اهي ٽئي ڄڻا ڏاڍي خاموش ۽ خوشگوار زندگي گذاريندا
آيا ايستائين جو ڊيوڊ ستن ورهين جو ٿيو. پوءِ هڪ
ڏينهن پيگوٽي کيس پنهنجي ڀاءُ وٽ گهمائڻ وٺي وئي.
هو يار مائوٿ ۾ هڪ گهر ۾ تبديل ڪيل ٻيڙي ۾ رهندو
هو. اتي هنن پندرهن ڏينهن ڏاڍي خوشي ۾ گذاريا. پر
گهر پهچڻ تي ڊيوڊ کي خبر پئي ته کيس مرڊ اسٽون
نالي هڪ نئون پيءُ مليو آهي. اهو ڪيترائي دفعا
سندس ماءُ سان اچي مليو هو. انهي کان کيس فطري طور
هڪ نفرت ٿي وئي هئي.
مرڊ اسٽون ۽ سندس ڀيڻ جيڪا به انهن سان اچي رهي
هئي مڪمل طور مسز ڪاپر فيلڊ تي حاوي ٿي ويا. انهن
اهو به پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ته هو سندس بگڙيل پٽ
کي سڌو ڪندا. ماءُ ۽ پٽ ٻئي ڏاڍا ناخوش هئا.
مرڊ اسٽون ۽ ڊيوڊ جي لاڳاپن جو عروج تڏهن ٿيو جڏهن
مرڊ اسٽون پنهنجي انهي ارادي جو اظهار ڪيو ته هو
ڇوڪري کي پنهنجو سبق ياد نه ڪرڻ تان مار ڏيندو.
ڇوڪري انهي ڊپ ۾ مرڊ اسٽون کي هٿ تي چڪ هڻي ڪڍيو.
ڊيوڊ کي ڪيترائي ڏينهن سزا طور پنهنجي ڪمري ۾ رکڻ
کان پوءِ لنڊن جي ويجھو ”سالم هائوس“ رهائشي اسڪول
۾ موڪليو ويو. انهي اسڪول جو مسٽر ڪريڪل نالي اذيت
پسند هيڊماستر سٺ ڇوڪرن کي دهشت ۾ رکيو ويٺو هوندو
هو. ڊيوڊ جي اتي اسٽيئر فورٿ نالي ڇوڪري سان دوستي
ٿي. اهو هن کان ڇهه ورهيه وڏو هو ۽ سندس مدد ۽
بچاءُ ڪندو هو.
ڊيوڊ ٽرم جي پڄاڻي تي گهر موٽيو ۽ هڪ نئون ڀاءُ
ڏٺائين ايندڙ ٽرم دوران هڪ ڏينهن کيس خبر پئي ته
سندس ماءُ ۽ ڀاءُ فوت ٿي ويا آهن.
مرڊ اسٽون جيئن ته هاڻي ڊيوڊ جي تعليم جو خرچ ڀرڻ
نه ٿي گهريو تنهن ڪري کيس اسڪول مان اٿاري لنڊن جي
ويجھو شراب بوتلن ۾ ڀرڻ واري هڪ فيڪٽري ۾ ڪم تي
بيهاري ڇڏيائين. مرڊ اسٽون اتي مسٽر مڪابر ۽ سندس
ڪٽنب وٽ ڊيوڊ جي رهائش جا پئسا ڀريا باقي سندس کاڌ
پيت بابت سمجهيو ويو ته انهي جا پئسا هو پنهنجي ست
شلنگ هفتي وار پگهار مان پاڻ ڀريندو.
مسٽر مڪابرتي سدائين قرض چڙهيل هوندو هو پر هن وٽ
سدائين پئسو گڏ ڪرڻ جو وڏيون رٿائون هونديون هيون.
پر انهن مان ڪا به ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي. هو تمام
وڏو اميد پرست هو ۽ سدائين انهي انتظار ۾ هوندو هو
ته ”ڪا ڳالهه ٿي پوندي“ پر اها ڪڏهن به نه ٿي ۽
آخرڪار کيس قرضين واري جيل ۾ وڌو ويو جتي سندس
ڪٽنب به اچي هن سان رهيو. پوءِ جڏهن هڪ مائٽ انهن
جو قرض لاٿو ته هو آزاد ٿيا ۽ اهي جيل مان نڪرندي
ئي ”هڪ نئين زندگي گذارڻ پورٽس مائوٿ روانا ٿي
ويا.“
ڊيوڊ فيڪٽري ۾ اڪيلو هو ۽ تمام ناخوش گذاريندو هو
تنهن ڪري هن اتان ڀڄي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. کيس ياد
هو ته هو کيس مس بيٽسي ٽراٽ ووڊ نالي هڪ عجيب غريب
پڦي هوندي هئي جيڪا ڊوور ۾ چريي مسٽر بڪ نالي هڪ
ساٿي سان گڏ رهندي هئي. هن سوچيو ته هو انهي کان
مدد وٺندو ۽ پيگوٽي کان خط لکي گاڏي جي ڀاڙي لاءِ
اڌ گني اوڌر گهريائين. پيگوٽي جي هاڻي شادي ٿي وئي
هئي.
هن کان جڏهن اها اڌ گني چورائجي وئي ته هن پنڌ ڪرڻ
شروع ڪيو ۽ ڏاڍي خطرناڪ سفر کان پوءِ مس ٽراٽ ووڊ
جي گهرڙي وٽ اچي پهتو. هن جڏهن سندس داستان ٻڌو ته
سندس سار سنڀال لهڻ جو فيصلو ڪيائين.
کيس پوءِ ڪينٽربري جي اسڪول موڪليو ويو. جيئن ته
انهي اسڪول ۾ هن جي رهڻ جي جاءِ نه هئي تنهن ڪري
هو پڦي بيٽسيءَ جي وڪيل مسٽر وڪفيلڊ وٽ رهيو. انهي
جي زال مري وئي هئي. هو هڪ وڏي گهر ۾ پنهنجي ڌيءُ
اگنيز (Agnes) سان
گڏ رهندو هو. اها ڊيوڊ جي عمر جي هئي.
مسٽر وڪفيلڊ جو ڪلارڪ هڪ ڏاڍو بد نيت ۽ خوشامدي
ماڻهو هو. انهي جو نالو يورياهه هيپ(Uriah
Heep)
هو. ڊيوڊ انهي کي هڪ رات مسٽر وڪفيلڊ جي آفيس ۾
قانون جا ڪتاب پڙهندي ڏٺو. هن جڏهن هيپ کي چيو،
”منهنجي خيال ۾ تون هڪ وڏو وڪيل آهين“ ته هن کي
پهريون دفعو اهو جملو ٻڌڻ ۾ آيو جنهن کي هيپ جو
تڪيه ڪلام چئي سگهجي پيو“. نه نه! آءٌ ته ڏاڍو
بيوقوف ماڻهو آهيان ۽ ايترو ننڍڙو ماڻهو آهيان جو
حقيقي وڪيل ٿي ئي نه ٿو سگهان.“
ڊيوڊ وڪفيلڊ جي گهر ۾ ۽ اسڪول ۾ مرڊ اسٽون جي گهر
کان گهڻو خوش هو. وقت گذارڻ سان گڏوگڏ هو مک ڇوڪرو (Head
boy) ٿي
ويو ۽ سترهن ورهين جي ڄمار جو ٿيڻ تي سوني واچ ۽
زنجيري ۽ پنهنجي چيچ ۾ منڊي به پائڻ لڳو. هو اسڪول
ڇڏڻ کان پوءِ انهي نوڪري ۾ گهريو جيڪا هن پنهنجي
لاءِ چونڊي هئي. هو لنڊن ۾ اسپينلو ۽ جرڪنس جي لا
آفيس ۾ ڪم ڪرڻ لڳو.
هن کي لنڊن ۾ اڃا ڪجھ مهينا ئي ٿيا هئا جو کيس
اگنيز وڪفيلڊ جو نياپو مليو. هوءَ لنڊن گهمڻ آئي
هئي ۽ کيس اچي ملي وڃڻ جو چيو هئائين. هن کي هوءَ
ڪنهن مصيبت ۾ نظر آئي. سندس پيءُ ڪجھ وقت کان
بيمار پئي ڏسڻ ۾ آيو ۽ هاڻي هن جي طبيعت وڌيڪ خراب
ٿي وئي هئي ۽ يورياهه هيپ ڪاروبارکي سنڀالي رهيو
هو. هن کي خبر پئي هئي ته هيپ پاڻ کي حصيدار ڪرڻ
جي گهُر ڪري رهيو هو.
ڊيوڊ جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ڪاوڙ ۾ رڙ ڪئي ته هن کيس
التجا ڪئي ته اهي جڏهن هڪ ٻئي سان ملن ته هو هيپ
سان شائستگي سان ملي. ائين نه ٿئي جو هو مسٽر
وڪفيلڊ کي ڪنهن طريقي سان نقصان پهچائي.
هيپ اگنيز سان گڏ لنڊن آيو هو ۽ ٻئي ڏينهن هو ۽
ڊيوڊ پاڻ ۾ مليا. هيپ ڊيوڊ کي ٻڌايو ته مسٽر
وڪفيلڊ تمام ناسمجهي پئي ڪئي ۽ جيڪڏهن هو نه هجي
ها ته ڪاروباري طور هن جي بدناموسي ٿئي ها. ڊيوڊ
انهي تي ڪجھ به نه چيو ۽ فقط هيپ جي چالاڪ منهن ۽
بڇڙين ننڍڙين اکين ڏانهن ڏسندو رهيو.
هيپ وري هڪ ٻئي راز تان پردو کنيو. ”مون کي خبر
آهي آءٌ هڪ تمام ننڍڙو ماڻهو آهيان“ هن چيو، ”پر
مون کي سدائين مس اگنيز سان ڏاڍي محبت رهي آهي ۽
مون کي اميد آهي ته اها هڪ ڏينهن منهنجي زال
ٿيندي“.
ڊيوڊ کي ايتري ڪاوڙ اچي وئي جو هو هيپ کي ڌڪ هڻڻ
تي هو. هو فوراً اتان اٿي ويو ۽ سموري رات بي
آرامي ۾ گذارڻ کان پوءِ انهي نتيجي تي پهتو ته هن
لاءِ ماٺ رهڻ ۽ ڪجھ به نه ڪرڻ ئي بهتر ٿيندو.
انهي دوران ڏينهن ۽ هفتا گذرندا ويا. پوءِ هڪ
ڏينهن کيس پنهنجي هڪ مالڪ مسٽر اسپينلو کيس پنهنجي
ڳوٺ واري گهر ۾ ڪجھ ڏينهن رهڻ جي دعوت ڏني. اتي هو
ڊورا اسپينلو سان مليو ۽ کيس اهو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي
ته مس مرڊ اسٽون انهي ڇوڪريءَ جي گورنيس آهي.
پهرئين رات ئي ماني کان پوءِ مس مرڊ اسٽون کيس هڪ
پاسي وٺي وئي ۽ کيس چيائين ته انهن کي هاڻي ماضي
کي وساري ڇڏڻ گهرجي. ڊيوڊ انهي ڳالهه تي راضي ٿي
ويو.
ڊيوڊ ڊورا اسپينلو جي شخصيت جا ڪيترائي پاسا ڏٺا ۽
پنهنجي دوري جي پڄاڻي مهل هو سندس دام محبت جو
اسير ٿي چڪو هو.
هن لنڊن واپسيءَ تي سالم هائوس اسڪول جي هڪ پراڻي
دوست ٽومي ٽريڊلز سان ملڻ جو فيصلو ڪيو. هن سان
ڳالهين دوران کيس خبر پئي ته هو مس مڪابر نالي
ڪنهن ڇوڪري سان محبت ڪري ٿو. هن اڃا ڳالهه پوري ئي
نه ڪئي هئي جو دروازو کليو ۽ مسٽر مڪابر اندر آيو.
هي اهو ساڳيو ئي پوڙهو مڪابر هو. هو ويسٽ ڪنٽري ۾
ڏکيائين ۾ وڪوڙجي ويو هو تنهن ڪري پنهنجي ڪٽنب کي
واپس لنڊن آندو هئائين ۽ اڃا به ”ڪا ڳالهه ٿي پوڻ“
جي انتظار ۾ هو.
ڊيوڊ کي هڪ دفعو وري اسپينلو ڪٽنب وٽ اچي رهڻ جي
دعوت ملي. هن دفعي هن ڊورا کي ٻڌايو ته کيس هن سان
ڏاڍي محبت آهي ۽ هو هن سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو.
بهرحال انهن سوچيو ته جيئن ته هوءَ اڃا ڪجھ ننڍي
آهي ۽ شادي نه ٿي ڪري سگهي تنهن ڪري اهي پنهنجي
تعلق کي ڳجهو رکندا. پر اهي ڊورا جي هڪ سهيلي جي
گهر ۾ اڪثر ملاقاتون ڪندا رهندا هئا.
سندس نئين خوشي جلدئي اها خبر ٻڌڻ سان ڪافور ٿي
وئي ته پڦي بيٽسي ٽراٽ ووڊ پنهنجو سمورو پئسو
وڃائي ويٺي آهي. هن مسٽر اسپينلو کي چيو ته هو کيس
موڪل ڏئي ته هو سندس آفيس ڇڏي ڪا نوڪري هٿ ڪري
جيئن هو پنهنجي پڦي ۽ چرئي ”مسٽر ڊڪ“ جي مدد ڪري
سگهي. اسپينلو انهي ڪم تي هٻڪيو ٿي ۽ اگنيز وڪفيلڊ
جي صلاح تي پنهنجي قانوني سکيا جاري رکيائين ۽ صبح
۽ شام جي وقت ڪينٽر بري جي پنهنجي پراڻي هيڊماستر
ڊاڪٽر اسٽرانگ جي سيڪريٽري طور ڪم ڪري ڪجھ پئسا
ڪمائيندو هو. ڊاڪٽر اسٽرانگ لنڊن ۾ ڪوچنگ جو هڪ
ادارو قائم ڪيو هو. مسٽر ڊڪ به قانوني دستاويزن جي
نقل نويسي جو ڪم ڪري ڪجھ پئسا ڪمائي وٺندو هو.
ڊيوڊ جي زندگي ۾ اهي تبديليون اچڻ کان ٻه ڏينهن
پوءِ مسٽر مڪابر هن وٽ آيو. هن کيس اهو ٻڌائي
حيران ڪري ڇڏيو ته آخرڪار ”ڪا ڳالهه ٿي وئي آهي.“
هن کي وڪفيلڊ ۽ هيپ وارن ڪلارڪ ڪري رکيو آهي ۽ هو
پنهنجي ڪٽنب کي ڪينٽر بري لڏائي وڃي رهيو آهي.
