سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:19 

”ميگي تون ڪجھ سوچ!“ اسٽيفن رڙ ڪئي، ”تون وڦلين پئي. تون مون سان شادي ڪرڻ کان سواءِ واپس ڪيئن هلندين؟ پياري توکي خبر نه آهي ته ماڻهو ڇا چوندا“ ”هائو مون کي خبر آهي“. ڇوڪريءَ وراڻيو آءٌ هر ڳالهه ٻڌائينديس. ليوسي مون تي اعتبار ڪندي. هوءَ مون کي معاف ڪري ڇڏيندي. ها! سچ کي چنبڙي بيهڻ سان ڪو فائدو ئي ٿيندو. پيارا اسٽيفن مون کي وڃڻ ڏي. مون کي ڏک ۽ افسوس ڏانهن نه ڇڪ. منهنجو روح انهي ڳالهه تي ڪڏهن راضي ئي نه ٿيو هو ۽ هاڻي به راضي نه آهي. اهڙي طرح اهي جدا ٿي ويا جيئن اسٽيفن ٻاهرئين ملڪ هليو وڃي ۽ ميگي سينٽ اوگز واپس وڃي جتي ماڻهن ڳالهايو ۽ ڏاڍي زور شور سان ڳالهايو. ٽام به ٽام هو. انهي کيس پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيو ۽ آئزڪ ايوانز جڏهن جارج ايليٽ نالي ڪنهن عورت جي لکيل انهي ڪتاب ۾ اها ڳالهه پڙهي ته هن کي فوراً خبر پئجي وئي ته اهو ڪنهن جو لکيل هو. ڇاڪاڻ ته ٽام به اهو ئي ڪيو هو جيڪو هو اهڙين حالتن ۾ ڪري ها.

ميگي کي واهه جي ڪپ سان ٺهيل هڪ گهورڙيي جي گهر ۾ پناهه ملي. ميگيءَ هن سان ڪنهن وقت ۾ ڪي چڱايون ڪيون هيون. فلاس واهه جي ڪپ تي ٺهيل انهي گهر ۾ هڪ ڏينهن هڪ پيغامبر فلپ جو خط کڻي آيو. اهو خط همدردي ۽ اڻ کٽ پيار سان ڀريل هو. ”خدا توکي سڪون ۽ آرام ڏئي. منهنجي پياري ۽ وڏي دل واري ميگي. جيڪڏهن ٻين سڀني ماڻهن توکي غلط سمجهيو آهي ته اها ڳالهه ياد رکج ته تنهنجي باري ۾ اهو شخص ڪنهن به شڪ شبهي جو شڪار نه آهي جنهن جي دل توکي ڏهه ورهيه اڳ سڃاڻي ورتو هو“. پوءِ هڪ شام ليوسي اتي اچي نڪتي. ”ليوسي“، ميگي کيس وڏي ڪوشش سان خاطري ڪرائي“. هن به وڏي ڪوشش ڪئي هئي. هن توسان سچو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هو توڏانهن موٽي ايندو. کيس معاف ڪر. هو خوش ٿيندو. ٻئي ڇوڪريون هڪ ٻئي کي چنبڙي پيون ۽ جڏهن جدا ٿيون ته ليوسي سڏ ڪندي چيو، ”ميگي تون مون کان سٺي آهيان“.

هڪ رات ڏاڍي زور سان مينهن وسي رهيو هو. ميگي ڏاڍي ڏک ۾ ويٺي هئي. اهو مينهن ڪيترن ڏينهن کان وسي رهيو هو ۽ فلاس جي سطح تڪڙي وڌندي پئي وئي. پوڙها ماڻهو پنهنجا ڪنڌ لوڏي سٺ ورهيه اڳ آيل اهڙي ٻوڏ جون ساروڻيون ٻڌائي رهيا هئا. ميگي، اسٽيفن گيسٽ وٽان آيل خط بابت سوچي رهي هئي ”مون ڏانهن فقط هڪ لفظ لکي موڪل“، هن کيس ايلاز ڪيا هئا“. چئه، اچ“ اهو هن لاءِ تمام ڏکيو وقت هو. هن خط ميڻ بتي جي شعلي ۾ رکندي ڀڻڪاٽ ڪيو، ”آءٌ اهي لفظ ياد رکنديس ۽ موت تائين ياد رکنديس. پر موت به الائي ڪڏهن ايندو؟ منهنجي عمر ڏاڍي ننڍي آهي. آءٌ ايتري صحت مند آهيان. مون کي ايترو صبر ۽ سگهه ڪٿان ملندي؟“ هو گوڏن ڀر جهڪي پئي هئي جو اوچتو گوڏن ۽ پيرن ۾ ٿڌ جو ڇرڪائيندڙ احساس ٿيس. دروازي مان پاڻي اندر داخل ٿي رهيو هو ۽ هوءَ سمجهي وئي ته ٻوڏ اچي وئي هئي.

ڪهاڻي به جيئن هاڻي جلدي پنهنجي ڪلائيميڪس ڏانهن وڃي ٿي تيئن ٻوڏ به ڌوڪيندي هر شي کي تباهه ڪندي پئي اچي. ميگي پنهنجي دوست ۽ سندس ڪٽنب کي حفاظت سان هڪ ٻيڙي ۾ ويهارڻ کان پوءِ پاڻ هڪ ٻي ٻيڙي ۾ ويهي چڪيءَ ڏانهن وڌڻ لڳي جيئن اتي موجود ماڻهن جي ڪا مدد ڪري سگهي. سندس ماءُ اتان اڳيئي ڪنهن حفاظت واري جاءِ تي هلي وئي هئي پر ٽام اڃا اتي هو. هو ٻيڙيءَ تائين پهتو ۽ ٿڙي ٿاٻڙي چڙهي ويٺو. اهي چپ چاپ هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا رهيا. ميگي جي اکين مان زندگي جي جوت جهلڪا ڏئي رهي هئي. سندس منهن ٿڪل ۽ ساڻو هو. ٽام جي اکين ۾ دهشت ۽ لڄ هئي. آخرڪار سندس نيرين اکين ۾ آلاڻ اچي وئي سندس چپن مان هڪڙو ئي ٻاراڻو لفظ نڪري سگهيو ”ميگي!“

ڪجھ منٽن کان پوءِ فُلاس انهن کي ڀڳل جاين جي ٽڪرن جي هڪ وڏي ترندڙ ڍير سان ٽڪرائي ڇڏيو. ”ميگي ڇولي اچي پئي. ”ٽام جي هٿن مان ونجھ ڇڏائي ويا ۽ ميگي کي پنهنجين ٻانهن ۾ ڀڪوڙيندي روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين. انهي کان پوءِ ٻيڙي پاڻي تي نظر ئي نه آئي. ٽڪرن جو ڍير سوڀائتي انداز ۾ ڌوڪيندو اچي رهيو هو. پر جلدئي ٻيڙي جو تَرُ مٿاڇري تي ظاهر ٿي ويو. اهو سونهري پاڻي تي هڪ ڪارو داغ لڳي رهيو هو. ٻيڙي وري مٿي اُڀري آئي پر ڀاءٌ ۽ ڀيڻ هڪ اهڙي ڀاڪر ۾ هيٺ ويا هليا جنهن مان ڪڏهن به جدا نه ٿيا. انهن هڪ عاليشان گهڙي ۾ اهي ساڳيا ڏينهن وري گذاري ورتا جڏهن اهي محبت وچان هڪ ٻئي جا ننڍڙا هٿڙا جهليندا هئا ۽ ڊيزين (Daisies) جي ميدانن تي هڪ ٻئي سان گڏ ڊوڙون پائيندا هئا.

57. دي ڪلوئيسٽر ائنڊ دي هِرٿ

(The Cloister and Teh Hearth)

-- چارلس ريڊ (Charles Reade) --

 

ڪجھ بهترين نقادن جو اهو رايو آهي ته چارلس ريڊ جو دي ڪلوئيسٽر ائنڊ دي هرٿ انگريزي زبان جو بهترين تاريخي ناول آهي. انهيءَ بابت حتمي راءِ ڪهڙي به هجي انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انهي جي ڪهاڻي ڏاڍي دلچسپ آهي. اها دلچسپ واقعن سان ڀريل آهي ۽ تقريباً هر صفحي تي مهم جوئين جا داستان اچن ٿا. توهان جيڪڏهن اهو ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته نشاة ثانيه عروج تي پهچڻ کان اڳ واري پُرشور ۽ دشوار دور ۾ زندگي ڪيئن گذرندي هوندي ته انهي جا چٽ تمام چٽائي سان ۽ انهي جو بيان تمام وضاحت سان توهان کي هتي ملي ويندو.

ريڊ شروع ۾ اهو ناول هڪ رسالي جي ڪهاڻي طور لکيو هو. پر هو انهي صورت ۾ انهي کان گهڻو مطمئن نه هو ڇاڪاڻ ته هن ڪجھ وقت اڳ نشاة ثانيه جي وڏي اسڪالر ۽ انسان دوست نظريي جي حامي اراسمس جي زندگي جو احوال پڙهيو هو ۽ اراسمس جون جاندار لکڻيون، فرائسارٽ جا Chronicles ۽ لوٿر جا مضمون ۽ مقالا پڙهيا هئا. هن انهي دور جو ماحول پاڻ تي مڪمل طور طاري ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڪهاڻي ٻيهر ناول جي ڊيگهه ۾ لکي. ڪتاب 1816ع ۾ ڇپيو ۽ فوراً ڪاميابي حاصل ڪري ورتائين.

ڪهاڻي جي شروعات هالينڊ جي ملڪ ۾ ٿئي ٿي ۽ دور پندرهين صدي جي اڌ جي ويجھو آهي. ٽرگو جي ننڍڙي شهر ۾ ايلياس ۽ سندس زال ڪيٿرائين رهندا هئا. هو ڪپڙي، ريشم ۽ چمڙي جو واپاري هو ۽ اهو جوڙو جيڪڏهن نَوَن ٻارن جو تُور دنيا ۾ نه آڻي ها ته چڱو خوشحال هجي ها. بيڪري تان آندل ماني جو سڀ کان وڏو ٽڪر به انهن جي ٽيبل تي رکجڻ کان پوءِ ائين لڳندو هو ڄڻ ته ڳري ويو هجي جڏهن وڏا پٽ نوڪري جي ڳولها ۾ گهر ڇڏي ويا ته دٻاءُ ڪجھ گهٽ ٿيو ۽ ماءُ پيءُ به ڪجھ سک جو ساهه کنيو.

جيرارڊ ننڍن پٽن مان هو ۽ سموري ڪٽنب جون اميدون هن ۾ هيون پر هن ۾ ڪي وڏيون اميدون به نه هيون. هن کي پڙهڻ سان چاهه هو ۽ لکڻ جو فطري ڏانءُ هوس انهي ڪري اميد هئي ته کيس چرچ ۾ ڪا ننڍڙي نوڪري ملي ويندي. جيرارڊ به پنهنجي ماءُ پيءُ جي خيالن سان متفق هو. پر پوءِ هو هڪ ڏينهن نوجوان چترڪارن ۽ منشين جي هڪ مقابلي ۾ حصو وٺڻ روٽرڊيم ويو ۽ اتي هڪ پوڙهي ماڻهو سان مليو. هو لٽي ڪپڙي ۾ غريب پر ڏاڍو شانائتو ٿي لڳو. هن جي ڌيءُ به هن سان گڏ هئي. هن جي توجه ڇوڪريءَ ئي ڇڪرائي ۽ هو سندس پهرئين جهلڪ کي ڪڏهن به وساري نه سگهيو. هن کي اوني رنگ جي سادي ڪپڙي جو گاؤن پهريل هو. سندس ڳچي جو اهو حصو جيڪو گاؤن سان ڍڪيل نه هو انهي تي برف جهڙي اڇي لان جو ڪپڙو هو جيڪو نڙي جي اڌ وٽ سونهري ڀرت جي گهيري جي شڪل ۾ ختم ٿي ٿيو. هن پنهنجن وارن کي لينن جي ڍير ۾ لڪائڻ بجاءِ چاندي جي تارن جي ڄاريءَ سان ڍڪي ڇڏيو هو. انهي ڄاري جي خالي جاين تي چانديءَ جهڙا ستارا لڳل هئا انهي ڄاري مان سندس ڳاڙهاڻ مائل ڀورا وار ڪجھ سامهون ٻن حصن ۾ لڙڪي رهيا هئا ۽ ڪجھ پٺيان ڏاڍي سهڻي نموني لڙڪيل هئا. سندس نالو مارگريٽ برانڊٽ هو ۽ هوءَ انهي پوڙهي اسڪالر جي ڌيءُ هئي جنهن کي پنهنجن سادڙن پاڙيسرين کان ايتري گهڻي ڄاڻ هئي جو مٿس جادو جو شڪ ڪيو ويندو هو.

