کان 1921ع تائين، ٽريسٽي، زيورچ ۽ پئرس ۾ ڪم ڪيو. انهي جي باوجود به اهو جئائس جي سمورن ڪتابن وانگر آئرلينڊ ۽ خاص ڪري ڊبلن سان لاڳاپيل آهي. انهيءَ ۾ ڊبلن کي هوبهو ائين تخليق ڪيو ويو آهي جيئن اهو جئائس جي جواني وقت هو (هن آئرلينڊ 1904ع ۾ ڇڏيو). انهي ۾ جيڪي گيت ڳايا ويندا هئا، جن شين بابت ڳالهيون ڪيون وينديون هيون، گهرن ۽ گهٽين جا نمبر ڪهڙا هئا ويندي شراب خانن جي ڪهڙي حالت هئي هر ڳالهه تز نموني پيش ڪئي وئي آهي. جئائس 1882ع ۾ ڄائو هو ۽ هٿين خالي شاگرد جي حيثيت ۾ اتان نڪرڻ کان پوءِ چند دفعا مختصر دورن تي ئي اوڏانهن ويو هو. هن سان گڏ گال وي جي هڪ نوجوان ڇوڪري نورا بارنيڪل به وئي هئي. اها پوءِ سندس زال ٿي. پر هڪ دفعو جڏهن هڪ دوست هن کان پڇيو هو ته هو ڇو آئرلينڊ واپس نه ويو هو ته هن ڏاڍي سادگي سان جواب ڏنو هو: ”آءٌ انهي مان ڪڏهن نڪتو آهيان ڇا؟“

ٻين جديد ليکڪن به ڪنهن شهر يا ڪنهن خاص دور ۾ ڪو ماحول نئين سر تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ڪنهن به اهو ڪم جئائس وانگر ايترو دل سان نه ڪيو آهي. ڪتاب جي اصليت جو راز انهي ۾ سمايل آهي جو جئائس پنهنجن ڪردارن جا نه فقط عمل ۽ شعوري خيال نئين سر تخليق ڪري ٿو پر هو انهن جا اڌ خيال (Half- thoughts) ۽ انهن جو لاشعور، شعوري سرگرمي سان گڏوگڏ جيڪي خيالي صورتون ۽ وهم پروان چڙهائيندو رهي ٿو اهي به نئين سر تخليق ڪري ٿو. ائين ڪندي هن Stream of Consciousness جو طريقو وضع ڪيو.

جئائس کان اڳ ڪيترن ليکڪن اندروني خود ڪلامي (Interior monologue) جو طريقو ڪم آندو هو پر اهو ايترو جامع نه هو ۽ انهي ۾ ايتري فني جرئت ۽ غير رسمي زبان جو استعمال به نه هو. ڪتاب جو آخري ۽ سڀ کان مشهور ٽڪرو لڳ ڀڳ ويهن هزارن لفظن تي ٻڌل آهي ۽ انهي ۾ فقط چار فل اسٽاپ آهن. انهي ۾ بيان ٿيل آهي ته ”بلومزڊي“ جي پڄاڻي تي رات جو تقريباً ٻارهين وڳي اڌ ننڊ اڌ جاڳ واري ڪيفيت ۾ ميريون بلوم جي ذهن ۾ ڇا وهي واپري رهيو آهي. اسٽريم آف ڪانشسنيس جي انهي طريقي ادب کي ڏاڍو مالامال ڪيو آهي. انهي ذريعي ليکڪ مرد ۽ عورت جي اندروني فطرت جا وڌ کان وڌ عڪس پيش ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته تحت الشعور کي صحيح نموني متوازن نثر ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي.

