سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:18 

ايندڙ ڏهه منٽ وڏي شدت سان لڙائي هلي ۽ هاڻي بورو لڳاتار ڇهه دفعا ڌڪ کائي هيٺ ڪريو. ”آءٌ اهو سهي نه سگهندس. هو جڏهن بيلي جي گوڏن تي ڪريو ته اهي لفظ چيائين“، آءٌ سمجهان ٿو ته مون کي آڻ مڃڻ گهرجي. پڄرندڙ ٺاٺارو تمام زوردار ڌڪ ٿو هڻي. ۽ هن رت جي هڪ گرڙي ڪئي. ”هاڻي ڀلا تون Long Melford ڪم آڻيندين؟ بيلي چيو. مون کي خبر نه آهي لانگ ميل فورڊ مان تنهنجو مطلب ڇا آهي“، بورو جواب ڏنو. ”ڇو تنهنجو اهو ساڄو هٿ، ٻيلي چيو، تون جيڪڏهن اهو ڪم آڻيندين ته منهنجي خيال ۾ توکي هڪ موقعو ملي سگهي ٿو“. ماڻهو وري اڳتي وڌيو ۽ اُلر ڪيائين ۽ هو جيڪڏهن گُسائي نه وڃي ها ته لازماً لڙائي جي پڄاڻي ٿي وڃي ها. بورو ڌڪ جو گسايو ته هو وڏي زور سان وڃي هڪ وڻ ۾ لڳو. ”پڄرندڙ ٺاٺارو جيستائين پاڻ سنڀالي مون پنهنجي سموري طاقت گڏ ڪئي ۽ کيس ڪن هيٺان هڪ ڌڪ وهائي ڪڍيو ۽ پوءِ بلڪل ساڻو ٿي زمين تي ڪري پيس. منهنجو ٺاٺاري کي ڪن هيٺان لڳل ڌڪ سنڌائتو لڳو هو. ”واهه واهه لانگ ميل فورڊ“ ! مون بيلي جي رڙ ٻڌي...“

انهي ٽڪري کي انگريزي ادب جو ڪنهن لڙائي جو بهترين بيان سڏيو وڃي ٿو. اڳتي ايندڙ ڳالهه به انهي جي جوڙ جي آهي. اهڙو ڪو پڙهندڙ نه هوندو جيڪو انهي آکاڻي مان متاثر نه ٿيو هجي جيڪا انهي دلير، آزاد ۽ اعليٰ اصولن واري ڇوڪريءَ بورو کي انهي وقت ٻڌائي هئي جڏهن ٺاٺارو ۽ سندس سنگتياڻي گندا لفظ ڳالهائيندا هليا ويا هئا. اهي سوڙهي وڻن سان ڀريل گهاٽيءَ ۾ باهه جي ڀرسان ويٺا هئا؟ اها ڇوڪري ڏاڍي معزز ۽ قديم ذات سان تعلق رکي ٿي. پر اها ذات سندس ماءُ جي آهي ڇاڪاڻ ته هوءَ ناجائز اولاد آهي ۽ هڪ ڪارخاني ۾ ڄائي هئي. اها بورو جي ڪتابن جي صفحن تي اهڙي روشني پکيڙي ٿي جيڪا ايتري ئي گرم ۽ روشن آهي جيترو سندس وارن جو رنگ. ڪهاڻي ڪيتري قدر صحيح آهي؟ لازماً اها سموري سندس من گهڙت نه آهي. هو جيڪو ڪجھ ٻڌائي ٿو انهي مان خبر پوي ٿي ته هن ويچاري ڇوڪري سان ڏاڍي بي احساسي سان ظالماڻو سلوڪ ڪيو هو. انهي نوجوان مرد ۽ سهڻي ڇوڪري انهي اڪيلي چُر ۾ گڏ ويهي ڇا چيو هو ۽ ڇا ڪيو هو؟ هن جو اصرار آهي ته هن کيس آرمينيائي زبان سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي!

لاوينگرو تمام غيرمعمولي تڪڙ ۾ پڄاڻي تي پهچي ٿو ۽ The Romany Rye جي شروعات به ايتري ئي عجيب ۽ اوچتي آهي. انهي ۾ اسان کي اهو سڀ ڪجھ ٻڌايو ويو آهي جيڪو بورو اسان کي آئسوپيل برنرس جي واقعي بابت ٻڌائڻ گهريو آهي. هن ڇوڪريءَ کان اٽڪل ڪرائي آرمينيائي زبان ۾ ”آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿي، آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿي“ جا لفظ چورايا ۽ جڏهن ڇوڪري ڳوڙهن ۾ اچي پئي ته هن کيس يقين ڏياريو ته هو گڏجي آمريڪا هليا ويندا“. اتي اهي ڪنهن ٻيلي ۾ وڃي رهندا ۽ زال مڙس وانگر Siriel فعل جو گردان ويٺا پڙهندا“. انهي تي بيلي کيس چيو ته: ”تون حسب معمول ڀوڳ پيو ڪرين. بورو جڏهن کيس يقين ڏياريو ته هن اهي لفظ سچ پچ ۾ چيا هئا ته ڇوڪري چيو ته کيس انهي آڇ تي سوچ ويچار لاءِ وقت گهرجي.

بورو ٻئي ڏينهن جيسپر سان گڏ هڪ ميلي تي وڃڻو هو. ”ميدان جي بلڪل آخري ڪناري تي بيهي مون سوڙهي وڻن واري گهاٽي ڏانهن ڏٺو. آئسوپيل برنرس منهن وٽ بيٺي هئي. صبح سوير جي سج جا ڪرڻا سندس شانائتي منهن ۽ جسم تي چمڪي رهيا هئا. مون هن ڏانهن پنهنجو هٿ لوڏيو. هن آهستگيءَ سان پنهنجي ساڄي ٻانهن مٿي ڪئي. مون پٺتي منهن ڪيو ۽ آئسوپيل برنرس کي وري ڪڏهن نه ڏٺو.

52. مادام بووري

-- فلا برٽ گستاو--

 

مادام بووري هڪ ڳوٺاڻي ڊاڪٽر جي زال آهي جنهن کي پنهنجي شادي مان ڪا به خوشي نه ٿي ملي. کيس ٻه عاشق آهن ۽ آخرڪار جڏهن هڪ وياج خور واپاري جا مٿس قرض چڙهندا ٿا وڃن ته هو گروي جو معاهدو وقت کان اڳ ختم ڪري ٿو ڇڏي ۽ سندس گهر ۾ بيلف ويهاري ٿو ڇڏي ته هوءَ خودڪشي ڪري ٿي ڇڏي. ڪتاب پهريون دفعو 1856ع ۾ ڇپيو ۽ وڪٽوريائي دور وارو جنسي ۽ اخلاقي ڳالهين ۾ لڄاداري وارو لاڙو انگلينڊ وانگر فرانس ۾ به ايترو ئي مضبوط هو تنهن ڪري ليکڪ فلابرٽ گستاو ۽ پبلشر تي ڪيس هلايو ويو ته انهن اهڙو غير شائسته ڪتاب ڪڍيو آهي. تقريباً ساڳئي وقت بودليئر کي به ساڳئي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ Les Fleurs de Mal مان ڪيترائي نظم خارج ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. فلابرٽ وڌيڪ خوش نصيب ثابت ٿيو جو ڪورٽ جيتوڻيڪ مادام بووري جي ڪجھ رخن تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو پر اهو به چيو ته مادام بووري ڪجھ اهڙن ڪتابن کان مختلف آهي جن جي لکڻ جو مقصد فقط جنسي جذبي جي تسڪين ۽ جنسي آزادي ۽ اخلاقي بگاڙ کي هٿي ڏيڻ آهي يا ڪجھ اهڙين ڳالهين تي چٿر ڪرڻي آهي جن جي هر ڪنهن کي عزت ڪرڻ گهرجي.

انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انهيءَ چو پچو جي نتيجي ۾ فلابرٽ جو ڪتاب جو وڪرو چڱو ٿيو ۽ ادبي نقان ۾ به چڱي ڪاميابي مليس جيڪا انهي کي اوس ملڻي هئي. اهو فرانس يا هڪ لحاظ کان سموري دنيا ۾ پهريون اهم ۽ اهڙو مڪمل طور حقيقت تي ٻڌل ناول هو جنهن ۾ ننڍن شهرن جي زندگي جو اڀياس ڪيل هو ۽ انهي جي ماڻهن ڊاڪٽرن، پادري، دواساز، وڪيل جي منشي، ٽيڪس ڪليڪٽر ۽ هڪ ننڍي زميندار جو تعلق سماج جي عام طور نظرانداز ڪيل طبقي سان آهي. انهن عام ڪردارن جي بجاءِ ٻين ناولن ۾ وڏگهراڻن کي ترجيح ڏنل آهي. بالزڪ ۽ اسٽين ٿال به هڪ لحاظ کان حقيقت نگار آهن پر انهن وٽ ڏوهارين، ڦورن ۽ مهم جوئين جو احوال آهي. جين آسٽن وٽ به فارغ وچولي طبقي جا ڪردار آهن. وري مادام بووري جي زندگي جا چٽ معروضي انداز ۾ ۽ هڪ فاصلي کان چٽيا ويا آهن. انهن ۾ ڪنهن به طرفداري جو مظاهرو ٿيل نه آهي. حقيقت اها آهي ته انهي دوران ليکڪ بلڪل جذبن کان خالي رهيو آهي ۽ هو انهي ڪتاب تي ڇهن ورهين جي ڪشالن ڀريي ڪم ۾ اڪثر چوندو رهندو هو ته کيس ”پاڻ کي بنهه معمولي ڳالهين ۾ ٻوڙي ڇڏڻو ٿو پوي.“