نوجوان جيرارڊ پنهنجي هڪ لکڻي تي مقابلي ۾ انعام حاصل ڪيو ۽ هن سان اهو واعدو به ڪيو ته هو جڏهن چڱي عمر جو ٿيندو ته کيس ڪليسا جي طرفان وظيفو وٺرائي ڏنو ويندو. انهي وقت هو ڪليسائي نوڪري ۾ سڀ کان هيٺئين ڏاڪي تي يعني ليڪٽر هو (گرجا گهر ۾ انجيل پڙهي ٻڌائڻ واري کي ليڪٽر چيو ويندو هو. سنڌيڪار) هو جڏهن گهر موٽڻ لڳو ته ”سندس بٽونءَ ۾ پندرهن سونا سڪا، ڇاتيءَ تي هڪ سونو تمغو ۽ شيهي جي هڪ ٽڪر جهڙي دل هئي“. ڇاڪاڻ ته کيس چڱي طرح خبر هئي ته هن لاءِ رٿيل پادري واري ڌنڌي کي ڇڏڻ جي ڪنهن به تجويز جي سختي سان مخالفت ڪئي ويندي. انهي ڌنڌي ۾ شادي نه ڪرڻ ۽ مُجرد رهڻ جو حلف کنيو ويندو آهي. پر سندس پنهنجي ذهن ۾ انهي بابت ڪو به شڪ شبهو نه هو ته کيس اهو ئي ڪرڻو پوندو. هن کي مارگريٽ سان محبت هئي ۽ مارگريٽ سندس محبت جو جواب محبت سان ڏنو هو هاڻي وڌيڪ ڪجھ چوڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟

پر حالتن جيڪو رخ اختيار ڪيو انهن مطابق گهڻو ڪجھ چوڻ جي ضرورت هئي. جيرارڊ جڏهن پنهنجي پيءُ کي نوڪري طور چرچ ڇڏڻ جي ارادي ۽ مارگريٽ سان شادي طي ٿيڻ کان واقف ڪيو ته هن انهي شادي کان سختي سان انڪار ڪري ڇڏيو. جيرارڊ مارگريٽ تي اٽليءَ هلڻ تي زور ڀريو. هن کي ٻڌايو ويو هو ته اتي نوجوان هنرمندن لاءِ تمام سٺا موقعا آهن. پر ڇوڪري پنهنجي پيءُ کي نه ٿي ڇڏي سگهي تنهن ڪري هنن اهو فيصلو ڪيو ته هو جلدي شادي ڪري ٿا ڇڏين. انهي کان پوءِ هو فلينڊرز ڏانهن نڪري ويندا تيستائين ڳالهين جو طوفان به گهٽ ٿي ويندو. پر اهي جڏهن اسٽيوين برجن جي گرجا گهر ۾ بيٺا هئا- جيرارڊ جو منهن خوشي ۾ ۽ مارگريٽ جو شرم ۽ حيا ۾ ڳاڙهو لڳو پيو هو ۽ اهي سموري هالينڊ ۾ سڀ کان خوش جوڙو لڳي رهيا هئا- ته اوچتو ٽرگو جا سپاهي اندر ڪاهي آيا ۽ جيرارڊ کي گرفتار ڪري ورتائون. ”هيءُ نوجوان پنهنجي پيءُ جي مرضي جي خلاف شادي ڪري رهيو آهي“. انهن پادري کي ٻڌايو ”۽ انهي جي پيءُ اسان جي ميئر کي درخواست ڪئي آهي ته هن سان قانوني طريقي سان منهن ڏنو وڃي“. جيرارڊ کي شهر جي قيدخاني ڏانهن نيو ويو ۽ پوءِ هو ڪيترين ئي غير معمولي مهم جوئين ۾ ايندو ويو. فرار ٿيو، وري گرفتار ٿيو، وري ڀڳو...

هڪ اهڙي خوفناڪ رات به آئي جڏهن هو ڄڻ ته قبر کي هٿ لائي آيو. ميئر جا عملدار کيس هر جاءِ تي ڳولهي رهيا هئا. هو مارگريٽ جي گهر ۾ وڃي لڪو ۽ سپاهين کيس اتي پڪڙي ورتو. اهي زوري گهر ۾ داخل ٿيا ۽ گهر جي هر ڪمري ويندي مارگريٽ جي ڪمري جي به تلاشي ورتائون. اتي انهن کي اسٽيوين برجن جي سونهن هڪ اهڙي پراڻي صندوق تي سُتل نظر آئي جيڪا هڪ فوٽ به اوچي نه هئي. هن انهي کي لڪائڻ جي به ڪا ڪوشش نه ڪئي. پر انهي تي پيل چادرون ۽ خود مارگريٽ جون چادرون برف جهڙيون اڇيون هيون. هوءَ به انهيءَ مهل سجاڳ ٿي بستري ۾ اٿي ويٺي. ائين پئي لڳو جيئن کيس حيرت وٺي وئي هجي ۽ مردن کي ڏسي آهستي آهستي رڙيون ڪرڻ لڳي... ”مردن به شرمسار ٿيندي جلدي وٺي پويان پير ڪيا، ۽ جيئن ئي اهي نڪتا ته مارگريٽ به بستري تان هيٺ لهي بيٺي ۽ اها ڊگهي پيتي کوليائين جنهن تي هوءَ سُتي پئي هئي ۽ ڏاڍي آهستگي سان سرٻاٽ ڪيائين، ”جيرارڊ“ جيرارڊ ڪو جواب نه ڏنو. هن پنهنجو هٿ هن جي ڪلهي تي رکيو ”جيرارڊ“ وري به ڪا ورندي نه ڏني. ”الا! هي ڇا آهي؟“ هوءَ روئڻ لڳي ۽ سندس هٿ بيتابيءَ ۾ جيرارڊ جي منهن ۽ ڇاتي تي ڦرڻ لڳا. هن کيس ڪلهن کان جهليو. کيس لوڏيو، کيس مٿي کنيو پر هو سندس ڏڪندڙ هٿن مان نڪري ويو ۽ ڪنهن ماڻهو وانگر نه پر ڪنهن لاش وانگر پٺتي وڃي ڪريو. هوءَ ڏاڍي خوف ۾ وٺجي وئي. صندوق جو ڍڪ هيٺ هو. هوءَ انهي جي مٿان سُتي هئي. سپاهي به ڪجھ دير ڪمري ۾ رهيا هئا. هن جذبات جي پوري طاقت سان کيس صندوق مان ڇڪي ڪڍيو ۽ پنهنجين ٻانهن ۾ دري وٽ کڻي وئي...“

جيرارڊ بهرحال فوت نه ٿيو هو. هو جڏهن هوش ۾ آيو ته پنهنجو مٿو مارگريٽ جي ٻانهن تي ڏٺائين ۽ سندس محبوبا جا محبت ڀريا لفظ سندس ڪنن تي پيا. هن جا ڳوڙها هن مٿان ٽمي رهيا هئا ۽ هوءَ ڏاڍي نرمي سان کيس مٺيون ڏئي رهي هئي ۽ سندس جسم تي هٿ ڦيرائي رهي هئي. ”انهن پنهنجيون ٻانهون هڪ ٻئي جي چوگرد وڪوڙي ڇڏيون ۽ مصيبتون ۽ خطرا هڪ دنيا ۽ هڪ زمانو پري نظر اچڻ لڳا. انهن هڪ ٻئي کي زال ۽ مڙس ڪوٺيو. ڇا انهن جي باضابطه طور شادي جي ڳالهه پڪي نه ٿي هئي؟ ڇا اهي چرچ ۾ منبر جي سامهون گڏجي نه بيٺا هئا؟ ڇا انهن جي جوڙي کي مقدس ڪليسا جي آسيس نه ملي هئي؟ انهن جي حال تي افسوس! اهي اڄ خوش هئا. سڀاڻي انهن کي لازماً هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻو پوندو. پر انهيءَ ڳالهه انهن لاءِ هاڻي ڪا اهميت نه ٿي رکي...“

انهي کان پوءِ انهن جي شادي جي رات انهن کي هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻو هو- مارگريٽ پنهنجي پيءُ جي گهر وڃڻي هئي ۽ جيرارڊ کي جرمني ۽ اتان اٽلي ۽ روم جو سفر ڪرڻو هو. کيس اميد هئي ته اتي کيس هڪ ٻن سالن لاءِ نوڪري ملي ويندي. هو پنهنجي سفر ۾ اڃا گهڻو اڳتي ئي نه هليو هو جو هو هڪ برگنڊي جي سپاهي سان مليو. اهو ڏاڍو صاف دل، بهادر ۽ ارادي جو پڪو ماڻهو هو. انهي جو نالو ڊينيز هو. هن جي سهڻين ڇوڪرين تي نظر رهندي هئي. انهن شروعاتي ڏينهن ۾ ئي جهڙي قسم جا ماڻهو ڏينهن جو روڊن تي پيا هلندا هئا ۽ رات جو مهمان سرائن ۾ سٿيا پيا هوندا هئا جيرارڊ کي به جيڪڏهن ڊينيز جهڙي ڪنهن حد تائين بدمعاش ماڻهو جي مدد نه ملي ها ته هو جلدئي دوکي ۽ قتل جو شڪار ٿي وڃي ها. ڪتاب جي هڪ تمام دلچسپ واقعي ۾ اها ڳالهه ٻڌايل آهي ته اهو جوڙو هڪ ڳوٺ جي سراء ۾ ڪنهن نموني ۾ هڪ ڪمري ۾ قيد ٿي ويو. اتي انهن کي هڪ مخلص نوڪرياڻيءَ ٻڌايو ته سراءُ جو مالڪ ڌاڙيلن جو هڪ ٽولو آڻڻ لاءِ جهنگ ۾ کسڪي ويو آهي.

هو مٿي ڏاڪڻين تي پنهنجي ڪمري ۾ حملي جي انتظار ۾ هئا. اهي پنهنجيون جايون جهلي بيٺا هئا. ڊينيز ڦوڪ ڏئي ميڻ بتي وسائي ڇڏي. اهي بعضي بعضي ته هڪ ٻئي جي دلين جو دڙڪو به ٻڌي ٿي سگهيا... اهي جڏهن حملي جو انتظار ڪندي ۽ ٿڌ ۾ ساڻا ٿي ڪرڻ تي هئا ته ڏاڪڻين جو دروازو آرام سان کليو ۽ وري بند ٿي ويو. وڌيڪ ڪجھ نه ٿيو. وري پريشان ڪندڙ ماٺ ڇائنجي وئي. وري هڪ ماڻهو جو هلڪو پيرن جو آواز ڏاڪڻ تي ٻڌڻ ۾ آيو. وڌيڪ ڪجھ به نه ٿيو. وري دروازي جي هيٺان وٿيءَ مان ٿوري روشني اندر آئي. وري به وڌيڪ ڪجھ نه ٿيو. وري تمام آهستگي سان کِر کِر جو آواز ٿيو. اهو آواز ڪوئي جي کِر کِر جي اڌ جيترو به تيز نه هو. در ڏاڍي آرام سان کليو. ميڻ بتي مٿي کڄيَل هئي ۽ انهي تي پٺيان ڪنهن ماڻهو جي هٿ جي آڏ ڏنل هئي. ماڻهو کسڪي ڪمري ۾ آيو هليو. پر پهرئين وک تي ئي ڪٻٽ ۽ ڪرسي سبب هو اٽڪي پيو. هو وڌيڪ اڳتي نه وڌيو. پر ميڻ بتي هيٺ پٽ تي رکي ڪرسي جي هيٺان ڏسڻ لاءِ جهڪيو. هو جيئن ئي جهڪيو ته هڪ مضبوط هٿ سندس ڪلهي کي قابو ڪري ورتو ۽ هڪ خنجر سندس ڪنڌ ۾ ايترو ته زور سان کُپي ويو جو انهي جي نوڪ ڳچيءَ وٽان نڪري آئي...“

ڊينيز دروازو بند ڪري بُلٽ چاڙهي ڇڏيو ۽ جيرارڊ کي چيو ته هو مئل ماڻهو کي ڪرسي تي ويهارڻ ۾ سندس مدد ڪري. ”ڇا جي لاءِ؟ انهن کي ڊيڄارڻ لاءِ ۽ وقت وٺڻ لاءِ“ ۽ اهو چوندي ڊينيز رسي جو هڪ ٽڪرو لاش جي ڪنڌ ۾ ويڙهي انهي کي ڪرسيءَ سان ٻڌي ڇڏيو. اهڙي طرح اها ڀوائتي شڪل دروازي ڏانهن منهن ڪري ويهي رهي“. ڊينيز آءٌ انهي کان سٺو ڪم ڪري سگهان ٿو! ”جيرارڊ چيو. ”يا خدا معاف ڪجانءِ!“ هو لاش تي ڪم ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو ۽ ڊينيز اڇي منهن تي تيزي سان پکڙجندڙ چمڪندڙ تجلو ڏسي حيران ٿي ويو. جيرارڊ ميڻ بتي وسائي ڇڏي ۽ انهي سان لاش جو منهن ٽانڊاڻي جي مٿي وانگر اڃا وڌيڪ چمڪڻ لڳو. ڊينيز ڏڪي ويو ۽ سندس ڄاڙي کڙڪڻ لڳي. ”اهو ڇا آهي؟ ”هن ڀڻڪو ڪيو“، هش! اهو فاسفورس آهي“ جيرارڊ وراڻيو، ”پر اهو ڪم ڏيندو“.