ڪتاب جي مختلف واقعن ۾ اسٽريم آف ڪانشسنيس جي طريقي سان گڏ انگريزي جي مختلف اسلوبن جي ڄاڻي واڻي پيروڊي ڪئي وڃي ٿي. مثال طور بلوم پاران هڪ ويم گهر وڃڻ جو واقعو بيان ڪندي متن ۾ اهڙا ٽڪرا شامل آهن جن ۾ وچئين دور جي انگريزي کان وڪٽوريائي نثر جي انگريزي اسلوب جو جائزو ورتو ويو آهي. بلوم جڏهن ٿوري دير لاءِ سمنڊ جي ڪناري تي گهمي ڦري ٿو ته گرٽي ميڪ ڊويل نالي هڪ نوجوان ڇوڪري هن تي اک رکي ٿي. ڇوڪري کي پير ۾ لڱُ آهي. هوءَ واري تي ويٺي بلوم کي ڏسي رهي آهي. هن جي ذهن ۾ جيڪو ڪجھ وهي واپري ٿو. اهو هڪ ڊگهي ٽڪري ۾ بيان ڪيو ويو آهي. اهو ٽڪرو ڄاڻي واڻي انهي اسلوب ۾ لکيو ويو آهي. جنهن ۾ وڪٽوريائي دور ۾ سستا ناول لکيا ويندا هئا. گرٽي شروع ۾ هڪ لڳڙي عاشق کي ياد ڪري ٿي:

”گهڻو وقت اڳ پارٽي واري رات (هن کي اڃا به شارٽ ٽرائوزر پاتل هو) جڏهن هو اڪيلا هئا ۽ هن ماٺ ميٺ ۾ ٻانهن هن جي چيلهه جي پٺيان ورائي ڇڏي هئي انهي تي هو اڇي ٿي وئي هئي. هن ڏاڍي ويٺل آواز ۾ کيس ”ننڍڙي“ سڏيو هو ۽ اڌ چمي ڏني هئي (پهرئين). پر تڏهن فقط سندس نڪ جي چوٽي هن کي لڳي هئي ۽ هو ريفريشمينٽ بابت ڪجھ چوندو جلدي ڪمري مان نڪري ويو هو. هو ڏاڍو جوشيلو هو! ڪردار جي مضبوطي ريگي وائيلي جو مضبوط نقطو ڪڏهن به نه رهي هئي ۽ گرٽي ميڪ ڊوئيل کي ته مردن ۾ به ڪو چونڊ مرد ئي هرکائي ۽ ماڻي سگهندو. پر اوسيئڙو سدائين اوسيئڙو ته اڳلو پاڻ چئي ۽ هي ته ليپ ييئر (Leap Year) هو. اهو به جلدي گذري ويندو. ڪو به پرنس چارمنگ سندس سڀ کان دلپسند محبوب نه ٿو ٿي سگهي جو هن تي عجيب محبت نڇاور ڪري سگهي. اهو ڪو مرداڻو مرد هجي. سگهارو ۽ سانت منهن هجيس جنهن کي پنهنجو آدرش نه مليو هجي. ٿي سگهي ته سندس وارن ۾ ڪجھ اڇا وار به هجن جيڪو کيس سمجهي ۽ کيس پنهنجي پناهه ڏيندڙ ٻانهن ۾ وٺي سگهي. کيس پنهنجي سموري گهري جذباتي طبيعت سان پاڻ ڏانهن ڇڪي ۽ تمام ڊگهي چمي سان کيس آرام ڏئي. اهو ته جنت مثال ٿي ويندو. هن جي دل ۾ هن وڻندڙ اونهاري جي شروعات وقت اهڙي ڪنهن مرد جي تمنا هئي“.

جئائس لکڻ جي صنعتن تي مڪمل مهارت سبب انگريزي زبان جي سموري موسيقيت کي ڪم آڻڻ جي قابل ٿي ويو. هن جي تحرير ۾ جيڪي ڳالهيون اسلوب جون حرفتون لڳن ٿيون اهي حقيقت ۾ حرفتون نه پر هڪ تمام وڏي جِگسا پزل (Jigsaw Puzzle) لاءِ گهربل ضروري رنگن وارا ٽڪرا آهن جيڪي زندگي جي هڪ ٽڪري (Slice of Life) جي عڪاسي ڪن ٿا.

