سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:24 

ناول جي منڍ کان پڇاڙيءَ تائين گالس ورديءَ جون همدرديون آئرين سان آهن. غير جانبدار پڙهندڙ ڪڏهن ڪڏهن حيرت ۾ به وٺجي سگهي ٿو ته ائين ڇو آهي. سومز ڀلي ڪو دل کي وڻندڙ ڪردار نه هجي پر هن پنهنجي زال سان اهڙي نموني محبت ڪئي ٿي جنهن ۾ خلوص جي به ڪمي نه هئي. هو هن لاءِ سڀ ڪجھ ڪرڻ ۽ سندس آزادي کان سواءِ سڀ ڪجھ ڏيڻ لاءِ تيار هو. جيستائين آئرين جو تعلق آهي ته هن هڪ سودو ڪيو هو ۽ اهو ڪرڻ کان پوءِ انهي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کان نابري واري ويٺي هئي. گالس وردي جو هڪ همعصر ناول نگار Hugh Walpoleآئرين جي هلت چلت مان ايترو ته بيزار هو جو انهي کي منڍ کان آخر تائين ڪنهن ڪميني عورت جو ڪردار ڪوٺيو هئائين. پر گالس وردي انهي کي انهي بهترين سبب جي ڪري انهي رُخ کان نه ٿي ڏٺو جو هو ڪنهن به لحاظ کان غير جانبدار مبصر نه هو. ڇاڪاڻ ته آئرين فورسائيٽ- اصل ۾ ادا گالس وردي- سندس سوٽ ميجر آرٿر جارج گالس وردي جي زال هئي. هن جا انهي سان ڪيترا ورهيه ويجھا لاڳاپا رهيا هئا تان جو 1905ع ۾ سندس مڙس عدالت ذريعي طلاق ورتي ۽ هن ۽ جان گالس وردي شادي ڪئي. هن جو شادي کان اڳ توڙي پوءِ هن مٿان گهرو اثر هو ۽ حقيقت ۾ هن ئي سڀ کان اڳ اها ڳالهه محسوس ڪئي ته هن ۾ هڪ ليکڪ جا جزا موجود آهن ۽ کيس لکڻ تي اڀاريائين. اهي انهن جي لاڳاپن جا بلڪل شروعاتي ڏينهن هئا ۽ اهي موڪلون ملهائڻ پيرس ويل هئا جو هڪ ڪتاب گهر تي بيٺي هن سندس ڪن ۾ ڀڻڪاٽ ڪيو: ”تون ته بلڪل لکڻ لاءِ ٺهيو آهين. تون لکين ڇو نه ٿو؟“

جيتوڻيڪ ادا گالس وردي ئي آئرين فورسائيٽ جي اصل شخصيت هئي پر جيڪو ماڻهو سندس مڙس هو اهو سومز جو اصل نه هو. اهي سڀ ماڻهو جيڪي ميجر گالس ورديءَ کي صحيح نموني سڃاڻندا هئا انهن جو اصرار هو ته هن ۾ سخت ۽ حاوي ٿيندڙ مرد واري ڪا به ڳالهه نه هئي.

(ماڻهو اهو اعتراض ڪن ٿا ته) آئرين سهڻي ڏسڻ ۾ اچڻ کان سواءِ ڪو به ڪم نه ٿي ڪري ۽ انهي جو کيس چڱو صلو به مليو. سندس پهرئين ناڪام شادي کان پوءِ قسمت ۽ فورسائيٽ ڪٽنب هن سان چڱو سٺو سلوڪ ڪيو. هن جيتوڻيڪ سومز کي ڇڏي ڏنو پر هُن هِن خلاف طلاق لاءِ قانوني ڪاروائي کان پاسو ڪيو. هن کي پنهنجي ٿوري ذاتي آمدني هئي ۽ هو موسيقي جي سکيا ذريعي پنهنجو خرچ پکو ڪڍي وٺندي هئي. ۽ پوءِ جيئن اسان کي Indian Summer ۾ ٻڌايو ويو آهي هوءَ پوڙهي انڪل جوليون جي سرپرستي هيٺ اچي وئي. هن سندس ڪجھ هفتن جي ساٿ ۽ سندس سونهن جو ايترو ته قدر ڪيو جو پنهنجي وصيت ۾ هن لاءِ 15000پائونڊن جي رقم ڇڏيائين. اها 1892ع جي ڳالهه آهي ۽ هن صدي جي پڇاڙيءَ تائين تمام سک سان ڏينهن گذاريا پوءِ سومز کيس پنهنجي توجه سان وري تنگ ڪرڻ لڳو جو هن جي دل ۾ پٽ ۽ وارث حاصل ڪرڻ جو خيال اچي ويو هو. هن کيس ياد ڏياريو ته هوءَ قانون جي نظر ۾ اڃا سندس زال هئي. هن کي انهي تي ڏاڍي بي عزتي محسوس ٿي ۽ ڊپ به ٿيس ۽ کيس ينگ جوليون جي روپ ۾- هو به هاڻي ايترو جوان نه هو، پنجاهه ورهين کان ٽپي هليو هو، رنڙهو ۽ جون کان سواءِ ٻه ٻار به هئس- طاقت جو هڪ ٿنڀ نظر آيو. هن کي به هِن سان محبت ٿي وئي ۽ سومز جڏهن هن خلاف طلاق لاءِ قانوني ڪاروائي ڪئي ته هن کي صفائي پيش ڪرڻي پئي. آئرين جوليون سان 1901ع ۾ شادي ڪئي ۽ انهن کي ڪجھ مهينا پوءِ پٽ ڄائو. انهي جو نالو به جوليون رکيو ويو پر کيس جون سڏيندا هئا.

انهي دوران سومز جو ڪهڙو حال ٿيو؟ گالس وردي دي مئن آف پراپرٽي ۾ کيس هڪ نفرت جهڙو شخص ڪري پيش ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي پر انهي ناول جي ڇپجڻ ۽ اِن چانسري (اهو عنوان سومز جي ناخوشگوار شادي جو اظهار آهي) جي وچ ۾ گذريل چوڏهن ورهين دوران هن جي هن ڏانهن رويي ۾ چڱي ٿڌائي اچي وئي پر Saga جو سلسلو اڳتي وڌڻ سان هن ۾ آهستي آهستي سمجهه ايندي وڃي ٿي ۽ آخرڪار سومز تقريباً هڪ وڻندڙ انسان جي روپ ۾ منظر تي اچي ٿو. پر سندس خالق کيس ڪڏهن به صحيح معنيٰ ۾ خوش ٿيڻ نه ٿو ڏئي.

سومز آخرڪار جڏهن زندگي جي اڌ حصي تي پهچي ٻيهر شادي ڪرڻ لاءِ آزاد ٿيو ته هن اينيٽ(Annette) جي چونڊ ڪئي. اها سوهو (Soho) جي هڪ فرانسي ريسٽورينٽ مالڪ جي نوجوان ۽ سهڻي ڌي هئي. هن جلدئي اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي ته اها شادي مڃيل فرانسي طريقي مطابق محبت کان سواءِ ٻيون ڳالهيون مد نظر رکندي ڪئي وئي هئي. انهن کي هڪ ٻار به ڄائو پر اها ڇوڪري هئي ۽ ويم دوران اينيٽ کي ايتريون ته تڪليفون آيون جو ڊاڪٽرن اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي ته کيس وڌيڪ ٻار نه ڄمندا. سومز اهو صدمو وڏي همٿ سان برداشت ڪيو ۽ هن جي جڏهن ٻار تي پهريون دفعو نظر پئي ته هن پاڻ کي هڪ اهڙي انداز ۾ ڏيکاريو جنهن جي ڪنهن کي به توقع نه هئي. تڏهن اينيٽ فرانسي ۾ چيو هو Ma Petite Fluer!. فلوئير، سومز ورجايو. فلوئير! ٺيڪ آهي کيس انهي نالي سان سڏيو. هن ۾ ڪاميابي ۽ وري ڪا شي حاصل ڪرڻ جو احساس اڀري آيو. خدا جو سنهن ته اها شي هن جي هئي!“. (هي ڳالهه نوٽ ڪريو ته هن دلي خوشي واري موقعي تي به هن جي اها ڳالهه ظاهر ڪئي آهي ته هو ملڪيت جي احساس تي خوش ٿئي ٿو).

فلوئير وڏي ٿيندي هر طرح سان فقط پنهنجي پيءُ سان لاڳاپيل رهي. اها ئي اها واحد انساني مخلوق هئي جنهن کي هُن پنهنجي دل ڏني هئي. سندس ڌيءُ جي ڀيٽ ۾ سندس تصويرن جو مجموعو به ثانوي اهميت وارو هو. فلوئير سان محبت ڪندي هو پنهنجي زال جي بي وفائي، پراڻن دوستن ۽ مٽن مائٽن جي وفات، ۽ هڪ دور گذرڻ جهڙن صدمن کي سڪون سان برداشت ڪري سگهيو ٿي. پر گالس وردي هن تي ڪا به ڪهل نه ٿو ڪري. هن کي To let ۾ هڪ وڌيڪ شديد صدمو ڏنو ويو آهي. سندس ڌيءُ فلوئير کي جون سان بي انتها ۽ ديوانگي جي حد تائين پيار ٿي وڃي ٿو. اهو ”انهي عورت“ ۽ سندس سوٽ جوليون جو پٽ هو جيڪي پاڻ ۾ شادي ڪري Robin Hill تي وڃي رهيا هئا!

فلوئير توڙي جون کي انهي تڪرار بابت ڪا به خبر نه هئي جنهن فورسائيٽ ڪٽنب ۾ ڦوٽ وجھي ڇڏي هئي. پر اهو جيڪو ڪجھ به ٿيو هو سو گهڻو اڳ ٿيو هو ۽ هاڻي جنهن ڳالهه اهميت رکي ٿي سا اها هئي ته انهن کي هڪ ٻئي سان محبت هئي ۽ انهن شادي ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو. سومز کي شايد شادي لاءِ راضي ڪري وڃجي ها (هن کي پنهنجي ڌيءُ سان ايتري محبت هئي) جيتوڻيڪ هن کي پنهنجي اڳوڻي زال لاءِ پيار ۽ ڌڪار وارن جذبن ۾ به ڪا گهٽتائي نه ٿي هئي. پر جوليون کي چڱي طرح خبر هئي ته آئرين لاءِ سندس پٽ جي سومز جي ڌيءُ سان شادي موت جهڙو ڌڪ هوندي. اهڙي طرح هن هارٽ اٽيڪ جي سبب پنهنجي موت کان ڪجھ ڪلاڪ اڳ پنهنجي پٽ ڏانهن خط لکي کيس سمجهايو ته فلوئير ”هڪ اهڙي شخص جي ڌيءُ هئي جيڪو ڪنهن وقت تنهنجي ماءُ جو ائين مالڪ هو جيئن ڪو ماڻهو ڪنهن غلام جو مالڪ هوندو آهي“. ۽ هن سان شادي ڪري، ”تون انهيءَ ڪيمپ ۾ داخل ٿي ويندين جنهن تنهنجي ماءُ کي قيد رکيو هو ۽ جتي هو ڏک ۾ رت جا ڍڪ ڀريندي هئي“. انهن ٻنهي کان سواءِ دنيا ۾ انهي جو ٻيو ڪير به نه هو ۽ جلدئي هن لاءِ فقط جون وڃي بچندو..... ”جون همٿ ڪر.“ هن ڇوڪري کي اڀاريو، ”پنهنجي ماءُ کي دلشڪستو نه ڪر....“.