ڏاڪڻ چڙهي مٿي ايندڙ پهريون ماڻهو دروازي کان اڳتي نه وڌي سگهيو: ڊينيز پهريان ته پنهنجي اربيل مان تير هڻي سندس هٿ دروازي جي ٻانهي تي ٺوڪي ڇڏيو پوءِ پنهنجي تلوار جي ڌڪ سان انهي کي وڍي ڇڏيو. پوءِ ڦورن جي ٽولي جو سردار اوچتو دروازي ۾ ظاهر ٿيو. هو ”ايبٽ“ جي نالي سان مشهور هو. هو وڏي قد بت سان ڪو پيلپائو ٿي لڳو ۽ هٿ ۾ هڪ چمڪندڙ ڪهاڙو هوس. ”هن جي نظر مئل ماڻهو تي پئي. انهي جي منهن جي هڪ پاسي تي چنڊ جي نيري روشني پئجي رهي هئي ۽ ٻيو پاسو ڳاڙهو نظر اچي رهيو هو. اهو لقاءُ ڏسي سندس ٻانهون ڍريون ٿي هيٺ ڪري پيون، سندس گوڏا ٺڙڪڻ لڳا ۽ هو ڊپ ۾ ڪرونڊڙو ٿي ويو. هن ڊپ ۾ وٺي رڙ ڪئي ياخدا! ۽ پٺي ڏئي وٺي ڀڳو. انهي دوران ڊينيز کيس ڄاڙين جي وچ ۾ ڌڪ هڻي ڪڍيو... پر هو جلدئي پنهنجن ٻن ماڻهن سان گڏ موٽي آيو. هو ڪاوڙ ۽ سور سبب ڇتو لڳو پيو هو. هن پنهنجي مئل ساٿي کي وٺي ٿڏو هنيو پوءِ جيئن کيس ٻنهي پاسن کان ٻرندڙ اکين وارا ماڻهو سامهون آيا ته هو پنهنجو شاهي ڪهاڙو ساڄي کاٻي ڪنهن کنڀ وانگر هلائڻ لڳو. اهڙي طرح هن جاءِ ٺاهي پوءِ وري ڪهاڙو مٿي کڻي انهن ٻنهي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ لڳو....“ ڊينيز رت ۾ ڀرجي ٿاٻڙجندو پٺتي وڃي ڪريو. انهي ئي وقت جيرارڊ وڄ وانگر اچي وچ ۾ پيو ۽ ڪهاڙو هن مٿان ڪِرڻ وارو ئي هو جو هن پنهنجي تلوار ايتري ته زور سان سندس جسم ۾ وهائي ڪڍي جو جيستائين ٿاٻڙجندڙ ڊينيز پنهنجي دوست جي مدد لاءِ اٿي آيو تيستائين تلوار جي چوٽي ايبٽ جي پٺي مان ٻاهر نڪري آئي. ڌڪ کاڌل ديو ڪنهن ڍڳي وانگر رنڀڻ لڳو. ڪهاڙو هٿ مان هيٺ ڪري پيس ۽ جيرارڊ کي ڪنهن ٻار وانگر ڌونڌاڙڻ لڳو. پوءِ ڊينيز وڏي ڪاوڙ ۾ ڏند ڪڍي پنهنجي تلوار انهي ديو جي پٺي ۾ ٽنبي ڇڏي. ايبٽ اهڙي طرح تلوار ٽنبجڻ کان پوءِ ڏاڍي زور سان تڙپيو ۽ سندس کڙيون زور سان زمين ڪُٽڻ لڳيون... اڃا به هن جو ساهه نه نڪتو هو ۽ ڊينيز ۽ جيرارڊ وري کيس تلوار هڻڻ جي تياري ۾ هئا جو هو پورا پنج فوٽ مٿي اڇلجي ڏاڍي زور سان اچي دروازي ۾ لڳو ۽ انهي کي به ڪاغذ جي ڪنهن ورق وانگر پاڻ سان گڏ هيٺ کنيو ويو. تڏهن انهي جوان مرد جوڙي کي به وٿي مان سپاهين جي هڪ ٽولي جي مشعلن جا شعاع نظر آيا. اهي سپاهي سراء جي نوڪرياڻيءَ مدد لاءِ آندا هئا.“

اهڙو ڪهڙو نوجوان هوندو جيڪو خون خرابي جو اهو ٽڪرو هڪ دفعو پڙهڻ کان پوءِ وساري سگهيو هوندو؟ ۽ اسان ته هتي هڪ ڊزن يا انهن کان به وڌيڪ صفحن تي پکڙيل ٽڪري جو هڪ حصو ڏنو آهي. ڪتاب ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا آهن جيڪي بيان جي جوش جي لحاظ کان انهي جا مٽ ۽ ثاني ٿي سگهن ٿا. هڪ مهم مٿان ٻي مهم ايندي وڃي ٿي ايستائين جو جيرارڊ جي روم پهچڻ سان انداز بدلجي وڃي ٿو. اتي اهو دلچسپ واقعن واري ناول مان شڪسته دلين ۽ وڇڙيل زندگين جي احوال جو داستان ٿي پوي ٿو.

انهي نوجوان کي هالينڊ جي هڪ دوست وٽان هڪ خط مليو. پوءِ خبر پئي ته اهو ڪوڙو خط هو جيڪي پنهنجن ڪجھ بڇڙن سببن جي ڪري هن جا دشمن هئا. انهيءَ ۾ اها ڳالهه لکيل هئي ته مارگريٽ فوت ٿي وئي هئي. اهو ڌڪ ڏاڍو ڏکيو هو. هو سوچڻ لڳو ته هو جيڪڏهن گهر هجي ها ته شايد کيس بچائي وٺي ها. احساسن جي انهي شديد ڇڪتاڻ ۾ هو شراب، جوا، عورتن ۽ هر انهي ڳالهه ۾ ڪاهي پيو جنهن مان کيس هڪ ڪلاڪ جي به وندر ملي سگهي ۽ هو هڪ گهڙي لاءِ به پاڻ کان غافل ٿي سگهي. پوءِ هڪ رات هو ٽائبر درياء ۾ ٽپو ڏيڻ تي هو جو کيس انهي ساڳئي شخص ئي خودڪشي کان بچائي ورتو جنهن تي هڪ عورت قاتلاڻي حملي جو الزام هنيو هو. هو هڪ دفعو وري جذباتي ڇڪتاڻ مان گذريو ۽ هن دفعي اها ڇڪتاڻ کيس مذهب ڏانهن وٺي وئي ۽ هو سينٽ ڊومينيڪ جو راهب ٿي ويو. هن هڪ پُرجوش مبلغ جي حيثيت ۾ پاڻ مڃرايو ۽ پنهنجن تبليغي سفرن دوران هالينڊ ويو هليو. اتي هو فادر ڪليميمنٽ جي نالي سان مشهور هو. هو هڪ ڏينهن روٽرڊيم جي هڪ گرجا گهر ۾ منبر تان وعظ ڪري رهيو هو جو سندس اکيون انهي عورت جي اکين سان مليون جنهن سان کيس محبت هئي ۽ کيس وڃائي ڇڏيو هئائين. محبت ته کيس اڃا به هئي پر هاڻي هن جو- پادري جو- ڪنهن عورت جي محبت سان ڪهڙو ڪم؟ هن لاءِ گهر (Hearth) نه رهيو هو. فقط خانقاهه (Cloister) وڃي بچي هئي.

هن جهڙي صورتحال پيدا ڪئي هئي انهي ۾ چارلس ريڊ به پنهنجن پڙهندڙن کي اهڙي خوشگوار پڄاڻي نه ڏئي سگهي ها جهڙي جا وڪٽوريائي عادي ٿي ويا هئا پر انهي جي باوجود به هن پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي. جن ماڻهن سندس اميدن جو چمن اجاڙڻ جي سٽ سٽي هئي انهن خلاف ڪاوڙ ڪڍڻ کان پوءِ جيرارڊ هڪ سنياسي ۽ ويراڳي ٿي ويو. پر مارگريٽ کيس ڳولهي لڌو ۽ انهن ٻنهي کي انهي ننڍڙي ڇوڪري هڪ دفعو ٻيهر پاڻ ۾ ملايو. اهو انهن ٻنهي جو پٽ هو ۽ انهي رات سندس وجود وٺڻ جي شروعات ٿي هئي جڏهن هن قيدخاني ۽ قبر کي هٿ لاتو هو. هن وري مارگريٽ جي ئي پيار ڀرئي وسيلي سان سنياسي واري کولي جي بدلي گوڊا (Gouda) جي گرجا گهر ۾ پادري جي نوڪري ورتي. اتي هو ڪيترا ورهيه پنهنجيون ذميواريون سرانجام ڏيندو رهيو.

”تاريخ خود“ ريڊ لکي ٿو، ”جيتوڻيڪ رومانس کان وڌيڪ دلير داستان گو آهي پر جيرارڊ ۽ مارگريٽ هاڻي جنهن انداز ۾ ڪيترائي سال گذاريا انهي کان وڌيڪ عجيب ڳالهه مشڪل سان پيش ڪري سگهندي.

”تاريخ؟“ پڙهندڙ چوي ٿو، جيڪو پنهنجي هيرو ۽ هيروئين جي آخري ڏينهن جو بيان پڙهندي شايد ڪجھ ننڊاکڙو ٿي پيو آهي انهي سان تاريخ جو ڪهڙو واسطو آهي؟ ”فقط ايتري قدر ته“ زردي رنگ جي وارن وارو اهو ڇوڪرو جيڪو سندن پٽ هو اهو وڏو ٿي ٻيو ڪير نه پر خود اراسمس ٿيو.

58. فادرز ائنڊ سنز

-- اوان ايس. ترجينيف --

 

اوان سرجيوچ ترجينيف، فادرز ائنڊ سنز لکڻ کان اڳ ڊراما نگار ۽ شاعر طور مشهوري ماڻي چڪو هو. انهيءَ ناول ايترو ته شديد، گهرو ۽ گهڻو وقت هلندڙ تڪرار پيدا ڪيو جيترو فڪشن جي ڪنهن به ڪتاب ڪنهن به ملڪ ۾ پيدا نه ڪيو هو. سندس پنهنجا لفظ آهن: ”آءٌ هن ناول جي پيدا ڪيل اثر جي تفصيلن ۾ نه ويندس. آءٌ فقط ايترو چوندس ته هر جاءِ تي هزارين ماڻهن جي زبان تي (Nihilist) ناستڪ جو لفظ اچي ويو. منهنجي نالي تي هڪ پاڇو چڙهي ويو: آءٌ پاڻ کي ڪنهن دوکي ۾ نه ٿو رکان. مون کي خبر آهي ته اهو پاڇو هميشه رهندو“.

ترجينيف ڪٽنب جا ماڻهو سکيا ستابا زمينن جا مالڪ ماڻهو هئا پراوان جو ننڍپڻ خوش نه گذريو ڇاڪاڻ ته اوان جي پيءُ سندس ماءُ سان سندس دولت جي ڪري شادي ڪئي هئي ۽ هوءَ مڙس ۾ چاهه جي کوٽ تي ڪاوڙجندي سندس ڪٽنب ۽ ڪڙمين تي زور ۽ زبردستي ڪندي رهي. ننڊاکڙي ۽ تصوراتي ذهن رکندڙ ڇوڪري کي ڇڪتاڻ واري ماحول تمام پريشان ڪري ڇڏيو ۽ هو وڌ کان وڌ پنهنجي منهن رهڻ لڳو. کيس پڙهڻ مان تمام گهڻو سڪون ملندو هو ۽ هو پشڪن، گوگول ۽ لرمونٽوف جي لکڻين کي ويو ڳڙڪائيندو. اهي پنهنجي دور جا سر ڪردا آزاد خيال ليکڪ هئا. انهن وانگر هن جو به روس سان جذباتي لڳاءُ هو: انهن وانگر هو به اهو سمجهندو هو ته روس کي يورپ جي ٻين ملڪن وانگر وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

ترجينيف کي ارڙهن اوڻيهن ورهين جي ڄمار ۾ يونيورسٽي موڪليو ويو. هو اڳ ۾ ماسڪو ۽ پوءِ سينٽ پيٽرسبرگ جي يونيورسٽي ويو. هو ڪو عام رواجي شاگرد نه هو. هو پنهنجي گهر جي بندشن کان مليل نئين آزادي ۽ شوق سان پنهنجي پڙهائي ۾ لڳي ويو ۽ هن ۾ لڪيل صلاحيتون جلدئي اڀري وڌڻ ويجهڻ لڳيون. سندس ماءُ کي پٽ جي تعليمي حاصلات تي ناز هوندو هو. انهي کيس 1839ع ۾ برلن يونيورسٽي ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ اتي سندس پاران ٻه سال رهڻ دوران سندس ذهني افق اڃا وسيع ٿيا. هو روس کي مغربي رنگ ۾ رنگڻ جي ضرورت بابت پرجوش خيالن سان ڀرجي پنهنجي ملڪ موٽيو پر هن پاران سول سروس ۾ دخلڪار ٿيڻ سان انهن خيالن کي ڏاڍو ڌچڪو پهتو. هن لاءِ انهي نوڪري جي چونڊ سندس پُرعزم ماءُ ڪئي هئي. هن کان اڳ سندس هيري گوگول وانگر هن کان به انهي نوڪري جا نوڪر شاهي وارا طريقا هن کان برداشت نه ٿي سگهيا ۽ گهر ۾ ٻه ٽي دفعا ڇڪتاڻ کان پوءِ هن استعفا ڏئي ڇڏي.

اوڻيهين صدي جي چوٿين ڏهاڪي دوران نقاد ترجينيف جي نظمن جي تعريف ڪندا رهيا ۽ سندس ڊرامن کي فوراً ڪاميابي ملي ويندي هئي. انهن ۾ A month in the Country وارو شاهڪار به شامل آهي جيڪو ڪيترن ئي ملڪن ۾ اڄ سوڌو پيش ٿيندو رهي ٿو. اي اسپورٽس مئنز اسڪيچز سان هن کي وڌيڪ مشهوري ملي. اهي سن 1847ع کان 1852ع جي وچ ۾ ايندا رهيا. سندس ماءُ جي 1850ع ۾ وفات وقت کيس اهو اطمينان هو ته سندس پٽ روس جي اهم ترين ليکڪن مان هڪ ڳڻيو وڃي ٿو.

