94. برائيٽن راڪ
-- گراهم گرين --
ڏوهه بابت ۽ وڏي تجسس سان ڀريل ڪهاڻي جيڪا هڪ
ماڊرن ڪلاسڪ ٿي وئي آهي انهي جو ليکڪ گراهم گرين
1904ع ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم برخام سٽيڊ اسڪول
۾ ورتي جتي سندس پيءُ هيڊ ماستر هو. پوءِ هو
بيليول ڪاليج آڪسفورڊ ويو اتي به هن ماڊرن هسٽري
جي مضمون ۾ وظيفو حاصل ڪيو ۽ شاعري جو هڪ ڪتاب
ڇپرايائين. هن 1927ع ۾ شادي ڪئي ۽ پنهنجو پهريون
ناول The
Man Within سن
1929ع ۾ ڇپرايائين.
هن جلدئي هڪ ناول نگار جي حيثيت ۾ اهميت حاصل ڪري
ورتي ۽ صحافت کي ڇڏي ڏنائين جيئن پنهنجو سمورو وقت
لکڻ لاءِ وقف ڪري سگهي. هن 1935ع کان 1939ع تائين
لائيبيريا ۽ ميڪسيڪو جا سفر ڪيا ۽ دي اسپيڪٽيٽر جو
فلمي نقاد ٿيو. هن ميڪسيڪو ۾ مذهبي ايذاء رساني جي
موضوع تي تحقيق ڪئي ۽ انهي جي نتيجي ۾ The
Lawless Roads ۽
پوءِ The
Power and the Glory لکيائين.
هو 1940ع ۾ دي اسپيڪٽيٽر جو ادبي ايڊيٽر ٿيو ۽
وزارت اطلاعات لاءِ پڻ ڪم ڪيائين. پوءِ هن فارين
آفيس ۾ نوڪري ڪئي جتان کيس سيراليون موڪليو ويو.
هن اتي 1941ع کان 1943ع تائين ڪم ڪيو. هن 1950ع ۾ The
Third Manڇپرايو
جنهن کي ڪيرول ريڊ فلمي شڪل ڏني ۽ انهي تان ساڳئي
نالي سان هڪ ٽي وي سيريز به ٺهي. هو 1941ع ۾ هڪ
اشاعتي اداري آئير ائنڊ اسپاٽس ووڊ جو ڊائريڪٽر
ٿيو. برائيٽن راڪ پهريون دفعو 1938ع ۾ ڇپيو.
هو 1926ع ۾ رومن ڪيٿولڪ ٿيو ۽ سندس تحريرن جي وڏي
حصي مان هن جي ڪيٿولڪ متي سان وابستگي جي جهلڪ پسي
سگهجي ٿي. هن ٽيهن جي لڳ ڀڳ ناول، ڊراما، ٻارن
لاءِ ڪتاب ۽ افسانن جا مجموعا ڇپرايا آهن.
برائيٽن راڪ ويهين صدي جي ٽئين ڏهاڪي جي اڌ ڌاران
وٽ منڊي (ايسٽر کان پوءِ ستين آچر کان پوءِ وارو
سومر. سنڌيڪار) تي شروع ٿئي ٿو. تڏهن سمورو ملڪ
موڪل ملهائڻ برائيٽن آيل هو. ڪتاب جي پهرئين حصي
جو مرڪزي ڪردار فريڊ هيل (Fred
Hale) هڪ
اڪيلو اعصابي مريض ماڻهو آهي. اهو ڊيلي ميسينجر جي
مسٽر ڪولي ڪِبر جي روپ ۾ سمنڊ ڪناري تي تفريحي
جاين تي وڃي مختلف هنڌن تي ڪارڊ رکي اچي ٿو، جيڪي
کڻي ايندڙن کي ننڍا انعام ڏنا ويندا. هڪ وڏو انعام
انهي شخص لاءِ رکيل آهي جيڪو ميسينجر جو هڪ پرچو
کڻي اچي سندس اصل سڃاڻپ ٻڌائيندو.
هيل کي دل ۾ ڊپ ويٺل آهي. هو برائيٽن ۾ پنهنجي
اخبار لاءِ ڪم ڪرڻ آيو آهي. کيس خبر آهي ته کيس
قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن لاءِ لِڪڻ به ڏکيو
آهي ڇاڪاڻ ته کيس انهي رستي تان به هٽڻو نه آهي
جيڪو هن لاءِ طي ڪيو ويو آهي. اهو رستو برائيٽن جي
سڀني مشهور جاين وٽان گذري ٿو. هيل کي جلدئي خبر
پئجي وڃي ٿي ته اهي سندس پٺيان لڳل آهن. هو ٻي ڪا
واٽ نه ڏسي انهن کي گوهي ڏيڻ لاءِ ماڻهن جي ميڙن ۾
ملي وڃي ٿو پر انهيءَ مان به ڪجھ نه ٿو وري.
هو هڪ شراب خاني ۾ وڃي ٿو هليو. اتي هو هڪ ٿلهي
متاري ۽ وڻندڙ عورت ادا آرنلڊ (Ida
Arnold) سان
ملي ٿو پر هيل اتي به بچي نه ٿو سگهي. اسين هتي به
ڪتاب جي اينٽي هيرو]ڪهاڻي
جو مرڪزي ڪردار جنهن ۾ هيرو سان منسوب روايتي
خصوصيتون موجود نه هجن سنڌيڪار[ پنڪي
سان ملئون ٿا. هن جي عمر سترهن ورهيه آهي. سندس قد
بت ننڍڙو آهي ۽ کيس ڍلا ڪپڙا پهريل آهن. پنڪي جي
منهن مان بک ۽ هڪ قسم جي اڻ وڻندڙ غير فطرتي فخر
جو اظهار ٿي رهيو آهي. هو نج برائي آهي.
پنڪي هيل کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هيل کي
جيئن ته خبر آهي ته ڇوڪرو کيس قتل ڪرڻ آيو آهي
تنهن ڪري کيس خريد ڪرڻ جي ڪمزور ڪوشش ڪندي ڪولي
ڪبر کي سڃاڻڻ تي انعام جي آڇ ڪري ٿو. پنڪي وڏي
نفرت سان آڇ ٿڏي ڇڏي ٿو ۽ هيل سمجهي وڃي ٿو ته هو
ٻاهر هن جي انتظار ۾ هوندا.
هو ادا کي اٿارڻ جي بيسود ڪوشش ڪري ٿو . جيئن کيس
اولڊ شپ هوٽل تي لنچ لاءِ وٺي وڃي پر هوءَ نشي ۾
آهي ۽ شراب خانو بند ٿيڻ کان اڳ اتان نڪرڻ کان
انڪار ڪري ٿي.
اهڙي طرح هيل برائيٽن ۾ پنهنجو سفر جاري رکي ٿو ۽
پڪو پهه ڪري ڇڏيو اٿائين ته هو پنهنجي زندگي خطري
۾ وجھي به پنهنجو ڪم ڪندو رهندو. پنڪي ۽ سندس ٽولو
هن جي پٺيان آهن. هيل آخري حربي طور ڇوڪرين کي پاڻ
سان گڏ کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ڇو ته کيس خبر آهي ته
جيڪڏهن ڪا ڇوڪري هن سان گڏ هوندي ته هو وار ڪرڻ جي
همٿ نه ڪندا. پر سڀ ڇوڪريون هن کان نفرت ڪن ٿيون.
آخرڪار هن جي اِدا سان وري ملاقات ٿي وڃي ٿي. هوءَ
ڏاڍي پُرجوش ۽ همدرد آهي. جيئن ته هن جو هئنڊبئگ
گم ٿي ويو آهي. تنهن ڪري هوءَ ڏاڍي آرام سان هن
سان گڏ هلي ٿي. هيل کيس وقت ٽپائڻ لاءِ ڏهه شلنگ
ڏئي ٿو ۽ ڇنڇر تي ٿيندڙ برائيٽن ريسز ۾ کٽيندڙ
گهوڙن بابت به مفيد ڄاڻ ڏئي ٿو.
هو گڏجي هڪ ٽيڪسي ۾ پيليس پيئر ڏانهن روانا ٿين
ٿا. پنڪي ۽ سندس ٽولو پنهنجي پراڻي مورس ڪار ۾ هنن
جي پٺيان لڳن ٿا. هيل اِدا کي چُميون ڏيندي آئيني
مان انهن کي ڏسي وٺي ٿو. پيليس پيئر تي اِدا کيس
ٻه ٽي منٽ ڇڏي واش روم ڏانهن وڃي ٿي. هوءَ جلدئي
واپس آئي پر هيل اتي موجود نه هو.
هاڻي منظر بدلجي وڃي ٿو. پنڪي پيليس پيئر تي هڪ
ڪيفي ۾ پنهنجي ٽولي جي ماڻهن اسپائيسر، ڪيوبٽ ۽
ڊيلو سان گڏ ويٺو آهي. اهي سڀئي هن بي رحم ڇوڪري
کان عمر ۾ وڏا آهن. جيڪو کين پنهنجي سامهون ٽيبل
تي ويهاري ٻارن وانگر کارائي رهيو آهي.