ڄڻ ته قبر جي ڪنڌي کان اهڙي عرضداشت اچڻ تي جون درحقيقت پري ٿي ويو پر انهي ۾ سندس روح به وڏي پيڙا مان گذريو. هو برٽش ڪولمبيا ويو هليو ۽ فلوئير- هن به پلاند ۾ هڪ خوش باش نوجوان مائيڪل مونٽ سان شادي ڪري ڇڏي. کيس پنهنجي پيءُ کان ورثي ۾ بيرن جو خطاب ۽ ٻيو به گهڻو ڪجھ ملڻو هو. هن رابن هل واري گهر جي خالي ڍانچي جي ٻاهران To let (مسواڙ تي ڏيڻو آهي) جو بورڊ هڻي ڇڏيو.

اهڙي طرح دي فورسائيٽ ساگا پڄاڻي تي پهچي ٿو. پر اها فورسائيٽ ڪٽنب جي پڄاڻي نه آهي ۽ توهان جيڪڏهن اهو ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته سومز ۽ باقي ٻين جو ڪهڙو حال ٿيو ته اهي ڳالهيون توهان کي ٽن ڪتابن جي ٻئي مجموعي ۾ ملنديون. انهي ۾ دي وهائيٽ مانڪي، دي سلور اسپون ۽ سوان سانگ شامل آهن. مجموعي جو گڏيل عنوان A Modern Comedy آهي. انهي تي جان گالس وردي پاران هڪ وڃايل دور ۽ ماڻهن جي حاضرات جو عمل پورو ٿئي ٿو.

 

73. دي هسٽري آف مسٽر پولي

-- ايچ.جي. ويلز--

 

دماغ يا دل؟ جڏهن اسين هر روز پنهنجو پاڻ ۽ انسان ذات تي پنهنجي ويساهه جي تجديد ڪندا آهيون. جيڪا اسان کي لازماً ڪرڻي به هوندي آهي ته اسين پنهنجي آخري اميد ڇا ۾ رکندا آهيون. اسان مان هر هڪ مسٽر پولي چواڻي (هو بازاري ٻولي ۽ انگريزي جي غلط استعمال جو ماهر هو) بحث تڪرار ڪندڙ چونڊ اختيار ڪري ٿو. ڪا به چونڊ ٻيءَ کي خارج نه ٿي ڪري. انساني دل کي پنهنجي تمام درست نموني ۾ ڪم ڪندڙ اوزار طور دماغ جي ضرورت آهي جنهن سان ڪا شانائتي تقدير جوڙي سگهجي. ذهن دل کان سواءِ خشڪ ريگستان ئي تخليق ڪري سگهي ٿو جتي انساني روح ته نه هوندو باقي واري جام هوندي.

مسٽر پولي کي تخليق ڪندڙ هر برٽ جارج ويلز کي وڏي پيماني تي دل ۽ دماغ ته هئا پر کيس خبر هئي ته انهي ذهن جي وسعت جي باوجود ذهن محدود آهي ۽ دل لامحدود آهي، دل لامتناهي جي ويجھي آهي اها ننڊ جي انهن ميدانن جي به قريب تر آهي جتان اسين آيا آهيون. اها نياپن، اشارن ۽ اوچتو ذهن ۾ آيل خيالن جو به احساس ڪري وٺندي آهي. اها ڪڏهن ڪڏهن اهڙن غير منطقي تحفظات (Reservations) سان به ڀرجي ويندي آهي. جيڪي ذهن جي دُرستي کي بتال ڪري ڇڏيندا آهن. جڏهن به ڪنهن ماڻهو مسٽر پولي سان هر ڳالهه ۾ بلڪل پورو ۽ ڪامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي يا ڏاڍي اعتماد سان کيس هيٺ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن جي اها ڏاڍي عجيب عادت هوندي هئي ته هو چپن ۾ ”Lil Dog…“ جا لفظ ڀڻڪندو هو ۽ جان ڇڏائي اڳتي وڌي ويندو هو. دي هسٽري آف مسٽر پولي انساني دل کي هڪ سوڀائتي ڀيٽا آهي.

بهرحال جيئن اسين ٻڌائي چڪا آهيون اهو ڪتاب هڪ تمام وڏو ذهن رکندڙ انسان پاران لکيل آهي. هو هڪ روشن ذهانت جو مالڪ هو ۽ انهي کي ڪنهن تلوار وانگر ڪم آڻيندي حماقت، سماجي موڳائي؛ ظلم ۽ محرومي، جهالت ۽ ڊپ (ڊپ کي ٽي معذور ڀائر هوندا آهن. حماقت، سُستي ۽ بک) جي ڦوڪڻن کي ڦاڙيندو هو. اهڙا ڦوڪڻا جن کي ايچ جي ويلز اسان جي تهذيب جي جسم تي گند ۽ پونء سان ڀريل ڦرڙيون ڪوٺيندو هو.

هو بروملي، ڪينٽ ۾ هڪ ننڍڙي دڪاندار جي گهر ۾ ڄائو هو ۽ پاڻ ڪيترائي ورهيه هڪ ڪپڙي جي دڪاندار سان اسسٽنٽ طور ڪم ڪيو هئائين. هن پنهنجي آسپاس دنيا تي اک وڌي، انسان ذات جي وڏي حصي کي ڦاٿل محسوس ڪيائين- پاڻ سميت ۽ مُنڊ ۾ ئي جان ڇڏائڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيائين. ”اهو منهنجي ذهن ۾ هڪ کُليل سوال آهي“. هن پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکيو آهي“، ڇا اُٿندي سان ئي اها مايوسي جديد دور جي گهٽ ڀاڳ وارن نوجوانن جو مشترڪ تجربو آهي يا مون اڳ ۾ جيڪي ڪوششون ڪيون هيون انهن سبب منهنجو ذهن جو کليو آهي ته آءٌ پاڻ جهڙن ماڻهن جي اڪثريت کان وڌيڪ چٽائي سان ۽ وڌيڪ اڳتي ڏسي سگهيس ٿي. منهنجي خيال ۾ چڱي خاصي انگ کي اهو ٻڌل هئڻ جو احساس ڪجھ دير سان ٿئي ٿو“. مسٽر پولي انهيءَ ٻڌل احساس جو اهو دائمي روپ آهي ۽ لڳ ڀڳ چاليهن ورهين جي ڄمار کي پهچي انهي بابت ڪجھ ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ کان پوءِ ئي انهي مان جان ڇڏائي سگهيو. ايچ جي ويلز پنهنجي شروعاتي ڪوششن سبب نه، جيئن هن پاڻ ڏاڍي نهٺائي سان ٻڌايو آهي؛ پر هن ۾ موجود اتساهيندڙ صلاحيت سبب انهي مان جلدئي جان ڇڏائي ويو. هن جي ڄمڻ جو مقصد ئي ڄڻ ته اهو هو ته هو اڪثر ماڻهن کان وڌيڪ چٽائي سان ۽ وڌيڪ پري ڏسي سگهي ۽ هن پنهنجي سموري زندگي پنهنجي صلاحيت، مهارت ۽ دل ۽ دماغ اها بصيرت ۽ سمجهه پاڻ جهڙن ماڻهن تائين پهچائڻ ۽ کين انهي ميراث کان واقف ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيا جنهن جو هو فقط انهي ڪري مالڪ ٿيو هو جو هو انسان ٿي پيدا ٿيو هو.

هن جي قلم مان سائنس، اقتصاديات، عالمي تاريخ، خلائي جنگين ۽ مستقبل ۾ شيون ڪهڙو روپ اختيار ڪنديون جي موضوعن تي ڪتاب نڪرندا رهيا. هو 1866ع ۾ ڄائو هو ۽ ٻين مهاڀاري لڙائي کان ستت ئي پوءِ جڏهن هو فوت ٿيو ته سندس آخري ڪتاب جو نالو Mind at the end of its tether هو. اهڙو ذهن جيڪو حقيقت ۾ انسان پاران پنهنجي قسمت ۾ بهتري آڻڻ جي صلاحيت نه ڏسي ٿڪجي ۽ منجهي پيو هو. پر اهو فقط ذهن هو، اهو سوچيندڙ ويلز ڳالهائي رهيو هو. ويلز جيڪو هڪ آرٽسٽ هو انهي شايد انهي کان گهڻو بهتر ڪم ڪيو هو جيترو کيس احساس هو. ڇاڪاڻ ته هن ٻين شين سان گڏوگڏ مسٽر پولي تخليق ڪيو هو. جنهن جي تاريخ تڏهن به پڙهبي رهندي جڏهن ٻين ”تاريخن“ تي ڪٻٽن ۾ دز پئي چڙهندي.

هاڻي مسٽر پولي سان گڏجي ويهو. هو پنهنجي جهنگلي جي ڏاڪن تي ويٺو آهي. عمر چاليهن جي لڳ ڀڳ ٿيندس. سندس پيدائشي خوش خلقي تي بدهاضمي جو تهه چڙهي ويو آهي، هڪ ننڍڙي ڪاروبار ۾ ڦاٿو پيو آهي. جنهن ۾ ڏيواليو نڪرڻ وارو اٿس، هڪ اهڙي عورت سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ڦاٿل آهي جيڪا هن لاءِ صحيح نه آهي. ڪا به سکيا نه اٿس. ڪنهن ڪو چتاءُ نه ڏنو اٿس؛ منجهيل آهي، پيڙا ۾ آهي، ڪاوڙيو پيو آهي، انهي کان سواءِ ٻيو ڪجھ نظر ئي نه ٿو اچيس ته هڪ اڻ وڻندڙ صورتحال ۾ ڦاٿو پيو آهي... خراب ٿيندڙ کاڌن ۽ جهيڙيندڙ رَسُن جو هڪ جنگ جو ميدان آهي... ڪو انسان نه ڄڻ ته ڪا گهرو ويڙهه آهي.... سماجي طور ڪٿي به مطابقت اختيار نه ٿو ڪري سگهي تنهن ڪري حالت ڏاڍي خراب اٿس“. سندس پنهنجن لفظن ۾ کيس پنهنجي نصيب جو ڌڪ لڳي چڪو آهي. جهنگلي جانورن جهڙي زندگي آهي. هن اهڙين شين تي اصرار ڇو نه ڪيو جن کي هن سهڻو سمجهيو ٿي؟ اهي حاصل نه ڪيائين انهن لاءِ وڙهيو نه. انهن لاءِ ڪو خطرو نه کنيائين. انهن کي ڇڏي ڏيڻ بجاءِ مري ڇو نه ويو؟ انهي لاءِ سٺا سبب هئا. انهي ۾ ئي ڪيترن ئي مسٽر پولين جي روح جي رڙ آهي. ڪيترائي انسان جن جي قسمت اڃا وڌيڪ تلخ آهي. ڇاڪاڻ ته هن وانگر اهي به اندروني طور سمجهن ٿا ته ڏوهه انهن جو ڪونهي.