هن مرڻ وقت پنهنجي چڱي خاصي دولت پنهنجي پٽ لاءِ ڇڏي اهڙي طرح هو يورپ ۾ وڏا سير سفر ڪرڻ جي لائق ٿي سگهيو. اتي هو پاڻ جهڙا خيال رکندڙ ڪيترن ئي ترقي پسند دانشورن سان مليو ۽ مشهور ڳائڻي پالين گارشيا سان به مليو. هو پنهنجي سموري زندگي انهي لاءِ هڪ بيسود جذبو دل ۾ سانڍيو آيو. سندس رولاڪين ۾ 1852ع ۾ انهي وقت رخنو پئجي ويو جڏهن کيس گوگول تي هڪ بهترين تعزيتي نوٽ لکڻ سبب اوريل ويجھو پنهنجي جاگير تي نيڪالي ڏني وئي. ترجينيف تي زوري مڙهيل گوشه نشيني سبب کيس ڪڙمين جي مسئلن کي سمجهڻ جو موقعو ملي ويو ۽ هن اهو عهد ڪري ڇڏيو ته هو پنهنجيون سموريون توانائيون انهن جي فائدي لاءِ وڙهندي صرف ڪندو. هاڻي هن ڊراما لکڻ بند ڪري ڇڏيا پر ڪجھ ورهيه پوءِ عظيم ناول On the eve ڇپرايائين. انهيءَ ۾ هن ڪريميائي جنگ جي پڄاڻي جي احوال سان گڏوگڏ اهو به ٻڌايو آهي ته ڪيئن آپيشاهه نڪولس پهرئين جي موت سان سموري روس ۾ حيات بخش توانائي پکڙجي وئي ۽ سندس جانشين اليگزينڊر ٻئين ڪيئن هارين نارين کي آزادي ڏئي ڇڏي. انهي ڪتاب کيس نوجوان نسل جو ديوتا بڻائي ڇڏيو.

سندس فادرز ائنڊ سنز نالي ناول جنهن اڳتي هلي کيس شهرت جي بلندين تي پهچائڻو هو اهو پهريون دفعو 1862ع ۾ ڪاٽڪوف جي ”The Russian Messenger“ نالي اخبار ۾ ڇپيو هو. اها اخبار نئين نسل جي ترجمان طور سڃاتي ويندي هئي. انهي ناول ۾ روس ۾ 1860ع کان 1870ع واري ڏهاڪي ۾ روس ۾ لبرل تحريڪ جي پکڙجڻ جو اڳواٽ ٻڌايل آهي ۽ انهي جو مرڪزي ڪردار بازاروف سياسي منظرنامي تي ظاهر ٿيندڙ انهي خوفناڪ مخلوق يعني Nihilistجو نقش اول (Prototype) آهي. ترجينيف انهي بابت پوءِ لکيو هو: ”مون ڪڏهن به اهڙو typeتخليق ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي جنهن بابت منهنجي ذهن ۾ فقط ڪو تصور نه پر هڪ جيئرو جاڳندو ماڻهو نه هجي ۽ انهي ۾ مختلف عنصر هم آهنگ ٿيل نه هجن جن کي پنهنجي تحرير ۾ ڪم آڻي سگهجي ... هن ناول جي مک ڪردار بازاروف جي بنياد ۾ هڪ نوجوان ڊاڪٽر جي شخصيت هئي. هو 1860ع کان ڪجھ وقت اڳ فوت ٿيو هو. انهيءَ نمايان فرد ۾ منهنجا اهي سڀئي ٽڙيل پکڙيل خيال موجود هئا جن کي اڳتي هلي Nihilist جو لقب مليو.

بازاروف هڪ جارح ماڻهو آهي جيڪو ٻين کي تباهه ڪندي پاڻ به تباهه ٿي وڃي ٿو. هو اهڙو بت شڪن آهي جنهن خلاف سندس پيروڪار به بغاوت ڪري بيهن ٿا ۽ هو اهڙو سائنسي سوچ رکندڙ ماڻهو آهي جيڪو سدائين مذهبي عقيدا رکندڙ ماڻهن سان وڙهندو رهي ٿو. هو اهڙو دلير ماڻهو آهي جيڪو خطرن ۾ رهڻ کي پسند ڪري ٿو، جيڪو سدائين اڪيلو بيهي ٿو جنهن کي ڪنهن به ڳالهه ۾ ويساهه ۽ عقيدو نه آهي ويندي کيس انهن ماڻهن جي ميڙن تي به يقين نه آهي جن لاءِ هن وڏي جاکوڙ ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته اهي اندروني طور ڪائنر آهن.

اسان جي بازاروف سان پهريون دفعو تڏهن ملاقات ٿئي ٿي جڏهن هو پنهنجي جوشيلي چيلي آرڪيڊي ڪرسانوف سان گڏ آرڪيڊي جي پيءُ نڪولائي جي ڳوٺاڻي گهر ۾ موڪل گذارڻ اچي ٿو. هو قد جو ڊگهو ۽ سنهو آهي. سندس سائي رنگ جون اکيون ڄڻ ته هر شي ۾ پيهي وڃن ٿيون ۽ سندس پيشاني ويڪري ۽ منهن تي چٿر ۽ ٽوڪ وارو انداز اٿس. سندس ڳاڙهاڻ مائل لڙڪندڙ شهپرن سان سندس انهي انداز ۾ وڌيڪ شدت اچي وڃي ٿي. هو پنهنجي ڊگهي کهري ڪوٽ ۾ ڏاڍو توجه ڇڪائيندڙ لڳي ٿو. نڪولائي ته پنهنجي پٽ جي ڪنهن به دوست جو آڌرڀاءُ ڪندي ڏاڍو خوش ٿيندو آهي پر هن مهمان جي ڪجھ گهٽ ڳالهائڻ ۽ رُکي هلت سبب ڪجھ پريشان به آهي. کيس آرڪيڊي جي ڳالهين مان خبر پوي ٿي ته بازاروف ڏاڍو هوشيار شاگرد آهي، نيچرل سائنس ۾ ڊگري ورتي اٿائين ۽ ايندڙ سال طب ۾ ڊگري وٺڻ جي اميد اٿس.

نڪولائي ڪرسانوف هڪ مهربان ۽ بي چين ماڻهو آهي جنهن کي پنهنجي ترقي پسنداڻي سوچ تي ناز آهي ڇاڪاڻ ته هن مارينو واري پنهنجي جاگير پنهنجن آزاد ڪيل ڪڙمين ۾ ورهائي ڇڏي آهي ۽ پنهنجي لاءِ فقط چار ايڪڙ رکيا اٿائين جن تي ڳاڙهي ٽين جي ڇت سان پنهنجو سادو ڪاٺ جو گهر ٺهرايو اٿائين. پر هو جيئن ته سُست ۽ ڪاهل آهي تنهن ڪري سندس ڪمدار اٽڪل سان سندس پئسو کائيندو وڃي ٿو تنهن ڪري کيس پنهنجي وڏي ڀاءُ پاويل کان مدد قبول ڪرڻي پوي ٿي. اهو به هن سان گڏ رهندو آهي... هو پنهنجين حالتن کي ڏسي ڳڻتين ۾ رهي ٿو ۽ تازو فوت ٿيل زال سبب اڪيلائي به محسوس ڪري ٿو تنهن ڪري هڪ سريت ويهاري اٿائين. اها معمولي گهراڻي جي ڇوڪري آهي. انهي جو نالو فينچڪا آهي. انهي مان کيس هڪ پٽ به ڄائو آهي. هو شرم وچان انهي اخلاقي ڪوتاهي جي آرڪيڊي سامهون وضاحت پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ڇوڪري جي اها ڳالهه ٻڌي کيس آٿت اچي ٿي ته هن جي خيال ۾ اهو هڪ بهترين بندوبست هو. نڪولائي کي هاڻي بازاروف سان اٿي ويٺي ۾ به وڌيڪ سهوليت ٿئي ٿي جو هو ڏسي ٿو ته بازاروف فينچڪا سان مروت سان پيش اچي رهيو آهي ۽ ننڍڙي مٽيا جي ڏندن نڪرڻ وقت پيش ايندڙ مسئلن بابت به کيس صلاحون ڏئي ٿو.

هوڏانهن بازاروف وري نڪولائي کي هڪ سٺي دل وارو معاملا بگاڙيندڙ پوڙهو سمجهي ٿو ۽ جڏهن کيس خبر پوي ٿي ته هارين ميرينو جاگير کي ”غربت فارم“ جو نالو ڏنو آهي ته انهي تي به کيس ڪا حيرت نه ٿي ٿئي. پر سندس اصلي مخالف سنئين ڪنڊي سيٽجي هلندڙ، وڏگهراڻو ۽ سابقه آفيسر پاويل آهي. هو انگريزي سوٽ پهريندڙ آهي ۽ انهي نوجوان کي حقارت جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪو سمورو ڏينهن ڏيڏرن جي وڍ ٽڪ پيو ٿو ڪري ۽ ماني جي وقت کاڌو ايترو ته تڙ تڪڙ ۾ نڙي مان هيٺ لاهيندو ويندو آهي جو هر ڳالهه جو جواب فقط يڪ پدن لفظن ۾ ڏيندو آهي. انهن ٻنهي جي هڪ ٻئي کان نفرت جو ٻيو گهرو سبب به آهي. پاويل لڪ ڇپ ۾ فينچڪا سان شديد محبت ڪري ٿو ۽ اها ڳالهه فقط بازاروف محسوس ڪري ورتي آهي. هاڻي پاويل ڄاڻي واڻي پنهنجن قدامت پرست خيالن جو اظهار ڪندو هو. جيئن بازاروف پنهنجن ناستڪي خيالن جو اظهار ڪري ۽ ماحول گرم ٿئي. اهڙي صورتحال ۾ بازاروف جڏهن سٺ ميل پري پنهنجن ماءُ پيءُ وٽ وڃڻ جو ارادو ڏيکاريو ته ويچاري نڪولائي سک جو ساهه کنيو. آرڪيڊي به سندس رستي تي ايندڙ هڪ شهر تائين هن سان گڏجي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.

اتي سٽينڪوف انهن جو استقبال ڪيو. اهو هڪ امير، بيوقوف ۽ آڪڙباز نوجوان آهي جيڪو هر نئين تحريڪ جي پٺيان ڇتو ٿي لڳي پوي ٿو ۽ هاڻي پاڻ کي بازاروف جو پوئلڳ ٻڌائي ٿو. هو ڏاڍي خوشي سان انهن جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو ۽ انهن تي زور ڀري ٿو ته هو سندس ”آزاد ٿيل“ دوست ميڊم ايوڊوڪسيا ڪشڪم سان ضرور ملن. اها ترقي پسندي بابت ڏاڍي خوشي سان ڳالهائي ٿي ۽ انهن کي خوب شامپين پيئاري ٿي. بازاروف انهي سان ڏاڍي رکائي سان پيش اچي ٿو پر هوءَ ايتري ته بيوقوف آهي جو اها ڳالهه کيس سمجهه ۾ نه ٿي اچي. ٻئي شام جو گورنر جي ڊانس پارٽي ۾ آرڪيڊي ڏاڍي دلڪش ميڊم انا اوڊنٽسوف سان ملي ٿي. هوءَ کيس عرض ڪري ٿي ته هو بازاروف کي هن سان ملائي ڇاڪاڻ ته کيس اهڙي ماڻهو سان ملڻ جو شوق آهي ”جنهن کي ايتري جرئت آهي جو ڪنهن به ڳالهه ۾ ويساهه نه ٿو رکي. اتي هڪ عجيب ٽه رخي تعلق جي شروعات ٿي. آرڪيڊي انا جي محبت ۾ سرشار ٿي وڃي ٿو. هوءَ کيس وڻندڙ ڇوڪرو سمجهي ٿي پر بازاروف کان ڏاڍي متاٿر ٿئي ٿي ۽ سندس گفتگو کيس ڏاڍي عجيب نموني تحرڪ ۾ آڻي ڇڏي ٿي. هو جيتوڻيڪ کيس پنهنجن ناستڪي خيالن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر انهي ٿڌي پُرسڪون عورت ۾ بازاروف لاءِ جيڪا ڇڪ موجود آهي هو انهي کان ٽهي پري ڀڄي ٿو.

انا انهن کي سندس ڳوٺاڻي گهر ۾ رهڻ جي دعوت ڏئي ٿي. اتي هو سندس پُرجوش نوجوان ڀيڻ ڪاتيا ۽ هڪ سُڪل پوڙهي شهزادي سان ملن ٿا جيڪا هن جي پڦي آهي. گهر ڏاڍو پرآسائش آهي بندوبست ڏاڍو سهڻو اٿس ۽ انهن سڀني ڳالهين جو مجموعو آهي جن کي بازاروف تباهه ڪرڻ گهري ٿو. هو انا بابت جيترو وڌيڪ ڄاڻندو وڃي ٿو ايترو کيس سندس طرز زندگي کان نفرت ٿيندي وڃي ٿي. هن جو پيءُ هڪ سهڻو شانائتو ماڻهو هو انهي پنهنجي دولت جوا ۾ تباهه ڪري ڇڏي هئي. هن انهي جي وفات تي سوچي سمجهي شاهوڪار ۽ وچولي عمر واري اوڊنٽسوف سان شادي ڪئي هئي. ڪجھ ورهين کان پوءِ هو مري ويو ۽ سندس سموري دولت هن جي قبضي ۾ آئي. هو گذريل ٽن ورهين کان سندس جاگير تي رهندي هئي ۽ هن پنهنجي دولت مان پاڻ، ڪاتيا ۽ پنهنجي پڦي کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به فائدي لاءِ ڪا ڪوشش نه ڪئي هئي.