سڀ کان آخر ۾ اها ڳالهه ته ڪتاب پنهنجي ڪنهن حد تائين شرم جهڙي مواد جي باوجود بي مثال ڪماليت واري اسلوب ۾ لکيل آهي. ليکڪ هڪ اهڙو ناول لکڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو هو جنهن ۾ هڪ جملو يا هڪ لفظ به غير اهم نه هو. هو هڪ آرٽسٽ جي حيثيت ۾ لکندو هو ۽ ڊڪنس ۽ بالزڪ- اهي جهڙي پايي جا عظيم ڏات ڌڻي هئا- وانگر نه جيڪي اهڙن ليکڪن وانگر لکندا هئا جن کي ڄڻ ته پريس کي ڪاپي پهچائڻ جي تڪڙ هجي. فلابرٽ چيو هو ته کيس ڪڏهن ڪڏهن هڪ صفحو لکڻ لاءِ اٺ ڏينهن لڳي ويندا هئا. هو چاهيندو هو ته سندس لکڻي ڪنهن به شي، جاءِ، حالت يا شخص جي لاءِ اظهار جو مڪمل ذريعو هجي. هو جيڪا به شي لکندو هو انهي کي آواز سان پڙهڻ جي پرک تي پورو لهڻو پوندو هو جيئن سندس فقرن جو ترنم ۽ چُرپر مڪمل ڏسڻ ۾ اچي. هو چوندو هو ته: ”ڪو به فقرو درست تڏهن ليکجڻ ۾ ايندو جڏهن اهو ساهه کڻڻ جي سڀني ضرورتن جي مطابق هوندو. خراب جملو سيني تي بار هوندو آهي، دل جي ڌڙڪي ۾ رڪاوٽ وجهندو آهي، انهي ڪري بي جان هوندو آهي“.

هاڻي هڪ صدي يا وڌيڪ عرصو گذرڻ کان پوءِ به فلابرٽ جي لکڻ جو اسلوب، سندس ادراڪ جي چٽائي ۽ سندس بيانن جي درستگي انهي ڪتاب جي گهڻو ڪري تڪليف ده واقعن کي به يادگار بڻائي ڇڏين ٿيون. مثال طور ايما جو ٻيون دفعو ”ٿاٻو کائڻ ڪير وساري سگهندو جڏهن هو وڪيل جي منشي ليون (Leon) سان روئين ڪيٿيڊرل ۾ ڳجھي ملاقات ڪري ٿي اتي چرچ جورسمن جو آفيسر (Beadle) انهن کي انهي گرجا گهر جي تاريخ بابت مڻ مڻ ڪندي ڳالهيون ٻڌائيندي ٿڪائي ٿو ڇڏي ۽ آخرڪار ليون جڏهن ايما کي هڪ گاڏي ۾ ويهاري گاڏي واري کي چوي ٿو ته جيڏانهن سندس مرضي هجي اوڏانهن هليو وڃي. هو جتي بيهي ٿو اتي هڪ ڪاوڙيل آواز اڳتي هلڻ تي زور ڀري ٿو. هو سڄي ٻيپهري کان شام تائين بي مقصد گاڏي هلائيندو رهي ٿو. اها ايما جي زندگي ۾ بي ترتيبيءَ جي هڪ علامت آهي.

”ننڍن شهرن ۾ اهو ڏاڍو غيرمعمولي منظر هو جو ڪنهن گاڏيءَ جا پردا بند هجن. اها ڪنهن مقبري کان به وڌيڪ بند پئي ڏسڻ ۾ آئي ۽ ڪنهن جهاز وانگر لوڏا کائيندي ٿي هلي. انهي تي گهٽين ۾، ڪنڊن ۾، گوديءَ ۾، وڏين نادين ۽ ڊرمن جي وچ مان اها گاڏي جتان به لنگهي ٿي اتي ڀلا ماڻهو حيرت مان اکيون پٽي منظر ڏسي رهيا هئا“.

انهي دوران اڇي ڏينهن جو، هڪ کليل علائقي ۾ جڏهن سج به روشن لڳو بيٺو هو هڪ ڪپڙن کان خالي هٿ دري تي لڳل ڦڪي رنگ جي ڪينواس جي ڪپڙي مان ٻاهر نڪتو ۽ ڪاغذ جا ڪجھ ٽڪرا ٻاهر اڇلايائين جيڪي هوا ۾ پکڙجي ويا ۽ اڳتي هلي بهار ۾ آيل ڳاڙهي برسيم جي ٻني ۾ پوپٽن وانگر پکڙجي ويا. گاڏي ڇهين بجي ڌاران هڪ پٺئين گهٽي ۾ بيٺي ۽ هڪ عورت هيٺ لٿي. اها پٺتي ڪنڌ ورائڻ کان سواءِ هلي وئي. سندس منهن جو نقاب به هيٺ ئي هو.

ايما بووري نارمنڊي (فرانس جو هڪ صوبو. سنڌيڪار) جي هڪ آبادگار جي ڌيءَ هئي جنهن کيس هڪ ڪانوينٽ ۾ اعليٰ تعليم ڏياري هئي. هن جو ذهن ڏاڍو تيز هو ۽ مذهبي عقيدن جي سوالن جوابن واري ڪتاب مان به سموري ڪلاس مان پادري کي سڀ کان سٺا جواب ڏيندي هئي. پر هن پاران گهر ڇڏڻ کان اڳ سندس مزاج جي تشڪيل ٿي وئي هئي ۽ سندس پهرئين مذهبي دور ۾ هوءَ بيمار گهيٽڙي، رت ڳاڙيندڙ دل ۽ صليب هيٺان ٻڏندڙ يسوع مسيح جي شبيه کي پسند ڪندي هئي پر عشاء رباني ۾ شرڪت نه ڪندي هئي. هوءَ گناهن جي اعتراف وقت ننڍا ننڍا گناهه دليئون پئي ٺاهيندي هئي جيئن هو ڇانوري ۾ گهڻو وقت گوڏن ڀر جهڪي بيٺي هجي. سندس هٿ ڄارين تي هڪ ٻئي ۾ گڏيا پيا هوندا هئا ۽ پادريءَ جي ڀُڻ ڀُڻ پئي ٻڌندي هئي. ڪانوينٽ ۾ ڦاٽل چادرن ۽ ڪپڙن کي ٽوپو ڏيڻ هڪ پوڙهي خدمتگار ايندي هئي کيس گذريل صدي جا گيت ياد هوندا هئا، اها ڇوڪرين کي معاشقن جون ڳالهيون ٻڌائيندي هئي ۽ انهن کي اهڙا رومانوي ناول ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب آڻي ڏيندي هئي جن ۾ اڪيلين تفريح گاهن ۾ بيهوش ٿيل عورتن کي قتل ڪرڻ، بيتاب عاشقن پاران گهوڙن کي ڊوڙائي سهڪائي ماري ڇڏڻ، ڳوڙهن، سڏڪن، قسمن، وڻن جي جهگٽن ۾ بلبلن ۽ شينهن جهڙن دلير پر گهٽي جهڙن نرم دل مردن جا قصا بيان ٿيل هوندا هئا.

هو منڍ ۾ ڏاڍي سٺي ڇوڪري هئي پر جڏهن سندس پيءُ کيس ڪانوينٽ مان وٺي ٿي ويو ته راهبائن کي کيس ويندي ڏسي ڪو ڏک نه ٿيو. ”سندس طبيعت“ فلابرٽ لکي ٿو، ”چرچ کي فقط گلن جي ڪري پسند ڪندي هئي. موسيقي کي فقط گيتن جي لفظن جي ڪري پسند ڪندي هئي ۽ ادب کي انهي مان ملندڙ جذباتي هيجان جي سبب پسند ڪندي هئي. سندس طبيعت نظم ضبط جي سبب چڙچڙي ٿيڻ لڳي ته هن مذهب جي اسرارن خلاف به بغاوت ڪري ڏني. نطم ضبط سندس مزاج جي سخت خلاف هو“.

ايما ڪانوينٽ مان وچ اوڻيهين صدي جي مڪمل رومانوي عورت جو روپ وٺي نڪتي. چارلس بووري سان پرڻو سندس مقدر ۾ لکيل هو. هو هڪ مقامي ڊاڪٽر هو. هو هڪ غير تصوراتي ذهن رکندڙ ڪمزور شخصيت جو ماڻهو هو جيڪو ايما کي ڪنهن به لحاظ سان پاڻ ڏانهن ڇڪي نه سگهيو. هو پنهنجي زال جي جذباتي سڀاء ۾ حد کان وڌيل رومانوي ڳالهين جي اصلاح نه ڪري سگهيو. پر هن کي ته انهن جي موجودگي جي ئي خبر نه هئي. ايما کي اهڙي مڙس جي ضرورت هئي جنهن کي هوءَ چاهي پر هن ۾ ته اهڙي ڪا ڳالهه به نه هئي جن جي آڌار تي هن جي عزت ٿئي. هو ويچارو هڪ ڊاڪٽر هو. هن جي ته ٻه دفعا پنهنجي گهر گهرايل رفيق ڪارن حق تي بيعزتي به ڪئي هئي. هن جي زندگي ۾ هڪ اهم واقعو اهو به هو جڏهن هڪ مقامي معزز هڪ نوجوان شادي شده جوڙي جي مان ۾ ڏنل ڊانس پارٽي ۾ ايما کي دعوت ڏني. هن اتي امير ماڻهن کي پنهنجن قيمتي ڪپڙن ۾ ڏٺو ۽ ٺاهوڪن نوجوان مردن سان ڊانس ڪيائين.