پهريان سندس تعليم تي غور ڪريو. ”مون کي ياد آهي ته مون تعليم جي ڪا تصوير ڏٺي هئي“. ايچ. جي. ويلز لکيو آهي. ”هڪ سهڻي عورت ڏاڍي ڏاهپ ڀريل ۽ بي خوف منهن سان پنهنجن ٻارن تي جهڪي بيٺي هئي ۽ انهن کي پري آسمان جي ڪناري ڏانهن اشارو ڪري ڏيکاري رهي هئي. هو انهن کي ٻڌائي رهي هئي ته انهن جي سامهون زندگي ۾ وڏا رستا کليل هئا... ۽ هو جيڪي مهارتون حاصل ڪري سگهيا ٿي انهن ۾ ڪيترا نه مزا هئا. مسٽر پولي جي تعليم انهي تصوير جي گهڻو مطابق نه هلي هئي. هو ڪجھ وقت نيشنل اسڪول ۾ داخل ٿيو هو. هن چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ اسڪول ڇڏيو ۽ تڏهن سندس ذهن جي حالت اهڙي هئي جهڙي هوند انهي ماڻهو جي ٿئي جنهن جي اپينڊيسائٽس جي آپريشن هڪ سٺي نيت رکندڙ ۽ دلير پر ٿڪيل ۽ گهٽ پگهار کڻندڙ قاصائيءَ جو ڇوٽو ڪري. حقيقت ۾ اتي انهي ڳالهه جو هڪ سٺو سبب موجود آهي ته مسٽر پولي جهڙا ڪيترائي ماڻهو ”ڇو ايترا بي درد ۽ دشمناڻو رويو رکن ٿا ۽ انهن جي سوچ ايتري محدود ڇو آهي“. مختصر طور چئجي ته هن دنيا جي ٻين ڪيترن ٻارن وانگر اسڪول ڇڏيو ته ”هن جي ذهن ۾ ڪيترائي تجسس ڀريل سوال هئا ۽ هڪ منجهيل حالت ۾ هڪ ٻار واري آمادگي هئي“. آمادگي جي انهي لفظ ۾ ئي تلخي رکيل آهي جنهن کي انساني ڪچرو چئجي ٿو. اها ڏاڍي افسوس جهڙي ڳالهه آهي ڇاڪاڻ ته اسانجن ٻارن ۾ اسانجون اميدون ۽ اسان جي شروعات رکيل هوندي آهي.

مسٽر پولي جي تاريخ تڏهن کان وٺي جيستائين اسين کيس جهنگلي جي ڏاڪي تي ويٺل ڏسون ٿا ڏاڍي مٿاڇري نموني بيان ڪئي وئي آهي. هن پورٽ برڊوڪ ڊريپري بازار ۾ پهريان ڪينٽربري ۽ پوءِ ڪليفام ۾ اسسٽنٽ طور نوڪري ڪئي. هر جاءِ تي ساڳيون حالتون هيون. ويلز انهي جو بيان ڏاڍي طنزيه مذاق ۽ تلخي ۾ ڏٺو آهي. انهي تلخي جو سرچشمو به سندس اوائلي زندگي هئي. پوءِ سندس پيءُ فوت ٿيو ۽ کين غير متوقع طور ڪجھ پئسا هٿ اچي ويا. وري شادي به ٿي وئي. سوٽ مريم سان شادي ٿي ۽ فش بورن ۾ هڪ ننڍڙو دڪان کلي ويو. شروع کان ئي چٽي اس ۽ کل ڀوڳ ڄڻ ته هميشه لاءِ موڪلائي ويون ۽ پڪنڪ ۽ هل هنگامي جو دور ختم ٿي ويو“. اها ڳالهه صحيح آهي ته مسٽر پولي شادي جي اوائلي ڏينهن کي اميد پرستي واري انداز ۾ منهن ڏنو، ويندي دڪان ۾ سيٽيون به وڄائيندو هو پر پوءِ مريم شڪايت ڪئي ته: ”انهي سان ته مٿو ٿو ڦاٽي“. فش بورن ۾ پندرهن ورهيه گذري ويا. اتي پرجوش واپاري سوچ حاوي رهي ۽ مريم جي رڌ پچاءُ سبب خواب اونداهان ٿي ويا. هاڻي ڳالهه مسٽر پولي جي سهپ کان وڏي ٿي وئي. ”آپگهاٽ ڪري ڇڏيان“. هن چيو، انهي سان گهڻو ايذاء نه ايندو.

جيڪڏهن هيستائين ڪهاڻي درد ڀري لڳي ٿي ته توازن برقرار رکڻ لاءِ اڳتي پڙهڻ ضروري آهي جيئن اهو مزاح ۽ کل ڀوڳ دريافت ڪري سگهجي جيڪو اهڙي قسمت ۽ سادي دليري جي وچ ۾ ٽڪراءُ مان جنم وٺي ٿو. ڇاڪاڻ ته مسٽر پولي ڌنڌي ڌاڙي ۽ مريم جي موجودگيء جي باوجود به پنهنجي اسٽور جي سامهون بيهي پُور پچائيندو هو ته هو ڪڏهن اٽلي جي جٽادار اس ۾ زيتون جي وڻن هيٺان ويهي لاڳيتيون پڪنڪون ملهائيندو. هن کي سدائين اهو ويساهه هوندو هو ته سٺيون ۽ غير متوقع ڳالهيون ڪٿي نه ڪٿي واقع ٿي سگهن ٿيون ۽ واقع ٿيون به آهن. اهي شايد گلفورڊ جي ڏکڻ ۾ واقع ٿيون هيون يا اهي ڪٿي آسپاس ئي ڪم وارن ڏينهن تي واقع ٿيون هيون جڏهن سڀئي سٺا مسٽر پولي دڪانن ۾ ڪم ۾ مصروف هئا. ”پورٽ برڊوڪ ڊريپري بازار ۾ انهي ڏينهن جو بيان به پڙهو جڏهن مسٽر پولي جهڙو ئي هڪ غلام پارسنز هڪ ڪپڙن جي هڙ کڻي شانائتي ڏاڍ جي علامت مسز گارويس جي سامهون آيو. مسٽر پولي لاءِ ته اها ڳالهه ڄڻ فرانس جي بيسٽل جيل تي حملو هو ڇاڪاڻ ته هو اهڙي قسم جو ماڻهو نه هو جنهن کي نوڪريءَ ۾ اضافا ملندا هجن“. سندس اکين ۾ ڪا ڳالهه هئي جنهن کي مالڪ پسند نه ڪندا هئا. مسٽر پولي جي فطرت ۾ ئي ”اڳتي وڌڻ“ نه هو.

دي هسٽري آف مسٽر پولي ۾ ڳوڙها ۽ کل تمام گڏوگڏ هلن ٿا. جڏهن سندس پيءُ فوت ٿيو ته هو شام جي جهونجهڪڙي ۾ اڪيلو واڪ (Walk) ڪرڻ نڪري ويو ۽ جيئن هو پنڌ ڪرڻ لڳو ته اوچتو سندس مئل پيءُ هن جي نظرن ۾ حقيقي ٿي ويو. هو يادگيري جي دائري کان پري وارين ڳالهين بابت سوچڻ لڳو جڏهن سندس پيءُ هڪ ڏاڍي پرجوش ننڍڙي ڇوڪري سان کِل مشڪريون ڪيون هيون. انهي ۾ دل تي اهو خاموش وار آهي. جنهن جو ڊيلين ٿامس به هڪ ننڍي ٻار جو پنهنجي ماءُ سان گڏ ٻاروتڻ جي ساون گرجا گهرن مان گذرڻ بابت ڳالهائيندي ذڪر ڪيو آهي.

انهي جي باوجود به، اسين ڪفن دفن هلندي پاڻ کي کِلندي ڏسون ٿا. جڏهن سندس سوٽ هيرولڊ جانسن- سڀني ڪڪ ڪندڙ خوبين جي مجسمي اِنهي راءِ جو اظهار ڪيو ته سڀني مائٽن کي ڪوٺ ڏيڻ گهرجي... اها ڳالهه ڪجھ ڳِجهن جهڙي نه ٿي لڳي؟ مسٽر پولي چيو. سندس جسم تي هڪ اڻ وڻندڙ احساس طاري ٿي ويو ڄڻ ته هو ويٺي ويٺي ڪارو ٿيندي پئي ويو. چاچي لارڪنس ڪراڙي چاچي پينسٽيمون جي سامهون اچي وئي. هو پنهنجا ڏند کوٽي رهيو هو. ”تون هتي؟“ هن چيو، ”تون به ته آهين“، ڇا توهان تابوت بند ڪري ڇڏيو آهي؟ ”تون ته سدائين هر ضروري ڪم جي اڳواڻي ڪندو آهين“. پر وري چاچي پينسٽيمون جا عورتن بابت پنهنجا مخصوص نظريا هئا. جيئن هن اڳتي هلي مسٽر پولي کي هن جي مريم سان شادي وقت کيس چيو هو. ”اهي تمام قيمتي پيڪٽ آهن ۽ تون جيستائين انهن کي گهر کڻي وڃي کولين نه ٿو تيستائين توکي خبر نه پوندي ته انهن ۾ ڇا آهي“.

مسٽر پولي جو قيمتي پيڪٽ مريم هئي. ”ڪنوار تي نظر پوندي مسٽر پولي ڪيترن ئي متضاد احساسن مان گذريو. خطرو، خواهش، محبت، عزت ۽ ناپسنديدگي جو هڪ عجيب عنصر. هن جي اندر ۾ هن جي اندروني ٻوجھي ڀڻڪاٽ ڪيو“، لل ڊاگ، پر تيستائين گهڻي دير ٿي وئي هئي ۽ هن کي ڪُنڍي لڳي چڪي هئي. ۽ تڏهن به شاديءَ جي موقعي جي عروج تي به مسٽر پولي زندگي کي ايتري اهميت نه ٿي ڏني جيتري ڏيڻ گهرجي. ڪا وڻندڙ شي ڄمندي ئي مري وئي.