اهي کيس ٻڌائين ٿا ته هيل مارجي چڪو آحي. هو پاڻ
کي الزام کان بچائڻ لاءِ بهانو اهو ٿا ٺاهين جو
اهي ڪارڊ ورهائي ٿا ڇڏين جيڪي هيل کي پنهنجي رستي
۾ رکڻا هئا. اسپائيسر هڪ ڪارڊ سنوز (Snow’s) ريسٽورينٽ
۾ ميز پوش جي هيٺان رکي ڇڏيو آهي. پنڪي انهي تي
ڏاڍو ڪاوڙجي پوي ٿو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ويٽرس
ڏسي ورتو هجي ته جنهن ماڻهو ڪارڊ رکيو هو اهو ڪولي
ڪبر نه هو. ڇاڪاڻ ته سندس تصوير اخبار ۾ اچي وئي
هئي.
پنڪي پاڻ اهو ڪارڊ کڻڻ وڃي ٿو. پر اتي وڃي ڏسي ٿو
ته نئين ويٽرس روز اهو اڳيئي کڻي ورتو هو ۽ انعام
وٺڻ جو ارادو ڪيو ويٺي هئي. روز هڪ تمام غريب
گهراڻي جي هڪ سنهڙي، رحم جوڳي ۽ ذهني طور ناپختي
ڇوڪري آهي. هن جو منهن هڏائون آهي. وات وڏو ۽
اکيون کليل هونديون اٿس. هوءَ جڏهن پنڪي کي ٻڌائي
ٿي ته کيس انهي ماڻهو جو منهن چڱي طرح ياد آهي
جيڪو ڪارڊ ڇڏي ويو هو ته هو ”پنهنجيون خطرناڪ، بي
احساس اکيون“ مٿس ڄمائي ٿو ڇڏي. ”مون ۾ ۽ تو ۾ ڪجھ
ڳالهيون مشترڪ آهن“. هو چوي ٿو.
پنڪي اهو سوچي غلطي ڪري ٿو ته روز هن لاءِ خطرناڪ
ٿيندي. اصلي خطرو ته اِدا آهي. انهي بابت ٽولي کي
خبر آهي ته اها هيل جي مارجڻ کان ٿوري دير اڳ به
هن سان گڏ هئي. پر پنڪي کيس ڪا رواجي رولو عورت
سمجهي نظر انداز ڪري ٿو ڇڏي جنهن سان هيل اتفاقي
طور مليو هوندو. اهڙي طرح هو انهن تباهه ڪار غلطين
مان پهرئين غلطي ڪري ٿو جن بابت هو پاڻ کي دلبو
ڏئي رهيو هو ته اهي کيس دائمي دشمن يعني پوليس کان
بچائينديون.
هوڏانهن لنڊن ۾ اِدا اخبار ۾ هيل جي موت بابت پڙهي
ٿي ۽ ڏک ۾ وٺجي وڃي ٿي. اخبارن مطابق هو دل بيهجي
وڃڻ سبب مري ويو هو پر اِدا انهي مان مطمئن نه هئي
ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته انهي معاملي ۾ ٻيون به
ڪيتريون ڳالهيون هيون جيڪي ڪورٽ ۾ بيان نه ڪيون
ويون هيون. هوءَ آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ مساڻ وئي ۽
هيل پاران کيس ٽيڪسي ۾ ڏنل مٺيون ياد ڪري ڏاڍي
رُني. کيس سندس اهي به لفظ ياد آيا ته هو مرڻ تي
هو ۽ کيس ڏاڍو ڊپ به هو.
هن کي اهو به ياد آيو ته پنڪي شراب خاني ۾ ڪيئن
ڌمڪائيندڙ نموني ۾ هلت ڪئي هئي ۽ سمجهي وڃي ٿي ته
هيل خلاف ڪنهن نه ڪنهن قسم جو ڏوهه ٿيو هو. اِدا
کي زندگي ۾ ڏاڍو جذباتي انداز ۾ ويساهه هو پر هوءَ
اک جي بدلي ۾ اک واري ڳالهه تي به ويساهه رکندي
هئي.
وري برائيٽن ۾ پنڪي پيليس پيئر تي گجگوڙ ۽ طوفان
هلندي روز سان مليو. سندس کيسي ۾ تيزاب جي هڪ بوتل
هئي. هن فيصلو ڪري ڇڏيو ته هو اهو تيزاب ڪتب نه
آڻيندو پر فقط انهي جا ڪجھ ڦڙا هڪ لوهي پٽي تي
هاري انهي جا ساڙيندڙ اثر ڏيکاريائين.
سندس ڪم ٿي ويو. روز ڊڄي وئي ۽ هن کان متاثر ٿي
وئي ۽ کيس خوف ۽ ساراهه جي نظرن سان ڏسڻ لڳي. انهن
کي جڏهن خبر پئي ته اهي ٻئي رومن ڪيٿولڪ آهن ته
انهي سان ٻنهي ۾ فوراً هڪ تعلق پيدا ٿي ويو.
پنڪي انهي رات پنهنجي بيڊروم ۾ ٽولي سان مليو. اهي
ڀتو وٺندا آهن. ٽولي جي مرحوم ليڊر ڪائيٽ کي هيل
دوکو ڏيندي سندس ڏس پتو ڪوليوني (Colleoni) کي
ڏنو هو. ڪوليوني هڪ خوشحال دادا هو جيڪو برائيٽن ۾
اچي رهيو هو. هيل جي انهي عمل جي نتيجي ۾ ڪائيٽ تي
ڪوليوني جي بليڊ بردار ڇوڪرن حملو ڪيو. هڪ ڇوڪري
بليڊ ڪجھ جوش سان هلايا ۽ ڪائيٽ غلطي ۾ مري ويو.
ٽولي پاران ڪائيٽ سان دوکو ڪندڙ کي انهي ڪري قتل
ڪيو ويو. هاڻي ٽولي جي اڳواڻي پنڪي جي هٿن ۾ هئي.
انهيءَ رات پنڪي ۽ ڊيلو، بريور نالي هڪ بوڪ ميڪر
کان ”چندو“ وٺڻ ويا. اهو چندو هن تي گهڻي وقت کان
رهيل هو. پر بريور هنن کي چيو ته هاڻي ڪوليوني هن
جو دفاع ڪندو آهي تنهن ڪري هو چندو به انهيءَ کي
ڏيندو آهي. پنڪي بريور کي ڏاڍي وحشياڻي نموني جهير
ڏنا ۽ بريور نيٺ چندو ته ڏنو پر پنڪي کي خبردار
ڪيائين ته ڪوليوني هن کان حساب ڪتاب وٺندو.
پنڪي ڪوليوني پاران سندس علائقي ۾ گهڙي اچڻ تي
ڪاوڙجي ”ڪاسمو پوليٽن“ ۾ سندس پرآسائش ڪمرن تي ويو
هليو. ڪوليوني سترهن ورهين جي ڇوڪري کي ڏاڍي حقارت
سان چيو ته هو سندس رستي روڪ نه ڪري. پنڪي ڪاوڙ ۾
دڙڪا دهمان ڏيندو نڪتو ويو هليو. هن ڪوليوني کان
ساڙ ۾ اچي اهو پڪو ارادو ڪيو ته هو هڪ طاقتور دادا
ٿيندو ۽ انهي لاءِ ڪٿان ته شروعات ڪرڻي هئي.
پنڪي کي اسپائيسر تي شڪ هو ته متان هو هيل جي خون
۾ کيس نه ٻُوهي ۾ وجھي ڇڏي تنهن ڪري هن کيس ريسن ۾
بليدن سان مارائڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو پر اتي
ڪوليوني جي ڇوڪرن بريور تي حملي جي پلاند ۾ کيس
بليڊن سان جهير ڏئي ڇڏيا. پنڪي جيتوڻيڪ رتورت ٿي
ويو پر ڌن جي پڪي نوجوان نفسياتي مريض اسپائيسر کي
پاڻ قتل ڪرڻ نڪري پيو ۽ هو جتي رهندا هئا اتان جي
لڏندڙ لمندڙ ڏاڪڻ تان کيس هيٺ ڌڪو ڏئي ڇڏيائين.
ڪورٽ جي فيصلي ۾ اهو ڏوهه اتفاقي موت ثابت ٿيو.
اهڙي طرح پنڪي پنهنجي ٻئين خون مان به بچي ويو.
اِدا به ريس تي ويل هئي. اتي هن هيل پاران ڏنل ڄاڻ
جي آڌار تي 250 پائونڊ کٽيا ۽ انهي رقم کي اڏائڻ
لاءِ ”ڪاسموپوليٽن“ وئي هلي. هوءَ اتي پنهنجي هڪ
وڏي عاشق فِل ڪورڪري سان گڏ ڪمري ۾ رهي.
