سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:29 

88. گڊ باءِ ٽو آل دئٽ

-- رابرٽ گريوس --

رابرٽ گريوس 1895ع ۾ ومبيلڊن ۾ ڄائو ۽ چارٽر هائوس اسڪول ۾ پڙهيو. هو پهرئين جنگ عظيم دوران رائل ويلچ فيوزيليئرز ۾ ڪيپٽن ٿيو. هن پنهنجي شاعري تي وڏي مشهوري ماڻي آهي جنهن کي هو پنهنجي تمام سٺي سرگرمي ۽ هڪ ”خبط“ سمجهي ٿو. گريويس جي تاريخي ناولن ۾ آء ڪلاڊيئس، ڪلاڊيئس دي گاڊ ۽ وائيف ٽو مسٽر ملٽن شامل آهن. هن فڪشن کان سواءِ ٻين موضوعن تي به ڪتاب لکيا آهن. هن دي وهائيٽ گاڊيس ۾ شاعراڻي تحرڪ جي اصليت تي بحث ڪيو آهي. پينگئين بڪس سندس ٻن جلدن ۾ ڊڪشنري آف گريڪ مِٿالاجي شايع ڪئي آهي جنهن ۾ تمام جامع ڄاڻ تمام دلچسپ پيرايي ۾ ڏني وئي آهي.

گريويس جي بغير ڪنهن رک رکاء جي لکيل آتم ڪهاڻي Good bye to all that سن 1929ع ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ تڏهن کان هڪ ڪلاسڪ جي حيثيت حاصل ڪري وئي آهي. پوءِ هو ميجورڪا ويو هليو. تڏهن کان هو تقريباً لاڳيتو اتي ئي رهيل آهي. هو اتي پنهنجي زندگي جي آخري ورهين ۾ نوجوان ليکڪن ۽ آرٽسٽن جو هڪ حلقو ٺاهي رهيو آهي. گريويس کي دستوري هڪ سال جي عرصي لاءِ پنهنجي پراڻي يونيورسٽي آڪسفورڊ ۾ پروفيسر آف پوئٽري رهڻ جو اعزاز به حاصل آهي. ڪئمبرج به کيس انگريزي شاعري تي ڪلارڪ ليڪچر ڏيڻ جي ڪوٺ ڏئي کيس اعزاز بخشيو آهي.

گڊ باءِ ٽو آل دئٽ جي مرڪز تي اهڙي ذهين ۽ سدا جي جاکوڙي شخصيت آهي. هن کي پنهنجي پيءُ آلفريڊ پرسيوال گريويس هڪ عام مقبول شاعر کان آئرستاني رت ملي جڏهن ته پنهنجي ماءُ اميليا وون رانڪي کان جرمن ۽ ڊينش (Danish) خصوصيتون ورثي ۾ مليون. هوءَ هڪ ريڊيڪل پناهگير جي ڌيءُ ۽ هڪ عظيم مؤرخ جي ڀائيٽي هئي. سندس پيءُ کي هڪ اڳئين شادي مان اڳيئي پنج ٻار هئا جو اوڻونجاهه ورهين جي ڄمار ۾ رابرٽ گريويس ڄائس. تڏهن سندس ماءُ جي ڄمار چاليهه ورهيه هئي.

سندس پيءُ انسپيڪٽر آف اسڪولس جيتوڻيڪ ڏاڍو مصروف هوندو هو پر طبيعت جو مهربان هوندو هو. سندس ماءُ ۽ نرس ٻارن جي تربيت دوران انهن کي سچائي ۽ اخلاق جا سبق ڏنا ۽ کين گهڻو پڙهڻ جا موقعا ڏنا پر انهن جي پڙهائي تي نظر رکندي انهن کي فقط اهي ئي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا جيڪي انهن لاءِ مناسب هئا. گريويس کي جرمني ۾ مائٽن وٽ گذاريل موڪلون ياد آهن. بويريا جو کاڌو به ڏاڍو عمدو ۽ مصالحي دار هوندو هو. کيس بويريا ۾، اتان جي جهنگن ۽ جبلن مان پنهنجي گهر جهڙو فطري احساس ٿيندو هو. جڏهن ته ويلس ۾ هارليچ واري سندس ماءُ جي گهر مان کيس تاريخ ۽ جاگرافيءَ کان مٿاهون شخصي سڪون ملندو هو.

هو ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پڙهيو، هو وڏي عمر جي هڪ عورت جي ننڍن ٻارن لاءِ هلندڙ هڪ اسڪول ۾ ويو، ومبيلڊن جي ڪنگس ڪاليج اسڪول ۽ پينرالٽ جي ويلش اسڪول مان پڻ تعليم ورتائين. سسيڪس ۾ ڪوپ ٿارن ۾ ”مون ڪرڪيٽ ۾ سڌي بيٽ جهلڻ ۽ اعليٰ اخلاقي احساس سکيا.“ پوءِ هن چارٽر هائوس لاءِ سڀ کان اعليٰ درجي واري اسڪالرشپ حاصل ڪئي. جرمن رت، ٿوري خرچي، برائين کان پاسو ۽ ڪم سان چاهه اهي سڀ غير مقبوليت جون نشانيون هيون. هن جي ريمنڊ روڊاڪو وسڪي سان دوستي به ڏاڍي هاڃيڪار ثابت ٿي. (جيڪو پڻ ننڍڙي پوئٽري سوسائٽي جو ميمبر هو). ڇاڪاڻ ته جدا جدا هاسٽلن ۽ عمرين وارين ڇوڪرن ۾ دوستي جي اجازت نه هوندي هئي. ريمنڊ به باغياڻي سوچ رکندڙ ۽ مذهبي عقيدي بابت سوال اٿاريندو رهندو هو ۽ رابرٽ کان جونيئر هو. پوءِ هو چوٿين سال ۾ هو جو پاڻ کان هڪ ٽي سال ننڍي ڇوڪري سان گهاٽي دوستي رکيائين. هو به ڏاڍو ذهين ۽ پرجوش طبيعت جو مالڪ هو.

هن جو ٻيو وڏو انساني تعلق جارج ميلوري سان هو. هو ڇويهن ورهين جو استاد هو ۽ ڇوڪرن کي بلڪل برابر ڪري ليکيندو هو. هن ئي نوجوان گريوس کي جديد ادب کان روشناس ڪرايو ۽ انهي جي ئي رهائش گاهه ۾ قدردان ايڊورڊ مارش سان سندس ملاقات ٿي. ميلوري پوءِ کيس جبلن تي چڙهڻ سيکاريو ۽ اهي ڪيترن ئي جبلن تي گڏجي چڙهيا. اهي چارٽر هائوس جي سخت قاعدن قانونن ۾ جڪڙيل ۽ علم ۽ ادب کان وانجھيل ماحول ۾ ڄڻ ته ٿڌڙي هوا جا جهوٽا هئا. رابرٽ گريوس اڃا اسڪول مان فارغ ئي مس ٿيو هو جو پهرئين جنگ عظيم شروع ٿي وئي ۽ هو به شامل ٿي ويو.

هو رائل ويلش فيوزيليئرز جي ريڪسهام ڊيپو ۾ ٽي هفتا رهيو انهي کان پوءِ کيس دشمنن جي نظربندي واري ڪيمپ جي نگراني تي رکيو ويو. اتي هڪ ڏاڍو ڏکيو حادثو ٿي پيو: اڌ رات جو راشن بابت ٽيليفون تي گفتگو ڪندي تار تي وڄ ڪري پئي ۽ گريوس ڪرنٽ جي سبب وٽججي اچي ڪريو. هو انهي کان پوءِ ٻارهن ورهين تائين ٽيليفون تي ڳالهائيندي پگهرجي ويندو هو ۽ زبان ۾ هٻڪ پيدا ٿي پوندي هئس.

هن کي جيئن ته سچي پچي جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هو تنهن ڪري کيس فرانس موڪليو ويو. اتي سپاهين کي روزانو چئن پنجن ڪلاڪن تائين قاعدن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سزائون ڏنيون وينديون هيون. سزائن جا ڪي ڪي مثال ته ڏاڍا دلچسپ ۽ عجيب غريب هوندا هئا پر گريوس کي اتان جو ماحول ڏاڍو مايوس ڪندڙ لڳندو هو.

فرانس پهچڻ تي گريوس ۽ سندس دوستن کي ويلچ رجمينٽ ۾ مقرر ڪيو ويو. اها ڪيمبرين ۾ خندقن ۾ موجود هئي. اهو علائقو بيٿون کان ڏهه ڪلوميٽر پري هو. گريوس کي رائيفل جو ٺڪاءُ گولي جي ٺڪاءُ کان وڌيڪ پريشان ڪندو هو. سندس ايچ ڪيو بٽالين محاذ وارين ڪمپنين کان چوٿو ميل پٺتي هئي ۽ چڱي سڪون ۾ هئي ڇاڪاڻ ته انهي کان اڳ اتي رهندڙ فرانسين مخالف جرمنن سان جنگ بندي ڪري ڇڏي هئي. گريوس کي محاذ تي سڀ کان اڳ هڪ اهڙو سپاهي ڏسڻ ۾ آيو جنهن کان اتفاقي طور پنهنجي منهن ۾ گولي لڳي وئي هئي ۽ منهن ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو هئس. هو جلدئي مري ويو. هڪ دفعو هڪ جرمن سپاهي جيڪو هڪ آر. اِي. ڪارپورل جو ويس ڪيو ويٺو هو اهو پڪڙجي ويو ته ان کي گولي هڻي ڇڏيائون. وري هڪڙا ٻه ويلش مائينر هئا جن کي پنهنجو پلاٽون سارجنٽ ڏاڍو تنگ ڪندو هو. انهن بيزار ٿي کيس مارڻ جي رٿ رٿي پر انهن کان سارجنٽ ميجر مارجي ويو. انهن کي پنهنجي ئي ڪمپني جي فائرنگ اسڪواڊ گوليون هڻي ماري ڇڏيو.

اونهاري جي موسم اچڻ سان نئين قسم جا بم ۽ ٽرينچ مارٽر آيا، گولي بازي شديد ٿي وئي، سٺا گئس ماسڪ اچي ويا ۽ نظم ضبط ۾ ڍر ڏني وئي. هر طرف مايوسي ۽ وهمن سنسن جو راڄ هو. آرمي جي چڪلي- ريڊ لئمپ- تي هر رات 150 سپاهي قطار ٺاهي بيهندا هئا. اندر ٽن رنڊين سان هر ڪو وارو وٺندو هو. گريوس کي هڪ دفعو بيٿون ۾ ليفٽيننٽ پرنس آف ويلز هڪ پبلڪ باٿ ۾ اڪيلو ملي ويو. اتي انهن پاڻي جي تمام ٿڌي هئڻ بابت مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. گريوس اتي اڪثر رات جو چوڪيداري جي ڊيوٽي تي هوندو هو.

جنگي معرڪا هلندي ڪيترائي دکدائڪ واقعا به پيش آيا جن ۾ گريوس جا ڪيترائي دوست مري ويا. هو خود به ايترو زخمي ٿي پيو جو ماڻهن کيس مئل سمجهي سندس والدين ڏانهن دستوري تعزيتي پيغام موڪلي ڇڏيو. پوءِ جو ماڻهن کيس ساهه کڻندي ڏٺو ته سندس ٽهل ٽڪور ڪيائون ۽ هڪ وڏي تڪليف ده سفر کان پوءِ گهر پهتو.

هاءِ گيٽ ۾ سندس ڦڦڙ صحيح ٿي ويو ۽ ڊاڪٽرن سندس آڱر به بچائي ورتي. دي ٽائيمز اخبار ڪورٽ سرڪيولر واري ڪالم ۾ سندس موت جي خبر ۾ درستگي بابت اطلاع مفت ۾ شايع ڪيو. ايندڙ جنوري 1917ع ۾ کيس فرانس وڃڻ لاءِ فٽ قرار ڏنو ويو. اتي پهچي هن ڏٺو ته چڪلن ڪيترن ئي فوجين کي جنسي بيمارين جي ذريعي ايندڙ ڪنهن فوجي نوڪري کان بچائي ورتو هو. بزدلي ڏيکارڻ يا ڀڄي وڃڻ تي موت جون سزائون عام هونديون هيون پر هائوس آف ڪامنز ۾ اهڙين ڳالهين جي ترديد ڪئي ويندي هئي.

پر جلدئي پوءِ گريوس کنگهه سبب ويهجي ويو ۽ کيس سندس پنهنجي درخواست تي آڪسفورڊ جي اسپتال موڪليو ويو. گريوس جي 1916ع ۾ نينسي نڪولس سان ملاقات ٿي ۽ انهن 1918ع ۾ شادي ڪئي. هڪ سال پوءِ انهن کي ڌيءُ، جيني ڄائي. لمرڪ ۾ ڪجھ وقت ڊيوٽي ڪرڻ کان پوءِ کيس جيتوڻيڪ برخاست ڪيو ويو پر هو اڃا به ذهني توڙي اعصابي طور جنگ لاءِ تيار هو. اڳتي هلي آڪسفورڊ يونيورسٽي وارن کيس اتي انگريزي پڙهڻ جي اجازت ڏني. انهن کي وري هڪ پٽ ڊيوڊ ڄائو پر پوءِ نينسي جي فيمينزم نمايان ٿيندي وئي.

اها به ڏاڍي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته گريوس جهڙو ماڻهو جنهن محاذ تي جنگين ۾ حصو ورتو هو انهي آڪسفورڊ مان ”Poetic Unreason“ جي موضوع تي پي ايچ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري ورتي. سندس نئون سڀ کان گهاٽو دوست ٽي. اِي. لارينس هو. هن سان گڏ زندگي هڪ ذهني ۽ عملي مهم جوئي جو روپ اختيار ڪري وئي.

هاڻي نينسي گريوس جي صحت خراب ٿيندي پئي وئي. گريوس پنهنجين توڙي زال جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ نئين قاهره يونيورسٽي ۾ انگريزي ادب جو پروفيسر ٿيو. سندس وڏو ڀاءُ ڊڪ ۽ ڀيڻ مولي ورهين کان مصر ۾ رهندا هئا. فيڪلٽي آف ليٽرز تي فرانسي حاوي هوندا هئا ۽ گريوس جي هفتي وار ليڪچرن ۾ (جڏهن شاگرد هڙتال تي نه هوندا هئا) ڏاڍي کلي دل سان گوڙ شور ٿيندو هو. هن هڪ سال کان پوءِ استعفا ڏئي ڇڏي. سندس مصر بابت يادگيريون ڏاڍيون ڀرپور ۽ متضاد ۽ ڪڏهن ڪڏهن مزاحيه لڳن ٿيون. پر هن جي هر جاءِ تي تمام سٺي مهمان نوازي ٿي.

گريوس گهر موٽي آيو. هن ۽ نينسي جي وچ ۾ 1929ع ۾ جدائي ٿيڻ کان اڳ ڪجھ پوشيده واقعا به ٿيا. هن ميجورڪا ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي ۽ انهي کي فقط اسپيني گهرو لڙائي ۽ ٻين جنگ عظيم وقت ڇڏيائين. هن وري شادي ڪئي ۽ چار ٻار ٿيس. هن جي صحت سٺي هئي ۽ لکڻ جو ڪم به جاري رکيائين.

گريوس جي آتم ڪهاڻي انهي ڪري اهميت رکي ٿي جو انهي ۾ ڪنهن رک رکاءُ کان ڪم ورتل نه آهي، انهي ۾ ڪافي مزاح تي ٻڌل ٽڪرا آهن ۽ انهي ۾ غير معمولي ماڻهن جا خاڪا پڻ ڏنل آهن ۽ وڏي ڳالهه ته انهي ۾ پهرئين جنگ عظيم جي حقيقي ۽ شاعراڻي تصوير ڏنل آهي. مختصر طور چئجي ته گڊ باءِ ٽو آل دئٽ هڪ شاهڪار آهي.

89. ماءِ ارلي لائيف

-- سر ونسٽن چرچل --

 

ونسٽن چرچل ڇويهن ورهين جي ڄمار تي پهچڻ تائين هڪ مشهور ماڻهو ٿي چڪو هو. ائين کڻي چئجي ته هو پنهنجي ٽهيء جو سڀ کان مشهور نوجوان انگريز هو. هن جي گذاريل زندگي جا ڪيترا ورهيه تمام دلچسپ مهم جوئين سان ڀريل هئا. هن ڪيوبا ۾ هلندڙ جنگ ۾ حصو ورتو هو. هن انڊيا ۾ پولو راند کيڏي هئي ۽ اتر اولهه سرحد تي ڪجھ ننڍين جنگين ۾ حصو ورتو هئائين. هن جيئن تيئن ڪري پاڻ کي مصر موڪلرائي ورتو ۽ 21- لانسرز جي هڪ نوجوان آفيسر طور اومدرمان جي لڙائي ۾ مهدي جي درويش لشڪر تي يلغار ڪئي هئائين. پوءِ هو بوئر جنگ جي شروعات وقت ڏکڻ آفريقا ويو هليو ۽ هو اصولي طور جيتوڻيڪ هڪ اخباري نامه نگار هو ته به هو جنهن بڪتر بند ٽرين ۾ سفر ڪري رهيو هو انهي تي جڏهن بوئرن قبضو ڪيو ته کيس به گرفتار ڪري ورتائون. انهن سڀني کان وڏي ڳالهه ته هو پريٽوريا جي قيدي ڪيمپ مان ڊرامائي انداز ۾ فرار ٿيو ۽ دشمن جي علائقي مان سوين ميل سفر ڪري خيريت سان پري نڪري ويو. هو جڏهن انگلينڊ پهتو ته هن جو ڪنهن هيرو وانگر استقبال ڪيو ويو ۽ اولڊ هام جي چونڊ حلقي مان ڪاميابي هن لاءِ پارليامينٽ ۾ هڪ ڊگهي ۽ متنوع سفر جا دروازا کولي ڇڏيا. هي انهي ڪهاڻي جون ڪجھ خاص ڳالهيون آهن جيڪي هن پنهنجي عمر جي پنجاهه واري ڏهاڪي جي وچ ڌاران ٻڌايون. هن انهي ڪتاب تي My Early Life نالو رکيو ۽ اهو پهريون دفعو 1930ع ۾ ڇپيو.

هاڻي اها ڳالهه چوڻ ته اجائي ٿيندي ته هن ڪتاب ۾ اهڙو ڪو به صفحو نه آهي جيڪو دلچسپيءَ کان خالي هجي پر باريڪ بين پڙهندڙ لاءِ اهي حصا شايد سڀ کان وڌيڪ دلچسپ ثابت ٿين جن ۾ هن جنگي مهارتن نه پر پاڻ کي تعليم ڏيڻ جي رخ ۾ پنهنجين جنگين جو ذڪر ڪيو آهي. حقيقت به اها آهي ته ونسٽن چرچل تي ڄم، نسل ۽ خانداني اثر رسوخ جي لحاظ کان جيتوڻيڪ قدرت وڏي مهربان هئي ۽ هن جيتوڻيڪ پاڻ کي تقرير ۽ تحرير ۾ مهارت جي لحاظ کان تمام وڏو ثابت ڪيو هو ته به هو بنيادي طور Self- Educated ماڻهو هو.

”تعليم جي آزار ۾ پيل“ هن اکرن جي دنيا سان پنهنجي پهرئين تعلق کي انهن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. هڪ ”منحوس شخصيت“ جنهن کي گورنيس چيو ٿي ويو انهي جي اچڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ سندس اچڻ جي تياري ڪندي سندس نرس کيس ”ريڊنگ وٿ آئوٽ ٽيئرس“، نالي هڪ ڪتاب پڙهايو. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي حالت ۾ ته اهو عنوان صحيح نه هو. هو گورنيس سان گڏجي روزانو نه فقط اکرن پر انگن- اهو ڪم ته اڃا خراب هوندو هو- تي محنتون ڪندو هو. هو جڏهن ستن ورهين جو ٿيو ته کيس هڪ بورڊنگ اسڪول موڪليو ويو. هن جي ماءُ پيءُ جيڪو اسڪول چونڊيو اهو ملڪ جو هڪ تمام مهانگو ۽ فيشني اسڪول هو. اهو اتان جي مشهور اسڪول ايٽن جي طرز تي هلندو هو. ”پر مون کي پڪ آهي ته منهنجي عمر جي ايٽن ۽ هيرو جي ڪنهن به ڇوڪري کي ايتري بي رحماڻي لڪڻن جي مار نه ملي هوندي جيتري هيءُ هيڊماستر پنهنجي سنڀال ۽ اختيار هيٺ آيل ننڍڙن ڇوڪرن کي ڏيڻ جو عادي هو. ونسٽن ٻه ورهيه اتي شاگرد رهيو. کيس انهيءَ اداري سان نفرت هئي.