انهي کان پوءِ فش بورن وارا پندرهن ورهيه آيا. هن پوءِ ڪتابن جي دنيا ۾ پناهه ورتي. هو پڙهندو رهيو. پڙهندو رهيو تان جو سندس دل ۾ اها شديد خواهش پيدا ٿيڻ لڳي ته هو مرڻ کان اڳ اهي اس ۾ سڪي ٺوٺ ٿيل زمينون ڏسي. پوءِ هڪ ڏينهن کيس احساس ٿيو ته هو جلدئي چاليهن ورهين جو ٿي ويندو. پوءِ اسين کيس پنهنجي جهنگلي جي ڏاڪي تي ويهي آڦريل پيٽ وارا پلان جوڙيندي ڏسون ٿا.

هن مسٽر پولي ٿي ڏيکاريندي آخرڪار انهن رٿائن کي عمل ۾ آندو. انهي رٿا جا ٻه پاسا هئا. دڪان کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏڻ ۽ پنهنجو ڳلو ڪپي ڇڏڻ. هن پهريون ڪم ڪيو ۽ ڏاڍي سٺي نموني ڪيو. اهڙي سٺي نموني ڪيو جو انهي سان گڏوگڏ اڌ شهر به سڙي ويو. پوءِ کيس ياد آيو ته هڪ ٻرندڙ اُلا ڇڏيندڙ دڪان مٿان هڪ پوڙهي عورت رهندي هئي. هو مٿي ويو ۽ کيس بچائي ڪڍي آيو. ”آءٌ هن ڳالهه تي هريل نه آهيان“. هو کيس سهارو ڏئي وٺي پئي آيو ته هن چيو. ڏيوالو ڪڍڻ جي ويجھو پهتل سڀئي واپاري بيٺا ڏسي رهيا هئا. انهن کي انشورنس جي رقم ملڻ جون سوچون ۽ اميدون هيون. مسٽر پولي هڪ هيرو ٿي پيو. پر جڏهن ڊرامو پڄاڻي تي پهتو ته هيرو مريم سان گڏ سمهڻ لاءِ تياري ڪري رهيو هو. هن جو دماغ به انشورنس جي رقم ملڻ جي خيالن سان ڀريو پيو هو. اسين ڏاڍي سولائي سان هر شي نئين سر شروع ڪري سگهون ٿا. هن چيو. ”هون“ مسٽر پولي چيو. ”کيس پهريون دفعو ياد آيو ته هن کان ڪا ڳالهه وسري وئي هئي. هن کي ته پنهنجو ڳلو ڪپڻ گهربو هو“.

پر هن پنهنجو ڳلو نه ڪپيو. هن پوري ساري رقم کنئي باقي مريم لاءِ ڇڏيائين ۽ روانو ٿي ويو. هن سج لهڻ جا منظر ڏٺا ۽ پنهنجي وطن جون حسناڪيون نئين سر ڏٺيون. هن پنهنجي رولاڪين ۾ اها اڪيلي پراڻي اسڪول جي ڀت به ڏٺي جتي هڪ دفعو گهڻو وقت اڳ سندس نوجواني ۾ ”خوابن جي دنيا مان هڪ حقيقي رومانس نڪتو هو ۽ کيس ڇڏي هليو ويو هو“. اها هڪ اسڪولي ڇوڪري هئي ۽ اها ڏاڍي معصوميت ڀري گڏجاڻي هئي. ”ڇا تون اڪيلو آهين؟“ هن پڇيو هو، ”آءٌ هتي اداسي سان ويٺو گذريل ڳالهين کي پيو ٿو ياد ڪريان“، هن جواب ڏنو هو. ”هوءَ ڀت تي ويهي رهي ۽ مسٽر پولي جي طبيعت ۾ جيڪي به چڱايون ۽ سٺايون هيون اهي هڪ وير وانگر اٿي ڇوڪريءَ جي پيرن ۾ گجي ڪري ويهي رهيون ۽ اتي ئي ختم ٿي ويون کيس ڇهيائون ئي نه“. هڪ ڏينهن مسٽر پولي کي ٽي دوست ڀت جي پٺيان ڳالهيون ٻڌندي نظر اچي ويا ۽ زمين سندس پيرن هيٺان کسڪي وئي... هو بي عزتي جي احساس ۾ ٿاٻڙجي ڪري پيو ۽ سندس مٿو ڦاٽي پيو... ”سندس منهن رت ۾ آلو ٿي ويو پر اهو دل مان ايندڙ ڳاڙهو مواد نه هو. ڇاڪاڻ ته اهو هلڪين رهڙن مان نڪتو هو. هاڻي انهن ڳالهين کي گهڻو وقت گذري چڪو هو. مسٽر پولي انهي ڀت تي نظر وڌي جنهن تي ڪنهن وقت هڪ ننڍي ڇوڪري ويٺي هئي“. ڇا هوءَ ڪنهن نواب جي زال هئي؟ يا هوءَ ڪا راڻي هئي؟ ٻارَ؟ ڇا افسوس کي سندس ويجھو اچڻ جي همٿ ٿي هئي؟ پيارو مسٽر پولي جيتوڻيڪ هڪ دائمي دلير سورمو هو پر هو اڃا به تلاش ۾ هو. ”هن کي پنهنجي زندگي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇا جي طلب هئي؟ هن کي جواب به آيو ٿي. تفريح کل خوشي.... سنگت ساٿ ۾ تفريح“.

پر هتي مسٽر پولي جي عظمت سمجهه ۾ اچي ٿي. سڀئي شاهديون خلاف هوندي به هن ويساهه مان هٿ نه ڪڍيا. ”مسٽر پولي جي اندر جي گهرائي ۾ ڪنهن جاندار جي روح جي گهرائي وانگر اونداهي ۾ جنهن کي مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ کان پوءِ مئل سمجهي ڇڏي ڏبو آهي پر هو جيئرو هوندو آهي هڪ آس چُرڻ پرڻ لڳي ته ڪٿي نه ڪٿي ذهن ۽ جسم جون خالص، سوليون ۽ خوشگوار حالتون موجود آهن“ ۽ هن هڪ ڏينهن اهي ڳولهي ورتيون. هو رستي جي هڪ موڙ مان نڪري ٻاهر ٿيو ته سامهون پاٽويل ان (Potwell Inn) نظر آيس. انهي ۾ هڪ عورت ويٺي هئي جنهن جو چوڻ هو ته هوءَ ٿُلهي هئي پر مسٽر پولي جو اصرار هو ته هوءَ فقط جسم ۾ ڀريل هئي. وري به اها مسٽر پولي جي عظمت هئي جو جڏهن انهيءَ کي ڏٺائين ته سڃاڻي ورتائين. ”منهنجي مزاج مطابق آهي“. هن چيو ۽ شراب خاني ۾ ڪم ڪندڙ ٻيڙي هلائيندڙ، شيشا صاف ڪندڙ ۽ عام اٿي ويٺي ڪرڻ واري نوڪر جا ڪم ڪرڻ لڳو. اها ئي سندس جنت هئي اتي ئي سڪون هو.

پوءِ هڪ ڏينهن انڪل جم جو نالو منظر تي اچي ويو ۽ ”ائين پئي لڳو ڄڻ ته سج جي روشني ۽ پاٽويل ان جي وڻندڙ ماحول تي ڪو پُراسرار پاڇو پئجي ويو آهي“. مسٽر پولي ۽ سندس روشن تصور جي وچ ۾ اڃا هڪ آخري رڪاوٽ باقي هئي، هڪ سبق اڃا سِکڻو هو، هڪ آخري خطرناڪ ازدها مارڻو هو. انڪل جم جي روپ ۾ ڊپ ۽ ڏهڪاءُ. هو داداگير ۽ چور هو ۽ اخلاقي سڌاري واري اسڪول جو هڪ اڳوڻو شاگرد هو. ”هو ڪهڙي قد ڪاٺ جو آهي؟“ مسٽر پولي پڇيو. جلدئي پوءِ جڏهن انڪل جم کيس هڪ گهٽيءَ ۾ مليو ته کيس خبر پئجي وئي. هن کيس چتاءُ ڏيندي پڇيو: ”ڇا آءٌ سڌريل لڳان ٿو؟“ انڪل جم مسٽر پولي جي نڪ هيٺان مڪ وهائيندي هن کان پڇيو: ”آءٌ توکي قيمو ڪري ڇڏيندس... آءٌ توکي زخمي ڪري ڇڏيندس... آءٌ توکي ڏاڍن خطرناڪ نمونن ۾ ايذائيندس“.

مسٽر پولي اڏامي وڃڻ چاهيو. ”اوڀر طرف ڏاهي ماڻهو جو دڳ آهي“. مسٽر پولي پاڻ کي اوڏانهن ويندي ڏٺو ۽ اوڏانهن ويندي اها خود ثنائي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ڪو عقل مند ماڻهو محسوس ڪندو آهي. مسٽر پولي پنهنجو جواب پڻ ڏنو آهي. ”هن کي خبر هئي ته کيس فقط مٿي ڏسڻ جي همٿ ڪرڻي هئي. آسمانن جا دروازا کليا پيا هئا ۽ سندس ڪيس بابت واضح فيصلو آسمان تي لکيو پيو هو. هن کي زندگي بابت ايتري ڄاڻ هئي جيتري ڪو به ماڻهو حاصل ڪري سگهي ٿو. هن کي خبر هئي ته هو يا ته مهاڏو اٽڪائي يا ختم ٿي وڃي. انسان جي دنيا ۾ اچڻ جو مقصد پنهنجي لائق حسن تلاش ڪرڻ ۽ اهو حاصل ڪرڻ آهي. پوءِ انهي جي خدمت ڪري، اهو ماڻي ۽ انهي ۾ واڌارو ڪري، انهي لاءِ وڙهي، انهي لاءِ ڪنهن به شي کي منهن ڏئي ۽ للڪاري ۽ جيستائين انهي تي اکيون اٽڪيل رهن. تيستائين مرڻ کي به خاطر ۾ نه آڻي. مسٽر پولي ڪنبي ويو هو. يا خدا، انهي سان ته منهنجو ڪو تعلق ئي نه آهي. هن چيو ۽ ائين چوندي پنهنجو منهن پاٽويل اِن ڏانهن ڪري ڇڏيائين.

هن پنهنجي مسٽر پولي واري انداز ۾ انڪل جم کي شڪست ڏئي ڇڏي. انهي کان پوءِ پاٽويل اِن اهڙي محفوظ ۽ امن واري ٿي پئي جيئن پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ ڪو ٻارڙو هجي. هو اتي شام جو ندي جي ڪناري تي ٿلهي عورت سان گڏ ويهندو هو. ”اهي گهڻي سوچ ويچار ڪرڻ بجاءِ ذهن جي سانت ۾ گم رهندا هئا“.