انهن جي هر ڳالهه مان دولت جو انداز ظاهر ٿي رهيو هو. انهن جي صاف رنگت؛ چيني جي ٿانون جي پيلاڻ، ساٽن جي ڪپڙن جي تجلن، پراڻي قيمتي فرنيچر جي چمڪ سبب اڃا وڌي وئي هئي. انهن جي هيٺ لڳل ٽائين مان سندن ڳچيون آزادي سان هيڏانهن هوڏانهن لڏي رهيون هيون. انهن جا ڊگها شهپر انهن جي هيٺ وريل ڪالرن تي لڙڪي رهيا هئا. اهي تمام لطيف خوشبو وارن ڀرت ڀريل رومالن سان پنهنجا چپ اگهي رهيا هئا. جيڪي ماڻهو پوڙها ٿي رهيا هئا انهن ۾ به نوجواني جو هڪ انداز هو جڏهن ته نوجوانن جي چهرن مان به هڪ قسم جي پختگي پئي نظر آئي. انهن جي خالي نظرن مان اهڙن جذبن جو اظهار پئي ٿيو جن جي روزانو تسڪين پئي ٿيندي هئي ۽ انهن جي طور طريقن جي نفاست مان هڪ اهڙي مخصوص وحشانيت ٽمي رهي هئي جيڪا اڌ آسان شين تي مڪمل ڪنٽرول جو نتيجو هوندي آهي يعني خالص نسل جي گهوڙن جي سار سنڀال ۽ ڇڙواڳ عورتن جي صحبت.

انهي تجربي سندس زندگيءَ ۾ هڪ وڏو خال پيدا ڪري ڇڏيو. اهو خال هڪ اهڙي وڏي ڏرڙ وانگر هو جيڪو ڪڏهن ڪڏهن هڪ مختصر رات جو طوفان ڪنهن جبل ۾ پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. ايما ڪنهن اهڙي ملاح وانگر هئي جنهن جو جهاز تباهه ٿي ويو هجي ۽ هوءَ پنهنجي زندگي تي نراسائي وچان نظر وجهندي ڄڻ افق ۾ ڪنهن سفيد سڙهه جي ڳولها ۾ هجي. هن پنهنجي ڊرائنگ ۽ موسيقي کي تياڳ ڏئي ڇڏيو ۽ پيرس جو هڪ نقشو خريد ڪيائين. هن پنهنجي گهر ۽ پاڻ کي توجه ڏيڻ ڇڏي ڏني. سفيد ڪاٽن جا جوراب پهرڻ شروع ڪيائين ۽ پيلي رنگ جون تمام سستيون ميڻ بتيون خريد ڪرڻ لڳي.

پوءِ ڪا ڳالهه ٿي پئي. اهي يون وائيل لڏي ويا. اهو روئين جي ويجهو هڪ وڏڙو ڳوٺ آهي. اتي ايما ليون سان ملي. اهو هڪ وڪيل جو نوجوان منشي هو. هو ڪنهن حد تائين زناني ڏيک ڏيندڙ ۽ ساڳيا رومانوي خيال رکندڙ هو. انهن ٻنهي کي سمنڊ، جبل ۽ سير سفر وڻندو هو. ۽ هو گٽار پڻ وڄائيندو هو. انهي جذباتي ساٿ انهن ٻنهي کي مطمئن ڪيو. پر ليون پنهنجو امتحان پاس ڪرڻ پيرس ويو هليو ۽ ايما جي زندگي وري خالي ٿي وئي. هن جي عمر لڳ ڀڳ ٽيهه ورهيه هئي. هن کي هڪ چڱي عمر جي ڌيءَ به هئي پر انهي ڪنهن به لحاظ کان سندس رومانوي اشتهائن کي گهٽ نه ٿي ڪيو. پوءِ ايم.روڊولف يولينجر منظر تي اچي ويو. اهو هوندي سوندي وارو هڪ ننڍو زميندار هو ۽ عورتن جو به گهڻو تجربو هوس. هن کيس ورغلائڻ جو فيصلو ڪيو. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي سندس مڙس هو، ڌيءُ هئي وري آسپاس ڳالهيون به ٿين ها ته به هو زردي رنگ ۽ چڀندڙ اکين وارين عورتن جو ديوانو هوندو هو. هوءَ پنهنجي منهن چوڻ لڳي ته هاڻي آخرڪار مون کي به هڪ عاشق ملي ويو ۽ جيئن فلابرٽ لکيو آهي: ”بدڪار عورتن جي ميڙ سندس قصيدا ڳائڻ شروع ڪيا ۽ کيس پنهنجن آوازن جي جادو سان موهڻ لڳيون“.

روڊولف جي اٽڪلن ۾ اها ڳالهه به شامل هئي ته هو اها خبر چار به رکندو هو ته ڪنهن عورت کي خوش ڪرڻ جو صحيح طريقو ڪهڙو ٿيندو. هو هن سان گڏ جهنگ ۾ گهوڙي سواري ڪندي سندس اميدن ۽ آسرن کي ممڪن ۽ ٿيڻ جوڳو ڪري پيو پيش ڪندو هو. هو پوءِ ڪڪ ٿي پيو. هوءَ محبت ۾ گهڻي اڳتي نڪري وئي هئي ۽ ڀڄي هلڻ پئي گهريائين. هو انهي جي خواهش آڏو آڻ مڃي ٿو وٺي ۽ اهي وينس وڃڻ جي رٿ رٿين ٿا. هو عين وقت تي ايما ڏانهن ”پنهنجي وڏي محبت کان دستبرداري“ جو خط لکي ٿو. ايما ڏاڍي بيمار ٿي پوي ٿي. روڊولف کيس سڀ کان وڌيڪ انهي ڪري به مطمئن ڪيو هو جو هن وڏي هوشياري سان سندس اهي ضرورتون پوريون ڪيون ٿي جيڪي کيس ڪنهن عاشق ۾ گهربل هيون. هن سندس ڪڪ ٿيڻ کي بائرن سان تشبيهه ٿي ڏني ۽ سندس وحشانيت کي ڪنهن ڪاوڙ باز عاشق جي مماثل ٿي قرار ڏنائين. تنهن ڪري سندس هٿان هليو وڃڻ ايما لاءِ فقط ڪنهن خوشگوار تجربي جي پڄاڻي نه پر سندس روح لاءِ هڪ زخم هو. هوءَ آهستي آهستي چاق ٿيڻ لڳي. سندس شديد رومانويت کي ڪجھ وقت لاءِ نيڪوڪاري، مذهبي ڪمن ۽ خيراتي ڳالهين ۾ حصو وٺڻ سان تسڪين ملڻ لڳي.

پر اهو ڪم گهڻو وقت نه هلي سگهيو. ليون روئين ۾ وڪالت ڪرڻ لاءِ واپس اچي ويو. هاڻي جيتوڻيڪ اهو ليون ئي هو جنهن کيس گاڏيءَ ۾ ورغلايو هو ۽ هن معاملي جي اڳواڻي ڪندي سندن معاشقي ۾ بالادست شريڪ جو ڪردار ادا ڪيو هو. هوءَ پنهنجي بيوقوف مڙس کان هفتي ۾ ٻه دفعا روئين وڃي موسيقي سکڻ جي موڪل وٺي ٿي. هو ۽ ليون هڪ اهڙي هوٽل ۾ رهن ٿا جيڪو شهر جي انهيءَ حصي ۾ واقع آهي جيڪو ٿيٽرن، سرائن ۽ رنڊين لاءِ مخصوص آهي. هن بووري کان سندس معاملا هلائڻ لاءِ پاور آف اٽارني وٺي ڇڏيو هو ۽ هڪ ننڍڙي ملڪيت کي جلدئي ڦوڪي دُف ڪري ڇڏيائين. هن کي جنهن قسم جي پوشاڪ جي سڌ ٿئي ٿي اها وٺي ٿي ۽ گهر ۾ به پنهنجي خوشي ۽ شوق جي موڊ مطابق مهانگا مهانگا غاليچا ۽ پردا وٺي ٿي.

يون وائيل ۾ رهندڙ ايل هيريو نالي هڪ روايتي چرب زبان ۽ لالچي واپاري کيس يون وائيل ۾ بنا روڪ ٽوڪ قرض ڏيندو رهي ٿو ۽ آخرڪار سندس پئسو ڦٻائي ٿو. جيئن جيئن سندس معاشقي مان اها جذباتي تازگي ختم ٿيندي وڃي ٿي ۽ کيس حرام ڪاريءَ ۾ به اهي ئي پراڻيون شادي واريون عام رواجي ڳالهيون نظر اچڻ لڳن ٿيون ته سندس مالي معاملا به خراب تر ٿيندا وڃن ٿا. هاڻي سندس مال ملڪيت وڪرو ٿيڻ جو وقت اچي ويو هو. هن جون جڏهن ايل هيريو کي سڀئي منٿون ميڙون بيڪار ثابت ٿيون ۽ جنهن ڏينهن بيع نامو سندس گهر جي دروازي تي چنبڙايو وڃڻو هو انهي ڏينهن هو ٻي ڪا واهه نه ڏسي مقامي وڪيل وٽ ڊوڙي وئي ۽ هن کان اٺ هزار فرانڪ اڌارا گهريائين. هن کيس ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. پوءِ هوءَ ٽيڪس ڪليڪٽر وئي ۽ آخر ۾ روڊولف وٽ سندس پر آسائش ٻهراڙي واري بنگلي ۾ وئي. پر ڪجھ به نه وريو. هن سنکيي جي لپ ڦڪي ڇڏي ۽ فلابرٽ سندس موت جي پيڙا ڏاڍي تفصيل سان بيان ڪئي ته ڪيئن هن صليب کي چميو ۽ ڪيئن سندس جسم ۾ پيدا ٿيل ردعمل جي نتيجي ۾ سندس لوچ پوچ ڪجھ سيڪنڊن لاءِ ختم ٿي وڃي ٿي ۽ هوءَ هڪ ننڍڙي آئيني ۾ پاڻ کي ڏسي روئي پوي ٿي.