جڏهن نيون رٿائون صحيح نموني هلي رهيون هيون ته
ڊيوڊ هڪ ڏينهن ڊورا وٽ ويو ۽ کائنس پڇا ڪيائين ته
ڇا هوءَ ڪنهن غريب ماڻهو سان شادي ڪندي. هن پهريان
ته اها ڳالهه مڃي ئي نه ٿي ته هو ڪو غريب آهي پر
هن جڏهن کيس يقين ڏياريو ته هن چيو ته هو اڃا هن
سان پيار ڪري ٿي ۽ اهو ته اهي ڪنهن نه ڪنهن نموني
گذارو ڪري ويندا.
پر هاڻي وري هڪ ٻيو ڌچڪو لڳي ويو. ڊيوڊ هڪ صبح جو
آفيس ويو ته هن جي ملاقات مسٽر اسپينلو ۽ مس مرڊ
اسٽون سان ٿي. مسٽر اسپينلو ڏاڍو ڳنڀير نظر اچي
رهيو هو ۽ ڏاڍي رکائي سان پئي ڳالهائين ۽ ڊيوڊ
پاران ڊورا ڏانهن لکيل سندس هڪ Love
Latter کيس
ڏنائين. کيس ٻڌايو ويو ته ڊورا جو ننڍڙو ڪتڙو جِب
انهيءَ خط سان کيڏيو پئي جو اهو مس مرڊ اسٽون کي
هٿ اچي ويو ۽ هن جيتوڻيڪ ڊيوڊ جي دوست رهڻ جو
واعدو ڪيو هو پر اهو خط کڻي اچي مسٽر اسپينلو کي
ڏنائين.
ڊيوڊ تسليم ڪيو ته اهو خط هن لکيو هو ۽ مسٽر
اسپينلو کي ڊورا لاءِ پنهنجي محبت کان به آگاهه
ڪيائين ۽ اهو پڻ چيائين ته هن جيڪڏهن سندن تعلق کي
ڳجهو رکي ناروا ڪم ڪيو اهي ته انهي تي هو معافي جو
طلب گار آهي.
”تنهنجو منهنجي ڌي سان ڪو تعلق نه آهي“. اسپينلو
رڙ ڪئي ”۽ نه ئي ڪڏهن رهندو. توکي مون سان واعدو
ڪرڻو پوندو ته تون ڊورا سان نه ملندينءَ نه ئي
ڪڏهن ڪو خط لکندين“.
”آءٌ اهڙو ڪو به واعدو نه ٿو ڪري سگهان“. ڊيوڊ کيس
چيو. ٻئي ڏينهن صبح جو آفيس پهچڻ تي ڊيوڊ کي خبر
پئي ته مسٽر اسپينلو گذريل رات اوچتو گذاري ويو
آهي. هن ڪا به وصيت نه ڇڏي هئي سندس سمورا معاملا
مونجهاري جو شڪار هئا ۽ هاڻي ڊورا به ڊيوڊ جيتري
ئي غريب ٿي وئي هئي. هن کي پنهنجيون پڦيون لنڊن جي
ٻئي پاسي پاڻ سان گڏ رهائڻ وٺي ويون.
ڊيوڊ جي پڦي بيٽسي پنهنجي ڀائيٽي جي مصيبت جو
احوال ٻڌي ڏاڍي پريشان ٿي وئي هئي. هن کيس ڊوور
موڪليو ته هو سندس گهرڙي کي ڏسي وائسي اچي جيڪو هن
مسواڙ تي ڏنو هو. هو واپسي تي ڪينٽر بري ۾ اگنيز
وڪفيلڊ سان ملندو آيو.
انهي رات جو مانيءَ کان پوءِ يورياهه هيپ ڊيوڊ جي
موجودگيءَ ۾ پنهنجي انهيءَ خواهش جو اظهار ڪيو ته
هو اگنيز سان شادي ڪرڻ گهري ٿو. مسٽر وڪفيلڊ کي
اها ڳالهه ٻڌي ايترو ته صدمو پهتو جو ٿوري دير
لاءِ ائين پئي لڳو ته هو هوش حواس وڃائي ويٺو آهي.
لنڊن ۾ ڊيوڊ اگنيز جي صلاح تي هلندي ڊورا جي پڦين
کان خط ذريعي انهن وٽ اچڻ جي موڪل گهري. انهن کيس
آڇ ڪئي ته هو جڏهن به گهري انهن وٽ اچي. اهي
جيتوڻيڪ اڃا به هن پاران ڊورا سان شادي ڪرڻ تي
راضي نه هيون پر کيس اها موڪل ڏنائون ته هو هفتي ۾
ٻه دفعا چانهه تي اچي سگهيو ٿي. انهي تي هو بلڪل
سامت ۾ اچي ويو.
هفتا، مهينا ۽ مندون گذرنديون ويون. آخر هڪ وقت
اهڙو به آيو جو اسپينلو مايون ڊيوڊ ۽ ڊورا جي شادي
تي راضي ٿي ويون. هاڻي هن جي عمر ايڪويهه ورهيه ٿي
وئي هئي ۽ هن کي خبر پئجي وئي هئي ته هن کي لکڻ جي
ڏات آهي. هو جيڪو ڪجھ لکندو هو اهو اخبارون معاوضا
ڏئي خريد ڪري وٺنديون هيون اهڙي طرح هو ساليانو هڪ
هزار پائونڊ يا انهي کان به وڌيڪ ڪمائڻ لڳو.
هاڻي شادي جو ڏينهن به اچي ويو. هو ۽ سندس پياري
ڊورا هڪ ننڍڙي آرامده گهر ۾ رهيا. اهو انهن لاءِ
پيگوٽي تيار ڪيو هو. ڊورا ڪا ماهر گهر ڌڃاڻي ثابت
نه ٿي. پر ائين لڳندو هو ته سندس ناڪاميون ۽
ڪمزوريون کيس ڊيوڊ جي نظرن ۾ اڃا وڌيڪ پيارو بڻائي
رهيون هيون.
ڊيوڊ پاران شادي ڪرڻ کان ڪجھ مهينا پوءِ کيس مسٽر
مڪابر وٽان هڪ خط مليو. اهو ڏاڍين پراسرار ڳالهين
سان ڀريل هو. هن ڊيوڊ سان لڪ ڇپ ۾ ملاقات ڪرڻ گهري
ٿي.
ڊيوڊ کي به ڏاڍو تجسس هو تنهنڪري هو راضي ٿي ويو.
گڏجاڻي ۾ مسٽر مڪابر اڳ ۾ به ڪجھ هٻڪيو پئي پر
پوءِ وٺي رڙيون ڪيائين ته ”هيپ هڪ بدمعاش، ٺڳ،
ڪوڙو ۽ چور آهي!“ هن چيو ته هو جيڪڏهن گڏجي ڪينٽر
بري ويا ته هو اها ڳالهه ثابت ڪري ڏيکاريندو.
هن وڌيڪ ڪجھ نه چيو ۽ پوءِ ڊيوڊ، سندس پڦي بيٽسي ۽
سندس دوست ٽريڊلز ڪينٽر بري ويا ۽ مسٽر مڪابر انهن
جي موجودگي ۾ هيپ تي اهو الزام هنيو ته هن مسٽر
وڪفيلڊ ۽ پڦي بيٽسي سميت سندس اصيلن جا پئسا
چورايا هئا ۽ هو اها ڳالهه ثابت ڪري سگهيو ٿي.
هيپ هاڻي مجبور ٿي پيو ته پئسا واپس ڪري ۽ وڪفيلڊ
وارن وٽان نوڪري ڇڏي وڃي.
جلدئي انهن کي خبر پئي ته مڪابر وارن آسٽريليا لڏي
وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڊيوڊ انهن کي الوداع چوڻ
ويو ۽ گهر موٽي اچي ڏٺائين ته ڊورا بيمار پئي هئي.
پڦي بيٽسي ڊورا جي تيمارداري ڪرڻ لاءِ انهن وٽ اچي
رهي پر سندس سموري مهارت ۽ توجه ڊورا کي صحت واپس
نه ڏئي سگهي ۽ هوءَ جلدئي گذاري وئي.
ڊيوڊ پنهنجي زال جي موت جي صدمي مان نڪرڻ لاءِ
سئٽزرلينڊ رهڻ ويو هليو. اتي هن هڪ ناول لکيو جنهن
کيس مشهور ڪرائي ڇڏيو. ٽن ورهين جي پڄاڻي تي سندس
ڏک گهٽجي ويو ۽ کيس پنهنجي زال جي سونهن ۽ لطافت
کان سواءِ ٻيو ڪجھ ياد نه رهيو. هن اوچتو وطن واپس
وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
هن ٻاهر رهڻ دوران اگنيز وڪفيلڊ بابت گهڻو سوچيو
هو هاڻي کيس محسوس ٿي رهيو هو ته کيس هن سان پيار
هو.
هو پڦي بيٽسي سان ڊوور واري گهرڙي ۾ رهڻ ويو هليو.
پيگوٽي به اتي رهندي هئي. اتي رهندي هو ڪينٽر بري
به ويو ۽ اگنيز کي پنهنجي محبت جي باري ۾ به
ٻڌايائين.
هن جي اکين مان ڳوڙها وهندا رهيا ۽ پنهنجا نرم
هٿڙا سندس ڪلهن تي ڦيريندي، سندس منهن ۾ ماٺ ميٺ ۾
نهاريندي هن به اقرار ڪري ڇڏيو ته: ”پيارا آءٌ
پنهنجي سموري زندگي توسان محبت ڪندي رهي آهيان.“
ڊڪنس اها آکاڻي بيان ڪندي پنهنجي نثر نويسي جي
مکيه خصوصيتن سادگي، جذبات نگاري ۽ پر مزاح جملن
کي بهترين پد تي پهچايو آهي. جذباتي ۽ غنائي
خصوصيت خاص طور ڊورا جي سرور ڀريل بيانن ۾ نظر اچي
ٿي. ناول جي اهم خصوصيتن مان هڪ بياني بجاءِ
مڪالمي جو وڏو تناسب آهي. مڪالما بلڪل فطري آهن،
انهن جو انداز به هر جاءِ مختلف آهي ۽ اهي هر
ڪردار تي ٺهڪندڙ آهن. ڊڪنس جي مشاهدي جي تمام گهڻي
قوت به ٻين اڪثر ناولن بجاءِ ڊيوڊ ڪاپر فيلڊ ۾
تمام گهڻي نظر اچي ٿي.
ناول ۾ ڪيترائي بهترين بياني ٽڪرا به آهن. جهڙوڪ
پيگوٽي جي گهر جو بيان، سالم ۾ ڪلاس جي ڪمري جو
احوال ۽ گريو سينڊ کان اڳتي لڏي ويندڙن جي ٻيڙي جي
اندروني حصي جو احوال ڏنل آهي. اڪثر نقادن جي اها
دعويٰ حق بجانب ٿي سگهي ٿي ته انهي ٽڪري جي
انگريزي زبان جي سڀ کان بهترين بياني ٽڪرن سان ڀيٽ
ڪري سگهجي ٿي.
ڊڪنس هڪ جذبات نگار هو ۽ سندس اڪثر ناولن ۾ اهڙا
ٽڪرا آهن جن ۾ هن درد ۽ جوش کي حد کان وڌيڪ ڪري
پيش ڪيو آهي. پر هو ڊيوڊ ڪاپر فيلڊ ۾ ڪيترائي اهڙا
ٽڪرا لکي ويو آهي جن ۾ انهي خامي کان بچي ويو آهي.
ڪهاڻي جي سڀ کان وڏي سگهه ڊيوڊ جي ڪردار کي اڀارڻ
آهي. ڊڪنس پنهنجي ڪهاڻين ۾ سدائين تمام گهڻا ڪردار
پيش ڪندو آهي. انهن جي وڏي اڪثريت انهي لحاظ کان
غير حقيقي هوندي آهي جو اهي يا ته تمام گهڻا سٺا
يا تمام گهڻا خراب هوندا آهن. انهن ۾ ڪهاڻي اڳتي
وڌڻ سان ڪا به تبديلي يا بهتري نه ٿي اچي. پر انهن
سڀني کي هڪ افسانوي حقيقت هوندي آهي. اها انهي
چٽائي جو نتيجو هوندي آهي جنهن سان ڊڪنس انهن کي
ذهن ۾ آڻيندو آهي ۽ ڊرامائي انداز سان هو انهن کان
مُڪالما ادا ڪرائيندو آهي.
ڊيوڊ انهي طبقي ۾ نه ٿواچي. اها هڪ مڪمل تخليق
آهي. سندس سٺيون ڳالهيون ۽ ڪمزوريون منظر تي اچن
ٿيون ۽ آکاڻي اڳتي وڌڻ سان ڊيوڊ به ڇوڪري مان وڌي
نوجوان ۽ پوءِ سمجهدار بالغ شخص ٿئي ٿو. اهو هڪ
مڪمل ڪردار آهي ۽ اها ڳالهه عملي طور ڊڪنس جي ٻئي
ڪنهن به مک ڪردار بابت نه ٿي چئي سگهجي.
ڊيوڊ ڪاپر فيلڊ جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي آهي انهي جي
باوجود به انهي کي غلطين کان پاڪ شاهڪار ڪري پيش
ڪرڻ غلط ٿيندو. انهي ۾ جوڙجڪ اسلوب ۽ ڪردار نگاري
جون ڪي اوڻايون آهن پر انهن سڀني تي اها حقيقي
انسانيت غالب ٿي وڃي ٿي جيڪا فڪشن جي انهي عظيم ڪم
کي ايتري شاندار نموني چمڪائيندي رهي ٿي.
49. دي اسڪارليٽ ليٽر (ڳاڙهو اکر)
-- نيٿا نيل هاٿورن --
نيٿانيل هاٿورن 1804ع ۾ ميسا چوسيٽس رياست ۾ سالم (salem) ۾
هڪ پيوريٽن خاندان ۾ ڄائو. سندس شروعاتي زندگي
اڪيلائي ۾ ويهي نفس جي اندروني مشاهدي (Introspection) لاءِ
وقف رهي. اها ڳالهه به اهميت کان خالي نه آهي ته
هن سورهن ورهين جي ڄمار ۾ جيڪو مضمون لکي ڇپرايو
انهي جو عنوان ”اڪيلائي“ (Solitude) هو.