اهي ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائيندا به هئا پر جيئن ته هربرٽ جارج ويلز انهن کي تخليق ڪيو هو تنهن ڪري هو ئي ڳالهائيندو هو. ۽ جيڪڏهن سندس روح پڙهي سگهي ٿو ته اهو ڀلي پڙهي ۽ هن انهن کان 1910ع ۾ جيڪو ڪجھ چورايو هو اهو پڙهي تسلي محسوس ڪري. ”لڳي ٿو ته ڪنهن ماڻهو کي زندگي ۾ ڪنهن شي جي اميد ٿي پوي ٿي ۽ اها شي واقع نه ٿي ٿئي. ماڻهو اهو سوچڻ شروع ڪري ٿو ته شيون سٺيون به آهن خراب به آهن ۽ انهي جو انهي ڳالهه سان گهڻو واسطو نه هوندو آهي ته ڇا سٺو آهي ڇا خراب آهي... آءٌ سدائين متشڪڪ قسم جو ماڻهو رهيو آهيان....“

ويلز پنهنجي زندگي جا پهريان پنجاهه ورهيه اهڙي آبهوا ۾ گذاريا جتي تڪڙي سماجي ترقي ۾ ويساهه ممڪن هو (انهي لاءِ مناسب سبب به هئا) اها وليم مورس، شا ۽ فيبينزم جي دنيا هئي. ويلز روشن خيالي پکيڙڻ جي وسيع ميدان ۾ پنهنجو ڪم ته ڪيو پر انهي کان به وڌيڪ ڪيو.... شايد انهي کان وڌيڪ جيترو خود هن کي اندازو هو: ”منهنجي فڪشن جو وڏو حصو هلڪي ڦلڪي انداز ۾ ۽ ڪنهن حد تائين تڪڙ ۾ لکيل هو“، هن چيو، ”منهنجن ناولن مان فقط هڪ يا ٻن جو بنيادي طور شخصيت سان تعلق آهي. مون کي پڪ نه آهي ته مسٽر پولي يا انهن ٻين فردن ۾ اهڙي قسم جي حياتيت آهي جيڪا نون سماجي دورن ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪجھ ڏهاڪن ۾ انهن بابت ڪنهن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه اچي سگهي.

انهي مان ثابت ٿئي ٿو ته ذهن ڪيترو غلط به ٿي سگهي ٿو. مسٽر پولي پنهنجو وجود برقرار رکيو آهي ۽ هو نون سماجي دورن ۾ به پنهنجو وجود برقرار رکندو. هو تاريڪ ٿيندڙ دنيا ۾ اڃا وڌيڪ سمجهه ۾ ايندو. ڪا بگڙيل تصوير (Caricature) حقيقي زندگي کان گهڻو ڪجھ وڌيڪ پيش ڪندي آهي ۽ مسٽر پولي جي سموري معنيٰ ۽ روح اهو ئي آهي. ڇاڪاڻ ته زندگي ڪڏهن به ايتري وڏي نه ٿي سگهندي جنهن کي انساني دل اڃا وڌيڪ وڏو ڪرڻ جو خواب نه ڏسي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو مسٽر پولي اڳتي وڌندو رهندو، هو سدائين هڪ قسم جي جادوئي روشني ۾ ايندو رهندو، قسمت جي آڏو ايندو ۽ ان سان وڙهندو رهندو. هو تڪليفن کي ڀاڪر ۾ ڀريندو رهندو، اخلاقي سبق ڏيندڙن کي گوهي ڏيندو رهندو. هن وٽ جواب تيار رهندا ۽ لل ڊاگ جا ڀڻڪاٽ ڪندي فوري حل موجود رهندا.

حقيقت اها آهي ته هسٽري آف مسٽر پولي ۾ ويلز جي اندر وارو فنڪار انهن ماڻهن پاران اونداهيءَ مان ٻاڪاري رهيو آهي جيڪي ڳالهائي نه ٿا سگهن. هو انهن جي مقدر تي اندر ۾ ڪاوڙ سان ڀريو پيو آهي. اها ٻاڪار پڙاڏا ڪندي رهندي. انهي ۾ ڪهل سان گڏوگڏ کِل به هوندي. مفڪر ويلز کي ڪهاڻيڪار ويلز کان آٿت وٺڻ گهرجي ۽ آرام سان ويهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سندس ڪنن ۾ سندس پنهنجي لافاني ڪردار مسٽر پولي جو آواز پئجي رهيو آهي جيڪو هميشه لاءِ پاٽويل اِن جي ٻاهران ويٺو چئي رهيو آهي: ڳالهه اها نه آهي ته اسين جيڪو ڪجھ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا اهو حاصل ڪريون ٿا، هڪ قسم جو ڪردار اهڙو آهي جنهن کي ماڻهو پسند ڪن ٿا ۽ انهي جي حمايت ڪن ٿا ۽ هڪ قسم جو ڪردار اهڙو به آهي جيڪو انهن کي پسند نه آهي. ادب توڙي عام زندگي ۾ اها ڳالهه فردن تي به لاڳو ٿئي ٿي. پوءِ اهو هڪ پاسي مسٽر پولي هجي يا ٻئي پاسي انڪل جم يا اڊولف هٽلر هجي ۽ ڪهڙي به روپ ۾ اچي.

74. سنز ائنڊ لورز

(Sons and Lovers)

-- ڊي. ايچ، لارينس --

 

”جيڪڏهن منهنجي ماءُ جيئري هجي ها ته آءٌ توسان محبت نه ڪري سگهان ها جو هوءَ مون کي پنهنجن هٿن مان وڃڻ ئي نه ڏئي ها“. ڊي. ايچ. لارينس پاران پنهنجي زال فريڊا کي چيل اهي لفظ مسز لارينس ۽ سندس پٽ جي انهيءَ تعلق کي مڪمل طور ظاهر ڪن ٿا جنهن کي سندس موت ئي ٽوڙي سگهيو.

مسز لارينس انهي سهڻي خوش باش ۽ نوجوان کاڻ مزدور سان شادي کان اڳ ماسترياڻي هئي. هوءَ انهي سان هڪ پارٽيءَ ۾ ملي هئي. هوءَ تمام نفاست ڀري، اعليٰ اصولن واري ۽ تمام مذهبي هئي جڏهن ته هو مشڪل سان اکرن هنيو هو، بي فڪرو هو ۽ اٿي ويٺي ۾ رک رکاء کان خالي ۽ شراب جو شوقين هو. لڊيا لارينس جيئن ته ڪنهن مزدور جي زال ٿيڻ لاءِ ڪنهن به لحاظ کان مناسب ئي نه هئي تنهن ڪري هن جي جلدئي پنهنجي مڙس لاءِ محبت ختم ٿي وئي.

لارينس ڪٽنب جي پنجن ٻارن مان چوٿون ڊيوڊ هربرٽ 11- سيپٽمبر 1885ع تي ناٽنگهام کان ڪجھ ميل پري ايسٽ ووڊ ۾ هڪ معمولي سرن جي ٺهيل گهر ۾ ڄائو. هو ٻن ورهين جو هو ته اهو گهراڻو دي بريچ (The Breach) ]سنز ۽ لورز وارو دي باٽم[ ۾ هڪ اڃا وڌيڪ خراب گهر ۾ لڏي وڃي ويٺو. اها شهر کان هيٺاهين حصي ۾ کاڻ مزدورن جي آبادي هئي. اڏول ارادي جي مالڪياڻي مسز لارينس انهي گندي زندگي مان بيزار ٿي پاڻ سان اهو وچن ڪيو هو ته هوءَ پنهنجن پٽن کي پنهنجي پيءُ واري کاڻ ۾ وڃڻ نه ڏيندي. سندس پهرئين توجه جو مرڪز، اسڪول مان نڪرڻ جي عمر تي پهچندڙ وليم ارنيسٽ بڻيو. هن غير شعوري طور پنهنجي اها والهانه محبت هن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي جيڪا هن جي دل ۾ ڪنهن وقت پنهنجي مڙس لاءِ هوندي هئي. ارنيسٽ هڪ هوشيار ڇوڪرو هو ۽ هن جون انهيءَ ۾ اميدون تڏهن پوريون ٿيون جڏهن هن لنڊن ۾ هڪ اهڙي ڪلارڪي جي جاءِ حاصل ڪئي جنهن ۾ اڳتي وڌڻ جا چڱا موقعا هئا.

انهي ڪٽنب جي ٻارن مان سنهڙو سيپڪڙو ۽ حساس ڊيوڊ مزاج جي لحاظ کان پنهنجي ماءُ جي سڀ کان ويجهو هو. هن کي ماءُ وارو فطري حسن سان پيار ورثي ۾ مليو هو ۽ لفظ استعمال ڪرڻ جي ڏات سان گڏوگڏ هن ۾ پينٽنگ جي صلاحيت پڻ هئي. کيس مقامي بورڊ اسڪول مان ناٽنگهام هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي. اتي هو ٽي ورهيه رهيو. انهي ۾ به وڏو هٿ مسز لارينس جي قربانين جو هو. هن اتي جيتوڻيڪ پاڻ کي ڪنهن لحاظ کان نمايان ته نه ڪري ڏيکاريو پر هو رياضي ۾ هڪ انعام کٽڻ لائق ٿي ويو. هن چوڏهن ورهين جي عمر ۾ اسڪول ڇڏيو ۽ ناٽنگهام ۾ سرجري جا اوزار ٺاهيندڙ هڪ فرم هي ووڊس ۾ نوڪري ورتائين. نوڪري تي چڙهڻ کان جلدئي پوءِ هن جي ملاقات جيسي چيمبرز سان ٿي.

سنز ۽ لَورز ۾ مريم جي نالي سان آيل جيسي هن کان هڪ سال ننڍي هئي. ڪارن وارن واري خوابن ۾ رهندڙ انهي ڇوڪري ۽ هن ۾ ڪتابن ۽ آرٽ سان محبت مشترڪ هئي. هو سندس پيءُ جي فارم تي گهڻو وڃڻ لڳو جتي اهي بورچيخاني جي هڪ ڪنڊ ۾ گڏجي ويهي شاعري پڙهندا هئا يا ڊگهي واڪ تي هليا ويندا هئا. جيسي ئي سڀ کان پهريان هن ۾ لکڻ جي خواهش جاڳائي ۽ هن شعر جي ميدان ۾ ڪيل پنهنجون شروعاتي ڪوششون به سڀ کان پهريان جيسي جي سامهون رکيون هيون. هن جيسي پاران واکاڻ ۽ همٿ افزائي ٿيڻ تي ئي افسانا لکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

ارنيسٽ لنڊن ۾ سٺي نوڪري جي شروعات ۾ ئي اوچتو فوت ٿي ويو ۽ ڊيوڊ پاڻ نمونيا وگهي سخت بيمار ٿي پيو (پوءِ پنجيتاليهن ورهين جي ڄمار ۾ سندس موت به ٽي.بي سبب ٿيو). سندس ماءُ سندس تيمارداري ڪري کيس چاق ڪيو ۽ انهي کان پوءِ هو سندس شديد محبت جو مرڪز ٿي پيو.