اِدا به پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ته هو هيل کي انصاف
ڏياريندي. هو مسلسل روز جي پٺيان لڳي رهي. کيس چڱي
طرح خبر هئي ته انهي ڇوڪري کي ايتري ڄاڻ آهي جنهن
جي آڌار تي پوليس هيل جي موت جو ڪيس نئين سر کولي
سگهي ٿي. پر روز پنڪي سان تمام گهڻي وفادار آهي ۽
اِدا جي ڏُکين سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري
ٿي.
پنڪي روز سان فقط انهي ڪري شادي ڪئي ته زال مڙس
خلاف شاهدي نه ٿي ڏئي سگهي. اها شادي رجسٽر آفيس ۾
ٿي ۽ جيئن ته هو ٻئي قانوني طور شادي واري عمر کان
ننڍا هئا تنهن ڪري انهن جي شادي جو بندوبست هڪ
ناڪام وڪيل ڊريوٽ ڪيو.
اهي شادي کان پوءِ برائيٽن ۾ چڪر هڻي رهيا هئا جو
روز هڪ اهڙي مشين وٽ اچي بيٺي جتي پنهنجو آواز
رڪارڊ ڪرائبو آهي. هن کيس شادي جي ڏينهن تي ڪا به
شي خريد نه ڪري ڏني هئي. هو گهٽ ۾ گهٽ سندس آواز
رڪارڊ ڪرائي کيس ڏئي سگهيو ٿي. انهن کي گرامو فون
نه هو پر ائين ٿي سگهيو ٿي ته هو ڪنهن ڏينهن ٻاهر
ويل هجي ۽ هو ڪٿان گرامو فون اڌارو وٺي اهو هلائي.
هو ڏاڍي چڙ واري انداز ۾ انڪار ڪرڻ کان پوءِ
آخرڪار راضي ٿي ويو ۽ آٽوميٽڪ بُوٿ ۾ وڃي دروازو
بند ڪري هن لاءِ پنهنجو پيغام رڪارڊ ڪرايو: ”خدا
جي لعنت هجئي ننڍڙي ڪُتي. تون پنهنجي گهر ڇو نه ٿي
وڃين هلي ۽ مون کي ڇڏي ڇو نه ٿي ڏين؟“
هن پوءِ رڪارڊ روز کي ڏيندي چيو: ”اچي، وٺ پياري!
مون هن ۾ تولاءِ ڪا ڳالهه رکي آهي“.
پوءِ روز هن سان سندس گندي ٺڪاڻي تي وئي هلي. انهن
پنهنجي شادي واري رات بغير ميلاپ جي گذاري ڇاڪاڻ
ته اڪثر قاتلن وانگر پنڪي به جنسي عمل کي ڏوهه
سمجهندو هو ۽ انهي کان ڏاڍو ڊڄندو هو. ٻئي ڏينهن
صبح جو اِدا هن سان ملڻ آئي ۽ کيس ٻڌايائين ته هيل
کي پنڪي ۽ سندس ٽولي گهُٽو ڏنو هو پر جيئن ئي هو
کيس مارڻ لاءِ هن جي ويجھو آيا ته هن کي هارٽ اٽيڪ
ٿي ويو. انهي ڪري ئي سندس خون کي طبعي موت سمجهيو
ويو. اِدا روز کي خبردار ڪيو ته پنڪي کيس به شايد
قتل ڪري ڇڏيندو. پر روز تي ڪو به اثر نه ٿيو ۽
پنڪي سان پنهنجي بي سمجهي واري ۽ دکدائڪ محبت سبب
انهي ڳالهه تي اعتبار ئي نه ڪيائين ته هو ڪو کيس
قتل ڪندو.
پنڪي هاڻي سمجهي ويو آهي ته اِدا هن لاءِ ايتري
قدر ئي خطرناڪ آهي جيتري روز آهي. ”ڇا مون کي ڪي
وڏا قتل ته نه ڪرڻا پوندا؟“ هن ڊيلو کان پڇيو. هو
جيتوڻيڪ هڪ لُچ هو پر هن جو وويڪ پنڪي کان وڌيڪ
جاڳيل هو ۽ هو روز کي قتل ڪرڻ جي سوچ تي ئي ڇرڪجي
ويو. ”انهي ويچاري ڇوڪري ۾ انهي کان سواءِ ٻي ڪا
خامي نه آهي ته هوءَ تو سان پيار ڪري ٿي“.
پنڪي روز کي پراڻي مورس ۾ Peace
Haven وٺي
ويو. هن انهي سان ڳالهه ٻولهه ڪري انهي ڳالهه تي
آماده ڪري ورتو ته هو ٻئي گڏجي آپگهات ڪندا.
جيتوڻيڪ اندروني طور سندس ارادو اهو ئي هو ته فقط
هوءَ ئي مرندي.
انهي دوران هوشيار اِدا ڊيلو جي ذهن ۾ اها ڳالهه
ويهاري وئي ته ڊريوٽ انهن سان دغا ڪئي آهي ۽ هڪ
پوليس واري کي ٻڌايو اٿائين ته پنڪي هڪ چوري جي
ڪار ۾ نڪري ويو آهي. هوءَ ڊيلو ۽ پوليس واري سان
گڏ بلڪل صحيح وقت تي پيس هيون پهچي ٿي.
پنڪي اهو سمجهندي ته ڊيلو هن سان دغا ڪئي آهي
تيزاب جي بوتل هن کي هڻي ٿو پر پوليس وارو وڌيڪ
ڦڙت هو. هن پنهنجي ڏنڊي سڌو پنڪي ڏانهن اڇلائي
جنهن سان تيزاب جي بوتل ڀڄي اچي ڇوڪري جي منهن ۾
لڳي. پنڪي پُٺي ڏئي تڪليف وچان رڙيون ڪندو ٽڪري جي
ڪناري ڏانهن وٺي ڀڳو ۽ غائب ٿي ويو. ائين پئي لڳو
ڄڻ ته ڪنهن هٿ اوچتو کيس وجود مان ڪڍي ورتو هو.
ماضي يا حال رلجي سلجي ٻُڙي (Zero) ٿي
ويا.
روز ڏک ۾ بدحال ٿي پنڪي جي ٺڪاڻي تي وئي جيئن اتي
رکيل پنهنجي واحد شي کڻي سگهي. اهو پنڪي جو رڪارڊ
ٿيل آواز هو.
برائيٽن راڪ ڪرائيم اسٽوري جي سونهري دور ]اوڻيهين
صدي جي ٽيئن ڏهاڪي[ ۾
لکيل شايد سڀ کان بهترين ڪرائيم ناول آهي. اها پڪ
نه آهي ته انهي کان پوءِ انهي کان بهتر ڪو ناول
لکيو ويو آهي الائي نه.
برائيٽن جي منظرنامي کي ڏاڍي سهڻي نموني حقيقت جو
روپ ڏنو ويو آهي ۽ ڪهاڻي تي جيتوڻيڪ سوڙهين گهٽين
جو ڏوهه ۽ گندگيء وارو ماحول حاوي آهي پر اهو
احساس به ضرور ٿئي ٿو ته خود برائيٽن تي انهي جو
ڪو اثر نه ٿيو آهي. پنڪي ۽ سندس گنديءَ ننڍڙي ٽولي
جي حيثيت هڪ شاندار ڪمري جي دري تي مکين کان وڌيڪ
ڪجھ نه نه آهي.
پنڪي هڪ خطرناڪ ۽ يادگار ڪردار آهي. هن جي نظر ۾
سڀ کان بهترين جذبو ڪنهن کي ايذاءُ پهچائڻ آهي.
کيس بي رحمي جنسي خواهش وانگر ڀڙڪائي وجھي ٿي. هن
ڄاڻي ٻجھي برائي جي چونڊ ڪئي آهي ۽ هڪ ڪيٿولڪ جي
حيثيت ۾ هو پاڻ تي جهنم جو عذاب ٿيڻ تي وڏو فخر
محسوس ڪري ٿو. هن جو روز سان تعلق جنهن کان کيس
ڏاڍي نفرت آهي- هڪ اهڙي تلخي جو ماحول پيدا ڪري ٿو
جيڪو ناقابل فراموش آهي.
روز خود هڪ تمام دکدائڪ ۽ متاثر ڪندڙ هيروئين آهي.
توهان جي دل ۾ هن لاءِ جيتوڻيڪ وڏو احساس آهي. پر
توهان هن جي اڪيلائي ۽ بي شرمي ڏسي نااميد ٿي هن
کان ٽهي وڃو ٿا. هن جي نوجواني جي انهي گندي تصوير
سان شديد محبت- جنهن سان هن شادي ڪئي- ساراهه
بجاءِ ترس پيدا ڪري ٿي.
برائيٽن راڪ هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن کي توهان وساري
نه ٿا سگهو.