اها ڳالهه به اهميت رکي ٿي ته هو هڪ سچي پچي گوشه
نشين وانگر پاڻ کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندو هو
جيئن زندگي بابت سوچ ويچار ڪري ۽ پنهنجن تمام
اندروني ويچارن کي تحريري صورت ۾ آڻڻ جي مشڪل فن
تي مهارت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ بار بار ويٺو لکندو
هو.
هو بوڊوئن (Bodoin) ڪاليج
برنس وڪ ۾ پڙهيو هو جتي لانگ فيلو ۽ فرينڪلن پيئرس
به هن سان گڏ پڙهيا هئا. فرينڪلن پيئرس اڳتي هلي
يونائيٽڊ اسٽيٽس جو صدر ٿيو ۽ هن سان گهاٽي دوستي
ٿيس.
صوفيا پي باڊي (Peabody) سان
سندس 1842ع ۾ شادي سان سندس بي مقصد سوچ ويچار
وارو دور ختم ٿي ويو ۽ هن پاڻ کي وڌيڪ بامقصد
تحريري ڪم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هن بوسٽن ڪسٽمز
هائوس ۾ وزن ڪندڙ (Weigher) جي
نوڪري ورتي ۽ پنهنجي واندي وقت ۾ ٻارن لاءِ
ڪهاڻيون لکڻ لڳو. هو اڳيئي Twice
Told Tales جا
ٻه سلسلا ڇپائي چڪو هو ۽ 1846ع ۾ Mosses
from an old Manse منظر
تي آيو. تڏهن سندس حيثيت اهڙي ڪڏهن به نه هئي جو
فقط پنهنجي تحريرن جي معاوضي تي گذارو ڪري سگهي.
سالم ۾ سروئير آف ڪسٽمز واري نوڪري ٽي سال هلي ۽
اها جڏهن سياسي دٻائن جي نتيجي ۾ اوچتو ختم ڪئي
وئي ته سخت ضرورت کيس The
Scarlet Letter تي
ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو. هن کي انساني دل ۽ روح بابت
جيڪا به ڄاڻ هئي هن اها انهي ڪهاڻي ۾ ڪم آڻي ڇڏي.
هڪ لحاظ کان اهو پاڻ تي مڙهيل اڪيلائي ۽ پاڻ کي
ليکڪ جو هنر سيکارڻ لاءِ پنهنجي تربيت جي ٻارنهن
ڊگهن ورهين جو معاوضو هو.
دي اسڪارليٽ ليٽر 1850ع ۾ ڇپيو. تڏهن انهي جي ليکڪ
جي عمر 46 ورهيه هئي. انهي ناول کيس هڪ استاد طور
مڃتا ڏياري ڇڏي. انهي کان پوءِ تڪڙا تڪڙا ٻيا ڪتاب
به آيا. The
House of the Seven Cables سن
1851ع ۾: The
Blithe date Romance سن
1852ع ۾ ۽Tangle
wood Tales 1853ع
۾ آيو.
فرينڪلن پيئرس لاءِ هڪ چونڊ مهم جو نوٽ لکڻ تي کيس
لورپول ۾ آمريڪا جو قونصل مقرر ڪيو ويو. پر هو
لڄوڙي طبيعت سبب برطانوي يا يورپي ليکڪن ۾ واقفيت
پيدا ڪرڻ جي موقعي کي ڪم نه آڻي سگهيو. هن ڏيڍ سال
اٽلي ۾ به گذاريو هو. هو جڏهن 1860ع ۾ آمريڪا
موٽيو ته سندس توانائيون موٽ کائي ويون هيون ۽ هو
پنهنجي عمر جي سٺين ورهيه ۾ اوچتو فوت ٿي ويو.
هو پنهنجي ڪنهن به ڪتاب ۾ The
Scarlet Letter جي
برابر نه اچي سگهيو. پر اهو ضروري به نه هو. سندس
اهو ڪم ئي تمام وڏي حيثيت وارو آهي.
اها پڪ آهي ته ڪا به هيروئين ڪنهن به ناول ۾ ايتري
اڻ وڻندڙ انداز ۾ داخل نه ٿي هوندي جيتري اڻ وڻندڙ
انداز ۾ هيسٽر پرائين (Hester
Prynne) هاٿورن
جي شاهڪار جي شروعاتي صفحن ۾ داخل ٿئي ٿي. هن کي
جيل جي دروازي کان ڪاٺ (pillory) وٽ
اچي بيهاريو وڃي ٿو. هوءَ پنهنجو ناجائز ٻار
پنهنجي گائون جي سيني سان چنڀڙايون بيٺي آهي.
ماڻهن کيس مجبور ڪري انهي گائون تي انگريزي جو اکر
”A“
لال ڳارهي رنگ ۾ برٿ ڀرايو آهي. انهي اکر مان Adulteress (يعني
حرامڪار) جو مطلب نڪري ٿو. برٿ جي ڪم مان هڪ ئي
وقت فنڪاراڻو انداز به جهلڪي ٿو ۽ انهي تي سونهري
ڌاڳي سان نمائشي ور وڪڙ به ٺهيل آهن. انهي مان
اندازو ٿئي ٿو ته اهو پهريندڙ وٽ هنر به آهي ۽
آزادي به آهي. عورت ڊگهي ۽ ٺاهوڪي آهي. وار گهاٽا
۽ ڪارا اٿس انهن ۾ ايتري چمڪ آهي ”جو اهي سج جي
ڪرڻن کي هڪ تجلي سان منعڪس ڪن ٿا: سندس مهانڊا
سهڻا ۽ رواجي آهن. چمڙيءَ جو رنگ وڻندڙ ۽ اکيون
گهاٽيون ڪاريون اٿس. اها ڏاڍي وڻندڙ ۽ نسوانيت سان
ڀريل لڳي رهي هئي. انهي جي باوجود به کيس مجبور
ڪيو ٿو وڃي ته پنهنجي شرمساري جو عوام ۾ اظهار
ڪري. اهو منظر سترهين صدي جي بوسٽن جو آهي. تڏهن
سخت گير Puritans جي
حڪومت هوندي هُئي.
ليکڪ به انهي ٺاهوڪي هيروئن جي بدناميءَ واري
مصيبت ۾ پنهنجي پاران ڪا خاص عرضداشت نه ٿو ڪري.
هو فقط حقيقتن جو بيان ڏيندو وڃي ٿو. کيس ٻه ورهيه
اڳ سندس پوڙهي مڙس انگلينڊ مان روانو ڪيو هو. سندس
ارادو هو ته هو به اچي هن سان ملندو. ٻين شهرين کي
هن جي پيءُ بابت ڪا خبر نه آهي. هو پاڻ سندس نالو
ظاهر ڪرڻ کان نابري واريون بيٺي آهي. تنهن ڪري ئي
کيس اها سزا ڏني وئي آهي ته هو مقامي ڪاٺ ۾ وجھڻ
واري ڪل(Pillory) جي
دڪي تي ٽي ڪلاڪ ماڻهن سامهون بيٺي رهي. سندس کير
پياڪ ٻار سندس هنج ۾ آهي ۽ الزام وارو اکر سندس
سيني تي آهي.
عوام کي جيتوڻيڪ انهي ڳالهه جي خبر نه آهي پر ليکڪ
پڙهندڙ کي انهي ڳالهه کان واقف ڪرائي ٿو ته انهي
دائمي ٽڪنڊي جا ٻه ٻيا مک مارڪيٽ ۾ بيٺل تماشبينن
۾ موجود آهن. سندس مڙس تازو بوسٽن ۾ پهتو هو. هاڻي
سندس نالو راجر چلنگ ورٿ هو. هو ماڻهن جي ميڙ جي
وٽ سان بيٺو هو. سندس گيدي عاشق ريورنڊ آرٿر ڊمس
ڊيل گرجا گهر جي بالڪني تي بيٺو هو. هو عيسائين جي
ڪالويني فرقي جو پادري هو. بوسٽن جو سڀ کان وڏي
عمر وارو پادري هن جي ڀرسان بيٺو هو.
ڊمس ڊيل نوجوان ماءُ کي فهمائش ڪرڻ جو ڪم پنهنجي
وڏي پادري لاءِ ڇڏي ٿو. هاڻي اهڙي طرح پڙهندڙ
جيتوڻيڪ سندس ڪردار جي ڪمزوريءَ کان واقف ٿي وڃي
ٿو پر اها ڳالهه اهميت رکي ٿي ته هاٿورن پاڻ ڪنهن
تي به ڪا لعنت ملامت نه ڪئي آهي. هو پنهنجا ڪردار
۽ اهي جنهن صورتحال ۾ موجود آهن اها پيش ڪري ڇڏي
ٿو ۽ پڙهندڙ کي پنهنجا رايا ۽ احساس جوڙڻ ۾ بلڪل
آزاد ڇڏي ڏئي ٿو.
ڪهاڻي پڙهندي پهريون ردعمل اهو پيدا ٿي سگهي ٿو ته
اها به ڪنهن اهڙي پوڙهي مڙس جي عام رواجي ڪهاڻي
آهي جنهن کي نوجوان پُرجذبات زال دوکو ڏئي ٿي. ان
کي وري هڪ بي حيثيت عاشق دوکو ڏئي ٿو. پر جيئن
ڳالهيون کلنديون وڃن ٿيون ته جلدئي اها ڳالهه ظاهر
ٿي وڃي ٿي ته اهو انساني طاقت ۽ ڪمزوري جو گهرا
نقش ڇڏيندڙ ۽ عالمي معنائون رکندڙ اڀياس آهي.
ناول جو پورو منظر ئي علامتي ٿو لڳي. نيو انگلينڊ
جي اوائلي آبادي وسيع اڻ دريافت ٿيل آمريڪي کنڊ
واري پرورش ڪندڙ ملڪ ۽ وسيع اوقيانوس سمنڊ جي وچ ۾
ڦاٿل ۽ ورهايل پئي لڳي. اهو سمنڊ انهن کي پنهنجي
انگلستان وارن اصل علائقن کان جدا ٿو ڪري. اتي
ماحول به بلڪل نئون آهي ۽ قدر به نوان آهن. ٽن مک
ڪردارن کي به انهي محدود ۽ بند ماحول ۾ پوپٽن
وانگر پرن کي پِنون هڻي بيهاريو ويو آهي ۽ وڏو
سُمجهو ليکڪ انهن جي هر خصوصيت جو ڌيرج واري ۽ اڻ
ڌري درستگي سان جائزو وٺندو وڃي ٿو.
پڙهندڙ کي آهستي آهستي خبر پوي ٿي ته اهي ٽئي
بدقسمت انسان Puritanism جي
تنگ نظر دنيا ۽ خود پنهنجين شخصيتن جي اهڙن
بنديخانن ۾ اهڙي مضبوطي سان واڙيل آهن جتان فرار
ممڪن ڪونهي هيسٽر پنهنجو پاڻ سان اهو عهد ڪري ڇڏيو
آهي ته هوءَ وات بند رکندي ۽ سموري زندگي چڱا ڪم
ڪري پنهنجي خطا جو ڪفارو پئي ڏيندي. سندس پوڙهي
مڙس کي اها ئي ڳالهه ذهن ۾ ويٺل آهي ته هو سندس
ڪانئر عاشق کان اڻ لکو ۽ ڊگهو بدلو وٺي. آرٿر ڊمس
ڊيل جو ڏوهي راز هن تي ڏينهون ڏينهن وڌ کان وڌ
ڀاري ٿيندو وڃي.
هاٿورن انساني خامين بابت پنهنجي ماهراڻي ڄاڻ سان
انهن ڪردارن جي آهستي آهستي ۽ گهرائي سان اکيل
ڪندو ٿو وڃي. هو نفسياتدانن ۽ تحليل نفسي جي ماهرن
کان اڳ انهن جي ذهنن، انهن جي ڪردارن ۽ خود انهن
جي روحن کي ڦلهوري ٿو. ۽ ائين ڪندي هو پنهنجو
ڪنيواس به وسيع ڪندو وڃي ٿو ۽ وڏي مهارت سان هڪ
اهڙي حڪايت پيش ڪري وڃي ٿو جنهن ۾ نيڪي ۽ بدي جا
اڻ لکا اندروني وهڪرا به هلندا رهن ٿا. هن جي
دائمي ٽڪنڊيEternal
Triangle ۾
سمورو زور دائمي تي آهي. سندس ڪردار ڪي غير رواجي
جا پلاٽ لاءِ خاص طور ٺهيل ڪاٺ پتلا نه آهن. اهي
رت ۽ گوشت جا اهڙا انسان آهن جيڪي پاڻ تي مقدر جي
ڇڪ محسوس ڪن ٿا. اهرو مقدر جيڪو انهن پنهنجي لاءِ
پاڻ جوڙيو آهي. ۽ جيئن ته انهن اهي مسئلا به پاڻ
پيدا ڪيا آهن جيڪي انهن کي ڦاسائي بيٺا آهن تنهن
ڪري هو اها ڳالهه واضح ڪري ٿو ته انهن جا حل به
انهن کي پاڻ ڪڍڻا آهن.
اهي ٽئي پنهنجا انفرادي مسئلا ڪيئن حل ڪندا انهي
مان ئي دلچسپي جو اهو ڌاڳو ملي ٿو جيڪو پڙهندڙ کي
هاٿورن جي وڏي توجه سان لکيل شاعراڻي نثر مان اڳتي
وٺي هلندو ٿو رهي. سندس ماهراڻي جوڙجڪ ۽ ماهراڻي
ڪردار نگاري سان دلچسپي برقرار رهندي اچي ٿي.
هيسٽر آزادي کان پوءِ پنهنجي مڙس سان ٿيل هڪ
شروعاتي ملاقات ۾ پنهنجي عاشق جي سڃاڻپ جو ڳُجهه
سلڻ کان بلڪل نابري واري ٿي. چلنگ ورٿ کي جيتوڻيڪ
اڳ ۾ حقيقت جو پتو پئجي ويو آهي پر هو کيس سندس
بابت به ساڳئي ماٺ لاءِ پابند ڪري ٿو. هو جنهن
خاموشي جو مطالبو ڪري ٿو هوءَ انهي جو اقرار ڪري
ٿي ڇڏي. اهڙي طرح اسين انهي دلچسپ صورتحال ۾ اچي
وڃون ٿا جنهن ۾ چلنگ ورٿ کي بجا طور شڪ آهي ته هن
سان ڪنهن بي واجبي ڪئي آهي پر ڊمس ڊيل کي اهو
اندازو ئي نه آهي ته هيسٽر جو مڙس هاڻي انگلينڊ ۾
نه آهي.