نوجوان لارينس وري هي ووڊز واپس نه ويو ڇاڪاڻ ته کيس چاق ٿيڻ کان پوءِ سيکڙاٽ استاد طور سکيا وٺڻ جو موقعو ملي ويو. ڪورس جو پهريون حصو ايسٽ ووڊ ۾ هليو.

ڊيوڊ ۽ جيسي جي عشق ڪهاڻي پختي ٿي دائمي محبت ۾ تبديل نه ٿي سگهي. لارينس پاران انهي جي پختي نه ٿيڻ جا سنز ائنڊ لورز ۾ ڏنل سبب جيسي پاران ڊيوڊ بابت لکيل يادگيرين ۾ ڏنل سببن کان گهڻو مختلف آهن. جيسي مطابق هوءَ سندس ماءُ جي ڪري هن جي گهڻو ويجھي نه ٿي سگهي. هن وڌيڪ اهو به چيو ته لارينس پنهنجي زندگي جي انهي دور ۾ جنس(Sex) کان ڊنل هوندو هو. اسان کي لارينس جي فريڊا سان ڳالهايل لفطن مان خبر پوي ٿي ته سندس پهرئين ڳالهه صحيح هئي: امڪان اهو آهي ته سندس ٻي ڳالهه به ايتري قدر ئي صحيح هئي.

جيسي پاڻ به ماسترياڻي ٿيڻ جي سکيا وٺي رهي هئي ۽ لارينس جو جيتوڻيڪ هن سان جذباتي تعلق نه هو ته به هو سندس دوستي کي قدر جي نگاهه سان ڏسندو رهيو. هو جڏهن پنهنجي ڊپلوما لاءِ ناٽنگهام يونيورسٽي ۾ زير تعليم هو ته هن پاڻ کي هڪ کان وڌيڪ موقعن تي عشق ۾ مبتلا ڏٺو. هن هڪ ڇوڪري سان مڱڻو به ڪيو پر اهو معاشقو به ٻين معاشقن وانگر ساڻو ٿي مري ويو.

لارينس پنهنجو ڊپلوما ورتو ۽ ڪرائيڊن ۾ 1909ع ۾ ڊيوڊ سن روڊ اسڪول ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. اهو هن لاءِ هڪ يادگار سال هو. جيسي پنهنجو هڪ نظمن جو ڳٽڪو ”دي انگلش رويو“، ڏانهن موڪليو هو انهي ذريعي هن پهريون دفعو پنهنجو نالو ڇپيل صورت ۾ ڏٺو. ٻه مهينا پوءِ هن جي لکيل ناول The White Peacock کي هائينيمان وارن قبول ڪيو.

لارينس کي 1910ع ۾ خبر پئي ته سندس ماءُ ڪينسر وگهي مرڻ تي هئي. هن هائينيمان وارن کي عرض ڪيو ته هو سندس ڪتاب ڇاپين ۽ دي وهائيٽ پيڪاڪ جيتوڻيڪ 1911ع ۾ شايع ٿيو ته به هو انهي جي هڪ ڪاپي موت کان اڳ پنهنجي ماءُ جي هٿن ۾ رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. لارينس پاران پنهنجي ماءُ تي آخري دفعو نظر وجھڻ بابت هي لفظ آيل آهن: ”منهنجي سامهون دنيا تحليل ٿيڻ لڳي. اها جيتوڻيڪ سهڻي ۽ انڊلٺي رنگن وانگر هئي پر کسڪندي پئي وئي. ايستائين جو آءٌ پاڻ به تحليل ٿيڻ لڳس ۽ تمام گهڻو بيمار ٿي پيس...“ هو ڏک ۽ افسوس سبب ڪمزور ٿي پيو ۽ مٿس نمونيا جو ٻيو دفعو حملو ٿيو.

هن بيماري کان پوءِ صحت ياب ٿيڻ دوران پنهنجو ٻيو ناول The Trespasser مڪمل ڪيو ۽ ”پال موريل“ نالي جيڪو نئون ڪتاب لکڻ شروع ڪيو هو انهي بابت ڏاڍي شوق سان پنهنجي پبلشر ڏانهن خط لکيو.

لارينس پال موريل جو پهريون ڊرافٽ جيسي کي ڏيکاريو. اهو اڳتي هلي سنز اينڊ لورز ٿيڻو هو. جنهن کيس بجا طور اهو چيو ته انهي جو وڏو حصو ميلوڊراميٽڪ آهي ۽ حقيقي زندگي ۾ جيڪو ڪجھ وهي واپري ٿو ”اهو وڌيڪ دردناڪ ۽ وڌيڪ دلچسپ هوندو آهي“. هن ٻئين ڊرافٽ ۾ هن جي مدد ڪئي ۽ لارينس جيسي پاران ياد ڏياريل ڪيترائي واقعا انهي ۾ شامل ڪيا. لارينس جيسي سان آخري دفعو 1912ع ۾ مليو ڇاڪاڻ ته هو انهي سال فريڊا سان مليو ۽ هميشه لاءِ انهي جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويو.

اهي ٻئي گڏجي ملڪ کان ٻاهر ويا ۽ هن سنز ائنڊ لورز اٽلي ۾ پورو ڪيو.

سنز ائنڊ لورز مئي 1913ع ۾ شايع ٿيو ۽ جيسي اهو پڙهي ڏاڍي حيران ۽ مايوس ٿي. ڇاڪاڻ ته جيسي محسوس ڪيو ته لارينس ”سندس ماءُ سان پنهنجي تعلق کي مهانتا ڏني هئي“ ۽ ”انهن پاران ڪنهن درست لاڳاپي جي وڏي ڪوشش کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو هو. هن جي انهي ڳالهه سان ايتري ته جذباتي وابستگي هئي جو هو ڪتاب کي معروضي انداز ۾ ڏسي ئي نه پئي سگهي.

سنز ائنڊ لورز جو پهريون اڌ مڪمل طور آتم ڪهاڻڪ آهي تنهن ڪري پال موريل (لارينس) ۽ سندس ڀاءُ وِلي (ارنيسٽ) جي شروعاتي زندگي جو احوال ڏيڻ ورجاءُ ٿيندو. البت ناول کي صحيح نموني ۾ سمجهڻ لاءِ انهي ماحول بابت ڪجھ ڳالهيون ٻڌائڻ اهميت رکي ٿو جنهن ۾ انهن جا تشڪيلي سال گذريا ۽ انهي کان سواءِ مسز موريل (مسز لارينس) جي تصوير ڏيڻ به ضروري آهي جنهن جو ڪردار ڪتاب کي سمجهڻ جي ڪنجي آهي.

اڳوڻي ماسترياڻي مسز موريل نه فقط محبت ۽ ڪوملتا پر سختي ۽ تيزي جو مرڪب آهي ۽ سندس شخصيت جي انهي روپ ئي هن ۽ سندس کاڻ مزدور مڙس ۾ وٿي ايتري وڌائي ڇڏي جو پوءِ اها ڀرجي نه سگهي. هن پاران والٽر موريل کي پنهنجي وِت کان وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ڪوششن جي نتيجي ۾ هو وڌيڪ خراب ٿي ويو، هو تقريباً سمورو وقت گهر کان ٻاهر رهڻ لڳو، پنهنجي سموري پگهار پنهنجن دوستن سان گڏ شراب پيئڻ ۾ خرچي ڇڏيندو هو ۽ اڪثر نشي ۾ ٻڏي گهر ايندو هو ۽ گهر ۾ جهيڙا ڪندو هو. هاڻي کيس انهي جو ذري برابر به احساس نه ٿيندو هو ته سندس غلط هلت سان سندس زال جا جذبا مجروح ٿين ٿا. انهي جي باوجود به هن ۾ پنهنجي خوش طبعي ۽ کل ڀوڳ واريون ڪي ڳالهيون موجود هيون ۽ اهي ڳالهيون انهي وقت وڌيڪ نڪري نروار ٿينديون هيون جڏهن هو پنهنجن هٿن سان ڪو ڪم پيو ڪندو هو پر اهڙا وقت ورلي ايندا هئا ۽ اڪثر ائين ٿيندو هو ته هو جڏهن شراب جي نشي ۾ رڙيون ڪرڻ لڳندو هو يا ٽيبل تي زور سان ڌڪ هڻندو هو ته سندس ٻار ننڊ مان جاڳي پوندا هئا. اهڙين حالتن ۾ هو جيڪڏهن هُن کان ٽهڻ لڳا ۽ پنهنجي ماءُ جي ويجھو رهڻ لڳا ته انهي ۾ ڪا اچرج جهڙي ڳالهه نه هئي. هوءَ انهن لاءِ هر ڪا قرباني ڏيندي هئي ۽ هڪ ٻه دفعو جڏهن هوءَ پنهنجي حسن پرست طبيعت سبب پاڻ پلي نه سگهي ۽ ڪجھ گلن يا ڪنهن سهڻي جڳ تي ٻه ٽي پئسا خرچ ڪري وڌائين ته انهي تي افسوس پئي ڪندي هئي.

مسز موريل جيتوڻيڪ جسماني طور ننڍڙي ۽ نازڪ هئي پر اڏول ارادي جي مالڪياڻي هئي ۽ اهو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هئائين ته سندس ڪو به پٽ پنهنجي پيءُ جي پٺيان کاڻ ۾ نه ويندو. گهٽ ۾ گهٽ انهي ۾ هوءَ ڪامياب ٿي....

وِلي کي لنڊن ۾ هڪ سٺي پگهار واري نوڪري ملي. مسز موريل هن سان ائين ئي جذباتي حد تائين پيار ڪرڻ لڳي جيئن هن ڪنهن وقت پنهنجي مڙس سان ڪيو هو. اهڙي طرح کيس ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيائين. هو پنهنجي ماءُ کان سواءِ ڪنهن به عورت سان مڪمل طور پيار نه ٿو ڪري سگهي. اهو ئي سبب هو جو هن جو هڪ اڇاتري، بي دماغ ۽ بيڪار ڇوڪري سان تعلق پيدا ٿي ويو.

پال کي چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ ناٽنگهام ۾ سرجري جا اوزار ٺاهيندڙ هڪ فرم ۾ نوڪري ملي وئي. ولي گهر کان ٻاهر رهيو ته هو پنهنجي ماءُ جي ويجھو ايندو ويو.

مسز موريل هڪ ڏينهن پال کي مسز ليورس نالي هڪ فارمر جي زال ڏانهن گهمائڻ وٺي وئي. انهي کي هڪ نئون بلائوز پهريل هو ۽ پال رڙ ڪري چيو: ”واڪ تي گڏجي هلڻ لاءِ تون تمام سٺي عورت آهين! ڳوٺ جي گهٽين ۾ واڪ ڪندي ٻنهي کي ڏاڍو مزو آيو ۽ پال کي ته فارم به ڏاڍو وڻيو. ننڍڙي ڊڄڻي مريم ليورز جيڪا پنهنجن اڻ گهڙين ڀائرن کان ٽهندي هئي اها نازڪ قد بت واري پال ڏانهن ڇڪجي آئي. پر هو ڇوڪرن جي سنگت کي ترجيح ڏئي ٿو. مسز ليورز کيس چوي ٿي ته کيس جڏهن به دل چوي هو فارم تي ايندو رهي.