يولائسس سڀ کان پهريان پيرس ۾ شيڪسپيئر ائنڊ ڪمپني پريس پاران شايع ڪيو ويو هو. انهي جي مالڪڻ سلويا بيچ انهي دور جي ڪيترن ئي بهترين تجرباتي ليکڪن تي ٿورا ڪيا هئا. انهي کي فوراً انگلينڊ، فرانس ۽ آمريڪا جي اڪثر سرڪردن ليکڪن- سڀني نه- کان مڃتا ملي وئي هئي. بهرحال اهو گهڻي وقت تائين اهڙو ڪتاب ٿي رهيو جنهن کي ٿورن ماڻهن ئي پڙهيو هو. جيئن آمريڪي پوسٽ آفيس اختيارين لٽل رويو (Little Review) رسالي جا اهي ڪيترائي پرچا دٻائي ڇڏيا هئا جن ۾ انهي ڪتاب جا مڪمل ٿيڻ کان اڳ وارا ڪيترا حصا شامل هئا. ساڳئي طرح لنڊن جي ايگوٽسٽ پريس پاران يولائسس جي ڇپيل محدود ايڊيشن جون ڪاپيون به برٽش پوسٽ آفيس وارن ضبط ڪري ساڙي ڇڏيون. آمريڪا ۾ ليکڪ جي موڪل کان سواءِ چوري هڪ ڇاپو ڪڍيو ويو انهي تي جئائس پاران احتجاج ٿيو. احتجاجي ياد داشت تي ڪيترن ئي اديبن جون صحيحون ٿيل هيون. انهن ۾ جان ميسفيلڊ، سي. آر. ٽريوليان، آرنلڊ بينيٽ، گالس ورٿي، فلپ گبس، ايچ. جي. ويلز، والپول ۽ ييٽس سميت ٽي. ايس. ايليٽ، هيمنگوي جهڙن پهرئين صف جي ليکڪن جهڙا ماڻهو شامل هئا.

احتجاج کان پوءِ نيويارڪ جي رينڊم هائوس وارن عام وڪري لاءِ هڪ اجازت يافته ۽ غير محدود ايڊيشن ڪڍيو. انهن وفاقي اختيارين کي چيلينج ڪيو ته اهي ڪتاب جي عام وڪري لاءِ اچڻ جي حق جي خلاف يا حمايت ۾ ڪو فيصلو ڏين. يونائيٽڊ اسٽيٽس ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي جج جان.ايم.وولزي آخرڪار 1933ع ۾ فيصلو ڏنو ته ڪتاب جو آمريڪا ۾ وڪرو قانوني طور جائز هو. انهي کان پوءِ بوڊلي هيڊ وارن 1936ع ۾ انگلينڊ ۾ ڪتاب جو پهريون عام ڇاپو ڪڍيو.

اها ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي ته يولائسس هاڻي آمريڪا ۽ انگلينڊ جي ڪيترن ئي يونيورسٽين ۾ لازمي طور پڙهڻو پوي ٿو. انهي تي جئائس کي شايد ڏاڍي حيرت ٿئي ها ۽ شايد ته هو انهي تي ڪڏهن به خوش نه ٿئي ها. مزاحيه ۽ شرم جهڙي مواد واري انهي تمام فڪري ڪتاب کي جوان توڙي پوڙهن پڙهندڙن پاران اهميت ڏيڻ جا سبب شايد اهي نه آهن جن سبب انهي جو هڪ ٽيڪنيڪل ڪتاب طور اڀياس ڪيو وڃي ٿو.