ڪجھ نقادن انهي ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي ته فلابرٽ جي ڪتابن مان حد کان وڌيڪ قنوطيت ۽ وچولي طبقي کان اجائي نفرت جو اظهار ٿئي ٿو. انهن نقادن جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه غير فطري لڳي ٿي جو ايما جو نصيب ايترو خراب هجي جو هن جي شادي چارلس بووري سان ٿئي. وري روڊولف جهڙو خودغرض ماڻهو کيس ورغلائي وري کيس ليون جهڙو عورتاڻو انداز رکندڙ هم خيال روح ملي ۽ وري کيس ٻيو عاشق به اهڙو ئي ملي جيڪو سندس اندروني ضرورتن لاءِ ڪنهن ڪم جو نه هجي. وري هن جي آسپاس اهڙا ماڻهو گڏ ٿي وڃن ٿا جن کي جيڪڏهن بڇڙا نه چئي سگهبو- حقيقت ۾ ناول ۾ اهڙا ڪي به ڪردار ڪونهن جن لاءِ اهو لفظ ڪتب آڻي سگهجي- ته به اهي ڇسا، حساس طبيعت بابت ڪنهن به ڄاڻ کان وانجهيل، خودغرض، لوڀي ۽ ننڍڙي سوچ وارا آهن. هوميس نالي دواساز جي تصوير به ڏاڍي عجيب نموني پيش ڪئي وئي آهي. هو هڪ پادرين مخالف دانشور آهي. هو جيتوڻيڪ نامهربان شخص نه آهي پر ڏاڍو سطحي ۽ غير تصوراتي ذهن جو مالڪ آهي. ڇا کيس گهٽ ۾ گهٽ هڪ يا ٻن اهڙن ماڻهن سان نه ملڻ گهربو هو جيڪي کيس صحيح نموني سمجهن ٿا.

ايما بووري جي زندگي هڪ ٽرئجڊي نه آهي ڇاڪاڻ ته انهي ۾ هر ڳالهه دستور مطابق هئڻ جو عنصر موجود نه آهي. هو پنهنجي رومانويت پرستي سبب جنهن دکدائڪ انجام تي پهتي انهي جو سبب سندس غلط جاءِ تي شادي ۽ وري سندس زندگي ۾ واقع ٿيندڙ هنگامي حالتون هيون. سندس آسپاس موجود حالتن يا ماڻهن ۾ ڪا به شرافت نه هئي. انهي ڪتاب کي اڄوڪي اصطلاح ۾ ”A Slice of Life“ چئي سگهجي ٿو. جنهن وڏي گهرائي سان نظر وڌي وئي هجي. ايما هڪ تمام جاندار ڪردار آهي. عظيم فرانسي نقاد ايملي فيگي (Emile Fagnet) ايما بابت لکيو آهي: ”مادام بووري، لافاني مادام بووري، شيڪسپيئر ۽ بالزڪ سميت آءٌ جنهن به ادب کان واقف آهيان انهي ۾ ڪنهن به عورت جو سڀ کان وڌيڪ مڪمل ڪردار آهي. فلابرٽ سندس سوانح حيات جو هڪ خاڪو ڏيڻ تي مطمئن نه ٿيو. هن ڏاڍي صبر سان هڪ تفصيلي سوانح عمري لکي آهي جنهن ۾ ڪنهن ڪردار جي ضروري ارتقا اهو هڪ ٻئي پٺيان جن تبديلين مان گذري ٿو ۽ جيڪا پڄاڻي لازماً واقع ٿيڻي آهي انهي جو ڏاڍي صبر سان ڪڏهن سالوار ته ڪڏهن ڪڏهن ته روزاني روز جو احوال نهايت احساس ۽ سمجهداري سان ڏيندو ويو آهي. اهو هڪ اهڙي روح جي مڪمل زندگي جو احوال آهي جيڪو پاڻ کي اسان جي اکين جي سامهون هڪ اهڙي اندروني منطق سان کوليندو وڃي ٿو جيڪا انساني روح جي واڌويجهه تي اثر انداز ٿئي ٿي.

سندس رومانوي مرض- جيڪڏهن ڪير کيس انهي نالي سان سڏي ٿو- جو سبب اهو آهي ته هو سدائين افق کان اڳتي جيئڻ تي اصرار ڪري ٿي. انهي مرض هو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ اسان جي آسپاس موجود شين مان انهن جو اثر ۽ ذائقو، انهن جي لطافت، انهن جون وڻندڙ خصوصيتون ۽ انهن جي شاعري اخذ ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿي رکي. انهي رومانوي مرض جو سبب اها سوچ آهي ته اهو ذائقو، اها لطافت، اها پسنديدگي ۽ شاعري اتي موجود هوندي آهي جتي ماڻهو پاڻ موجود نه هوندو آهي. اهو ئي سبب هو جو فلابرٽ جنهن جي پنهنجي سڀاء ۾ مضبوط رومانوي اثر موجود هو جنهن کي آرٽ سان سندس لڳاء ذريعي تخليقي صلاحيت ملي. پنهنجي هيروئين بابت چيو ”Madam Bovary, Cest moi“.

53. بارچيسٽر ٽاورز

-- اينٿوني ٽرولوپ --

 

ڪنهن منڊڪائي هلندڙ، ناقابل يقين حد تائين ميري ۽ پنهنجي مشق ڪاپين تي داغ ۽ چُپا ڪندڙ اسڪولي ٻار جو تصور ڪريو. سندس هم ڪلاسي هن سان بي رخي سان پيش ايندا هئا ۽ هو سدائين سڀ کان آخر ۾ هوندو هو. اينٿوني ٽرولوپ جي پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ اها حالت هوندي هئي.

هو ٿامس ۽ فرانسس ٽرولوپ جو چوٿون نمبر ۽ سڀ کان ننڍو ٻار هو. 24- اپريل 1815ع تي 6- ڪيپل اسٽريٽ بلومسبري ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ هڪ هوشيار بيرسٽر هو. پر هو مغرور، ويڙهاڪ ۽ خود خيال هو تنهن ڪري پئسو ڪمائي نه سگهيو تنهن ڪري ڏينهون ڏينهن رکو ۽ چڙ چڙو ٿيندو ويو.

مسٽر ٽرولوپ 1816ع ۾ پنهنجي ڪٽنب کي لنڊن کان هڪ چڱي خاصي جاءِ تي وٺي ويو. اها هن هيرو (Harrow) جي ڀرسان ليز تي ورتي هئي. هو انهي کي Julians جي نالي سان سڏيندو هو. هن انهي تي اهو نالو رائسٽن ويجھو ساڳئي نالي واري هڪ شاندار عمارت تان رکيو هو. انهي بابت کيس اميد هئي ته سندس هڪ ڪنواري چاچي جي مرڻ کان پوءِ اها کيس ميراث ۾ ملندي. پر بدقسمتي سان پير مرد هڪ نوجوان عورت سان شادي ڪئي ۽ ٽرولوپ ڪٽنب جي دولت هميشه لاءِ هٿن مان نڪري وئي.

اينٿوني ستن ورهين جي ڄمار ۾ هيرو ۾ ڊي- بئاء داخل ٿيو. تڏهن هو ڏاڍو دُودَستو ۽ بيوقوف ڏسڻ ۾ ايندو هو ۽ ٻيا شاگرد هن کي گهٽ نظرن سان ڏسندا هئا. هو 1825ع ۾ سن بري ۾ رهائشي اسڪول ۾ ويو. اتي هو پاڻ کي ايترو ڌاريون ۽ اوپرو نه سمجهندو هو. جيتوڻيڪ ”مون وٽ ڪا به خرچي نه هوندي هئي ۽ ورلي ئي ڪي سٺا ڪپڙا هوندا هئا“. ٻه ورهيه پوءِ هن ونچيسٽر ۾ جاءِ حاصل ڪري ورتي.

مسٽر ٽرولوپ هاڻي جيوليئنس جو خرچ نه پيو برداشت ڪري سگهي تنهن ڪري هو پنهنجي ڪٽنب کي ڪجھ وڌيڪ سادي جاءِ ۾ وٺي آيو. انهي جو نالو Julians Hill هو. هن هاڻي نئين دنيا (آمريڪا، سنڌيڪار) ۾ دولت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي سڀ کان وڏي بيوقوفي ڪئي. هن سنسناٽي ۾ جيڪا Grand Baazar کولي اها بلڪل ناڪام ٿي ۽ سندس رهيل موڙي انهي ۾ ڦاسي پئي ۽ هو انگلينڊ موٽي آيو جتي هو ويو هيٺاهين ۾ ڪرندو. هن هڪ گندو فارم ليز تي ورتو ۽ اينٿوني کي به ونچسٽر مان اٿاري ڊي بئاء طور هيرو موڪلي ڇڏيائين. اينٿوني سوڙهين گندين گهٽين مان ٽي ميل پنڌ ڪري اسڪول پهچندو هو ۽ هو جڏهن مٽي ۽ گپ ۾ ڀرجي اسڪول پهچندو هو ته اها ڳالهه سڀاويڪ آهي ته ڪير به کيس پنهنجي ڀرسان ويهڻ نه ڏيندو هو. ”آءٌ ارڙهن مهينا پنهنجي زندگي جي شايد سڀ کان گندي دور جا سور ۽ سختيون سهندو رهيس“. ٽرولوپ پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکيو آهي.

فرانسس ٽرولوپ جي واپس اچڻ ۽ سندس ڪتاب Domestic Manners of the Americansڇپجڻ سان صورتحال عارضي طور بهتر ٿي وئي. انهي ڪتاب جو گهڻو وڪرو ٿيو ۽ انهي مان حاصل ٿيل رقم مان هن تمام تڪڙا قرض لاٿا ۽ ڪٽنب کي Julians Hill ۾ واپس وڃي رهايو. پر هن 1834ع ۾ محسوس ڪري ورتو ته جهاز چڱي طرح ٻڏي چڪو هو. هن پنهنجي مڙس کي Ostend وڃڻ تي آماده ڪيو ۽ پاڻ اينٿوني ۽ ٻين ٻارن کي وٺي Burges وئي هلي. پٺيان جيولينز هل کي شيرف جي آفيسرن پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو.