95. دي گريپس آف راٿ
-- جان اسٽين بيڪ --
هڪ ناول نگار جو نالو آمريڪا جي Great
Depression واري
دور سان هميشه لاءِ جُڙيل رهندو. اهي ٻين جنگ عظيم
کان اڳ وڏي پيماني تي پکڙيل بيروزگاري ۽ بک وارا
سال هئا. ناول نگار جو نالو جان اسٽين بيڪ هو.
جنهن The
Grapes of wrath جي
ذريعي قوم جون اکيون کولي ڇڏيون.
جان اسٽين بيڪ 27- فيبروري 1902ع تي ڪيليفورنيا ۾
ساليناس ۾ ڄائو. سندس گهر ڪتابن سان ڀريل هوندو
هو. ڇاڪاڻ ته سندس ماءُ ماسترياڻي هوندي هئي ۽ هن
هاءِ اسڪول ۾ پهچڻ تائين ڪرائم ائنڊ پنشمينٽ کان
مادام بو وري تائين جهڙا ڪتاب پڙهي ڇڏيا هئا.
نوجوان اسٽين بيڪ پنهنجون موڪلون وڏن ڪيٽل فارمن
تي گذاريندو هو اهڙي طرح کيس انهي ملڪ بابت وڌ کان
وڌ ڄاڻ حاصل ٿيندي وئي جنهن بابت اڳتي هلي کيس
لکڻو هو. هن 1920ع ۾ اسٽينفورڊ ۾ انگريزي زبان
پڙهڻ شروع ڪئي پر ڊگري وٺڻ کانسواءِ ئي 1925ع ۾
ڇڏي ڏنائين. انهي ۾ ڪا حيرت جهڙي ڳالهه نه هئي
ڇاڪاڻ ته هو اڪثر پڙهائي ڇڏي نوڪريون ڪرڻ هليو
ويندو هو. اهڙي طرح هن هڪ ڪپڙي جي دڪان تي ڪم ڪيو
هو وري هڪ روڊ تي مزدور ٿي به ڪم ڪيو هئائين. هن
گوگڙن مان کنڊ ٺاهڻ واري هڪ فيڪٽري ۾ اسسٽنٽ ڪيمسٽ
طور به ڪم ڪيو هو.
هو اسٽين فورڊ کان نيويارڪ ويو هليو. کيس اميد هئي
ته اتي کيس هڪ ليکڪ طور روزگار ملي ويندو. پر سندس
اميد اجائي ثابت ٿي. سندس سمورا افسانا ايڊيٽرن
افسوس جي اظهار سان واپس موٽائي ڇڏيا ۽ کيس پنا ما
ڪينال ذريعي ايندڙ هڪ جهاز تي مزدوري ڪري ٽڪيٽ جا
پئسا ڏئي ڪيليفورنيا واپس اچڻو پيو.
اسٽين بيڪ انهي ذلت واري تجربي کان پوءِ ليڪ ٽاهو
تي هڪ وڏي جاگير تي ڪيئر ٽيڪر طور نوڪري ورتي. اتي
ئي هن پنهنجو پهريون ناول ڪپ آف گولڊ لکيو. اهو هڪ
سامونڊي ڦورو هينري مورگن جي زندگي تي ٻڌل هڪ
تاريخي قصو آهي. ڪپ آف گولڊ سن 1929ع ۾ منظر تي
آيو. انهي ئي سال وال اسٽريٽ (آمريڪا جو مالياتي
مرڪز) ويهجي ويئي. ۽ اهو لڳ ڀڳ نظرانداز ٿي ويو.
پر اسٽين بيڪ انهي تي ئي خوش هو ته ناول ڇپجي ته
ويو ۽ لکڻ سان چنبڙيو رهڻ جو فيصلو ڪيائين.
سندس پوءِ ايندڙ ٽن ڪتابن، ٽو اي گاڊ ان نون. دي
پاسچرس آف هيون ۽ لانگ ويلي جيتوڻيڪ سندس هڪ
علائقائي ناول نگار واري حيثيت کي مضبوط ڪيو پر
انهن کي اهڙي مڃتا نه ملي سگهي جيڪا پوءِ جي دور ۾
ملي ۽ انهن جون مجموعي طور فقط ٽي هزار ڪاپيون
وڪرو ٿيون.
اسٽين بيڪ کي 1935ع ۾ ٽورٽيلا فليٽ (Totilla
Flat) ڇپجڻ
سان ڪاميابي ملي. انهي ڪتاب جي مزاح عام ماڻهن کي
ڏاڍو پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ اهو مهينن تائين بيسٽ سيلر
جي لسٽ تي رهيو. اهو ڪتاب ناول گهٽ پر ساليناس
وادي بابت پاڻ ۾ ڍلي نموني جُڙيل ڪهاڻين جو هڪ
سلسلو آهي. اها ڳالهه اسٽين بيڪ تي به واضح ٿي وئي
هوندي ته هو جيڪڏهن ٽورٽيلا فليٽ جهڙا ڪتاب لکندو
رهيو ته معاوضن جا ٻُڪ ملندا رهندا پر هن سندس
مزاج جي عين مطابق ائين نه ڪيو. سندس ايندڙ ٻه
ناول ”of
Dubious Battle“
۽ ”of
Mice and Men“
جيتوڻيڪ هڪ ٻئي کان مختلف آهن پر انهن جو انهي
ڊپريشن (ڪساد بازاري) واري بدحالي ۽ وڳوڙ سان گهرو
تعلق آهي. ٽورٽيلا فليٽ جيتوڻيڪ وڏي عوامي مقبوليت
ماڻي هئي پر اسٽين بيڪ کي آمريڪا جي هڪ اهم ليکڪ
طور انهن ٻن ڪتابن مشهور ڪرايو.
اسٽين بيڪ پاران ”آف مائيس ائنڊ مين“ جي ڊرامائي
تشڪيل جو افتتاح 23- نومبر 1937ع تي براڊوي ۾ ٿيو
پر پردو ڪرڻ تي ساراهه ۾ جيڪي تاڙيون وڳيون ۽ هو
ڪرا ٿيا اهي اسٽين بيڪ پاڻ نه ٻُڌا جو هو ڊراما
لکي ختم ڪندي ئي هڪ ڪار خريد ڪري اوڪلاهوما ويو
هليو. اتي هو ڏکڻ- اولهه طرف ويندڙ لاڏائن جي هڪ
پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. هو انهن سان گڏ ڀوائتين
ڪيمپن ۾ رهيو ۽ انهن سان گڏ زمينن تي ڪم ڪيائين.
هن اتي جيڪو ڪجھ ڏٺو ۽ جن تجربن مان گذريو انهن
کيس وڏي ڪروڌ سان ڀري ڇڏيو. ”ڪيليفورنيا جي
اندروني وادين ۾ اهڙا پنج هزار ڪٽنب آهن جيڪي فقط
بکيا نه آهن پر بکن ۾ مري رهيا آهن“. هن پنهنجي
پبلشنگ ايجنٽ ڏانهن خط ۾ لکيو، ”اسان جي وادين ۾
تمام وڏي انگ ۾ ٻار مري رهيا آهن مون کان جيڪو ڪجھ
ٿي سگهيو آءٌ ڪندس... اهڙين مصيبتن هوندي هي ڪتاب
ڏاڍا ننڍڙا لڳن ٿا. اسٽين بيڪ جو اشارو پنهنجي
تازي مڪمل ڪيل ڪتاب L’
Affaire Lettuce berg ڏانهن
هو. هن اهو ڇپرائڻ کان انهي ڪري انڪار ڪري ڇڏيو ته
اهو بلڪل صاف سٿرو ۽ نفاست ڀريو هو. هاڻي ايل
افيئر ليٽس برگ جو رستي تان هٽي ويو ته اسٽين بيڪ
لڏپلاڻ ڪندڙن بابت هڪ ٻئي ڪتاب ۾ مشغول ٿي ويو.
اهو ڪتاب نفاست ڀريو ته نه هو رهندو انهي قوم ۾
ڪاوڙ ۽ ڪهل جي لهر پيدا ڪري ڇڏي. هو اڃا انهي تي
ڪم ڪري رهيو هو جو ٽائيم ميگزين کيس گذارش ڪئي ته
هو انهن وادين ۾ هڪ فوٽو گرافر سان گڏجي وڃي ۽
ضروري مواد مهيا ڪري. اسٽين بيڪ جيتوڻيڪ اها
ذميواري قبول ڪئي پر پنهنجن خرچن کان وڌيڪ رقم
قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين. ”آءٌ انهن مان
پئسو ڪمائي نه ٿو سگهان“. هن پنهنجي پبلشنگ ايجنٽ
ڏانهن لکي موڪليو، ماڻهن جا اهنج ايترا آهن جن کي
وڪرو ڪري ڏوڪڙ ڪمائڻ مون لاءِ ممڪن نه آهي“. هو
اهو ساڳيو ماڻهو آهي جنهن تي ڪجھ مهينا پوءِ ٻين
الزامن سان گڏوگڏ ”ادبي موقعي پرستي“ جو الزام پڻ
لڳو“.