هن جا ڀاڳ ڀلا ٿيا جو هن ڪتابن جي مطالعي مان ملندڙ خوشيون دريافت ڪري ورتيون هيون. سندس پيءُ کيس Treasure Island جي هڪ ڪاپي ڏني هئي ۽ هن کي ياد هو ته هن اهو ڪيتري نه خوشيءَ سان پڙهي چٽ ڪيو هو. پر سندس استاد جڏهن کيس اهڙا ڪتاب پڙهندي ڏسندا هئا جن کي هو سندس عمر کان مٿاهون سمجهندا هئا ۽ ساڳئي وقت هو جڏهن پنهنجن سبقن ۾ پٺتي هوندو هو ته انهن کي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي ۽ هو پاڻ وٽ موجود ”زور زبردستي وارن طريقن“ ذريعي هن کي لاطيني ۽ يوناني سيکارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ”پر جنهن ڳالهه ۾ منهنجو عقل، تصور يا دلچسپي نه هوندي هئي آءٌ اها سکي نه سگهندو هوس يا سکندو ئي نه هوس“.

انهيءَ ناخوشگوار تجربي کان پوءِ ڇوڪر برائيٽن جي هڪ اسڪول ۾ داخل ٿيو. اهو اسڪول ٻه عورتون هلائينديون هيون. اهو وڌيڪ ننڍو، وڌيڪ سستو ۽ گهٽ ڏيک ويک وارو هو. هن اتي ٽي خوشي وارا سال گذاريا. هو انهي ڪري خوش هو جو کيس اهي ڳالهيون سکڻ جي آزادي هئي جن ۾ سندس دلچسپي هئي. هن فرانسي ۽ تاريخ پڙهي، تمام گهڻا شعر برزبان ياد ڪيا سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن گهوڙي سواري ۽ ترڻ به سکيو. پوءِ ٻارهن ورهين جي عمر ۾ کيس هيرو(Harrow) موڪليو ويو. هو اتي چوٿين درجي ۾ ٻين کان ٽيڻو وقت وڌيڪ رهيو. پر اها ڪا خراب ڳالهه نه هئي. هن انگريزيءَ تي مڪمل عبور حاصل ڪري ورتو ڇاڪاڻ ته انهي کي وقت به گهڻو ڏنو هئائين- عام برطانوي جملي جيڪو هڪ شانائتي شي آهي- جي بنيادي جوڙجڪ منهنجي رڳن ۾ سمائجي وئي هئي. هن پوءِ جي سالن ۾ جڏهن پنهنجن انهن اسڪولي دوستن کي- جن لاطيني شاعري ۽ يوناني نثر لکڻ تي انعام کٽيا آهن- پنهنجي روزگار لاءِ يا زندگي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ مجبور ٿي عام رواجي انگريزي لکندي ڏٺو ته هن پاڻ کي ڪنهن به گهاٽي ۾ نه سمجهيو. ”سڀاويڪ طور آءٌ انگريزي پڙهندڙ ڇوڪرن جو حمايتي آهيان. آءٌ سڀني ڇوڪرن کي انگريزي پڙهڻ تي ويهاريندس. پوءِ آءٌ هوشيار ڇوڪرن کي اعزاز طور لاطيني سيکاريندس ۽ ضيافت طور انهن کي يوناني سکڻ جو موقعو ڏيندس. پر آءٌ انهن کي مار فقط انگريزي نه سکڻ تي ڏيندس.“

چرچل پنهنجن اسڪول وارن ڏينهن تي نظر وجھندي چيو ته اهي سال سندس زندگي جا نه فقط سڀ کان وڌيڪ ناخوشگوار ڏينهن هئا پر اهو ئي عرصو سندس زندگي جو سڀ کان غير پيداواري دور هو. هن کي انهن ڏينهن ۾ ڪڏهن به ڪا اهڙي شي سکڻ جو موقعو نه ڏنو ويو جنهن ۾ ٿوري به دلچسپي نظر اچي يا کيس ڪنهن اهڙي راند کيڏڻ جي موڪل ڏني ٿي وئي جنهن مان ڪا تفريح ملي. هيرو تمام سٺو اسڪول هو. جتي ڪجھ استاد تمام بهترين هوندا هئا ۽ اڪثر ڇوڪرا به ڪافي خوش ڏسڻ ۾ ايندا هئا. پر هو انهي عام اصول کان ٻاهر هو. ”آءٌ ته انهي ڳالهه کي وڌيڪ پسند ڪريان ها جو جيڪر ڪنهن سرون وجهندڙ وٽ سيکڙاٽ ٿي بيهان ها يا ڊوڙندو ڪم ڪندو وتان ها يا ڪنهن ڪرياني جي دڪان ۾ سامهون واري دري ۾ شيون سجائي رکڻ ۾ پنهنجي پيءُ جي مدد ڪريان ها. اها ڳالهه فطري ۽ حقيقي هجي ها. انهي مان آءٌ گهڻو ڪجھ سکان ها ۽ اهو ڪم آءٌ سٺي نموني ڪريان ها. ۽ پڻ انهي سان مون کي پنهنجي پيءُ کي وڌيڪ سمجهڻ جو موقعو ملي ها جنهن سان مون کي خوشي ملي ها“.

چرچل ٽي دفعا ڪوششون ڪرڻ کان پوءِ آخرڪار سينڊ هرسٽ ۾ داخلا جو امتحان پاس ڪري ويو (انهي ۾ گهڻو هٿ هڪ رٽو هڻائيندڙ اداري جو هو) ۽ پنهنجو فوجي ڪيريئر شروع ڪيائين. هو چوٿين حسارزرجمينٽ ۾ هڪ سبالٽرن طور انڊيا ويو ۽ اتي 1896ع جي سياري جي مند ۾ هو جڏهن لڳ ڀڳ ٻاويهن ورهين جو هو جو ”علم حاصل ڪرڻ جي خواهش مون ۾ گهر ڪري وئي“. جڏهن پريڊ ٿي ويندي هئي ۽ تمام گهڻي گرمي سبب پولو راند به نه کيڏي سگهبي هئي ته هن وٽ ذهني ساز سامان ۾ هن جي تعليم جيڪي خال ڇڏي ڏنا هئا انهن کي ڀرڻ جو هي سٺو وقت هو. ”هن جو لفظ ڀنڊار تمام وسيع هو ۽ کيس لفظن سان هڪ چاهه هو ۽ لفظن کي پنهنجي جاءِ تي سٺي نموني ويهندو ڏسي به کيس خوشي ٿيندي هئي“. پر کيس ڪيترن ئي لفظن جون معنائون نه اينديون هيون. انگلينڊ ڇڏڻ کان ڪجھ وقت اڳ هڪ دوست چيو هو ته: ”اخلاقيات ۾ انجيل حرف آخر جي حيثيت رکي ٿي“. اها ڳالهه انهي وقت ته سٺي لڳي هئي پر اخلاقيات جو مطلب ڇا هو؟ هتي بنگلور ۾ ڪير به اهڙو ماڻهو نه هو جيڪو کيس پئسن عيوض يا همدردي ۾ انهي جي معنيٰ ٻڌائي“. آءٌ ڪنهن اسڪالر کي اخلاقيات تي ڪلاڪ ڏيڍ ڪلاڪ ليڪچر لاءِ ٻه پائونڊ به جيڪر ڏيان ها. ”وري هڪ ڏينهن ڪنهن ماڻهو ”سقراطي طريقي“ جو اصطلاح ڪم آندو: آخر انهي جو مطلب ڇا هو؟ ڀلا سقراط هو ڪير؟ هو هڪ وڏا بحث مباحثا ڪندڙ يوناني هو جنهن جي زال جو سدائين ڀنڊڻ ۾ منهن هوندو هو... پر هو بهرحال هڪ اهميت وارو ماڻهو هو... وري تاريخ هئي. هڪ دفعو کيس موڪل ۾ گهرو ڪم طور The Student’s Hume مان هڪ سو صفحا پڙهڻ جو ڪم ڏنو ويو هو ۽ سندس پيءُ (لارڊ رنڊولف چرچل هڪ ناميارو ٽوري سياستدان هو) هُن جو انهي مان امتحان ورتو هو ته هُن انهي کي ڪيتري قدر سمجهيو هو. امتحان مان ثابت ٿيو هو ته هن بنهه ٿوريون ڳالهيون سمجهيون هيون. سندس پيءُ کي انهي تي ڏاڍي ڳڻتي ٿي پئي هئي ڄڻ ته چارلس پهرئين جي تاريخ واقعي ڪا ايتري اهميت رکي ٿي: ”مون کي سندس ڳڻتي تي ڏاڍي حيرت ٿي هئي. مون کي انهي وقت اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته انهي کي ايتري اهميت ڇو هئڻ گهرجي“.

هاڻي سندس پيءُ فوت ٿي ويو هو ۽ نوجوان پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ آزاد هو. هن ”تاريخ، فلسفو، اقتصاديات ۽ اهڙيون شيون پڙهڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو ۽ سندس ماءُ انهي وقت ڏاڍي خوش ٿي هئي جڏهن چرچل کيس اهڙا ڪيترائي ڪتاب موڪلڻ لاءِ خط لکيو هو جن بابت هن ڪجھ ٻڌو هو ۽ اهي پڙهڻ گهريائين ٿي. هن وٽ هر ٽپال ۾ معياري ڪتابن جو چڱو خاصو پارسل پهچندو هو. ڪنهن ماڻهو کيس ٻڌايو ته سندس پيء گبن کي ڏاڍي شوق سان پڙهندو هو ۽ کيس انهي جا ڪيترائي ٽڪرا برزبان ياد هوندا هئا ۽ انهي سندس تحرير ۽ تقرير جي اسلوب تي وڏو اثر وڌو هو. هن پوءِ بنا دير گبن جي ”ڊڪلائين ائنڊ فال آف دي رومن ايمپائير“ ڊين مل مين واري ايڊيشن پڙهڻ شروع ڪئي هئي. اهو اٺن جلدن ۾ هو ۽ هو پهرئين صفحي کان ئي بيان ۽ اسلوب کان ڏاڍو متاثر ٿي ويو. ”هندستاني ڏينهن جي تيز روشن وچ وارن ڪلاڪن دوران اصطبل مان واندو ٿيڻ کان شام جو پولو راند شروع ٿيڻ تائين آءٌ گبن کي ڳڙڪائيندو ويندو هوس. آءٌ انهي ۾ شروع کان آخر تائين ڪونتل ڪڏائيندو ويس ۽ مون کي اهو ڏاڍو وڻيو. آءٌ پنهنجا سمورا رايا صفحن جي حاشين تي رهڙيندو ويندو هوس ۽ آءٌ جلدئي ليکڪ جو وڏو حمايتي ۽ آڪڙباز پارسا ايڊيٽر پاران ليکڪ جي ڪيل نندائن جو مخالف ٿي پيس. آءٌ سندس شرارت تي ٻڌل حاشين جي سبب به نه ٽهيس. ٻئي طرف وري ڊين جي معذرتن ۽ لاتعلقي جي اظهارن به مون کي ڪاوڙ ڏياري ڇڏي“. هو ڊڪلائين ائنڊ فال مان ايترو ته خوش ٿيو جو هن بنا دير گبن جي آتم ڪهاڻي شروع ڪري ڏني جيڪا خوش قسمتي سان ساڳئي ايڊيشن سان گڏ جلد ۾ هئي.

هو گبن مان ميڪالي ڏانهن ويو هليو ۽ The Lays of Ancient Rome سمورا برزبان ياد ڪيائين. اهي کيس ڏاڍا پسند آيا. انهي کان پوءِ هن ميڪالي جي تاريخ هٿ ۾ کنئي. هن انهي کي ”اهو شاندار معاشقو“ سڏيو آهي. هن ميڪالي جي لکيل هر ڳالهه کي بائيبل سمجهي قبول ڪيو چرچل جي خاندان جي مورث ڊيوڪ آف مارلبورو بابت سندس سخت رايا پڙهي کيس ڏک ٿيو. ”اتي آسپاس اهڙو ڪو ماڻهو موجود نه هو جيڪو کيس ٻڌائي ته دل لڀائيندڙ اسلوب ۽ تمام وڏي خود اعتمادي وارو اهو مؤرخ ادبي بدمعاشن جو شهزادو هو جيڪو سدائين افساني کي سچ تي ترجيح ڏيندو هو ۽ پنهنجي ڊرامي جي ضرورت مطابق عظيم ماڻهن مان ڪنهن کي داغدار ڪري ڇڏيندو هو ته ڪنهن کي معزز ڪري ڇڏيندو هو ۽ تاريخي دستاويزن ۾ ڦير ڦار ڪري ڇڏيندو هو.“ آءٌ کيس منهنجي اعتماد کي دوکو ڏيڻ تي ڪڏهن به معاف نه ٿو ڪري سگهان... ڪيترا ورهيه پوءِ چرچل کي پنهنجي جد امجد کي سٺي انداز ۾ پيش ڪري ڏاڍو اطمينان ٿيو. هن مارلبورو تي پاڻ هڪ ضخيم ڪتاب لکي اهو فرض لاٿو.

هن ميڪالي جا Essays به سندس تاريخ جهڙي خوشي سان پڙهيا. هو انڊيا ۾ رهندي مئي کان نومبر مهيني تائين روزانو چئن کان پنج ڪلاڪ تاريخ ۽ فلسفي تي عظيم ڪلاسڪ جو درجو رکندڙ ڪتاب پڙهندو رهيو. هو افلاطون جو ريپبلڪ، ارسطو جو پاليٽڪس، مالٿوس جو آن پاپوليشن، ڊارون جو آريجن آف اسپيشيز پڙهندي ڪجھ گهٽ حيثيت وارا ڪتاب به پڙهندو ويو. ”منهنجو اهو تعليمي سلسلو به عجيب هو. پهريون انهي ڪري جو مون اهو خالي ۽ بکئي ذهن سان شروع ڪيو هو ۽ منهنجون ڄاڙيون به چڱيون مضبوط هيون. مون کي جيڪا شي ملندي هئي انهي کي چڪ هڻندو ويندو هوس. ٻيو اهو ته منهنجي آسپاس اهڙو ڪو ماڻهو نه هو جيڪو ٻڌائي ته: ”انهي تي اعتبار گهٽ ٿو ڪيو وڃي“. تون انهي ڳالهه جو جواب فلاڻي يا فلاڻي ليکڪ جي ڪتاب ۾ پڙهه. ٻنهي کي گڏ پڙهڻ سان توکي سموري ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي. ”انهي موضوع تي هڪ اڃان وڌيڪ سٺو ڪتاب موجود آهي، يا اهڙيون ڪي ٻيون ڳالهيون. هن کي پهريون دفعو ”يونيورسٽي جي انهن نوجوان ڇوڪرن ”سان ريس ٿيڻ لڳي، جن کي اها ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ بهترين اسڪالر موجود هوندا هئا ته ڪير ڇا آهي. پر اڳتي هلي کيس انهن تي افسوس ٿيڻ لڳو“. آءٌ جڏهن انهن مان ڪيترن کي انهي قيمتي ۽ جلدي ختم ٿيندڙ موقعي مان فائدو وٺڻ بجاءِ بي مقصد زندگيون گذاريندي ڏسان ٿو. ”ڪنهن به ماڻهو جي زندگي فڪر يا عمل جي صليب تي ٽنگيل هئڻ گهرجي. ڪم ڪرڻ کان سواءِ راند جو ڪو به حق نه آهي“.

هي اهڙي ڳالهه هئي جنهن بابت هن تمام گهرا احساس رکيا ٿي. هو ڪڏهن ڪڏهن جڏهن سقراطي موڊ ۾ هوندو هو ۽ پنهنجي ريپبلڪ بابت رٿائون پيو جوڙيندو هو ته هو انهن بنيادي تبديلين بابت پيو سوچيندو هو جيڪي هو خوشحال شهرين جي اولاد جي تعليم ۾ آڻڻ چاهيندو هو. اهي جڏهن سورهن يا سترهن ورهين جا ٿيندا ته اهي ڪو هنر سکڻ شروع ڪندا ۽ صحت مند رکندڙ جسماني محنت ڪندا ۽ فارغ وقت ۾ شاعري ۽ گيت پڙهندا، ڊانس ڪندا ۽ جمناسٽڪ ۾ حصو وٺندا. اهڙي طرح اهي ڪنهن ڪارائتي شي تي پنهنجي فالتو توانائي ڪڍندا. انهن ۾ جڏهن علم جي سچي تڙپ پيدا ٿيندي ۽ اهي شين بابت مفيد ڳالهيون ٻڌڻ گهرندا تڏهن ئي انهن کي يونيورسٽي وڃڻ جي اجازت ملندي. اها به هڪ نوازش ۽ عنايت طور فقط انهن کي ملندي جن ڪنهن فيڪٽري يا ٻنيء ۾ پنهنجي حيثيت ثابت ڪئي هوندي يا جن جون صلاحيتون ۽ جذبو ٻين کان وڌيڪ هوندو. ”پر انهي سان شايد ڪيتريون ئي شيون درهم برهم ٿي وينديون، انهي سان وڏي هلچل مچي ويندي ۽ آخر ۾ شايد مون کي زهر جو پيالو پيئڻو پوندو“. جهڙو سقراط کي پيئڻ تي مجبور ڪيو ويو هو.

بهرحال هن پاران قسمين قسمين ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سندس ذهن ۾ مذهب بابت سوال اٿڻ لازمي هو. هيستائين هو ڏاڍي فرض شناسيءَ سان هر اها ڳالهه تسليم ڪري وٺندو هو جيڪا کيس ٻڌائي ويندي هئي. هو هيرو توڙي گهر ۾ هر آچر ڏينهن پابندي سان گرجا گهر ويندو هو ۽ آرمي ۾ به باقاعدگي سان چرچ پريڊون ٿينديون هيون جن ۾ هو ڪڏهن رومن ڪيٿولڪن سان ته ڪڏهن پروٽيسٽنٽن سان گڏ سندن گرجا گهر هليو ويندو هو. پر هاڻي هن اهڙا ڪيترائي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا هئا جن ۾ انهي مذهبي تعليم کي للڪار ڪيل هئي جيڪا هن پنهنجي پبلڪ اسڪول ۾ حاصل ڪئي هئي. انهن مان پهريون ڪتاب وِن ووڊ ريڊ جو The Martyrdom of Man هو جنهن بابت هو لکي ٿو، ”مختصر ۽ سٺي انداز ۾ لکيل انسان ذات جي عالمي تاريخ انهي ۾ سڀني مذهبن جي اسرارن بابت سخت لفظن ۾ بحث ٿيل آهي ۽ اهو انهي مايوس ڪندڙ نتيجي تي پهچائي ٿو ته اسين بس ميڻ بتين وانگر وسامي وڃون ٿا. شروع ۾ هو جيڪو ڪجھ پڙهندو هو انهي تي ڏاڍو حيران ٿيندو هو ۽ سندس جذبن کي ٺيس پڻ پهچندي هئي. پر پوءِ هن کي نظر آيو ته گبن جي سوچ به بلڪل وِن ووڊ ريڊ جهڙي هئي. ساڳئي طرح مسٽر ليڪي جا به اهڙا ئي خيال هئا جنهن جا ڪتاب ”هسٽري آف يوروپين مورلز“ ۽ ”رائيز ائنڊ انفلوئنس آف دي اسپرٽ آف ريشنلزم“ هن هڪ سياري ۾ پڙهي پورا ڪيا هئا.