بهرحال بازاروف پاڻ نه چاهڻ جي باوجود به انهي برف جهڙي ٿڌي حسينا جي محبت ۾ ڦاسي ويو ۽ اونهاري جا گرم ڏينهن گذرڻ سان هن جي سموري وجود ۾ اها خواهش ڀرجي وئي ته هو انهي کي هڪ اهڙي پُرجوش ۽ متحرڪ انسان ۾ تبديل ڪري جيڪا انهي محبت جي موٽ ڏئي. هو کيس ڊگهن نباتاتي سفرن تي وٺي ويندو هو، روس جي نئين جنم بابت ڊگهيون ڊگهيون ڳالهيون ڪندو هو، جديد سائنس ۾ هن جي دلچسپي پيدا ڪندو هو ۽ پنهنجون شامون ماٺ ميٺ ۾ هن جي اڀياس ۾ گذاريندو هو. سندس نيريون اکيون هن جي منهن تي ڄميل هونديون هيون. انهي دوران ويچارو آرڪيڊي الڳ ٿلڳ ۽ اداس رهندو هو. ڪاتيا پيانو وڄائي کيس وندرائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ۽ انهي دوران کيس چاهڻ لڳي پر آرڪيڊي جو خيال سندس ڀيڻ ڏانهن اٽڪيل هوندو هو.

هڪ گرم شام جو حالتن اهڙو رخ اختيار ڪيو جو انا بازاروف کي ٻڌايو ته کيس پڪ آهي ته هو ويجها دوست ٿي رهندا پر هوءَ چاهي ٿي ته هو هن تي وڌيڪ اعتماد ڪري. هن انا کان پڇيو ته ڇا هوءَ سندس گهڻو ڳالهائڻ جو سبب معلوم ڪرڻ چاهي ٿي، انهيء تي هن هائوڪار ڪئي. انهي تي لفظ ڄڻ سندس وات مان ڪرڻ لڳا. مون کي هي ڳالهه توکي ٻڌائڻ ڏي ته آءٌ ڪنهن بيوقوف وانگر توکي چاهيان ٿو ڪنهن چرئي وانگر... تون زور ڪري مون کان اها ڳالهه ڪڍرائي آهي“. هو ڏاڍي ملائمت سان پهريون دفعو سندس نالي جو پهريون حصو ڪتب آڻي ٿي. ”يوگيني وسيلا وچ!“ ۽ هو منهن ورائي سندس هٿن کي جهٽي وٺي ٿو ۽ کيس پنهنجي ڇاتي ڏانهن ڇڪي ٿو. هو ڪا ڪوشش نه ٿي ڪري پر ائين ٿو لڳي ڄڻ ته سندس ڀاڪر ۾ رِجي ٿي وڃي ۽ ٻئي لمحي هوءَ ڪمري جي ٻي ڪنڊ ۾ بيٺي هئي. سندس اکيون ڊپ ۾ پٽيون پيون هيون. هو هن ڏانهن لوهه پائي ٿو پر هوءَ خبردار ڪندي ڀڻڪاٽ ڪري ٿي: ”تون مون کي غلط سمجهيو آهي“. ۽ هو پٺي ڏئي ڪمري مان نڪري وڃي ٿو.

ٻئي ڏينهن هو انا کي اهو ٻڌائي پنهنجي گهر روانو ٿي وڃي ٿو ته هن ۾ کيس يا ٻئي ڪنهن کي به چاهڻ ۽ ان سان محبت ڪرڻ جي صلاحيت ئي نه آهي. سندس پوڙها ماءُ پيءُ ڏاڍي خوشي سان هن جو آڌرڀاءُ ڪن ٿا پر بازاروف ڪجھ ڏينهن ۾ ئي انهن پاران کيس کارائڻ پيارڻ، سندس هر ڳالهه جو خيال رکڻ ۽ هن جي چوڌاري هلڻ مان بيزار ٿي پوي ٿو ۽ اوچتو واپس ميرينو جو رستو وٺي ٿو. پر کيس اتي به آرام نه ٿو اچي. آرڪيڊي به ساڳيو ساراهه ڪندڙ دوست نه رهيو آهي ڇاڪاڻ ته بازاروف وانگر هن کي به انا جي ياد ستائيندي ڪندي رهي ٿي ۽ هو هن جي گهر ڏانهن موٽي وڃي ٿو. نڪولائي مالي مصيبتن سبب ڏاڍو پريشان آهي. پاويل جا ناستڪي متي(Nihilism) ڏانهن طنزيه اشارا برداشت کان ٻاهر ٿيندا پيا وڃن. ڪهاڻي انهيءَ وقت ڪلائيميڪس تي پهچي وڃي ٿي جڏهن هو بازاروف تي اهو الزام هڻي ٿو ته هو فينچڪا کي هرکائي سندس ڀاءُ کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ کيس دوبدو لڙائي (Duel)جي دعوت ڏئي ٿو. لڙائي ۾ پستول ڪم اچن ٿا ۽ پاويل کي ماس ۾ زخم رسي ٿو. بازاروف کيس تمام سٺي طبي امداد ڏئي ٿو پر نڪولائي تمام پريشان ٿي وڃي ٿو ۽ ماحول ايترو ڇڪتاڻ وارو رهي ٿو جو هو ميرينو مان نڪري پنهنجي گهر هليو وڃي ٿو. هن دفعي هو پاڻ تي زور ڪري پنهنجي ماءُ پيءُ جي پيار ڀريي توجه سهي ٿو ۽ انا بابت پنهنجي ذهني پيڙا کي گهٽائڻ لاءِ هارين ۾ پکڙيل مدي جي بخار کي منهن ڏيڻ ۾ لڳي وڃي ٿو. هو هڪ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندي پاڻ کي ٽڪو ڏئي وجھي ٿو ۽ بيماريءَ ۾ وٺجي وڃي ٿو.

بازاروف جي ڏک ۾ ورتل ماءُ پيءُ سندس پر گهور لڌي پر سندس پيءُ جيڪو هڪ اڳوڻو فوجي ڊاڪٽر هو انهي کي جديد طريقن جي ڄاڻ نه هئي ۽ هو پنهنجي پٽ کي چُڻندي مرندو ڏسڻ کان سواءِ ڪجھ نه ڪري سگهيو. بازاروف کي جيئن ته بيماري جي هر علامت جي خبر هئي تنهن ڪري هن ڄاتو ٿي ته هو جلدي بيهوشي جي حالت ۾ هليو ويندو. تنهن ڪري هو پنهنجي پيءُ کي انا ڏانهن نياپو موڪلڻ جو چوي ٿو. هو ائين ئي ڪري ٿو ۽ هوءَ هڪ جرمن ڊاڪٽر کي پاڻ سان گڏ وٺي اچي ٿي جيڪو بازاروف جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ انا ۽ پيءُ کي ٻڌائي ٿو ته هاڻي ڪير به ڪجھ نه ٿو ڪري سگهي.

انا بيمار جي ڪمري ۾ اڪيلي وڃي ٿي ۽ بستري جي ڀرسان ويهي رهي ٿي. بازاروف گهوري نهاري ٿو. ”سٺي دل واري!“ هن آهستگي سان چيو، ”اڙي! ڪيتري نه ويجھي ڪيتري نه نوجوان، ڪيتري نه تازي ۽ خالص....، ٺيڪ آهي، الله توهار! زنده باد، اهو سڀ کان سٺو ڪم آهي، جيستائين وقت آهي انهي مان وڌ کان وڌ فائدو وٺو. توهان کي ڏاڍو بڇڙو منظر ڏسڻ ۾ اچي ٿو: اڌ چچريل ڪينئون، پر اهو اڃا چُري پري ٿو. ۽ ڏسو ته، مون به سوچيو هو: آءُ ڪيترين ئي شين کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪندس... ڪيترائي مسئلا به حل ڪرڻا هئا. آءٌ هڪ ديو هوس! ۽ هاڻي ديو جي سامهون اهو ئي مسئلو آهي ته آرام سان ڪيئن مرجي...“ اوچتو هو اٿي ويهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو: ”ٻڌ... مون توکي تڏهن مٺي نه ڏني هئي... وسامندڙ بتي کي ڦوڪ ڏي، ۽ انهي کي وسائي ڇڏ...“.

انا هن کي پيشاني تي مٺي ڏني ۽ هو پٺتي آهلي پيو. ”ڪافي آهي!“ هن ڀڻڪاٽ ڪيو، ”هاڻي... اونداهي...“ هن وڌيڪ هڪ لفظ نه ڳالهايو ۽ ٻئي ڏينهن مرڻ تائين ڪوما ۾ رهيو.

ڇهه مهينا پوءِ ميرينو ۾ نڪولائي ۽ فينچڪا ۽ آرڪيڊي ۽ ڪاتيا جي شادين جي دعوت آهي. مسرور جوڙن ۽ پاويل لاءِ جام نوش ٿي رهيا هئا. پاويل ڊريسڊن رهڻ پئي ويو. ڪاتيا کان سواءِ ڪير به انهي شخص جو نالو نه ٿو کڻي جنهن انهن سڀني تي اثر وڌو هو، هوءَ آرڪيڊي سان جام ٽڪرائڻ وقت آهستگي سان چوي ٿي.

”بازاروف جي ياد“

جڏهن ڪتاب ڇپجي منظر تي آيو ته ترجينيف کي نوجوان روسين وٽان هزارين ڪاوڙ ۾ ڀريل خط آيا. هو انهن جو ديوتا ٿي رهيو هو. هنن اهو پڇڻ چاهيو ٿي ته کيس اهڙي ڪردار تي چٿر ڪرڻ جي جرئت ڪيئن ٿي جيڪو سندن مقصد جي علامت هو. ساڳئي وقت کيس انهن پوڙهن سلاوي مفادن جي حامين (Slavophil) ۽ رجعت پسندن وٽان به هزارين خط آيا جن ۾ ناستڪ جي جديد ۽ خوفناڪ مظهر کي نندڻ جي جرئت ڪرڻ تي سندس واکاڻ ڪئي وئي هئي. هن جا دليل دلائل سندس مخالفن توڙي مداحن آڏو بيسود ثابت ٿيا: طوفان هن جي چوڌاري زوڪاٽ ڪندو رهيو. پوءِ هن هڪ جاءِ تي لکيو هو: ”غلط فهمين جو بنياد انهي حقيقت تي هو ته بازاروف واريtype کي دستوري دورن (Phases) مان گذرڻ جو وقت نه مليو هو. هو جنهن وقت منظر تي آيو انهي ئي گهڙيءَ ليکڪ هن تي حملو ڪيو. اهو مون پاران متعارف ڪرايل نئون طريقو ۽ پڻ نئينtype هئي. مون ڪنهن کي آدرشي بنائڻ بجاءِ محسوس ڪرايو هو... پڙهندڙ کي ڏاڍي سهوليت سان حيرانگي جي کڏ ۾ اڇلايو وڃي ٿو جڏهن ليکڪ پنهنجي ٻار سان چٽي همدردي يا مخالفت نه ٿو ڏيکاري. پڙهندڙ جلدي ڪاوڙجي وڃي ٿو.... ڀلا ڪتاب وندرائڻ لاءِ ئي ته هوندا آهن“.

اڪثر وڏن فنڪارن وانگر ترجينيف به تمام حساس ماڻهو هو. هو گهوگهيتي وانگر کوپي ۾ گهري ويو ۽ پري ويو هليو ۽ آخرڪار وڃي فرانس ۾ رهيو. اتي هو فلابرٽ جو ويجهو دوست ٿيو ۽ ڊي موپا سان ۽ ٻيا نوجوان ليکڪ هن جي ڳولها ۾ رهندا هئا. پر هن جيئن اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو سندس نالي تي پاڇو پيل ئي رهيو ۽ دوستو وسڪي ۽ ٽالسٽاءِ پاران سندس ڪم جي شديد نندا کيس ڏاڍو ڦٽي وڌو. هن جي روس سان محبت ۾ ڪا به تبديلي نه آئي هئي ۽ هو سن 1880ع ۾ انهي ملڪ ۾ آخري دفعو آيو جنهن سان کيس محبت هئي. پر تڏهن طوفان ٽري ويو هو ۽ Nihilism طاقت ۾ اچي چڪي هئي ۽ ماڻهن کي احساس ٿي ويو هو ته هن Fathers and sons ۾ مستقبل جا تمام سچائي سان چٽ چٽيا هئا. اها ڳالهه به رڪارڊ تي آڻڻ بهتر ٿيندي ته سندس پاران پنهنجي وطن جو سفر هڪ ڪامياب پيش رفت هئي جنهن هن پاران ويهن ورهين تائين سٺل ڀوڳنائن جي ياد ميساري ڇڏي.

59. وار ائنڊ پيس

-- ليوٽالسٽاءِ --

 

ڪائونٽ ليو ٽالسٽاءِ هڪ وڏگهراڻو زميندار هو جيڪو وچ روس ۾ پنهنجي ڪٽنب جي جاگير تي هڪ وڏي گهر ۾ رهندو هو. هو 1828ع ۾ ڄائو ۽ پنجٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ وار ائنڊ پيس لکڻ شروع ڪيائين. ست لک لفظن ۽ 539 ڪردارن تي مشتمل اهو تمام وڏو ڪتاب پنج ورهيه پوءِ قسطوار ڇپجڻ شروع ٿيو. هاڻي اهو درجنين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ کان پوءِ عالمي ادب ۾ شايد سڀ کان وڏو ناول مڃيو وڃي ٿو.

پر انهي ايتري وڏي ۽ ايترن گونان گون منظرن واري ڪتاب کي ناول چوڻ غلط ٿيندو. اسان جيڪي ناول پڙهندا آهيون انهن جي اڪثريت زندگي جي هڪ ننڍي ٽڪري کي موضوع بڻائيندي آهي انهن ۾ چند ڪردار هوندا آهن ۽ اهو هڪ سمجهه ۾ ايندڙ پلاٽ مطابق هلندو آهي. پر ٽالسٽاءِ اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪئي آهي.

اها ڳالهه آهي ته ڪتاب جي شروعات هڪ ننڍي منظر سان ٿئي ٿي. سينٽ پيٽرس برگ ۾ هڪ سماجي اٿي ويٺي رکندڙ هڪ خاتون جولاءِ 1805ع ۾ هڪ آجياڻو ڏنو آهي. ڪجھ مهينا اڳ نيپولين جي فرانسين جي شهنشاهه ٿيڻ جو اعلان ٿي چڪو آهي. هن جينوئا جو فرانس سان الحاق ڪري ڇڏيو هو، برطانوين کان هينوور کسي ورتو هئائين ۽ اٽليءَ جي بادشاهت جو تاج سندس سر تي رکجي چڪو هو. انگلينڊ سندس دشمن هو. هاڻي هو آسٽريا ۽ اڳتي خود روس لاءِ خطرو هو. انهن ٽنهي ملڪن ۾ اتحاد لاءِ رٿائون هلي رهيون هيون ۽ انهي شام به سينٽ پيٽرسبرگ ۾ انهي ”دشمن مسيح“ ۽ وحشي خلاف جذبا چوٽ چڙهيل هئا جنهن بوربونن جي وارث Duc di engheim کي قتل ڪيو هو ۽ هاڻي سموري يورپ لاءِ خطرو ٿي رهيو هو.

انهيءَ آجياڻي ۾ عام ڪچهري ۽ مصنوعي خوش اخلاقي سان گڏ اهي سڀ ڳالهيون به زير بحث هيون. اسين مختلف فردن کان واقف ٿيون ٿا انهن ۾ جيتوڻيڪ چٽا فرق آهن پر ڪو به گهڻو نمايان نه ٿو ڏسڻ ۾ اچي. انهن ۾ هڪ عينڪ سان وڏي هڏ ڪاٺ وارو نوجوان آهي. اهو ڪجھ لڄوڙو آهي ۽ انهيءَ اوطاق جي ڪجھ رک رکاء واري ماحول جي لحاظ کان ڳالهائڻ ۾ وات ڦاٽوڙو آهي. اسان کي خبر پوي ٿي ته سندس نالو پيئر آهي. هو روس جي هڪ امير ترين شهزادي جو ناجائز پٽ آهي. پرنس اينڊريو نالي ٻيو هڪ نوجوان ٺاهوڪو، رُکو ۽ الڳ ٿلڳ ويٺو آهي. انهي شام ٻين ڪٽنبن جا ماڻهو به آيل آهن ۽ اسين انهن جي عورتن سان ملون ٿا. انهي ۾ ڪا به سنسني واري ڳالهه نه آهي. اسين ڪجھ پريشان ۽ شايد بور به ٿي وڃون ٿا.

پر جلدئي منظر وسيع ٿي وڃي ٿو ۽ ڪجھ ٻيا ڪٽنب به آکاڻيءَ ۾ اچي وڃن ٿا ۽ اسين ڪردارن کان وڌيڪ گهرائي سان واقف ٿيون ٿا اسان کي انهن جي گهريلو زندگي، انهن جي ارادن ۽ انهن جي محبتن ۽ نفرتن کان آگاهي ٿئي ٿي. آهستي آهستي انهن ڏينهن جي وڏگهراڻي زندگي جي سموري تصوير اسان جي اکين جي سامهون اچي وڃي ٿي. امير پنهنجي تمام گهڻي دولت جي ٽيڪ تي تمام وڏين محلاتن ۾ رهيا پيا آهن، اها دولت انهن جي جاگيرن تي ڪم ڪندڙ هزارين ڪڙمين جي ذريعي آئي آهي. اهي پنهنجي پس منظر جي لحاظ کان جيتوڻيڪ اسان کان مختلف آهن پر اسين انهن کان جيترو واقف ٿيندا وڃون ٿا ايترو انهن جون عام انساني وصفون اسان جي سامهون ظاهر ٿينديون وڃن ٿيون. اهي بلڪل حقيقي انسان آهن، هڪ ٻئي کان جدا طبيعتون رکندڙ انهن مان ڪي ته تمام وڻندڙ آهن، نوجواني جي ڏينهن ۾ تمام خوش آهن، زندگي سان ڀرپور آهن ۽ اسان وانگر مصروف زندگي گذارين ٿا. اهڙي طرح اسان پاران پهريان هڪ سو صفحا پڙهڻ کان پوءِ به اسان کي اها خبر نه ٿي پوي ته ٽالسٽاءِ اسان کي ڪيڏانهن وٺيو پيو وڃي پر اهي سمورا ڪردار اسان لاءِ اهم ٿيندا پيا وڃن ۽ اسان جون دليون انهن سان گڏ ڌڙڪڻ شروع ڪن ٿيون.

پر انهن دوران روس ۽ فرانس ۾ جنگ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ روسي فوج- انهي ۾ نوڪري ڪندڙ ڪيترن ئي نوجوانن سان اسين سينٽ پيٽرسبرگ ۾ ملي چڪا آهيون- پنهنجي اتحادي سان ملڻ لاءِ آسٽريا ۾ داخل ٿي چڪي آهي. ٽالسٽاءِ فوج جي چُرپر ۽ فوجي ماحول جو بيان تمام حقيقت پسنديءَ سان ڏنو آهي. جو هن پاڻ ڪريميائي جنگ ۾ بهرو ورتو هو. انهي دوران هن جو زور سدائين واقعن بجاءِ فردن (جن مان هيستائين ڪيترن سان تعارف ٿي چڪو آهي) ۽ انهن جي عملن تي آهي. هر باب ۾ بيان هڪ منظر کان ٻئي منظر تي وڏن فيصلن کان شروعاتي جنگين تي وري عام سپاهين جي معمولي ڳالهين کان ننڍن آفيسرن جي شرارتن تي ڦرندو رهي ٿو تان جو اسان کي اڻ لکي انداز ۾ خبر پوي ٿي ته ليکڪ جي انهي رزميه بيان جو اصل مقصد ڪهڙو آهي. هڪ طرف هو نيپولين خلاف حب الوطني جي جذبي سان ٽمٽار جنگ جو مڪمل رخ پيش ڪري ٿو جيڪا 1812ع ۾ روس تي ڪاهه سان شروع ٿي ۽ فرانسي فوج پاران باهه ۾ سڙندڙ ۽ ويران ماسڪو ۾ ڇهه مهينا ترسڻ کان پوءِ پڄاڻي تي پهتي. ٻئي طرف وري ٽالسٽاء پنهنجي گهريلو بيان جي سلسلي کي به اڳتي وڌائي ٿو. انهي لاءِ هن ڪتاب جي مک ڪردارن کي روسي فوج ۾ رکيو آهي ۽ جنگ کي انهن جي نظر سان ڏسندي قومي جدوجهد هلندي انهن جي واڌويجهه جو به پيرو کڻي ٿو.

پر اسين اڃا تائين انهيءَ تمام منجهيل ۽ متنوع ڪتاب جي تهه تائين نه پهتا آهيون. ٽالسٽاء جو ٻٽو مقصد لازماً نهايت وڏو آهي پر هن پاران واقعن جي ڀرمار لائي ڏيڻ جو فقط اهو ئي سبب نه آهي. آسٽرلٽز جي لڙائي جهڙن عالمي واقعن کان پوءِ بظاهر معمولي گهريلو مسئلا اچي وڃن ٿا. اسپاٽ لائيٽ مسلسل ڦرندي رهي ٿي؛ هڪ ڪٽنب کان ٻئي ڪٽنب جو ذڪر اچي ٿو، تجلا ڏيندڙ ڊانس پارٽي کان ٻن ماڻهن جي وچ ۾ آهستگي سان ٿيندڙ گفتگو جي ڳالهه نڪري ٿي، عشق معاشقي کان پوءِ شڪار جو منظر اچي وڃي ٿو، پيئر پاران فري ميسنري ۾ داخل ٿيڻ جو بيان اچي ٿو، هڪ ڪاوڙيل پوڙهي شهزادي جو مختصر خاڪو اچي ٿو جيڪو پنهنجي اڻ پرڻيل ڌي تي اجايون سختيون ڪري ٿو، وري ملڪي سطح جي سياست، نوجواني جي خوشين ۽ غمن جو بيان اچي ٿو. هڪ معصوم ڇوڪري ڪنهن سان گڏ گهر کان نڪرندي نڪرندي رهجي وڃي ٿي. وري ڪرسمس جا نقاب پوش نائڪي، مڱڻا، شاديون مطلب ته ڏاڍي ڌيان سان سوچيل پر بظاهر بي ربط واقعن جو هڪ ميڙ آهي جيڪو پاڻ ۾ جڙيل وڏ گهراڻن ۾ واقع ٿي رهيو آهي. سموري ڳالهه جو مطلب ڇا آهي؟ اها ڪيڏانهن وٺي ويندي؟

اهو ساڳيو سوال خود زندگي بابت به پڇي سگهجي ٿو ۽ هتي اسين ڪتاب جي مغز ۽ انهي جي عظمت ڏانهن هڪ اشاري جي ويجھو پهچي رهيا آهيون. ٽالسٽاء زندگيءَ جو هڪ شديد عاشق هو ۽ هن وار ائنڊ پيس لکي حقيقي زندگي جي هڪ هوبهو تصوير تخليق ڪئي جنهن ۾ انهي جي ميراڻ، انهي جي بي ربطي، انهي جي رنگا رنگي، انهي ۾ اڪيلن ڪوششون ڪندڙ ماڻهن جي ميڙن ۽ انهي جي بظاهر بي مقصديت مطلب ته سڀ ڪجھ اچي وڃي ٿو. پر هن انهي حقيقي تصوير ۾ خود پنهنجي حياتيت به اهڙي انداز ۾ اوتي ڇڏي آهي جو اسين حقيقي زندگي وانگر انهي کي به پنهنجي مٿي تسليم ڪريون ٿا ۽ انهي مان لطف اندوز ٿيون ٿا. هو اسان جي لاءِ اهو وڏو منظرنامو نئين سر تخليق ڪري ٿو جنهن سان اسان کي منهن ڏيڻو آهي ۽ بنا منڍ ۽ پڇاڙي واري اهڙي ندي ٺاهي ٿو جيڪا اسان کي نامعلوم منزل ڏانهن کڻي وڃي ٿي.

هاڻي اچو ته جنگ ۽ امن جي ٻنهي جاڙن رخن ڏانهن منهن ڪريون. ڪتاب جي پهرئين اڌ ۾ روس تي ڪاهه کان اڳ تائين اهي جدا جدا آهن. ڪجھ سپاهي آهن جيڪي محاذ تي آهن ۽ گهرن ۾ موجود عام شهري آهن ۽ سپاهي جڏهن موڪل تي وڃن ٿا ته اهي جنگ کان امن واري حالت ۾ اچن ٿا يعني نوجوان امير پنهنجا تجربا پاڻ سان گڏ کڻي اچن ٿا ۽ انهن جيڪو ڪجھ ڏٺو يا ڪيو آهي انهي مطابق اهي بيزار ٿي، اتساهه وٺي يا کليل ذهن سان اچن ٿا ۽ پنهنجن ڪٽنبن ۽ دوستن کي نئين نظر سان ڏسن ٿا. شايد ته انهن ۾ پختگي اچي وئي آهي يا شايد ته نه آئي آهي پر اهي تبديل ضرور ٿيا آهن ۽ اهي تبديل ٿيل ماڻهو وڏ گهراڻي تلاءَ ۾ نيون ڇوليون پيدا ڪن ٿا ۽ ڪتاب ۾ نوان منظر پيش ڪن ٿا. گهريلو لاڳاپا نين سطحن تي اچن ٿا ۽ اڃا به اسان کي اهو تاثر ملي ٿو ته فرد پنهنجين قسمتن جا مالڪ ٿي سگهن ٿا.

پر پوءِ هڪ وڏي تبديلي اچي وڃي ٿي. نيپولين ڪاهه ڪري ٿو ڏئي ۽ سموري ملڪ ۾ جنگ پکڙجي وڃي ٿي. ٽالسٽاء تاريخي ماخذن جي ويجھو هلندي فاتح جا چٽ چٽي ٿو جيڪو سمجهي ٿو ته هو ئي اهو واحد ماڻهو آهي جيڪو حالتن کي پنهنجي مرضي مطابق هلائي ٿو ۽ ڏهه لک ماڻهو روس ۾ داخل ڪري ڇڏيا اٿائين. هو روسي ڪمانڊر انچيف ڪوٽو زوف جي به تصوير پيش ڪري ٿو. ڪوٽوزوف جي ڪڏهن به اها سوچ نه آهي ته هن عظيم ترين جنگ ۾ فرد به ڪا حاصلات ڪري سگهن ٿا. هن جي خيال ۾ انهي ڇڪتاڻ جو فيصلو خدائي قدرت طرفان ٿيڻو آهي. هو فقط اهو ئي ڪري سگهي ٿو ته هو خدائي قدرت سان گڏ ڪم ڪري ۽ سندس خيال ۾ انهي جي پڄاڻي تي ڪاهه ڪندڙ کي شڪست نصيب ٿيندي. هن نقطي تي ڪتاب ۾ هڪ نئون عنصر شامل ٿئي ٿو. ٽالسٽاء انهي تمام وڏي واقعي جا چٽ چٽيندي- سمولينسڪ تي قبضو، بوروڊينو جي لڙائي، ماسڪو کي خالي ڪرڻ، انهي تي فرانسين جو قبضو، انهن پاران روسين هٿان تنگ ٿي وري ماسڪو کي خالي ڪرڻ ۽ پسپائي- ڄاڻي واڻي ٻنهي پاسن جي انهن ٻنهي قسمن جي ماڻهن جي ڀيٽ ڪئي آهي جن ۾ هڪ ته اهي طالع آزما آهن جيڪي سمجهن ٿا ته اهي واقعن تي فيصلائتي انداز ۾ اثر وجھي سگهن ٿا ۽ يا اهي جيڪي سادگي، همٿ ۽ ويساهه سان انهن جا حڪم مڃين ٿا. ٽالسٽاء چوي ٿو ته زندگي اسان مان ڪنهن به ماڻهو کان گهڻي وڏي آهي. اها اسان سان انفرادي طور ڪئين ٿي هلي اها ڳالهه گهڻي اهميت نه ٿي رکي. اهم ڳالهه اها آهي ته انهي کي هاڪاري نموني تسليم ڪيو وڃي. هو ڏک ۽ پيڙائن واري وسيع منظرنامي واري ڪتاب جي انهي جنگ واري حصي ۾ جبلتي ڏاهپ وارن ماڻهن تي پنهنجي توجه مرڪوز ڪري ٿو: انهن ۾ ڪوٽوزوف به آهي جنهن جو رهنما اصول آهي ”صبر“، ته انهن ۾ اهي هاري ناري به آهن جيڪي کلندي ڪڏندي صاف قميصون پائي جنگ تي ويا آهن ڇاڪاڻ ته هو مري پنهنجي اپائڻهار سان ملڻ وڃي رهيا آهن. اهڙن ئي ماڻهن ۾ روسين جو فراسين وٽ اهو جنگي قيدي به آهي جيڪو گندگي ۽ بک جي باوجود پنهنجي ڪنهن سوچ تي مُرڪي رهيو آهي.

ڪتاب ايمان عقيدي ۽ هڪ روحاني حقيقت جي آگاهي سان ڀريل آهي. اها حقيقت انسانن، جانورن ۽ فطرت سان هڪ پيار ڀريو، هاڪاري ۽ اميد افزا رويو آهي. فرانسين جي پسپائي کان پوءِ جڏهن آخري سپاهي به منڊڪائيندو سرحد ٽپي ويو آهي. انهي روحاني موضوع جي سلسلي کي وري هٿ ۾ کنيو وڃي ٿو. ڪجھ ڪردار جيڪي سموري ڪتاب ۾ اسان سان گڏ رهيا هئا اهي هاڻي موجود نه آهن. هڪ ڇوڪراٽ گهوڙي سوار فوجي جيڪو نوجواني جي سونهن ۽ جوش سان ڀريل آهي جنهن وڏي جوان مردي سان فرانسين کي للڪاريو هو اهو مري ويو آهي. اينڊريو جنهن سان اسين پهرئين باب ۾ هڪ رُکي نوجوان طور مليا هئاسين اهو انهن سمورن ورهين دوران ڪنهن اهڙي تجربي ۽ وارتا جي ڳولها ۾ رهيو آهي جيڪو زندگي کي معنيٰ ۽ سندس ذهن کي سڪون ڏئي. اهو تجربو کيس بيماري جي بستري تي حاصل ٿئي ٿو جڏهن لڙائي ۾ هڪ موتمار زخم کان پوءِ هو خواب ڏسي ٿو ته هو هڪ ڪمري ۾ اڪيلو آهي ۽ موت اندر اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هو دروازي کي بولٽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر بولٽ ڦاسي پوي ٿو. هو انهي کي ڌڪو ڏئي بند رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر اهو ڌِڪجي ڌڪجي کلي وڃي ٿو. پوءِ موت ڪمري ۾ هليو اچي ٿو... انهي ئي وقت حقيقي زندگي ۾ سندس پرگهور لهندڙ هڪ نوڪر کيس چوي ٿو: ”سجاڳ ٿيو“ ۽ جاڳڻ سان ئي کيس اهو احساس ٿئي ٿو ته موت زندگي مان سجاڳ ٿيڻ جو نالو آهي. انهي وقت کان پوءِ سندس زندگي آهستي آهستي مڪمل سڪون سان ختم ٿيندي پڄاڻي تي پهچي ٿي.

اسين آخرڪار ڪتاب جي تهه ۽ انهي حقيقي پيغام تائين پهچون ٿا جيڪو انهي وڏي رزميي ۽ زندگي جي انهي هوبهو ڌڙڪندڙ تصوير ۾ اسان لاءِ موجود آهي. سڀئي مک ڪردار هڪ خاص قسم جا آهن انهن جا مزاج ۽ طبيعتون به مختلف آهن پر هڪ ڳالهه انهن سڀني ۾ مشترڪ آهي ته انهن کي روحاني سچائي جي ڳولها آهي. اهي زندگي ۽ انسان جي تقدير بابت ڪو ادراڪ حاصل ڪرڻ کان سواءِ خوش نه ٿا ٿي سگهن. اهي روزاني زندگي جي معمولي ڳالهين سان به تيستائين ڪا مطابقت حاصل نه ٿا ڪري سگهن جيستائين اهي انهي طاقت جي ڪا جهلڪ نه ٿا پسي وٺن جيڪا انهن سڀني جي مٿان ڪار فرما آهي. اها روحاني سجاڳي مختلف رستن ۾ اچي ٿي پر انهي کي زوريءَ نه ٿو آڻي سگهجي. اهي جيتوڻيڪ ڳولهائو ۽ طالبو آهن پر اهي جيتري به ڪوشش ڪن، دماغ کلڻ جي گهڙي پنهنجي وقت تي ايندي. پر انهن جي لاءِ- ٽالسٽاء جو چونڊيل ۽ اعليٰ طبقو- اهو دماغ جو کُلڻ تمام ضروري آهي. اهي انهي کان سواءِ زندگي نه ٿا گذاري سگهن ۽ اهڙن سڀني ماڻهن لاءِ اڄ توڙي سندس پنهنجي دور ۾ سندس پيغام اهو هو ته: ”ڪوشش ڪريو، توهان ڳولهي لهنداؤ“.

اها ڏاڍي هاڪاري ڳالهه آهي پر انهي مان اهو مطلب نه ٿو نڪري ته نجات ۽ مڪتي تصوف ۾ ۽ زندگي کان منهن موڙڻ ۾ ملندي. انهي جي ابتڙ پيئر جيڪو سموري ڪتاب جو هڪ مک ڪردار آهي. اهو مصروف ۽ ڏاڍو سرگرم ماڻهو آهي. هن جون اشتهائون مضبوط آهن ۽ هو انهن جو پورائو به ڪري ٿو. هو هڪ شهريءَ جي حيثيت ۾ بوروڊينو جي جنگ جي ميدان تائين پهچي وڃي ٿو جيئن ڏسي ته اتي ڇا ٿي رهيو آهي. هو ٻرندڙ سڙندڙ ماسڪو ۾ هڪ ٻار کي بچائي ٿو ۽ فرانسي کيس باهه ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري وٺن ٿا. قيد دوران جبلتي ڏاهپ رکندڙ ساٿي قيدي سان ڳالهين دوران صداقت جي گهڙي هن وٽ اچي ٿي. تڏهن ئي کيس خبر پوي ٿي ته خدا هر جاءِ موجود آهي. خدا سندس آسپاس ۽ زندگي ۾ موجود آهي. انهي کان ٻاهر نه آهي.

انهن مک ڪردارن پاران زندگيءَ ۾ روزي روٽي جي ڳولها ۾ هٿ پير هڻڻ جا منظر به دل تي ڏاڍو اثر وجھن ٿا. انهن مان ڪجھ ماڻهو جنگ مان جان بچائي آيا آهن ۽ ڪنهن به ڏُکيائي، تڪليف يا پيڙا سبب انهن جي ڪوشش جو رُخ تبديل نه ٿيو آهي انهي حقيقت مان ٽالسٽاء جي انهي ڳالهه کي هٿي ملي ٿي ته ٻاهريون حالتون ڀلي ڪيتريون نه سخت ڇو نه هجن اسان جو ڪشش ثقل جو مرڪز (Centre of gravity) اسان جي اندر ۾ ئي موجود رهي ٿو ۽ حقيقي اهميت روحاني زندگي کي ئي حاصل آهي.

پر سڀ ڪردار طالبُو ۽ ڳولهائو نه اهن. اهي ٽي ڪٽنب جن جا معاملا ڪتاب ۾ سڀ کان اهميت سان بيان ڪيا ويا آهن انهن مان سڀ پنهنجي لحاظ کان اهليت وارا آهن جو اهي بنيادي چڱائي جا مالڪ آهن پر انهن مان اڪثريت زندگي بابت ڪي به سوال نه ٿي پڇي. اهي وسيع ترافق کي ڏسڻ لاءِ پنهنجيون اکيون کولڻ جي ڪوشش نه ٿاڪن. اهي انهي جي ضرورت به محسوس نه ٿا ڪن. انهن ماڻهن ۾ ڪجھ وڻندڙ فرد به شامل آهن. هڪ پوڙهو نواب، هڪ وڏي ڪٽنب جو سربراهه ڪنهن حد تائين سست ۽ ڪاهل آهي پر هو سدائين ٻين لاءِ قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار رهندو آهي، سندس ڌيءُ نتاشا ڏاڍي حساس، خوش طبع ۽ وڻندڙ ڇوڪري آهي. کيس پنهنجي سونهن جو ڏاڍو احساس آهي هوءَ محبت ڏيڻ ۽ وٺڻ لاءِ هردم تيار رهندي آهي. سندس ڀاءُ نڪولس، ادبي ذهن رکندڙ نوجوان آهي. هو سرگرم، ارادي جو پڪو ۽ پُرجوش ماڻهو آهي.

اڪثر نوجوانن کي ڪتاب جي آخر ۾، آخري بابن ۾ زندگي ۾ پنهنجو مقام ملي ٿو. انهن بابن ۾ اهي پنهنجين جاگيرن تي پنهنجن ڪٽنبن سان گڏ رهندي ڏيکاريا ويا آهن جتي اهي طوفان کان پوءِ سانتيڪي هوا ۾ ساهه کڻن ٿا. ٽالسٽاء جو شروع ۾ اهو ارادو هو ته هو پنهنجي ڪتاب جو نالو ”All’s Well that ends Well“ رکندو ۽ Well مان هن جو مطلب ڳوٺاڻي زندگي جي سادن ڪمن، ٻارن جي پرورش، زال مڙس جو هڪ ٻئي سان سهڪار هجي ها. يعني اهي سڀئي ڪم جيڪي ماڻهن کي زندگي ۾ هڪ مفاد، انهن جي وجود لاءِ هڪ مرڪز ۽ تعميري سرگرمي لاءِ هڪ ميدان ڏين ٿا.

پر عنوان ۾ end جي لفظ مان ڪتاب جي خشڪ ۽ بي لچڪ هئڻ جو مطلب نڪري ها جيڪا ڳالهه ڪتاب جي ماحول جي بلڪل خلاف آهي. وار ائنڊ پيس ۾ حقيقي معنيٰ ۾ ڪو به مُنڍ ۽ ڪا به پڇاڙي نه آهي. ڪتاب ۾ هر هنڌ تبديلي ۽ تنوع جو تصور ملي ٿو خاص طور فردن جي وچ ۾ لاڳاپا هر وقت تبديل ٿيندا رهن ٿا ۽ آخري ڪجھ بابن ۾ زندگي جي دائمي حرڪت جي تصور کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٽالسٽاء هڪ پندرهن ورهين جي ڇوڪري کي پيش ڪيو آهي. اهو پرنس اينڊريو جو يتيم پٽ آهي. هن پنهنجي پيءُ کي نه ڏٺو آهي ۽ هڪ دفعو پنهنجي پيءُ کي خواب ۾ ڏسڻ کان پوءِ هو جاڳڻ تي قسم کڻي ٿو ته ”هو ڪو اهڙو ڪم ڪندو جنهن سان هو به مطمئن ٿيندو“.

جديد دور جا اهي پڙهندڙ جيڪي ڇڪيل تاڻيل پلاٽن تي هريل آهن جن ۾ ليکڪ انهن جي توجه برقرار رکڻ جون ڪوششون پيا ڪندا آهن انهن کي وار ائنڊ پيس پڙهڻ ۾ هڪ ڏکيو ڪتاب لڳندو ۽ اها ڏکيائي فقط انهي جي ڊيگهه سبب نه هوندي. ڪتاب ۾ ڪي هالو چالو اثرات پيدا نه ڪيا ويا آهن. منظر ۾ تڪڙي تڪڙي تبديلي نه ٿي اچي اعصابن تي ڪو دٻاءُ نه ٿو پوي. پڙهندڙ کي اورچائي سان هلڻو پوي ٿو پر جيڪڏهن هو اورچائي جاري رکندو ته انهي جو صلو به وڏو ملندس. ڪتاب زندگي، تنوع ۽ ياد رکڻ جهڙن ڪردارن سان ڀريل آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها ته ماڻهو ڪتاب جي لڙاين جي منظرن کي ياد نه ٿو رکي پر هو هڪ نوجوان ڇوڪري جي سڀ کان پهرئين ڊانس پارٽي، هڪ مرندڙ پوڙهي ماڻهو، محبت جي هڪ اعلان، هڪ ڇوڪراٽ گهوڙي سوار پاران ڏاڍي خوشي سان پنهنجي تلوار تکي ڪرڻ، ٻارڙن جي رڙين، پيرسني جي ڏڪندڙ آوازن، روس جي وسيع علائقن ۽ انهن سڀني جي پٺيان ٽالسٽاء جي طاقتور روح کي ياد رکي ٿو جنهن کي زندگي سان محبت هئي ۽ انهي کي سمجهڻ جي تمنا هئس.