دي گريپس آف راٿ سن 1939ع ۾ ڇپيو ۽ فوراً تڪرار جو
هڪ طوفان پيدا ڪري ڇڏيائين. انهي دور جي ڪيترن ئي
ماڻهن انهي کي فحش ڪوٺي انهي جي نندا ڪئي. انهي تي
نه فقط پابندي هنئي وئي پر آمريڪا جي مختلف رياستن
۾ انهي کي سرعام ساڙيو ويو. (پڄاڻي واري ڏاڍي پر
اثر منظر تي خاص طور ڏاڍا اعتراض واريا ويا). انهي
تي ساڳئي شدت سان سياسي بنيادن تي به حملا ڪيا
ويا. ڪتاب جي مرڪزي پيغام يعني هوندي سوندي وارن
کي اپيل ته اڻ هوند وارن سان انسانيت سان پيش اچن
کي طبقاتي جنگ جي دونهين دکائڻ ۽ مزدور طبقي کي
سرمائيدارن خلاف اٿڻ تي اڀارڻ جي شعوري ڪوشش
سمجهيو ويو. حقيقت ۾ دي گريپس آف راٿ کي خالص طور
هڪ ڊاڪيومينٽري سمجهي انهي بابت بحث مباحثا ڪيا
ويا ۽ اهو گوڙ شور ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ ئي انهي کي
صحيح روشني ۾ تخليقي آرٽ جو هڪ اهڙو شاهڪار سمجهيو
ويو جنهن ۾ جَي. ايف. واٽ جي اسٽين بيڪ تي ڪتاب
مطابق هڪ تصوراتي طاقت ۽ دل جي فياضي اهڙي انداز ۾
ملي وئي آهي جنهن جو مثال آمريڪي ادب ۾ ورلي
ملندو“.
اوڪلاهوما شهر ۾ ڊپريشن واري دور جو منظر آهي.
نوجوان ٽام جوڊ پنهنجي دفاع ۾ هڪ ماڻهو کي قتل ڪيو
هو. هو انهي ڏوهه تي جيل ۾ هو. هو اتان تازو پيرول
تي نڪتو آهي. هو موٽي آيو ته پنهنجي گهر کي تمام
خراب حالت ۾ ڏٺائين. هڪ ماڻهوءَ ٽام کي اتي بيٺل
ڏٺو ۽ ٽام کي ٻڌايائين ته ڪيئن نه ڪمپنين ۽ بينڪن
هارين کي زمينن تان بي دخل ڪري ڇڏيو هو جو هارپي
واري نظام مان اُپراسو نه پئي ٿيو ۽ ڪيئن ٽريڪٽر
اچي گهر ڊاهي ويا هئا. ”تنهنجو پٽ تنهنجي چاچي جان
وٽ آهي“. هن چيو.
جوڊ ڪٽنب، ڏاڏو، ڏاڏي، چاچو جان، امان، بابو ۽
انهن جا ٻار، نوح، آل، نوجوان روز آف شيرن (پيٽ
سان آهي) سندس مڙس ڪوني ۽ جوڊ جا ٻه ننڍڙا ٻار
روٿي ۽ ون فيلڊ ڪيليفورنيا وڃي رهيا هئا جتي
اشتهارن مطابق هزارين مزدورن جي ضرورت هئي. امان
کي ڊپ هو ته هوءَ وري ٽام کي نه ڏسي سگهندي ۽ اها
به ڪا سندس دعا اگهامي هئي جو هو اچي سهڙيو ۽
پنهنجون ٻانهون سندس گلي ۾ وڌائين. مُبلغ جم ڪيسي
به ٽام سان گڏ هو جنهن سان هو رستي تي مليو هو. پر
ڪيسي هاڻي مبلغ نه رهيو هو جو هن سمجهي ورتو هو ته
روح القدس، خدايا يسوع مسيح نه پر انساني روح هو ۽
سڀ انسان هڪ وڏي روح جو حصو هئا.
امان جنهن هيترا ڏک ڏٺا ۽ سٺا هئا اها ڪٽنب جو ڪوٽ
۽ قلعو هئي ۽ اهڙي مضبوط جاءِ هئي جنهن تي قبضو نه
پيو ڪري سگهجي. هاڻي ٽام به واپس اچي ويو هو ته
هوءَ به ڪم شروع ڪرڻ لاءِ بلڪل تيارهئي. انهن سوئر
ڪُٺا ۽ گوشت لوڻي رکيو ۽ پاڻ سان فقط اهي ضروري
شيون کنيون جن کان سواءِ گذارو نه ٿي سگهي ها. اهي
آل پاران خريد ڪيل پراڻي هڊسن ۾ چڙهي ويٺا ۽ بابا
جم ڪيسي ڏانهن شڪ ۾ ڏٺو ۽ چيائين: ”ڇا اسين هڪ
وڌيڪ وات ڀري سگهنداسين؟ امان چيو: ”اسين ڀري
سگهون ٿا نه، اسان کي ڀرڻو پوندو. اهي جڏهن روانا
ٿيا ته آل امان کان پڇيو ته ڇا هوءَ ڊنل ته نه هئي
۽ امان چيو: نه نه! جڏهن ڪجھ ٿي پوندو آهي ته آءٌ
انهي کي منهن ڏئي ويندي آهيان.
روٽ 66 تي وڏي رش لڳي پيئي آهي. پراڻيون ڪاريون،
لاريون سڀ اولهه طرف وڃي رهيون آهن. پراڻيون ڍنگهر
گاڏيون ايترو ڊگهو سفر نه ٿي ڪري سگهيون. ڪيتريون
ته رستي تي خراب لڳيون پيون هيون. پر جوڊ وارن جي
هڊسن هلندي هلي. ڏاڏو ڏاڏي رستي ۾ گذاري ويا. اهي
جڏهن ڪولوريڊو ندي تي پهتا ته نوح به ڪٽنب کي ڇڏي
ويو. اهڙي طرح ڪٽنب ڀڄڻ ڀرڻ شروع ٿيو ته امان کي
ڏاڍو ڏک ٿيو.
انهن جڏهن ريگستان ڪراس ڪيو ته انهن کي هيٺ
ڪيليفورنيا جون سايون ۽ سرسبز واديون نظر آيون.
انهن جڏهن بيڪرس فيلڊ ڇڏي ته دير ٿي وئي هئي ۽ اهي
جڏهن لاڏائن جي ڪيمپ ۾ پهتا ته نما شام ٿي وئي
هئي. انهن جڏهن ڇپرن ۽ مَنَهَن جو گندو جهڳٽو ڏٺو
ته اهي اندر ۾ ڏڪي ويا ۽ انهي ڏينهن اڳتي نه وڌي
سگهيا. ڪيمپ هوورس وائيل سلسلي جي هڪ ڪڙي هئي ۽
ڪيليفورنيا جي هر شهر جي ٻاهران هڪ هُوورسوائيل
ڪيمپ ٺهيل هئي. فلائيڊ نالي هڪ ماڻهو ٽام کي ٻڌايو
ته اها Promised
Land (ارض
موعود) نه آهي. ”اها هن پاسي آهي“. هن چيو، ”جڏهن
مالڪن کي لاهيارن جي ضرورت هوندي آهي ته اهي هزار
کن ماڻهن لاءِ اشتهار ڏئي ڇڏيندا آهن. جڏهن ته
انهن کي ضرورت فقط هڪ سو ماڻهن جي هوندي آهي. جڏهن
ايترا گهڻا ماڻهو هجن ۽ ڪم ٿورن جو هجي ته انهن کي
ٿوري اجرت تي به ڪم لاءِ راضي ڪيترائي ماڻهو ملي
ويندا آهن ۽ فرض ڪريو ته ڪجھ ماڻهو ڪم ڇڏي ويندا
به هليا ته به تيستائين ٻيا ڪيترائي ماڻهو هوندا
جن کي مزدوري جي سخت ضرورت هوندي ۽ اهي پنهنجي
ڪٽنب لاءِ ماني جي هڪ ڳڀي اجرت تي به ڪم تي
بيهندا. اسان مان ڪيترن ماڻهن کي روزگار نه آهي ۽
لنگهڻ ٿا ڪڍون“. فلائيڊ چيو، ”تنهن ڪري اهي اسان
کي گهمائيندا رهندا آهن جيئن اسان کي آرام نه ملي
سگهي. ڇو ته هو ڊڄن ٿا ته اسين پاڻ کي منظم نه ڪري
وجھون“. امان رات جو ڏوئي سان ڀت ڪڍي رهي هئي ته
بکايل ٻارن جي هڪ قطار کيس ڏسي رهي هئي. هوءَ
جيتوڻيڪ ڪجھ به بچائي نه ٿي سگهي ته به انهن سڀني
کي ذرو ذرو چکايائين. روز آف شيرون جي مڙس ڪوني
ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هُوورس وائيل جهڙي گندي ڪا
جاءِ به ٿي سگهي ٿي. هو رات جو ڀڄي ويو. صبح ٿي ته
هڪ ماڻهو آيو. انهي سان گڏ ڊپٽي شيرف به هو.