اينٿوني جي عمر هاڻي اوڻيهه ورهيه هئي. هن وٽ نه ڪا تعليمي ڊگري هئي نه ئي ڪا اڳتي وڌڻ جي اميد هئس. هو 1834ع جي سرء جي مند ۾ لنڊن موٽي آيو ۽ سندس ماءُ هن لاءِ پوسٽ آفيس ۾ جونيئر ڪلارڪي جي جيڪا نوڪري ورتي هئي هو انهي تي وڃي چڙهيو. هن جو اتي ڪو دوست نه هوندو هو. اڌ بک اڌ ڍؤ تي پيو هلندو هو. پنهنجو ڪم به بي دلي سان پيو ڪندو هو جو انهي کان ڏاڍي نفرت هوندي هئس. پر هُن سرائن ۾ رهڻ يا پُرهجوم گهٽين ۾ اڪيلو گهمڻ سان مشاهدي جي قوت حاصل ڪري ورتي. هن کي جيئن ته ڊپ هوندو هو ته هو نوڪري جي ڪم ڪار سبب باقي زندگي ٽيبل سان ٻڌجي ويهجي نه وڃي تنهنڪري هن Banagher ۾ سرويئر جي ڪلارڪ جي نوڪري لاءِ درخواست ڏني. کيس اها معمولي نوڪري ملي وئي.

آئرلينڊ اينٿوني کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو هو. آئرستانين کيس پنهنجي موهه ۾ موهي ڇڏيو هو. هن کي پنهنجي ڪم مان مزو اچڻ لڳو. هو پنهنجي ڪم جي سلسلي ۾ هيڏانهن هوڏانهن ويندو رهندو هو ۽ انهي کي صحيح نموني ڪندو هو. هن شادي ڪئي. ٻه ٻار ٿيس پروموشن ٿيس ۽ هاڻي جو خوش ۽ مطمئن رهڻ لڳو ته لکڻ جي ڪم ڏانهن به توجه ڏنائين. هن جيڪي ٽي ڪتاب لکيا اهي ڇپيا پر انهن کي ڪا مشهوري نه ملي. کيس 1851ع ۾ ڏکڻ- اولهه وارين ڪائونٽين جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ٽپال پهچائڻ جي ڪم کي منظم ڪرڻ لاءِ انگلينڊ گهرايو ويو. سندس ڏات کي اڳتي هلي جن بنيادن تي ڪم ڪرڻو هو اهي تڏهن ئي پوڻ شروع ٿيا. انهي ڪم ۾ هن کي جيڪي ٻه ورهيه لڳا انهي ۾ هن انگريزي ماحول ۽ اتان جي سماج جي طبقن جي بي مثال ڄاڻ حاصل ڪري ورتي. سڀني کان وڏي ڳالهه ته پادرين جو مٿاهون طبقو جيڪو اثر رسوخ ڪم آڻيندو هو. هُو انهي کان به مڪمل طور واقف ٿي ويو. سالسبري ڪيٿيڊرل جي آسپاس گهمندي ئي The Warden جو تصور سندس ذهن ۾ آيو هو. هن اهو ڪتاب 1854ع ۾ پورو ڪيو ۽ اهو ايندڙ سال لانگ مئن، برائون، گرين ۽ لانگ مئنز وارن شايع ڪيو.

ٽرولوپ جو پهريون بارسيٽ ناول مسٽر هارڊنگ بابت آهي. هو بارچيسٽر ڪيٿيڊرل جو پريسينٽر (گرجا گهر ۾ موسيقي جو بندوبست ڪندڙ ننڍو پادري. سنڌيڪار) ۽ هِرام هاسپيٽل جو وارڊن هو. هرام هاسپيٽل ٻارهن پيرسن مردن لاءِ هڪ خيراتي ادارو هو. هن جي پگهار 800 پائونڊ ساليانو آهي. هو ننڍي ڌيءَ ايلينور سان گڏ رهندو آهي. (سندس وڏي ڌيءُ آرڪ ڊيڪن گرانٽلي جي زال آهي) کيس بنا مسواڙ جي هڪ آرامده گهر مليل آهي. هو انهي ۾ رهندو آهي. جان بولڊ نالي هڪ اصلاح چاهيندڙ نوجوان سرجن چرچ وارن تي الزام هڻي ٿو ته اهي خيرات جا فنڊ غلط نموني ڪتب ٿا آڻين. تنهن ڪري هو ڪورٽ ۾ ڪيس وجھڻ جو فيصلو ڪري ٿو. مسٽر هارڊنگ هڪ سٺو ۽ کرو ماڻهو آهي. هو سمجهي ٿو ته کيس پگهار وڌيڪ ٿي ملي پر جيئن ته هن وٽ پنهنجا ڪي وسيلا نه آهن جن جي آڌار تي ايلينور جو خرچ برداشت ڪري تنهن ڪري هو دنيا دار آرڪ ڊيڪن گرانٽيلي کي موڪل ڏئي ٿو ڇڏي ته هو پنهنجي ضمير جي چهنڊڙين کي نظرانداز ڪري ڇڏي. ايلينور ۽ جان بولڊ هڪٻئي جي دام محبت جا اسير ٿي چڪا آهن ۽ ايلينور کيس چوي ٿي ته هو ڪيس تان هٿ کڻي وڃي. پر هن پاران گهر پهچڻ کان اڳ ئي سندس پيءُ پنهنجي وويڪ جي واڻي ٻڌندي پنهنجي استعفا ڏيڻ لنڊن هليو ويو هو. ايلينور جان سان شادي ڪري ٿي ۽ مسٽر هارڊنگ سينٽ ڪٿ برٽس واري ننڍڙي جاءِ ۾ 75 پائونڊ سالياني پگهار تي ڏاڍي اطمينان سان رهڻ لڳي ٿو. ويچاري ايلينور پٽ ڄمڻ کان اڳ ئي بيوهه ٿي وڃي ٿي. پر سندس مڙس هن لاءِ خرچ پکي جو چڱو بندوبست ڪري وڃي ٿو. هوءَ نوجوان ۽ سهڻي آهي. موجوده ڏک جي بدلي ۾ کيس مستقبل ۾ آٿت ملي سگهي ٿي.

بارچيسٽر ٽاورز ۾ دي وارڊن جو سلسلو اڳتي وڌايل آهي. اهو 1857ع ۾ شايع ٿيو ۽ اهڙي طرح هڪ عظيم انگريز ناول نگار جي ڊگهي ادبي سفر جي صحيح معنيٰ ۾ شروعات ٿي.

ڊاڪٽر پرائوڊي لوچرچ (Low Church) سان لاڳاپيل هڪ پادري آهي. هو بارچيسٽر جي چرچ جي خالي جاءِ تي تازو ئي مقرر ٿيو آهي. هو غريب ۽ ڪمزور ماڻهو آهي. سندس بارعب زال ۽ انهي ئي پاران سندس لاءِ چونڊيل چيپلن ريورنڊ اُبيديا سلوپ هن تي حاوي رهن ٿا. مسٽر سلوپ جا وار سڻڀا ڳاڙها آهن، منهن ڪِني ڳائي گوشت وانگر اڃا وڌيڪ ڳاڙهو اٿس، پيشاني پگهريل ۽ هٿ اڻ وڻندڙ نموني گِهميل هوندا اٿس. سندس خوشامدي ۽ چاپلوسي واري هلت پٺيان طاقت ۽ اختيار جي بک پئي جَهلڪا ڏيندي اهي. مختصر طور چئجي ته چيپلن اهو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي ته هو بشپ سان گڏوگڏ بشپ جي زال تي به حڪمراني ڪري ۽ سموري حلقي جو سڀ کان بااثر ماڻهو ٿي رهي.

جڏهن آرڪ ڊيڪن گرانٽلي ۽ مسٽر هارڊنگ مسٽر پرائوڊي جي گهر آيا ته مسٽر سلوپ جي گستاخاڻي هلت گرانٽلي کي نفرت ڏياري ۽ مسٽر هارڊنگ کي به اهو انداز نه وڻيو. بشپ جي ڪيٿيڊرل ۾ تاجپوشي جي موقعي تي به چيپلن اها تقرير ڪئي جنهن ۾ ”آواز جي ڍار“ کي به ”پاپائي“ عمل ڪوٺي ننديائين. انهي تي آرڪ ڊيڪن ۽ وڏي درجي وارا سڀ پادري ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ هن خلاف بدشد لفظ ڳالهيائون.

ڊاڪٽر پرائوڊي جي نئين جاءِ جي عظيم الشان افتتاحي گڏجاڻي مسز پرائوڊي لاءِ ڪنهن ڪم جي نه رهي جڏهن خود ساخته سائنورا ويسي نيروني کي اندر آڻي ڏاڍي سهڻي نموني ۾ هڪ صوفا تي ويهاريو ويو. اتي بنا دير سندس معزز مداحن جو ميڙ کيس گهيري ويو. اها ڦڙت ڇوڪري ڊاڪٽر ويسي سلوپ جي ننڍي ڌيءُ آهي. هو چرچ ۾ پري بينڊري (هڪ اعزازي منصب. سنڌيڪار) آهي. هن جي هڪ اطالوي بدمعاش سان شادي ٿورو وقت هلي هئي. انهي کان پوءِ هو هميشه لاءِ معذور ٿي گهر موٽي آئي هئي پر سندس سونهن اهڙي جو اهڙي هئي. تڏهن کان وٺي مرداڻين دلين تي ڏاڍو اثرائتو جادو هلائيندي کيس چڱي آٿت ملي ٿي. هن فوراً مسٽر سلوپ کي جڪڙي ڇڏيو. سندس بي لڄي هلت تي مسز پرائوڊي تپي باهه ٿي وئي. هن مسٽر سلوپ کي سينورا کي ايتري توجه ڏيڻ تي ڏاڍو ڇينڀيو.