60. ايلس ايڊوينچرز اِن ونڊرلئنڊ

-- ليوس ڪيرول --

 

ريورنڊ چارلس لٽ وج ڊاجسن آڪسفورڊ يونيورسٽي جو استاد هو. هو رياضي جو ليڪچرار ۽ اقليدس ۽ منطق تي ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ هو. هو ڪنوارو هو سموري عمر شادي نه ڪيائين. هو تمام نظم ضبط سان رهندڙ تمام اصول پرست ۽ تمام محتاط رهندڙ ماڻهو هو. انهي جي باوجود به هن Alice’s Adventures in Wonderland لکيو.

بظاهر ته اهو تمام اڻ ٿيڻو ڪارنامو لڳي ٿو. دي ٽائيمز 14- جنوري 1898ع تي سندس وفات جي نوٽيس ۾ لکيو: ”تمام ٿورا ماڻهو اهو تصور ڪري سگهندا ته اهڙو ٿور ڳالهائو، الڳ ٿلڳ رهندڙ، رياضيدان، ڪنوارو رهندڙ؛ جيڪو پنهنجي سموري زندگي لڄاڙي طبيعت ۽ شهرت کان پري رهندڙ طور مشهور رهيو انهيءَ ۾ اهڙو ڪتاب لکڻ جون صلاحيتون هونديون جنهن جي مقبوليت ۾ ٽيهن ورهين ۾ به ڪا گهٽتائي نه ٿي آهي. (هاڻي ساڳئي صداقت سان ”هڪ صدي“ به چئي سگهجي ٿو) ۽ اهو اڄ به نوجوانن ۽ پوڙهن کي پنهنجي انوکي ۽ اصلي تخليقي صلاحيت سبب پاڻ ڏانهن ڇڪيو بيٺو آهي“.

خود ليکڪ جي حياتيءَ ۾ ئي ڪتاب برطانيه ۽ آمريڪا ۾ هزارن جي تعداد ۾ وڪرو ٿيو ۽ ڪيترن ئي يورپي زبانن ۾ ترجمو ٿيو. سن 1907ع ۾ انهي جي ڪاپي رائيٽ جو مدو پورو ٿيڻ سان ته انهي جو وڪرو لکن تي وڃي پهتو آهي ۽ اهو جپاني ۽ چيني ٻولين ۾ به ترجمو ٿيو آهي. اهو هاڻي به هر سال ساڳئي رفتار سان وڪامجندو رهي ٿو. انهي جي ڪشش لازوال آهي.

چارلس لٽ وج ڊاجسن گهڻي عرصي کان ملڪ جي اتر ۾ آباد هڪ ڪٽنب ۾ 27- جنوري 1832ع ۾ تي ڄائو. انهيءَ ڪٽنب ۾ چرچ ۾ نوڪري ڪرڻ جي روايت هئي. سندس پيءُ چارلس ڊاجسن ڊيرسبري ۾ پادري هو. هو پوءِ ڪروفٽ جو ريڪٽر ۽ رچمنڊ جو آرڪ ڊيڪن ٿيو. سندس پڙ ڏاڏو ۽ تڙ ڏاڏو بشپ رهيا هئا. انهن جو ڪٽنب به ڏاڍو وڏو هو. چارلس جونيئر پنهنجي ماءُ پيءُ جو ٽيون نمبر ٻار ۽ چئن پٽن مان سڀ کان وڏو هو کيس ست ڀينر هيون. اهڙي طرح کيس ننڍپڻ ۾ راند روند ڪرڻ لاءِ ننڍڙين ڇوڪرين جو هڪ ولر مليو هو. هن کي سموري زندگي ننڍين ڇوڪرين کي وندرائن جو جيڪو شوق رهيو (۽ انهي ڪري ئي اسان کي Alice’s Adventures in Wonderland مليو) انهي جي پاڙ به اتان ئي پئي.

هن کي ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ ئي ڊرامائي ڳالهين ۽ واقعن سان چاهه هوندو هو. هو ڪٺ پُتليون ٺاهيندو هو (هو هٿن سان ڪم ڪرڻ جو ماهر هوندو هو) ۽ ڇوڪرين لاءِ ڪٺ پتلين جا تماشا لکندو هو ۽ اسٽيج تي پيش ڪندو هو. هو پنهنجي هٿ سان رسالا لکندو هو ۽ انهن ۾ تصويرون ٺاهيندو هو. هن کي ٻارهن ورهين جي ڄمار تائين پنهنجي عالم فاضل پيءُ پاڻ پڙهايو هو پوءِ هو رچمنڊ گرامر اسڪول ۾ داخل ٿيو. اتي هن رياضي ۾ تمام وڏي صلاحيت ڏيکاري. هو ڏيڍ سال کان پوءِ رگبي ويو. اتي هن ۾ ڪو چاڙهو نه ٿيو ڇاڪاڻ ته ايٿليٽڪ راندين ۾ سندس حالت ڏاڍي خراب هئي. اتي هو غير مقبول ٻار هوندو هو. ڏاڍي هوشيار سان گهڻو مطالعو ڪندو هو ۽ مختلف انعام پيو کٽيندو هو. هو 24- جنوري 1851ع کان ڪرائيسٽ چرچ، آڪسفورڊ ۾ رهڻ لڳو. هو هڪ ته لڄارو هو ٻيو ته ڳالهائڻ ۾ به اٽڪ هوندي هئس تنهن ڪري گڏ پڙهندڙن ۾ ڪي چند دوست ٺاهيائين پر پنهنجي پڙهائي ۾ تمام سٺي نموني هليو. کيس ڊسمبر 1852ع ۾ اسٽوڊنٽ شپ لاءِ نامزد ڪيو ويو. ڪرائيسٽ چرچ ۾ فيلو شپ کي اهو نالو مليل هو. هو جيستائين غير شادي شده رهي تيستائين اهو اعزاز پاڻ وٽ رکي سگهيو ٿي. هو پنهنجي وفات تائين ڪرائيسٽ چرچ جو اسٽوڊنٽ رهيو.

رسمي طور سندس دلچسپي رياضي سان هئي. کيس 1854ع ۾ رياضي ۾ فرسٽ مليو ۽ ٻئي سال هن اهو ئي سبجيڪٽ شاگردن کي پڙهائڻ شروع ڪيو. پوءِ هو رياضي جو ليڪچرار (يعني ٽيوٽر) ۽ ماسٽر آف دي هائوس مقرر ٿيو. تنهن کان پوءِ سندس رهائش ۽ آمدني جو مسئلو حل ٿي ويو. هو 1861ع ۾ ٽئين درجي واري پادري طور چرچ جي نوڪري ۾ داخل ٿيو.

هن پنهنجي رياضي جي قابليت ۽ منطقي ذهن ۾ هڪ وڏي فنڪاراڻي احساس جو اضافو ڪيو. هو پنهنجي سموري زندگي گهڻو ڪري انساني تصويرون ٺاهيندو رهيو. هو ٿيٽر جو به ديوانو هو. هن کي شاعري سان پيار هو ۽ تمام گهڻي شاعري لکيائين. انهي جو به وڏو حصو مزاحيه هو. لکڻ کان سواءِ سندس تمام وڏو مشغلو فوٽو گرافي هو. فوٽوگرافي تڏهن پنهنجي بلڪل اوائلي دور ۾ هئي. اهو ڏاڍو ٿڪائيندڙ ڪم هوندو هو ڇاڪاڻ ته فوٽو ڪڍندڙ کي پنهنجيون پليٽون پاڻ تيار ڪرڻيون پونديون هيون ۽ ٻيو ڪيترو ئي سامان پاڻ سان گڏ کڻي هلڻو پوندو هو. ڊاج سن جيئن ته ننڍين ننڍين ڳالهين تي تمام گهڻي توجه ڏيندو هو تنهن ڪري اهو ڪم هن جي مزاج جي مطابق هو. سندس دور ۾ ٻارن جي فوٽوگرافر طور سندس مرتبو تمام بلند هو.

هو ٻارن خاص طور ننڍين ڇوڪرين جي ساٿ ۾ ڏاڍو خوش گذاريندو هو. اڪثر ننڍا ڇوڪرا کيس ڪڪ ڪري ڇڏيندا هئا. هو جيتوڻيڪ وڏن جي سنگت ۾ لڄارو هوندو هو ۽ پاسيرو رهندو هو پر ننڍين ڇوڪرين جي ساٿ ۾ سندس طبيعت کلي پوندي هئي ۽ سندس ذهن جو خوش طبع ۽ مزاحي پاسو بغير ڪنهن رڪاوٽ جي روان ٿي ويندو هو.

ڊاڪٽر لڊل جڏهن 1855ع ۾ ڪرائيسٽ چرچ جو نئون ڊين ٿيو ته ڊاج سن سندس ڪٽنب کان واقف ٿيو: انهي ۾ هيري نالي هڪ ڇوڪرو ۽ لورينا، ايلس ۽ ايڊٿ نالي ٽي ننڍيون ڇوڪريون هيون. هن انهن جو فوٽو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن جي رعبدار ماءُ جيڪا لڳي پيو ته کيس ڪجھ ناپسند ڪندي هئي. انهي جي موڪل نه ڏني. هو ٻارن جي ماءُ جي اهڙي هلت هوندي به ٻارن سان سٺي دوستي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هو انهن کي آکاڻيون ٻڌائيندو هو ۽College Rhymes ۾ ڇپيل پنهنجن مزاحيه شعرن جون ڪاپيون ڏيندو هو. ڪاليج رائيمز انهي دور جو آڪسفورڊ جو هڪ رسالو هو. انهن جي گورنيس انهن کي ڪڏهن ڪڏهن ٽام ڪئاڊ ۾ سندس رهائش تي چانهه تي وٺي ايندي هئي.

اهو 4- جولاءِ 1862ع ۾ جو ڏينهن هو. ٽنهي ڇوڪرين کي پنهنجي گورنيس پاڻ سان گڏ وٺي آئي ۽ انهن کي ڊاج سن ۽ هڪ ٻئي پادري رابنسن ڊڪ ورٿ وٽ ڇڏي وئي. هو اوچتو بغير ڪنهن اڳواٽ تياري جي پڪنڪ جون ٽوڪريون کڻي فولي برج (Folly Bridge) ويا هليا ۽ آئيسس (Isis) ۾ ٻيڙي جي سير تي ويا هليا. اهي ٻيڙي ۾ هئا ته ڊاج سن ايلس کي هڪ آکاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي. ونجهه ايلس هلائي رهي هئي. هن ڪنهن سچي لڳندڙ شروعات جي ڳولها ۾ پنهنجي هيروئن کي هڪ سهي جي ٻر ۾ موڪلي ڇڏيو. کيس خبر نه هئي ته اڳتي ڇا ٿيندو. اهي گاڊ اسٽو جي ويجهو گاهه جي هڪ دن جي ڀرسان آرام ڪرڻ ويٺا. اتي انهن چانهه به پيتي ۽ ڊاج سن پنهنجي آکاڻي به جاري رکي. اهي جڏهن واپس ڊاج سن جي رهائش تي پهتا ته ايلس کيس عرض ڪيو ته هو کيس اها ڪهاڻي لکي ڏئي. انهي تي هو تقريباً سموري رات ويهي پنهنجي ٺاهيل ڪهاڻي جو جيترو حصو ياد هوس اهو لکندو رهيو. هو 6- آگسٽ تي ٽنهي ٻارن کي وري گاڊ اسٽو وٺي ويو. هن دفعي ڪرائيسٽ چرچ جو سينيئر اسٽوڊنٽ اي. جِي. ورنون هار ڪوٽ انهن سان گڏ هو. انهن کيس مجبور ڪيو ته هو Alice’s Adventures Undergroundواري پنهنجي ڳالهه جاري رکي.

انهي کان پوءِ هن جون ايلس لڊل سان ملاقتون گهٽ کان گهٽ ٿينديون ويون ڇاڪاڻ ته انهي تي هن جي ماءُ کي اعتراض هئا ۽ 1864ع ۾ ته اهي ملاقاتون بلڪل بند ٿي ويون. پر نومبر 1862ع ۾ اوچتو آمهون سامهون ٿيڻ سان ايلس کيس پنهنجو واعدو ياد ڏياريو ۽ هن 1863ع جي فيبروري مهيني ۾ پنهنجن نوٽس تي نظرثاني جو ڪم پورو ڪيو. پوءِ هن ايلس لاءِ پنهنجي مسودي تي تصويرون ٺاهڻ شروع ڪيون. انهي دوران هن ڪهاڻي کي ڇپرائڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو. هاڻي هن انهي ۾ اصل جي لڳ ڀڳ ٻيڻ جيترو اضافو ڪيو ۽ پنچ رسالي جي آرٽسٽ جان ٽينيئل کان تصويرون ٺاهڻ جي ڪم لاءِ واعدو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

انهي ڪهاڻي جي اصلي عنوان ”Alice’s Adventures Underground“ مان ائين ٿي لڳو ڄڻ اهو کاڻين بابت ڪو اسڪولي ڪتاب هجي. هن گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ انهي کي Alice’s Adventures in Wonderland ڪري ڇڏيو. ليکڪ جي نالي بابت کيس احساس ٿيو ته انهي ۾ ڪا شعري خوبي ڪا نه ٿي لڳي تنهن ڪري هن پنهنجي نالي جا ٻه حصا Charles Lutwidgeکڻي انهن جي ترتيب ڦيرائي انهن کي Lewis Carrol ڪري ڇڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org