يولائسس ۾ ڊبلن، انهي جي ڪجھ رهواسين ۽ اتان جي انڊر ورلڊ جو تمام جامع، تمام جرئت سان ۽ فني طور تمام دلچسپ انداز ۾ بيان ڏنل آهي پر ڪتاب جي حيثيت انهن ڳالهين کان گهڻي وڌيڪ آهي. جارج مور جنهن کي حقيقت ۾ جئائس جو ڪم نه وڻندو هو. انهي چيو هو ته يولائسس جيتوڻيڪ هڪ اهم ڪتاب هو پر هو اها ڳالهه نه سمجهي سگهيو هو ته جئائس انهي ۾ ڪيترو ئي مواد هومر جو ڇو کڻي شامل ڪري ڇڏيو هو. هيستائين جئائس جي فڪري مداحن پاران جئائس ۽ هومر جي يولائسس ۾ تعلق بابت شايد گهڻو ڪجھ لکجي چڪو آهي ۽ هاڻي ڊبلن واري ڪتاب کي قديم يولائسس بابت ڪو به خيال آڻڻ کان سواءِ پڙهي سگهجي ٿو. پر هومر وارو مثال جيڪو هر وقت جئائس جي ذهن ۾ هو ۽ تنهن ڪري سندس ڪتاب جي تخليق لاءِ ضروري هو اهو ماضي واري ڊبلن کي نئين سر ذهن ۾ آڻڻ ۽ عام ماڻهن جي ذهنن تي ايترو گهڻو ڪجھ عيان ڪرڻ (جيڪو عام طور لڪيل رهي ٿو) کي هڪ نئون رخ ڏئي ٿو. جئائس جي ڪتاب جي خصوصيت اها آهي ته انهي ۾ انسان ذات کي هڪ تمام وسيع پس منظر ۾ ڏٺو ويو آهي. جنهن ۾ ڪردار ڪڏهن ڪڏهن سموري ڪائنات جي نمائندگي ڪن ٿا. وکريل وارن واري، شهوت پرست، جذباتي، ٻئين درجي جي ڳائڻي ميريون بلوم جڏهن سوچن ۾ مگن هجي ٿي ته سمورين عورتن جي نمائندگي ڪري ٿي. اها لازماً اٿاڪا واري پينيلوپ آهي جنهن ڏانهن يولائسس موٽي ٿو ۽ شايد ته ڌرتي ديوي (Earth Goddess) آهي. جنهن کان سڀ عورتون پنهنجي سگهه حاصل ڪن ٿيون. هوءَ پنهنجي اڌ رات واري خود ڪلاميءَ ۾ بار بار بلوم سان پهرئين معاشقي کي ياد ڪري ٿي ۽ سندس زندگي بابت آخري جواب اهو آهي ته زندگي گذارڻ جي لائق آهي. آخري ٽڪري ۾ ”هائو“ جو لفظ ڪنهن گهنڊ جي آواز وانگر پڙاڏا ڪڍندو رهي ٿو:

”۽ سمنڊ، سمنڊ ريٽو ڳاڙهو لڳو پيو هو اهو ڪڏهن ڪڏهن ته باهه ۽ شاندار لهندڙ سجن جهڙو ڏيک ڏئي رهيو هو. ۽ الاميڊا گارڊنز ۾ انجيرن جا وڻ هائو، اهي سڀئي ننڍيون عجيب غريب گهٽيون گلابي، ڦڪا ۽ نيرا گهر ۽ گلاب جي گلن جا باغ ۽ موتيي ۽ ٿوهر جا ٻوٽا ۽ جبرالٽر ڄڻ ته ڪا ڇوڪري هجي جتي آءٌ ڪو جابلو گل هئس. هائو جڏهن آءٌ اندلسي ڇوڪرين وانگر پنهنجي وارن ۾ گلاب جو گل وجھندي هئس يا آءٌ ڪڏهن ڳاڙهو رنگ پهرينديس. هائو ۽ هو ڪيئن نه ڀت جي هيٺان مون کي چميون ڏيندو هو ۽ پوءِ مون هن کان پنهنجي اکين سان پڇيو هو ۽ ٻيهر پڇيو هو. هائو ۽ هن مون کان پڇيو هو ته ڇا آءٌ پنهنجي جابلو گل کي هائو چوندس. ۽ مون پهريون دفعو هن جي چوڌاري پنهنجيون ٻانهون وڌيون هيون. هائو ۽ کيس پنهنجي مٿان ائين ڇڪيو هو جو هو منهنجي ڇاتين جو ڇهاء محسوس ڪري سگهيو ٿي. اهي خوشبو ۾ ڀنل هيون هائو ۽ هن جي دل ڄڻ ته چري ٿي رهي هئي ۽ هائو مون چيو هائو آءٌ ٿينديس هائو.