اهڙن ڪتابن ٻين ذهنن ۾ جيڪي ”ڏکيائون پيدا ڪيون انهن کي ڏسي چرچل حيران ٿي ويو. هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته بشپ ۽ پادري بائيبل جي حڪايتن کي جديد سائنسي ۽ تاريخي ڄاڻ سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ ڳالهه مان ڳالهوڙو ڇو ٿا ٺاهي ڇڏين“. اهي انهن ۾ آخر مطابقت پيدا ڪرڻ ڇو ٿا چاهين؟ توهان کي جيڪڏهن اهڙو ڪو پيغام ملي ٿو جيڪو توهان جي دل کي خوش ڪري ۽ توهان جي روح کي طاقت ڏئي ٿو ته توهان ڊگهو سفر ڪري آيل لفافي جي رنگ يا شڪل بابت ڳڻتي ڇو ٿا ڪريو. يا انهي بابت اُلڪو ڇو ٿا ڪريو ته انهي تي پوري قيمت جي ٽڪلي لڳل آهي يا نه يا پوسٽ آفيس واري ٺپي تي تاريخ صحيح آهي يا غلط؟ ”اهي ڳالهيون پريشان ڪري سگهن ٿيون پر اهي واقعي به اهم نه هيون. اهميت پيغام ۽ اهو وصول ڪرڻ کان پوءِ توهان کي ملندڙ فائدن کي آهي“. اهڙي طرح هن پنهنجو هڪ تمام انفرادي فلسفو تشڪيل ڏنو. ”مون پنهنجي زندگي جي بلڪل شروعات ۾ ئي ويساهه جو هڪ نظام اختيار ڪري ڇڏيو هو. آءٌ جنهن ڳالهه ۾ چاهيندو هوس انهي ۾ ويساهه رکندو هوس ۽ ساڳئي وقت عقل کي ڇيڪ ڇڏي ڏيندو هوس ته انهي ۾ جن رستن تي هلندڙ جي صلاحيت هجي ڀلي انهن تي هلي“.

هڪ آخري سفارش جو ذڪر ڪرڻ باقي آهي: ”ڪنهن تعليم يافته ماڻهو لاءِ اقتباسن(Quotations) جا ڪتاب پڙهڻ چڱي ڳالهه آهي. بارٽليٽ جو Familiar Quotations هڪ ساراهه جوڳو ڪتاب آهي ۽ مون اهو وڏي ڌيان سان پڙهيو هو. اقتباس ذهن تي نقش ٿي وڃڻ کان پوءِ توهان کي سٺا خيال ڏين ٿا. اهي توهان ۾ اصل ليکڪن کي پڙهڻ ۽ وڌيڪ ڳولها جو چاهه پيدا ڪن ٿا“. تمام سٺي ڳالهه چيل آهي ۽ اها جيڪڏهن اڃا اقتباسن جي ڪتابن ۾ شامل نه ٿي آهي ته اها انهي عظيم انسان جي سوچ ۽ تجربي تي ٻڌل ٻين پُرمغز جملن سان گڏ شامل ٿيڻ گهرجي جيڪي سڀ بلڪل سادي جاندار ۽ کري انگريزي ۾ بيان ٿيل آهن.

90. ڪيڪس ائنڊ ايل

-- ڊبليو- سومر سيٽ ماهم --

 

ڊبليو- سومر سيٽ ماهم انگريز ليکڪن جي انهي مالامال نسل مان تمام ممتاز هو جنهن ۾ ويلز، آرنلڊ بينيٽ، جان گالس وردي، ڊي. ايچ لارينس، جئائس ۽ ورجينيا وولف جهڙيون وڏيون شخصيتون شامل هيون. اهو نسل اوڻيهين صدي جي آخري سالن کان ويهين صدي جي ٽئين ڏهاڪي تائين بهار ڏيکاريندو رهيو. هن جي ذهانت سان ڀريل مزاح، ڪردار تي گهري نظر ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سندس تمام وڏي بياني صلاحيت کيس پنهنجن همعصر تقريباً سڀني ناول نگارن کان مٿاهين درجي تي بيهاريو ٿي.

هو 25- جنوري 1874ع تي پيرس ۾ ڄائو ۽ ڪنگز اسڪول ڪينٽربري ۽ هائيڊل برگ يونيورسٽي ۾ پڙهيو. سندس پرورش ۽ پالنا هڪ چاچي ۽ چاچيءَ ڪئي هئي. جيڪي ڪينٽ ۾ وهٽ اسٽيبل ۾ رهندا هئا. هن لنڊن جي سينٽ ٿامس هاسپيٽل مان ڊاڪٽر جي ڊگري ورتي پر هو لکڻ جي شديد خواهش کي روڪي نه سگهيو اها ئي ڳالهه ڪنهن قابل ليکڪ جي سڃاڻپ جي نشاني هوندي آهي.

هن ڊاڪٽر طور ڪم ڪرڻ جي پهرئين سال 1897ع ۾ پنهنجو پهريون ناول Liza of Lambethڇپرايو. انهي ڪتاب کيس جيڪا فوري ۽ نمايان ڪاميابي ڏياري انهي تي هن طب کي ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجو سمورو وقت لکڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين ۽ پوءِ چئن ڏهاڪن تائين سندس قلم مان ناولن، افسانن ۽ ڊرامن جو هڪ درياءُ وهندو رهيو. انهن سڀني کي وڏي مڃتا ملي. پر سندس آخري ڊرامي Sheppey (1933ع) تي اها ڳالهه لاڳو نه ٿي ٿئي.

هن 1930ع ۾ ڪيڪس ائنڊ ايل ڇپرايو. جنهن ۾ سندس فن پوري پختگي سان ظاهر ٿيو. انهي ۾ ماهم جون هڪ ذهين ليکڪ طور سموريون نمايان خصوصيتون تمام چٽائي سان ڏسي سگهجن ٿيون: هڪ ڪهاڻي ٻڌائيندڙ طور سندس اوليت، سندس اختصار، سندس ظرافت، هن پاران غير ضروري ڳالهين کي خارج ڪري ڇڏڻ جي صلاحيت جنهن سبب سندس هر جملي کي معنيٰ ملي وڃي ٿي، سندس قنوطيت جيڪا حقيقت ۾ انساني فطرت جي گهري ادراڪ تي پردو وجھي ٿي ۽ هن جي انساني ڪمزورين کي سهڻ جي صلاحيت.

وليم آشينڊين، بيان ڪندڙ جيڪو خود هڪ ليکڪ آهي انهي کي الراءِ ڪيئر، پنهنجي دور جي هڪ سر ڪردي ناول نگار منجهند جي ماني جي دعوت ڏني. آشينڊين، ڪيئر کي چڱي طرح سڃاڻندو هو تنهن ڪري هو سمجهي ويو ته دعوت جي پٺيان ضرور ڪو مقصد هوندو ۽ هو جيتوڻيڪ دعوت قبول ڪرڻ کان هٻڪيو ٿي پر سندس تجسس جو جذبو هن تي حاوي ٿي ويو.

ماني تي ائين پئي لڳو ڄڻ ته ڪيئر کي پنهنجو مقصد ظاهر ڪرڻ جي ڪا به تڪڙ نه هئي. البت ڪافي پيئندي هن عام رواجي نموني ڳالهه ڪري ڇڏي ته ايڊورڊ ڊرفيلڊ- انگريزي ادب جو گرانڊ اولڊ مئن جيڪو تازو گذاري ويو هو- آخري دفعو جڏهن لنڊن آيو هو ته ڪيئر سان گڏ سندس ڪلب ۾ ماني کاڌي هئائين. ساڳئي طرح عام رواجي نموني هن اها ڳالهه به آشينڊين کي ٻڌائي ته هو ڊرفيلڊ جي بيواهه سندس ٻين زال وٽ ٿورو وقت رهي تازو ئي واپس آيو هو. هؤ کيس ”هر قسم جا نياپا“ موڪلي رهي هئي.

آشينڊين جواب ڏنو ته هن جو ته اهو خيال نه هو ته ٻين مسز ڊرفيلڊ کيس ياد رکيو هوندو. ڪيئر کيس ياد ڏياريو ته هن ڇهه ورهيه اڳ ڊرفيلڊ ڪٽنب سان فرن ڪورٽ ۾ منجهند جي ماني کاڌي هئي. اهو بلئڪ اسٽيبل ۾ سندن گهر هو.

انهن ڪجھ وقت ڊرفيلڊ جي ڪم بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي پر جڏهن آشينڊين وڃڻ جو چيو ته اها ڳالهه چٽي نظر اچي رهي هئي ته ڪيئر آشينڊين کي ماني تي گهرائڻ جو اصلي سبب نه پئي ٻڌائي سگهيو. البت انهن جي ڊرفيلڊ بابت ڳالهه ٻولهه آشينڊين کي ڊرفيلڊ ۽ سندس پهرئين زال روزي سان سندس واقفيت ياد ڏياري ڇڏي. اها ڊرفيلڊ پاران مشهوري ماڻڻ کان اڳ جي ڳالهه هئي.

آشينڊن جي ننڍپڻ ۾ پرورش هڪ چاچي ڪئي هئي جيڪو ڪينٽ ۾ بلئڪ اسٽيبل علائقي جو پادري هو. سندس جرمن چاچي هڪ معزز پر غريب گهراڻي جي عورت هئي. پر انهي حقيقت جي باوجود به جو هن پنهنجي مڙس وٽ هڪ سهڻي رائيٽنگ ٽيبل ۽ گلاسن جي هڪ سيٽ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه آندو هو ته به هوءَ اها ڳالهه نه وساري سگهي هئي ته هوءَ هڪ اعليٰ خاندان مان هئي. ”جڏهن لنڊن جي هڪ شاهوڪار بينڪار- سندس نالو اڄڪلهه مالياتي حلقن ۾ ڏاڍو مشهور آهي- انهن جي پاڙي جو هڪ گهر اونهاري جون موڪلون گذارڻ لاءِ ورتو ته سندس چاچو جيتوڻيڪ هن سان ملڻ ويو پر چاچيءَ هن سان ملڻ کان انهي ڪري انڪار ڪري ڇڏيو ته هو واپار سان لاڳاپيل هو“. سندس چاچي ۽ چاچيءَ انهي ئي بنياد تي ڇوڪري ۾ سماج بنسبت پنهنجي حيثيت جو احساس پيدا ڪرڻ چاهيو ٿي.

هڪ ڏينهن هو جڏهن اونهاري جون موڪلون گذارڻ گهر آيل هو- هو تڏهن پندرهن ورهين جو هو- ته گهٽي ۾ هن جي ملاقات سندس چاچي جي مددگار پادري سان ٿي وئي. هو انهي سان ڳالهائڻ بيهي رهيو. مددگار پادري هڪ ننڍڙي ڏاڙهي واري ماڻهو سان وڃي رهيو هو جنهن کي ڪجھ تيز ناسي رنگ جو چڍو، نيري رنگ جا جوراب، ڪارو بوٽ ۽ ٽوپلو پاتل هو. ڇوڪرو جيتوڻيڪ انهي ماڻهو کان واقف نه هو ته به مددگار پادري هن جو تعارف نه ڪرايو ۽ هن کيس لنڊن مان اونهاري جي موڪل گذارڻ لاءِ آيل ڪو مهمان سمجهيو.

ساڳئي ڏينهن ڪجھ وقت کان پوءِ جڏهن ساڳيو مددگار پادري هنن وٽ آيو ته آشينڊين هن کان پڇيو ته اهو ماڻهو ڪير هو. هن چيو ته هن انهي ماڻهو جو تعارف انهي ڪري نه ڪرايو هو جو هن سمجهيو ٿي ته اها ڳالهه سندس چاچي کي پسند نه ايندي. وڌيڪ کيس ٻڌايائين ته اهو ماڻهو ايڊورڊ ڊرفيلڊ، بلئڪ اسٽيبل جو رهواسي هو ۽ سندس پيءُ بلئڪ اسٽيبل جي هڪ وڏي گهر فرن ڪورٽ جو ڪمدار هو. ڇوڪري کي اها به خبر پئي ته ڊرفيلڊ جيڪو هڪ وڏو ليکڪ هو انهي بلئڪ اسٽيبل جي هڪ اهڙي ڇوڪري سان شادي ڪئي هئي جيڪا شراب خاني ۾ ڪم ڪندي هئي. هاڻي آشينڊين سمجهي سگهيو ٿي ته سندس چاچي انهي کي سندس ڀائٽي جي لائق واقفيت ڇو نه ٿي سمجهيو.

ڊرفيلڊ غريب خاندان مان هئڻ باوجود هيور شام اسڪول مان پڙهيو هو جتي هن ڪيترائي انعام کٽيا هئا. هن آڪسفورڊ لاءِ به اسڪالرشپ ماڻي هئي پر هو اوڏانهن وڃڻ بجاءِ ڀڄي سمنڊ تي ويو هليو. هو سمنڊ تي به گهڻو وقت نه رهيو ۽ مختلف نوڪريون ڪرڻ کان پوءِ لکڻ شروع ڪيائين.

آشينڊين کي هڪ سائيڪل ملي هئي کيس اها سکڻ ۾ ڪجھ ڏکيائي ٿي رهي هئي. پر هن اها سکڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ۽ هڪ ڏينهن بلئڪ اسٽيبل جي هڪ خاموش گهٽي ۾ سائيڪل هلائڻ جي مشق ڪري رهيو هو جو هن هڪ مرد ۽ هڪ عورت کي سائيڪلن تي ايندي ڏٺو. هو جيئن هن جي ڀرسان پهتا ته عورت سائيڪل تان هيٺ ڪري پئي. سڀاويڪ طور مرد به بيٺو. تڏهن آشينڊين ڏٺو ته اهو ايڊورڊ ڊرفيلڊ هو. هو به پنهنجي زال کي سائيڪل هلائڻ سيکاري رهيو هو.

انهن جي اهڙي نموني ملاقات جو ٿي وئي ته ڊرفيلڊ آشينڊين کي سائيڪل هلائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ کيس صلاح به هنيائين ته هو مقامي گرجا گهرن ۾ نقاشي جا نمونا ڏسڻ هن سان گڏجي هلي. هن پاران ڊرفيلڊ ڪٽنب سان دوستاڻو تعلق رکڻ تي سندس چاچي پاران رد عمل ڏيکارڻ جي باوجود به ڇوڪري اها صلاح قبول ڪرڻ جو پهه ڪري ڇڏيو. هن پاران اها صلاح قبول ڪرڻ جو سبب شايد اهو به هو جو جيئن ته سندس چاچي کي اها ڳالهه نه ٿي وڻي تنهن ڪري هن ضد ۾ اچي اهو ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر پوءِ به ڊرفيلڊ انهي ڳالهه تي زور پئي ڏنو ته هو پنهنجي چاچي کان موڪل وٺي.

ٻاهر وڃڻ جي مقصد کي مدنظر رکندي چاچي جيتوڻيڪ ڪو اعتراض نه ڪيو پر اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏيائين ته هو ڇوڪري پاران انهي جوڙي سان گهرو ٿيڻ کي ڪڏهن به پسند نه ڪندو. اها ڳالهه ڪجھ سڀاويڪ به هئي ته ائين نه ٿي سگهي ها ۽ ڇوڪرو پنهنجن سرپرستن کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڊرفيلڊ ڪٽنب سان ملڻ جلڻ لڳو.

ڇوڪري کي جيئن ته ڏاڍو تجسس ٿي پيو هو ته ڊرفيلڊ ڪٽنب سندس چاچي لاءِ قابل قبول ڇو نه آهي تنهن ڪري هن بورچياڻيءَ کان پڇيو ته ڇا هن کي انهن بابت ڪا خبر چار هئي. کيس هن کان خبر پئي ته مسز ڊرفيلڊ شادي کان اڳ روزي گان هئي ۽ اها هيورشام جي عوامي شراب خانن ۾ بارميڊ هوندي هئي. اتي هن جي گراهڪن سان معاشقن تي وڏي چوپچو ٿي هئي.

انهن گراهڪن ۾ ڪوئلي جو واپاري جارج ڪيمپ به هو جنهن کي بلئڪ اسٽيبل جا رهواسي سدائين لارڊ جارج ڪيمپ ڪري سڏيندا هئا. اها ڳالهه هُليل هئي ته ڪيمپ جيتوڻيڪ شادي شده هو ۽ ٻار به هئس ته به هن ۽ روزي ۾ معاشقو هلندڙ هو. تنهن ڪري هن جڏهن ايڊورڊ ڊرفيلڊ سان شادي ڪئي ته ماڻهن کي حيرت ٿي هئي. پر جيڪڏهن انهي ڳالهه تي ويهي سوچيو ته انهن کي ڪا ايتري گهڻي حيرت به نه ٿي هئي جو مرد جي شهرت به ڪا ايتري سٺي نه هئي. اهي سڀ ڳالهيون ڪيترا ورهيه اڳ ڊرفيلڊ پاران ليکڪ ٿيڻ ۽ انهن پاران بلئڪ اسٽيبل ۾ اوچتو ظاهر ٿيڻ کان اڳ ٿي گذريون هيون.

آشينڊين اسڪول جي موڪلن دوران ڊرفيلڊ ڪٽنب سان ملندو رهيو. البت ملاقاتن کي پنهنجي چاچي کان ڳجھو رکندو هو. اڪثر ڪري پادري جو مددگار به اتي ايندو هو ۽ بعضي بعضي لارڊ جارج ڪيمپ به اچي ويندو هو. (ڇوڪري انهن کي هڪ دفعو ڳجھي نموني ملندي ڏٺو هو. انهن جي هن تي نظر نه پئي هئي. هو ٻئي گڏ پئي ويا. جارج ڪيمپ جي ٻانهن روزيءَ جي چيلهه تي ورايل هئي). تڏهن هو چارئي گڏجي پتي کيڏندا هئا. جڏهن ته ڊرفيلڊ ڪم پيو ڪندو هو يا پڙهندو هو يا ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجو باجو کڻي انهن ڏينهن جا عام مقبول گانا ويهي وڄائيندو هو.

پوءِ هڪ دفعو هو ايسٽر جي موڪلن ۾ گهر آيو ته هن اها حيران ڪندڙ خبر ٻڌي ته ڊرفيلڊ وارا هڪ ڏينهن اوچتو ڀڄي ويا هئا ۽ پٺيان ڪيتريون ئي اوڌرون ڇڏي ويا هئا. بلئڪ اسٽيبل ۾ ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون هيون ۽ ڏاڍو هُل مچي ويو هو. اهي ڳالهيون به هلي رهيون هيون ته ڪيمپ انهن کي رات جو نڪري وڃڻ ۾ مدد ڏني هئي پر هن انهي ڳالهه کان انڪار ٿي ڪيو ۽ اڃا به شهر ۾ پنهنجي روايتي آڪڙ سان گهمندو ڦرندو ٿي وتيو.

وليم آشينڊن، ليکڪ کي اهي سڀئي ڳالهيون انهي وقت ذهن تي تري آيون جڏهن هو الراءِ ڪيئر سان گڏجي ماني کائڻ کان پوءِ ان سان ڊرفيلڊ جي ڪم بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. هن کي جيئن ته اهو اطمينان هو ته ڪيئر هن کي اهو ڪم نه چيو هو جيڪو ماني جي دعوت ڏيڻ جو اصلي سبب هو تنهن ڪري هو جڏهن ٻئي ڏينهن هن سان ملڻ آيو ته هن کي ڪا به حيرت نه ٿي.

هاڻي آخرڪار آشينڊين کي خبر پئجي وئي ته ڪيئر هن کان ڇا ٿي چاهيو. ڊرفيلڊ جي بيواهه ڪيئر کي سندس مڙس جي سوانح لکڻ جو چيو هو. هن جي ڊرفيلڊ سان شادي کان- تڏهن کان سندس شهرت ۾ واڌارو ٿيڻ شروع ٿيو هو هن رڪارڊ رکڻ شروع ڪيو هو پر بلئڪ اسٽيبل ۽ انهي کان ڪجھ وقت پوءِ واري عرصي بابت ڪجھ به موجود نه هو ۽ جيئن ته آشينڊين ڊرفيلڊ ڪٽنب کان انهن ڏينهن کان واقف هو تنهن ڪري ڪيئر هن کي درخواست ڪئي ته هو پنهنجيون يادگيريون هن کي پنهنجي سوانح ۾ ڪم آڻن جي اجازت ڏئي.