هيسٽر جو هڪ خيال اهو آهي ته هوءَ پنهنجي آزادي
برقرار رکي. هوءَ آبادي جي ڇيڙي تي هڪ اڪيلي گهرڙي
۾ وڃي رهي ٿي ۽ گذر سفر جيترا پئسا ڪمائڻ لاءِ برٿ
جي ڪم ۾ مشغول رهي ٿي ۽ پنهنجي فارع وقت ۾ پنهنجي
ڌيءُ پرل جي پالنا ڪري ٿي ۽ ڀلائي جا ڪم ڪري ٿي.
جڏهن سندس ڌيءُ عمر ۾ وڌڻ شروع ٿئي ٿي ته اختيارين
پاران اها هن کان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. هوءَ
ريورنڊ ڊمس ڊيل کي اپيل ڪري ٿي ته هو هن جي پاران
ڳالهائي. هو ائين ڪري ٿو ۽ گورنر کي هنن لفظن ۾
مخاطب ٿئي ٿو: ”اهو ٻار پنهنجي پيءُ جو ڏوهه ۽
پنهنجي ماءُ جي لڄ جهڙي ڪم سبب پر خدا جي مرضي سان
تخليق ٿيو آهي. اهو ڪيترن ئي لحاظن کان سندس دل تي
بار بڻجندو رهي ٿو. اها ڏاڍي سچائي سان ۽ ڏاڍي
ڏکايل روح سان عرض ٿي ڪري ته کيس ٻار پاڻ وٽ رکڻ
جو حق ڏنو وڃي ٿو. ٻار ته رحمت هوندا آهن ۽ اهو ته
سندس سموري ڄمار لاءِ رحمت هجي ها پر سندس ماءُ
اسان کي ٻڌايو آهي ته اهو هن لاءِ سندس ڏوهه جي
مڪافات به آهي. اهو هڪ درد آهي جيڪو وقت بوقت کيس
محسوس ٿيندو رهي ٿو. اها هڪ چوٽ آهي، هڪ ڏنگ آهي ۽
پُر درد خوشي ۾ بار بار جاڳي پوندڙ ايذاءُ آهي.
هيسٽر پر ائين جي صدقي ۽ ويچاري ٻار جي صدقي به
خداوند انهن کي جهڙي حالت ۾ رکيو آهي اچو ته اسين
به انهن کي انهي حالت ۾ ڇڏي ڏيون“.
جنهن وقت اها پر زور درخواست ٿي رهي هئي راجر چلنگ
ورٿ به اتي بيٺو هو. انهي ريورنڊ ڏانهن نهاريندي
مرڪندي چيو: ”منهنجا دوست تون ته ڏاڍي عجيب خلوص ۽
سچائي سان ڳالهايو آهي.“ هن جا ڊمس ڊيل جي ڏوهه
بابت شڪ شبها پڪا ٿي ويا.
درخواست ڪامياب ٿي وئي. هيسٽر کي ٻار پاڻ وٽ رکڻ ۽
پنهنجي زندگي پنهنجي چونڊيل ڪم لاءِ وقف ڪرڻ جي
موڪل ملي وئي. آرٿر ڊمس ڊيل جيئن ته اڃا پنهنجو
ڏوهه لڪائي ويٺو هو تنهن ڪري کيس ايترو وقت ماڻهن
کي دوکي ۾ رکڻ جي دٻاءُ جي سبب پنهنجي صحت ڪرندي
محسوس ٿي رهي هئي. رٿون رٿيندڙ چلنگ ورٿ انهي
حقيقت کان غافل نه هو. هو هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو آهي
۽ طب جي ڪجھ ڄاڻ جون به دعوائون ڪري ٿو. هو ڄاڻي
واڻي پادري سان دوستي رکي ٿو ۽ هن جو اعتماد حاصل
ڪري ٿو. کيس ايترو به چوي ٿو ته هو سندس گهر ۾ اچي
رهي. ڊمس ڊيل کي اڃا به چلنگ ورٿ جي صحيح سڃاڻپ جي
خبر نه آهي ۽ اڻ لکي دٻاءُ ۾ اچي پاڻ کي صوفي
(چلنگ ورٿ) جي مريض جي حيثيت ۾ پيش ڪري ٿو ڇڏي.
چلنگ ورٿ انهي کان بهتر ڪنهن ڳالهه جي اميد ئي نه
ٿي ڪري سگهيو. هاڻي اهو ڪمزور ارادي وارو دغا باز
هن جي پنهنجي ڇت هيٺان رهي ٿو ۽ سندس مڪمل ڪنٽرول
۾ آهي. اهڙي طرح هو انهي هيسيل ۽ اعصابي دٻاءُ جو
شڪار مخلوق کي پنهنجو شڪار بڻائي ٿو ۽ هاٿورن جي
لفطن ۾: ”هو هاڻي پادري جي دل کي ائين کوٽي ٿو
جيئن ڪو کاڻ مزدور سون جي ڳولها ۾ کاڻ ۾ کوٽائي
ڪندو آهي يا هو ڪنهن گورڪن وانگر قبر ۾ ٿاڦوڙا پيو
هڻي. هو ڪنهن جواهر جي ڳولها ۾ هوندو آهي ته اهو
متان لاش جي سيني مٿان رکيو ويو هجي پر کيس لاش ۽
ڌپ کان سواءِ ڪجھ نه ٿو هٿ اچي.
هاٿورن انهي موضوع کي مسلسل فوڪس رکڻ جي ڪوشش ۾
تبديليون به ڪندو رهي ٿو. هو ڪڏهن ڪڏهن واري ڦيري
سان پورو هڪ باب ڪنهن هڪ ڪردار لاءِ وقف ڪري ٿو ته
ڪڏهن انهن کي مختلف درجي جي جوڙن سان پيش ڪري ٿو.
ڪهاڻي جي هن مختصر خاڪي ۾ ڪجھ بابن جا نالا ڏيڻ
سان به خبر پئجي ويندي ته ليکڪ ڪهڙي نه هوشياريءَ
سان پڙهندڙ کي چئن مک ڪردارن بابت باخبر رکڻ سان
گڏوگڏ بيان کي به اڳتي هلائيندو رهي ٿو. هيسٽر برٿ
ڀريندي: پرل؛ پَرينُ جو ٻار ۽ پادري؛ ڄورَ؛ ڄور ۽
سندس مريض؛ پادري ۽ سندس چوڪسي؛ هيسٽر تي ٻيو دفعو
نظر؛ هيسٽر ۽ پرل.... اهڙي طرح ڪردار ۽ انهن جا
لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ اڳتي وڌندا ۽ مڪمل ٿيندا وڃن
ٿا.
پوءِ اهي ٽي باب اچن ٿا جيڪي اوچتو سموري ڪهاڻي کي
هڪ نئون موڙ ڏئي ٿا ڇڏين. هيسٽر پرل سان گڏ آرٿر
ڊمس ڊيل سان گڏ ٻيلي ۾ ملي ٿي. انهي دوران پرل ته
زمين جي هڪ خالي ۽ روشن ٽڪري تي معصوميت سان راند
کيڏندي رهي ٿي پر هيسٽر ۽ آرٿر دل جون ڳالهيون ڪري
وٺن ٿا. انهي ڳالهه کي ست ورهيه گذري ويا آهن. اهي
هاڻي ٻيلي ۾ فطرت جي ويجھو ڏاڍي خوشي سان خوشگوار
مستقبل بابت رٿائون جوڙين ٿا:
فطرت جي همدردي به اهڙي قسم جي هئي: آزاد ٻيلي جو
فطري ماحول (هاٿورن لکي ٿو) جيڪو نه ئي ڪڏهن
انساني ماحول جي تابع ٿيو هو نه ئي ڪنهن ارفع سچ
سان منور ٿيو هو. اهي ٻئي روح به انهي تي ڇانو ڪيو
بيٺا هئا! محبت ڀلي تازي پيدا ٿيل هجي يا موت جهڙي
ننڍ جي جهوٽي انهي کي سجاڳ ڪيو هجي اها سدائين هڪ
اهڙي روشني پيدا ڪندي آهي جيڪا دل کي اهڙي ته چمڪ
سان ڀري ڇڏيندي آهي جو اها ٻاهرئين دنيا ڏانهن به
منتقل ٿيڻ لڳندي آهي. جيڪڏهن ٻيلي ۾ اڃا به اوندهه
هجي ها ته به اهو هيسٽر ۽ ڊمس ڊيل جي اکين ۾ روشن
هجي!
وڻندڙ فطري ماحول ۾ ٿيل انهي ملاقات جي نتيجي ۾
پڙهندڙ ائين ٿو سمجهي ته شايد اها تاريڪ آکاڻي به
روشني ۽ اس جي ٻوڏ سان روشن ٿي ويندي؛ ماءُ پيءُ ۽
ٻار لاءِ خوشگوار پڄاڻي اچي ويندي، اهي لڪ ڇپ ۾
اچي انگلينڊ ويندڙ جهاز تي گڏبا. انهي لاءِ هيسٽر
اڳواٽ تياري ڪئي هوندي. اهي کيس ڄار وانگر وڪوڙي
ويندڙ پيوريٽاني ماحول ۽ منجهائيندڙ حالتن مان ڀڄي
وڇڙي ويل ڪٽنب وانگر وري ملي انگلينڊ واپس ويندا ۽
نئين نموني زندگي جي شروعات ڪندا. هڪ ئي ڌڪ سان
اُهي ٽئي سموري همدردي جو مرڪز ٿي وڃن ٿا. لڳي ٿو
ته هر پڙهندڙ انهي مان ڏاڍو خوش ٿيندو.
پر هاٿورن هڪ تمام سچو فنڪار آهي. هو پنهنجي ڪهاڻي
جي اهڙي سطحي حل جي اجازت نه ڏيندو. اها ڳالهه
منطقي لڳي ٿي ته عاشقن اهڙي رٿا بابت سوچيو هوندو
پر گهري سوچ ويچار مان اها ڳالهه ضرور ظاهر ٿيندي
ته انهي سان ڪا به ڳالهه حل نه ٿيندي. انسان نئين
ماحول ڏانهن فرار ٿي پنهنجن عملن جي نتيجن کي واقع
ٿيڻ کان روڪي نه ٿا سگهن. ٻاهريون ملمع ۽ قلعي ڀلي
کڻي ڪهڙي به هجي انهن کي انهن سان گڏ رهڻو پوندو.
اهڙي طرح ڪهاڻي کي هڪ ٻيو موڙ ڏنو وڃي ٿو. آرٿر،
هيسٽر ۽ پرل اڳيئي سفر جي تياري ڪري ڇڏي آهي پر
اها ڳالهه ٻڌي انهن جي پريشاني جي حد نه ٿي رهي ته
چلنگ ورٿ به انگلينڊ واپس وڃڻ جا سانباها ڪري رهيو
آهي ۽ اهو به ساڳئي ئي جهاز تي!
وري به ڪهاڻي کي انهي عجيب اتفاق تي پڄاڻي تي
پهچائي سگهجي پيو. پر وري به انهي مان ڪو حل نه
نڪري ها. ڊرامي کي لازماً توڙ رسايو وڃي. پڙهندڙ
کي لازماً تجسس ۾ رکڻو آهي ۽ ڪتاب جا به باقي چند
صفحا ئي بچيا آهن. انساني جذبن ۽ روحاني ٽڪراءُ جي
هن ڪهاڻي جو انت ڪيئن ٿيندو؟
هاٿورن پنهنجين سمورين فنڪارانه صلاحيتن کي يڪجاءِ
ڪندي ۽ پڻ پنهنجي ادبي اخلاقي ذميواري جو بچاءُ
ڪندي ڪهاڻي جي شيرازي بندي ڪري ٿو ۽ اها اٽڪل ڪري
ٿو ته ڪهاڻي جو عروج به انهي جاءِ تي عمل ۾ اچي
جتان اها شروع ٿي هئي يعني مارڪيٽ ۾ ڪاٺ ۾ وجھڻ
واري ڪل (Pillory) جي
دڪي تي.
ڊمس ڊيل، اُلڪي ۽ ذهني دٻاءُ جي گڏيل بار هيٺ
اندروني طور ڀڄي ڀري پوي ٿو ۽ بلڪل انهي جاءِ تي
بيمار ٿي پوي ٿو جتي ست ورهيه اڳ هو بزدلي جو
مظاهرو ڪندي خاموش رهيو هو. اتي هو هڪ انتخابي
تقرير ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيل ميڙ سامهون- ۽ چلنگ ورٿ جي
ڳالهه نه مڃيندي جيڪو کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو-
پنهنجي ڏوهه بابت سڀ ڪجھ ٻڌائي ٿو. هو هيسٽر جي
سيني تي پنهنجو مٿو رکي دم ڌڻي حوالي ڪري ٿو. پرل
سندس ڀرسان بيٺي هئي.
چلنگ ورٿ به فقط انهي ڪري تڳندو پئي آيو جو
اندروني طور پنهنجي بدلي جي باهه وسائي رهيو هو.
آرٿر جي مرڻ کان پوءِ هو به مڪمل طور ڀڄي ڀري پوي
ٿو ۽ انگلينڊ ڏانهن روانو ٿي وڃي ٿو. پوءِ هو ڪتاب
مان نڪري وڃي ٿو. هيسٽر پنهنجي زندگي جا آخري
ڏينهن چڱائي جي ڪمن لاءِ وقف ڪري ٿي ڇڏي ۽ پنهنجن
پاڙيسرين جي عزت ۽ محبت وري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي
وڃي ٿي. پڙهندڙ کي اهو به اشارو ڏنو وڃي ٿو ته پرل
انگلينڊ ۾ ملڪيت ۾ حصو ملڻ کان پوءِ اتي ئي وڌي
وڏي ٿئي ٿي ۽ سٺي نموني شادي ڪري ٿي. ليکڪ هيسٽر
جي به هڪ مختصر جهلڪ ڏيکاري ٿو ته هوءَ هڪ تمام
سهڻي ٻاراڻي پوشاڪ تي برٿ ڀرڻ ۾ مشغول آهي. زندگي
هلندي رهي ٿي....
چئن مختلف ماڻهن تي ڏوهه جي اثر جي هن ڪهاڻي جي
پُر درد خصوصيت ڏاڍي انوکي ۽ منفرد آهي. پڙهندڙ
پاران ڪتاب پڙهي رکي ڇڏڻ کان گهڻو عرصو پوءِ به
ڪيترن ئي منظرن جون تصويرون ۽ خيال سندس ذهن ۾
تازا ٿيندا رهندا ۽ هاٿورن جيتوڻيڪ ڪٿي به پنهنجا
اخلاقي سبق پڙهندڙ کي گهوٽي نه ٿو پيئاري پر انهي
شاهڪار جي جوڙجڪ ۽ پيش ڪش ۾ اخلاقي فلسفي جي هڪ
وڏي دولت موجود آهي.