مسٽر هارڊنگ جي استعفا کان پوءِ هِرم هاسپيٽل جو ڪو وارڊن مقرر نه ٿيو هو. هاڻي پارليامينٽ خيراتي ادارن جي لاءِ قانون سازي ڪئي انهيءَ اداري ۾ ٻارنهن پوڙهن مردن سان گڏ ٻارنهن پوڙهيون عورتون ۽ هڪ ميٽرن رکڻ جي به شق رکي وڃي ٿي ۽ وارڊن جي پگهار گهٽائي 450 پائونڊ ساليانو ڪئي وڃي ٿي. هر ڪنهن ائين ئي سمجهيو ته نئون بشپ مسٽر هارڊنگ کي ئي ٻيهر مقرر ڪندو ۽ درحقيقت ڊاڪٽر پرائوڊي هن جي حق ۾ فيصلو به ڪري ٿو پر مسٽر سلوپ اهو نه ٿو چاهي ته پراڻن ماڻهن مان ڪنهن کي ترقي ملي. تنهن ڪري هو نئين وارڊن کي جيڪي ذميواريون ادا ڪرڻيون پونديون انهن تي ايترو ته اڻ وڻندڙ نموني زور ٿو ڏئي جو مسٽر هارڊنگ کي اهو چوڻ کان سواءِ ٻي ڪا واهه ئي نه بچي ته: ”اهڙين حالتن جي پيش نظر توهان ڀلي بشپ کي ٻڌايو ته مون کي اها آڇ قبول نه آهي“. ڊاڪٽر پرائوڊي کي حيرت ۽ افسوس ٿيو پر سندس زال جي سوچ اها نه هئي. ”سمورن پادرين توهان جي اختيار کي للڪارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي“. هن کيس چيو ۽ کيس اها صلاح ڏني ته هو پڊنگ ڊيل جي نماڻي ريڪٽر مسٽر ڪُئورفل Quirer ful کي وارڊن مقرر ڪري جنهن کي چوڏهن ٻار آهن پر سالياني پگهار فقط 300 پائونڊ اٿس. هو مسٽر هارڊنگ کان گهڻو وڌيڪ اهل آهي ۽ اسان جي گهر ۾ به اسان جي لاءِ ڪارائتو ٿيندو“. هن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. بشپ به هٿيار ڦٽا ڪندي چئي ڇڏيو ته مسٽر سلوپ ڀلي مسٽر ڪئورفل سان ملاقات ڪري.

اها ڳالهه سڀاويڪ آهي ته مسٽر ڪئورفل ڏاڍو خوش ٿيو. ”مسٽر هارڊنگ کي اسپتال جي ضرورت نه آهي: سندس ڌيءُ بولڊ جي بيواهه کي 1200 پائونڊ ساليانو ملن ٿا“. هن مسٽر سلوپ کي ٻڌايو. انهي معزز ماڻهو فوراً رخ بدلائي ڇڏيو. هن سوچيو ته ڇو نه هو بولڊ جي بيواهه سان شادي ڪري ۽ سوني ڪڪڙ جو پاڻ مالڪ ٿئي؟ ڌيءُ کي هٿ ڪرڻ لاءِ هن کي البت سندس پيءُ کي وارڊن جي نوڪري ڏيارڻي پوندي.

اهڙي طرح مسٽر سلوپ ايلينور جي توجه حاصل ڪرڻ لاءِ مسٽر هارڊنگ جي تمام گهڻي تعريف ڪرڻ شروع ڪئي ۽ کيس به منٿون ڪرڻ لڳو ته هوءَ پنهنجي پيءُ کان فيصلو تبديل ڪرائي. ايلينور مسٽر سلوپ کي ته ڪڏهن به پسند نه ٿي ڪري پر هوءَ کيس مخلص سمجهي ٿي. هو هاڻي انهن وٽ تڪڙو تڪڙو اچڻ لڳي ٿو.

پر مسٽر سلوپ ئي اڪيلو ايلينور جي هٿ جو طلب گار نه آهي. سائنورا جي وڏي ڀيڻ شارلٽ اسٽين هوپ مسز بولڊ سان دوستي رکي آهي ڇاڪاڻ ته سندس ٺاهوڪي ۽ ڪڏهن به صحيح ڪم نه ڪندڙ ڀاءُ برٽي کي ڪا دولتمند زال ئي تباهي کان بچائي سگهي ٿي.

مسٽر سلوپ بغير ڪنهن اختيار جي مسٽر ڪئورفل سان وڃي مليو ۽ کيس ٻڌايائين ته مسٽر هارڊنگ وارڊن بشپ جي آڇ رد نه ڪئي ۽ اهڙي طرح انهيءَ غريب ماڻهو کي دستبردار ڪرائي وڃي ٿو. مسز ڪئورفل ٻي ڪا واهه نه ڏسي مسز پرائوڊي ڏانهن ڊوڙي وڃي ٿي ۽ کيس وچ ۾ پوڻ لاءِ ليلائي ٿي. بشپ پنهنجي حجري ۾ مسٽر سلوپ سان گڏ ويٺو هو جو سندس زال وڃي مٿان بيٺس ۽ کانئس وضاحت گهريائين. مسٽر سلوپ چيو ته هن بشپ کي صلاح ڏني هئي ته جيڪڏهن مسٽر هارڊنگ کي ٻيهر مقرر نه ڪيو ويندو ته عوام ۾ وڏي بدخواهي پيدا ٿي پوندي. مسز پرائوڊي انهي غير ضروري مداخلت تي تپي باهه ٿي وڃي ٿي ۽ بشپ سان اڪيلائي ۾ ملڻ جو مطالبو ڪري ٿي پر ڪوتاهه انديشي جو مظاهر ڪندي چئي ويهي ٿي ته: مون کي يا مسٽر سلوپ کي ڪمري مان فوراً نڪري وڃڻ گهرجي“. انهي تي بشپ ڀڻڪو ڪيو: ”ها! منهنجي جان، مسٽر سلوپ ۽ آءٌ ڏاڍا مصروف آهيون“. مسز پرائوڊي ناڪام ٿي ڪمري مان نڪري وڃي ٿي. هو مسز ڪئورفل کي خاطري ڪرائڻ وڃي ٿي ته سندس مڙس کي اسپتال ملندي.

آرڪ ڊيڪن گرانٽلي سلوپ مخالف ٽولي کي طاقت وٺائيندي پنهنجي دوست مسٽر اريبين(Mr. Arabin) تي زور بار وجھي ٿو ته هو سينٽ ايوولڊس جي معمولي جاءِ قبول ڪري. مسٽر اريبين ڪنوارو آهي ۽ پنهنجي پيچيدي ڪردار جي باوجود وڻندڙ ماڻهو آهي. هن ڏاڍي غلطي سان پاڻ کي اها ڳالهه سمجهائي ڇڏي آهي ته کيس ترقي جي خواهش نه آهي ۽ ٻيو ته هو دنياوي خوشيون حاصل ڪرڻ ۽ شادي ڪرڻ وارو ماڻهو نه آهي. پر جڏهن هو ۽ ايلينور پاڻ ۾ ملن ٿا ته لڳي ٿو ته اهي ٺاهيائي هڪ ٻئي لاءِ ويا آهن.

ايلينور پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻيوي وٽ رهڻ وڃي ٿي ۽ آرڪ ڊيڪن گرانٽلي کي جنهن جا اڳيئي ايلينور وٽ مسٽر سلوپ جي گهڻي اچ وڃ ڏسي ڪن کڙا ٿي ويا آهن، اهو هن کان بغير ڪنهن رک رکاءُ جي پڇي ٿو ته ڇا هوءَ سلوپ سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي. وري مٿان اهو به چئي ٿو ته: ”مسٽر اريبين مون سان انهي ڳالهه ۾ يڪراءِ آهي ته هن گهر ۾ مسز سلوپ طور تنهنجو آڌرڀاءُ نه ڪيو ويندو“. معصوم ايلينور ڏاڍي حيران به ٿئي ٿي ۽ کيس ڪاوڙ به ڏاڍي لڳي ٿي، هوءَ فوراً وڃڻ جي تياري ڪري ٿي پر انهي کان اڳ جو هوءَ رواني ٿئي مسٽر اريبين کيس التجا ٿو ڪري ته هو کيس معاف ڪري جو هن پنهنجي پر ۾ کيس صلاح پئي ڏني. مون کي فقط هڪ سوال جو جواب ڏي: ”ڇا تون مسٽر سلوپ سان شادي ڪرڻ گهرين ٿي؟“ هن ڏاڍي غير دانشمنديءَ سان پڇيو. ”اهو سوال پڇڻ جو توکي ڪو به حق ڪونهي“. ايلينور ڏاڍي هٺ سان وراڻيو، ۽ مسٽر اريبين جنهن کي عورتن جي دلين بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي، اهو سمجهي ٿو ته هاڻي سڀ ڳالهه هٿن مان نڪري وئي.

بارچيسٽر جي ڊين کي فالج جو دورو پوي ٿو ۽ هو مرڻ ڪنڌي تي پهچي وڃي ٿو. مسٽر سلوپ جي دل ۾ فوراً اهو عهدو حاصل ڪرڻ جي تمنا جاڳي ٿي ۽ هو وارڊن واري معاملي کي ڇڏي پنهنجي لاءِ حمايت حاصل ڪرڻ ۾ لڳي وڃي ٿو. مسٽر ڪئورفل کي سرڪاري طور وارڊن مقرر ڪيو وڃي ٿو ۽ آرڪ ڊيڪن گرانٽلي پاران مسٽر هارڊنگ کي انهي معاملي تي مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ اڀارڻ جون ڪوششون بيسود ثابت ٿين ٿيون. آرڪ ڊيڪن پوءِ انتهائي طاقتور ڊاڪٽر گئائين کي بشپ سان ڳالهائڻ لاءِ چوي ٿو پر سندس درخواست جو ڪو به کڙ تيل نه ٿو نڪري.