آشينڊن جيتوڻيڪ انڪار ته نه ڪيو پر اهو بهانو ڪيائين ته هن کي ٻڌائڻ لاءِ ته ڪي ٿوريون ڳالهيون ئي هونديون ۽ وڏي ڳالهه ته بلئڪ اسٽيبل واري مختصر دور ۾ ڪي اهڙا واقعا به شامل آهن جن کي شايد ڪنهن تعريفي ڪتاب ۾ ته شامل نه ٿو ڪري سگهجي. انهي تي ڪيئر وراڻيو ته ڪي اڻ وڻندڙ ڳالهيون هن جي ڪن تي پيون آهن پر هن کي پڪ هئي ته هو پروفيشنل ايمانداريءَ به کي هٿان وڃڻ ڏيندو ۽ ڪجھ اک ٻوٽ به ڪري ويندو. هن جي نظر ۾ سڀ کان وڏو مسئلو عام گهراڻي جي روزي گان سان نڀاڳي شادي ۽ ان کان پوءِ سندس بي حيائي واري هلت هئي. پر ڪينٽ جي راءِ هئي ته انهي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هن کي لازماً سڀ حقيقتون ٻڌايون وڃن ۽ آشينڊن ئي اهو واحد ماڻهو هو جيڪو اهي حقيقتون مهيا ڪري سگهيو ٿي.

آشينڊن ڪيئر جي ريهڻ ريبڻ تي آخرڪار انهي ڳالهه تي راضي ٿي ويو ته هو انهي مسئلي تي ڪجھ سوچ ويچار ڪندو ۽ ڪيئر اها تجويز ڏني ته هو مسز ڊرفيلڊ پاران هڪ ٻه ڏينهن فرن ڪوٽ ۾ رهڻ جي آڇ قبول ڪري. اتي هو ٽئي انهي مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. اها ڳالهه به آشينڊن هٻڪندي قبول ڪئي.

هن واعدي منهنجي سوچن کي لنڊن ۾ منهنجن شروعاتي ورهين ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. هو اسڪول ڇڏڻ کان پوءِ سينٽ ليوڪس هاسپيٽل جي ميڊيڪل اسڪول ۾ داخل ٿيو هو. هو ونسينٽ اسڪئائر ۾ مسز هڊسن نالي ڪنهن عورت سان گڏ رهندو هو. اها جاءِ اسپتال وڃڻ لاءِ سولي پوندي هئي. هن کي ونسينٽ اسڪئائر ۾ رهندي تقريباً ٻه ورهيه ٿي ويا هئا جو جون مهيني جي هڪ شام جو اسپتال مان جلدي نڪرڻ کان پوءِ هو واڪسهال برج روڊ تان اچي رهيو هو جو هن جي ملاقات روزي ڊرفيلڊ سان ٿي وئي. روزي کيس ڏاڍي خوشيءَ سان کيڪاريو ۽ بنا ڪنهن لڄ جي چيائين ته هو بلئڪ اسٽيبل جو ڪو ماڻهو ڏسي ڏاڍي خوش ٿي آهي.

آشينڊن هاڻي ايڪويهن ورهين جو اچي ٿيو هو. سو هن جو ڪجھ وڌيڪ بالغ اکين سان جائزو ورتائين. هن اندازو هنيو ته هو گهٽ ۾ گهٽ پنجٽيهن ورهين جي ضرور هوندي. هوءَ ڏاڍي سمارٽ نظر اچي رهي هئي ۽ هن پهريون دفعو اهو محسوس ڪيو ته هوءَ ڏاڍي سهڻي هئي.

هوءَ ۽ ڊرفيلڊ هڪ فليٽ ۾ رهيل هئا جيڪو ونسينٽ اسڪئائر کان گهڻو پري نه هو. هن مٿس زور ڀريو ته هو هن سان گڏجي هلي ڊرفيلڊ سان ملي جيڪو اڃا به جيتوڻيڪ ناول لکي رهيو هو پر هڪ اخبار جو ادبي ايڊيٽر پڻ هو.

آشينڊن انهن سان ٻيهر ملي خوش ٿيو ۽ هر ڇنڇر جي شام انهن جي گهر ۾ ٿيندڙ هلڪي ڦلڪي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو. آشينڊن کي اها ڳالهه ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي ته ڊرفيلڊ کي هڪ ممتاز شخصيت سمجهيو ٿي ويو. هن جيڪي ويهه ڪتاب لکيا هئا انهن مان به جيتوڻيڪ کيس معمولي آمدني ٿي هئي پر ”بهترين نقاد انهن جي ساراهه ڪندا هئا ۽ سندس گهر ايندڙ دوست انهي ڳالهه تي متفق هوندا هئا ته ڪنهن ڏينهن سندس حيثيت کي تسليم ڪيو ويندو“.

ڊرفيلڊ جو اخبار جو ڪم اڪثر ڪري رات جو ٿيندو هو جنهن ڪري هو روزيءَ کي شام جو ٻاهر وٺي وڃي نه سگهندو هو. پر روزي جو خيال هوندو هو ته هوءَ پنهنجي مڙس جي مشغولين سبب پاڻ کي انهن تفريحن کان محروم ڇو ڪري جن کي هوءَ پنهنجي زندگي مان مزو ماڻڻ لاءِ تمام ضروري سمجهندي هئي. تنهن ڪري هوءَ ٻاهر ماني کائڻ يا ٻي ڪنهن به وندر ورونهه جي دعوت قبول ڪرڻ لاءِ تيار رهندي هئي. وري اهڙا ڪيترا مرد به موجود هوندا هئا جن کي انهي ڳالهه تي فخر محسوس ٿيندو هو ته ماڻهو کيس هُن سان گڏ ڏسن. هو سندس بوريت ختم ڪرڻ لاءِ تيار هوندا هئا. اهي گهڻو ڪري نوجوان آرٽسٽ ۽ ليکڪ هوندا هئا. نوجوان وِلي آشينڊن به انهن مان هڪ هو.

هڪ رات جڏهن هو ٻئي هڪ ميوزڪ هال ۾ ويا هئا ۽ اتان نڪرڻ کان پوءِ هو هن سان گڏجي کيس گهر ڇڏڻ ويو هو ته هڪٻئي کي شب بخير چوندي هُن سندس وات تي چمي ڏئي ڇڏي هئي. هو جيئن ته انهي لاءِ تيار ئي نه هو تنهن ڪري هن حماقت ڪندي چمي قبول ڪئي ته هوءَ هن کي چاهڻ لڳي هئي. اهي ٿوري وقت ۾ ئي عاشق ٿي ويا.

انهن جي تعلق کي هڪ سال ٿي ويو هو جو آشينڊن کي خبر پئي ته هو روزيءَ جو اڪيلو عاشق نه هو. جيڪي به مرد سندس خاطر تواضع ڪندا هئا هوءَ انهن سان هنڌ شريڪ ٿيندي هئي. هن جڏهن هِن کان انهي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ته هن کيس پنهنجي فلسفي کان آگاهه ڪيو: ”اڙي منهنجا جاني! تون ٻين بابت پنهنجي مٿي ۾ سور ڇو ٿو وجھين؟ انهي سان توکي ڪهڙو نقصان ٿو پهچي؟ ڇا آءٌ توسان سٺو وقت نه ٿي گذاريان؟ ڇا تون مون سان گڏ خوش نه هوندو آهين؟.... تون مون کي ائين قبول ڪر جيئن آءٌ آهيان، ٺيڪ آهي؟“ ”بلڪل صحيح“ هو به هن سان سهمت ٿي ويو.

ڊرفيلڊ جي گهر ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ ايندڙن ۾ مسز ٽريفورڊ به شامل هئي. انهي کي ادبي ڏات ڌڻي دريافت ڪري وٺڻ جو خاص ڏانء هوندو هو. آشينڊن پاران روزي کي ”جيئن هئي تيئن قبول ڪري وٺڻ“، کان ڇهه مهينا پوءِ آشينڊن کي هڪ ڏينهن مسز ٽريفورڊ جو هڪ خط مليو ته هو هن سان فوراً اچي ملي. هن ائين ئي ڪيو. تڏهن کيس خبر پئي ته روزي ڊرفيلڊ وٽان لارڊ جارج ڪيمپ سان گڏ ڀڄي وئي هئي.

آشينڊن مسز ٽريفورڊ جي درخواست تي بلئڪ اسٽيبل ويو جيئن اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته اتي ماڻهن کي انهي معاملي بابت ڪهڙي خبر چار هئي. اتي خبر پئي ته ڪيمپ جو نه فقط ڪاروبار هليو ويو ۽ هو نه فقط ڏيواليو ڪڍي ويٺو هو پر هن جي گرفتار ٿيڻ جو خطرو پڻ هو. ماڻهو اهو به چئي رهيا هئا ته هن ميڙي چونڊي پندرهن سو پائونڊ گڏ ڪري ورتا هئا. اهي کڻي روزي سان گڏ ٿڏو پٽي ويو هو. ڪِن ٿي چيو ته ڪيناڊا ويو آهي ته ڪِن ٿي چيو آسٽريليا ويو آهي.

روزي پاران ڇڏي وڃڻ تي ڊرفيلڊ تي وڏو اثر پيو هو. هو هن جي ڪيترين ئي بيوفائين کان واقف هو پر هي واقعو ٿيڻ تائين هو انهن مان ڪنهن تي به اعتبار نه ڪندو هو. مسز ٽريفورڊ کيس انهي ڳالهه تي آماده ڪيو هو ته هو سندس گهر وڃي رهي ۽ تڏهن کان وٺي هُن هن کي هڪ ڏاهو ڪري پيش ڪرڻ شروع ڪيو هو. سندس شهرت ۾ آهستي آهستي اضافو ٿيندو ويو تان جو کيس پنهنجي دور جو هڪ نمايان ليکڪ ڪري مڃيو ويو.

انهي کان پوءِ آشينڊن جو ڊرفيلڊ سان ڪو تعلق نه رهيو. هن اخبارن ۾ اها ڳالهه پڙهي ته هُن روزي کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي. جنهن بابت به وڌيڪ ڪا خبر نه پئي. پوءِ اها خبر آئي ته ڊرفيلڊ جيڪو بيمار ٿي پيو هو انهي پنهنجي نرس سان شادي ڪري ڇڏي هئي.

آشينڊن کي اهي سڀ ڳالهيون الراء ڪيئر سان گڏ بلئڪ اسٽيبل وڃڻ کان اڳ ياد آيون. انهن جي گفتگو دوران مسز ڊرفيلڊ روزيءَ جي ڪردار تي ايترا ته شديد حملا ڪيا جو آشينڊن کي سندس دفاع ڪرڻو پيو. انهي تي سندس ٻئي ٻڌندڙ پريشان ٿي ويا ۽ کين يقين نه پئي آيو. ”هوءَ فطري طور محبت ڪندڙ هئي. هوءَ جڏهن ڪنهن سان محبت ڪندي هئي ته هن لاءِ اها بلڪل فطري ڳالهه هئي ته هوءَ هن سان هنڌ شريڪ ٿئي.... اهو ڪو ڏوهه نه هو. اها هوس پرستي نه هئي. اها سندس فطرت هئي.

سمجهيو پئي ويو ته روزي ڪي ڏهاڪو ورهيه اڳ فوت ٿي وئي هئي. آشينڊن کي ڪجھ وقت پوءِ خبر پئي ته اها ڳالهه صحيح نه هئي ڇاڪاڻ جو هو جڏهن پنهنجي هڪ ڊرامي جي پيشڪش لاءِ نيويارڪ ويو ته کيس هن جو هڪ خط مليو ته هو اچي هن سان ملي وڃي. تڏهن سندس عمر ستر ورهيه ٿي وئي هئي پر سندس دل اڃا به جوان هئي ۽ هن کي اڃا به زندگي سان پيار هو. ڪيمپ نيويارڪ ۾ نئين سر شروعات ڪئي هئي ۽ تمام سٺي نموني ڪم ڪيو هئائين. هو ڏهه ورهيه اڳ فوت ٿي ويو هو ۽ پٺيان هن لاءِ چڱو ڪجھ ڇڏي ويو هو. هن جا اڃا به ڪيترائي مداح هئا ۽ هن کي شاديءَ جون به ڪيتريون ئي آڇون ٿيون هيون پر هوءَ پنهنجي حال ۾ ڏاڍي خوش هئي.

آشينڊن هن کان پڇيو ته هو ڪيمپ سان ڇو ڀڄي وئي هئي. کيس خبر پئي ته بلئڪ اسٽيبل ۾ جيڪا ڳالهه مشهور هئي اها صحيح هئي. هو هن وٽ آيو هو ۽ کيس ٻڌايو هئائين ته هو ڏيوالو ڪڍي بيٺو هو پر جيڪي ٿورا گهڻا پئسا بچائي رکيا هئائين اهي کڻي هو آمريڪا فرار ٿي رهيو هو. ”آءٌ کيس ايترو پري پنهنجي منهن وڃڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهيس.

”آءٌ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هو ئي اهو واحد مرد هو جنهن جو توکي فڪر هوندو هو“. آشينڊن رايو ڏنو.

”منهنجي خيال ۾ ته انهي ۾ ڪجھ صداقت آهي“. هن چيو ”آءٌ سوچيان ٿو ته توکي هن ۾ ڇا نظر آيو هو“.

”آءٌ توکي ٻڌايان ٿي. روزي چيو، ”هو هر وقت هڪ مڪمل جينٽلمين هوندو هو“.

ڪيڪس ائنڊ ايل، ماهم جي ٻين سمورن ڪتابن وانگر اعليٰ جذبات کان خالي آهي. هو دنيا ۾ موجود ڏکن ۽ تڪليفن کان ايترو ته گهڻو واقف هو جو کيس پنهنجن جذبن کي ڏاڍي ڪنٽرول هيٺ رکڻو پوندو هو. انهي احساس سان گڏوگڏ طبيعت جي باريڪ بينيءَ کيس شديد جذباتيت جي اظهار کان ڊيڄاري ڇڏيو.

هن هتي ڊرفيلڊ، ڪيئر، مسز ڊرفيلڊ ٻئين ۽ چاچي ۽ چاچيءَ جا جيڪي پورٽريٽ پيش ڪيا آهن اهي ڪڏهن ڪڏهن ظالماڻا ٿا لڳن. پر ظلم ۾ ڪا به بدنيتي ۽ ڪينو نه آهي ڇاڪاڻ ته ماهام جڏهن بي رحم ٿي وڃي ٿو ته انهي جو سبب اهو آهي ته سندس سخت ايمانداري کيس مجبور ڪري ٿي ته هو زندگي کي ائين پيش ڪري جيئن اها کيس نظر اچي ٿي.

ڪتاب جا مکيه ڪردار روزي ۽ ڪيئر آهن. اهي انسان ذات جي ٻن هڪ ٻئي جي مخالف رخن کي پيش ڪن ٿا. ڪيترن ئي نقادن جي نظر ۾ ماهام انساني ڪمزورين بابت پنهنجي گهري ادراڪ، سندس وڏي سهپ ۽ رواداري ۽ سندس همدردي جو پنهنجي ٻئي ڪنهن به ڪردار کان روزي جي ڪردار ۾ وڌيڪ اظهار ڪيو آهي.

پر فقط ڪردار نگاري ئي ڪيڪس ائنڊ ايل کي هڪ عظيم ڪتاب نه ٿي بڻائي. آکاڻي جو بنيادي مقصد ادب جي Grand Old Man هئڻ بابت ڊرفيلڊ جي غلط تصور جي جاءِ تي اصلي ٽيڊ ڊرفيلڊ کي بيهارڻ آهي. اهو ڪم جنهن نزاڪت سان ڪيو وڃي ٿو ڪڏهن سڌي بيان ذريعي، ڪڏهن يادگيري جي مدد سان ته ڪڏهن ڪا ٻُڌل ڳالهه ٻڌائي انهي سان ماهام جي بيان تي مهارت ظاهر ٿئي ٿي.

سومر سيٽ ماهام ڊسمبر 1965ع ۾ ڪيپ فيراٽ ۾ پنهنجي محل ۾ فوت ٿيو. سندس خاڪ ڪينٽربري ۾ سندس پراڻي اسڪول جي ميدان ۾ دفن ڪئي وئي.

91. دي ناٽ آف وائيپرز

-- فرانڪوئي ماريا --

(Francios Mauriac)

 

فرانڪوئي ماريا 11- آڪٽوبر 1885ع تي بورڊو ۾ ڄائو. سندس ڪٽنب جون انهي ۾ گهريون پاڙون هيون ۽ انهيءَ مان ئي کيس سندس اڪثر ناولن جو پس منظر ۽ بنيادي ماحول مليو آهي. هن يونيورسٽي آف بورڊو ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ 1906ع ۾ پيرس جي Ecole de chartes ۾ داخل ٿيو. هو اتي ٿورو وقت رهيو.

هن پنهنجي ادبي سفر جي شروعات 1909ع ۾ نظمن جي هڪ ڪتاب Les Mains Jointes سان ڪئي. انهي جي ذريعي هو ماريس باري جي ڌيان تي اچي ويو. هو اناطول فرانس جو هڪ همعصر ۽ فرانسي ادبيات جو هڪ ٻيو Grand Old Man هو. هن پنهنجو پهريون ناول La Enfant charge de chaines سن 1919ع ۾ ڇپرايو ۽ وري ٻئي سال La Robe Pretexte ڇپرايائين. انهن ٻنهي ڪتابن مان اها ڳالهه ته ضرور ظاهر ٿئي ٿي ته هن اڃا پنهنجي ٽيڪنيڪ تي مهارت حاصل نه ڪئي آهي پر انهن مان دکدائڪ انساني لاڳاپن بابت سندس ادراڪ جو چڱي طرح پتو پوي ٿو.

هن سن 1922ع ۾ La Baiser au Lepreaur سان هڪ وڏي ناول نگار طور پنهنجي شهرت قائم ڪئي. انهي ۾ هن هڪ زال ۽ مڙس جي دکدائڪ عدم مطابقت بيان ڪئي آهي. هن پنهنجي پوءِ ايندڙ ڪتابن سان پنهنجي فن تي روز بروز وڌندڙ مهارت جو ثبوت ڏنو. ماريا انهي دوران سن 1923ع کان 1930ع تائين هڪ مذهبي ناخوشي واري حالت مان گذريو جنهن ۾ هن کي ٻه مسئلا درپيش آيا. هڪ ته هو پنهنجي انفرادي عقيدي کي نئين سر ترتيب ڏئي ۽ ٻيو ته هو هڪ ناول نگار طور پنهنجي ايمانداري ۽ هڪ ڪيٿولڪ طور پنهنجين ذميوارين ۾ ڪيئن مطابقت پيدا ڪري يا ٻين لفظن ۾ چئجي ته هو پنهنجن پڙهندڙن جي ذهنن ۾ هوس پيدا ڪرڻ کان سواءِ انساني فطرت جي برائي ڪيئن بيان ڪري.

هو انهي آخري مسئلي ۾ موجود ڏکيائين تي قابو پائڻ ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿي سگهيو انهي جو Le Noeude de Viperes (The Knot of vipers) ۾ سڀ کان بهترين اظهار ٿيل آهي. سن 1932ع ۾ ڇپيل انهي ناول کي سندس شاهڪار مڃيو وڃي ٿو. هن پاران انساني جذبن، مايوسين ۽ ڪمزورين خاص طور فخر، ساڙ ۽ لالچ ۽ ڪنهن حد تائين شهوت پرستي جي بيان هيٺان (عيسائيت جي ٻن بنيادي متن) رحمت خداوندي ۽ نجات جا نظريا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهو موضوع سندس سڀني ڪتابن ۾ بار بار اچي ٿو پر اهو انهي 68 ورهين جي پوڙهي وڪيل لوئيس جي ڪهاڻي کان وڌيڪ ڪٿي به ايتري شدت ۽ يڪسوئي سان بيان ٿيل نه آهي. اهو وڪيل ڪمزور دل سبب ڪنهن به وقت مري سگهيو ٿي ۽ پنهنجو وقت ٿورو ٿورو ڪري انهي نفرت کي اعترافي بيان ۾ اوتيندي گذاري رهيو هو جيڪا هن پنهنجي تقريباً سموري زندگي پنهنجي زال، اولاد ۽ اولاد جي اولاد لاءِ محسوس ڪئي هئي.