هاٿورن پنهنجن پڄاڻي وارن صفحن ۾ جيڪو واحد اخلاقي
سبق لفظن جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو اهو هي آهي: سچا
رهو! سچا رهو! توهان جيڪڏهن دنيا کي پنهنجو سڀ کان
خراب رخ نه ٿا ڏيکاري سگهو ته ڪا اهڙي خصلت ئي
ڏيکاريو جنهن مان سڀ کان خراب رخ اشارتاً سمجهي
سگهجي.
انهي تي خيال غير ارادي طور پولو نيئس ڏانهن هليو
وڃي ٿو: ”توهان پنهنجي ذات سان سچا رهو. جيئن ته
رات کان پوءِ ڏينهن ٿيڻ يقيني آهي ساڳئي طرح اها
ڳالهه به طي آهي ته توهان ڪنهن سان به ڪوڙا نه
ٿيندؤ“. دي اسڪارليٽ ليٽر جا ڪردار جيڪڏهن پاڻ سان
سچا هجن ها ته حالتون بلڪل مختلف رخ اختيار ڪن ها.
پر تڏهن هاٿورن کي ٻڌائڻ لاءِ ڪا ڪهاڻي نه ملي ها
نه ئي کيس انساني دل ۽ روح تي برائي جي نفسياتي
اثرن بابت پنهنجي اونهي اڀياس لاءِ ميدان ملي ها.
هاڻي دي اسڪارليٽ ليٽر جي ڪهاڻي ۾ واڌويجھ جو هر
هڪ ڏاڪو هڪ ٻئي پٺيان ترتيب سان ايندو وڃي ٿو.
سموري ڪهاڻي اخلاقي فلسفي سان ڀري پئي آهي ۽
تقريباً هر صفحي مان انساني دل کي ڳوڙهي، پُر مغز
۽ همدرداڻي انداز ۾ سمجهڻ جو اظهار ٿئي ٿو.
هاٿورن پاڻ ڪو فيصلو ڪرڻ نه ٿو ويهي. هو پنهنجن
ڪردارن جا عمل ۽ انهن عملن جا نتيجا بيان ڪندو وڃي
ٿو. انهي عمل دوران هو پنهنجي وسيع ڪينواس کي نيو
انگلينڊ جي ماحول ۽ پيوريٽنزم هيٺ اتان جي حالتن ۽
اثرن جي استاداڻي تصوير سان ڀريندو ٿو وڃي.
هينري جيمس نيٿانيل هاٿورن کي آمريڪا جو پهريون
وڏو ادبي آرٽسٽ سمجهندو هو. ۽ دي اسڪارليٽ ليٽر کي
عام طور سندس شاهڪار سمجهيو وڃي ٿو. اها ڳالهه
ظاهر آهي. هاٿورن اهو ڪتاب تمام ڌيان ۽ درستگي سان
لکيو هو ۽ سندس تخليق ۾ بي انتها فنڪاري داخل ڪندو
ويو هو.
اهڙي فنڪاري تعارفي مضمون ۾ به شامل آهن جيڪو هڪ
قسم جي مهاڳ جو ڪم ڏئي ٿو ۽ سالم ۾ ڪسٽمز هائوس ۾
نوڪري دوران سندس تجربن جو بيان ڏئي ٿو. پڙهندڙ کي
انهي ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ته هو متان خود
ڪتاب تائين پهچڻ جي اتاولائي ۾ انهي کي ڇڏي نه
وڃن. ڇاڪاڻ ته انهي مضمون ۾ اها وضاحت به سمايل
آهي ته ليکڪ کي پنهنجو عنوان ڪٿان مليو ۽ هن هڪ
پراڻي ناديءَ مان هٿ آيل دستاويزن کي ڦلهوريندي
پنهنجي ڪهاڻي جا بنيادي جزا ڪيئن حاصل ڪيا.
ڪجھ نقادن اهو به چيو آهي ته هاٿورن مڙئي ڪتاب کي
ڀرڻ لاءِ مضمون ڏئي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ائين به آهي
ته به انهن ٻنهي کي جوڙيندڙ فنڪاري جو ته لازماً
قدر ڪرڻو پوندو ۽ ڪتاب کي هڪ ڪُل جي حيثيت ۾ پڙهڻو
پوندو. آرنلڊ بينيٽ اهو رايو ظاهر ڪيو هو ته: ”دي
اسڪارليٽ ليٽر ڪماليت جي ايترو ئي ويجھو اهي جيترو
ڪنهن به ماڻهو کي پنهنجي حاصلات کي ڪماليت جي
ويجھو ڪرڻ جي ڏات مليل هوندي آهي“.
پر جيڪڏهن جديد معيارن مطابق ڪهاڻي ڪڏهن ڪڏهن
آهستگي سان اڳتي وڌندڙ لڳي ٿي ته به هاٿورن جيڪا
مڪمل تصوير جنهن محنت سان پيش ڪئي آهي اها پڙهندڙ
تي آهستي آهستي ايترو ته اثر وجھندي وڃي ٿي جو آخر
۾ اهو اثر ڄڻ ته اڻ مٽ ٿو لڳي: اها ئي ڪنهن شاهڪار
جي پرک جي ڪسوٽي آهي.
50. موبي ڊڪ
-- هيرمين ميل وائيل --
هيرمن ميل وائيل نيويارڪ سٽي جو رهواسي هو. هو
1819ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ واپاري هو. انهي جي تڪڙي
موت سبب ڪٽنب جي مالي حالت ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ هو
ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ هڪ سامونڊي جهاز تي ملاح ٿي
لورپول ويو هليو. هو ڪيترا ورهيه سمنڊ تي رهي سمنڊ
بابت ڄاڻ ۽ تجربو حاصل ڪندو رهيو. اڳتي هلي هن
جڏهن لکڻ جو ڪم شروع ڪيو ته انهن ڳالهين کيس خام
مال جو ڪم ڏنو.
هو پيسفڪ سمنڊ تي سفر ۾ هئا ۽ سندس عمر ايڪويهه
ورهيه هئي جو هڪ وحشي ڪيپٽن کان جان ڇڏائڻ لاءِ Marquesas
Islands تي
جهاز مان ٽپو ڏئي ڇڏيائين؛ کيس نڪو هيوا Nuku
Hiva جي
ٻيٽ تي آدم خورن پڪڙي ورتو ۽ انهن هن سان چڱو
ورتاءُ ڪيو ته هو انهن وٽ چار مهينا رهي پيو. پوءِ
آسٽريليا جي هڪ وهيل مڇيون پڪڙيندڙ جهاز کيس اتان
آزاد ڪرايو.
هو جڏهن وري آمريڪا پهتو ته هن پنهنجا تجربا Typee ۾
ڪم آندا. اهو ڪتاب 1846ع ۾ ڇپيو. هن ورندي سال ٻيو
ڪتاب Omoo ڇپرايو
۽ شادي به ڪيائين. سندس ڪنوار ميساچوسيٽس جي چيف
جسٽس جي ڌيءُ هئي.
سندس پهريان ٻه ڪتاب ڪامياب ٿيا پر سندس ٽيون ڪتاب Mardi مايوس
ڪندڙ ثابت ٿيو پر پوءِ به هو لکندو رهيو ۽ سن
1849ع ۾ پنهنجن انگريز پبلشرن سان ملاقات ڪرڻ لنڊن
ويو. موبي ڊڪ Moby
Dick جو
تصور سندس ذهن ۾ پيدا ٿي رهيو هو ۽ سندس دوست
نيٿانيل هاٿورن کيس همٿ ڏياري ته هو انهي کي اڳتي
وڌائي. هن ائين ئي ڪيو ۽ اهو 1851ع ۾ منظر تي آيو.
انهي ڪم سبب هو بلڪل ٿڪجي پيو هو پر ڪتاب هن پاران
ورتل ٿوري ايڊوانس جيترا پئسا به نه ڪمايا. انهي
تي ڪجھ نقاد ته صفا پريشان ٿي ويا. عوام به بلڪل
لاتعلق پئي لڳو.
هو جيئن ته هاڻي پريشان رهڻ لڳو هو ته هو پنهنجي
لکڻين مان گذران جيترو پئسو نه ٿو ڪمائي سگهي تنهن
ڪري سندس صحت خراب رهڻ لڳي. پر سندس قلم بي ڪار نه
ٿي رهي سگهيو. هن ڪتابن آڻڻ جو سلسلو برقرار رکيو.
پيئري 1852ع ۾ آيو. اسرائيل پاٽر (Israel
Potter) 1855ع
۾، دي پيزا ٽيلز 1856ع ۾ ۽ دي ڪانفيڊنس مئن 1857ع
۾ آيو. پوءِ هو ڪيترن ئي آمريڪي ۽ ڪيناڊائي شهرن ۾
ليڪچر ٽوئر تي ويو هليو. انهن ۾ هن South
seasکي
موضوع بڻايو.
هو 1866ع کان 1885ع دوران نيويارڪ ڪسٽمز هائوس تي
ملازم رهيو. هو جڏهن 1891ع ۾ فوت ٿيو ته پنهنجي
ادبي شين ۾ هڪ اڻ ڇپيل مسودو به ڇڏيائين. اهو وڃي
1924ع ۾ ڇپيو. انهي جو نالو Billy
Budd هو.
”مون کي اسماعيل جي نالي سان سڏيو“. اهي شروعاتي
لفظ آهن. ليکڪ چوي ٿو ته هو جڏهن محسوس ڪري ٿو ته
”سندس وات جو ذائقو ڪوڙو ٿي رهيو آهي“، ته هو
سمجهي وڃي ٿو ته هاڻي سمنڊ تي وڃڻ جو وقت ٿي ويو
آهي. هو نيو بيڊ فورڊ جو رخ ڪري ٿو. اهو وهيل
مڇيون ماريندڙ جهازن جو بندر آهي. اتي ”پيئر ڌيئرن
کي ڏاج ۾ وهيل مڇيون ڏيندا آهن“. هو The
Spouter Inn ۾
رات رهي ٿو. اتي هن جي ملاقات Pacific
Island جي
هڪ رهواسي سان ٿئي ٿي. هو هڪ بادشاهه جو پٽ هو.
سندس نالو ڪئي ڪئيگ هو. هو هلڪي ڀُڳل بيف اسٽيڪ(Beef
Steak) جو
شوقين آهي ۽ پنهنجو پسنديده هارپون ]رسي
سان ٻڌل بڙڇيءَ جهڙو هٿيار. سنڌيڪار[ پاڻ
کان ڪڏهن به ڌار نه ٿو ڪري. هو ته انهي هارپون جو
مٿيون تکو حصو لاهي ڏاڙهي ڪوڙڻ لاءِ ڪتب آڻيندو
آهي. هن جڏهن ٻڌو ته اسماعيل هڪ وهيل مڇين جي شڪار
واري جهاز تي وڃڻ جو سوچي رهيو آهي ته هن چيو ته
هو به هن سان گڏ ويندو.
اهي هڪ ٻه- کوهي جهاز تي سوار ٿيا جيئن اهو انهن
کي نانٽو ڪيٽ پهچائي. هو جڏهن اڪوشنيٽ ندي مان وڃي
رهيا هئا ته ڪئي ڪئيگ هڪ نوجوان سيکڙاٽ کي چيڙائڻ
لڳو. انهي تي ڪيپٽن کيس دڙڪو ڏنو ته سڙهه جو ڏنڊو
کلي ويو ۽ نوجوان جهاز مان پاڻي ۾ وڃي ڪريو. ڪئي
ڪئيگ ڏنڊي کي وڏي مهارت سان پنهنجي جاءِ تي قابو
ڪري بيهاريو ۽ پوءِ نوجوان کي ڪڍڻ لاءِ پاڻي ۾ ٽپ
ڏنائين. نوجوان کي پاڻي مان ڪڍي آيو ته هن کي هيرو
طور وڏو مان ڏنو ويو، ”انهي وقت کان پوءِ“ ليکڪ
چوي ٿو، ”آءٌ ڪئي ڪئيگ سان هڪ چچڙ وانگر چنبڙي
پيس“.
انهن ٻنهي ساٿين نانٽوڪيٽ ۾ Pequot خالي
جهاز تي نوڪري ورتي. انهي جي ڪيپٽن جو نالو اهاب
هو. سندس ٽنگ هڪ تمام وڏي وهيل مڇي کائي، چٻاڙي
ڇيتيون ڪري ڇڏي هئي. ڪيپٽن جو بيان جن لفظن ۾ ڏنو
ويو آهي هو اٿندي سان اهڙو ڏسڻ ۾ اچي نه ٿو ته هو
”ڏاڍو عجيب غريب پر سٺو ماڻهو آهي، وڏو، بڇڙو،
نيڪوڪار.... هو ڪاليجن ۾ به ويو هو ته آدم خورن
سان به گڏ رهيو هو. هن تي اهو نالو پنهنجي بيوهه
ماءُ ڪنهن جا هلاڻي وهم هيٺ رکيو هو.....“.
جهاز تي انهن جو جن ماڻهن سان مکا ميلو ٿيو انهن ۾
هڪ چيف ميٽ هو. هن جي نظر ۾ ”همٿ ڪو جذبو نه پر هڪ
شي هئي“. سيڪنڊ ميٽ، اسٽب ”هڪ آرام پسند ۽ سانتيڪو
ماڻهو آهي ۽ فلاسڪ ٿرڊميٽ قد جو بندرو، رنگ جو
ڳاڙهو ۽ وهيل مڇين سان وڏو مهاڏو اٽڪائيندڙ آهي.
کيس ”ڪنگ پوسٽ“ جي عرفيت سان سڏيو ويندو آهي ڇاڪاڻ
ته هو جسماني بناوٽ جي لحاظ سان انهي نالي واري هڪ
چورس بنڊ جهڙو آهي. جيڪو آرڪٽڪ جا وهيل مڇين جا
شڪاري ڪتب آڻيندا آهن.
انهن کي خبر پوي ٿي ته وهيل مڇين جي شڪارين ۾
”نوابن ۽ وڏيرن جو هڪ سرشتو به آهي. اسٽاربڪ ڪئي
ڪئيگ کي پنهنجو وڏيرو چونڊي ٿو. اسٽب هڪ گاڏڙ
هندستاني تشتيگو کي پنهنجو ڪري ٿو جڏهن ته بندرو
فلاسڪ هڪ وڏي ڪاري ڪوئلي شيدي ڊگو (ٽئين هارپونر)
کي پنهنجو وڏيرو ڪري ٿو.