يولائسس، اسٽيفن ڊيڊالس نالي هڪ ڪردار سان شروع ٿئي ٿو اهو به ليوپولڊ بلوم لاءِ تقريباً ساڳئي اهميت رکي ٿو. اهو جئائس جي ٻين ڪتابن دي پورٽريٽ آف دي آرٽسٽ ائز اي ينگ مئن ۽ ”اسٽيفن هيرو“ ۾ به آيو آهي. اسٽيفن تمام گهڻي حد تائين جئائس خود آهي. جئائس وانگر هو به هڪ اهڙي ڪٽنب ۾ ڄائو آهي جيڪو پيءُ جي فضول خرچين سبب تباهه ٿي وئي آهي. هو به هڪ ذهين اسڪالر آهي جيڪو پنهنجي ملڪ ۽ انهي رومن ڪيٿولڪ چرچ خلاف بغاوت ڪري ٿو جنهن انهي کي تعليم ڏني. هو انهن مان ڪنهن هڪ کان به پاڻ کي جدا نه ٿو ڪري سگهي. هو هڪ اهڙو آرٽسٽ آهي جنهن کي پنهنجي سالميت لاءِ خاموشي، جلاوطني ۽ چالاڪي جهڙن پاڻ وٽ موجود هٿيارن سان ئي جنگ جوٽڻي آهي. يولائسس جي شروعات ۾ اسٽيفن ڊبلن کان ٻاهر هڪ مارٽيلو ٽاور ۾ بڪ مليگان سان گڏ رهيل آهي- انهي وقت نوجوان اوليور سينٽ جان گوگارٽي سندس ذهن ۾ هو- هو ڪنهن نوجوان جي بي اطميناني ۽ بغاوت جو آواز بلند ڪري ٿو. جيڪو اوڊيسي ۾ يولائسس جي پٽ ٽيليماڪس وانگر اهو محسوس ڪري ٿو ته هن کان پنهنجو ورثو گم ٿي ويو آهي. اسٽيفن ڪتاب ۾ هڪ اهڙي ماڻهو جو ڪردار ادا ڪري ٿو جيڪو بلوم ۽ سندس ساٿين جي ڀيٽ ۾- جيڪي پنهنجو وقت اڌ خيالي واري حيرانگي ۾ گذارين ٿا- جيتوڻيڪ نامڪمل نموني پر صاف ڏسي ٿو. اسٽيفن اڪثر پر مغز ننڍڙا جملا ڳالهائي ٿو ۽ هو جيڪو ڪجھ ڳالهائي ٿو اهو نظر جي فريب ۽ ابتري واري حالت خلاف آرٽسٽ جو احتجاج آهي. بڪ مليگان کيس شيو ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙو آئينو ڏئي ٿو جنهن ۾ سيرپيل آهي. اهو هن پنهنجي ماءُ جي گهران کنيو هو: ”اهو آئرستاني آرٽ جي علامت آهي ڪنهن نوڪر جو سيرپيل آئينو“. اسٽيفن چوي ٿو. هو مسٽر ڊيزي (Deasy) نالي هڪ ماستر سان گفتگو ۾ مصروف آهي. اهو کيس چوي ٿو ته: ”اسين آئرستاني هڪ سخي قوم آهيون پر اسان کي انصاف پسند به ٿيڻ گهرجي“. انهي تي اسٽيفن چوي ٿو: ”مون کي انهن وڏن لفظن کان ڊپ ٿو ٿئي جيڪي اسان کي ايترو ناخوش ڪري ٿا ڇڏين“. هو ماستر سان ڳالهين جو سلسلو جاري رکندي چوي ٿو: ”تاريخ هڪ ڊيڄاريندڙ خواب آهي. آءٌ انهي کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان“. بلوم ئي اهو واحد شخص آهي جيڪو اسٽيفن تي مهربان آهي.

يولائسس جي عظمت سڀ کان وڌيڪ انهي ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿي ته انهي جي پڙهندڙ کي آهستي آهستي انهي حقيقت کان آگاهي ملي ٿي ته ليوپولڊ بلوم فيلڊ ائين جديد دنيا جو هيرو آهي جيئن هومر جو يولائسس 1000ق.م واري نيم ڪلاسيڪي دنيا جو هيرو هو. هومر جو يولائسس اهو ماڻهو آهي جيڪو جيتوڻيڪ هڪ عظيم جنگجو ٿيو پر اهو اندروني طور جنگ جي خلاف هو ۽ هڪ اوائلي داستان مان خبر پوي ٿي ته يولائسس ٽروجن جنگ کان بچڻ لاءِ چريائپ جو بهانو ڪيو هو. ليوپولڊ بلوم جيتوڻيڪ ڪو جنگجو ته ڪونهي پر هو به هڪ چالاڪ ماڻهو آهي ۽ پاڻ ۽ ٻين ماڻهن بابت عجيب ڄاڻ سان ڀريل آهي. جئائس پنهنجي بيان جو سلسلو ڇڏي پڙهندڙ کي اها ڳالهه نه ٿو سمجهائي. پڙهندڙ کي پاڻ انهي ڳالهه تي پهچڻو آهي. جئائس پنهنجي هيرو کي پرڪشش بنائڻ لاءِ اڪثر ليکڪن جي ابتڙ ڪم ڪري ٿو. رچرڊ المان جئائس جي سوانح عمري ۾ لڳي ٿو:

”جئائس ليکڪن جي سيڙهه آهي. سندس هيرا (Heroes) ستايل ۽ ڏکايل هيرا آهن. هڪ اهڙو نوجوان آهي. جنهن ۾ ڪو سڌارو اچڻو نه آهي (اسٽيفن) هڪ سُست بالغ آهي (بلوم) انهن کي پسند ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. انهن جي واکاڻ ڪرڻ ته اڃا ڏکيو ڪم آهي. جئائس انهي کي ائين ئي پسند ڪيو هو. ظاهر ظهور همدردي ڄڻ ته حقيقت کان پري ڳالهه ٿيندي. هو انسان کي انهن سڀني ڳالهين کان عاري ڪري ٿو ڇڏي جيڪو اسين هن کان توقع ڪرڻ جا عادي ٿي ويا آهيون. پوءِ هو اسان کان همدردي ڪرڻ جي طلب ڪري ٿو“.