هن نقطي تي هو پنهنجي دل جو احوال هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو: ”مون کي پنهنجي دل جي خبر آهي، هيءَ دل، هيءُ نانگن جو مُچو! انهن منهنجي دل کي ٻوساٽي ڇڏيو آهي، اها انهن جي زهر سان ڀرجي وئي آهي. اها پئي ٿي ڌڙڪي، نانگن جو اهو مچو جنهن کي کولي ڌار ڪرڻ ناممڪن آهي. انهي کي چاقو سان، تلوار جي هڪ ڌڪ سان وڍڻو پوندو. آءٌ امن نه پر تلوار کڻي آيو آهيان“.

بيان ڪندڙ هڪ اڪيلو ٻار آهي. هو اڃا ننڍي عمر جو ئي هو ته سندس پيءُ فوت ٿي ويو هو. اهو بورڊو ضلعي ۾ هڪ وڏو عملدار هو. انهي ٻار جي ماءُ کي ڪاليس (Calese) ۾ هڪ ننڍڙي جاگير ورثي ۾ ملي هئي جنهن مان پنجاهه هزار فرانڪ سالياني آمدني ايندي هئي. جيڪا 1880ع واري دور ۾ چڱي خاصي وڏي رقم هوندي هئي. البت ڇوڪري جي ذهن ۾ اها ڳالهه هوندي هئي ته اهي آسودا نه هئا. انهي جو هڪ سبب ته سندس ماءُ جي ڪڙمين واري سمجهداري ۽ پئسي کي تمام ڌيان سان ڪتب آڻڻ هو. ماءُ پٽ تي فدا هوندي هئي ۽ کيس خراب ڪري ڇڏيو هئائين. هو جيئن بلوغت کي پهچڻ لڳو ته پنهنجي ماءُ جي تمام گهڻي محبت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندو هو ۽ وس پڄندي هر ڪا ڪوشش ڪري کيس پنهنجي انهي احساس کان واقف ڪندو هو. هن ته انهي سبب جي ڪري ئي هڪ تمام غير مناسب ڇوڪري سان رستو رکيو.

هن اسڪول ۾ ڪي به دوست نه ٺاهيا ۽ پنهنجو سمورو وقت پڙهائي کي ڏنو. هن پاران مسلسل ڪتابن تي جهڪيو رهڻ سبب سندس ڪُلها اڳتي جهڪيل رهندا هئا ۽ انهي جي ڪري سندس شڪل اڃا وڌيڪ غير پُرڪشش ٿي پئي هئي. سندس شديد ڪمتري جي احساس جو سبب به اهو ئي هو.

ماءُ ۽ پٽ سن 1883ع جي آگسٽ مهيني ۾ لوچان (Luchon) ويا. فونڊا ڊيج (Fondaudage)ڪٽنب به انهي ساڳئي هوٽل ۾ ترسيل هو جنهن ۾ هو رهيا هئا. اهي چڱا وڏا واپاري هئا. انهن جي ٻيون نمبر ڌيءُ ايسا  (Isa) جلدئي لوئس ڏانهن ڇڪجڻ لڳي ۽ آخرڪار لوئيس کان اها ڳالهه ئي وسري وئي ته هو ڪو بدشڪل ۽ اڻ گهربل آهي. سماجي حيثيت ۾ اختلافن جي باوجود شادي طي ٿي وئي ۽ نوجوان جي هلت چلت مڪمل طور تبديل ٿي وئي.

ماءُ جي خواهش هئي ته نوجوان جوڙو بوردو ۽ ڪاليس وارن گهرن ۾ هن سان گڏ رهي پر هن جڏهن ڏٺو ته هنن جي اها مرضي نه آهي ته هن پنهنجي هڪ ٻي زمين تي پنهنجي لاءِ هڪ ننڍڙو گهر ٺهرايو. شادي ڏاڍي خوشگوار ثابت ٿي هئي. وڪالت جو ڌنڌو سٺو هلي رهيو هو ۽ هر ڳالهه تيستائين صحيح هئي جيستائين ايسا اها ڳالهه نه باسي وڌي ته هن پاران پنهنجي مڙس سان ملڻ کان اڳ کيس رڊولف نالي هڪ نوجوان سان ڏاڍي محبت هوندي هئي. اهو هڪ صنعتڪار جو پٽ هو. پر سندس ماءُ پيءُ انهي ڪري مڱڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو جو انهن کي اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي هئي ته ايسا جا ٻه ڀائر بلوغت کي پهچندي ڦڦڙن جي مرض سبب فوت ٿي ويا هئا ۽ انهن کي ڊپ هو ته متان ايسا انهن جي پٽ کي به اهو مرض نه ڏئي ڇڏي.

فونڊا ڊيج ڪٽنب ڏاڍو پريشان هو. هنن کي رڊولف جي ماءُ پيءُ جي عمل سبب ايتري پريشاني نه هئي جيتري انهيءَ ڳالهه تي هئي جو انهن کي ڊپ هو ته انهي کان پوءِ ڪو به انهن جي ڌيئرن سان شادي تي راضي نه ٿيندو. انهن کي هڪ پوڙهو ماڻهو بيرن فليپاٽ نالي مليو هو جيڪو انهن جي سڀ کان وڏي ڌيءُ ميرينيٽ سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي هو ۽ ايسا جڏهن لوئيس کي ڦاسايو ته اهي سماجي اڻ برابري جي باوجود شادي تي ڏاڍا خوش ٿيا.

انهي اعتراف جو لوئيس تي ڏاڍو گهرو اثر ٿيو ڇاڪاڻ ته هن محسوس ڪيو ته ايسا جي هن ڏانهن ڇڪجڻ جو سبب محبت نه هو. هن جي دل ۾ ساڙ نه پر نفرت وارو جذبو پيدا ٿيو. بهرحال هو پنهنجي دل جي ڳالهه لڪائي ويو ۽ ايسا سان هنڌ شريڪ به ٿيندو رهيو ايستائين جو کيس ٽي ٻار به ٿيا. هڪ پٽ هُبارٽ ۽ ٻه ڌيئر جينيويو ۽ ميري.

لوئيس چوندو هو ته هبارٽ جي پيدائش کان ايسا کيس رد ڪري ڇڏيو هو. هو پاڻ کي فقط ۽فقط هڪ ماءُ ظاهر ڪندي هئي. جيستائين هن جو تعلق آهي ته هن ۾ ڪا والديني (Parental) حِس هئي ئي نه. انهي جي تلافي طور هن پاڻ کي ڪم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ عادت مطابق هلندڙ مخلوق ٿي ويو.

ٻار جيئن وڏا ٿيا ته هن ٻن وڏن کي هن جي سندن ماءُ لاءِ نفرت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. اهي هن کان ڊنل رهڻ لڳا. انهي جي باوجود به هو پيريءَ ۾ مرڻ ڪنڌي تي چوي ٿو: ”اها به ڪيتري نه خوفناڪ ڳالهه آهي جو پنهنجن ٻارن کي پاڻ کان ڊيڄاري ڇڏجي“. فقط ننڍي ميري هن کان ڊنل نه هئي ۽ هو هن کي ڏاڍو پيار ڪندو هو.

هن پنهنجي زال ۽ ڪٽنب سان اها نفرت ڄاڻي واڻي پيدا ڪئي هئي ۽ هو انهي ۾ خوش ٿيندو هو. هن اهو سمجهڻ شروع ڪيو ته هر هڪ ماڻهو هن کان نفرت ڪري ٿو ۽ جڏهن ڪنهن ماڻهو مثال طور ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ مقرر ٿيل نوجوان شاگرد پادري هڪ دفعو کيس چيو ته هو سٺو ماڻهو آهي ته کيس انهي ڳالهه تي يقين نه پئي آيو.

ساڳئي وقت هن پنهنجا پئسا گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. هن جيتوڻيڪ پنهنجي ڪٽنب جي خرچ ۾ ڪا به کوٽ نه ڪئي پر هر خرچ تي ڪرڙي اک رکڻ شروع ڪئي.

هو ڪيترائي معاشقا به پيو هلائيندو هو پر جيئن ئي هن سمجهيو ته سندس محبوبائن هن کان حد کان وڌيڪ گهرڻ شروع ڪيو آهي ته هن اهي سڀ معاشقا ڇڏي ڏنا. کيس انهن لاڳاپن مان 1909ع ۾ هڪ پٽ رابرٽ ڄائو.

سموري بيان ۾ جنهن ۾ ماضي ۽ حال گڏوگڏ ٿا هلن، پوڙهي جي پنهنجي زال ۽ ٻارن سان نفرت ۽ سندس انهي وڏي خبط جو بيان هلندو رهي ٿو ته هو پنهنجو سمورو پئسو مرڻ کان اڳ ٻين کي ڏئي ڇڏيندو جيئن انهن کي ذري برابر به فائدو نه ملي. هڪ ته هن اها سوچ ڪئي آهي ٻيو هن هڪ اعترافي بيان لکيو آهي جيڪو سندس موت کان پوءِ پڙهيو ويندو. سندس خيال ۾ هو اهڙي طرح پنهنجي ڪٽنب ۽ دنيا سان پنهنجو وير پاڙيندو.

سندس ننڍي ڌيءُ ميري جي ڪجھ ڏينهن جي بيماري کان پوءِ وفات زال ۽ مڙس ۾ اختلافن کي اڃا وسيع ٿي ڪري ڇڏي. ڇوڪري جي موت جو سبب اهو ٿيو جو شروعات ۾ ئي مرض جي غلط تشخيص ٿي هئي. ايسا هن تي اهو الزام مڙهيندي هئي ته هو شروعات ۾ ئي ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کي گهرائڻ کان انڪار ڪري ڇوڪريءَ جي موت جو سبب ٿيو هو. ايسا کي لوئيس جي ڇوڪري سان محبت جي گهرائي جو ڪو اندازو ئي نه هو ۽ هن جڏهن غسل ڪفن ۽ ٻين مذهبي رسمن کان پوءِ قبرستان وڃڻ کان انڪار ڪيو ته ايسا انهي کي هن جي ڪٽنب ۽ انسان ذات سان نفرت جو هڪ خطرناڪ اهڃاڻ سمجهيو جڏهن ته حقيقت ۾ هن کي جيئري ٻار سان ايتري ته محبت هئي جو هو مئل ٻار جي تصور کي ئي قبول نه پئي ڪري سگهيو.

ميري جي وفات کان ڪجھ وقت اڳ ميرينيٽ جو پوڙهو مڙس بيرن فليپاٽ فوت ٿي ويو ۽ پٺيان اها وصيت ڪري ويو ته سندس بيواهه جيڪڏهن ٻي شادي ڪري ته کيس سندس دولت کان محروم رکيو وڃي. هوءَ ڪجھ وقت ڪاليس ۾ رهڻ آئي هئي. هو جيتوڻيڪ ايسا کان وڏي هئي پر وڌيڪ زنده دل ۽ پرڪشش هئي ۽ جيڪي خوشيون ڪنهن نوجوان عورت جو حق هونديون آهن انهن تان شادي جي سبب ڪنهن پوڙهي مرد جي حق ۾ دستبردار ٿيڻ کان پوءِ ان تي هاڻي به اهڙي ڪا پابندي مڙهڻ ڏوهه هجي ها. ميرينيٽ جي ڪاليس ۾ ترسڻ دوران لوئيس هن کي ڪجھ عجيب نموني آٿت ڏني ۽ انهي ڳالهه جو هلڪو اشارو ملي ٿو ته اهي هڪ ٻئي جا عاشق ٿي ويا هئا.

پر هوءَ اوچتو ڪاليس مان اهو بهانو ڪري وئي هلي ته بيارٽز ۾ هڪ دوست کي سندس مدد جي ضرورت هئي ۽ جلدئي پوءِ سندس ڪٽنب کي خبر پئي ته هن اتي هڪ صحافي سان شادي ڪري ڇڏي هئي. هوءَ ويم دوران مري وئي ۽ پٺيان هڪ پٽ ليوڪ ڇڏيائين. سندس پيءُ ٻي شادي ڪرڻ تائين انهي جي پرورش ڪندو رهيو پوءِ کيس ميرينيٽ جي ماءُ وٽ ڇڏي ويو. ناني جي مرڻ کان پوءِ ايسا ڇوڪري جي ذميواري کنئي. هو اونهاري جي ڊگهي موڪل ۾ هر سال ڪاليس ايندو هو.

لوئس کي ڇوڪري ۾ اهي سڀ خصوصيتون نظر آيون جن جي سبب هو ننڍڙي ميري سان محبت ڪندو هو. هو هن کان ڊڄندو به نه هو ۽ ٻيو سمورو ڪٽنب جيئن ته هن کان ڊڄندو هو انهي تي هو هنن تي کِلندو هو. لوئس اها رٿ رٿي ته هو پنهنجي سموري دولت ليوڪ جي نالي ڪندو پر لوئس کي 1917ع ۾ فوجي خدمت لاءِ گهرايو ويو ۽ محاذ تي موڪليو ويو. جلدئي پوءِ کيس گم ٿيل ظاهر ڪيو ويو.

جيئن سندس ٻار وڏا ٿيندا ويا ۽ شاديون ڪيائون ته هن جي انهن کان نفرت وڌندي وئي ۽ انهي جو دائرو انهن جي ٻارن تائين وڌي ويو. هو جينيويءَ جي ڌيءُ جينن (Janine) ۽ سندس ڪنهن نه ڪم جي مڙس فِليءَ کان به نفرت ڪرڻ لڳو. فلي ڪاروباري مشڪلات ۾ اچي ويو هو ۽ انهي بحران مان نڪرڻ لاءِ سرمايي جي ضرورت هئس. پوڙهي ماڻهو ڏاڍي بي رحمي سان جينيوي کي اهو محسوس ڪرايو ته هوءَ هن کان پنهنجي مڙس لاءِ مدد گهري. پر پوءِ جڏهن هن مدد گهري ته کيس انڪار ڪري ڇڏيائين.

ليوڪ جي گم ٿي وڃڻ کان پوءِ سندس ٻي رٿا اها هئي ته هو پنهنجي دولت پنهنجي حرامي پٽ رابرٽ جي نالي ڪندو. هاڻي لوئيس جي عمر به ڪافي وڏي ٿي وئي هئي ۽ هو دل جو مريض ٿي پيو هو. هو ڪاروبار مان رٽائرڊ ٿي ويو هو ۽ ڊاڪٽرن کيس مشورو ڏنو هو ته هو اڪيلو ڪيڏانهن به نه وڃي. هاڻي هن اوچتو جو پيرس وڃڻ جي ڳالهه ڪئي ته ايسا ۽ ڪٽنب جي ٻين ماڻهن کيس انهي خيال تان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نه مڙيو (لوئيس پاران وڃڻ کان اڳ هن ۽ ايسا جي وچ ۾ ڏاڍو دردناڪ سين ٿئي ٿو جنهن مان نظر اچي ٿو ته ڏاڍي مهارت سان ٺهيل نفرت جي تصوير جي باوجود ۽ ايترا ورهيه گذرڻ کان پوءِ به پوڙهي ماڻهو کي پنهنجي زال کان مڪمل طور نفرت نه هئي).

هو پيرس ۾ رابرٽ سان پهريون دفعو مليو. هن جي عمر پنجٽيهن ورهين جي آسپاس هئي. هو پاڻ ۽ رابرٽ ۾ جسماني هڪ جهڙائي ڏسي حيران ٿيو پر کيس انهي تي ڪا خوشي نه ٿي. هن پاران پنهنجي تمام گهڻي دولت رابرٽ جي نالي ڪرڻ جي تجويز تي رابرٽ ۽ سندس ماءُ جيڪو رد عمل ڏيکاريو انهي تي هو ڪاوڙجي پيو. هنن کي وري اهو شڪ هو ته هن جو دماغ صحيح نه هو ۽ هو جيڪو ڪجھ ڪري رهيو هو انهي تي سندس ڪٽنب جي اک هئي ۽ هن جيڪڏهن پنهنجي تجويز تي عمل ڪيو ته هنن جو انهي ڪٽنب سان قانوني ڪيس ۾ گهلجڻ يقيني هو. تنهن ڪري هنن کيس ٻڌايو ته هو پنهنجي حال ۾ ڏاڍا خوش هئا.

هنن کي پنهنجي صحيح هئڻ جي ايتري ته پڪ هئي جو هو هن سان ملندا به تمام عجيب غريب جاين تي هئا. هو هڪ دفعو اهڙي ئي ڪنهن ملاقات لاءِ وڃي رهيو هو ته کيس اتفاقي طور پنهنجو پٽ رابرٽ سان گڏ گرجا گهر ويندي نظر اچي ويو. اتي رابرٽ اها ڳالهه تسليم ڪئي ته سندس ڪٽنب وارن کيس چيو آهي ته هو جيڪڏهن پوڙهي ماڻهو جي آڇ رد ڪندو ته هو ڪا قانوني ڪاروائي نه ڪندا ۽ موٽ ۾ جيئن ئي هو وراثت جا مالڪ ٿيا ته کيس ساليانو 12،000 فرانڪ ڏيندا.

هن انهي بندوبست کي قبول ڪيو هو پر هاڻي پنهنجو ارادو تبديل ڪري ڇڏيو هئائين. پر وري رابرٽ جو اتي جيڪا هلت هليو انهي تي ڪاوڙجي پوڙهي ماڻهو به پنهنجو ارادو تبديل ڪري ڇڏيو. پر انهي جي باوجود به رابرٽ جيڪڏهن پنهنجن مائٽن کي اها ڳالهه نه ٻڌائي ته هو جيڪو ڪجھ ڪري رهيا هئا هو انهي کان واقف هو ته هو رابرٽ کي پهرئين آگسٽ کان هر مهيني تاحيات 15،000 فرانڪ ڏيندو. هن پاران سندس پٽ کي پيار ڪرڻ جون جيڪي به اميدون هيون اهي ختم ٿي ويون.

لوئس پاران رابرٽ کي وظيفي جي ادائيگي جا بندوبست ڪرڻ لاءِ کيس پيرس ۾ هڪ يا ٻه ڏينهن رهڻ ضروري هو. هو هڪ ڏينهن پوسٽ آفيس ويو هليو ته هن جو جيڪڏهن ڪو خط آيل هجي ته اهو اتان کڻي. اتي هن جا ٻه خط ۽ ٽي ٽيليگرام آيل هئا. جيئن ته ٻاهر مينهن وسي رهيو هو تنهن ڪري هو هڪ ريسٽوران ۾ ويو هليو جيئن اهي خط ۽ ٽيليگرام به پڙهي ۽ ماني به کائي.

هن پهريون ٽيليگرام کولي پڙهيو: ”امان جو ڪفن دفن سڀاڻي 23- جولاءِ تي نائين وڳي سينٽ لوئس چرچ ۾“. انهي تي انهي صبح جي تاريخ پيل هئي. ٻيا ٽيليگرام هڪ ٻئي پٺيان گذريل ٽيپهري ۽ شام جو موڪليل هئا. هڪ ۾ هو، ”امان ڏاڍي بيمار آهي واپس اچو“. ۽ ٻئي ۾ هو، ”امان فوت ٿي وئي“.

هن ماني کائيندي ٽيليگرام مروڙي ڇڏيا. سندس ذهن انهي سوچ ۾ منجهيل هو ته هو ڪيئن به ڪري ايتري توانائي گڏ ڪري ۽ ساڳئي ڏينهن شام جو بوردو واري ريل گاڏي ۾ سوار ٿئي. وري انهن خيالن جي جاءِ تي اهڙيون سوچون اچي ويون جن کيس سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو. هو سوچڻ لڳو ته ايسا ته هن کان اڳ ۾ مري وئي جڏهن ته هو سدائين انهي اميد ۾ هوندو هو ته هو اڳ ۾ مرندو سندس زال هن کان پوءِ زنده رهندي. سندس سمورين رٿائن ۽ سازشن جو بنياد اها اميد هئي ته هو اڳ ۾ مرندو. هن سدائين پنهنجي زال کي بيوهه تصور ڪيو هو. پوءِ هن جي اندر وارو ڪاروباري ماڻهو جاڳي پيو ۽ هن صورتحال جو نئين سر جائزو وٺڻ شروع ڪيو.

کيس اسٽيشن تي الفريد مليو جنهن کيس ٻڌايو ته ايسا کي عوامي باغ ۾ واڪ ڪندي دماغي دورو پيو هو. هوءَ رات جو گهڻو حصو به هوش ۾ رهي هئي ۽ جيتوڻيڪ ڳالهائي نه پئي سگهي ته به ڪيترا دفعا ٿڌا ساهه کنيا هئائين ته هوءَ هن کي ڏسڻ چاهي ٿي. پوءِ هو بيهوش ٿي وئي ۽ دم ڏنائين.