ولي اوچتو لنڊن ۾ مري وڃي ٿو. مسز موريل افسوس ۾ پال کي نظرانداز ڪري ڇڏي ٿي. انهي تي نمونيا جو شديد حملو ٿئي ٿو. هو سندس تيمارداري ڪري کيس چاق چڱو ڀلو ڪري ٿي ۽ کيس پنهنجي شديد محبت جو مرڪز بڻائي ڇڏي ٿي.

پال وڌ کان وڌ وقت فارم تي گذاري ٿو. هن کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مريم به هن وانگر شاعري ۽ مصوري کي پسند ڪري ٿي. ۽ هن جي وڌ ۾ وڌ ويجھو ٿيندو وڃي ٿو. انهن جي وچ ۾ هڪ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ واري پيار ڪهاڻي شروع ٿي وڃي ٿي پر جڏهن مريم وڏي ٿي هڪ سهڻي ڇوڪري ٿئي ٿي ۽ پال جي مردانگي سجاڳ ٿئي ٿي ته هڪ پاڇو روشني کي جهڪو ڪرڻ شروع ڪري ٿو. مريم حد کان وڌيڪ نفاست پسند ۽ تمام دٻاءُ ۾ آهي. تون کلي ڇو نه ٿي سگهين؟ هو هڪ ڏينهن هن کان پُڇي ٿو. ”تون جيڪڏهن فقط هڪ منٽ لاءِ به مون تي کلندين نه ته آءٌ محسوس ڪندس ته انهي سان ڪنهن شي جا بند کُلي ويندا“. هن کي احساس ٿيندو پيو وڃي ته هُن جو هِن سان تعلق تمام گهڻو روحاني ٿيندو پيو وڃي ۽ هو روحاني ٿيڻ نه ٿو چاهي. پال جي مريم ۾ تمام گهڻي دلچسپي سبب مسز موريل مريم کي تمام ناپسند ڪرڻ شروع ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته هن کيس اهڙي قسم جي عورت سمجهيو آهي جيڪي مرد جو روح ڇڪي وٺنديون آهن. هوءَ ڏاڍي پيڙا مان گذري ٿي. پال سندس ڏک کان واقف آهي ۽ اهو سهي نه ٿو سگهي. هو مريم سان اڪثر بي رحمي سان پيش اچي ٿو. هڪ ڏينهن هو مريم سان ملي واپس آيو ته کيس سندس ماءُ رڌڻي ۾ سُڳي ويٺي نظر آئي. سندس رنگ هيڊو لڳو پيو هو. هن سان اڳ ۾ به اها حالت ٿيندي هئي پر هوءَ سورپي ويندي هئي. پر ”تون مريم ۾ ايترو محو لڳو پيو هئين جو تو کي ڪا ڳالهه نظر ئي نه پئي آئي. هاڻي تنهنجي لاءِ ٻيو ڪير رهيو ئي نه آهي. آءٌ توکي ٻي ڪنهن عورت سان برداشت ڪري وڃان ها پر هن سان نه. هيءَ منهنجي لاءِ ڪا جاءِ ئي نه ڇڏيندي. هڪ انچ به نه! هوءَ پنهنجون ٻانهون هن جي ڳچي ۾ وجھي ٿي ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳي ٿي. هن اڳ ۾ ڪڏهن سڏڪا نه ڀريا هئا. ”مون کي مڙس ڪڏهن مليو ئي نه آهي، واقعي نه....“.

پال کي خبر آهي ته هو پنهنجي ماءُ سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿو پر هو مريم کي نه ٿو ڇڏي سگهي. هو هڪ ڏينهن فارم تي آيل هڪ مهمان سان ملي ٿو. ڪلارا ڊيوس ٽيهن ورهين جي هڪ پُر ڪشش ۽ سهڻي عورت آهي. اها پنهنجي مڙس کان جدا رهندي آهي. ڪلارا ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ ۽ خوش طبع آهي جڏهن ته مريم گهٽ ڳالهائو ۽ ڳالهيون دل ۾ رکندڙ آهي.

پال آخرڪار محسوس ڪري ٿو ته هن جي مريم سان معاشقي مان ڪجھ به حاصل ٿيڻو نه آهي. ”اسين دوستي تي رضامند ٿيا هئاسين پر انهي اسان کي ڪجھ به نه ڏنو آهي“. هن کيس اهي لفظ چيا ۽ پوءِ هن وٽ وڃڻ ڇڏي ڏنو.

پال هڪ دفعي اوچتو ڪلارا جي سامهون اچي ويو ۽ کيس ٻڌايائين ته مريم هن سان فقط ”روحاني ميلاپ“ چاهيو ٿي. ڪالارا چيو، ”هن کي فقط تون ئي گهرجين ٿو“.

پال مريم وٽ وڃي ٿو ۽ کيس چوي ٿو ته هو هن سان بنا دير شادي ڪري. هوءَ چوي ٿي ته انهن جي عمر اڃا ننڍي آهي پر پنهنجو پاڻ هن جي حوالي ڪري ٿي ڇڏي. پال هڪ اهڙي حيرانگي ۽ سرور ۾ ڀرجي ٿو وڃي جيڪو کيس وري ڪڏهن به نه ٿو ملي. هو جڏهن هن سان ٻيهر ملي ٿو ته کيس محسوس ٿئي ٿو ته هوءَ سندس جذبن جو ساٿ نه ٿي ڏئي سگهي ۽ اهو سمجهڻ کان پوءِ ته انهي مان ڪو فائدو نه آهي هو هن سان هميشه لاءِ تعلق ختم ڪري ڇڏي ٿو.

پال ۽ ڪلارا پريمي ٿي وڃن ٿا پر مريم وانگر پال هتي به اهو ئي محسوس ڪري ٿو ته هو ڪلارا مان تسڪين نه ٿو ماڻي سگهي. هو آخرڪار کيس پنهنجي مڙس جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو.

پال پنهنجي ماءُ جي روز بروز وڌندڙ ڪمزوري تي پريشان رهي ٿو. کيس ڪينسر جو مرض آهي ۽ هڪ وقت اهڙو اچي ٿو جو هوءَ ڏاڍي تڪليف ۾ وٺجي وڃي ٿي پر ته به سندس موت جو وقت نه آيو آهي. پال آخرڪار کيس مارفيا جو ڳرو وزن ڏئي کيس پيڙائن مان آزاد ڪرائي ٿو ڇڏي. هن کي جڏهن آرام اچي وڃي ٿو ته هو ٻاهر هليو وڃي ٿو ۽ دير سان موٽي اچي ڏسي ٿو ته سندس پيءُ باهه جي ڀرسان ڪرونڊڙو لڳو اداس ۽ خيالن ۾ گم ٿيو ويٺو آهي. ”ويهه پٽڙا! مون تنهنجي لاءِ کير ڍڪ ڪوسو ڪيو آهي“. هو ڏاڍي عاجزي سان چوي ٿو ۽ پال کي مٿس پهريون دفعو ڏاڍي ڪهل اچي ٿي ڇاڪاڻ ته هو محسوس ڪري ٿو ته سندس پيءُ جيڪو ڪڏهن ڊپ جي نالي کان به واقف نه هو اهو اڪيلي گهر ۾ لاش جي موجودگي ۾ ننڊ ڪرڻ کان ڊڄي ٿو.

تدفين کان جلدئي پوءِ پال جي اوچتو مريم سان ملاقات ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجي اڪيلائي جي گهراين مان هن کان پڇي ٿو: ”ڇا تون مون کي قبول ڪندين؟“ مريم چوي ٿي: ”ڇا تون واقعي مون سان شادي ڪرڻ چاهين ٿو؟“ هو ڏاڍي ڏک مان وراڻي ٿو: ”نه“.

اهي هميشه لاءِ جدا ٿي وڃن ٿا ۽ پال ناٽنگهام ڏانهن هلڻ لڳي ٿو. ائين ٿو لڳي ڄڻ ته سندس روح سندس ماءُ کي نه ٿو ڇڏي سگهي. هو موت کان منهن ڦيرائي ٿو ۽ تڪڙو تڪڙو شهر ڏانهن هلڻ لڳي ٿو.

سنز ائنڊ لورز اوڊيپس ڪامپليڪس تي لکيل پهريون ۽ سڀ کان بهترين ناول آهي. ماءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ دکدائڪ لاڳاپي کي تمام احتياط ۽ ڪنهن به جذباتيت ۽ خود رحمي جي احساس کان سواءِ بحث هيٺ آندو ويو آهي. تمام ڪوملتا وارا ٽڪرا سختي ۽ ڏک وارين ڳالهين جي ڪسر ڪڍي ڇڏين ٿا. سموري ڪتاب ۾ جابجا وڏي بياني حسن وارا ٽڪرا آهن. جيڪي مڊلينڊس جي ديهي علائقي کي لارينس جي تصور ۽ سوچ سان روشن ڪري ڇڏين ٿا. تمام جذباتي شدت سان لکيل سنز ائنڊ لورز هر لحاظ کان هڪ جيئرو جاڳندو ڪتاب آهي. اهڙو ڪتاب جنهن ذريعي لارينس پاڻ کي ماضي کان آزاد ڪرائي ڇڏيو.

لارينس اهو سمجهڻ لڳو هو ته هن سنز ائنڊ لورز ۾ پنهنجي پيءُ سان تمام سختي وارو سلوڪ ڪيو هو پر اها ڳالهه انصاف تي ٻڌل نه هئي. والٽر مورل جو ڪردار وڏي همدردي ۽ سمجهه سان پيش ڪيو ويو آهي. هن تي ڪڏهن ڪڏهن جيڪو جهنگلي پڻو طاري ٿي وڃي ٿو انهي کي ڪڏهن به سندس سڀاء جي روشن رخ تي پردو وجھڻ نه ڏنو ويو آهي. سندس فطري خوش مزاجي، سندس کل ڀوڳ ۽ سندس ٻار جڏهن بيمار ٿي پون ته انهن سان سندس نرمي واري سلوڪ کي به منظر تي آندو ويو آهي. والٽر مورل تي واقعي اسان کي ترس اچي ٿو ڇاڪاڻ ته اسين کيس تباهه ڪندڙ نه پر خود تباهه ٿيل ڏسون ٿا. پوءِ لارينس اهو ڪڏهن محسوس ڪيو ته هن پنهنجي پيءُ جي تمام اونداهين تصوير پيش ڪئي هئي؟ حقيقت اها آهي ته انهي جو سبب اهو هو ته هن کي پنهنجي پيءُ سان محبت خير ڪا هئي ۽ هن پنهنجي ماءُ کي تمام گهڻو چاهيو هو.