ماڻهوءَ چيو، ”توهان کي تولار (Tulare) ڪائونٽي
۾ ڪم ملندو. پر فلائيڊ جڏهن انهن کان ڏهاڙي جي
اجرت پڇي ته هن کيس هڪ سُرخو وڳوڙي ڪوٺيو ۽ ڊپٽي
شيرف فلائيڊ تي فائر ڪيو پر هن کان گسي ويو ۽ گولي
وڃي هڪ عورت جي هٿ تي لڳي. پوءِ جِم ڪيسي کيس دسي
سندس پستول کسي ورتو. پر پهريدار ڪيمپ ۾ ڪاهي آيا
۽ جم ڪيسي ۽ فلائيڊ کي سوگهو ڪري روتائون. ”اسين
توهان ٻنهي کي جيل ڏانهن وٺي ٿا وڃون“. انهن چيو ۽
توهان سڀني لاءِ به چڱو آهي ته ٻاهر نڪري وڃو جو
اسين اڄ رات هن ڪيمپ کي باهه ڏينداسين.“ روز آف
شيرون دانهون ڪيون ته هوءَ ڪوني کان سواءِ نه
نڪرندي پر امان چيو: ”اسان کي هلڻو پوندو. اسين هن
سان رستي ۾ ملي وينداسين“. پر ڪوني هميشه لاءِ ويو
هليو هو.
جوڊ ڪٽنب جو ڀاڳ ڀلو هو. انهن کي هڪ سرڪاري ڪيمپ ۾
جاءِ ملي وئي. اها ڏاڍي سٺي صاف سٿري جاءِ هئي.
اتي ٽائليٽ ۽ شاور به هئا. انهي ڪيمپ کي لاڏائن جي
هڪ ڪميٽي هلائيندي هئي. پر اتي ڪو روزگار نه هو.
امان چيو، ”اسان کي اڳتي هلڻو پوندو“.
روڊ تي انهن کي هڪ ماڻهوءَ بيهاريو ۽ انهن کي
چيائين ته آڙو پٽڻ لاءِ ماڻهو گهربل آهن. ”فارم جي
دروازن تي پوليس بيٺل هئي پر انهن کي اندر اچڻ ڏنو
ويو ۽ ڪم تي رکيو ويو. اهي اندر داخل ٿي ويا ته
پوءِ انهن کي ٻاهر نڪرڻ جي موڪل نه ٿي ملي ڇاڪاڻ
ته اتي اسٽرائيڪ ٿي هئي ۽ اسٽرائيڪ ڪندڙ انهي جاءِ
کي گهيرو ڪيو بيٺا هئا. پر ٽام تارن جي لوڙهي مان
نڪري آيو ۽ ڏٺائين ته اسٽرائيڪ جي اڳواڻي ڪيسي ڪري
رهيو هو“. تون اتي ڪم ڪري اجرت گهٽ رکڻ ۾ مددگار
ٿي رهيو آهين. ڪيسي چيو، ”جيڪڏهن اسين سڀ گڏجي
وينداسين ته انهن کي اسان کي صحيح اجرت ڏيڻي پوندي
گارڊن انهن کي ڳالهائيندي ٻڌي ورتو ۽ انهن مان هڪ
ڪيسي وٽ آيو: ”تون ٻارڙن کي بک پيو مارين توکي خبر
نه آهي ته تون ڇا ڪري رهيو آهين“. ڪيسي چيو ۽ اهي
سندس آخري لفظ هئا ڇاڪاڻ ته گارڊ پنهنجي ڏنڊي سان
سندس کوپڙي چٿي وڌي. ٽام ماڻهوءَ کي ڪيرائي وڌو ۽
خبر پئجي ويس ته انهي کي ماري وڌو هئائين ۽ ٻئي
گارڊ سندس ڳل چيري وڌو پر ٽام اونداهي ۾ کسڪي ويو
۽ امان کي اچي ٻڌايائين ته ڇا ٿي گذريو هو. ”تون
کيس مارڻ جو ارادو نه ڪيو هو“. هن چيو، ”اسان کي
روشني ٿيڻ کان اڳ هتان نڪرڻو پوندو“. انهن ٽام کي
هڊسن ۾ هڪ گدي هيٺان لڪائي ڇڏيو ۽ حفاظت سان اتان
نڪري آيا.
انهن کي رستي ۾ ”ڦُٽيون چونڊيندڙ گهربل آهن“. جو
نشان نظر آيو. ٽام هڪ موري ۾ لڪي ويو ۽ امان ٻارن
کان واعدو ورتو ته اهي ڪنهن کي به نه ٻڌائيندا.
انهن کي ڪم تي کنيو ويو ۽ اهي هڪ ٻئي ڪٽنب سان
گڏجي ڪم تي ويا. امان رات جو ٽام ڏانهن ماني کڻي
ويندي هئي. پر هڪ ڏينهن روٿي ٽام بابت ٻڌائي ڇڏيو
۽ امان هن وٽ وئي ۽ کيس چيائين ته هو ڪيڏانهن هليو
وڃي. ٽام چيو: ”امان پريشان نه ٿي. ٿي سگهي ٿو ته
جيئن ڪيسي چيو هو ڪنهن به ماڻهو کي پنهنجو ذاتي
روح نه هوندو آهي پر اهو روح هڪ وڏي روح جو ٽڪرو
هوندو آهي ۽ پوءِ- نه اها ڳالهه ڪا اهميت نه ٿي
رکي- آءٌ هر هنڌ موجود هوندس. آءٌ اتي هوندس جتي
ماڻهن کي ڪُٽيو ويندو يا بک ماريو ويندو ۽ جڏهن
اسان جا ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ رهندا ۽ پنهنجو اپايل
کاڌو کائيندا ته آءٌ اتي به موجود هوندس. امان کي
جيتوڻيڪ ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پر کيس تسلي ٿي
وئي....
روز آف شيرون پريشان ٿيڻ ۽ ڪنجهڻ ڪُرڪڻ ڇڏي ڏنو.
هن ۾ عورتاڻو انداز اچي ويو هو. سندس ڏينهن ڀرجي
آيا ۽ هن هڪ ڇڪڙي ۾ مئل ٻار ڄڻيو. مٿان مينهن پئجي
ويو ۽ پاڻي ڇڪڙي جي ڏاڪن تان وهي هليو. امان چيو،
”اسان کي روز آف شيرون کي هتان ڪڍڻو پوندو. آل نه
هليو جو هن کي اها ڇوڪري ملي وئي جنهن سان هن شادي
ڪرڻ چاهي ٿي. هڊسن هلائڻ وارو به ڪو به نه هو.
تنهن ڪري بابا ۽ چاچا جان روز آف شيرون کي هاءِ وي
تي کڻي هليا. انهن کي هڪ ڀانڊو نظر آيو ۽ امان
چيو: ”روز آف شيرون بُهه تي آرام ڪري سگهي ٿي“. پر
انهن کي ڀانڊي ۾ هڪ پوڙهو ماڻهو نظر آيو جنهن جي
مٿان هڪ ڇوڪرو جهڪيو ويٺو هو. ڇوڪري چيو: ”هن
ڪيترن ڏينهن کان ڪجھ به نه کاڌو آهي. هن کي جيڪڏهن
ڪو سوپ يا کير نه مليو ته هيءَ مري ويندو. امان
روز آف شيرون ڏانهن ڏٺو ۽ هن ”هائو“ چيو. امان ٻين
کي ٻاهر ڪڍيو ۽ روز آف شيرون پوڙهي ماڻهو جي ڀرسان
ويهي رهي پنهنجي سيني تان ڪپڙا پري ڪيائين ۽ هن جو
مٿو ڇڪي پنهنجي سيني سان لاتائين. ”تون ڀلي ڌاءِ“
هن چيو ۽ سندس منهن هڪ پراسرار مرڪ سان چمڪي پيو.