هو گهر پهچندي پهچندي بي حال ٿي پيو ۽ گهر جي دالان ۾ پير رکندي ئي بيهوش ٿي ڪري پيو. هوش ۾ اچڻ تي هن پنهنجي چوڌاري پنهنجا ٻار بيٺل ڏٺا ۽ هڪ ڏاڍو دردناڪ منظر اچي ٿو جنهن ۾ هو انهن کي ٻڌائي ٿو ته کيس خبر آهي ته هو هن جي پٺيان پيرس آيا هئا ۽ کين خبر هئي ته هو ڪٿي ترسيل هو. هن هنن کي ڇينڀيو ته هنن پهريون ٽيليگرام هن ڏانهن سنئون سڌو ڇو نه موڪليو هو جيتوڻيڪ کيس احساس هو ته هو جيڪڏهن ائين ڪن ها ته اها ڳالهه نه کُلي پوي ها ته هنن ڇا ڪيو هو.

هو جيئن ته تمام گهڻو بيمار هو تنهن ڪري ڪفن دفن ۾ به شريڪ نه ٿي سگهيو ۽ تابوت ۾ رکيل ايسا کي ئي پنهنجا آخري آداب پيش ڪيائين. ڪفن دفن کان پوءِ هو جڏهن ڪجھ وڌيڪ سامت ۾ هو ته هبارٽ ۽ جينيوي وري هن وٽ آيا. هبارٽ پنهنجي دفاع ۾ هڪ اڳواٽ تيار ڪيل تقرير ڪئي. هن فقط اهو ئي چاهيو ٿي ته هن جا وراثت جا حق محفوظ رهن. هن انهن ٻنهي کي ٿوري دير ڳالهائڻ ڏنو ۽ پوءِ انهن کي ٻڌايائين ته هن اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته هو پنهنجي دولت انهن ۾ فوراً ورهائي ڇڏيندو.

شروع ۾ انهن سوچيو ته اها به سندس مخصوص ظالماڻي اٽڪل هوندي. آخرڪار هو هنن کي اها ڳالهه مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته هو سچائي سان اهو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. پوءِ وري هو انهي ڳالهه تي ڳت ڏئي بيٺا ته هو سندس مرڻ جو انتظار ڪندا.

پوءِ هو ڪاليس موٽي اچي ٿو جتي پراڻا نوڪر سندس سار سنڀال لهن ٿا. سندس روش مڪمل طور تبديل ٿي وئي آهي ۽ هو انهن ماڻهن تي ننڍيون ننڍيون مهربانيون ڪندي نظر اچي ٿو جن کي هو اڳ ۾ پنهنجو دشمن سمجهندو هو. اهڙن ماڻهن ۾ جينيوي جي ڌيءُ جينين به شامل آهي. هن کي پنهنجي مڙس ڇڏي ڏنو آهي ۽ هوءَ ڪاليس ۾ هن سان گڏ رهندي آهي.

بيان جو سلسلو اوچتو هڪ لفظ جي اڌ ۾ ئي رڪجي وڃي ٿو. ان کان پوءِ ٻه خط اچن ٿا. انهن مان هڪ هبارٽ پاران جينيوي ڏانهن آهي جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته پوڙهو ماڻهو نوڪرن کي هڪ دستاويز جي مٿان مئل نظر آيو هو. اهو دستاويز هن خط ۾ شامل ڪيو هو. ٻيو خط جينين طرفان هبارٽ ڏانهن آهي جنهن ۾ هوءَ دستاويز پڙهڻ لاءِ موڪل گهري ٿي. هبارٽ کي ”اعتراف“ ۾ نظر اچي ٿو ته هو ۽ ايسا هڪ ٻئي خلاف جيڪي سازشون ڪندا هئا انهن ۾ هو حق بجانب هئا ۽ جينين هبارٽ کي اها ڳالهه مڃرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته پوڙهو پنهنجي زندگي جي آخري مهينن ۾ تبديل ٿي ويو هو، کيس پنهنجي ڪئي تي پڇتاءُ هو ۽ هن تلافي لاءِ جيڪي قدم کنيا هئا اهي سچائي تي ٻڌل هئا.

ماريا کي ”دي ناٽ آف وائيپرز“ ڇپجڻ کان پوءِ اڪيڊمي فرانس جو ميمبر چونڊيو ويو. ويهين صدي جي ٽئين ڏهاڪي دوران هو انهي دور جي نظرياتي ٽڪرائن ۾ شدت سان حصو وٺندو رهيو. هن ٻئين جنگ عظيم وارو سمورو عرصو فيروز جي قلمي نالي سان ”فرينچ رزسٽنس“ (French Resistance) جي ليکڪن سان گڏ ڪم ڪيو ۽ جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ پهريان فگارو جي ايڊيٽوريل رائيٽر طور ۽ پوءِ L’ express ۾ ليک لکي سياسي بحث ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. سندس جنگ کان پوءِ وارن ڪجھ افسانن کي غير معمولي ڪاميابي ملي ۽ کيس 1952ع ۾ ادب جو نوبل انعام عطا ڪيو ويو. هو انهيءَ اعزاز جو صحيح معنيٰ ۾ حقدار هو.

92. بريو نيو ورلڊ (Brave New World)

-- آلڊس هڪسلي --

 

آلڊس هڪسلي 1894ع ۾ ڄائو ۽ 1963ع ۾ فوت ٿيو. هو مشهور زولاجسٽ سرجولين هڪسلي جو ڀاءُ، دي ڪارن هل ميگزين جي ايڊيٽر ليونارڊ هڪسلي جو پٽ ۽ ٿامس هينري هڪسلي جو پوٽو هو جيڪو هڪ وڏو سائنسدان ۽ پنهنجي دور ۾ ڊارون جي ارتقا جي نظريي جو تمام وڏو حمايتي هو.

آلڊس ايٽن ۽ بيليول ڪاليج آڪسفورڊ مان تعليم پرائڻ کان پوءِ نوجواني ۾ ”دي ايٿينيوم“ جي ايڊيٽوريل اسٽاف تي ڪم ڪيو ۽ پوءِ دي ويسٽ مسٽر گزيٽ جو ڊراما بابت نقاد ٿيو. هن پنهنجو پهريون ڪتاب نظمن جو هڪ ننڍو مجموعو ٽيويهن چووهين ورهين جي ڄمار ۾ ڇپرايو. انهي کان پوءِ شاعري جا ٽي جلد ٻيا آيا ۽ پوءِ 1920ع ۾ لمبو (Limbo) جي نالي سان افسانن جو مجموعو آيو. سندس پهريون ناول Crome Yellow سن 1921ع ۾ ڇپيو. انهي سان کيس فوراً هڪ اهم ليکڪ طور مڃتا ملي وئي. انهي کان پوءِ ايندڙ سندس ٽن ناولن ]اينٽڪ هي (1923ع)، دوزبئرن ليوز (1925ع) ۽ پئائنٽ ڪائونٽر پئائنٽ (1928ع)[ سندس شهرت کي مضبوط ڪري ڇڏيو.

سندس تحرير ڏاڍي مزاحيه، طنزيه ۽ چٿر ڀريل هوندي هئي انهي تي جنگ کان پوءِ واري ٽهيء جي مخصوص ڇاپ هوندي هئي. خود هن جو تعلق به انهي ٽهيء سان هو ۽ سندس اڪثر همعصرن جي نظر ۾ هو پنهنجي دور جو تمام دلچسپ ليکڪ هو. هو جنهن انداز ۾ لکندو هو اهو خود هڪ عجوبو هو. هو اڪثر هڪ سين کان ٻئي سين ڏانهن يا هڪ گفتگو کان ٻي گفتگو ڏانهن وڃڻ لاءِ ڪراس ڪٽنگ ٽيڪنيڪ ڪم آڻيندو هو جيڪا تڏهن فلم سازي ۾ متعارف ٿيل نئين ٽيڪنيڪ جي مشابہ هئي. هو انهي دور جي مڃيل وڏي عمر جي ليکڪن جان گالس وردي، آرنلڊ بينيٽ ۽ ايچ جي ويلز جي ڀيٽ ۾ نفاست ڀريو ۽ اصلي (Original) لڳندو هو. هو جنسي مسئلن کي نسبتاً کليل نموني بحث هيٺ آڻڻ جي ڪري پنهنجن پڙهندڙن کي ڪجھ وڻندڙ نموني ڇرڪائيندڙ لڳندو هو. ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندڙ ڪجھ لائبريرن ته هن جا ڪتاب رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. انهي عمل به سندس ڪتابن جي فحش هئڻ واري اجائي شهرت کي هٿي ڏني. انهي جي نتيجي طور ئي انهي کان وڌيڪ ماڻهن انهن کي پڙهڻ جي تڪليف ورتي جيترا هونئن ٻي صورت ۾ پڙهن ها.

هو جيتوڻيڪ شروعاتي ڪتابن کان وڌيڪ ٻيو ڪجھ به نه لکي ها ته به هڪ اهڙي ليکڪ طور انگريزي ادب جي تاريخ ۾ معمولي پر اهم حيثيت ضرور حاصل ڪري وڃي ها جنهن جو مکيه مقصد پنهنجي ظرافت ۽ علميت جي اظهار سان پڙهندڙن کي وندرائڻ هو. پر فني طور تجرباتيPoint Counter Point جي ڇپجڻ کان پوءِ سندس قد ڪاٺ ۾ اضافو ٿي ويو. هو هڪ اصلي دانشور ٿي ويو. هو انسانن تي طنز ڪرڻ بجاءِ انسان ذات جي مستقبل ۾ مشغول ٿي ويو. هن تيز مشاهدي کي ڇڏي اخلاقي طور پيچيده مسئلا پيش ڪرڻ شروع ڪيا. هو پنهنجي زندگي جي پڇاڙيءَ تائين ناولن، افسانن، مجموعن ۽ مضمونن جي اهڙن ڪتابن جا ڍير آڻيندو رهيو جن ۾ سائنس، مذهب، اخلاقيات، موسيقي، مصوري ۽ ٻين ڪيترن موضوعن تي عالماڻي انداز ۾ بحث ٿيل هوندو هو. هن پنهنجن پڙهندڙن کي جيتوڻيڪ فقط وندر ورونهه مهيا ڪرڻ بجاءِ سيکارڻ چاهيو ٿي ته به هن ذهني مشق کي تحرڪ ڏيڻ ۽ بحث ڇيڙڻ واري پنهنجي صلاحيت کي هٿان وڃڻ نه ڏنو. هو حقيقت ۾ خالص عقليت پسندي کي مقبول ڪرائيندڙ ٿي ويو.

هن جي بلڪل نوجوانيءَ وارن نسبتاً غير پختن ڪتابن ۾ به سندس انهن خيالن جي شروعات ڏسي سگهجي ٿي جيڪي سندس پوءِ جي ڪتابن ۾ بار آور ٿيا. مثال طور سندس پهرئين ناولCrome Yellow جي هڪ ڪردار کي دنيا جو مستقبل هيئن ٿو نظر اچي:

”فطرت جي اڻ وڻندڙ نظام جي جاءِ تي هڪ غير شخصي نسل اچي ويندو. وسيع رياستي انڪيو بيٽرن ۾ رکيل حامله بوتلون دنيا کي گهربل آبادي مهيا ڪنديون. ڪٽنبي نظام ختم ٿي ويندو. سماج جو بنياد ڪمزور ٿي ويندو ۽ انهي کي نوان بنياد ڳولهڻا پوندا. شهوت جي ديوي ڏاڍي حسناڪي ۽ غير ذميداري سان آزاد ٿي آزاد پوپٽ وانگر هڪ گل تان اٿي ٻئي گل تي پئي ويهندي“. آلڊس هڪسلي ڪنهن امڪاني سائنسي يوٽوپيا جي انهي طنزيه بيان کي پنهنجي تمام مشهور ناول Brave New World جو موضوع بڻايو جيڪو 1932ع ۾ شايع ٿيو.

انهي جي منڍ ۾ هڪ آئيڊيلسٽ روسي فيلسوف نڪولس برڊائيف جي لکڻين مان هڪ اقتباس ڏنل آهي (اهو فرانسي ٻولي ۾ بغير ترجمي جي ڏنل آهي ڇاڪاڻ ته هڪسلي انهن ماڻهن کي ڪا به رعايت نه ڏيندو هو جن جي تعليم هن جهڙي بهتر نه هوندي هئي). اهو فيلسوف مارڪسزم مان مايوس ٿي ويو هو ۽ پيرس ۾ ”اڪيڊمي آف فلاسافي آف رليجن جو بنياد وڌو هئائين“. يوٽوپيائن جو حقيقت جو ويس ڌارڻ ايترو ممڪن بڻجي ويندو جيترو ڪنهن سوچيو به نه هوندو. برڊائيف لکيو: ۽ اسان جي سامهون اهو تڪليف ده سوال ڪر کڻي بيٺو آهي ته انهن جي منطقي نشوونما کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟ شايد ته هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي جنهن ۾ دانشور ۽ مهذب ماڻهو يوٽوپيائن جي وجود ۾ اچڻ کي روڪڻ جا خواب پيا ڏسندا ۽ هڪ اهڙي سماج جو رخ ڪندا جيڪو يوٽوپيائي نه هوندو، گهٽ مڪمل هوندو ۽ وڌيڪ کليل هوندو...“

سينٽرل لنڊن هيچري ائنڊ ڪنڊيشننگ سينٽر ۾ ڊائريڪٽر ”تازن پهتل شاگردن جي هڪ ٽولي کي دورو ڪرائي رهيو آهي. هو انهي ڳالهه جو خاص اهتمام ڪندو هو ته سندس نون شاگردن کي مختلف ڊپارٽمينٽ پاڻ هلي ڏيکاريندو هو.

انهي طريقي سان هڪسلي کي پنهنجي نئين دنيا جو مڪمل پس منظر پوري تفصيل سان بيان ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته انهي دوران ڊائريڪٽر جا رمارڪ ۽ شاگردن جا سوال به جاري رهن ٿا. سال به ڏاڍو مبهم 632 اي. ايف (آفٽر فورڊ) بيان ٿيل آهي. جيتوڻيڪ فورڊ ۽ فرائيڊ جا نالا ماڻهن جي حافظي ۾ تمام گڏ وچڙ ٿي ويا آهن.

سينٽر ۾ ”وسيع اسٽيٽ انڪيوبيٽرن ۾ انسان تخليق ڪرڻ جي سائنس کي وڏي ڪماليت تي پهچايو ويو آهي. الفا، بيٽا، گاما، ڊيلٽا ۽ ايپسيلان نالن سان پنج معياري گريڊ پيدا ڪيا وڃن ٿا. انهن مان هر هڪ جي سماجي حيثيت جو تعين اڳ ۾ ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن جا ڪم به اڳ ۾ طي ڪيا وڃن ٿا. الفا دانشور ۽ ذهني ڪم ڪندڙ آهن جڏهن ته پيماني تي سڀ کان آخر وارا ايپسيلان ذهني طور سب نارمل (Sub- Normal) وجود آهن. جن کي گهٽ درجي وارا ڪم يا سخت جسماني محنت ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي.

مختلف ذهني گنجائش رکندڙ معياري وجود پيدا ڪرڻ جي نظام بابت ڊائريڪٽر هيئن ٿو چوي: ”سماجي استحڪام جي اهم اوزارن مان هڪ ۽ سندس ڳالهه کي سينٽر جو هڪ فيڪٽري ورڪر وزنائتو بڻائيندي سوشل پري ڊيسٽينيشن روم ۾ مختلف ٽيسٽ ٽيوبن ۽ ڪنٽينرن ۾ آنن تي عمل بابت پنهنجي بيان جو واڌارو ڪري ٿو: اسين پنهنجن ٻارن کي آٺرائي سماجي شڪل ڏنل انسانن جي شڪل ۾ آڻيندا آهيون: انهن مان ڪجھ کي الفا ڪندا آهيون ڪجھ کي ايپسيلان: ڪي ناليون صاف ڪندڙ ته ڪي ڊائريڪٽر هيچريز ٿيندا آهن“. ڊائريڪٽر انهي تعريفي جملي کي پاڻ ڏانهن سمجهندي مرڪي انهيءَ جي موٽ ڏئي ٿو.

رحم ۾ ٻارن پاران پختي شڪل ۾ اچڻ کان پوءِ نيو پاولووين (Neo- Pavlovian) ڪنڊيشننگ عمل ۾ اچي ٿي. جن کي ورڪر ٿيڻو هوندو آهي انهن کي جبلتي طور ڪتابن ۽ گلن جهڙين شين کان نفرت سيکاري ويندي آهي. جيئن اهي سونهن يا خوشي جي مجرد خيالن سبب محنت مشقت کان ڪڏهن به پري نه ٿي سگهن. اهي جڏهن ننڊ پيا هوندا ته انهن جي وهاڻن ۾ لڳل لائوڊ اسپيڪر انهن جي ڪنن ۾ مسلسل اهڙا خيال پيا وجهندا جيئن اهي پنهنجي سماجي حيثيت قبول ڪري وٺن.... ”آءٌ جهڙو آهيان انهي تي ڏاڍو خوش آهيان. آءٌ خوش آهيان ته آءٌ الفا نه آهيان. الفا وارا ڏاڍا هوشيار هوندا آهن انهن کي اسان کان سخت ڪم ڪرڻو پوندو آهي....“

ڪٽنبي نظام به پنهنجو وجود وڃائي ويٺو آهي، فورڊ کان پوءِ واري دور ۾ ڪٽنبي زندگي جا خطرا ظاهر ٿي پيا جڏهن دنيا پيئرن سان ڀريل هئي؛ تنهن ڪري ڏک ۽ تڪليفن سان ڀريل هئي. اها دنيا مائرن سان ڀريل هئي تنهن ڪري هر قسم جي بي راهه روي سان ڀريل هئي. اها ڀائرن، ڀينرن، چاچن، چاچين ۽ چريائپ ۽ آپگهاتن سان ڀريل هئي. حقيقت اها آهي ته هاڻي ”ماءُ پيءُ“ جهڙا لفظ فحش سمجيا وڃن ٿا ۽ ”پيءُ“ ۽ ”ماءُ“ ٻه تمام پريشان ڪندڙ موضوع ٿي ويا آهن.

نئين سائنسي يوٽوپيا جي هڪ رهواسي مطابق ”هاڻي دنيا ۾ استحڪام آهي؛ ماڻهو خوش آهن. انهن کي جيڪو گهرجي ٿو اهو ملين ٿو ۽ اهي مالي لحاظ کان آسودا آهن، اهي محفوظ آهن، اهي بيمار نه ٿا ٿين، اهي موت کان نه ٿا ڊڄن؛ اهي پيرسني کان ناواقف آهن. انهن لاءِ مائرن ۽ پيئرن جو آزار ڪونهي. انهن کي ڪي زالون، ٻار يا محبتن جا مسئلا نه آهن جن بابت اهي ڪي شديد احساس رکندا هجن. انهن جي ساخت ئي اهڙي آهي جو اهي انهي کان سواءِ ٻي ڪا روش اختيار ئي نه ٿا ڪري سگهن جيڪا انهن کي اختيار ڪرڻ گهرجي. ۽ جيڪڏهن ڪا ڳالهه غلط ٿي وڃي ته انهي لاءِ سوما (Soma) موجود آهي...“ سوما هر هنڌ ڪتب ايندڙ سور گهٽائيندڙ ۽ آرام ڏيندڙ دوا آهي جيڪا دٻاءُ جي صورت ۾ ڪنهن به وقت ڪم آڻي سگهجي ٿي.

ماڻهو تفريح لاءِ نئين کليل ويسٽ منسٽر ايبي ڪيبري جهڙين جاين ڏانهن وڃن ٿا جتي ڪالون اسٽوپيس ۽ سندس سورنهن سيڪسوفون وڄائيندڙ موجود هوندا آهن. يا اهي فيليز (Feelies) تي وڃي سگهن ٿا. اهي اهڙيون سئنيمائون آهن جتي ناظرين پنهنجين سيٽن تي لڳل بونبن تي هٿ لائي فلم جي ڪردارن جي اصلي احساسن کي محسوس ڪري سگهن ٿا.