اسڪئائر ٿارن آف اُلاٿورن جي ڀيڻ مس ٿارن هر خاص و عام کي مسٽر اريبين سان ملڻ جو موقعو ڏيڻ لاءِ هڪ تمام وڏي پارٽي ڏئي ٿي. شارلٽ اسٽين هوپ جي اٽڪلن سبب ويچاري ايلينور کي الاٿورن ڏانهن مسٽر سلوپ سان گڏجي وڃڻو پوي ٿو. مسٽر اريبين انهن ٻنهي کي گڏ پهچندي ڏسي ڏاڍو پريشان ٿي وڃي ٿو هو سائنورا جي حسن تي موهت ٿي هن جي چوڌاري ڦيرا ڏيندو رهي ٿو ۽ هوءَ وري ڏاڍي هوشياري سان کيس انهي ڳالهه ڏانهن وٺي وڃي ٿي ته هو پنهنجو ڳُجھ هن سان سَلي: يعني هن جي ايلينور سان محبت واري ڳالهه کيس ٻڌائي. هوءَ اهو پڪو پَہُ ڪري ٿي ته جيڪڏهن برٽي کيس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ته هو ايلينور سان هڪ چڱائي ڪندي ۽ مسٽر سلوپ کي هڪ ڌڪ ڪڍندي.

ويچاري ايلينور انهي وقت ته ڏاڍي پريشان ٿي وئي جڏهن مسٽر سلوپ هن جي پٺيان هلندو باغ جي هڪ سانتيڪي ڪنڊ ۾ پهچي ويو ۽ کيس پنهنجي سيني سان لڳائي شادي جي آڇ ڪيائين. ايلينور انهي تي ڪاوڙ ۾ ڀرجي کيس چڱيون ٿڦرون وهائي ڪڍيون ۽ بچاءَ لاءِ برٽي اسٽين هوپ ڏانهن وٺي ڀڳي: برٽي پاڻ به اوچتو ساڳيو سوال ڪري ٿو ويهي. مسز بولڊ جي لحاظ کان ته پارٽي جو ستيا ناس ٿي ويو.

ڊاڪٽر گئائين بشپ سان ملڻ اچي ٿو ۽ انهي جي نتيجي ۾ مسٽر هارڊنگ کي ڊين جي منصب جي آڇ ٿئي ٿي. هو انهي تي ايترو ته جذبات جي مغلوب ٿي وڃي ٿو جو پنهنجي فيصلي تي سوچ ويچار لاءِ ڪجھ وقت گهري ٿو. هوڏانهن وري هڪ ڏاڍو دلچسپ سين ٿي گذري ٿو جو سائينورا ڊين جي منصب جون سڌون ڪرڻ تي مسٽر سلوپ کي چيڙائي ٿي ۽ کيس اها ڳالهه تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي ته بولڊ جي بيواهه کيس رد ڪري ڇڏيو هو. پوءِ هو ايلينور کي گهرائي کيس اها ڳالهه ٻڌائي ٿي ته مسٽر اريبين مٿس فدا لڳو پيو آهي. مس ٿارن جنهن کي غير شادي شده ماڻهن جو ريڪٽر ٿيڻ پسند ڪونهي هاڻي اها هڪ حرفت هلائي ٿي ۽ ايلينور کي الاٿورن اچي رهڻ جي دعوت ڏئي ٿي. ايلينور جي اهڙي طرح مسٽر اريبين سان ٻيو دفعو ملاقات ٿئي ٿي. هو هِن کي منٿون ٿو ڪري ته هوءَ کيس معاف ڪري. سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي وڃن ٿيون ۽ سندس منهن جي تاثرات مان خبر پوي ٿي ته اريبن جي محبت کي موٽ ملي رهي آهي. مس ٿارن، مسٽر هارڊنگ ۽ گرانٽلي ڪٽنب جا ماڻهو انهن جي مڱڻي جو اعلان ڪندي ڏاڍا سرها لڳا پيا هئا. مسٽر هارڊنگ آخرڪار اهو فيصلو ڪري ٿو ته وڏي عمر جي سبب بارچيسٽر جو ڊين ٿيڻ جي قابل نه آهي تنهن ڪري هو انهي عهدي تي ترقي لاءِ هڪ ٻئي اميدوار جو نالو پيش ڪري ٿو. انهي اميدوار کي بشپ ۽ ڊاڪٽر گئائين جي به مڪمل پٺڀرائي حاصل آهي. اهو اميدوار سينٽ ايوولڊس جو ريڪٽر ۽ مسٽر هارڊنگ جو ٿيندڙ نياڻو مسٽر اريبين آهي.

بشپ ۽ سندس گهر واري مسٽر سلوپ کي گهڻو ئي برداشت ڪري چڪا آهن کيس عهدي تان برطرف ڪيو وڃي ٿو. ”جناب عالي! منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي؟“ هو پڇي ٿو. انهي تي مسز پرائوڊي گجگوڙ ڪري ٿي. ”سلوپ توکي شرم اچڻ گهرجي. تون انجيلي پادري آهين!“ مسٽر سلوپ جڏهن اهو چوندي جوابي حملو ڪري ٿو ته ڊاڪٽر پرائوڊي کيس سندس زال جي چوڻ تي هٽايو آهي ته هو جواب ڏئي ٿي: ”توکي جيڪو وڻئي ڀلي پيو ماڻهن کي ٻڌاءِ. پادري تنهنجي ڏوهه کان ننڍن ڏوهن تي به عهدن تان هٽندا رهيا آهن.“. هاڻي مسٽر سلوپ کي احساس ٿي وڃي ٿو ته راند سندس هٿن مان نڪري وئي آهي. مٿان وري مسز پرائوڊي کيس اهو به چوي ٿي ته: ”تون جيڪڏهن آسپاس ۾ رهڻ چاهين ٿو ۽ اها ڳالهه حلفيه چوندين ته تون انهي عورت سان وري ڪڏهن به نه ملندين ته بشپ تنهنجو نالو مسٽر ڪئورفل کي ڏيندو جنهن کي پڊنگ ڊيل ۾ ڪيوريٽ جي ضرورت آهي!“

بارچيسٽر ٽاورز جهڙي ڪتاب ۽ ٽرولوپ پاران انگريزي ماحول جي انهن ڏينهن مطابق بهترين عڪاسي سان ڪتاب جو ڪوبه خلاصو مڪمل انصاف نه ڪري سگهندو. مثال طور اُلاٿورن ۾ راندين جي بيان ۾ انهي طبقاتي نظام جي به ڏاڍي سٺي نموني عڪاسي ڪئي وئي آهي ته خاص ۽ عام ماڻهن ۾ ڪيئن مضبوط سنڌو هوندو هو ۽ اهي ٻئي گڏ نه ٿي سگهندا هئا. خاص طبقي جي ماڻهن کي ڪيتري نه ڪاوڙ لڳي ٿي ۽ عام طبقي جي ماڻهن کي ڪيترو نه ڏک ٿئي ٿو جڏهن هاري جي زال مسز لُڪ الوفٽ (Mrs. Look aloft)- جيڪا پاڻ کي ڪنهن به لحاظ کان خاص ماڻهن کان گهٽ نه ٿي سمجهي- ڏاڍي سوڀاري انداز ۾ ڊرائنگ روم ۾ هلي ٿي وڃي! ٽرولوپ ڪيترائي ننڍا ڪردار به اوتري ئي توجه سان بيان ڪري ٿو جيتري توجه هو وڏن ڪردارن تي ڏئي ٿو ۽ هو انسانن کي ايترو ته بهتر نموني سمجهي ٿو جو بڇڙي مسٽر سلوپ، بارعب مسز پرائوڊي ۽ بي لڄي سائنورا مان به هر ڪنهن ۾ ڪا نه ڪا چڱائي آهي: مسٽر سلوپ پنهنجن مذهبي عقيدن ۾ سچو آهي؛ مسز پرائوڊي کي به پنهنجي ڇڪي ٻڌل انگيءَ ۾ دل آهي پر اها ننڍڙي اٿس ۽ مسز ڪئورفل انهيءَ تائين پهچي وڃي ٿي. جڏهن ته سائنورا گهٽ ۾ گهٽ هڪ چڱو ڪم ڪري ٿي. مسز پرائوڊي ادب جي هڪ سڀ کان وڏي مزاحيه تخليق آهي. اها اسان لاءِ ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي جو ٽرولوپ جڏهن هڪ دفعو پنهنجي ڪلب جي ٻن ميمبرن کي اهو چوندي ٻڌو ته هو مسز پرائوڊي مان ڪڪ ٿي پيا آهن ته هو انهن وٽ ويو ۽ چيائين ته ”آءٌ کيس هڪ هفتي جي اندر ماري ڇڏيندس“. ۽ هن پنهنجا لفظ صحيح ثابت ڪري ڏيکاريا. بارچيسٽر ڪردارن مان ڪجھ ٻين ڪتابن ۾ ايندا رهن ٿا پر The Last Chronicle of Barset کان پوءِ اسان کي بشپ جي زال بابت ڪا به خبر نه ٿي پوي.

ٽرولوپ جملي 47 ناول لکيا. انهن مان سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيا ويندڙ بارچيسٽر سلسلي وارا هي ڇهه ناول آهن: دي وارڊن، بارچيسٽر ٽاورز، ڊاڪٽر ٿارن، فريملي پارسونيج، دي سمال هائوس ائٽ ايلنگٽن ۽ دي لاسٽ ڪرانيڪل آف بارسيٽ. دي سمال هائوس ائٽ ايلنگٽن سان هڪ خاص دلچسپي جي ڳالهه وابسته آهي. ڇاڪاڻ ته ٽرولوپ جڏهن بدنصيب جاني ايمز جو ڪردار تخليق ڪيو ته کيس لنڊن پوسٽ آفيس ۾ پنهنجا ڪلارڪي وارا تجربا ذهن ۾ هئا جڏهن هو 90 پائونڊ سالياني جي پگهار تي گذارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. اهو مصيبت وارو وقت ۽ انهي کان اڳ ايتري ئي تڪليف ۾ گذاريل ڇوڪراڻي وهي شايد کيس هميشه لاءِ ڊيڄاري ڇڏي ها پر آئرلينڊ ۾ کيس جيڪو سڪون ۽ اطمينان مليو انهي کيس متوازن پختگي ڏئي ڇڏي ۽ انهي ڪري ئي هو ماضي بابت تلخي ۽ ڪڙاڻ نه پر انهي غير جانبداري واري خوش طبعي سان لکڻ جي قابل ٿي سگهيو جيڪا سندس سڀني ڪمن جي خاص نشاني آهي.