اسٽين بيڪ جيڪڏهن فقط جوڊ ڪٽنب جي آکاڻي بيان ڪري
ها ته دي گريپس آف راٿ شايد هڪ پُر اثر
ڊاڪيومينٽري کان وڌيڪ ڪجھ نه هجي ها. پر ڪتاب جي
بائيبل واري جوڙجڪ ۽ علامت نگاري انهي کي هڪ رزميي
واري بلندي تي پهچائي ڇڏيو آهي. ايڪشن ٽن مرحلن ۾
رونما ٿئي ٿو. زور زبردستي واري ملڪ ۽ زبردستي
ڪندڙن وٽان روانگي (اوڪلاهوما، زمينن جا مالڪ،
ڪمپنيون ۽ بينڪون) خروج، (سفر) ۽ ڪنعان جي دشمن
قبيلن (ڪيليفورنيائين) جي وچ ۾ ارض موعود (Promised
Land) ۾
ٿورو وقت رهڻ، ”دي بيٽل هيمن آف دي ريپبلڪ“ مان
ورتل عنوان خود بائيبل جي ڪتاب Revelation ڏانهن
اشارو آهي ۽ اسٽين بيڪ انگور جي تمام سگهاري علامت
سان ٻنهي مرڪزي خيالن کي هڪ ڏاڍي دکدائڪ ۽ سهڻي
پڄاڻي واري منظر ۾ هڪ ٻئي سان ملائي ڇڏي ٿو. ڀانڊي
۾ پوڙهي سخص کي حياتي ڏيندڙ روز آف شيرن سانگ آف
سانگس واري محبوبا (Beloved) آهي.
”جنهن جون ڇاتيون“ انگورن جي هڪ ڇڳي وانگر آهن،
اها محبوبا جيڪا چوي ٿي. ”وٺ کاءُ هيءُ منهنجو جسم
آهي....“
جان اسٽين بيڪ کي 1962ع ۾ نوبل انعام ڏنو ويو.
96. 1984
-- جارج آرويل--
جارج آرويل (اصلي نالو ايرڪ بليئر) انڊيا ۾ 1903ع
۾ ڄائو. هن جو تعليمي ۽ ملازمت وارو سفر به ڏاڍو
متنوع رهيو. هو ايٽن ۾ پڙهيو، برما جي پوليس فورس
۾ نوڪري ڪيائين، پيرس ۾ رهيو، وري انگلينڊ ۾
پڙهائيندو رهيو. اسپين ۾ ريپبلڪ ڌر پاران لڙائي ۾
پڻ شريڪ رهيو. پوءِ هن صحافي ۽ ليکڪ طور مشهوري
ماڻي ۽ 1950ع ۾ فوت ٿيو. ذاتي تجربن سندس ڪتابن کي
سگهه ڏني. سندس ڪتابن جا نالا هي آهن: ڊائون ائنڊ
آئوٽ ان پيرس ائنڊ لنڊن. برميزڊيز، دي روڊ ٽو
وائيگن پيئر، ڪمنگ اپ فار ائير ۽ هوميج ٽو
ڪيٽالوينا. هن کي سن 1945ع ۾ اينيمل فارم تي تمام
گهڻي ڪاميابي ملي. اهو جانورن جي قصي جي روپ ۾
سياسي طنز آهي. چار ورهيه پوءِ 1984ع آيو. انهي جي
فلمي ۽ ڊرامائي تشڪيل به ٿي چڪي آهي. آرويل هڪ
آزاد انقلابي هو جنهن کي فاشزم ۽ ڪميونزم کان نفرت
هوندي هئي. هو سماجي ڪمن لاءِ پيدائشي ويڙهاڪ هو.
پر هو انفراديت پسند هو جنهن کي خود انهن ڳالهين ۾
خاميون ڏسڻ جي همٿ ۽ جرئت هئي. سندس ذهن متشڪڪ قسم
جو هو ۽ هو پنهنجن خيالن جو اظهار ڏاڍي تيز نموني
ڪري سگهندو هو. آرويل جي 1950ع ۾ ٽي. بي وگهي موت
جو ڪجھ سبب ته کيس اسپيني گهرو لڙائي دوران آيل
زخم هئا پر هڪ سبب هن پاران زندگي جي آخري حصي ۾
ڄاڻي واڻي اختيار ڪيل ڏکيون حالتون پڻ هيون.
لنڊن، ايئر اسٽرپ ون ۾ اپريل جي هڪ ٿڌي ڏينهن ۾
اوڻٽيهن ورهين جو ونسٽن سمٿ، وڪٽري مينشنز ۾
پنهنجي هڪ ننڍڙي اونداهين فليٽ مان نڪري منسٽري آف
ٽُرٿ ۾ رڪارڊس ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم تي وڃي ٿو. رستي جي
هر ڪنڊ تي هڪ مقناطيسي چهري جا ڦوٽو لڳا پيا هئا.
جن جي هيٺان لکيل هو: وڏو ڀاءُ توهان کي ڏسي رهيو
آهي (Big
Brother is Watching you).
وزارت جي مکيه دروازي تي پارٽي جا ٽي نعرا نقش ٿيل
هئا: جنگ امن آهي (War
Is Peace)،
آزادي غلامي آهي (Freedom
is slavery) ۽
بي علمي طاقت آهي (Ignorance
is Strength).
ٻين وزارتن جا نالا هي هئا: امن (Peace) ]انهي
جو تعلق جنگ سان هو[ محبت ]اندروني
امن امان بابت[ ڪثرت (Plenty) ]اقتصاديات
بابت[.
ڪجھ ڏهاڪا اڳ واري انقلاب جي نتيجي ۾ انگسوڪ(Ingsoc) منظر
تي آئي هئي (معنيٰ انگلش سوشلزم) انهي ۾ اِنر ۽
آئوٽر پارٽي جي حڪمراني هوندي هئي ۽ پرولز (Proles) جي
اڪثريت کي پنهنجي منهن ڇڏي ڏنو ويو هو.
دنيا اوسينيا، يوريشيا، ۽ ايسٽيشيا تي ٻڌل هئي.
لڳاتار جنگ پئي هلي ۽ انهي جو ڪو فيصلو نه پئي ٿي
سگهيو. انهي وقت به اوشينيا ۽ يوريشيا ۾ جنگ لڳي
پئي هئي. پر ٽنهي طاقتن جي وچ ۾ ڌڙا بندي تبديل
ٿيندي رهندي هئي.
پر اهڙين تبديلين کي ظاهري طور تسليم نه ڪيو ويندو
هو ۽ ماضي کي ميسارڻ يا انهي کي غلط رخ ڏيڻ جون
شديد ڪوششون ڪيون وينديون هيون. اهو ونسٽن جو ڪم
هوندو هو. ٽيلي اسڪرينس هر شهري جو لڳ ڀڳ هر هڪ
لفظ ۽ چرپر رڪارڊ ڪنديون هيون. ونسٽن جا ماءُ پيءُ
گم ٿي ويا هئا. ائين به ٿي سگهيو ٿي ته انهن جي
ٿاٽ پوليس (Thought
Police) پاران
گرفتاري کان پوءِ انهن جو صفايو ڪيو ويو هجي. جيئن
ونسٽن جي ڪيوبڪل جي ڀر واري ڪيوبڪل ۾ ڪم ڪندڙ عورت
جي مڙس سان ٿيو هو. انهي جي باوجود به هوءَ آرام
سان حقيقتن کي ڦيرائڻ ۽ گوڊ ٿنڪ (Good
Think) جو
ڪم ڪندي رهندي هئي. اتي هر روز ٻه منٽ نفرت (Two
Minutes Hate) جو
وقفو ٿيندو هو جنهن ۾ ماڻهن جا ميڙ يوريشيائي
قيدين جي تصويرن (يا جڏهن انهن کي عوامي جاين تي
ڦاهي چاڙهيو ويندو هو ته خود انهن جي سامهون بيهي)
کي زور زور سان گاريون ڏيندا هئا. انهن جي سڀ کان
گهڻي نفرت جو نشانو باغي ليڊر عمانيوئيل گولڊ
اسٽين هوندو هو جنهن کي هر برائيءَ جو مرڪز سمجهيو
ويندو هو. ٻارن کي اها ڳالهه سيکاري ويندي هئي ته
انهن جا ماءُ پيءُ جيڪڏهن مڃيل عقيدي کان ڦريل (Unorthodox) ڳالهيون
يا ڪم ڪن ته هو اها ڳالهه حڪومت کي ٻڌائين. اهي
ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ جاسوسن ۾ شامل ٿي ويندا هئا.
خود ونسٽن کي سندس هڪ ڄاڻ سڄاڻ واري پارسنز (Parsons) جي
نون ورهين جي پٽ ڌمڪيون ڏنيون هيون. هو هڪ سٺي
سڀاءُ وارو احمق هوندو هو جنهن کي ”سماجي ڪم“ ڪرڻ
جو خبط هوندو هو. ماءُ پيءُ ته پنهنجن ٻارن جي لڪي
ڇپي ٻين جون ڳالهيون ٻڌڻ واري ڪم ۾ مهارت تي فخر
ڪندا هئا.
پر ونسٽن ماضي توڙي مستقبل بابت خواب ڏسندو رهي
ٿو. کيس هڪ ڪٻاڙ جي دڪان ۾ ڏاڍي سهڻي نرم چمڙي جي
ٽڪرن جي دَستي نظر اچي وڃي ٿي. (اها بڇڙي ماضي جو
هڪ يادگار آهي). هو اها خريد ڪري ٿو جيئن انهي تي
سڌي عقيدي کان ڦريل ۽ ذاتي خيالن جي ڊائري لکي. هو
لازمي ۽ ٿڪائيندڙ پي. ٽي دوران به سوچيندو رهي ٿو.