انهن کي سمنڊ تي ڪيترا ڏينهن گذري ويا هئا جو هڪ
ڏينهن ڪيپٽن اهاب عرشي تي آيو. پوءِ پڙهندڙ کي
ٻڌايو وڃي ٿو ته ”حقيقت، انديشن کان اڳتي نڪري
وئي“ ڇاڪاڻ ”ته سندس سمورو ڊگهو ويڪرو جسم نهري
ٽامي جو ٺهيل پئي لڳو ۽ سيليني جي Perseus جي
ٺهيل مجسمي وانگر پڪي قالب مان پلٽيل ٿي لڳو. نيل
جي ڏني جو هڪ نشان سندس سفيد وارن مان ٿيندو سندس
اس ۾ سڙيل ڪڻڪ رنگي منهن ۽ ڪنڌ وٽان ٿيندو سندس
ڪپڙن گم ٿي ٿي ويو. ڪنهن کي به خبر نه هئي ته اهو
ڪيئن ٺهيو هو.
ڪيپٽن جي ضايع ٿيل عضوي جي جاءِ تي عاج جي هڪ ڪلي
لڳل هئي جيڪا هڪ اسپرم وهيل (اها وهيل جنهن جي
کوپڙي جي سوراخ ۾ سفيد ميڻ جهڙو مواد هوندو آهي)
جي ڄاڙي جي هڪ پالش ٿيل هڏي مان ٺهيل هئي. هن جي
عادت هوندي هئي ته هو پاڻ کي جائيتو بيهارڻ لاءِ
اها ڪلي ڪاٺ جي ڪنهن ڳنڍ نڪتل سوراخ ۾ اٽڪائي
ڇڏيندو هو. هن هڪ دفعو جهاز جي عملي کي پاڇيل
ڏانهن سڏيو ۽ ڏاڍي ڊرامائي انداز ۾ سورهن ڊالرن جو
سونو سڪو کوهي تي ڪوڪي سان ٺوڪي ڇڏيائين، پوءِ
چيائين جيڪو ماڻهو اڇي مٿي واري وهيل پڪڙيندو هيءُ
سڪو انهي کي ملندو. انهي وهيل کي جهاز جي ساڄي
پاسي واري پُڇ جي پر ۾ ٽي سوراخ آهن. اها وهيل
”موبي ڊڪ“ جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي. انهي ئي
هڪ گذريل سفر ۾ اهاب جي ٽنگ پٽي هئي. ڪئي ڪئيگ
انهي اجگر کي سڃاتو ٿي. هن رڙ ڪري چيو ته انهي
وهيل کي کل تي ٻوچ ڪڍڻيءَ وانگر وٽيل ٽي ڏنن جا
نشان آهن.
ڪيپٽن اهاب بدلي جي باهه ۾ پڄري رهيو هو. اها
ڳالهه چريائپ واري ڪنهن خبط وانگر هن جي ذهن ۾
ويهي وئي آهي. هو انهي رٿا لاءِ هڪ شراب جي محفل
جو حڪم ڏئي ٿو ۽ هارپون هلائيندڙن کي حڪم ڏئي ٿو
ته دل کولي شراب پيئن. ”موبي ڊڪ مرده باد!“ هو رڙ
ڪري ٿو، ”اسين جيڪڏهن موبي ڊڪ کي نه ماري سگهون ته
خدا اسان سڀني کي موت ڏئي ڇڏي!“ هن کي اها سفيد
وهيل ”انهن سڀني بڇڙين قوتن جو مجسمو لڳي ٿي جن
بابت ڪجھ ڏاها ماڻهو سمجهندا آهن ته انهن کي
اندروني طور کائينديون رهن ٿيون....“
جڏهن وهيل جي ڳولها جو ڪم شروع ٿئي ٿو ته اهاب
پنهنجو گهڻو وقت پنهنجن چارٽن جي مطالعي ۾ گذاري
ٿو. هن کي وهيلن جي پاڻين ۾ مختلف علائقن ڏانهن
هجرت بابت گهڻي ڄاڻ آهي. ۽ لڳاتار ڪيترن ورهين کان
موبي ڊڪ جي چرپر جون خبرون به اينديون رهيون هيون.
اها پنهنجي سفيد ٿوهي سبب سڃاڻپ ۾ به بلڪل پڌري
آهي.
هڪ ڏينهن وهيل مڇين جو هڪ ولر نطر اچي ويو ۽ ماڻهن
وٺي روايتي رڙيون ڪيون، ”او اهاٿي ڦونگارو هڻئي!
اها ٿئي، اها ٿئي، اها ٿئي، اها ٿي ڦونگارو هڻئي!
پهريون دفعو جڏهن جهاز جون چارئي ٻيڙيون هيٺ
لاٿيون ويون ته ڏاڍو نقصان ٿي پيو. ڇاڪاڻ ته وهيل
جي پٺيان لڳڻ وقت گهاٽي ڪوهيڙي سبب هڪ ٻيڙي سان
سندن پنهنجو جهاز ئي ٽڪرائجي ويو. ڪو جاني نقصان
البت نه ٿيو.
ڪيپٽن اهاب جو جذبو ڪنهن به لحاظ کان گهٽ نه ٿيو.
ڇا به ٿي پئي هو آخرين مقابلي لاءِ پنهنجيون
تياريون وڌائيندو پئي ويو. وهيل جي شڪار واريون
ٻيڙيون جيتوڻيڪ تيار رکيون ويون آهن پر هو ڪجھ
واڌو شين تي ڪم ۾ به هٿ ونڊائي ٿو. باقي وقت ۾ هو
پنهنجي عاج جي ڪلي انهي سان سوراخ ۾ اٽڪايون يڪ ٽڪ
هوا جي طرف نهاريندو رهي ٿو. دونهين جي ڪارٽ يا
برف سندس اکين جي پنبڻين کي به ڄمائي ٿي ڇڏي.
ويندي جڏهن ٿڪ سبب مجبور ٿي هو هيٺ لهي ٿو اچي
تڏهن به پنهنجي لڏڻي بستري ۾ نه ٿو وڃي. هو ڪڏهن
ڪڏهن اسٽاربڪ کي به پنهنجن پُسيل ڪپڙن ۾ نظر ايندو
آهي تڏهن به سندس بند ٿيل اکيون به ڪيبن جي قطب
نما ڏانهن هونديون آهن.
موبي ڊڪ جيتوڻيڪ اڃا نظر نه آئي آهي پر ٻيڙيون
ڪيترائي دفعا هيٺ لاٿيون ويون آهن ۽ تعاقب ٿيا
آهن. اسٽب هڪ وهيل ماري آهي ۽ هن ۽ فلاسڪ به هڪ
وهيل شڪار ڪئي آهي. انهي مهل هڪ ڏاڍو دکدائڪ واقعو
ٿي پيو جڏهن تشتيگو هڪ وهيل جي ڌڪيل مٿي ۾ ڦاسي
پيو. ميل وائيل انهي جي هائيڊل برگ جي شراب جي وڏي
ناد سان ڀيٽ ڪري ٿو. ڪئي ڪئيگ وري پاڻ کي هيرو
ثابت ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي سر جو سانگو نه
ڪندي پنهنجي ساٿي جي مدد لاءِ ٽپي پوي ٿو ۽ فوق
الانساني ڪوششون ڪندي هن کي ٻاهر ڪڍي اچي ٿو.
اهي ٻين ڪيترن ئي جهازن سان ملن ٿا ۽ اهاب انهن
کان سدائين اها پڇا ٿو ڪري ته: ”سفيد وهيل ته نظر
نه آياو؟“ ڪيترين ئي مايوسين کا پوءِ هڪ انگريز
ڪيپٽن هڪ مصنوعي عاج جي ٻانهن ڏيکاري ٿو. ”اڙي
منهنجي ٻيڙي!“ اهاب رڙ ڪئي ۽ جلدئي اجنبي جي ٻيڙي
جي ڀرسان وڃي پهتو. هن انهيءَ کان ڪيترائي سوال
ڪيا ۽ خبر پيس ته انهن هڪ وڏي سفيد وهيل سان وڏي
ويڙهاند ڪئي هئي جنهن ۾ ڪيپٽن کي پنهنجو ئي هڪ
هارپون لڳڻ سان ڦٽ ٿي پيو هو. انهي جي نتيجي ۾
سندس ٻانهن هلي وئي هئي. اها ئي وهيل پڪ سان موبي
ڊڪ هئي.
اهاب اڃا وڌيڪ شدت سان پنهنجي ڪم ۾ لڳو رهي ٿو. هڪ
رات جو چوڪيءَ دوران هو هوا کي سنگهي ٿو ۽ پنهنجي
جهاز جو رخ ٿورڙو مٽائڻ ۽ سڙهن کي ڪجھ هيٺ ڪرڻ جو
حڪم ڏئي ٿو. هو چتاءُ ڏئي ٿو: ”او اها ٿي ڦونگارو
هڻي! او اها ٿي ڦونگارو هڻي! برف جي ٽڪري جهڙو
ٿوهو به اٿس. اها موبي ڊڪ آهي!“
ٻيڙيون هيٺ لاٿيون وڃن ٿيون ۽ ڪيپٽن اهاب حملي ۾
پنهنجي عملي جي اڳواڻي ڪري ٿو. پر موبي ڊڪ ويڙهه
جي اٽڪلن جي ماهر آهي. اها بولاٽي کائي وڃي ٿي ۽
پنهنجين طاقتور ڄاڙين ۾ اهاب جي ٻيڙي جي ڳڙهه چچري
انهن سڀني کي پاڻي ۾ اڇلائي ڇڏي ٿي. اهاب پنهنجي
معذوري سبب تري نه ٿو سگهي پر جيئن تيئن ڪري پاڻي
جي مٿاڇري تي رهي ٿو ۽ حاضر دماغي کان ڪم وٺندي Pequot وارن
کي رڙ ڪري چوي ٿو ته هو وهيل جي پٺيان لڳا رهن ۽
انهي کي هڪلي ٻاهر ڪڍن.
انهي حڪم تي بنا دير عمل درآمد ٿئي ٿو ۽ موبي ڊڪ
ڪاوڙجي گهڻو اڳتي وڃي ٿي هلي. اهاب ۽ ٻين کي حفاظت
سان جهاز تي چاڙهيو وڃي ٿو. ڪيپٽن سوني سڪي تي
پنهنجي دعويٰ ڪري ٿو جو هن ئي سفيد وهيل سڀ کان اڳ
ڏٺي هئي پر هو پنهنجي عملي کي ٻڌائي ٿو ته:
”جيستائين سفيد وهيل نه ٿي مري آءٌ انهي کي اتي ئي
رکندس“. هو ڏاڍي فياضي سان پنهنجي آڇ ورجائي ٿو ته
جيڪو به ماڻهو اها وهيل ماريندو اهو سونو سڪو اهو
ئي کڻندو. پر هو انهي ڳالهه جو واڌارو ڪري ٿو ته
ٻئي دفعي به جيڪڏهن هن ئي سڀ کان پهريان اها وهيل
ڏٺي ته هو انهيءَ کان ڏهوڻ تي رقم انهن سڀني ۾
ورهائيندو.
ٻئي ڏينهن پرهه ڦٽيءَ وقت تعاقب شروع ڪيو وڃي ٿو.
عملي ۾ به اهاب جو ڇتو جوش ڀرجي ويو آهي. اهي ائين
گڏجي ڪم ڪن ٿا ڄڻ اهي ٽيهه جدا جدا فرد نه پر هڪ
ئي ماڻهو هجن. تمام گهڻي جوش سبب هڪ دفعو ته انهن
جون اکيون دوکو کائي وڃن ٿيون ۽ دُڦڪ تي ئي ”اها
ٿئي اها ٿئي“ جون رڙيون ڪرڻ لڳن ٿا. پوءِ موبي ڊڪ
اوچتو سامهون هڪ ميل کان به گهٽ فاصلي تي پاڻي مان
مٿي نڪري ٿي. سڀ ٻيڙيون هيٺ لاٿيون وڃن ٿيون ۽
موبي ڊڪ وڏي رفتار سان گجي اڏائيندي سڌو انهن
ڏانهن اچي ٿي. ٽي هارپون هنيا وڃن ٿا پر وهيل ڏاڍي
تيزي سان بار بار ڦيرا ڏئي رسين کي وچڙائي ڇڏي ٿي.
ڪجھ رسيون ڪٽجي وڃن ٿيون پر موبي ڊڪ انهي وٺ سٺ ۾
اهاب جي ٻيڙي تي جُلهه ڪري ٿي ۽ انهي کي اونڌو ڪري
وچڙيل رسيون پنهنجي پويان گهليندي وڃي ٿي هلي.
هڪ دفعو وري Pequot اهاب
۽ سندس ڪاوڙيل ماڻهن کي بچائي ٿو. ڪجھ ماڻهن جي
ڪلهن، ويڻين ۽ مُرن ۾ سٽون اُڀري ويون آهن. ڪجھ
ڦٽجي پيا آهن. اهاب جي عاج جي ٽنگ به ڀڄي پئي آهي.
باقي پٺيان هڪ تکو ٽڪرو بيٺو اٿس. هو فقط اسٽب جي
سهاري سان بيهي سگهي ٿو. پر سندس عزم ۽ ارادي ۾ ڪا
به گهٽتائي نه ٿي آهي. هو چوي ٿو ته موبي ڊڪ ٻه
ڏينهن تري آهي پر سڀاڻي ٽيون ڏينهن ٿيندس. هوءَ هڪ
دفعو وري مٿي ايندي پر اهو آخري دفعو ڦونگارو
هڻندي!“
موبي ڊڪ نما شام مهل جهاز جي هوا کان بچاءُ واري
پاسي تي نظر اچي ٿي. انهي جا شڪاري لالٽين جي
روشني ۾ واڌو ٻيڙين جي مرمت ڪن ٿا ۽ سڀاڻي لاءِ
هٿيار تکا ڪن ٿا. واڍو اهاب جي تباهه ٿيل ٻيڙي جو
ڀڳل تَر (Keel) ڪم
آڻيندي پنهنجي ڪيپٽن لاءِ نئين ٽنگ ٺاهي ٿو.
ٻن شديد مقابلن ۾ سوڀ موبي ڊڪ جي ٿي آهي. ڇا ٽيون
ڏينهن فيصلي ڪن ثابت ٿيندو؟ ڇا اهاب جي اها ٻٽاڪ
صحيح ثابت ٿيندي ته سفيد وهيل آخري دفعو ڦونگارو
هڻڻ ايندي!
انهي ڏينهن جي پرهه ڏاڍي تازگي سان ڦُٽي ٿي. رات
جي اڪيلي چوڪيدار جي جاءِ تي نوان ماڻهو وڃن ٿا.