54. آن لبرٽي

-- جان اسٽورٽ مِل--

 

سن 1859ع تائين اڪثر ماڻهن کي آزادي بابت ڳالهائيندي سياسي ڏاڍ کان بچاءَ جي ڳالهه ذهن ۾ هوندي هئي. انهي سال کان پوءِ انسانن جي سوچيندڙ طبقي جي وڏي حصي جو آزادي بابت تصور گهرو ۽ وسيع ٿي ويو. انهي جو سبب اهو ٿيو جو انهن کي On Liberty نالي هڪ مختصر ڪتابڙو پڙهڻ جو موقعو ملي ويو هو. اهو جان اسٽورٽ مل جو لکيل هو ۽ انهي ئي سال شايع ٿيو هو.

مل انهي وقت پنهنجي ذهني ۽ ادبي صلاحيتن جي عروج تي هو. هو 1806ع ۾ ڄائو. هو جيمس مل جو پٽ هو جيڪو افاديتي (Utilitarian) فلسفي جي ترجمان جي حيثيت ۾ جيريمي بينٿم کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو. هن کي تمام غير معمولي قسم جي تعليم ملي هئي. هو ڪنهن اسڪول يا يونيورسٽي نه ويو هو. کيس پنهنجي پيءُ گهر ۾ پاڙهيو هو. هن ٽن ورهين جي عمر ۾ يوناني سکڻ کان تعليم جي شروعات ڪئي هئي پوءِ هو انگي حساب، تاريخ ۽ لاطيني پڙهيو. هن پنهنجي پيءُ جي اثر رسوخ ذريعي لنڊن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي هيڊ آفيس ۾ ڪلارڪي ورتي ۽ پوءِ 1858ع ۾ سندس رٽائرمينٽ تائين هو هڪ بيورو ڪريٽ ٿي رهيو. سندس نوڪري اهڙي قسم جي هئي جنهن مان کيس ٻاهرين دلچسپين لاءِ وقت ملي ويندو هو ۽ هن منطق ۽ پوليٽيڪل اڪانامي تي اهڙا ڪتاب لکيا جن کي اهميت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. پوءِ هن افاديتي فلسفي تي هڪ ننڍو ڪتاب لکيو جنهن ۾ هن انهي ڪجھ خشڪ فلسفي بابت پنهنجي پيءُ کان ڪجهه وڌيڪ انسان دوست انداز اختيار ڪيو. پوءِ هن On Liberty نالي پنهنجو مقالو لکيو. انهي جي لکڻ ۾ سندس ٻين اڪثر شروعاتي ڪتابن وانگر مسز هيريٽ ٽيلر سندس مدد ڪئي. هوءَ واقعي تمام ذهين ۽ سُلجهيل عورت هئي جنهن سان مل ويهن ورهين کان وڌيڪ افلاطوني معاشقو ڪرڻ کان پوءِ 1851ع ۾ شادي ڪئي. تڏهن سندس مڙس به فوت ٿي ويو هو. هوءَ 1858ع ۾ سلهه سبب فوت ٿي وئي. انهي جو مل کي ڏاڍو ڏک ٿيو پر انهي ڏک کي ناقابل بيان نه چئي سگهبو.

هن پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ (هو جيتوڻيڪ پنهنجي سموري زندگي ۽ تمام سچائي سان عقليت جو پيروڪار رهيو پر اها آتم ڪهاڻي ”روحاني“ آتم ڪهاڻين ۾ تمام مٿانهون درجو رکي ٿي ۽ شايد On Liberty کي ڇڏي اها سندس سمورن ڪتابن مان سڀ کان وڌيڪ مقبول ۽ پڙهڻ ۾ ايندڙ ڪتاب آهي) هن بابت تمام محبت ۽ واکاڻ جي جذبن ۾ ٻڏل لفظ لکيا آهن. هوءَ آن لبرٽي لکڻ ۾ خاص طور مددگار رهي هئي. جڏهن اهو ننڍڙو ڪتابڙو ڇپيو ته انهي جي انتساب ۾ هي لفظ لکيل هئا: ”انهي شخصيت جي محبت ڀري ۽ دکدائڪ ياد ڏانهن، جيڪا منهنجي تحريرن جي بهترين حصي لاءِ اتساهه ڏياريندڙ ۽ ڪنهن حد تائين ليکڪ رهي- منهنجي دوست ۽ زال جنهن جي سچ ۽ صحيح جي اعليٰ ترين سمجهه مان مون کي تمام گهڻو تحرڪ ملندو هو ۽ جنهن جي پسنديدگي منهنجو سڀ کان وڏو انعام هوندو هو...“

اچو ته اسان پاران ڪتاب جي جائزي جي شروعات هڪ بيان سان ڪريون: مل آزادي جي تصور ۾ هڪ نئين رخ جو اضافو ڪيو. هن جو سياسي آزادي سان ڪو واسطو نه هو. اها، انگلينڊ ۾ گذريل صدي جي اڌ ۾ عملي طور حاصل ٿي چڪي هئي. انهي هوندي به وڏي پيماني تي جبر ۽ ڏاڍ موجود هو. ”اڪثريت جو ڏاڍ“، طبقي ۽ پيشي وراڻن مفادن جو ڏاڍ، ريتن، رسمن ۽ عام مڃيل راين جو ڏاڍ. هو انهي ئي قسم جي ڏاڍ کي هڪ اهڙي ذهن جي ڪيڙيل ۽ منظم قلم سان داغدار بنائڻ ۽ ان تي حملو ڪرڻ هليو هو جيڪو بهترين دماغن جي دور ۾ سڀ کان بهترين هو.

”هن مقالي جو مقصد“، هو اسان کي هڪ شروعاتي صفحي تي ٻڌائي ٿو“، هڪ تمام سادي اصول مطابق اها ڳالهه بيان ڪرڻ آهي ته اهو واحد مقصد جنهن لاءِ انسان ذات کي انفرادي يا اجتماعي طور پنهنجي ڪنهن ماڻهو جي عمل جي آزادي ۾ دخل ڏيڻ جو اختيار ڏنل آهي اهوآهي پنهنجو دفاع ۽ بچاءُ. اهو واحد سبب جنهن لاءِ مهذب سماج جي ڪنهن فرد جي سندس مرضي جي خلاف بجا طور طاقت استعمال ڪري سگهجي ٿي اهو آهي ٻين کي نقصان کان بچائڻ... سندس پنهنجو جسماني يا اخلاقي فائدو ڪو ڪافي سبب نه آهي. ڪنهن به شخص جي اٿي ويٺي جي فقط انهي حصي تي سماج جو ڪو ضابطو لاڳو ٿئي ٿو جيڪو ٻين سان لاڳاپيل آهي. باقي سندس هلت چلت جو اهو حصو جيڪو هن سان لاڳاپيل آهي انهي ۾ کيس مطلق ۽ غير مشروط آزادي مليل آهي.

مِل البت ڪجھ اهڙيون ڳالهيون رکيون آهن جيڪي انهي قاعدي کان ٻاهر آهن. سندس نظريو فقط انهن انسانن تي لاڳو ٿيندو جن جون ذهني صلاحيتون پختگي تي پهتل آهن. اهو ٻارن، نابالغن يا انهن پٺتي پيل قومن تي لاڳو نه ٿيندو جن جي بهتري جو ڪم هٿ ۾ کڻڻ لاءِ انهن کي جيڪڏهن اڪبر يا شارليمان جهڙو حڪمران ملي ويندو ته اهي خوش نصيب ليکيون وينديون پر اهو انهن سڀني ماڻهن تي لازماً لاڳو ٿيندو جن پنهنجي سوچ سمجهه يا ٻين پاران رائل مائل ڪرڻ سبب پنهنجي بهتري جي راهه تي هلڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي آهي. هن وقت اسان جو واسطو فقط اهڙن ماڻهن سان ئي آهي.

هاڻي ”انساني آزادي جو مناسب علائقو“ سڀ کان پهريان شعور جو اندريون علائقو آهي جيڪو شعور، فڪر ۽ احساس جي آزادي طلب ڪري ٿو. انهي سان گڏوگڏ عملي يا قياسي، سائنسي، اخلاقي ۽ ديني هر قسم جي موضوعن تي راءِ ۽ نقطه نظر جي آزادي طلب ڪري ٿو. هر قسم جي راين جي اظهار جي آزادي به لازماً انهي سان جُڙيل آهي. ٻيون نمبر هي ڳالهه ته اهو اصول شوق ۽ مشغلي جي آزادي به طلب ڪري ٿو يعني اسان کي پنهنجي مزاج سان ٺهڪندڙ زندگي جو پلان ٺاهڻ جي آزادي هجي. اسين جيڪو ڪجھ چاهيون اهو ڪرڻ جي آزادي هجي ۽ جيستائين اسان جي ڪم مان ڪنهن کي ڪو نقصان نه پهچي تيستائين اسان جي ڪم ۾ ٻيو ڪير ڪا رڪاوٽ نه وجھي پوءِ ڀلي ٻيا ماڻهو اسان جي ڪم کي غلط، احمقاڻو يا خراب ڇو نه سمجهن. ٽئين ڳالهه ته هر فرد جي انهي آزادي مان ساڳين حدن ۾ رهندي فردن جي پاڻ ۾ گڏجڻ جي آزادي اچي ٿي يعني فردن کي ڪنهن به اهڙي مقصد لاءِ گڏ ٿيڻ جي آزادي هجي جنهن مان ٻين کي ڪو نقصان نه پهچي وري گڏ ٿيندڙ فرد پوري عمر جا هجن ۽ انهن کي زوريءَ يا دوکي سان گڏ نه ڪيو ويو هجي.

ڪو به سماج جنهن ۾ مجموعي طور انهن آزادين جو احترام نه ٿو ڪيو وڃي انهي جو حڪومت جو نظام ڀلي ڪهڙو به هجي اها آزاد نه آهي. جنهن آزادي کي حقيقي معنيٰ ۾ آزادي چئي سگهجي ