لنڊن ۾ سيڊلي ڪٽنب وٽ ڪجھ وقت رهڻ کان پوءِ- تڏهن
هوءَ اميليا جي ڀاءُ جوس سيڊلي کي پنهنجي ڄار ۾
ڦاسائڻ تي هئي ۽ هو جيڪڏهن واڪس هال گارڊنز ۾ هڪ
پارٽي ۾ تمام گهڻو مدهوش ٿي نه اچي ها ته هوءَ کيس
ڪُنڊي هڻي چڪي هجي ها- راڻي ڪرالي وٽ پنهنجي نوڪري
تي اچي چڙهي. اتي هن هر انهي ماڻهو جي خوشامد ڪئي
جيڪو هن لاءِ ڪنهن به لحاظ کان فائدي مند ٿي سگهيو
ٿي. هن گندي، قنوطي ۽ سخت بدنام سر پٽ ڪرالي جي
خوشامد ڪئي. سندس شاهوڪار ڀيڻ مس ڪرالي جي خوشامد
ڪئي ۽ سندس لومڙين جي شڪاري پادري ڀاءُ جي خوشامد
ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس پٽن پِٽ ۽ راڊن جي به چاپلوسي
ڪئي. اهي ٻئي پنهنجي ڪردار ۽ ڪمن ڪارين جي لحاظ
کان هڪ ٻئي کان ڏاڍا مختلف هئا. هوءَ جلدئي بيرن
کي پنهنجي آڱرين تي نچائڻ لڳي ۽ اسان کي جلدئي هڪ
غيرمعمولي منظر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنهن ۾ پوڙهو سر پٽ
(جنهن جي زال ايترو ته تازي فوت ٿي آهي جو اڃا ان
جي تدفين به نه ٿي آهي) ننڍڙي گورنيس آڏو گوڏا
ٽيڪي کيس شادي جي آڇ ڪري رهيو آهي. ”بيڪي ها چئه.
آءٌ پوڙهو ماڻهو آهيان پر سٺو آهيان. آءٌ ايندڙ
ويهن ورهين تائين سٺو رهندس. آءٌ توکي خوش رکندس.
توکي جيڪو وڻي اهو ڪجانءِ جيڪو وڻئي خرچ ڪجانءِ.
سڀ ڪجھ پنهنجي مرضي سان ڪجانءِ.
اسان اها سموري ڳالهه هلندي (ٿيڪري لکي ٿو) ريبيڪا
کي ڪڏهن به پنهنجي حاضر دماغي کي هٿان وڃائيندي نه
ڏٺو آهي. پر هاڻي سندس حاضر دماغي سندس ساٿ نه ڏنو
۽ هو روئي ويٺي ۽ سندس اکين مان سچا ڳوڙها وهي
پيا. ”او سرپٽ“ هن چيو ”اوسر! آءٌ اڳيئي پرڻيل
آهيان“. هوءَ جيڪڏهن ٿوري دير ترسي ها، هن ڏاڍي
خفگي سان سوچيو ته هوءَ جيڪر ليڊي ڪرالي هجي ها.
پر هن ننڍي پٽ راڊن سان شادي ڪري ڇڏي هئي.
سندس پياري دوست اميليا سيڊلي جنهن جو اڳ ۾ ئي ذڪر
ٿي چڪو آهي اها بيڪي شارپ کان بلڪل مختلف آهي.
هوءَ ڏاڍي سهڻي ننڍڙي ڇوڪري آهي. هوءَ ڏاڍي خوش
خلق، کل مک ۽ نرم مزاج هوندي هئي ۽ سندس ويجھو
ايندڙ هر ماڻهو جي دل کٽي ويندي هئي. ٿيڪري جو هن
بابت اهو خيال آهي. پر انهي ڳالهه کان ڊپ ڪرڻ
گهرجي ته ٿيڪري پنهنجن ناولن جي عورتن کي نرم ۽
ٻين جي پاسي ۾ رهندڙ ڏيکارڻ چاهيندو آهي. جن ماڻهن
جو سٺو رايو نه هجي اهي مس سيڊلي کي غير اهم ننڍڙي
ڇوڪري سمجهي سگهن ٿا ۽ انهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾
نه پئي آئي ته سهڻي نوجوان ڪيسٽن آسبورن انهي ۾ ڇا
ڏٺو هوندو. هو جيڪڏهن ڪو معزز ماڻهو نه هو (جيڪا
ڳالهه هو پسند ڪري ها) پر کيس وينٽي فيئر جو شهري
ته سڏي سگهجي پيو. تنهن ڪري اميليا جو پيءُ
نيپولين جي ايلبا کان واپسي تي ڏيواليو ڪڍي بيٺو
ته هُن به هن سان شادي ڪرڻ ۾ ڪا اتاولائي نه
ڏيکاري ۽ جارج جي پوڙهي پيءُ به انهي شادي جي
اجازت نه ڏني. اهو ڊابن ئي هو جنهن کي پاڻ جيتوڻيڪ
اميليا سان تمام گهڻي محبت هئي ۽ هو سندس ڳوڙها نه
ٿي ڏسي سگهيو تنهن ڪري جارج کي بار بار چوندو رهيو
ته هو پنهنجي واعدي کي پاڻي ڏئي ۽ پنهنجي پيءُ جي
ڪا به پرواهه نه ڪندي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري.
هاڻي اسين ناول جي انهن بابن ڏانهن اچون ٿا جن کي
اڪثر يا سڀئي پڙهندڙ ناول جا سڀ کان وڌيڪ دلچسپ
باب سمجهن ٿا. واٽر لوجي مهم شروع ٿيڻ واري هئي ۽
آسبورن، ڊابن ۽ راڊن ڪرالي برسلز ۾ پنهنجين
ريجمينٽن ۾ وڃي دخلڪار ٿيا. بيڪي ۽ اميليا انهن
ڏينهن جي عجيب دستور مطابق پنهنجن مڙسن سان گڏجي
ويون. بيڪي جنرل کان وٺي ننڍي کان ننڍي آفيسر
تائين سڀني مردن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري ورتو.
باقي اميليا ته اڳيئي نظر انداز ٿيل زال هئي.
”آسبورن“ بيڪي جي چاهيندڙن منجهان هو. جنگ کان اڳ
واري شام جو سندس ضمير کيس پنهنجي ڪنوار سان
برتاءُ تي چهنڊڙيون وجھڻ لڳو. انهن جي آخري جدائي
جو احوال ڏاڍي دل ڀڄائيندڙ نموني بيان ٿيل آهي.
انهي کان پوءِ آسبورن جلدي وڃي پنهنجي يونٽ وارن
سان مليو. هو پنهنجي ڪمپني جي مهڙ ۾ وڃي رهيو هو
ته اميليا کي سندن رهائش گاهه جي دري ۾ بيٺل
ڏٺائين. پوءِ ڪجھ صفحا اڳتي واٽرلو جي جنگ جو
احوال ڪجھ پيراگرافن ۾ ڏنل آهي. انهن جي پڄاڻي
تمام بهترين ۽ گهٽ لفظن واري ٽڪري تي ٿئي ٿي.
”هاڻي برسلز ۾ فائرنگ جو آواز ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو.
حقيقي جنگ ڪيترائي ميل پري ٿي رهي هئي. ميدان ۽
شهر تي اوندهه ڇانئجي وئي. ۽ اميليا جارج لاءِ دعا
پئي گهري جيڪو پٽ ڏانهن منهن ڪيون مئو پيو هو. هڪ
گولي سندس دل مان آرپار ٿي وئي هئي“.
واٽرلو کان پوءِ ڪرالي ڪٽنب جا فرد (جن تي اسان کي
ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ جيتوڻيڪ اميليا، جوس سيڊلي، ڊابن
۽ ٻيا ڪيترائي پنهنجي حصي جي توجه لاءِ سڏي رهيا
آهن) برطانوي فوج سان گڏ پيرس ويا هليا جتي سڀ مرد
مسز راڊن جي توجه جا طلب گار رهڻ لڳا ۽ تقريباً
سڀئي عورتون هن سان دلي نفرت ڪرڻ لڳيون. پوءِ اهي
ٻه يا ٽي ورهيه اتي رهيا. انهن جو گذر سفر اوڌر تي
هوندو هو يا وري ڪرنل جيڪو ڪجھ تاس يا بليئرڊ مان
ڪمائي ايندو هو انهي مان گذران ڪندو هو. بهرحال
آخرڪار انهن جلدي ۽ ماٺ ميٺ ۾ اٿي وڃڻ جو فيصلو
ڪيو. اهي لنڊن لڏي ويا ۽ ڪجھ ورهيه اتي رهيا. اتي
به انهن جي ڪمائي ڪجھ به نه هوندي هئي يا ٻين لفظن
۾ چئجي ته اهي ٻين ماڻهن جي خرچ تي پلبا هئا. بيڪي
اعليٰ طبقي ۾ اٿندي ويهندي هئي جيتوڻيڪ گهڻي عزت
نه هوندي هئس، هن جو درٻار ۾ به تعارف ڪرايو ويو
هو ۽ ڪيترائي وڏگهراڻا واقف ڪار هوندا هئس. انهن
مان هڪ خاص موسٽ آنريبل دي مارڪئيس آف اسٽائين
هوندو هو. هو هڪ فنا ٿيل عياش پوڙهو هو پر کيس
حيثيت، اثر رسوخ ۽ وڏيون ملڪيتون هيون. هو هن جي
ظرافت ۽ سونهن جي واکاڻ ڪندو هو ۽ سندس ڪفايت
شعاري ۽ چاپلوسين تي کلندو هو. تان جو هڪ رات....
راڊن ”دروازو کوليو ۽ اندر ويو هليو. هڪ ننڍڙي
ٽيبل تي کاڌو رکيل هو. پليٽون شراب. اسٽائين انهي
صوفاتي جهڪيو پيو هو جنهن تي بيڪي ويٺل هئي.
ويچاري عورت ڏاڍي سهڻي ۽ مڪمل پوشاڪ ۾ هئي. سندس
ٻانهون ۽ سموريون آڱريون منڊين ۽ ڪڙن سان چمڪي
رهيون هيون. سندس ڇاتي وارا هيرا به کيس اسٽائين
ڏنا هئا. اسٽائين عورت جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليو هو
۽ انهي تي جهُڪي انهي کي چُمڻ تي هو جو بيڪي راڊن
جي سفيد منهن جي جهلڪ ڏسي ورتي ۽ هڪ هلڪي رڙ سان
ڇرڪ ڀريائين. ٻئي گهڙيءَ هن مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي ڄڻ
ته پنهنجي مڙس جو آڌرڀاءُ ڪندي هجي. پوءِ اسٽائين
ڏند ڪرٽيندو اٿي بيٺو. سندس اکين ۾ ڪاوڙ هئي....
”آءٌ بي ڏوهي آهيان راڊن، هن چيو ”خدا جو قسم مون
ڪو به ڏوهه ڪونهي ڪيو“. هو سندس ڪوٽ ۽ سندس هٿن کي
چنبڙي پئي. سندس هٿ منڊين ۽ ٻين زيورن سان ڍڪيا
پيا هئا. ”آءٌ معصوم آهيان“، چئه ته آءٌ معصوم
آهيان، ”هن لارڊ اسٽائين کي چيو. هن سوچيو ته هن
لاءِ هڪ ڄار وڇايو ويو هو. ”تون معصوم! ڇو؟ تنهنجي
جسم تي پيل هر شي جا پئسا مون ڏنا آهن. مون توکي
هزارين پائونڊ ڏنا آهن جيڪي هن شخص کپايا آهن. هن
انهن جي بدلي ئي توکي وڪرو ڪيو آهي....“ تون ڪوڙ
ٿو ڳالهائين، ڪتا! ”راڊن چيو. ”تون ڪوڙ ٿو
ڳالهائين بزدل، بڇڙا. هن نواب صاحب کي منهن ۾ ٻه
چماٽون وهائي ڪڍيون ۽ کيس رت ڳاڙيندو زمين تي ڇڏي
ڏنائين“.
ڇا هوءَ ڏوهي هئي! ”هن ته نه پئي چيو پر ڪنهن کي
ڪهڙي خبر ته هن جيڪو ڪجھ چيو پئي انهيءَ مان ڪهڙي
ڳالهه سچي هئي؟“ هائو سچو ڪير هو؟ ۽ راڊن کي سندس
زال جي بيڊروم جي خاني مان جيڪو هڪ هزار پائونڊن
جو نوٽ مليو اهو ته بلڪل مشڪوڪ ٿي لڳو. ٿيڪري
معاملي کي کليل ڇڏي ٿو ڏئي جيئن پڙهندڙ ڀلي پاڻ
ڪنهن فيصلي تي پهچي. پر اها ڳالهه ته بيڪي مڪمل
طور خراب نه هئي اها ڳالهه سندس اميليا سان
مهرباني مان واضح ٿي وڃي ٿي. اها ڳالهه ڪتاب جي
آخري باب ۾ آهي ۽ آخر ۾ بيڪي سان ڇا ٿيو؟ ڇا هو
سماجي پيماني ۾ وئي وڌ کان وڌ هيٺ ٿيندي؟ ڇا هن
فقط هار سينگار ۽ شراب ۾ دلچسپي رکي ۽ آخري عمر ۾
اڪيلي ۽ ويچارڙي ٿي ويهي رهي؟ نه پيارا سائين.
وينٽي فيئر ۾ ۽ بيڪي شارپ سان حالتن جو رخ اهو نه
هوندو آهي. اسان کي ريبيڪا يعني ليڊي ڪرالي (هو
پاڻ کي انهي نالي سان سڏرائيندي هئي. جيتوڻيڪ کيس
ائين ڪرڻ جو پڪو پختو حق نه هو) آخري تصوير اها
ڏيکاري وئي آهي جو هو باٿ يا چيلٽنهام ۾ ڏاڍي
آرامده زندگي گذاري رهي آهي جتي (اسان کي ٻڌايو
وڃي ٿو ته) بهترين ماڻهن جي هڪ مضبوط پارٽي سمجهي
ٿي ته هوءَ ڏاڍي ايذايل عورت آهي. ”هن جا ڪي دشمن
آهن؟ دشمن ڪنهن جا نه آهن؟“ سندس زندگي هن پاران
هنن کي ڏنل جواب آهي. هوءَ پاڻ کي نيڪي جي ڪمن ۾
مصروف رکيون ويٺي آهي. هوءَ چرچ ويندي آهي پر هڪ
نوڪر سدائين گڏ هوندو اٿس. خيرات ڏيندڙ ماڻهن جي
هر لسٽ ۾ سندس نالو شامل هوندو آهي. هٿين خالي
نارنگين واري ڇوڪري، نظرانداز ٿيل ڌوٻڻ، مصيبت
ماريل ڪيڪن وارو ماڻهو؛ سڀئي کيس پنهنجو هڪ سخي
دوست ڪري سمجهندا آهن. هوءَ فينسي ميلن ۾ اهڙن بي
يارو مددگار ماڻهن جي فائدي لاءِ سدائين اسٽال پئي
هڻندي آهي“. هائو وينٽي فيئر ۾ ائين ٿي ٿيندو آهي.
45. جين آئير
-- شارلٽ برونٽي --
يارڪ شائر پٽ جي ڪناري سان هاورٿ واري پادري جي
گهر ۾ ماڻهو ماني منجهند جو کائي ڇڏيندا هئا ۽
1847ع ۾ هڪ ٽپهري جو جڏهن کاڌي جي ٽيبل صاف ٿي چڪي
هئي سڀ کان وڏي ڌيءُ پنهنجي پوڙهي پيءُ جي مطالعي
جي ڪمري جو دروازو ڪجھ ڊڄندي ڊڄندي کڙڪايو ۽ ڪمري
۾ داخل ٿي. کيس هڪ ڪتاب ۽ ڪجھ اخباري تراشا هٿ ۾
ڏنا.
”بابا، هن ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”مون هڪ ڪتاب لکيو
آهي“.
”واقعي، منهنجي پياري؟“
”هائو ۽ منهنجي مرضي آهي ته توهان اهو پڙهو“،
”منهنجي خيال ۾ انهي سان منهنجي اکين ۾ ڏاڍو سور
ٿيندو“.
”پر اهو هٿ لکيل نه آهي؛ اهو ڇپيل آهي“.
”منهنجي پياري! تون انهي تي آيل خرچ جو ته سوچيو
ئي نه آهي! اهو ته لازماً گهاٽي ۾ ئي ويندو. جو
تون ڪتاب وڪرو ڪيئن ڪندينء؟ ڪير به توکان يا
تنهنجي نالي کان واقف ئي نه آهي“.
”پر بابا، منهنجي خيال ۾ ته انهي مان ڪو نقصان نه
ٿيندو. توهان مون کي هڪ ٻه تبصرا ته پڙهي ٻڌائڻ
ڏيو ۽ مون کي موڪل ڏيو ته توهان کي انهي بابت ڪجھ
وڌيڪ ٻڌايان“. انهي تي اها نوجوان عورت؛ اها ايتري
نوجوان به نه هئي حقيقت ۾ سندس عمر 31 ورهيه هئي،
ويهي رهي ۽ ڪجھ تبصرا پنهنجي پيءُ کي پڙهي
ٻڌايائين ۽ پوءِ کيس ڪتاب جي ڪاپي ڏئي اهو پڙهڻ
لاءِ اڪيلو ڇڏي وئي. ڪجھ ڪلاڪ پوءِ هو جڏهن چانهه
پيئڻ آيو ته چيائين. ”ڇوڪريون خبر اٿانو ته شارلٽ
هڪ ڪتاب لکيو آهي ۽ توقع کان گهڻو ڀلو آهي؟“
شارلٽ برونٽي ”جين آئير“ لکڻ جي خبر پنهنجي پيءُ
کي ائين ٻڌائي هئي. سندس اهو بيان سندس لفظن ۾ مسز
گيسڪيل پاران سندس لکيل سوانح ۾ ڏنل آهي. سندس
سڀني سوانح عمرين مان اها سڀ کان بهترين آهي ڇاڪاڻ
ته هوءَ شارلٽ برونٽي کي ذاتي دوست جي حيثيت ۾
سڃاڻندي هئي.
جين آئير هڪ هٿين خالي يتيم آهي جنهن کي سندس پڦي
مسز ريڊ جي نگهباني هيٺ ڇڏيو ويو آهي. هوءَ
انگريزي فڪشن ۾ ملندڙ مڊل ڪلاس ميٽرن (وڏي عمر جي
سار سنڀال لهندڙ عورت. سنڌيڪار) جو اڻ وڻندڙ نمونو
آهي. ڪهاڻي جي شروعات وقت ننڍڙي جين ڏهن ورهين جي
آهي. سندس پڦي جا ٻار عام طور کيس هيسائيندا،
ڌمڪائيندا ۽ ڌڪا ڏيندا رهن ٿا. تان جو هو هڪ دفعو
پاڻ سان ٿيندڙ خراب ورتاءُ تي ڏاڍي جذباتي انداز ۾
۽ ڏک ۽ افسوس ۾ ڳالهائي ٿي. انهي تي کيس يتيم
ڇوڪرين جي تعليم جي هڪ خيراتي اداري ۾ ڦٽو ڪيو وڃي
ٿو. ناول ۾ انهي کي لووڊ (Lowood) انسٽيٽيوشن
سڏيو وڃي ٿو. حقيقي زندگي ۾ انهيءَ جا پار پتا
ڪوون برج تي ليڊس کان ڪينڊل ويندڙ روڊ جي ڀرسان هڪ
اداري سان مِلن ٿا. شارلٽ بروٽني ۽ سندس ڀينرون
اتي ڪجھ ورهيه شاگرد ٿي رهيون هيون.
سندس بيان مان لڳي ٿو ته اها گهٽ ۾ گهٽ انهي جي
شروعاتي ورهين ۾ ته ڏاڍي خطرناڪ جاءِ هوندي. اهو
ڏاڍي غير صحتمند علائقي ۾ واقع هو جتي حالتون تمام
خراب هيون. کاڌو بلڪل ڪراهت جهڙو هوندو هو ۽
ماسترياڻيون (سپرنٽنڊنٽ مس ٽيمپل کان سواءِ جنهن
کي ڏاڍي همدردي سان پيش ڪيو ويو آهي) نااهل، سخت ۽
بي احساس هونديون هيون. اسڪول جو ڪنٽرولر مقامي
پادري هوندو هو جنهن جو نالو ڪتاب ۾ مسٽر بروڪل
هرسٽ ڏنل آهي پر حقيقي زندگي ۾ انهي کي ريورنڊ
ڪارس ولسن سمجهيو ويو آهي.
برونٽي ڀينرن مان ٻه سڀ کان وڏيون 1824ع جي
اونهاري جي مند ۾ ڪوون برج ويون ۽ شارلٽ ۽ ايملي
ڪجھ مهينا پوءِ ويون. اسڪول ۾ بخار جو پکڙيو ته
ماريا ۽ ايلزبيٿ (جن جون عمريون ترتيب وار يارنهن
۽ ڏهه ورهيه هيون) کي گهر موڪليو ويو ته هو اتي ئي
فوت ٿي ويون. ماريا برونٽي ناول جي هيلين برنس
آهي. انهي سلسلي ۾ مسز گيسڪيل اسان کي خاطري ڪرائي
ٿي ته: ”هيلين ماريا برونٽي جي هوبهو تصوير آهي.
اسين جنهن ڏينهن سڀ کان آخر ۾ ملياسين انهي ڏينهن
به سندس دل ۾ اهو لاحاصل ڪروڌ ۽ رنجش موجود هئي ۽
سندس نرم دل، صابرين ۽ مرڻ ڪنڌي تي پهتل ڀيڻ سان
انهي ماسترياڻي ڏاڍو ظلم روا رکيو هو جنهن کي ناول
۾ مس سيچرڊ جو نالو ڏنل آهي.“
جين آئير بابت سندس پڦي اسڪول ۾ تمام خراب ڳالهيون
ٻڌائي وئي هئي انهي ڪري ئي ظاهردار ۽ ڏاڍ ڪندڙ
بروڪل هرسٽ هن تي ڪجھ وقت سختيون ڪندو رهيو هو. پر
آخرڪار مس ٽيمپل سندس ڪردار کي صاف قرار ڏنو. هن
پڙهائي ۾ به سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ هن اسڪول ۾
پنهنجن آخري ٻن ورهين دوران شاگردياڻي ماسترياڻي
طور ڪم ڪيو. پوءِ ارڙهن ورهين جي ڄمار تي پهچڻ تي
هن گورنيس ٿي عملي دنيا ۾ قدم رکيو.
جين آئير ڪائونٽي جي اخبار ۾ نوڪري لاءِ اشتهار
ڏنو هو. انهي جي جواب ۾ مسز فيئر فيڪس نالي ڪنهن
عورت کيس ٿارن هال مان خط لکيو. اهو علائقو اتان
کان ستر ميل پري مِل ڪوٽ جي وڏي صنعتي شهر جي
ويجهو هو. ”اتي صورتحال اها هئي جو ڏهن ورهين کان
به ننڍي هڪ ڇوڪري شاگردياڻي هئي ۽ پگهار ٽيهه
پائونڊ ساليانو هو. ”جين جوابي خط لکي اها آڇ قبول
ڪئي ۽ مقرر وقت تي ٿارن فيلڊ پهچي وئي جتي مسز
فيئر فيڪس هن جو چڱي گرم جوشي سان آڌرڀاءُ ڪيو.
پوءِ خبر پئي ته گهر ۾ اها ئي اڪيلي هائوس ڪيپر
هئي. کيس پگهار مسٽر ايدورڊ روچيسٽر ڏيندو هو. اهو
حويلي جو مالڪ هو. هو شاهوڪار ڪنوارو هو ۽ گهڻو
وقت ٻاهر رهندو هو. جين جي ذمي اهو ڪم هنيو ويو ته
هوءَ انهي صاحبلوڪ جي ڇوڪريءَ جي سار سنڀال لهي.
جين کي جلدئي خبر پئجي وئي ته اها ڇوڪري هڪ فرانسي
او پيرا ڊانسر جي ڌيءُ هئي جيڪا مسٽر روچيسٽر جي
پيرس ۾ داشته رهي هئي.
مسٽر روچيسٽر ڪجھ هفتا ته ٿارن فيلڊ ۾ ظاهر ئي نه
ٿيو ۽ پوءِ هو گهوڙي تي چڙهي جين آئير جي زندگي ۾
هڪ ڌڌڪو ڪندو داخل ٿي ويو. هوءَ ڊسمبر مهيني ۾ هڪ
ٽيپهري جو ٻنين ۾ واڪ ڪري رهي هئي جو هڪ تمام وڏو
ڪاري ۽ اڇي رنگ جو ڪتو ۽ هڪ طاقتور گهوڙي تي سوار
هڪ ماڻهو هن جي ڀرسان گذري ويا. گهوڙي سوار سندس
ڀرسان تيزي سان گذري ويو ۽ پوءِ جيئن ته ڪنهن حيرت
مان چيو هجي ”مار! هاڻي ڇا ڪجي؟“ ۽ وري ڇڻڪاٽ ڪري
ڪنهن جي ٿاٻڙجي ڪري پوڻ جو آواز منهنجي ڪنن تي
پيو. ماڻهو ۽ ڪتو هيٺ ڪريا پيا هئا. اهي پيچري تي
ٺهيل برف جي سنهي تهه تان ترڪي پيا هئا. ”هو جلدي
اتي وڃي پهتي ۽ جيڪا مدد پڄي سگهيس سا ڪيائين ۽
پوءِ مهرباني جي ڪجھ لفظن سان ماڻهو گهوڙو
ڊوڙائيندو ويو هليو. ”سندس منهن جو رنگ پڪو هو.
منهن مهانڊن مان درشتي پئي ظاهر ٿيس ۽ اکين جون
ڀرون وڏيون هئس. هو جيتوڻيڪ نوجواني جي عمر کان
ٽپيل هو پر اڌ عمر کي نه پهتو هو. هو شايد پنجٽيهن
ورهين جو هجي. مون کي هن کان ڪو به ڊپ نه ٿيو پر
ڪجھ لڄ محسوس ٿي...“
هوءَ جڏهن حويلي ۾ واپس پهتي ته کيس هر طرف هلچل
نظر آئي. مسٽر روچيسٽر پهچي ويو هو. فيئر فيڪس هن
کي ٻڌايو؛ هن سان هڪ حادثو پيش آيو هو. سندس گهوڙي
جو پير ترڪي پيو هو ۽ ڪري پيو هو. مسٽر روچيسٽر جي
مُريي کي موڙو اچي ويو هو. هڪ نوڪر سرجن کي وٺڻ
ويو هو.
ايندڙ شام جو جين ۽ سندس ننڍڙي شاگردياڻي اڊيلي کي
مسٽر روچيسٽر سان ڊرائنگ روم ۾ چانهه پيئڻ لاءِ
سڏايو ويو. هن کي شروع ۾ سندس هلت چلت ڏاڍي رُکي ۽
ڪجھ قدر برتري ڏيکاريندڙ لڳي پر هو جلدئي انهي تي
هري وئي. تنهن ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته هوءَ هن
کان پري ڌڪجڻ بجاءِ هن ڏانهن تمام زور سان ڇڪجي
آئي ۽ هن به جين جي سادي شڪل صورت ۽ فطري هلت چلت
هوندي ڪجھ اهڙيون نشانيون ڏيکاريون جن مان سمجهجي
پيو ته هن کي جين ۾ ڪجھ دلچسپي پيدا ٿي آهي. جين
جا سادا طور طريقا ۽ سادي شڪل صورت کيس وڻيا هئا.
جلدئي هو کيس پنهنجي اعتماد ۾ وٺڻ لڳو ۽ ڪڏهن ڪڏهن
ته کيس پنهنجي نوجواني جون ڪي ننڍڙيون غلطيون به
ٻڌائيندو هو. ۽ هن جي ڇا حالت هئي، ”ڇا مسٽر
روچيسٽر هاڻي منهنجي نظرن ۾ ڪوجهو ۽ بدصورت هو؟
نه، ڪيترن ئي وڻندڙ ۽ خوشگوار ڳالهين سبب سندس
منهن منهنجي لاءِ اهڙي شي ٿي پيو هو جنهن کي ڏسڻ
آءٌ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪندي هئس. سندس ڪمري ۾
موجودگي منهنجي لاءِ ڏاڍي روشن باهه کان به وڌيڪ
وڻندڙ هوندي هئي“.
بهرحال هن بابت، گهر بابت ۽ گهر جي رهواسين بابت
ڪيتريون ڳالهيون هيون جن جي هن کي خبر نه هئي. گهر
جي رهواسين مان به خاص طور گريس پُول نالي هڪ عورت
بابت جيڪا مٿي ٽين منزل تي اڪيلي رهندي هئي ۽
سلائي جو ڪم ڪندي هئي.
هن کي جڏهن ٿارن فيلڊ هال ۾ رهندي ٻه يا ٽي مهينا
ٿيا هوندا ته هڪ غيرمعمولي واقعو ٿي گذريو جنهن
جين ۽ سندس مالڪ کي هڪ ٻئي جي گهڻو ويجھو آڻي
ڇڏيو. هڪ رات ڏاڍا غمگين آواز سندس ڪن تي پيا.
جنهن ڪري هوءَ سجاڳ ٿي پئي. اهي آواز سندس ڪمري جي
مٿان واري ڪمري مان پئي آيا. پوءِ ڪي آڱريون سندس
ڪمري جي دروازي کي رانبوٽا پائڻ لڳيون ۽ هال جي
گهڙيال ٻه وڄايا هئا جو هڪ وڏو ٽهڪ ٻڌڻ ۾ آيو.
هوءَ جلدي ڪجھ ڪپڙا پهري ٻاهر نڪتي ته جاءِ جو اهو
حصو دونهين سان ڀريل ڏٺائين. اهو دونهون مسٽر
روچيسٽر جي ڪمري مان پئي آيو. هن ڌڪو ڏئي دروازو
کوليو. سندس بستري مان باهه جا اُلا نڪري رهيا
هئا. ”جاڳو! جاڳو!“ هن رڙيون ڪيون ۽ هن کي زور سان
وٺي ڌونڌاڙيو. پر هو دونهين سبب بيهوش لڳو پيو هو.
پوءِ هن پاڻي جي جڳ کي جهڙپ ڏئي بستري ۽ ان تي ستل
ماڻهوءَ کي پاڻي ۾ ٻوڙي ڇڏيو. مسٽر روچيسٽر پوءِ
وڃي سجاڳ ٿيو. ”ڇا ڪا ٻوڏ اچي وئي آ؟“ هن پڇيو.
”نه سر“ هن لاشعوري مزاح ۾ وراڻيو، ”پر باهه لڳي
وئي آهي“.
هن جيڪو ڪجھ ٿي گذريو هو انهي بابت سندس بيان ٻڌو
ته ائين لڳو ڄڻ ته هو انهي جي اڌ جيترو به حيران
نه ٿيو هو جيترو هن سمجهيو هو ته هن کي ٿيڻ گهرجي
ها. هُو مون کي چڱي طرح ڪپڙن ۾ ويڙهي پنهنجي ڪرسي
تي ويهاري ۽ بلڪل ماٺ ڪري ويهڻ جو چئي مٿين منزل
جي ڪمري ڏانهن ويو. هو ڪيترو وقت ٻاهر رهيو ۽ جڏهن
واپس آيو ته هو ڏاڍو غمگين پئي نظر آيو. ”مون کي
سڀ ڪا خبر پئجي وئي آهي“. هن چيو، ”اهو ائين ئي
ٿيو آهي جيڪو منهنجو اندازو هو“. اهو عجيب ٽهڪ
جيڪو هن ٻڌو هو. ڇا هن اهو اڳ ۾ نه ٻڌو هو؟“ ”هائو
سائين مٿين منزل تي هڪ عورت گريس پُول نالي رهندي
آهي جيڪا هتان جو سلائي جو ڪم ڪندي آهي. اها اهڙي
طرح کِلندي آهي. اها ڏاڍي عجيب عورت آهي.“ ”بلڪل
ائين ئي آهي.“ مسٽر روچيسٽر وراڻيو. ”گريس پول-
تون اندازو هنيو آهي، تو جيئن چيو اها عجيب آهي-
هائو، واقعي“.
انهي رات کان پوءِ ٿيندڙ ڏينهن تي جين اهو ڏسي
ڏاڍي اچرج ۾ پئجي وئي ته گريس پول ڏاڍي آرام سان
مسٽر روچيسٽر جي بستري جي پردن تي نوان ڇلا ٽاڪي
رهي هئي جڏهن ته ٻيا نوڪر گذريل رات ٿيل گند صاف
ڪري رهيا هئا. تڏهن کيس اها خبر ٻڌائي وئي ته مالڪ
کي بستري ۾ ڪو ڪتاب پڙهندي ننڊ اچي وئي هئي جو
پردن کي باهه لڳي وئي. ڀاڳ ڀلا ٿيا جو هو بروقت
سجاڳ ٿي ويو ۽ واش اسٽينڊ تي رکيل مٽ مان پاڻي کڻي
باهه وسائي ورتائين. جين جي حيرت ۾ ويتر اضافو
تڏهن ٿيو جڏهن مسز فيئر فيڪس هن کي ٻڌايو ته مسٽر
روچيسٽر کي اوچتو خيال اچي ويو ۽ هو مل ڪوٽ جي
ٻئين پاسي ڏهه ميل پري جاءِ تي ڏنل هائوس پارٽي ۾
شرڪت ڪرڻ ويو هليو آهي. اتي ٻين مهمانن سان گڏ عزت
مآب بلانشي انگرام به هوندي. هوءَ ڏاڍي سهڻي ڇوڪري
هئي ۽ گذريل ڪرسمس تي ٿارن فيلڊ ۾ ٿيل پارٽي ۾
سڀني جي اکين جو مرڪز رهي هئي. اها ڳالهه ٻڌي جين
جو روح وسامي ويو ۽ هوءَ پاڻ کي ڏاڍي بيوقوف سمجهڻ
لڳي جو هن اهو سمجهڻ جي جرئت ڪئي هئي ته مالڪ هن ۾
دلچسپي وٺي ٿو.
مسٽر روچيسٽر ڪجھ ڏينهن پوءِ انهي پارٽي جي موٽ ۾
پارٽي ڏني ۽ ڏاڍا خوش باش ماڻهو سندس ڇت هيٺ گڏ
ٿيا. جين پس منظر ۾ ڌڪجي وئي ۽ مهمانن به هن سان
غريب گورنيس جهڙو ئي سلوڪ ڪيو. پوءِ وري رات جي
اونداهي ۾ هڪ غيرمعمولي ڳالهه ٿي گذري. هڪ تمام
خوفناڪ رڙ سان سڀ گهر وارا جاڳي پيا. گيلري مردن ۽
عورتن سان ڀرجي وئي. سڀني کي رات جا ڪپڙا پهريل
هئا ۽ سڀ ماڻهو پڇي رهيا هئا ته ”مسٽر روچيسٽر ڪٿي
آهي؟“ شروع ۾ ته هو پنهنجن مهمانن سان گڏ بيٺو
انهن جو ڊپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ انهن کي
واپس پنهنجن بسترن ۾ وڃڻ جو چئي رهيو هو ۽ پوءِ
ڪجھ وقت پوءِ هو جين آئير جي بيڊروم جو دروازو
کڙڪائي رهيو هو. هن دروازو کوليو هن مٿس زور ڀريو
ته هوءَ هن سان گڏجي ٽين منزل تي هلي. کيس اتي هڪ
ڪمري ۾ هڪ پراڻي بيڊ ۾ هڪ ماڻهو نظر آيو جيڪو اتي
ڪالهه شام ئي پهتو هو. ماڻهن جي تاثرات مان ائين
پئي لڳو ته ڪنهن کي هن جي اچڻ جي توقع نه هئي نه
ئي کيس ڏسي ڪير خوش ٿيو هو. سندس نالو ميسن (Mason) هو.
هاڻي هو هتي پيو هو. سندس جسم رت ۾ ٻڏل هو ۽ سڄي
جسم تي رهڙون ۽ زخم لڳا پيا هئس. هو مرڻ ڪنڌيءَ تي
نظر پئي آيو پر جين سندس تيمارداري ڪئي. انهي
دوران مسٽر روچيسٽر لڪ ڇپ ۾ ڊاڪٽر کي وٺڻ هليو
ويو. پوءِ اڃا ڀنڀرڪو نه ٿيو هو ۽ هر ڪو ماڻهو
سمهيو پيو هو ته اهي کيس گهر کان ٻاهر کڻائي ويا.
”جين، تون ڏاڍي عجيب رات گذاري آهي“، مسٽر روچيسٽر
صبح جو چيو، ”ڇا تو کي ڊپ نه لڳو هو جڏهن آءٌ توکي
ميسن سان اڪيلو ڇڏي ويو هوس“. ”مون کي اندرئين
ڪمري مان نڪرندڙ ڪنهن ماڻهو کان ڊپ لڳو هو“، هن
وراڻيو، ”ڇا گريس پول اڃا هتي رهندي، سر؟“ ”اوهه،
ها“. مسٽر روچيسٽر ڏاڍي رکائي سان جواب ڏنو، ”تون
هن بابت گهڻو نه سوچ“.
جلدئي پوءِ جين کي پنهنجي پڦيءَ گهرايو ته هوءَ
اوڏانهن وئي هلي. سندس آخري وقت هو ۽ کيس انهي تي
ڏاڍو افسوس هو ته هوءَ جڏهن لووڊ ۾ شاگردياڻي هئي
ته هن مڊيرا ۾ رهندڙ سندس هڪ شاهوڪار چاچي کي
ٻڌايو هو ته هوءَ مري وئي آهي. ٿارن فيلڊ موٽڻ تي
جين کان جلدئي اها ڳالهه وسري وئي ته هوءَ ڪنهن
وڏي دولت جي مالڪياڻي ٿئي ها. ڇاڪاڻ ته اتي تمام
روشن مستقبل سندس سامهون نظر اچي رهيو هو. هوءَ
اڃا به گورنيس ئي هئي پر عزت مآب بلانشي منظر تان
بلڪل غائب ٿي وئي هئي ۽ مسٽر روچيسٽر جين آئير کي
سندس ڪنوار ٿيڻ جو چيو هو. هن به کيس قبول ڪيو هو.
جو تيستائين هو ”نه فقط منهنجي سموري ڪائنات پر
ڪائنات کان به وڌيڪ منهنجي جنت جي اميد ٿي ويو
هو....“
ٻئي ڄڻا شادي کان اڳ جيڪو هڪ مهينو گذارڻ تي راضي
ٿيا هئا اهو به جلد گذري ويو ۽ پوءِ شادي واري رات
کان هڪ رات اڳ جين وري هڪ رات جي مهم کي منهن ڏنو.
ڪمري ۾ ڪو ماڻهو ڏسي کيس جاڳ ٿي. هن جنهن ڪٻٽ ۾
شادي جو وڳو ۽ نقاب رکيو هو اهو ڪٻٽ کليو پيو هو ۽
ڪو ماڻهو اهي ٻاهر ڪڍي مٿي جهلي بيٺو هو. هاڻي جين
کي نظر اچڻ لڳو ته اها ڪا عورت هئي. سندس گهاٽا
ڪارا وار سندس پٺي تي لڙڪي رهيا هئا. هن اهڙي عورت
اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي هئي. هن اڳ ۾ اهو نقاب پنهنجي
مٿي تي رکيو پوءِ انهي کي ڇڪي لاٿائين ۽ زمين تي
اڇلائي انهي کي پيرن هيٺان لتاڙڻ لڳي.
ڪجھ ڪلاڪ پوءِ جين ۽ ايڊورڊ ڳوٺ جي چرچ ۾ زال مڙس
ٿيڻ لاءِ هڪ ٻئي جي ڀرسان بيٺا هئا. پر جڏهن پادري
”ڪا رڪاوٽ“ وارو رسمي سوال ڪيو ته هڪ ماڻهو اڳتي
وڌي آيو ۽ وڏي آواز سان چيائين ته کيس هڪ رڪاوٽ
بابت خبر آهي. اها هيءَ ته مسٽر روچيسٽر اڳ ۾
پرڻيل آهي ۽ سندس زال اڃا زنده آهي. اهو ماڻهو
(پوءِ خبر پئي ته اهو لنڊن جو هڪ وڪيل هو) هڪ حلف
نامو پڙهڻ لڳو جنهن ۾ اهو درج ٿيل هو ته مسٽر
روچيسٽر پندرهن ورهيه اڳ جئميڪا ۾ برٿا ميسن نالي
هڪ عورت سان شادي ڪئي هئي ۽ پوءِ هن هڪ شاهد پيش
ڪيو. اهو ساڳيو ئي پراسرار مسٽر ميسن هو جنهن جي
انهي رت ۽ خوف واري رات جين تيمارداري ڪئي هئي.
”مسز روچيسٽر“ هن چيو، ”زنده آهي ۽ هاڻي ٿارن فيلڊ
هال ۾ رهندي آهي. مون کيس اتي گذريل اپريل مهيني ۾
ڏٺو هو“.
ڳنڀير مرڪ مسٽر روچيسٽر جي چپن کي چٻو ڪري ڇڏيو.
پوءِ هن مختصر لفظن ۾ اعلان ڪيو ته اڄ ڏينهن تي
شادي نه ٿيندي ۽ پارٽي کي واپس گهر وٺي ويو. گهر ۾
هو سڀني ماڻهن کي ٽين منزل تي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ وٺي
ويو. ”ميسن، تون هيءَ جاءِ سڃاڻين ٿو“. هن چيو،
”هن توکي هتي ئي چڪ هنيا هئا ۽ چاقو هنيو هو“. هو
ٿورو اڳتي هڪ ڪمري ۾ آيا جتي گريس پول هڪ ساس پين
۾ ڪجھ رڌي رهي هئي. ۽ ڪمري جي پرئين ڪناري تي پاڇي
۾ ڪا شي اڳتي پوئتي ڊوڙي رهي هئي. اهو ڇا هو؟ ڪو
جهنگلي جانور هو يا ڪو انسان هو. ڪير به پهرئين
نظر ۾ اهو نه ٿي ٻڌائي سگهيو. اها مخلوق هٿن پيرن
تي ڦيرا پائي رهي هئي ۽ ڪنهن عجيب جهنگلي جانور
وانگر جهپڙون ٿي هيائين ۽ گرڙاٽ ٿي ڪيائين. پر اها
ڪپڙن ۾ ويڙهيل هئي ۽ ڪجھ ڪارا ۽ ميٽوڙي رنگ جا وار
سندس مٿي ۽ منهن کي ڍڪيو بيٺا هئا. جين فوراً
سمجهي وئي ته هيءَ اها ئي پراسرار مخلوق آهي جنهن
سندس شادي جو نقاب ڦاڙي ڇڏيو هو. ”خيال ڪريو
سائين، خدا جي واسطي خيال ڪريو“، گريس پول رڙ ڪئي.
انهي پاڳل لوهه پاتي. اها هڪ وڏي ۽ ٿلهي عورت هئي.
۽ مسٽر روچيسٽر کي گلي کان جهلي پنهنجا ڏند سندس
ڳل تي رکي ڇڏيائين. اهي وٺ وٺان ۾ لڳا رهيا.
آخرڪار هن کي قابو ۾ آندو ويو سندس هٿ پٺيان ٻڌا
ويا ۽ کيس ڪرسي سان ٻڌي ويهاريو ويو.
مسٽر روچيسٽر بيٺل ماڻهن ڏانهن منهن ڪيو. ”هيءَ
آهي منهنجي زال“. هن چيو. ”مون کي شادي جي نالي ۾
اهو ئي ڀاڪر نصيب ٿيو آهي“. ۽ هيءَ اها آهي جنهن
کي آءٌ حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو. هن پنهنجو هٿ جين جي
ڪلهي تي رکيو، ”هيءَ نوجوان ڇوڪري جيڪا ڄڻ ته دوزخ
جي منهن وٽ ڏاڍي ڳنڀير ۽ ماٺ ميٺ ۾ بيٺي آهي ۽
ڏاڍي اطمينان سان هڪ جنڙي جا ٺينگ ٽپا ڏسي رهي
آهي“..
پوءِ جين ۽ روچيسٽر نئين پيدا ٿيل صورتحال تي ويهي
بحث مباحثو ڪيو. اهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺا
ڳالهائيندا رهيا. هو ٻڌائيندو رهيو ته ڪيئن هن جي
وڏي اٽڪل سان انهيءَ عورت سان شادي ڪرائي وئي هئي.
هو تڏهن اڃا نوجوان هو ۽ کيس بلڪل خبر نه هئي ته
سندس خاندان ۾ چريائپ جو مرض هلندو پئي آيو. هو هن
کي انگلينڊ واپس وٺي آيو هو ۽ کيس لڪائي ويهاري
ڇڏيو هئائين ۽ پنهنجيون خوشيون ٻين جاين تي
ڳولهيندو رهيو هو. پوءِ جين سندس زندگي ۾ آئي هئي
۽ سڀ ڪجھ بدلجي ويو هو. هن جين سان شادي ڪرڻ چاهي
ٿي ۽ اڃا به سندس اها ئي خواهش هئي. اهي اڃا به هڪ
طريقي مطابق شادي ڪري سگهيا ٿي. اهي ٻاهر هليا
وڃن. اتي اهي خوش گذاريندا ۽ هر ڳالهه صحيح ٿي
ويندي.
پر جين انهي ڳالهه تي راضي نه هئي. جين هن کي واضح
لفظن ۾ ٻڌايو ته هوءَ هن سان محبت ڪري ٿي. هن
پاران گهري جنسي احساس جي ايتري واضح اظهار ئي
وڪٽوريائي دور جي پڙهندڙ کان ايترا ڇرڪ ڪڍرائي
ڇڏيا هئا. کيس چڱي ريت خبر هئي ته روچيسٽر جيڪو
ڪجھ چئي رهيو هو اهو غلط هو ۽ انهي مان ڪا به
چڱائي ٿيڻي نه هئي. هن مٿس ڏاڍو زور ڀريو، ڏاڍا
دليل دلائل ڏنا، ڪاوڙ ۾ رڙيون ڪيون ۽ رنو پڻ. هو
منهن ڦيري ويو هليو ۽ پاڻ کي منهن ڀر صوفا تي کڻي
اڇلايائين. ”او جين، منهنجي اميد، منهنجي محبت،
منهنجي زندگي!“ سندس چپن مان اهي لفظ نڪتا. پوءِ
هڪ اونهي سڏڪي جو آواز آيو. آءٌ اڳ ۾ ئي دروازي وٽ
پهچي چڪي هئس. پر آءٌ وري واپس موٽيس. آءٌ هن جي
ڀرسان گوڏن ڀر ويهي رهيس. مون هن جو منهن گدي مان
کڻي پاڻ ڏانهن ڪيو. مون سندس ڳل تي چمي ڏني مون
سندس وارن تي پنهنجو هٿ ڦيريو. ”خدا توهان تي رحمت
ڪري، منهنجا پيارا مالڪ!“ مون چيو، ”خدا توهان کي
تڪليف ۽ نقصان کان محفوظ رکي. توهان کي هدايت ڏئي،
توهان کي آٿت ڏئي ۽ توهان ماضي ۾ مون تي جيڪي
مهربانيون ڪيون آهن انهن جو توهان کي چڱو بدلو
ڏئي.“ هن پنهنجيون ٻانهون مون ڏانهن وڌايون پر مون
ڀاڪر کان پاسو ڪيو ۽ فوراً ڪمري مان نڪري ويس.
”خدا حافظ“ مون جڏهن کيس ڇڏيو ته منهنجي دل مان رڙ
نڪتي“.
اهي ڏاڍيون سٺيون ڳالهيون آهن پر پوءِ جيڪو ڪجھ
ٿيو اهو انهي جي بلڪل مطابق نه آهي. جين ٿارن فيلڊ
مان ڀڄڻ کان پوءِ ڪجھ ڏينهن بلڪل هٿين خالي ۽ ڏاڍي
بيمار هئي. پر ڏاڍي عجيب اتفاق سان هن جي هڪ پادري
۽ سندس ڀينرن سان دوستي ٿي وئي. اڳتي هلي خبر پئي
ته اهي سندس سوٽيون ۽ سوٽ هئا. هوءَ به نوجوان
پادري سان شادي ڪرڻ لاءِ تقريباً راضي ٿي وئي هئي
جو اوچتو کيس ڪنهن جي سڏ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”جين!
جين! جين!“ هوءَ هڪ لمحو به وڃائڻ کان سواءِ ٿارن
فيلڊ هال ڏانهن رواني ٿي وئي. اهو سڙيو جليو تباه
لڳو پيو هو. ڳوٺ جي سراءَ مان کيس خبر پئي ته انهي
جاءِ کي اتي لڪيل هڪ پاگل عورت باهه ڏئي ڇڏي هئي.
اها پاڻ به ڪوٽ جي ڪونگري تان ٽپ ڏئي مري وئي هئي.
۽ مسٽر روچيسٽر؟ اهو کيس بچائڻ جي ڪوشش ۾ سڙي پيو
هو ۽ سندس ڪجھ عضوا به ڀڄي پيا هئا. هو هاڻي انڌو
ٿي ويو هو ۽ پنهنجي ٻي رهائش گاهه ۾ رهندو هو. جين
تڪڙ ۾ اوڏانهن رواني ٿي ۽ هڪ دل ڀڄائيندڙ منظر ۾
پنهنجي واقفيت ڪرايائين. هائو، هن پوءِ اها ڳالهه
تسليم ڪئي ته، جين جنهن وقت سڏ ٻڌو هو هن انهي ئي
وقت کيس سڏ ڪيو هو ۽ سندس آواز ۾ کيس جواب مليو
هو، ”آءٌ اچان پئي، منهنجو انتظار ڪريو....“
هو جڏهن کيس اهي ڳالهيون ٻڌائي رهيو هو تڏهن اهي
انهي پراڻي گهرجي پڌرن ۾ واڪ ڪري رهيا هئا جنهن ۾
هن هاڻي اچي پناهه ورتي هئي. ”پوءِ هن پنهنجو هٿ
وڌايو جيئن کيس هٿ کان ورتو وڃي. مون انهي پياري
هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ جهليو، انهي کي هڪ گهڙي لاءِ
پنهنجن چپن سان لڳايو ۽ پوءِ اهو ورائي پنهنجي
ڪلهي تي رکيو: آءٌ جيئن ته قد ۾ هن کان گهڻي ننڍي
هئس تنهن ڪري سندس ٽيڪ ۽ گائيڊ ٻنهي طور ڪم ڪري
رهي هئس. اسين جهنگ ۾ داخل ٿي وياسين ۽ گهر جو رخ
ڪيوسين.
46. ودرنگ هائيٽس Wuthering
Heights
-- ايملي برونٽي --
ودرنگ هائيٽس انگريزي فڪشن جو تمام عجيب، تمام
طوفاني ۽ حيراني جي حد تائين شاندار ناول آهي. اهو
مصيبتن جي ماريل برونٽي ڀينرن مان ايملي لکيو هو.
اهو 1847ع جي آخر ۾ شايع ٿيو. هوءَ انهي کان پوءِ
فقط هڪ سال زنده رهي.
اهو اهڙي قسم جو ناول هرگز نه آهي جيڪو ماڻهو ڪنهن
ايتري الڳ ٿلڳ، ايتري ماٺ مٺوڙي ۽ ائين ڇڙائپ واري
زندگي گذاريندڙ ڪنهن عورت کان لکڻ جي توقع ڪري
سگهي. وڏي ڳالهه ته هوءَ هڪ ڳوٺاڻي پادريءَ جي ڌي
هئي. شارلٽ جڏهن ڪتاب جو مسودو پڙهيو ته ”ايترين
بي آرام ۽ سخت فطرتن ۽ ايترن ڪريل روحن جي اثر هيٺ
هن کان دُرڙيون نڪري ويون ۽ هن اهڙين شڪايتن تي
هنن لفظن ۾ همدردي جو اظهار ڪيو ته ”ڪجھ ڏاڍي
وضاحت سان بيان ٿيل ۽ خوفناڪ منظرن سبب رات جي ننڍ
اڏامي ٿي وڃي ۽ ڏينهن جو ذهني سڪون تباهه ٿي وڃي
ٿو. هن تسليم ڪيو ته ”ڪتاب تي تمام وڏي خطرناڪ
اونداهي جو راڄ طاري آهي“ ۽ اهڙي پرجذبات ۽ طوفاني
ماحول ۾ ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو“.
پر جيڪڏهن اهو ئي سڀ ڪجھ هجي ها ته ڪتاب پڙهڻ خوشي
بجاءِ هڪ اذيتناڪ تجربو هجي ها. پر اهو ئي سڀ ڪجھ
نه آهي. هِتي هُتي ڪڏهن ڪڏهن جهُڙالي صبح جو سج
نڪري اچي ٿو ۽ اسين پاڻ کي هڪ وڏي سم جي ڪناري تي
ڏسون ٿا. جتي خرگوشڪ جي ٻوٽڙن جي وچ ۾ ڀنڀوريون
ڦيرا پيون ٿيون ڏين ۽ اونهاري جي گلن ڦلن جي خوشبو
هوا چوطرف پکيڙي ٿي ڇڏي.
هر پيڙهيء جي نقادن ايملي برونٽي جي ذهن جي اندرين
خانن کي ڦلهورڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي ۽ کين انهي
مان گهڻو ڪجھ هٿ آيو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه سندس
ادبي هنر مندي آهي. اها ڳالهه ضرور چئجي ته ڪتاب
جي ترتيب ايتري ته خراب آهي جو اهو به فرض ڪري
سگهجي ٿو ته هن هر ممڪن ڪوشش ڪري ڪتاب کي ايترو
ڏکيو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيئن انهي جو سلسلو
سمجهه ۾ نه اچي. اهو آکاڻي جي ڄڻ ته پڇاڙي وٽان
شروع ٿئي ٿو. خود آکاڻي ٽيهن ورهين جي عرصي تي
پکڙيل آهي ۽ 1802ع ۾ ختم ٿئي ٿي. ڪهاڻي جو بيان به
وقت جي لحاظ کان اڳتي پوئتي ٿيندو رهي ٿو. پڙهندڙ
جي مونجهاري کي وڌائڻ لاءِ ماءُ ۽ ڌيءُ ٻه
هيروئنون آهن ۽ ٻنهي جا نالا ڪيٿرائين آهن. پر هڪ
مرد ڪردار ڪهاڻي کي مربوط رکيون بيٺو آهي. اسين
انهي کي هيرو شايد نه چئي سگهون. اهو ملٽن جي
شيطان وانگر بڇڙائي ۽ بدي جو سگهارو اظهار آهي.
هيٿ ڪلف نالي انهيءَ ماڻهو جي ڪردار کي پڙهندي
اسان کي انهي عظيم ناول جي دهشت ۽ پڻ رحم جا جذبا
به صحيح معنيٰ ۾ سمجهه ۾ ايندا.
ڪتاب 1801ع جي سن سان شروع ٿئي ٿو ۽ پهريون
ڳالهائيندڙ لاڪ ووڊ نالي هڪ نوجوان آهي. جنهن ويسٽ
يارڪ شائر جي سِمُنِ تي ٿرش ڪراس گرينج نالي هڪ
گهر ٿوري عرصي لاءِ ليز تي ورتو آهي. هڪ صبح جو هو
پنهنجي زميندار مسٽر هيٿ ڪلف سان ملڻ لاءِ سِم جي
پرئين ڀر تقريباً چار ميل پنڌ ڪري ويو. انهي جي
رهائش گاهه جو نالو وُدرنگ هائيٽس(Wuthering
Heights) آهي.
لاڪ ووڊ اسان جي فائدي لاءِ وضاحت ڪري ٿو ته ودرنگ
هڪ ننڍي شهر ۾ ڪتب ايندڙ صفاتي صيغو آهي. ڪا جاءِ
يا ڪو هنڌ ڪنهن طوفاني موسم ۾ جنهن ماحولياتي وڳوڙ
کي منهن ڏيندو آهي انهي لفظ مان انهي ڳالهه جو
اظهار ٿئي ٿو“. ڪجھ سُڪل سرن ۽ وڏن ٻُوڙن مان
سوساٽ ڪندڙ اتر جي هوا جي طاقت جو اندازو ڪرڻ مشڪل
نه آهي. پر گهر تمام مضبوط نموني پٿر جو ٺهيل آهي
۽ اهو هوا ۽ مينهن کي سولائي سان منهن ڏئي سگهي
ٿو.
اسين جيڪڏهن گهر جي چانئٺ ٽپي لاڪ ووڊ سان گڏ
هلندا هلون ته اسين مسٽر هيٿ ڪلف جي پهرئين جهلڪ
ڏسي وٺنداسين. هو رنگ روپ جي لحاظ کان سانوري چمڙي
وارو جپسي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ لٽي ڪپڙي ۽ اٿي ويٺي جي
لحاظ کان ڪو معزز ماڻهو لڳي ٿو. يعني ايتري قدر
معزز جيترا ڳوٺاڻي علائقي جا زميندار لڳندا آهن.
هو ڪجھ گندو ۽ ميرو به اهي پر پنهنجي کڙي تڙي ۽
ٺاهوڪي شڪل شباهت سبب سندس گدلائپ ايتري لکائي نه
ٿي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪجھ ماڻهو اهو محسوس ڪن
ته هن ۾ هلڪي قسم جو غرور آهي.
لاڪ ووڊ جڏهن ٻئي ڏينهن پراڻي فارم واري رهائش
گاهه تي ٻيو دفعو اچي ٿو ته کيس محسوس ٿئي ٿو ته
انهيءَ ماڻهو جي ڪردار ۾ عجيب اونهايون آهن جن جي
پيمائش لاءِ وڏي ڪوشش ڪرڻي پوندي. لاڪ ووڊ انهي
ٻئي دفعي ۾ هڪ پراسرار جوڙي سان ملي ٿو. اهو هڪ
نوجوان مرد ۽ هڪ ڇوڪري آهن. جيڪي لڳي ٿو ته هيٿ
ڪلف سان گڏ اتي ئي رهن ٿا. اهي ڪير آهن ۽ اتي ڇا
ٿا ڪن. اسان کي في الحال انهن سوالن بابت سوچڻ نه
گهرجي. هاڻي اچو ته چوٿين باب جي اڌ تي هليا هلون
جتي مسز نيلي ڊين پنهنجي ڪهاڻي جي شروعات ڪري ٿي.
هوءَ ناول ۾ بيان ڪندڙن جي سلسلي ۾ مک حيثيت رکي
ٿي.
باب جي شروعات وقت نيلي تيرهن يا چوڏهن ورهين جي
ڇوڪري آهي. اها انهي قديمي فارم واري رهائش گاهه Wuthering
heights تي
رهندي هئي. اها رهائش گاهه ارن شا ڪٽنب جو گهر
هوندي هئي. ”ڇاڪاڻ ته منهنجي ماءُ هينڊلي ارن شا
جي پالنا ڪئي هئي ۽ آءٌ ٻارن سان راند روند تي هري
مري وئي هئس: آءٌ ڪم ڪار به ڪندي هئس ۽ ڪو به
ماڻهو مون کي ڪنهن ڪم ۾ هڻي ته آءٌ تيار هجان. هڪ
اونهاري جي روشن صبح جو لاباري جي شروعات مهل- وڏو
مالڪ- نيلي کيس انهي نالي سان سڏي ٿي. هيٺ لهي
آيو. کيس سفر وارا ڪپڙا پهريل هئا ۽ پنهنجن ٻارن
چوڏهن ورهين جي هنڊلي ۽ ڇهن ورهين جي ڪيٿرائين- هو
نيلي سان گڏ ويٺا ڏارو کائي رهيا هئا- کي چيائين
ته هو لورپول ڏانهن سفر تي پيو وڃي. ”سٺ ميل پري
چڱو سفر آهي“، ۽ انهن لاءِ ڇا آڻي. هنڊلي وائلن جي
گهُر ڪئي ۽ مس ڪيٿي چهبڪ جي فرمائش ڪئي. سندس عمر
جيتوڻيڪ تمام ننڍي هئي پر هوءَ طنبيلي جي ڪنهن به
گهوڙي تي سواري ڪري سگهندي هئي. هو ٽن ڏينهن کان
پوءِ موٽيو. هو تمام ٿڪيل هو ۽ جلدئي خبر پئجي وئي
ته چهبڪ هن کان رستي ۾ ڪٿي وڃائجي ويو هو ۽ وائلن
انهي لاءِ هن پنهنجو شاهي ڪوٽ کوليو ته اها انهي ۾
ڀڳي ٽڪرا ٽڪرا لڳي پئي هئي. پر هن ڪا ٻي شي آندي
هئي: اهو هڪ گندو، بدحال، ڪارن وارن وارو ٻار هو.
اهو ايترو وڏو هو جو ڳالهائي ۽ گهمي سگهي پيو پر
اهو جڏهن پنهنجن پيرن تي اٿي بيهندو هو ته فقط
چوطرف پيو نهاريندو هو ۽ بار بار ڪي اهڙا لفظ پيو
اچاريندو هو جيڪي ڪير به نه سمجهندو هو. ”مسز ارن
شا ته انهي کي دروازي کان ٻاهر اڇلائڻ لاءِ تيار
ٿي وئي ۽ پنهنجي مڙس کان پڇڻ لڳي ته هن پاران اهو
گندو جپسي ٻار گهر ۾ آڻڻ جو مقصد ڪهڙو هو. پر
ڪراڙي ارن شا کلندي ۽ ڪنجهندي پاڻ کي ڪرسي تي
اڇلائي ڇڏيو ۽ هن کان هنن کي فقط اها ئي وضاحت ملي
سگهي ته کيس اهو ٻار بي گهر ۽ بکن ۾ مرندو لور پول
جي گهٽين ۾ مليو هو. هيٿ ڪلف انهي گهر ۽ ڪٽنب ۾
اهڙي طرح داخل ٿيو جنهن تي هن اڳتي هلي غلبو حاصل
ڪيو ۽ تباهه ڪيو. اهو سال تقريباً 1771ع جو هو.
(هنن هن تي اهو نالو هڪ پٽ جي نالي پٺيان رکيو هو
جيڪو ننڍپڻ ۾ فوت ٿي ويو هو. ۽ اها خبر نه آهي ته
اهو هن جو عيسائي نالو هو يا ذات (Surname) هئي.
بهرحال هن کي ڪو ٻيو نالو نه ڏنو ويو).
غمگين ۽ صابرين هيٿ ڪلف اڳتي هلي جسماني طور تمام
سگهارو ٿيو ۽ سيرت ۽ ڪردار جي لحاظ کان تمام ڪٺور
۽ خونخوار ٿيو. ڪنهن کي به سندس صحيح عمر جي خبر
نه هئي پر جڏهن کيس اتي آندو ويو هو تڏهن سندس عمر
شايد ته ڇهه يا ست ورهيه هئي ۽ پندرهن سورهن ورهين
جي عمر تائين هو وڌي مرد ماڻهو ٿي ويو. هنڊلي کيس
ڄڻ ته وچ ۾ اچي پوندڙ سمجهي هن کان نفرت ڪندو هو ۽
هن سان ڏاڍي بي رحمي وارو سلوڪ ڪندو هو. ڇوڪرو وڌي
موٽائي ڌڪ هڻڻ جيترو ٿيو ته هنڊلي به پنهنجي اها
عادت ڇڏي. باقي ڪيٿرائين لڳ ڀڳ شروع کان ئي هن
ڏانهن ڇڪيل ۽ مائل لڳندي هئي. نيلي ڊين مطابق هوءَ
ڏاڍي پُرجوش، بڇڙي ۽ سنهڙي ڇوڪري هئي پر آسپاس جي
سمورين ڇوڪرين ۾ هن جي اکين جي چوگرد وارا هڏا سڀ
کان وڌيڪ نڪتل هوندا هئا، هن جي مرڪ سڀني کان سٺي
هوندي هئي ۽ هن جا پير به سڀني کان هلڪا هوندا
هئا. اها هيٿ ڪلف کي ڏاڍو چاهڻ لڳي. ”اسين جيڪڏهن
ڪا سڀ کان وڏي سزا ڳولهي سگهياسين ٿي ته اها کيس
هيٿ ڪلف کان ڌار ڪرڻ هئي“. جڏهن ته هو به ڪنهن
گونگي ڪتي واري تابعداري سان هن جي پٺيان پيو
هلندو هو.
شايد ڪراڙو ارن شا جيڪڏهن زنده رهي ها ته ٻنهي کي
شادي ڪرڻ جي موڪل ملي وڃي ها. پر هو هڪ آڪٽوبر جي
شام جو هيٿ ڪلف جي اچڻ کان ٻه ورهيه پوءِ ڪرسي تي
ويٺي ويٺي فوت ٿي ويو ۽ هن جي جاءِ تي هنڊلي مالڪ
بڻيو. هيٿ ڪلف جڏهن سورهن جي آسپاس عمر کي پهتو ته
سندس چال ۾ لوڏو اچي ويو ۽ ڏسڻ ۾ بي مانائتو نظر
اچڻ لڳو. سندس فطري طور الڳ ٿلڳ رهڻ واري طبيعت
رنجيدگي ۾ بدلجي وئي ۽ فارم تي لڳاتار ڪم ڪرڻ سبب
هن انهن خيالن تان به هٿ کڻي ڇڏيو جيڪي هن ڪنهن
وقت ذهن ۾ ٺاهيا هئا ته هو پڙهائي ۾ ڪيڙائين جو
ساٿي ٿيندو. هو هڪ اڻ گهڙيو نوجوان بدمعاش هو پر
انهي جي باوجود به ڇوڪريءَ جي دل ۾ هن لاءِ
غيرمعمولي چاهه هو. هڪ شام جو جڏهن اهي رڌڻي جي
باهه جي سامهون ويٺيون هيون ته هن حيرت زده مسز
ڊين کي ٻڌايو: ”نيلي، آءٌ خود هيٿ ڪلف آهيان. هو
هميشه هميشه منهنجي ذهن ۾ رهي ٿو. هو ڪنهن خوشي يا
سرور جي حيثيت ۾ نه پر منهنجي پنهنجي وجود جي صورت
۾ موجود رهي ٿو.
پر هن جو ارادو اهو ڪڏهن به نه هو ته هوء جڏهن
پوري عمر جي ٿيندي ته هيٿ ڪلف سان شادي ڪندي،
”هاڻي آءٌ جيڪڏهن هيٿ ڪلف سان شادي ڪنديس ته انهي
سان منهنجي حيثيت گهٽجي ويندي“. هن چيو هو. جو
هاڻي سندس ڀاءُ به هيٿ ڪلف تي حاوي ٿي ويو هو. هن
جنهن ماڻهوءَ سان شادي ڪرڻ جو ارادو رکيو ٿي اهو
ايڊگرلنٽن هو جيڪو ٿرس ڪراس گرينج ۾ پنهنجي ماءُ
پيءُ سان گڏ رهندو هو. هن ڪجھ وقت اڳ ئي کيس شادي
جي آڇ ڪئي هئي جيڪا ڪيٿرائين قبول ڪئي هئي. ايڊگر
نوجوان هو. هو ڪيڙائين کان تقريباً چار ورهيه وڏو
هو. هو ٺاهوڪو هو، کل مک هو، امير هو، هن سان محبت
ڪيائين ٿي ۽ سندس ماءُ پيءُ کي به ڪو اعتراض نه
هو. انهي شاديءَ جو هڪ ٻيو سبب به هو. ”نيلي هاڻي
ڏس! تون مون کي خودغرض سمجهين ٿين پر ڇا اها ڳالهه
ڪڏهن تنهنجي ذهن ۾ نه آئي ته جيڪڏهن هيٿ ڪلف ۽ آءٌ
شادي ڪريون ها ته اسين پينو فقير ٿي وڃو ها؟ پر
جيڪڏهن آءٌ لنٽن سان شادي ڪريان ته آءٌ هيٿ ڪلف کي
اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪري سگهان ٿي ۽ کيس منهنجي ڀاءُ جي
اثر مان ڪڍي سگهان ٿي“.
انهن ٻنهي کي جيتوڻيڪ اها خبر نه هئي پر هيٿ ڪلف
انهن جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي رهيو هو پر هو ڪيٿرائين
جو آخري سبب ٻڌڻ کان اڳ اتان کسڪي ويو ۽ انهي رات
وڏي ڪاوڙ ۽ نفرت وچان ودرنگ هائيٽس ڇڏي ويو.
ڪيٿرائين سندس اوچتي روانگي مان ڏاڍي پريشان ٿي پر
هن ايڊگرلنٽن سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ۽
هو ارڙهن ورهين جي هئي جو 1783ع جي بهار جي مند ۾
اها شادي ٿي. پوءِ سيپٽمبر مهيني جي هڪ روشن شام
جو هيٿ ڪلف موٽي آيو. هو وڌي ڊگهو ۽ ڪسرتي بدن
وارو مرد ٿي ويو هو. سندس طور طريقن ۾ به وڏي
بهتري اچي وئي هئي ”انهن مان کهرائپ بلڪل نڪري وئي
هئي پر اڃا ايتري نفاست نه آئي هئي“.
هيٿ ڪلف اتي پهچڻ کان پوءِ موڪلائڻ جي تڪيلف نه
ڪئي ۽ هائيٽس ۾ جائيتو ٿي ويهي رهيو. هنڊلي ارن شا
جي زال ڪجھ وقت اڳ فوت ٿي وئي هئي کيس انهيءَ مان
هيريٽون نالي هڪ پٽ هو. هنڊلي تمام غربت ۽ بدحالي
۾ شراب پي پي پاڻ کي جلد موت جي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش
۾ هو. هيٿ جنهن ڏينهن اتي پهتو انهي شام ئي ٿرس
ڪراس گرينج پهچي ويو. ڪيٿرائين ڏاڍي خوشدلي سان هن
جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ سندس نوجوان مڙس به کيس خوش رکڻ
ئي بهتر سمجهيو جو هوءَ پيٽ سان هئي پر هو اندروني
طور ڏاڍن خدشن سان ڀريل هو. حقيقت ۾ هن جي پريشاني
اجائي به نه هئي. ڇاڪاڻ ته هيٿ ڪلف ۾ هڪ لحاظ کان
ڪا به تبديلي نه آئي هئي. هن ۾ بدلي جي اڃا به
شديد خواهش موجود هئي. ايڊگر جلدئي اهو ڏسي ڪنبي
ويو ته سندس اوڻيهين ورهين جي نوجوان ٺينگ ٽپا
ڏيندڙ ڀيڻ ازابيل هيٿ ڪلف تي موهت ٿي پئي آهي. اهي
ڪجھ هفتا پوءِ ڀڄي ويا. هيٿ ڪلف پاران هن کي کڻي
وڃڻ جا سبب واضح هئا: جيستائين ڪيٿرائين سندس ڀاءُ
کي پٽ نه ٿي ڄڻي ڏئي تيستائين ازابيل ئي سندس ڀاءُ
جي وارث آهي. اهو مسئلو ڪجھ هفتن ۾ حل ٿي ويندو.
هيٿ ڪلف پنهنجي ڪنوار سان ڏاڍي وحشانيت وارو سلوڪ
ڪيو ۽ ودرنگ هائيٽس واپس پهچڻ تي بنا دير ڪيٿرائين
کي ٻڌايو ته هو فقط ۽ فقط هن سان ئي محبت ڪري ٿو ۽
هو فقط هن جي ڪري ئي ويو هليو هو ۽ هن جي ڪري ئي
واپس آيو هو ۽ انهي جي ڪري ئي هن جي نڻاڻ جو مڙس
ٿيو هو. لنٽن کيس گهر ۾ اچڻ کان روڪي ڇڏيو. پر هن
سموري مخالفت کي پٺي پٺيان اڇلائي ڇڏيو.
جڏهن کيس اها خبر پئي ته ڪيٿرائين ڏاڍي بيمار آهي
تڏهن هن نيلي ڊين کي انهي تي راضي ڪري ورتو ته
هوءَ هن ڏانهن هڪ چٺي کڻي وڃي ۽ جڏهن ايڊگر ۽ سڀ
نوڪر گرجا گهر ويا هئا ته هو گهر ۾ آيو هليو. هيٿ
ڪلف ڌڪو ڏئي ڪيٿرائين جي ڪمري جو دروازو کوليو ۽
اک ڇنڀ ۾ کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتائين: ”ڪيٿي
تون پنهنجي دل سان دوکو ڇو ڪيو؟“ هن ڏک ۾ چيو،
”توکي مون سان محبت هئي. پوءِ توکي مون کي ڇڏڻ جو
ڪهڙو حق هو؟ ڪهڙو حق هو؟ مون کي ٻڌاءِ تنهنجي دل ۾
لنٽن لاءِ ڪو احساس هو؟ ڪا به تڪليف يا ذلت يا موت
يا خدا ۽ شيطان طرفان موڪليل ڪا به ڳالهه اسان کي
جدا نه ڪري سگهي ها. تون اهو ڪم پنهنجي مرضي سان
ڪيو آهي. مون تنهنجي دل نه ڀڳي آهي. اها تو پاڻ
ڀڳي آهي ۽ انهي کي ڀڃندي تو منهنجي دل به ڀڃي ڇڏي
آهي....
”مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي، مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي“.
ڪيٿرائين سڏڪا ڀريا. ”جيڪڏهن مون ڪا غلطي ڪئي آهي
ته آءٌ“ انهي جو ڪيتو لوڙي رهي آهيان. اهو ڪافي
آهي. تون به ته مون کي ڇڏي ويو هئين. پر آءُ توکي
ڪا ملامت نه ٿي ڪريان. آءٌ توکي معاف ڪريان ٿي.
تون به مون کي معاف ڪر!
انهي رات ٻارهين وڳي- توهان کي جيڪڏهن تاريخ ۾
دلچسپي آهي ته اها 20- مارچ 1784ع هئي سومر جو
ڏينهن هو-ڪيٿرائين هڪ ڌي کي جنم ڏنو، انهي جو نالو
به سندس پٺيان ڪيٿرائين رکيو ويو ۽ ٻه ڪلاڪ پوءِ
هوءَ گذاري وئي.
ودرنگ هائيٽس جي ارڙهين کان ٽيهين باب کي ناول جو
ٻيو جو چئي سگهجي ٿو. اڳ وانگر هاڻي به بيان ڪندڙ
نيلي ڊين آهي ۽ اهو حصو گهڻو ڪري ٻين ڪيٿرائين سان
لاڳاپيل آهي. جيڪا انهيءَ خوف ۽ پيڙا واري رات
ڄائي هئي. اڪثر پڙهندڙن کي هن ۾ پهرئين حصي واري
ڊرامائيت نظر نه ايندي ۽ انهن کي ٻين ڪيٿرائين ڪا
ٿڪل ٽٽل ننڍڙي مخلوق لڳندي. سندس عادتون تمام
بگڙيل آهن. هوءَ مغرور، بيوقوف ۽ پنهنجي مرضيءَ
واري آهي. انهيءَ ڳالهه جو به ٻئي ڪنهن نه پر فقط
هن مٿان ئي الزام ايندو جو هن کي سترهن ورهين جي
ڄمار ۾ هيٿ ڪلف ازابيل مان ڄاول پنهنجي پٽ لنٽن
سان شادي ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو (ازابيل شادي کان
ڪجھ ئي هفتا پوءِ هيٿ ڪلف کي ڇڏي ڏنو هو) اهو
ويچارو ڏاڍو ڪمزور، ننڍڙو ۽ خود رحمي جو شڪار
ڇوڪرو هو. ڪيٿرائين جي دل ۾ انهي لاءِ ڪنهن قسم جو
ٻاجھ ڀريو پيار پيدا ٿي ويو هو. ايڊگرلنٽن هيٿ ڪلف
هٿان اهو آخري وار کائڻ کان پوءِ جلدئي فوت ٿي ويو
۽ پوءِ اهو ڇوڪراٽ مڙس به فوت ٿي ويو. اهڙي طرح
گرينج ۽ ودرنگ هائيٽس جو اڪيلو مالڪ هيٿ ڪلف ئي ٿي
ويو. هو ودرنگ هائيٽس ۾ هيريٽون ارن شا (سندس ڄمار
هاڻي چوڏهن پندرهن ورهيه ٿيندي) ۽ ڪيٿرائين سان گڏ
رهي ٿو. لاڪ ووڊ کي 1801ع ۾ ودرنگ هائيٽس وڃڻ وقت
اهي ٻئي نوجوان ملندا هئا.
هاڻي اسين وري ٽئين باب ڏانهن اچون ٿا جنهن ۾ لاڪ
ووڊ ٻڌائي ٿو ته برفاني طوفاني سبب هو ڦاسي پيو هو
۽ اها رات کيس ودرنگ هائيٽس ۾ گذارڻي پئي هئي. هن
کي دري جي سامهون هڪ قسم جي ڪٻٽ ۾ بسترو ڏنو ويو.
انهي ۾ ڏاڍو سيءُ هو ۽ ڪو به آرام نه هو جو انهي ۾
هن هڪ خواب ڏٺو هو جو ڪو ماڻهو زور سان دري کڙڪائي
رهيو هو. هن دري جي ڀڳل شيشي مان هٿ ٻاهر ڪڍيو ته
ڪنهن جي ننڍڙي ٿڌي يخ هٿ سندس آڱريون پڪڙي ورتيون،
”مون کي اندر اچڻ ڏيو! مون کي اندر اچڻ ڏيو!“ انهي
غمگين آواز سڏڪن ۾ چيو. ”تون ڪير آهين؟“ هن پڇيو،
”ڪيٿرائين لنٽن!“ انهي ڏڪندي جواب ڏنو. ”آءٌ گهر
پهچي وئي آهيان. آءٌ رستو ڀلجي وئي هئس!“ ”وڃ هلي“
هن رڙ ڪئي. ”آءٌ توکي اندر اچڻ نه ڏيندس. تون
جيڪڏهن ويهن ورهين تائين ٻاڏائيندي رهندين ته به
اچڻ نه ڏيندس“. هاڻي ته ويهه ورهيه ٿي ويا آهن.
”آواز ڏک ۾ چيو“. آءٌ ويهن ورهين تائين بي گهر رهي
آهيان. ”انهي تي هو سجاڳ ٿي ويو ۽ خوف ۾ رڙيون ڪرڻ
لڳو. هيٿ ڪلف لعنتون وجهندو ڊوڙندو آيو پر هو ڏاڍو
پريشان هو. لاڪ ووڊ پنهنجي زميندار کي بيڊ جي
سامهون گوڏا کوڙي بيهندي ۽ ڄاريءَ واري دري
کوليندي ڏٺو ته هو ڪمري مان ڀڄي ويو. ”اندر اچ“ هن
سڏڪو ڀريو، ”ڪيٿي هل اچ! اچ نه. هڪ دفعو وري! او
منهنجي دل جي راڻي! هي دفعو منهنجي ڳالهه ٻڌ،
ڪيٿرائين آخري دفعو!
جيئن آخري بابن ۾ ٻڌايل آهي لاڪ ووڊ هڪ سال پوءِ
وري هائيٽس ويو. هيريٽون ۽ ڪيٿرائين اتي هئا ۽ صاف
نظر اچي رهيو هو ته انهن کي هڪ ٻئي سان تمام گهڻي
محبت هئي. نيلي ڊين کيس ٻڌايو ته هيٿ ڪلف ڪجھ
مهينا اڳ فوت ٿي ويو هو. هن کيس هڪ صبح جو مئل ڏٺو
هو. هو انهيءَ پيتي جهڙي بستري تي پيو هو جنهن کان
لاڪ ووڊ چڱي طرح واقف هو. هو پنهنجي موت کان ڪجھ
ڏينهن اڳ عجيب نموني پريشان لڳندو هو. هن کائڻ
پيئڻ بند ڪري ڇڏيو هو ۽ ائين لڳندو هو ڄڻ ڪنهن جي
اچڻ جي انتظار ۾ هجي. پر هو بيمار نه هو ۽ ڊاڪٽر
کي به سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هو سندس موت جو سبب
ڪهڙو ٻڌائي. انهن کيس سندس وصيت مطابق شام جو دفن
ڪيو. سندس قبر انهيءَ عورت جي ڀرسان هئي جنهن سان
هن ڪيترا ورهيه اڳ ڏاڍي شديد محبت ڪئي هئي. نيلي
کي ياد هو ته هن کيس ٻڌايو هو ته هن لنٽن جي تدفين
جي موقعي تي ڇا ڪيو هو. ”مون لنٽن جي قبر کوٽيندڙ
گورڪن کي چيو“، هن چيو هو، ”ته سندس تابوت جي ڍڪ
مٿان مٽي پري ڪر. پوءِ مون اهو کوليو.... مون سندس
منهن وري ڏٺو. اهو هن جو ئي هو!... مون تابوت جي
هڪ پاسي کي ڌڪ هڻي گهر گهلو ڪيو ۽ انهي کي ڍڪي
ڇڏيو. لنٽن وارو پاسو نه. لعنت هجيس! آءٌ ته چوان
ٿو ته اهو جيڪر شيهي سان بند ٿيل هجي ها. پوءِ مون
گورڪن کي رشوت طور پئسا ڏنا ته جڏهن مرڻ کان پوءِ
منهنجو لاش اتي دفن ٿيڻ اچي ته انهي کي ڇڪي مون کي
اتي رکي ڇڏجانءِ“.
ڳوٺن ۾ هن بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور هيون.
نيلي لاڪ ووڊ کي ٻڌايو ته آءٌ هڪ شام جو ويس پئي.
انهي شام جو ڏاڍي اونداهي ٿي وئي هئي ۽ ڏاڍو دل
ڏاريندڙ طوفان هلي رهيو هو جو مون کي هائيٽس کان
ٿورو اڳتي هڪ ننڍڙو ڇوڪرو نظر آيو انهي سان هڪ رڍ
۽ ٻه گهيٽڙا هئا. هو ڏاڍي ڀوائتي نموني رڙيون ڪري
رهيو هو. مون هن کان پڇيو ”ڇا ڳالهه آهي ننڍڙا
ماڻهو؟ هن چيو، ”او هتي انهي وڻ هيٺان هيٿ ڪلف ۽
هڪ عورت بيٺا آهن. مون کي انهن وٽان لنگهندي ڊپ ٿو
لڳي“.
”انهن کي ڪنهن به ڳالهه جو ڊپ نه آهي. لاڪ ووڊ
چيو. سامهون ٻئي عاشق به شام جي واڪ تان موٽي رهيا
هئا“. اهي گڏجي شيطان ۽ سندس سمورن لشڪرن کي منهن
ڏئي ويندا“.
لاڪ ووڊ گرينج واپس ويندي قبرستان ڏسڻ لاءِ رستي
تان هيٺ لهي پيو. ”مون ڪوشش ڪئي ته مون کي ٽنهي
قبرن جا مٿيان پٿر جلد ئي نظر اچي ويا: وچون اڇي
خاڪستري رنگ جو هو ۽ اڌ زمين ۾ پوريل هو:
ايڊگرلنٽن جي قبر تي پيرن وٽان گاهه ۽ سينور چڙهي
آيو هو. هيٿ ڪلف جي قبر جي مٿان ڪجھ به نه هو.
انهن جي چوڌاري ڪجهه وقت بيٺو رهيس ۽ ڀنڀورين کي
ڦيرا ڏيندي ڏسندو رهيس. آءٌ گاهه مان سوساٽ ڪري
ايندڙ هير جا آواز به ٻڌندو رهيس ۽ سوچيندو رهيس
ته ڇا ڪير تصور ڪري سگهي ٿو ته انهي خاموش ڌرتي
هيٺان ڪير ڪيترو نه بي آرام هوندو!
47. دي هسٽري آف انگلينڊ
-- لارڊ ميڪالي--
جيتوڻيڪ لارڊ ميڪالي جي انگلينڊ جي تاريخ کان پوءِ
ٻيون به ڪيتريون ئي انگلينڊ جون تاريخون آيون آهن
پر عوامي مقبوليت جي لحاظ کان ڪا به انهي جي برابر
نه ٿي سگهي آهي. اها ڪا ايتري پُراسرار ڳالهه به
ڪانهي. انهي جو سبب واضح آهي. هن تاريخ کي دلچسپ
بڻايو. ”آءٌ تيستائين مطمئن نه ٿيندس“، هن 1841ع ۾
لکيو جڏهن هو وڏا ڪشالا ڪري هر روز صبح جو پنهنجا
ڇهه فولسڪيپ (Foolscap) صفحا
لکندو هو، ”جيستائين آءٌ ڪا اهڙي شي پيش نه ڪريان
جيڪا نوجوان عورتن جي ميزن تان ڪجھ ڏينهن لاءِ
تازي فيشني ناول کي پري نه ڪري ڇڏي. ستن ورهين کان
پوءِ جڏهن پهريان جلد ڇپيا ته کيس ڪجھ ڏينهن ۾ ئي
خبر پئجي وئي ته هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي چڪو
آهي ۽ اها ڪاميابي فقط نوجوان عورتن تائين محدود
نه آهي. جنهن کي به سندس ڪتاب هٿ اچي رهيو هو. اهو
پڙهي رهيو هو ۽ پٺين جلدن به پهرئين جلد جهڙي
ڪاميابي حاصل ڪئي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڇاپن پٺيان
ڇاپا ايندا ويا ۽ هاڻي اهو چوڻ شايد غلط نه ٿيندو
ته اهڙي قسم جي ٻئي ڪنهن به سنجيده ڪتاب جي ڪڏهن
به ايتري گهڻي ۽ لاڳيتي طلب نه رهي آهي.
ڪتاب جو پورو عنوان آهي. The
History of England From the Accession of James
II ۽
ميڪالي جو شروع ۾ مقصد اهو هو ته هو ڪتاب ۾ 1685ع
کان وٺي ”موجوده دور ۾ زنده ماڻهن جي يادگيريءَ
وارن واقعن“ جو احاطو ڪندو. لڳي ٿو ته انهي مان هن
جو مقصد 1820ع ۾ جارج ٽيئن جي وفات تائين هو. هن
جنهن پيماني تي رٿا رٿي هئي اهو هڪ تمام وڏو ڪم هو
۽ انهي لاءِ شايد ته پنجاهه جلد گهربل هجن ها.
پوءِ صورتحال اها بيٺي جو هو 1702ع ۾ وليم ٽئين جي
وفات تائين ڳالهه پهچائڻ تائين زنده رهي سگهيو.
اها ڏاڍي افسوس ناڪ ڳالهه ٿي ڇاڪاڻ ته جنهن عظيم
جنگ ۾ مارلبورو عظيم ڪاميابيون ماڻيون ۽ اتر
آمريڪا ۽ انڊيا ۾ برطانوي سلطنت قائم ٿيڻ بابت
سندس بيان پڙهڻ ڏاڍو ڀلو ڪم ٿئي ها.
پر اسان کي ايترو نامهربان به نه ٿيڻ گهرجي. جيڪو
ڪجھ موجود آهي انهي مطابق به اسين سندس انهي سوچ
کي حق بجانب قرار ڏئي سگهون ٿا ته:
”انهي رنگا رنگ بيان جو عام اثر اهو پيدا ٿيندو جو
اهو سڀني مذهبي ذهنن ۾ شڪر گذاري ۽ سڀني محب وطن
ماڻهن جي دلين ۾ اميد پيدا ڪندو.... جيڪي ماڻهن
پنهنجي دور جي انهي سونهري دور سان ڀيٽ ڪن ٿا جيڪو
فقط سندن تصور ۾ وجود رکي ٿو اهي زوال ۽ بگاڙ جون
ڳالهيون ڪري سگهن ٿا پر جنهن به ماڻهو کي تاريخ
بابت درست ڄاڻ آهي اهو ڪڏهن به موجوده دور بابت
مايوسي واري راءِ قائم نه ڪندو“.
انهي ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن اهڙن ئي ڪجھ غلط
نظرين جي اصلاح جي خيال کان ڪجھ بابن ۾ چارلس ٻئين
جي دور جي پڄاڻي تائين ڏاڍي تڪڙي ۽ بهترين انداز ۾
انگلينڊ جي تاريخ لکڻ کان پوءِ اهو باب لکيو آهي
جنهن کي موجوده توڙي گذريل دور جا اڪثر پڙهندڙ
سندس پاران لکيل بهترين شي سمجهن ٿا. سماجي تاريخ
اڄ ڪلهه ايتري عام ٿي وئي آهي جو اها ڳالهه ٻڌي
ماڻهن کان لازماً ڇرڪ نڪري ويندو ته ميڪالي 1685ع
۾ انگلينڊ جي تاريخ بابت اهو باب لکندي اهڙي ميدان
۾ ڪم ڪري رهيو هو جنهن ۾ اڳ ۾ ڪجھ به ڪم ٿيل نه
هو. انهي دعويٰ ۾ ڪو به مبالغو ڪونهي ته ائين ڪندي
هو سماجي تاريخ ۽ پڻ مقامي تاريخ (جيڪا پڻ نالي
ماتر موجود هئي) جو ابو ٿي ويو هو. ۽ جيتوڻيڪ
ڪيترائي بهترين ليکڪ سندس نقش قدم تي هليا آهن پر
انهن مان ڪو به ماضي کي ايتري تفصيل ۽ ايتري
سمجهداري سان ذهن ۾ ويهارڻ جي قابل نه ٿي سگهيو
آهي. جيڪي ڊڄڻا ماڻهو ڪنهن ڪتب خاني جي ڪٻٽن ۾
انهي تاريخ جو سنهي ٽائيپ وارن جلدن جو سيٽ ڏسي
رڪجي وڃن انهن لاءِ سٺي صلاح اها آهي ته اهي تاريخ
جي انهي ٽئين باب کان شروعات ڪن. اهي جيتوڻيڪ اڳتي
نه پڙهن ته به انهن کي اسانجن ابن ڏاڏن جي روزاني
زندگين ۽ حالتن بابت ايتري معلومات حاصل ٿي ويندي
جيتري تاريخي تحرير جو ٻيو ڪو ڪتاب نه ڏئي سگهندو.
ميڪالي جيڪو پهريون نقطو پيش ڪيو آهي اهو آبادي جي
گهٽ هئڻ جو آهي. جيئن ته پهرئين آدمشماري هڪ سو
ورهين کان به وڌيڪ عرصي کان پوءِ ٿي هئي تنهن ڪري
جيمس ٻئين جي ماتحت انگريزي عوام جو ڪو به صحيح
انگ نه ٿو ٻڌائي سگهجي. پر سڀ کان ويجھو اندازو
پنجاهه کان پنجونجاهه لکن جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿو.
جيئن ته 1685ع کان اترين ضلعن ۾ تمام گهڻي واڌ اچي
وئي آهي ۽ انهي جو وڏو حصو ارڙهين صدي تائين به
وحشانيت واري حالت ۾ زندگي گذاريندو هو.
نارٿمبرلينڊ ۽ ڪمبرلينڊ جي مئجسٽريٽن کي ملڪيتن جي
دفاع ۽ امن امان لاءِ هٿياربند جٿا ٺاهڻ جو اختيار
هوندو هو. چرچ جي ماتحت علائقن لاءِ ڦورن کي ڀڄائڻ
لاءِ تازي ڪتا رکڻ لازمي هوندو هو. شڪار جي پٺيان
ڊوڙندڙ شڪاري جيڪي ٽائين(Tyone) جي
سرچشمي تائين پهچي ويندا هئا انهن کي اتي اهڙي قوم
جا ماڻهو آباد نظر ايندا هئا جيڪي وحشانيت ۾
ڪيلفورنيا جي هندستانين (Indians) کان
ٿورائي گهٽ هوندا. انهن کي اتي اڌ اگهاڙيون عورتون
ڪو جادوئي منتر پڙهندي ۽ مرد ڊگها ڇرا کڻي جنگي
ناچ ڪندي نظر ايندا هئا ته اهي حيرت ۾ وٺجي ويندا
هئا“. ملڪ جو فقط اڌ حصو زراعت هيٺ هوندو هو جڏهن
باقي حصي تي ٻيلا، جهنگ ۽ سم هوندي هئي. لنڊن کان
ڪجھ ميلن جي فاصلي تي اين فيلڊ چيز جي پوٺن تي
هزارين جهنگلي هرڻ پيا ڊوڙندا هئا.
ميڪالي بيان ڪيو آهي ته ڳوٺن جي معززن جي مکيه
تفريح ميداني رانديون رونديون ۽ غيرشائسته شهوانيت
هوندي هئي. پادري وري اهڙا هوندا هئا جن کي پنهنجا
مناجات جا ڪتاب به مشڪل سان پڙهڻ ايندا هئا ۽ جن
جي سماج ۾ حيثيت اها هوندي هئي جو اهي ڪنهن شادي ۾
زميندار جي هائوس ڪيپر يا ڪنهن ڇڏيل داشته کان مٿي
ڪنهن عورت جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلڻ جي خواهش به نه
ڪري سگهندا هئا. اهي ڳالهيون ٻڌائڻ کان پوءِ
ميڪالي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ آيل تبديليون بيان
ڪري ٿو.
لنڊن اڄ جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڏو هو. چارلس ٻئين جي دور
۾ لنڊن جي آدمشماري برسٽول يا ناروچ (اهي ٻئي لنڊن
کان پوءِ ٻئين نمبر تي وڏا شهر هئا) جي آدمشماري
کان سترهن دفعا وڌيڪ هئي. برسٽول جي آبادي ٽيهن
هزارن کان به گهٽ هئي. اهو پهريون سامونڊي
بندرگاهه هو پر انهي جون اڪثر گهٽيون ايتريون ته
سوڙهيون هونديون هيون جو انهن ۾ گاڏيون ۽ گاڏا نه
هلي سگهندا هئا ۽ مال جي بار برداري لاءِ اهڙا
گاڏا ڪتب آندا ويندا هئا جن کي ڪتا ڇڪيندا هئا.
ناروچ اوني شين ٺهڻ جي مکيه مرڪز هئڻ سان گڏوگڏ
سموري ملڪ جو به اهم صنعتي مرڪز هو. انهي جي
آدمشماري برسٽول کان ڪجھ گهٽ هئي. انهي کان پوءِ
يارڪ، اتر جي گاديءَ جو هنڌ ۽ ايڪسيٽر اولهه جو
گادي جو هنڌ هو. انهن ٻنهي مان هر هڪ ۾ ڏهه ڏهه
هزار کان وڌيڪ رهواسي نه هوندا. ليڊس يارڪ شائر جي
اوني شيون ٺاهيندڙن جو مکيه مرڪز هو پر انهي جي
آبادي به 7000 کان وڌيڪ نه هئي. برمنگهم جا بٽڻ
اڃا هاڻي مشهور ٿي رهيا هئا پر برمنگهم جي بندوقن
بابت اڃا ڪنهن نه ٻڌو هو. انهي جي آبادي به 4000
کي به نه پهتي هئي. سمنڊ ڪناري تفريح گاهن جو اڃا
ڪو وجود نه هو ۽ وڏا ماڻهو ۽ خوش باش زندگيء جا
شوقين چيلٽينهام، ٽمبرج ويلز ۽ بڪسٽن ويندا هئا.
اهڙا ماڻهو بڪسٽن ۾ هيٺاهين ڇت وارن ڪاٺ جي ڇپرن ۾
سٿجي ويهي اوٽ ڪيڪ (جئي جي اٽي جون سنهي بسڪوٽ
وانگر ٽڪيون- سنڌيڪار) ۽ اهڙي شي کائيندا هئا جنهن
کي ميزبان ته رڍ جو گوشت چوندا هئا پر مهمانن کي
پڪو گمان هوندو هو ته اهو ڪتي جو گوشت آهي“.
شهرن کي ڳنڍيندڙ هاءِ ويز جو حال به خراب هوندو
هو. اڪثر روڊ جي ساڄي کاٻي پاسي مٽي ۽ گپ هوندي
هئي فقط پڪي زمين جو سوڙهو پيچرو گپ کان مٿي هوندو
هو. تقريباً هر روز ڪٿي نه ڪٿي ڪا گاڏي ايتري ته
مضبوطي سان ڦاسي پوندي هئي جو جيستائين ڪنهن ويجهي
فارم تان ڊڳن جي جوڙي اچي انهي کي گپ مان ڇڪي نه
ڪڍندي هئي تيستائين انهي جو نڪرڻ محال هوندو هو.
”وري مسافر به جيستائين تعداد ۾ گهڻا ۽ چڱي طرح
هٿيار بند نه هجن تيستائين انهن کي ڦورن پاران
روڪي لٽ مار ڪرڻ جو خطرو هوندو هو“. انهن ڦورن جي
نالن سان به هڪ قسم جي رومانوي دلچسپي لاڳو هوندي
هئي ۽ شايد اڃا به لاڳو آهي. ”عام ماڻهو انهن جي
سختي ۽ دليري جا قصا، انهن جي بعضي بعضي سخاوت ۽
چڱي طبيعت جون ڳالهيون، انهن جي معاشقن، انهن جي
ڪرشماتي طور فرار ٿيڻ، انهن جي سر ڌڙ جي بازي
لڳائي وڙهڻ ۽ شراب خاني توڙي گاڏي تي چڙهي ڦاهي
گهاٽ ڏانهن نيو وڃڻ دوران انهن جي مردانگي واري
هلت چلت جا قصا ذوق شوق سان ويهي هڪ ٻئي کي
ٻڌائيندا هئا.“
ٿيڪري ڪنهن جاءِ تي لکيو آهي ته، ميڪالي ”هڪ جملو
لکڻ لاءِ ويهه ڪتاب پڙهندو آهي ۽ بيان جي هڪ سٽ
لکڻ لاءِ هڪ سو ميل سفر ڪندو آهي.“ هن حيرت ناڪ
باب جا صفحا اٿلائيندي اسان کي به انهي ڳالهه تي
اعتبار اچي سگهي ٿو. سندس ڪتاب مان وڌيڪ اقتباس
ڏيڻ تي ڏاڍي دل ٿي چوي خاص طور انهن صفحن مان جن ۾
هن انهي دور جي فڪري زندگي جو احوال ڏنو آهي. مثال
طور ٿيٽرجن ۾ ”فن جي ڪشش جي مدد لاءِ جنس جي ڪشش
کي گهرايو ويندو هو ۽ نوجوان تماشبين سنهڙين ۽ ڦڙت
هيروئن کي اهڙن جذبن سان ويهي ڏسندو هو جن کان
شيڪسپيئر ۽ جانسن جا همعصر واقف ئي نه هئا. يا وري
دل ٿي چوي انهن سائنسي دريافتن بابت اقتباس ڏجن جن
جي نتيجي ۾،“ دنيا ۾ اونداهي دور کان واسو ڪري
ويٺل ڀوت روشني اچڻ سان ڀڇ پائي وٺي ڀڳا.“ پر هي
ته فقط ٽيون نمبر باب آهي ۽ انهي کان پوءِ ٻاويهه
وڌيڪ باب اچڻا آهن. فقط پڇاڙي ۾ ئي ڪجھ دلچسپي گهٽ
ٿئي ٿي. انهي عظيم استاد جي بياني قوتن جي ڪمزور
ٿيڻ جو ذميوار انهي بيماري کي قرار ڏئي سگهجي ٿو.
جنهن کيس اوڻهٺ ورهين جي ڄمار ۾ نهوڙي نيو. ڪتاب ۾
اهڙو ڪو به باب نه آهي. جنهن ۾ تمام اڳوڻي ماضي
جون حقيقت جي بلڪل قريب تصويرون موجود نه آهن.
حافظي ۾ گهر ڪري ويهندڙ هڪ منظر 1- فيبروري 1685ع
آچر جي ڏينهن وائيٽ هال ۾ چارلس ٻئين جي محلات جو
آهي. ڪجھ ڳنڀير ۽ سنجيده ماڻهو انهيءَ دور جي
دستور مطابق پنهنجي بادشاهه کي پنهنجو محصول ڏيڻ
اوڏانهن ويا هئا. انهن سمجهيو هو ته اهڙي موقعي تي
دربار ڏاڍي شائسته رخ ۾ هوندي. پر انهن جيڪو ڏٺو
انهي تي هو دهشت ۽ حيرانگي ۾ وٺجي ويا. وڏي گيلري
خوشيون ملهائيندڙن ۽ جوارين سان ڀري پئي هئي.
بادشاهه به ٽن عورتن سان ويٺو ڳالهيون ٻولهيون ۽
مشڪريون ڪري رهيو هو. هڪ سهڻو ڇوڪرو ڪي عاشقاڻا
گيت ڳائي رهيو هو. ويهن درٻارين جي هڪ پارٽي هڪ
وڏي گول ٽيبل تي تاس کيڏي رهي هئي. انهي ٽيبل تي
سون ڍير لڳو پيو هو. اهڙي حالت ۾ به بادشاهه شڪايت
پئي ڪئي ته هن جي طبيعت صحيح نه هئي. کيس کاڌي جي
بک نه هئي؛ انهي رات سندس آرام ۾ رخنو پئجي ويو
هو.
چارلس ٻيو فوت ٿي ويو ۽ سندس ڀاءُ جيمس ٻيو سندس
جاءِ تي حڪومت هلائڻ لڳو. هو به پنهنجي ڀاءُ وانگر
فرانس جي بادشاهه جو پينشنر هو ۽ انهي حالت تي
ڏاڍو خوش هو پر چارلس جي ابتڙ هو ڏاڍو تعصبي ۽
ظالم هو ۽ هٺيلو ۽ بيوقوف هو. هو هڪ صدي کان به
عرصو اڳ تخت تي ويهندڙ Bloody
Mary کان
پوءِ تخت تي ويهندڙ پهريون رومن ڪيٿولڪ هو ۽ هن
چرچ آف انگلينڊ ۽ انگريزي آئين جو خاتمو ڪري
پنهنجو چرچ رائج ڪرڻ چاهيو ٿي. کيس پنهنجي حڪومت
جي بلڪل شروعاتي ڏينهن ۾ ئي ڊيوڪ آف مون مائوٿ (Monmouth) جي
بغاوت کي منهن ڏيڻو پيو. هو سندس ڀاءُ ڪنگ چارلس
جو حرامي پٽ هو پر پنهنجي سهڻي شڪل شباهت ۽ دل
وڻندڙ طور طريقن سبب عوام کي ڏاڍو پيارو هو ۽ هو
وري پروٽيسٽنٽ طريقي جي حمايت جي هام هڻندو هو.
ميڪالي هن باب (پنجين) ۾ پنهنجي بهترين انداز ۾
ظاهر ٿيو آهي. انهيءَ ۾ هن انهي مهم جُو پاران تخت
حاصل ڪرڻ جي دکدائڪ تاريخ سندس نااهلي ۽ بلڪل
تباهي ۽ وري بغاوت تي ڪنٽرول حاصل ٿي وڃڻ کان پوءِ
عدالتي ڪوس ۽ مون مائوٿ جي قتل جي سزا جو احوال
ڏنو آهي.
ميڪالي پنهنجي دستور مطابق سومرسيٽ ويو ۽ سيج مور
۾ اهو ميدان ڳولهي لڌائين جتي 6- جولاءِ 1685ع تي
انگريزن جي سرزمين تي لڳندڙ آخري لڙائي جو فيصلو
ٿيو. مون مائوٿ هڪ مضبوط ۽ قابل جنگجو طور پنهنجو
ڪردار ادا ڪيو. ماڻهن ڏٺو ته هو پيرين پنڌ هو. هڪ
ڀالو هٿ ۾ هوس ۽ پيادل فوج کي اڀارڻ ۽ همٿائڻ لاءِ
نعرا به هڻي رهيو هو ۽ پاڻ وڙهي به رهيو هو. پر هو
فوجي معاملن کان ايترو واقف هو جو خبر پئجي ويس ته
کيل ختم ٿي ويو هو. سندس سپاهين کي اونداهي ۽
اوچتو اچي پوڻ سبب جيڪو فائدو مليو هو انهن اهو
وڃائي ڇڏيو هو. هن کي نظر پئي آيو ته هو جيڪڏهن
اڃا به ڪجھ وقت پوئتي رهيو ته شاهي گهوڙي سوار فوج
سندس پسپائي جو رستو ڪٽي ڇڏيندي. هو گهوڙي تي چڙهي
ميدان مان ويو هليو. انهي جي باوجود به سندس پيدل
فوج بي جگري سان مهاڏو اٽڪايو. لائيف گارڊس جي
دستن انهن تي ساڄي هٿ کان ۽ بليوز(Blues) کاٻي
هٿ کان حملو ڪيو پر سومر سيٽ شائر جي جوانن پنهنجن
ڏاٽن ۽ بندوقن جي قنداقن سان شاهي گهوڙي سوارن جو
تجربيڪار سپاهين وانگر مقابلو ڪيو. پر سگهارن
ڳوٺاڻن جي جدوجهد گهڻو وقت برقرار نه رهي سگهي.
سندن گندرف ۽ گولا ختم ٿي ويا هئا. ”بارود، بارود!
خدا جي واسطي بارود!“ جون رڙيون ٻڌڻ ۾ پئي آيون.
پر بارود دستياب نه هو. ۽ پوءِ بادشاهه جو توپخانو
وڌي آيو... باغي بٽالين جا نيزا لڏڻ لڳا، صفون ٽٽي
ويون. بادشاهه جي گهوڙي سوار دستي وري لُوهه ڪئي ۽
سامهون ايندڙ هر شي کي لتاڙي ڇڏيو. وري بادشاهه جي
پيادل فوج خندق ٽپي ڪڙڪي پئي. اهڙي خطري واري حالت
۾ به مينڊپ مائينرز (Miners) وڏي
بهادري سان هٿيار کنيو بيٺا رهيا. ۽ پنهنجين جانين
جي وڏي قيمت وصول ڪيائون. باغين مان هڪ هزار کان
وڌيڪ پوٺي تي مئا پيا هئا.
مون مائوٿ گرفتار ٿيو ۽ ٽاور هل تي صحيح نموني ڪم
نه ڪري سگهندڙ جلاد هٿان مري ويو. جڏهن ته بدنام
زمانه لارڊ جيفريز ويسٽ ڪنٽري کي تمام خراب حالت ۾
پهچائي ڇڏيو. ڊورچيسٽر ۾ چوهتر باغين کي ڦاهي ڏني
وئي ۽ سومرسيٽ ۾ ڪجھ ڏينهن ۾ 233 قيدين کي ڦاهي
چاڙهيو ويو. هر اها جاءِ جتي ٻه رستا اچي مليا ٿي،
هر مارڪيٽ ۾ ۽ هر انهي وڏي ڳوٺ جي ميدان تي جنهن
مون مائوٿ کي سپاهي ڏنا هئا ٿنڀن تي سپاهين جا لاش
پيا لڙڪندا هئا، هوا کي زهر آلود پيا ڪندا هئا ۽
مسافر انهن کي ڏسي خوف ۾ وٺجي ويندا هئا. پر چيف
جسٽس جيفريز ائين پيو کلندو، رڙيون ڪندو ۽ ڀوڳ
ڪندو هو ۽ ائين پيو سخت لفظ ڳالهائيندو هو جو اڪثر
ماڻهو سمجهندا هئا ته هو صبح کان رات تائين نشي ۾
رهي ٿو.
ميڪالي پاران انهن ستن بشپن تي ڪيس هلڻ جو بيان
(باب اٺون) ايترو ئي ڊرامائي آهي جن پنهنجي علائقن
جي گرجا گهرن ۾ Declaration
of Indulegence پڙهيو
وڃڻ جي شاهي حڪم کان انڪار ڪيو هو. انهن سمجهيو ٿي
۽ اهي انهي ڳالهه ۾ حق بجانب هئا ته اهو چرچ آف
انگلينڊ جي وقار تي هڪ موتمار ڌڪ هو.
اهڙي طرح اسين جيمس ٻئين جي دور جي پڄاڻي، سندس
پاران تخت کان دستبرداري ۽ فرار ۽ سندس نياڻي وليم
ٽئين ۽ سندس ڌيءُ ميري ٻئين جي تخت نشيني جي احوال
تي پهچون ٿا. ايندڙ بابن جون ڪجھ اهم ڳالهيون آهن
بئائين (Boyne) جي
لڙائي (باب سورهون) جنهن ۾ وليم آئرلينڊ ۾ جيمس جي
فوج کي شڪست ڏني ۽ گلين ڪو جو قتلام (باب ارڙهون)
جڏهن هائيلينڊ جي هڪ قبيلي هڪ ٻئي قبيلي خلاف ڏاڍو
خوفناڪ ڏوهه ڪري وڌو. جڏهن تاريخي بيان جو اهم
ٽڪرو پڄاڻي تي پهچي ٿو ته بادشاهه وليم تي پردو
ڪري ٿو. هو فرانسي بادشاهه خلاف عظيم يورپي اتحاد
جي فوجن جي اڳواڻي ڪرڻ کان ڪجھ وقت اڳ فوت ٿي ويو.
انهي کان پوءِ مارلبورو جون سوڀون اچن ٿيون پر
ميڪالي کي موت انهن کي بيان ڪرڻ جي مهلت نه ڏني.
انهيءَ تي به پردو ڪري ٿو. هو ڪين سنگٽن ۾ پنهنجي
گهر ۾ لائبريري ۾ پنهنجي آرام ڪرسي تي ويٺو آهي،
سندس ڀرسان ميز تي هڪ ڪتاب انهي صفحي تي کليل رکيو
آهي جتي هو پڙهي رهيو هو. سندس هميشه کان اها ئي
خواهش هئي ته هو اهڙي طرح فوت ٿئي. کيس ويسٽ منسٽر
ايبي ۾ دفن ڪيو ويو. سندس سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان
پائيدار يادگار سندس ”تاريخ“ آهي جنهن ۾ هن انهي
عظيم انقلاب جي تاريخ اهڙي انداز ۾ بيان ڪئي آهي
جيئن عام ماڻهو به سمجهي سگهن. انهي عظيم انقلاب
سان اسٽورٽ گهراڻي جو ظلم ۽ ڏاڍ جو دور ختم ٿيو ۽
اهڙي اونهي ۽ پُرامن تبديلي جي شروعات ٿي جنهن سان
برطانيه کي جديد دنيا ۾ بالادستي وارو مقام ملي
ويو.
48. ڊيوڊ ڪاپر فيلڊ
-- چارلس ڊڪنس --
ناول نگار جي حيثيث ۾ ڊڪنس کي ڪنهن درجي ۾ نه ٿو
بيهاري سگهجي ڇاڪاڻ ته هو فڪشن توڙي پنهنجن
پڙهندڙن جي دلين ۾ هڪ اهڙي جاءِ تي بيٺل آهي جيڪا
فقط هن جي آهي. ڪردار جي خالق جي لحاظ کان هن جو
ڪو ثاني شريڪ نه آهي. ورلي ئي ڪنهن ناول نگار اسان
کي ايتري وسيع ۽ ايتري متنوع پورٽريٽ گيلري ڏني
هوندي. جيتوڻيڪ اها ڳالهه صحيح آهي ته هر نسل
سڀاويڪ انهن ئي ناولن کي پسند ڪندو جن ۾ اهڙي دور
۽ اهڙن ماڻهن جا چٽ چٽيل هوندا جن کي هو سڃاڻين ٿا
پر اها پڪ آهي ته ڊڪنس جا ناول ايستائين زنده
رهندا جيستائين انگريزي زبان زنده آهي ڇاڪاڻ ته
انهن ۾ جيڪا چٽائي آهي. جيڪو تنوع آهي ۽ جيڪو مزاح
آهي اهو ٻئي ڪنهن جي ناولن ۾ نه آهي وري هو مڊ
وڪٽورين دور جي خاص طور وچولي ۽ غريب طبقن بابت
جيڪا همدردي پيدا ڪري ٿو اها به پڙهندڙن کي پاڻ
ڏانهن ڇڪڻ جو هڪ اهم سبب آهي.
ڊڪنس جيڪي ارڙهن عظيم ڪتاب لکيا آهن انهن مان ڊيوڊ
ڪاپر فيلڊ کي نقاد سندس شاهڪار مڃين ٿا. اهو سڀ
کان اڳ قسط وار 1849ع ۾ ظاهر ٿيو ۽ ورندي سال
ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. اهو وڏي حد تائين سندس پنهنجي
زندگي جي واقعن تي آڌاريل آهي.
سندس پيءُ نيوي پي (Pay) آفيس
۾ ڪلارڪ هو ۽ سندس ماءُ هڪ ساٿي ڪلارڪ جي ڀيڻ هئي.
چارلس جڏهن ٻن ورهين جو هو ته اهو ڪٽنب پورٽ سي
کان لنڊن لڏي ويو. اهي اتان وري ڪيٿهام ويا هليا.
ست سال پوءِ جڏهن ڇوڪر يارهن ورهين جو هو ته اهي
وري لنڊن موٽي آيا. هتي اهي ڏاڍين ڳنڀير مالي
مشڪلاتن ۾ اچي ويا ۽ عمر کان ننڍي قد بت واري
ڇوڪري کي گهريلو نوڪر طور ڪم آندو ويو. هو اڃا
ٻارنهن ورهين جو ئي نه ٿيو هو جو کيس هڪ مس ٺاهڻ
واري فيڪٽري ۾ هفتي ۾ ڇهه شلنگ پگهار تي بيهاريو
ويو.
اڳتي هلي ڊڪنس جي قرض خواهن کيس مارشل سي واري
قرضين واري قيدخاني ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو جتي هو
پنهنجي ڪٽنب سميت رهي پيو. باقي چارلس کي هڪ پوڙهي
عورت جي سار سنڀال هيٺ رکيو ويو.
کيس ٻارنهن ورهين جي عمر ۾ ڪيمڊن ٽائون جي اسڪول ۾
موڪليو ويو. اتان هو هڪ وڪيل جي آفيس ۾ وڃي بيٺو.
پر کيس قانون سان ڪا به دلچسپي نه هئي تنهن ڪري هو
شارٽ هينڊ سکڻ کان پوءِ رپورٽر ٿيو. هو 1836ع ۾
صحافت کي ڇڏي ادب جي دنيا ۾ آيو ۽ شادي به ڪيائين.
انهي سال ”پڪ وڪ پيپرز“ جي ڪاميابي سان سندس مالي
پريشانيء وارا ناخوشگوار ڏينهن پڄاڻي تي پهچي ويا.
هو پنهنجي گهريلو زندگي ۾ ايترو ڀاڳوند ثابت نه
ٿيو. زال مڙس ۾ طبيعتن جي اختلاف سبب 1858ع ۾ هو
هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا. انهي دوران هو ڏهه ٻار
پيدا ڪري چڪا هئا. سندس باقي زندگي سندس سالي سندس
گهر جي سار سنڀال لهندي رهي.
اميد آهي ته ڊڪنس جي پنهنجي زندگي جي انهي بنهه
مختصر خاڪي سان پڙهندڙ کي ”ڊيوڊ ڪاپر فيلڊ“
اونهائي سان سمجهڻ ۾ مدد ملندي ڇاڪاڻ ته ليکڪ جن
حقيقي تجربن کي ماخذ بڻايو آهي انهي سان ناول کي
اهڙيون خصوصيتون ملن ٿيون جيڪي سندس اڪثر ڪتابن ۾
نه ٿيون ملن. انهن ئي خصوصيتن ڊيوڊ ڪاپر فيلڊ کي
تمام اثرائتو ناول بنايو آهي. متڪلم جي صيغي ۾
ڪهاڻي ٻڌائڻ جي طريقي به ناول کي حقيقي آتم ڪهاڻي
جهڙي صورت ۽ هيئت ڏئي ڇڏي آهي. اها ڳالهه به حقيقت
جو شبهو پيدا ڪري ٿي ۽ اها ئي ڳالهه ڪهاڻي جي سڀ
کان نمايان خصوصيت آهي.
ڊيوڊ ڪاپر فيلڊ جي شروعات ڊيوڊ جي ڄمڻ سان ٿئي ٿي.
اهو ڏينهن جمعي جو آهي ۽ وقت رات جا پورا ٻارنهن
ٿيا آهن سندس پيءُ ڇهه مهينا اڳ فوت ٿي ويو هو ۽
مسز ڪاپر فيلڊ اڪيلي رهندي هئي. انهن وٽ فقط
پيگوٽي رهندي هئي. انهي کي هن ٻار جي نرس طور رکيو
هو. |