75. رميمبرنس آف ٿنگس پاسٽ

-- مارسيل پرائوسٽ --

 

اها 1905ع جي ڳالهه آهي جو پيرس جي هڪ امير نوجوان پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ پاڻ کي آهستي آهستي دنيا کان پري ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جرسين ۾ ويڙهجي سيڙهجي وڌ کان وڌ وقت ڪمري ۾ لکڻ پڙهڻ ۾ گذارڻ لڳو. هو دمي جو مريض هوندو هو. مرض ۾ هاڻي شدت اچي وئي هئي. پوءِ هو گهڻو گهڻو وقت فقط رات جو پنهنجي گهر مان ٻاهر نڪرندو هو ۽ سج جي روشني به درين دروازن جي شيشن مان ئي ڏسي سگهندو هو.

هو ڏاڍي شوق سان فيشني گهرن ۾ ويندو هو. ڏاڍا سٺا ادبي ليک لکيا هئائين. هو ذهين به هو، ڏات به هئس پر پنهنجي ڄاڻ جو اظهار به وڏي شوق سان ڪندو هو.

مارسل پرائوسٽ جو دمي جو مرض سندس ڏات جو دوست ۽ ساٿي هو ڇاڪاڻ ته انهي هن تي اڪيلائي لاڳو ڪري ايترو وقت ڏنو جو هو 1922ع ۾ فوت ٿيڻ کان اڳ سورهن جلدن ۾ هڪ تمام وڏو ڪتاب مڪمل ڪري ويو. هو پاڻ وڏي فخر سان چوندو هو ته اهو الف ليليٰ کان به وڏو آهي. انهي جو اصل فرانسي ٻولي ۾ نالو A La Rememberance du Temps Perdu آهي. اسڪاٽ مون سريف انهي جو Rememberance of Things Past جي نالي سان انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. ترجما لازماً اصل کان گهٽ درجي وارا هوندا آهن پر هيءُ ترجمو انهي قاعدي کان لڳ ڀڳ ٻاهر آهي. پرائوسٽ جو اسلوب ڪيترين ئي ڳالهين ۾ انگريزي ۾ اچي ويو آهي.

پر دمي جو مرض ڏات جي دوست ساٿيء کان وڌيڪ به گهڻو ڪجھ هو. انهي مارسل پرائوسٽ کي ٻاروتڻ جي اوائلي دور کان ٻاهرئين دنيا سان هڪ خاص تعلق ۾ آڻي ڇڏيو. اهو تعلق اهڙو نه هو جهڙو سندس ڀاءُ رابرٽ جو هو جيڪو پنهنجي پيءُ وانگر ڊاڪٽر هو. هن جو دنيا سان تعلق اهڙو به نه هو جهڙو سندس اڪثر دوستن جو هو جن کي فوج يا سفارتڪاريءَ ۾ نوڪريون هيون. پرائوسٽ کي ڪنهن سان مقابلو ڪرڻو نه هو ڇو ته هو مقابلو ڪري به نه ٿي سگهيو. هو گهڻي وقت تائين اهي فائدا حاصل ڪندو رهيو جيڪي ڪنهن معذور کي حاصل هوندا آهن پر هو ڪنهن معذور کي درپيش ايندڙ مسئلن کان پري رهيو. هن کي رات جو دير تائين گهر کان پري رهڻ ۽ تفريحن کان ڪا به پابندي نه هئي. تمام گهڻو خودغرض هئڻ ۽ فقط پنهنجو خيال رکڻ باوجود به هو ٻين ماڻهن جو ڏاڍو خيال رکندو هو تنهن ڪري هر ڪنهن کي- پنهنجي دور جي ماڻهن سميت- پسند هوندو هو. دمو ڪنهن حد تائين هڪ اعصابي مرض آهي. انهي کيس پنهنجي پختي عمر ۾ هڪ ڀوت جهڙو ٻار ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي. انهي ٻار جهڙي ڀوت پاڻ ۾ ڪنهن آرٽسٽ جهڙي توانائي پيدا ڪئي ۽ پنهنجي عمر جي وچئين دور ۾ به ڪو لاڏڪوڏ وارو ۽ ناڪام ڪردار ثابت نه ٿيو. تنهن ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته پرائوسٽ جو مرض سندس ڏات جو اتحادي نه پر ڀاءُ هو.

رميمبرنس آف ٿنگس پاسٽ هڪ اهڙي زندگيءَ جو بيان آهي جيڪا بيان ڪندڙ پاڻ گذاري هئي ۽ انهي ۾ اهڙي سماج جون يادگيريون بيان ٿيل آهن جنهن کي هن تياڳي ڇڏيو هو. پرائوسٽ هاڻي جنهن دنيا کي جياريو آهي اها ائين ٿو لڳي ڄڻ ته ڪنهن اهڙي ذهين ۽ پنهنجي اميري تي فخر ڪندڙ ليکڪ پاران اوڀارين لهوراين تي ٻڌل ڪالم هجي ۽ انهي ليکڪ کي مزاح جي حس هئڻ سان گڏوگڏ اهو مضبوط احساس به هجي ته هي سماج ۽ دنيا تڇ ۽ بيڪار آهي. اهي تمام ذهين ۽ نڪ کي موڙو ڏيندڙ شخص لاءِ موسيقي، مصوري ۽ ادب سماج کان وڌيڪ اهميت رکن ٿا ۽ انهي کي انساني جذبن ۾ پيهي وڃڻ جون اهڙيون طاقتون عطا ٿيل آهن جو ماڻهو چون ٿا ته رميمبرنس آف دي ٿنگس پاسٽ فرائيڊ کان اڳ ۾ نه لکجي سگهجي ها.

پهرئين جلد سوانز وي (Swann's Way) ۾ مصوري جو هڪ تمام اعليٰ ذوق رکندڙ امير يهودي جو تعارف هڪ اهڙي ماڻهو جي روپ ۾ ڪرايو ويو آهي جيڪو ڪومبري ۾ انهي گهر ۾ اڪثر ايندو رهي ٿو جنهن ۾ مارسل جو ننڍپڻ گذريو هو. بيان ڪندڙ جي ڪٽنب ۾ کيس هڪ اهڙو عجيب غريب پر قابل قبول پاڙيسري سمجهيو وڃي ٿو جيڪو انهن لاءِ ٻاهرئين ملڪن جا قيمتي تحفا ۽ رڌ بچاءُ جون ترڪيبون کڻي اچي ٿو پر کيس ايترو دلچسپ نه ٿو سمجهيو وڃي جو اهي کيس ڪنهن اهڙي موقعي تي اچي نون ماڻهن سان ملڻ ۽ ڊنر جي دعوت ڏين جڏهن انهن کي خاص طور سٺي نموني تفريح ڪرڻي هجي. انهن کي سوان (Swann) بابت فقط ايتري خبر آهي ته اهو پيرس جي ڪنهن غير فيشني علائقي ۾ رهندو آهي. سوان حقيقت ۾ گرمانٽيز جي نواب ۽ انهي جي زال جو دوست آهي. هن جي تمام اعليٰ طبقي ۾ اٿي ويٺي آهي ۽ ايڊورڊ ستون به کيس تمام گهڻو پسند ڪندو آهي. هن جا شانائتا دوست کيس ڪجھ غير معمولي محسوس ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته ائين ٿي سگهي ٿو ته سوان اوچتو انهن جي بورچي ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺي ۽ هو پوءِ انهي کي ريهي ريبي ڀڄائي ويو هو. پوءِ هو ڪجھ وقت کيس نظرانداز ڪري ڇڏيندا.

سوان کي اوڊيت ڊي ڪريسي (Odette de Cracy) سان تمام شديد پيار ٿي ويو. هو اهڙي قسم جي عورت آهي جنهن ڏانهن هو عام حالتن ۾ اک کڻي نهاريندو به نه آهي. هو کيس مادام ورڊيورن جي ادبي ديوان خاني ۾ وٺي وڃي ٿي. اتي سوان جي وڏ گهراڻن سان اٿي ويٺي بابت ڪنهن کي به ڪو اندازو نه ٿو ٿئي. هو سماج جي ڪنهن مشهور معروف شخصيت سان واقفيت بابت جيڪڏهن ڪو اشارو ڏئي ٿو ته کيس ڏاڍو بور ڪندڙ سمجهيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو مادام ورڊيورن پاران ٺاهيل ”ننڍڙي قبيلي“ سان مڪمل طور وفادار نه هوندو آهي ته کيس انهي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هاڻي خبر نه ٿي پوي ته اصلي سوان ڪهڙو آهي؛ سماج جو باتهذيب ماڻهو، جنهن کي موسيقي ۽ آرٽ سان سچو پيار آهي يا اهو ماڻهو جيڪو تازين نوجوان عورتن جي پٺيان لڳو رهي ٿو جيڪي نسبتاً سولو شڪار رهن ٿيون يا هو ڪنهن اهڙي عورت جو پڪو عاشق آهي جيڪا پنهنجي سموري سطحي حسن جي باوجود هڪ عام رواجي شي آهي؟

بيان ڪندڙ کي سوان جي اوديت ڊي ڪريسي مان ڄاول ڌيءَ سان ننڍپڻ ۾ پيار ٿي وڃي ٿو. پوءِ وري کيس نوجوان ڇوڪرين جي هڪ گروپ سان اجتماعي طور پيار ٿي وڃي ٿو. هو انهن سان سمنڊ جي ڪناري تي مليو هو. انهن مان هڪ آلبرٽائين اڳتي هلي هن سان گڏ رهي. هن جي زندگي جو اڳلو معاشقو نواب گرمانٽائين جي زال سان ٿيو. نواب صاحب جو ڪمبري جي ويجھو هڪ تمام وڏو گهر هوندو هو. اها پنهنجي صاف نيرين اکين، باز جي چهنب جهڙي نڪ ۽ سهڻي جسم سبب ڪنهن تاريخي ناول جي هيروئين لڳي ٿي. بيان ڪندڙ آخرڪار سندس دنيا ۾ پيهي وڃي ٿو ۽ سوان وانگر سندس هڪ واقف ڪار جي حيثيت حاصل ڪري وٺي ٿو ۽ بيشمار دورن ۽ آجياڻن تي هن سان گڏ وڃي ٿو هو بظاهر ائين ٿي ڏيکاري ڄڻ ته کيس اهي ڳالهيون پسند نه آهن پر دلي طور هوءَ انهن کي ڏاڍو پسند ڪري ٿي.


¨ (فرائيڊ ۽ ٻين نفسياتدانن مطابق هڪ نفسياتي پيچيدگي جيڪا ننڍن ٻارن خصوصاً ڇوڪرن جي تحت الشعور ۾ ماءُ پيءُ مان ابتڙ جنس جي فرد لاءِ جنسي خواهش ۽ ساڳئي جنس واري کان دوري پيدا ڪندي آهي. سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org