پر موبي ڊڪ نظر نه ٿي اچي. اهاب کي به هڪ سڻيءَ جي
ٽوڪري ۾ مٿي چاڙهيو وڃي ٿو. هو گهڻو وقت آسپاس نظر
رکڻ کان پوءِ بي صبرو ٿي هيٺ لهي اچي ٿو، پنهنجي
ٻيڙي هيٺ لاهرائي ٿو. ڏاڍي ڊرامائي نموني ۾
اسٽاربڪ جو هٿ موڪلاڻي واري انداز ۾ پنهنجي هٿ ۾
جهلي ٿو ۽ شارڪ مڇين جي چتائن کي نظرانداز ڪندو
ونجھ هڻندو اڳتي وڃي ٿو هليو. ٻيون ٻيڙيون هن جي
پٺيان هلن ٿيون.
موبي ڊڪ اوچتو سامهون منهن مٿي ڪري ٿي ۽ جلد ئي
اڳتي تري وڃي ٿي. وڪوڙيل رسين ۽ هارپونن سبب سندس
حالت ڏاڍي خراب آهي. جلدئي سندس رفتار ڍري ٿي وڃي
ٿي. اهاب سکاڻ مان هٿ ڪڍي ٿو ۽ کيس ٽيڪ ڏئي جهاز
جي اڳلي حصي ۾ آندو وڃي ٿو جيئن هو انهي اجگر جي
کل ۾ هارپون هڻي. پيڪوئيڊ انهن جي پٺيان هلندو ٿو
اچي ۽ وهيل پنهنجي توجه انهي نئين دشمن ڏانهن ڪري
ٿي ۽ انهي جي ساڄي پاسي واري حصي کي ٽڪر هڻڻ لڳي
ٿي. جهاز لڏڻ لڳي ٿو ۽ ڌڪن جي زور سبب پيدا ٿيل
سوراخ مان پاڻي اندر ڌوڪي اچي ٿو. موبي ڊڪ پيڪوئيڊ
جي هيٺان ٽٻي ڏئي ٿي ۽ ڪيپٽن اهاب جي ٻيڙي جي
ڀرسان اچي پهچي ٿي. اهاب ٻيون هارپون اڇلائي ٿو پر
رسي وڪوڙجي وڃي ٿي. هو جهڪي انهي کي ڇڏائڻ جي ڪري
ٿو ۽ انهي ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. پر سندس ڪنڌ ڦاسي
پوي ٿو ۽ سٽجي ٻيڙي مان هيٺ ڪري پوي ٿو. پيڪوئيڊ
به ٻڏي رهيو آهي ۽ جلدئي لهرن هيٺان غائب ٿي وڃي
ٿو. سوڀ آخر موبي ڊڪ جي ٿئي ٿي.
پڙهندڙ انهي ڪتاب جي موهه ۾ موهجي وڃي ٿو. ڪجھ
تبصري نگارن- جن ۾ نيٿانيل هاٿورن به شامل آهي، هو
ميل وائيل جو دوست ۽ پاڙيسري هو- انهي ڪتاب جي
طولاني صفحن ۾ ڪنهن قسم جي اندروني معنيٰ يا ڪا
علامتي اهميت ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها حقيقت
آهي ته ڪتاب جي 135 بابن ۽ هڪ اختتاميي تي ٻڌل پنج
سو صفحا سوچ ويچار لاءِ ڪيترو ئي مواد ۽ اندازا
هڻڻ لاءِ به وڏو ميدان مهيا ڪن ٿا. جن ماڻهن کي هر
ادبي فن پاري جون لطيف تعبيرون ڪڍڻ ۾ مزو ايندو
آهي انهن کي هتي سموري زندگي لاءِ مصروفيت ملي
سگهي ٿي. پر عام پڙهندڙ کي خود جوش ۾ آڻيندڙ
ڪهاڻي، جاندار ڪردارن ۽ ميل وائيل پاران انهن جي
وندر لاءِ مهيا ڪيل تجسس مان ئي ڏاڍو مزو ايندو.
ڪتاب ۾ اهڙيون بيشمار جايُون آهن جتي ميل وائيل
وهيل مڇين ۽ انهن جي شڪار بابت تمام ڊگهيون
ڳالهيون ٻڌائيندي موضوع کان هٽي وڃي ٿو. هن کي
پنهنجي ذاتي تجربي مان، هو وهيل جي جن شڪارين سان
مليو آهي انهن جي داستانن مان يا هن وڏا ڪشالا ڪڍي
جيڪا تاريخي تحقيق ڪئي آهي انهن مان کيس جيڪا به
تصور ۾ ايندڙ حقيقت ملي سگهي آهي هو انهن سان
پنهنجا صفحا ڀريندو ويو آهي. انهي جي نتيجي ۾ هڪ
اهڙو منجهيل ۽ بار بار موضوع مٽائيندڙ ڪتاب منظر
تي آيو آهي جنهن جو ڪڏهن ڪڏهن بياني اسلوب به تمام
مٽجي وڃي ٿو. بهرحال هي اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾
پڙهندڙ پاڻ کي مڪمل طور گم ڪري سگهي ٿو ۽ جنهن جي
هر صفحي تي سکڻ لاءِ ڪجھ نه ڪجھ موجود آهي.
بظاهر بار بار موضوع کان هٽڻ جي باوجود موبي ڊڪ جي
ڳولها وارو مرڪزي موضوع (انهي جو بنياد موچا ڊڪ
نالي هڪ مشهور سفيد وهيل مڇي جي ڪهاڻي تي آهي،
جنهن بابت مشهور آهي ته اها گهٽ ۾ گهٽ ٽيهن شڪارين
جي موت جو سبب ٿي هئي) ڪڏهن به هٿان نه ٿو وڃائجي
۽ بار بار ٿيندڙ مقابلن جو جوش جذبو ۽ ڪهاڻي جو
انتهائي ڊرامائي انداز وارو عروج(Climax) تقريباً
سڀني کي پنهنجي منڊ ۾ منڊي رکي ٿو.
ميل وائيل ڪنهن جاءِ تي اشارو ڏنو آهي ته اهو ڪتاب
فقط هڪ خاڪو آهي ۽ اڃا به چئجي ته خاڪو نه پر خاڪي
جو خاڪو آهي. پر جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي اهو
لازماً تمام ڊگهو ٿئي ها. جديد دور جو پڙهندڙ جيڪو
انهي ڳالهه جو عادي ٿي ويو آهي جو کيس پنهنجو
تخليقي ادب ٿور- اکريو ملي ٿو ۽ انهي ۾ واقعا تڪڙي
رفتار سان پيش اچن ٿا تنهن کي لکندڙ جي تبديل
ٿيندڙ موڊ ۽ اسلوب سان آخر تائين گڏ هلڻ لاءِ
پنهنجي ساهي منجهائيندڙ صلاحيتن کي گڏ ڪرڻو پوندو.
جيڪي ماڻهو ساهي منجهائي ويندا انهن کي انهي تجربي
مان گهڻو ڪجھ ملندو. وهيل مڇين جي شڪار جي داستان
جو اهڙو ٻيو ڪو به ڪتاب نه لکيو ويو آهي ۽ نه ئي
ڪڏهن لکبو.
51. لاوينگرو
-- جارج بورو --
اهڙو ڪو به ماڻهو نه هوندو جنهن جارج بورو وانگر
عجيب واقعن کي منهن ڏنو هوندو. لڳي ٿو ته هن عجيب
ڪردار به اهڙي ئي سولائي سان گڏ ڪيا هوندا جهڙي
سولائي سان هن تمام عجيب غريب زبانن تي مهارت حاصل
ڪئي هئي. هن جي اظهار جي قوت به اهڙي هوندي هئي جو
تمام اڻ ٿيڻين ڳالهين کي به ائين ڪري ڏيکاريو
اٿائين جو اهي بلڪل ممڪن ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. سندس هڪ
ڪتاب آهي لاوينگرو ۽ ٻئي The
Romany Rye کي
انهي سان لاڳاپيل ٻيو حصو چئي سگهجي ٿو.
”لاوينگرو“جپسي زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي
لسانيات جو ماهر ۽ ”روماني راءِ“ جو مطلب آهي
”جپسي معزز“. اهي لفظ انهي جپسيءَ بورو لاءِ ڪتب
آندا هئا جيڪو سندس ڪتابن ۾ Jasper
Petulengro جي
نالي سان بار بار اچي ٿو. انهي جو اصلي نالو
ايمبروز سمٿ هو. اهي ٻئي ڪتاب گڏجي ڪنهن حد تائين
آتم ڪهاڻي جو روپ وٺن ٿا. اهي 1803ع ۾ بورو جي جنم
کان آگسٽ 1825ع تائين جي دور جو احاطو ڪن ٿا. پر
اهي انهي تاريخ کان گهڻو پوءِ لکيا ويا هئا.
لاوينگرو پهريون دفعو 1851ع ۾ ڇپيو هو ۽ ”دي
روماني راءِ“ ڇهه ورهيه پوءِ ڇپيو.
جارج بورو جو پيءُ سيلٽڪ نسل جو هو. بورو گهڻي وقت
کان ڪارنوال ۾ رهندڙ هڪ پراڻو خاندان آهي. سندس
ماءُ فرانس جي هيوجي ناٽ نسل مان نورفوڪ جي هڪ
آبادگار جي تمام سهڻي ڌي هئي. هن ۾ عجيب غريب
خصوصيتن جو ميلاپ گهڻي حد تائين نسلن جي انهي
ميلاپ جي سبب ٿي سگهي ٿو. مسٽر بورو ويسٽ نورفوڪ
مليشيا ۾ ڪئارٽر ماسٽر هو. نيپوليني جنگين جي انهي
هڻ وٺ واري دور ۾ ڪاهن جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ
هن جي رجمينٽ نورفوڪ کان مڊلينڊس پوءِ اسڪاٽلينڊ ۽
آخر ۾ آئرلينڊ وئي ته هو به انهي سان گڏ هلندو
رهيو. هو جتي به ويندو هو اتي تمام عجيب ڳالهين ۾
اچي ويندو هو ۽ انهيءَ تي سندس سادي ذهن وارن ماءُ
پيءُ کي ڏاڍو الڪو ٿي پوندو هو.
هو جڏهن ستن يا اٺن ورهين جو هو ته هن جي هڪ پوڙهي
جوڳي ۽ سنياسي سان واقفيت ٿي. اهو پنهنجن نسخن ۾
نانگ جي چرٻي ڪتب آڻيندو هو. انهن ٻنهي ۾ ڏاڍي
گهاٽي دوستي ٿي وئي. اهي جهنگن ۽ ٻنين ۾ گڏ پيا
رلندا هئا ۽ جڏهن اهو ماڻهو ملڪ جي انهي حصي مان
روانو ٿي ويو ته ڇوڪري کي هڪ لنڊي بلا سوکڙي طور
ڏئي ويو. اها هن پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏي هئي ۽ انهي
جا ڏنگ وارا ڏند ڪڍي انهي کي بي ضرر ڪري ڇڏيو هو.
اها ڳالهه هڪ ڏينهن ائين فائديمند ٿي جو هن جو
جپسين جي هڪ ٽولي سان مکا ميلو ٿي ويو ۽ هن انهن
جي بدنيتي کي منهن ڏيڻ لاءِ سٽ ڏئي پنهنجي شرٽ مان
اها لُنڊي کڻي ڪڍي. انهي تي سندن دشمني عزت ۾
بدلجي وئي. هن جڏهن جپسين کي ڏيکاريو ته هو پڙهي
به سگهي ٿو ته اهي اڃا وڌيڪ متاثر ٿيا. پوءِ هڪ
ماڻهو پنهنجي پٽ کي سڏ ڪيو. اتي جيسپر پيٽو لينگرو
ڪهاڻي ۾ پهريون دفعو ظاهر ٿئي ٿو. ”جيپسر ڏاڍو
عجيب ڏسڻ ۾ پئي آيو. هو ٻارهن يا تيرهن ورهين جو
ڇوڪرو هو، سندس ٻانهون ڊگهيون هيون.... هن کي خاڪي
رنگ جي برجيس پهريل هئي، گوڏن وٽ ڪي ڪهيون هئس،
ڪجھ تيز رنگ جي واسڪوٽي پهريل ۽ برداشت جوڳي سفيد
شرٽ پهريل هئس. هو پنهنجي ڪڇ ۾ وهيل مڇيء جي هڏي
جو هڪ ٺاهوڪو لڪڻ کنيو بيٺو هو. انهي تي پتل جو
بونبو لڳل هو ۽ سندس مٿي تي هڪ اهڙو ٽوپلو هو جنهن
کي نه ئي ڇت هئي نه ئي ڪي پاسن کان وڌيڪ ڪِناريون
هئس.
”مون چيو، جيپسر!“ انهي ماڻهو چيو، ”هيءُ هڪ
نوجوان جوڳي آهي. هي پڙهي به سگهي ٿو ۽ هي توکان
وڌيڪ چست چالاڪ آهي. هن سان هٿ ملاءِ. منهنجي مرضي
آهي ته توهان ٻئي ڀائر ٿي رهو“.
”بابا ڇا هيءَ مڪي بازي ڪري سگهي ٿو؟“ نوجوان جارج
جو ڪجھ نفرت سان جائزو وٺندي چيو، ”منهنجي خيال ۾
ته هو نه ڪري سگهندو. اهو ايترو ننڍڙو ته ڏسڻ ۾
اچي ٿو“.
”چريا ڪجھ سامت ۾ رهه!“ ماڻهوءَ چيو. ”هو انهي کان
وڌيڪ به گهڻو ڪجھ ڪري سگهي ٿو“. مون توکي چيو نه
هي چست چالاڪ آهي هي هڪ نانگ کنيو ٿو وتي جيڪو تو
جهڙي احمق کي ته ڏنگ هڻي ماري ڇڏيندو“.
”ڇا! جوڳي!“ جيپسر ڏاڍي عجيب نموني رڙ ڪئي ۽ هيٺ
جهڪندي ڏاڍي تجسس سان جارج جي منهن ۾ گهوري
ڏٺائين. پوءِ کيس مٿي تي هٿڙو ڦيرڻ لڳو: ”جوڳي“ هن
وات مان لفظ ڪڍيو، ”يا خدا!
جارج جلدئي کيس ڏيکاريو ته هو مڪي بازي به ڪري
سگهي ٿو ۽ نانگ به پڪڙي سگهي ٿو. پوءِ انهن ۾ هڪ
اهڙي عجيب دوستي پيدا ٿي وئي جيڪا هو پنهنجين
رولاڪين دوران جڏهن به هڪ ٻئي سان ملندا هئا ۽ ته
اها نئين ٿي پوندي هئي. جيسپر ڪجھ جپسي فيلسوف هو.