پي. ٽي ته سندس کنگهه جي دورن کي به جاڳائي ٿي
ڇڏي. هو سوچيندو ٿو رهي ته برادرهڊ (Brotherhood) جي
نالي سان باغين جي ڪا خفيه تنظيم آهي ڇا؟ اِنر
پارٽي جي ٿلهي پر حساس عملدار اوبرائين بابت ڇا
چئجي جنهن هڪ دفعو ونسٽن جي ڪنن ۾ ڀڻڪو ڪيو هو.
”اسين هڪ اهڙي جاءِ تي ملنداسين جتي ڪا به اونداهي
نه آهي. ڀلا اها نوجوان ڪارن وارن ۽ ڪسرتي جسم
واري ڇوڪري ڪير آهي جيڪا ٻن منٽن واري نفرت جي
وقفي ۾ هن جي پٺيان رڙيون ڪري رهي هئي. هن جيتوڻيڪ
پنهنجي نفرت هن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي هئي ته به اڌو
اڌ محبت ۾ گرفتار ٿي ويو هو.
ونسٽن جو سائم (Syme) نالي
هڪ ساٿي هوندو هو. هو ماهر لغات هو ۽ نيو اسپيڪ (New
Speak) ڊڪشنري
جي سترهين ايڊيشن تي ڪم ڪندو هو. (هو سمجهندو هو
ته سائم جو به لازماً صفايو ٿي ويندو ڇاڪاڻ جو هو
ڏاڍو ذهين هو). سن 2050ع تائين لازمي ٿي ويندڙ نيو
اسپيڪ جو مقصد لفظن کي تباهه ڪرڻ ۽ سوچ جي دائري
کي گهٽائڻ هو ۽ سن 2050ع تائين ماضي جو ادب اهڙي
طرح ترجمو ٿي ويندو جو حقيقت ۾ اهو تباهه ٿي
ويندو.
ٽيلي اسڪرين غير موجود ڪثرت بابت انگ اکر پيش ڪندي
رهي. چاڪليٽ راشن بابت تاڙين جي گونج ۾ اعلان ڪيو
پئي ويو ته وڌائي 20 گرام ڪيو ويو آهي. پر ونسٽن
پنهنجن خانگي مسئلن سبب پريشان هو. هن کي پنهنجي
ٿڌي ۽ پاڻ کي نيڪو ڪار سمجهندڙ زال ڪيٿرائين ياد
آئي (اها گهڻو وقت اڳ گم ٿي وئي هئي. انهي جو به
شايد سندس ماءُ پيءُ وانگر صفايو ٿي ويو هو. پرولس (Proles) سان
رنڊي بازي سولو ڪم هو پر پڪڙيو وڃڻ تي پنج سال قيد
سزا ملندي هئي. خواهش بذات خود هڪ سوچ جو ڏوهه (Thought
Crime) هو
۽ نون بالغ ٿيلن جي به پنهنجي Junior
Anti- Sex League هوندي
هئي. هاڻي اميد وڃي پرولس (Proles) ۾
ئي بيٺي ٿي جيڪي آدمشماري جو 85 سيڪڙو هئا. ونسٽن
پنهنجي بي آرامي ۾ هڪ پوڙهي پرول جي صحبت ۾ ويٺو ۽
هن کان کوٽي کوٽي انقلاب جي اڳ وارن ڏينهن جو
يادگيريون پڇڻ لڳو. پر انهي پوڙهي جون ڳالهيون
ڏاڍيون مبهم ۽ بي ربط هيون. ونسٽن هڪ ڏينهن انهي
ڪٻاڙ جي دڪان جي ٻاهران اچي بيٺو جتان هن ڊائري
خريد ڪئي هئي ۽ پاڻ کي ڏوهي سمجهندي اندر ويو
هليو. اتي ويٺل ڪراڙي مسٽر ڪيرنگٽن هن کي هڪ شيشي
جو پيپر ويٽ ڏنو جنهن ۾ مرجان رکيل هو. ونسٽن جي
نظر ۾ اها تمام سهڻي شي هئي. مٿي ماڙي وارو
استعمال ۾ نه ايندڙ، پراڻي فيشن وارو ۽ ڀڳل ڀريل
ڪمرو سندس خانگي ضرورتن لاءِ شايد صحيح هجي ها. هو
جيئن اتان نڪتو ته کيس فڪشن ڊپارٽمينٽ واري ڪارن
وارن واري ڇوڪري نظر آئي. ڇا اها ڪا سرڪاري طور
تعاقب ڪندڙ ته نه آهي؟ هن کي اها ماڻڻ جي ڏاڍي آس
هئي پر کيس انهي کان ڊپ به ڏاڍو پئي ٿيو.
هن هڪ صبح اوچتو کيس ورانڊي ۾ ويجھو ايندي ڏٺو.
سندس ٻانهن ڳچي ۾ ٻڌل هڪ پٽيءَ ۾ اٽڪي پئي هئي.
هوءَ ترڪي پئي. هن کيس سهارو ڏئي مٿي اتاريو ته
هوءَ هڪ چٺي سندس هٿ ۾ وجھي غائب ٿي وئي. هو ڏڪي
ويو ته متان اهو پيغام ٿاٽ پوليس پاران نه هجي
تنهن ڪري انهي کي کولڻ ۾ دير ڪيائين. آخرڪار هن
انهي ۾ لکيل ٽي لفظ پڙهيا. I
Love You.
جذبن جي هڪ ميڙ هن تي ڪاهه ڪري ڏني. خوشي، ڊپ؛
پوليس ۽ خود محبت جو، ڇوڪري بابت جنسي هورا کورا ۽
اها آنڌ مانڌ ته هو کيس وڃائي نه ڇڏي. پر هو رابطو
ڪيئن ڪري؟ شايد ته ڪينٽين ۾ جتي ٻه ٽي اهم لفظ گوڙ
۾ گم ٿي ويندا. هڪ هفتي تائين هوءَ يا ته نظر ئي
نه آئي يا هن تي ڪا توجهه نه ڏيندي گذري ويندي
هئي. آخرڪار هو هن جي ڀرسان هڪ ٽيبل تي ويهڻ ۾
ڪامياب ٿي ويو پر هو تمام عام رواجي نموني ۾ ويٺو
جيئن اختيارين کي ڪو به شڪ نه ٿئي.
اتي اهي هلڪين ڦلڪين ڳالهين جي ڏي وٺ ڪري سگهيا
ٿي. هو هن سان وڪٽري اسڪئائر واري يادگار وٽ ملڻ
تي راضي ٿيو. هنن اهو به طي ڪيو ته هو هن جي ويجھو
تڏهن ئي ايندو جڏهن هوءَ ماڻهن جي ميڙ جي وچ ۾
هوندي. اها ملاقات ڪامياب رهي جنهن ۾ هُن کيس
تفصيلي هدايتون ڏنيون ته هو ڪيئن هڪ ويران ميدان ۾
ڪنهن مخصوص وڻ وٽ اچي. لڳي پيو ته هوءَ اهڙين
ڳالهين جي عادي هئي.
ونسٽن آچر ڏينهن ٻيپهري جو تڪڙو تڪڙو پر احتياط
سان انهي ويران ميدان ڏانهن هليو (اهو به چڱو ٿيو
جو گشتي پوليس جا ڪي ماڻهو ٻاهر نه هئا!) اتي کيس
ڇوڪري جو پيار ۽ فطرت جي سانت ملي وئي. ونسٽن ۽
جوليا- هن هاڻي پنهنجو نالو ظاهر ڪيو- هڪ ٻئي بابت
ڄاڻ ۾ چڱي اڳڀرائي حاصل ڪئي. جوليا کيس ٻڌايو ته
هن کيس ڪجھ وقت اڳ سڃاڻي ورتو هو ته هو ”واسطو نه
ٿو رکي“، ”مون کي خبر هئي ته تون انهن جي خلاف
هئين. ونسٽن جنهن جي ذهن ۾ اڃا اهڙيون غير واضح
يادگيريون ڀريل هيون. ڄڻ ته هن خواب ۾ ڪو منظر ڏٺو
هجي. هو هن فطري رنگ ڍنگ رکندڙ ڇوڪري جي موهه ۾
موهجي ويو. هن پاران پارٽي کان نفرت ڪيتري نه
وڻندڙ هئي! هن جي ٻٽي زندگي ڪيتري ته چالاڪي تي
ٻڌل هئي: ٻاهران هر ڳالهه قاعدي قانون مطابق، هفتي
۾ ٽي دفعا جوئينر اينٽي سيڪس ليگ سان گڏ ڪم ڪرڻ،
ميڙ ۾ گڏجي رڙيون ڪرڻ، وري ڏاڍي ڇڙواڳي سان زندگي
جي موجود لمحي مان مزو ماڻڻ به. |