بلوم کي جسماني ۽ ذهني طور مڪمل اگهاڙو ڪري ڏيکاريو ويو آهي. سندس سڀ کان وڏي تسڪين ڏيندڙ خصوصيت اها آهي ته: ”مسٽر ليوپولڊ بلوم جانورن ۽ پکين جا اندروني حصا وڏي شوق سان کائيندو ويو. هن کي آنڊن جو سُوپ، چٽپٽيون گجيون، پڪل دل ۽ مڇين جون آنيون وڻنديون هيون. کيس سيخن تي پڪل بُڪيون ته تمام گهڻيون پسند هونديون هيون جن مان سندس تارونءَ کي هلڪي خوشبو آميز پيشاب جو ذائقو ملندو هو“. پر اسان کي سندس لاشعوري ذهن جون اونهايون ڏيکاريون ويون آهن. فئنٽسي واري اهم باب ۾ هن جي ڄڻ ته تحليل نفسي ڪئي وئي آهي ۽ اسان کي انهي ”زناني- مرد“ جا Masochistic  (تڪليف ۾ لذت محسوس ڪرڻ) لاڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. بلوم هڪ غير رواجي مرد جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو ڇاڪاڻ ته اسان کي هن بابت سڀ ڪجھ ٻڌايو وڃي ٿو ته به بلوم جي مخصوص ڳالهين جو دائرو شايد ٻين ماڻهن کان وڏو نه آهي. هو ڪجھ به نه آهي ته به هن جا دوست- جيڪي واري ڦيري سان ڪڏهن هن کي پسند ڪن ٿا ته ڪڏهن هن کان نفرت ڪن ٿا- سندس اظهار جي طاقت ۽ هر قسم جي ڳالهين بابت سندس چڱي خاصي (جيتوڻيڪ ڪجھ منجهيل) ڄاڻ سبب اها ڳالهه تسليم ڪن ٿا ته هو ڪو عام رواجي ماڻهو نه آهي. هو هڪ مهذب ماڻهو آهي“.

اسان کي بلوم جون عام رواجي سٺيون ڳالهيون مشڪل سان ئي نظر اچن ٿيون: هو پنهنجي زال ۽ ڌيءُ جو شيدائي آهي، هن کي ڪتا ۽ ٻليون وڻنديون آهن. هو پکين کي داڻو ڏيندو آهي، ڪنهن نابين کي گهٽي پار ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي، ڪنهن مرحوم دوست جي ٻارن کي پنهنجي وسعت کان وڌيڪ ڏيندو ۽ اسٽيفن جي پيءُ وانگر پرگهور لهندو آهي. پر انهيءَ گهڻ رخي ڪردار کي مڪمل طور پنهنجي گرفت ۾ آڻڻ کان پوءِ اهو احساس ٿئي ٿو ته اهو ماڻهو پنهنجي ننڍڙين سٺين انساني خصوصيتن جي مجموعي کان گهڻو وڌيڪ آهي. مطمئن ۽ وحشي ماڻهن جي هڪ ميڙ ۾ جيڪي پنهنجي آئرستانيت، پنهنجي مذهب يا پنهنجي پسند ناپسند جي لحاظ کان ته مضبوط آهن پر هڪ مڪمل انسان هئڻ جي لحاظ کان انهن ۾ بلوم ئي نمايان ٿي بيهي ٿو. هو فقط ڪو آئرستاني يا يهودي نه آهي. هو جيئن ته تنگ نظري تعصب ۽ بناوٽ کان خالي آهي. تنهن ڪري هن ۾ ڊپ ۽ ظلم به نه آهي.

عظيم فرانسي نقاد واليري لاربائود جيڪو جئائس جي شروعاتي مداحن مان آهي انهي چيو هو ته بلوم (شيڪسپيئر جي ڪردار) فالسٽاف وانگر لازوال آهي. اها ڳالهه درست ٿي سگهي ٿي پر بلوم انهن نسبتاً ٿورن مهم جو ماڻهن لاءِ ڄاتل سڃاتل رهندو جيڪي انهي ڪتاب کي مڪمل طور سمجهي سگهندا ڇاڪاڻ ته اهو پنهنجي تمام دلچسپ خصوصيتن جي باوجود پڙهڻ ۾ تمام ڏکيو ڪتاب آهي. انهي کي سموري دنيا جي فڪشن جي عظيم ڪتابن مان شايد سڀ کان ڏکيو ڪتاب چئي سگهجي ٿو پر ڪجھ ماڻهن لاءِ اهو تمام فائديمند ۽ اطمينان بخش ٿي سگهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org