اها ڳالهه انهي ٽُڪري مان نظر ايندي جنهن کي
لاوينگرو جو شايد اقتباس طور سڀ کان گهڻو ڏنو
ويندڙ ٽڪرو (Quoute) چئي
سگهجي ٿو. اهي ٻئي ڪجھ ڊگهي وقفي کان پوءِ وري
مليا آهن. بورو هاڻي سترهن ورهين جو هو.
”تنهنجو موت بابت ڇا رايو آهي، مسٽر پيٽو لينگرو؟“
بورو سندس ڀرسان هيٺ ويهندي چيو.
”ادا، موت بابت منهنجو رايو... جڏهن ڪو ماڻهو مري
وڃي ٿو ته کيس زمين ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ سندس زال ۽ ٻار
هن تي ڏک ڪن ٿا. جيڪڏهن کيس زال ۽ ٻار ڪونهن ته
منهنجي خيال ۾ سندس پيءُ ۽ ماءُ کي ڏک ٿئي ٿو ۽
جيڪڏهن هو دنيا ۾ بلڪل اڪيلو آهي ته پوءِ کيس زمين
۾ وڌو وڃي ٿو ۽ معاملو ختم ٿي وڃي ٿو“.
”ڇا تنهنجي خيال ۾ اها ماڻهو جي پڄاڻي آهي؟“
”اها هن جي پڄاڻي آهي، ادا ۽ ڏاڍي افسوس جي ڳالهه
آهي“.
تون ائين ڇو ٿو چئين؟“
”زندگي مٺي آهي، ادا“.
”ڇا تون ائين ٿو سمجهين؟“
”ائين ئي سمجهان ٿو. ڏينهن ٿئي ٿو، رات ٿئي ٿي.
ٻئي وڻندڙ ڳالهيون آهن. سج، چنڊ ۽ ستارا سڀ ڀليون
شيون آهن. ساڳئي طرح ميدانن تي هوا گهلي ٿي. زندگي
ڏاڍي مٺي آهي. ڀلا ڪير مرڻ چاهيندو؟“
بورو کي تمام مختصر اسڪولي تعليم کان پوءِ ناروچ ۾
هڪ قابل وڪيل وٽ سيکڙاٽ طور بيهاريو ويو. پر هن
قانون سکڻ بجاءِ پنهنجو وقت زبانون سکڻ ۾ گذاريو.
انهن ۾ به انهن زبانن کي ترجيح ڏني جيڪي تمام
ڏورانهن علائقن جون هجن ۽ پيشيوراڻا طور بي ڪار
هجن جهڙوڪ: ويلش، عربي، ڊينش ۽ آرمينيائي. هن جڏهن
اهو محسوس ڪري ورتو ته هو فطري طور وڪيل ٿيڻ لاءِ
مناسب نه آهي ۽ سندس پيءُ به فوت ٿي ويو هو ۽ هن
کي پنهنجي لاءِ پاڻ هٿ پير هڻڻا هئا تنهن ڪري هو
ليکڪ ٿيڻ جو ارادو کڻي لنڊن ويو هليو. پر ڪنهن به
پبلشر سندس ڪنهن به مسودي ۾ ڪا دلچسپي نه ڏيکاري ۽
هو سر رچرڊ فلپس جي نوڪري ۾ معمولي لکاري ٿي بيٺو.
هن جو بيڊ فورڊ رو (Bedford
Row) کان
هيٺ پبلشنگ جو ڪاروبار هوندو هو. سر رچرڊ کيس
مشهور ڏوهارين جي زندگين ۽ ڪيسن بابت ڇهن جلدن جي
سهيڙ جي ڪم تي هنيو. اهو ڪتاب جنهن جو لاوينگرو ۾ Newgate
Lives and Trials جي
نالي سان حوالو اچي ٿو آخرڪار پورو ٿيو ۽ 1825ع ۾
ڇپيو. انهي تي بورو جيتوڻيڪ تمام گهڻي محنت ڪئي پر
هن اها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته فلپس هن تي جيڪي به
ڪم مڙهيا هئا هن انهن مان هن کي سڀ کان وڌيڪ پسند
ڪيو هو.
”ڪيسن مان ڏاڍي وندر ملندي هئي پر“ هو لکي ٿو،
”حياتين جا احوال ڏاڍين عجيب غريب ۽ چٽ پٽين مهمن
سان ڀريل هوندا هئا. مون کي جنهن ڳالهه سڀ کان
وڌيڪ متاثر ڪيو اهو انهن ليکڪ جو- اهي کڻي ڪير به
هجن- ڪنهن به سادي آکاڻي کي ٻڌائڻ جو فن هو“.
ڪا سادي آکاڻي ڪيئن بيان ڪجي: بورو اهو ڪم ڪرڻ سکي
ورتو هو. مثال طور هن جي لنڊن برج تي پوڙهي صوفن
واري مائي سان سندس پهرئين ملاقات جو احوال پڙهو.“
پل تي آهستي آهستي هلندي آءٌ سڀ کان مٿاهين جاءِ
تي پهچي ويس ۽ پٿرن سان ٺهيل گوشن مان هڪ جي ڀرسان
چپ ڪري بيهي رهيس. انهي ۾ هڪ فروٽ اسٽال ڀرسان هڪ
پوڙهي عورت ويٺي هئي. سندس پيرن وٽ ڪوئلن جو هڪ
ٿالهه هو ۽ سندس هٿن ۾ هڪ ڪتاب هو. لڳي پيو ته
هوءَ اهو ڪتاب ڏاڍي ڌيان سان پڙهي رهي هئي.... آءٌ
جيئن پل تي بيٺو حوض جي ڪنارن کي گهوري ڏسي رهيو
هوس ته اوچتو هڪ ننڍڙي ٻيڙي انهي ئي ونگ هيٺان زور
سان اڳتي نڪتي جنهن مٿان آءٌ بيٺو هوس. انهي ۾ ٽي
ماڻهو ويٺل هئا: ونجھ هلائيندڙ وچ ۾ ويٺو هو جڏهن
ته هڪ مرد ۽ هڪ عورت پاڇيل ۾ ويٺا هئا. اهو اوچتو
منظر ڏسي منهنجي دل ۾ جيڪا خوف جي لهر پيدا ٿي
انهي کي آءٌ ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ها! هڪ
ٻيڙي، هڪ ننڍڙي ٻيڙي انهي ونگ هيٺان نڪري گجگوڙون
ڪندڙ نار (Gulf) ۾
وڃي رهي هئي. هڪ وڏي ڇولي مهري جي مٿان وٽ کائي
وئي... ٻيڙي جنهن کي لڳي ٻيو ته ڪنهن کنڀ جيتري
ترڻ شڪتي هئي اها انهي خطري کان کسڪي اڳتي وڃي پئي
۽ ٻئي لمحي خطري مان ٻاهر نڪري وئي. ٻيڙياتي- هو
به ڪو سچو ٻيڙياتو- هو سوڀ جي نشاني طور پنهنجو هڪ
ونجھ مٿي ڪيو ۽ عورت- اها به هڪ سچي انگريزياڻي
هئي- (ڪنهن طبقي جي هوندي) پنهنجي شال جهولائي...
آءٌ ايترو ته جوش ۾ ڀرجي ويس جو مون پل جي جهنگلي
تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن انهن دليري جي ڪمن کي
صحيح نموني ڏسي سگهان. پر انهي کان اڳ جو آءٌ
پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي سگهان ۽ ڪنڌ ورائي ڏٺو ته
پوڙهي فروٽ واري مائي مون کي چنبڙي پئي هئي. ”نه
بابلا، نه نه!“ هن چيو، ”پاڻ کي هيٺ نه اڇلاءِ،
شايد ٻئي دفعي ڀاڳ ڀلو ٿيندءِ!“
هن جڏهن فلپس لاءِ لکاري وارو ڪم پورو ڪيو ۽ هن
دفعي ادبي ميدان ۾ ڪيريئر ٺاهڻ کان مڪمل طور
نااميد ٿي ويو ته مئي 1825ع جي آخر ڌاران لنڊن ڇڏي
ڏکڻ اولهه ڏانهن روانو ٿي ويو. هو هر روز 20 کان
25 ميل پيادل هلندو هو ۽ ڪجھ هفتا ڳوٺن ۾ رُلندو
رهيو. ائين هو شروپ شائر اچي پهتو. اتي هڪ روڊ
واري سراءِ ۾ هن جي سلنگس باءِ نالي هڪ گشتي
ٺاٺاري سان اوچتي ملاقات ٿي وئي. هن انهي ٺاٺاري
کان سندس گاڏو، گهوڙو ۽ ٻيو سمورو ٺاٺارڪو سامان
ورتو ۽ اهو ڪم پاڻ شروع ڪيائين. سلنگس باءِ کيس
خبردار ڪيو هو ته هو اهو ڪم انهي ڪري ختم ڪري رهيو
هو جو ”پڄرندڙ ٺاٺاري“ نالي هڪ بدمعاش کيس ڌمڪيون
ڏنيون هيون. هن کي پاڻ کان سواءِ ڪو ماڻهو وڻي ئي
نه ٿو ۽ هو روڊن جو بادشاهه ٿيڻ گهري ٿو. بورو
ايماندار ٺاٺاري کي سندس سامان جا پنج پائونڊ ڏهه
شلنگ ڏنا ۽ پنهنجو ننڍڙو تنبو انهي جاءِ تي هڻي
ڇڏيو جتي اڳ ۾ سلنگس باءِ هڻندو هو. اتي ئي پيٽو
لينگرو ڪٽنب جي هڪ ناني ڏاڏي مسز هيئرن نالي کيس
زهر ڏنو هو. اهو زهر انهي پوڙهي بورو لاءِ خاص طور
ٺاهيل هڪ ڪيڪ ۾ وجھي کيس ڏنو هو. انهي جو سبب اهو
هو جو بورو جيئن ته جپسي زبان ۽ لوڪ ڏاهپ جو گهڻو
حصو سکي ورتو هو تنهن ڪري هو هن سان نفرت ڪرڻ لڳي
هئي. بورو انهي زهر وگهي مري وڃي ها پر هڪ ويلش
مبلغ ۽ سندس زال هن جي ڏاڍي پاٻوهه سان تيمارداري
ڪئي تنهن ڪري هو بچي ويو. انهن هن تي زور ڀريو ته
هو هنن سان گڏجي ويلز هلي پر نوجوان انهي کان
انڪار ڪيو ۽ واپس اسٽريفورڊ شائر ويو هليو جتي هو
هڪ وسيع زرعي زمين ۾ هڪ خالي ٽڪري ۾ ٽِڪي پيو.
انهي ۾ هيٺ وڃڻ لاءِ هڪ اڀڪپرو ورن وڪڙن وارو رستو
هو. ۽ انهي گوشائتي جاءِ کي Mumper’s
Dingle جو
نالو ڏنل آهي ۽ انهي جو وائلن هال شهر جي ويجهو
پتو لڳايو ويو آهي. ”پڄرندڙ ٺاٺارو“ هن سان هتي ئي
مليو هو.
مون کي ياد نه آهي ته مون هن کان وڌيڪ بدمعاش ڏسڻ
۾ ايندڙ ڪو ماڻهو ڏٺو هجي. هو تقريباً ڇهه فوٽ
ڊگهو هو... سندس جسم تمام ڪسرتي هو... مون کي اهو
ماڻهو ڏٺي ئي نه وڻيو. هن سان ٻه عورتون گڏ هيون.
هڪ سٽروٽري بي حيا ڏسڻ ۾ پئي آئي. انهي جي عمر
تقريباً چاليهه ورهيه هئي ۽ ٻي هڪ تمام ڊگهي عورت
آهي يا انهي کي ڇوڪري چئجي ته چڱو جو اها ارڙهن
ورهين کان مشڪل سان مٿي هوندي. هن کي هڪ سوڙهي
انگي پهريل هئي نيري رنگ جو گائون هوس ۽ مٿي تي ڪو
ٽوپ، ٽوپي يا ٽوپلو ڪجھ به نه هوس. سندس پيلاڻ
مائل ڀورا وار ڪلهن تائين پئي لڙڪيا سندس رنگ گورو
هو منهن مهانڊا سهڻا هئس ۽ منهن مان پختي عزم جو
اظهار ٿي رهيو هوس. سندس نالو؟ آئسوپيل برنرس.
بورو جپسيءَ جي زهر جي اثرن مان اڃا چاق نه ٿيو
هو. هن ٽيٽ ماٽ ڪري وقت حاصل ڪرڻ چاهيو. هن چيو ته
هو سلنگس باءِ نه هو ۽ هن گهوڙي، گاڏي ۽ ٻئي سامان
جا پئسا به ڏئي ڇڏيا هئا. پر ماڻهو گرڙاٽ ڪندو هن
ڏانهن وڌندو آيو ۽ پنهنجين اکين جو خيال ڪر جئڪ،“
ڇوڪري رڙ ڪئي. ”اچي، هان وٺ مون سمجهيو ته هو توتي
ڪاوڙيل هو.“
”ڪا ئي ڳالهه نه آهي“. بي حيا عورت چيو. ”توکي خبر
آهي ته ڇا ڪرڻو آهي. اندر هليو وڃ. ۽ هو اندر ويو
هليو. بورو هيٺ ويو ۽ پڄرندڙ ٺاٺاري کيس ڳٿر مان
جهليو. هن پاڻ کي مئل سمجهيو ۽ انهي ماڻهو پنهنجي
گلي ۾ جيڪو رومال ويڙهيو هو ڇوڪري جيڪڏهن انهي کي
نه ڇڪي ها ته هو شايد مري وڃي ها“. ڇا تون انهي کي
چڱو ٿو سمجهين؟ ”هن ڇوڪريءَ چيو. پڄرندڙ ٺاٺاري کي
گهٽو اچڻ تي هو هن بورو مان هٿ ڪڍيو ۽ ”منهنجي
سهڻي بچائيندڙ“ ڏانهن اُلر ڪيائين. هوءَ اهو
گُسائي وئي ۽ ڏاڍي ڌيرج سان چيائين، ”پهريان ٻيو
ڪم ته پورو ڪر. پوءِ تون جڏهن به چاهيندين آءٌ
تنهنجي عورت ٿيندس. پر انهي کي صحيح نموني پورو
ڪر. جڏهن آءٌ موجود هجان ته ڪا به بي ايماني نه
ڪندو ڪر. آءٌ ڇوڪري جي حمايتي ٿينديس ۽ مول جڏهن
توکي ڌڪ هڻي ڪيرائي وڌو ته توکي کڻي به سگهي ٿو“. |