انهي ڳالهه جو وڏو خيال رکيو وڃي ٿو ته ڪو به ڪڏهن ناخوش يا غير مطمئن نه ٿئي. انهي لاءِ سوما جي مستقل استعمال کي همٿايو وڃي ٿو ۽ هر قسم جي پڙهائي تي وڏي سينسرشپ ٿئي ٿي.

هڪسلي بريونيو ورلڊ جي تقريباً سموري پهرئين اڌ ۾ سندس تصور واري مستقبل جا تفصيل ڏيندو رهي ٿو. اهڙن موضوعن تي لکندڙ ٻين اڪثر ليکڪن وانگر هن کي به ايندڙ دور بابت سندس پنهنجا خيال به اوترائي وڻندا هئا ۽ وري کيس انهن کان ايترو ئي ڊپ به لڳندو هو. هو ناول جي پلاٽ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جيڪي ڪردار ڪم آڻي ٿو اهي به ڪي ايترا اهم نه آهن ۽ خود ڪهاڻي به ايتري هوشياري سان ٺهيل نه آهي. اها شروع ۾ برنارڊ مارڪس نالي هڪ نوجوان بابت آهي جيڪو پنهنجي ساخت ۾ هڪ معمولي نقص سبب لينينا ڪرائون نالي هڪ ڇوڪريءَ جي شديد محبت ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. هن کي هر هنڌ هلندڙ جنسي ڇڙواڳي پسند نه آهي ۽ هو لينينا کي فقط پنهنجي لاءِ رکڻ جي خواهش ڪرڻ لڳي ٿو. اها خواهش نئين مستحڪم دنيا ۾ بلڪل نئين آهي ۽ انهي سبب ڇوڪريءَ ۽ خود کيس شديد پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ”جڏهن فرد محسوس ڪري ٿو ته سماج تڪليف ۾ ڦٿڪي ٿو“. هوءَ کيس ڇينڀي ٿي، حقيقت ۾ اهو جملو انهن درجنين جملن مان هڪ آهي جيڪي انهن ٻنهي کي تخليق کان ئي هڪ مخصوص نظرياتي رخ تي هلائڻ لاءِ ڪنن ۾ وڌا ويندا هئا. انهي جي باوجود به برنارڊ پنهنجي مادي وجود جي روحاني ڪوتاهين جي آگاهي حاصل ڪرڻ کان بچي نه ٿو سگهي. ”اسين فقط ڪم جي وقت دوران ئي ذهني طور بالغ هوندا آهيون“، هو چوي ٿو، ”پر جڏهن اسان جي احساس ۽ خواهش جي ڳالهه ايندي آهي ته اسين ٻارڙا ٿي پوندا آهيون“.

اهي گڏجي موڪل ملهائڻ نيوميڪسيڪو ۾ ريزرويشن (قديم رهواسين لاءِ جدا ڪيل علائقو سنڌيڪار) ڏانهن وڃن ٿا جتي تاريخي دلچسپي جي لحاظ کان ڪجھ وحشين کي مهذب دور کان اڳ (Pre- Civilized) وارين حالتن ۾ رکيو ويو آهي. اهي اتي جان نالي هڪ نوجوان سان ملن ٿا. انهي کي Works of William Shakespeare نالي هڪ ڪتاب هٿ اچي ويو هو جيڪو هن پڙهيو هو. هو برنارڊ ۽ لينينا سان انهي بابت ڳالهيون ڪري ٿو ۽ انهي مان اقتباس ڏئي ٿو. اهي اقتباس انهن کي سمجهه ۾ نه ٿا اچن ڇاڪاڻ ته لفظن ۾ انفرادي لاڳاپن کي بيان ڪيو ويو آهي. جيڪي انهن جي تجربي ۽ سمجهه کان مٿاهان آهن. پر هنن کي انهي نوجوان وحشي ۾ دلچسپي پيدا ٿي پوي ٿي. اهي کيس سندن پنهنجي سماج بابت ٻڌائين ٿا ۽ کيس آڇ ڪن ٿا ته اهي جڏهن واپس وڃن ته هو به انهن سان گڏ هلي. هو پنهنجي سماج جون جهڙي نموني ڳالهيون ڪن ٿا اهي ٻڌي هو ڏاڍو پرجوش ٿي وڃي ٿو. ”O Brave New World“ هو شڪيسپيئر جي ڊرامي دي ٽيمپسيٽ مان سٽ پڙهي ٿو. ”جنهن ۾ اهڙا ماڻهو رهن ٿا“. تنهنجي ڳالهائڻ جو انداز ڏاڍو انوکو آهي. برنارڊ تپرس وچان نوجوان جي منهن ۾ گهوريندي چوي ٿو. ”تون نئين دنيا جيستائين واقعي ڏسين تيستائين بهتر آهي ته ڪجھ انتظار ڪر!“

نوجوان جڏهن ”تهذيب“ ۾ رهي ڏسي ٿو ته جلد ئي انهي مان بيزار ٿي پوي ٿو. اڃا خراب ڳالهه اها ٿي پوي ٿي جو هو جيئن ته برنارڊ وانگر تخليق جي مخصوص عمل مان نه گذريو آهي تنهن ڪري کيس لينينا سان شديد محبت ٿي وڃي ٿي. اتي برنارڊ کي لينينا جي جنسي ڇڙواڳي ڏاڍو پريشان ڪري ٿي. هن کان اها ڳالهه برداشت نه ٿي ٿئي. هو حسد جي باهه ۾ ڀڙڪندي رڙيون ڪري ٿو ۽ کيس ”رنڊي“ ڪوٺي ٿو. لينينا کيس ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ کي هن جي حوالي ڪري ٿي. پر پوءِ کيس اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته انهي تي هو اڃا وڌيڪ ڪاوڙ ۾ ڇو اچي ويو آهي. هو ڪاوڙجي گناهن تي پشيمان ٿيندڙ شخص واري زندگي گذارڻ سري (Surrey) ۾ هڪ متروڪ ائير- لائيٽ هائوس ڏانهن وڃي ٿو هليو. پر کيس اتي به سڪون نه ٿو ملي جو اتي ماڻهن جون قطارون کيس ڏسڻ اچن ٿيون ۽ بيهي مٿس کِلن ٿيون. هنن جي نظر ۾ شام جي تفريح اها آهي ته هيليڪاپٽر ۾ اڏامي هيٺ ڏسجي ته مسخرو وحشي ڪهڙي هلت ٿو ڪري. آخرڪار هو پاڻ کي ڦاهو ڏئي ڇڏي ٿو.

آلڊوس هڪسلي چوڏهن ورهيه پوءِ ٻين جنگ عظيم کان پوءِ پنهنجي ڪتاب جي نئين ايڊيشن جو مهاڳ لکيو. ”بريو نيو ورلڊ“ هن لکيو، ”مستقبل بابت ڪتاب آهي ۽ مستقبل بابت ڪتاب ۾ اسان کي فقط تڏهن ئي دلچسپي ٿي سگهي ٿي جڏهن انهيءَ جون پيشنگوئيون ائين لڳن ڄڻ ته اهي سچيون ثابت ٿي سگهن ٿيون. انهي جون اڳڪٿيون ڪيتري قدر ممڪن ۽ وسهڻ جهڙيون لڳن ٿيون؟ پيش بيني جي هڪ وڏي ۽ چٽي ناڪامي فوراً ظاهر ٿي پوي ٿي. بريو نيو ورلڊ ۾ نيوڪليئر فشن بابت ڪو به اشارو ڪونهي...

”فرض ڪريو ته اسان ۾ هيروشيما مان سبق پرائڻ جي ايتري ئي صلاحيت آهي جيترو اسان جي ابن ڏاڏن Thirty years war مان سکيو هو ته اهو به فرض ڪري سگهجي ٿو ته نيوڪليئر توانائي کي صنعتي استعمالن ۾ آندو ويندو. صاف ظاهر آهي ته انهي جي نتيجي ۾ تمام تڪڙو ۽ تمام مڪمل سماجي ۽ اقتصادي تبديلين جو هڪ سلسلو ايندو. اهي تمام تڪليف ده عمل تمام مرڪزيت پسند مطلق العنان آمريتي حڪومتن جي ماتحتي ۾ سرانجام ڏنا ويندا ۽ هڪ واقعي مطلق العنان رياست اها هوندي جنهن تمام طاقتور سياسي حاڪمن تي ٻڌل انتظاميه (executive)۽ انهن جي مئنيجرن جي فوج غلامن جي هڪ اهڙي آبادي کي ڪنٽرول ڪنديون جن تي ڪا به زور زبردستي نه ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته انهن کي پنهنجي غلامي سان پيار هوندو.

هو انهي قسم جي سماج جي هڪ ضرورت طور اڃا به اڳڪٿي ڪندي چوي ٿو ته: ”انساني پيداوار کي معياري صورت ۾ آڻڻ کان پوءِ، هو ڳالهه ختم ڪري ٿو“، ائين ٿو لڳي ڄڻ ته يوٽوپيا اسان جي ايترو ويجھو آهي جيترو پندرهن ورهيه اڳ ڪنهن تصور به نه ڪيو هوندو.“

اها ڳالهه بحث طلب آهي ته هن کي جنهن قسم جي يوٽوپيا کان ڊپ هو اها ڪڏهن ايندي به يا نه ۽ اها جيڪڏهن آئي ته ڇا انهي ۾ ڪي فائدي جهڙيون ڳالهيون به هونديون. اها حقيقت آهي ته بريو نيو ورلڊ هڪ سرد ۽ بعض جاين تي ته انساني احساس ۽ گرمي کان ئي وانجهيل ڪتاب آهي پر انهي حقيقت کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اهو جڏهن پهريون دفعو لکيو ويو ته اهو انهي دور جو هڪ عظيم ۽ دلچسپ ڪتاب هو. انهي خود اطميناني وارن همعصر لاڙن تي سوال اٿارڻ جي ضرورت کي عوامي شعور ۾ آندو. انهي ڪتاب جي عام ماڻهن جي طاقت ۽ تنوع کان مڪمل بي خبري جي باوجود به جن ماڻهن اهو پڙهيو ٿي انهن جي اڪثريت کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪرايو ٿي ته سماج ڪهڙو رخ اختيار ڪري سگهيو ٿي ۽ ڪهڙو رخ اختيار ڪرڻ گهرجيس. هڪسلي (جيڪو بنيادي طور غير دانشور طبقي کان نفرت ڪندو هو انهي) پنهنجي بلڪل غير جانبدار ۽ تمام واضح نموني ۾ انهي ڳالهه کي پنهنجي پڙهندڙ لاءِ تمام ضروري ۽ اهم بڻايو آهي ته اهي انساني صورتحال تي نئين سر سوچ ويچار ڪن. دنيا جيڪڏهن ائين نه ٿيندي جيئن هن بيان ڪئي آهي ته پوءِ اها آخر ڪيئن ٿيندي؟ سندس تصور کي غلط ڪيئن ٿو قرار ڏئي سگهجي؟ اسان جي دور جي ٿورن ئي ڪتابن ناول جي ذريعي اهڙي پريشان ڪندڙ موضوع بابت سوچ ۽ فڪر کي تحرڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي.

93. دي سيون پلرز آف وزڊم

-- ٽي.اي.لارينس --

 

پنجن ڀائرن ۾ ٻيون نمبر ٿامس ايڊورڊ لارينس، ڪيئر ناروون شائر، ٽريما ڊوڪ ۾ 1888ع ۾ ڄائو. هو جيستائين اٺن ورهين جو ٿيو تيستائين سندس ڪٽنب ڏاڍي لڏپلاڻ ڪندو رهيو. اهڙي طرح ننڍڙي ٽيڊ- جيڪو پوءِ لارينس آف عريبيا جي نالي سان مشهور ٿيو- اسڪاٽلينڊ، جرسي، فرانس ۽ هيمپشائير جا ڏاڍا سفر ڪيا. پوءِ سندس ماءُ پيءُ آخرڪار آڪسفورڊ ۾ ڄمي ويٺا. هن جي پرورش ۽ پالنا وڪٽوريائي نيڪوڪاري واري ماحول ۾ ٿي ۽ انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته لارينس جي تشڪيلي (Formative) ورهين دوران سندس گهر وارو سخت نظم ضبط وارو ماحول انهي مضبوط ذاتي ضبط (Self Control) جو بنياد هو جنهن جو هن پوءِ عربستان جي بيابانن ۾ مظاهرو ڪيو.

هو ذهني طور پنهنجي عمر کان وڏو ٻار هو ۽ سندس حافظو تمام تيز هو. هن کي ڪتابن سان ڏاڍو چاهه هوندو هو. خاص طور اهي ڪتاب جن ۾ قديم ڪوٽن قلعن ۽ محاصرن جو بيان هجي. هن سٽي آف آڪسفورڊ اسڪول ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ پوءِ جيسس ڪاليج ويو. اتي به سندس تعليمي دلچسپيون هڪ وسيع ميدان تي حاوي هيون. اها ڳالهه اهم آهي ته جن عجيب غريب موضوعن ۾ هن جي دلچسپي هوندي هئي انهن ۾ وچئين دور جا قلعا ۽ ٻيون دفاعي تعميرون شامل هيون. سندس غير نصابي سرگرمين ۾ زير زمين ندين جي دريافت ۽ ڇتين تي چڙهڻ شامل هو. هو جسماني طور مضبوط هو، اهڙن مقابلن ۾ سٺو هوندو هو جن ۾ همٿ ۽ سهپ گهربل هجي پر کيس نظم ضبط وارين راندين ۾ ڪا دلچسپي نه هوندي هئي. سندس هڪ سڀ کان نمايان خصلت سندس اها خواهش هوندي هئي ته هو ”مختلف“ نظر اچي.

لارينس، فرانس ۽ ويلز جي پراڻن قلعن جو دورو ڪرڻ کان پوءِ ڪجھ وقت عربي زبان پڙهي ۽ پوءِ صليبي جنگين واري دور جا قلعا ڏسڻ شام ويو هليو. هو جڏهن وچ اوڀر جي موهه ۾ موهجي انگلينڊ واپس موٽيو ته شايد کيس اڻ لکي نموني انهي غير معمولي مِشن کان آگاهي هئي جيڪو هن جي اوسيئڙي ۾ هو. بهرحال هو ٿوري ئي وقت اندر اتي واپس پهچي ويو. هن دفعي هو انهن ٻن جاين جي دوري تي هو جن کي اڳتي هلي عربن جي ترڪن خلاف بغاوت ۾ اهم جاءِ وٺڻي هئي. اهي جايون ديرا ۽ دمشق هيون. هتي لارينس پاران فرات جي ڪنارن تي آثار قديمه بابت کوجنائن جو ذڪر به بي محل نه ٿيندو. ڇاڪاڻ جو هو تڏهن به اهڙي نفاست کان وانجهيل زندگي گذاريندو هو. جيتري هن کي ضرورت ئي نه هئي. هو پاڻ کي کاڌي پيتي ۾ به فقط تمام ضروري شين تي گذارو ڪرڻ جو عادي پيو ڪندو هو.

لارينس 1914ع جي شروعات ۾ پيلسٽين ايڪسپلوريشن فنڊ پاران معاوضي تي رکيل هڪ پارٽي ٺاهي جنهن جو ڪم غزا ۽ بن شيبا کان ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ عقبه تائين علائقي جي سروي ۽ کوجنا هو، پوءِ جڏهن جنگ لڳي وئي ته هن سينا جو هڪ ڪارآمد نقشو ٺاهي وار آفيس ڊپارٽمينٽ وارن جي مدد ڪئي. هو ڪجھ مهينا پوءِ وچ اوڀر ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو جتي هو اڳتي هلي عربن جي بغاوت کي ڪا واضح شڪل ڏيڻ ۾ مصروف ٿي ويو. دي سيون پلرز آف وزڊم هن پاران عربن ۾ سرانجام ڏنل شاندار ڪارنامن جو هڪ شخصي بيان آهي.

فيصل جي فوج پاران دمشق ۾ سوڀاري نموني داخل ٿيڻ کان جلدئي پوءِ لارينس انگلينڊ موٽي ويو ۽ وار آفيس ۾ رپورٽ ڪيائين. هو ايندڙ ٽن ورهين تائين عربن جي آزاديءَ جي وڪالت ڪندو رهيو پر سياستدانن جا خيال مختلف هئا. هن تي عربن سان انهي غداري جو ڏاڍو اثر ٿيو ۽ عربن کي جهڙي نموني استعمال ڪري پوءِ انهن کي رد ڪيو ويو هو هن انهي جو الزام پاڻ تي پئي ڏنو. انهي اعصابي ڇڪتاڻ ۽ دٻاءُ واري دور ۾ ئي هن دي سيون پلرز آف وزڊم تحرير ڪيو.

سن 1921ع ۾ ونسٽن چرچل ڪالونيل آفيس ۾ هو جو لارينس کي عربن جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ جو موقعو ڏنو ويو. سندس شخصيت ۽ جذبو جيتوڻيڪ کيس اعليٰ منصب تي پهچائين ها پر هن ايندڙ سال استعفا ڏئي ڇڏي ۽ جان هيوم راس جي نالي سان رايل ائير فورس ۾ شامل ٿي ويو. سندس صحيح سڃاڻپ ظاهر ٿيڻ تي جڏهن کيس ائير فورس مان ڪڍيو ويو ته هو سوچيندو رهيو ته هو ڪنهن لائيٽ هائوس جو رکوالو ٿئي يا آئرش فري اسٽيٽ آرمي ۾ سپاهي ٿي وڃي. پر وري هن پنهنجو نالو مٽائي ٽي. اِي. شا رکيو ۽ رايل ٽئنڪ ڪور ۾ شامل ٿي ويو.

هو جيتوڻيڪ بوونگٽن ڪئمپ ۾ سڀ کان مقبول ماڻهو هو پر کيس آرمي جي زندگي پسند نه هئي تنهن ڪري هو رائل ايئر فورس ۾ واپس ويو هليو. هو پنجن ورهين تائين ڏاڍو خوش رهيو. هو پنهنجن ڪيترن ئي دوستن ڏانهن ڊگها ڊگها خط لکندو هو ۽ پنهنجي موٽر سائيڪل تي ڳوٺن ۾ چڪر هڻندو هو. پر پوءِ هڪ حادثو ٿي پيو. هو مئي 1935ع ۾ موٽر سائيڪل تي ايگڊن هيٿ ڏانهن پنهنجي گهر وڃي رهيو هو ته هڪ قاصد ڇوڪري کي بچائيندي هن اوچتو جو موٽر سائيڪل کي ڦيرايو ته هيٺ ڪري سخت زخمي ٿي پيو.

لارينس جو نالو وٺڻ سان هڪ وڏن وارن وارو انگريز نوجوان ذهن تي تري اچي ٿو جيڪو هڪ وڏي اٺ تي ويٺل آهي ۽ فيصل پاران ڏنل سفيد ۽ ريشمي ۽ سونهري ڀرت ڀريل عربي پوشاڪ پهريل اٿس. هو هاڻي جيتوڻيڪ هڪ افسانوي شخصيت ٿي ويو آهي پر اسان مان اڪثر ماڻهن لاءِ هو هڪ معمو ئي آهي ڇاڪاڻ ته سندس شخصيت جا ڪيترائي اهڙا رخ آهن جن جي اطمينان بخش نموني وضاحت نه ٿي سگهي آهي. جيڪي ماڻهو سندس اسرار جي تهه تائين پهچڻ چاهين ٿا انهن کي لارينس جي پنهنجي شاهڪار The Seven Pillars of Wisdom ۾ سندس انڪشافن کي پڙهڻ گهرجي. هو پاڻ انهي جو اختصار شايد هنن لفظن ۾ ڏئي ها:

مون کي 18- 1914ع واري جنگ ۾ عربن ڏانهن موڪليو ويو جيئن انهن کي عربن خلاف ڪنهن اقدام ۾ همٿ ڏياري سگهان. آءٌ پنهنجي انگريز شخصيت کي ميسارڻ ۽ عرب ذهنيت ۽ انداز اپنائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. مون محسوس ڪيو ته جيتوڻيڪ مختلف قبيلن ۾ ڪيترائي سماجي ۽ اقتصادي اختلاف هئا پر بنيادي طور انهن جي ذهنن ساڳئي نموني ڪم ڪيو ٿي. هو ضدي، تنگ نظر ۽ تصوراتي آهن ۽ زندگي جي سوغات کي ڪنهن سوال جواب يا مصالحت کان سواءِ قبول ڪن ٿا. سڀ کان اهم ڳالهه اها ته اهي سدائين ڪنهن نظريي جي پيغمبر جي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن.

مون کي خبر آهي ته عربن ترڪن جي غلامي ۾ رهندي خفيه فريڊم سوسائيٽيون ٺاهيون آهن. اهي سڀئي ڪنهن مناسب موقعي جي انتظار ۾ آهن جيئن پنهنجن آقائن تي جُلهه ڪري انهن جو تختو اونڌو ڪري ڇڏين. مون کي اها به خبر آهي ته ترڪ جڏهن 1914ع واري جنگ ۾ شامل ٿيا ته انهن امڪاني طور بغاوت ڪري وجھندڙ عرب آفيسرن ۽ سپاهين کي ڏورانهن جنگي محاذن تي موڪلي ڇڏيو هو.

سلطان جيتوڻيڪ شريف حسين بن علي کي قسطنطنيه ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي پر شريف جي پٽن علي، عبدالله، فيصل ۽ زيد جديد تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ ترڪي حڪومت جي خلاف بغاوت ۾ عرب فوجن جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ينگ ترڪس (Young Turks) پاران ڪنٽرول ڪرڻ کان پوءِ انهن حسين کي مڪي ڏانهن امير ڪري موڪليو. فيصل تڏهن دمشق ۾ هو ۽ کيس وڏو اعتماد هو ته شام ۾ بغاوت فوراً ڪامياب ٿي ويندي. اتحادي (Allies) جڏهن اسڪندريا بجاءِ دره دانيال ڏانهن وڌيا ته فيصل جا شامي حمايتي يا ته گرفتار ٿي ويا يا ٽري پکڙي ويا تنهن ڪري هن ٻاهريون پنو رکندي ترڪي سان وفاداري جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي پيءُ کي به صلاح ڏني ته هو حالتون وڌيڪ سازگار ٿيڻ تائين جارحاڻي اقدام کي ملتوي ڪري.

انهي دوران ترڪيءَ جيئن ئي جرمني سان اتحاد ڪيو ته برطانوين کي احساس ٿي ويو ته عرب وچ اوڀر ۾ تمام وڏي گڙٻڙ ڪري سگهن ٿا. تنهن ڪري برطانوي پاليسي اها ٿي وئي ته عرب قبائلين کي ريهي ريبي انهن کي سندن مشترڪ دشمن خلاف متحد ڪجي ۽ انهن کي آزادي وٺرائي ڏجي.

مون انٽيليجنس سيڪشن جي اسٽاف ڪيپٽن طور پهريان پاڻ کي ترڪي فوج جي تقسيم ۽ نقشن جي تياري ۾ مصروف رکيو. آءٌ عرب بليٽن به هلائيندو هوس. اهو وچ اوڀر ۾ سياست جو خفيه هفتي وار رڪارڊ هو. پوءِ مون کي وڌيڪ ڪارائتو ڪم ڪرڻ لاءِ عرب بيورو ڏانهن بدلي ڪيو ويو. منهنجو ڪم ڪنهن امڪاني عرب ليڊر جي ڳولها ۽ ڪارگر فوجي طاقت طور قبيلن کي پاڻ ۾ جوڙڻ هو.

آءٌ جدي ۾ عبدالله سان مليس. هو هڪ زيرڪ سياستدان هو. هن پنهنجي ملڪ لاءِ آزادي وٺڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو. پر هو مون کي عرب بغاوت جو روح روان نه ٿي لڳو. آءٌ رابغ ويس ۽ ماٺ ميٺ ۾ علي ۽ زيد جي صلاحيتن جي تڪ تور ڪئي. انهن ۾ جيتوڻيڪ ڪي اهڙيون صلاحيتون هيون جيڪي اسان جي مقصد کي هٿي وٺرائينديون پر انهن مان ڪير به اهڙو ليڊر نه هو جنهن جي آءٌ ڳولها ۾ هوس. آءٌ هڪ گائيڊ ساڻ ڪري اٺ تي چڙهي پراڻي حج واري رستي تي فيصل جي ڪيمپ ڏانهن وڌڻ لڳس.

وادي مارد مان گذرندي خلاّف (Khallaf) اسان سان اچي گڏيو. ظاهر آهي ته هن کي منهنجن ارادن ۽ اڳ پوءِ بابت ڏاڍي هورا کورا هئي. اسان کي اڳتي هلي خبر پئي ته هو ترڪن لاءِ ڪم ڪندڙ جاسوس هو. گائيڊ ۽ آءٌ وادي صفرا وياسين هليا ۽ وسطيٰ جي ڳوٺ ۾ هڪ وڏي گهر وٽ اچي لٿاسين. اسان اتان اڳتي حمراء تائين وياسين جتي مون آخرڪار فيصل کي آمهون سامهون ڏٺو. آءٌ فوراً سمجهي ويس ته هيءُ ئي اهو ماڻهو آهي جيڪو ”عربن جي بغاوت کي عروج تي پهچائيندو“.

فيصل جي نالي ۾ اي. ڊي. سي شڪايت ڪئي ته عربن وٽ ساز سامان گهٽ آهي. انهن کي اٽي، چانورن، جَوَن، رائيفلن، بارود، مشين گنن، مائونٽين گنن، فني سهڪار ۽ ڄاڻ جي ضرورت آهي. مون کيس ٻڌايو ته آءٌ اهو ڏسڻ آيو آهيان ته انهن کي ڪهڙي شي جي ضرورت آهي ۽ پوءِ انهي کوٽ بابت مٿي رپورٽ موڪليان پر مون پاران ڪجھ ڪرڻ کان اڳ مون کي صورتحال جو جائزو وٺڻو پوندو. فيصل پاڻ بغاوت جي شروعات کان وٺي تاريخ ٻڌائي. پوءِ هن مون کي ٻين عرب ليڊرن سان متعارف ڪرايو ”اهي سڀئي ڪنهن سلطنت کي فتح ڪرڻ نه پر انهي مان جان ڇڏائڻ لاءِ وڙهي رهيا هئا“.

مون فيصل جي فوجي جٿن جو معائنو ڪيو ۽ چڱو متاثر ٿيس. پر مون کي اها ڳالهه محسوس ٿي ته اهي جيتوڻيڪ دفاع لاءِ موثر آهن پر انهن ۾ حملي جي سگهه نه آهي. مثال طور اهي توپ جي گولي کان ڊنل هئا. انهن کي جيڪڏهن وڌيڪ توپون ڏنيون وينديون ته انهن جو حوصلو بلند ٿيندو.

هڪ وڏو رهنما دستو مون کي الهندي ڪناري تي ينبوع وٺي ويو. اتان آءٌ ٻيڙي رستي جدي ويس ۽ وري ائڊمرل ويمائس جي دوستاڻي سهڪار ذريعي خرطوم تائين يورائيلس جهاز ذريعي پهتس. اتان قاهره روانو ٿيس ۽ پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. مون جيڪا اميد افزا تصوير پيش ڪئي انهي تي منهنجا سربراهه خوش پئي لڳا. مصر ۾ ملٽري انٽيليجنس جي سربراهه جنرل ڪليٽن منهنجي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ مون کي فيصل جي نئين آرمي بيس ينبوع ڏانهن موڪلي ڇڏيو. اتي آءٌ گارلينڊ سان مليس جيڪو عربن کي ڊائنا مائيٽ ذريعي ريلوي لائينون تباهه ڪرڻ جي سکيا ڏئي رهيو هو. هن مون کي به وڏي ڌماڪيدار مواد سان واقفيت سيکاري. خود سرنگون وڇائيندڙ فوجي جوان به جيڪر اهڙين شين کي تمام احتياط سان کڻڻ پر هو انهن جا ٻڪ ڀري پنهنجن کيسن ۾ وجھي اٺ تي چڙهي هفتي کن جي پنڌ تي حجاز ريلوي ڏانهن روانو ٿي ويندو هو.

مون کي فيصل ڏاڍو ڌيرج وارو، پاڻ تي ضابطو رکندڙ، خوش مزاج ۽ ڪنهن به شڪايت کڻي ايندڙ کي ڌيان سان ٻڌڻ وارو نظر آيو. هن مون کي خبر ڏني ته ترڪن ينبوع تي هڪ اوچتي حملي جي رٿا ڪئي آهي. جيستائين ينبوع جو دفاع مضبوط ٿئي تيستائين دشمن جي توجه هٽائڻ لاءِ هن پنهنجي فوج کي ڏکڻ جي هڪ ڳوٺ ڏانهن موڪلي ڇڏيو. مون ٻه ڏينهن عرب ڪيمپ ۾ گذاريا اتي مون فيصل جي درخواست تي عرب پوشاڪ پهري. پوءِ اسين بندرگاهه جي دفاع ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ينبوع موٽياسين. ترڪ ويجها آيا پر بندر ۾ بيٺل برطانوي جهازن جي توپن جي گولي بازي کان گهٻرائجي جلد ئي پٺتي هٽي ويا.

مون صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ فيصل کي مشورو ڏنو ته هو ڪناري تي ٿورو مٿي وجهه تي قبضو ڪري وٺي. آءٌ ترڪن جي قبضي هيٺ آيل مديني تي به حملي جو حامي هئس. اهڙي طرح فيصل عبدالله کي وادي عيس ڏانهن روانو ڪيو- اهو شهر کان هڪ سو ميل اتر ۾ آهي- ته جيئن هو ترڪن جي دمشق سان مواصلات کي نقصان پهچائي. مون انهي مسئلي تي غور ڪيو ته وجھ آپريشن لاءِ نيوي جي ڪهڙي مدد جي ضرورت پوندي. اسان جي فوجن کي ينبوع کان اتر طرف منتقل ڪرڻ جو اهو مطلب ٿو نڪري ته احتياطي تدبير طور بندر تان سڀ ذخيرا (Stores) کڻڻا پوندا. هر شي اسان جي فائدي ۾ پئي لڳي. شروعاتي قدم (Initiative) ايترو ته مڪمل طور عربن جي هٿ ۾ پئي لڳو جو مون ٻارنهن مهينن جي اندر دمشق ۾ داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

وجھ گيريسن کي جيتوڻيڪ رت جي آخري ڦڙي تائين شهر جي دفاع جو حڪم ڏنو ويو هو پر اسان جي ويجھو پهچڻ تي اهي ٻاهر نڪري ويا. اسين بغير ڪنهن مزاحمت جي اندر ڪاهي وياسين. فيصل سڀ کان پهريان اندر داخل ٿيو. هن کي سفيد پوشاڪ پهريل هئي. سندس ساڄي پاسي کان ڳاڙهي رومال سان شريف ۽ کاٻي پاسي کان آءٌ هوس. پٺيان دهلاري دهل وڄائيندا پئي آيا. انهن جي پٺيان محافظ دستي جا ٻارهن سو اٺ هئا.

پوءِ آءٌ ريگستان جي سخت سفر تي نڪتس جيئن مديني جي اتر ۾ ريلوي لائين تباهه ڪرڻ ۾ عبدالله جي مدد ڪري سگهان. اسان ابوالنعم اسٽيشن جي ويجھو پٽڙي تباهه ڪئي. ٽيهه گرفتار ڪيا ۽ ترڪ گيريسن جي ستر ماڻهن کي ماريو يا زخمي ڪيو.

وجھ پهچڻ تي مون کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ته ريگستان جو هڪ سڀ کان وڏو ويڙهاڪ عوده فيصل سان گڏجي ويو هو. هن منهنجي انهي راءِ جي حمايت ڪئي ته مديني کان عقبه وڌيڪ قيمتي ٿيندو. انهي تي قبضي سان نه صرف عرب محاذ اڳتي وڌندو پر اهو اسان کي برطانوين سان ڳنڍيندو. انهي ڪري اسان اتر اڀرندي طرف کان ريگستان ٽپڻ شروع ڪيو ۽ رستي ۾ وڌ ۾ وڌ رضاڪار گڏ ڪندا وياسين اسان رستي ۾ وڪڙ ڪري بعر کي ڦيرو ڏئي آياسين. اتي ترڪن هڪ ڇڏي باقي سڀ کوهه تباهه ڪري ڇڏيا هئا. سينا جي ويجھو پهچندي اسان کي دشمن جون ڪيتريون ئي خالي ڇڏيل پوسٽون نظر آيون. شهر ۾ ڪجھ باقي بچيل سپاهين هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ عقبه اسان جو ٿي ويو. هاڻي فيصل جي فوج جنرل الين باءِ جي ماتحتي ۾ اڻ کٽ وڳوڙن ۽ مسلسل بغاوت واري ملڪ شام کي فوجي نموني نجات ڏيارڻ ۾ حصو وٺي سگهي ٿي.

اسان اتر طرف پيش قدمي جاري رکي. انهي دوران ترڪي ڇانوڻين تي حملا ڪندا، پلين ۽ ريل گاڏين کي اڏائيندا، ٽيليفون جي تارن کي ڪٽيندا ۽ نوان ريڪروٽ کڻندا وياسين. ڪا به خرابي نه ٿي ايستائين جو آءٌ درا ۾ گرفتار ٿي ويس ۽ ماڻهو مون کي بي (Bey) جي بيڊروم ۾ گهلي ويا. مون جڏهن سندس جنسي پيش قدمي جي مزاحمت ڪئي ته هن مون کي مار ڏياري ۽ لڪڻ هڻايا. آءٌ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ۽ پٺتي ازرق ۾ پنهنجي بيس ڏانهن موٽيس.

منهنجو اڳيون سفر عقبه ڏانهن هو جتي مون جنرل الين باءِ کي رپورٽ ڪيو. آءٌ اڃا هن وٽ ئي هئس جو يروشلم جي سقوط جون خبرون اچي ويون. آءٌ برطانوي ميجر جي وردي ۾ جنرل ڪليٽن جي اسٽاف آفيسر طور شهر ۾ داخل ٿيس. يروشلم ۾ داخل ٿيڻ منهنجي جنگ جو سڀ کان بهترين لمحو هو.

آءٌ جڏهن عرب فوج سان وري اچي مليس ته اسان عقبه جي اتر ۾ ڳوٺن جي جهڳٽي خلاف ڪاروايون شروع ڪيون ۽ پنهنجي سڀ کان تازي مشن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. اها مشن اها هئي ته اسان کي بحيره مردار ۾ ترڪن جي اچ وڃ کي روڪڻو هو. اسان جا جاسوسي گشت ايترا ته ڪارگر ثابت ٿي رهيا هئا جو ترڪن ڪنهن به برطانوي آفيسر جي زنده گرفتار ٿيڻ يا لاش تي هڪ سو پائونڊ انعام رکيو هو. مون کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ته انهن مون تي خاص انعام رکيو هو. منهنجي زنده گرفتاري تي 20،000 پائونڊن ۽ لاش تي ڏهه هزار پائونڊن جو انعام رکيل هو. مون انهن انگن کي جيتوڻيڪ ڪا اهميت نه ڏني پر پنهنجي لاءِ هڪ طاقتور باڊي گارڊ رکي ڇڏيو.

جيريڪو الين باءِ جي هٿن ۾ هو ۽ برطانوي ڪمڪ به وڏي تعداد ۾ پهچي رهي هئي. تنهن ڪري دمشق ۽ شايد اليپو خلاف وڏي جارحاڻي ڪاروائي ڪنهن به وقت شروع ٿي سگهي پئي. الين باءِ جڏهن ٻه هزار اٺ اسان جي حوالي ڪيا ته اسين سمجهي وياسين ته فتح گهڻي پري نه هئي. شيخن گڏ ٿيڻ شروع ڪيو ۽ اسان آخري دفعو انهن آڏو تقرير ڪئي.

اسان پهريان درا تي حملو ڪيو ۽ شهر جي ڏکڻ ۾ ريلوي جي پل کي تباهه ڪيو. پوءِ دمشق ۽ فلسطين جي وچ ۾ ريلوي لائين جي ڏهن ڪلوميٽرن تي قبضو ڪري ورتو. مون کي جيئن ته عربن جي عزت جي احساس جي تمام گهڻي ڳڻتي هئي تنهن ڪري مون انهي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو ته عرب پٺتي هٽي وڃن ۽ برطانوين کي درا تي قبضي جي اجازت ڏين. بهرحال اسان شهر تي قبضو ڪري ورتو ۽ اتر طرف دمشق ڏانهن ڊوڙڻ لڳاسين جيڪو اسان جي ٻن ورهين جي غير يقيني واري صورتحال جو عروج هو.

اسين پهرئين نومبر 1918ع تي دمشق ۾ داخل ٿياسين. اڍائي لک آبادي واري هن شهر ۾ لڳي پيو ته هر مرد عورت ۽ ٻار گهٽين ۾ بيٺو هو. اهي فقط اسان جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ هئا. دمشق خوشي ۾ چريو ٿي ويو. مردن خوشي ۾ پنهنجون ڳاڙهيون ٽوپيون هوا ۾ اڇلايون عورتن پنهنجا نقاب لاهي ڇڏيا. گهرن ۾ بيٺل ماڻهن اسان جي رستي ۾ گل اڇلايا ۽ غاليچا وڇايا.

پر دمشق جي آزادي منهنجي لاءِ هڪ دکدائڪ موقعو هو. مون پنهنجو مشن پورو ٿيڻ کان پوءِ الين باءِ کي چيو ته مون کي رليز ڪيو وڃي. شروع ۾ هو مون کي موڪل ڏيڻ کان هٻڪيو ٿي پر آخر ۾ راضي ٿي ويو. پوءِ اوچتو مون کي محسوس ٿيو ته مون کي ته ڏاڍو افسوس ٿيو هو.

لارينس جي سيون پلرز آف وزڊم کان وڏو جنگ ۽ مهم جوئي جو ڪو داستان نه ايندو. ليکڪ جون ڪهڙيون به چڱايون يا برايون هجن (۽ هن ڪتاب ۾ هو روسو جهڙو کليل ٿي سگهي ٿو) پر هن جي هڪ خصوصيت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. هو هڪ پيدائشي داستان گو آهي. هو سادي ٻولي ۾ عربن جي بغاوت جون خاص ڳالهيون ائين بيان ڪري ٿو جيئن اهي هڪ خاص طور حساس انگريز کي نظر آيون آهن. پڙهندڙ هڪ واقعي کان ٻئي واقعي تي ايتري ته تيز رفتاري سان لڙهندو ٿو وڃي جو هو پوءِ جيڪڏهن پاڻ کان اهو سوال ڪري ته جديد جنگ جي انهن خوفناڪ ڳالهين جو بيان حقيقت هو يا افسانو ته کيس معاف ڪيو وڃي.

نقادن ايستائين به چيو آهي ته لارينس ڪوڙو هو. هنن پنهنجن دليلن جي حمايت ۾ متن مان متضاد ۽ اڻ ٺهڪندڙ ڳالهين ۽ ڪجھ اڻ ٿيڻين جا حوالا ڏنا آهن. انهن جي ڪا به ڳالهه ڪتاب جي بنيادي صداقت ۾ ڪا گهٽتائي نه ٿي آڻي. اها هڪ عام ڳالهه آهي ته آرٽسٽ اڪثر ڪري سچ کي پنهنجي تصور مطابق تخليق ڪندو آهي ۽ لارينس پنهنجي دي سيون پلرز آف وزڊم ۾ بلڪل اهو ئي ڪيو آهي. سندس ڪتاب مان هِتان هُتان ڪو ٽڪرو ڪڍي يا ڪنهن هلڪي مبالغي واري ڳالهه ڪڍي فقط انهي بنياد تي سندس تعريف ڪرڻ يا الزام هڻڻ هن سان ناانصافي ٿيندي.

لارينس اسان کي پاڻ ٻڌائي ٿو ته هن کي پنهنجي سموري زندگي ”ڪنهن تصوراتي اسلوب ۾ اظهار ذات جي طاقت“ جي تمنا رهي. هن جڏهن دي سيون پلرز آف وزڊم لکيو ته بلاشڪ اها طاقت کيس ملي وئي هئي.


§ هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”منهنجي شروعاتي زندگي“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيل آهي. (سنڌيڪار)

¨ (هاڻي پاڪستان جي خيبر پختونخواهه ۽ افغانستان جي سرحد سان لڳندڙ قبائلي علائقا. سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org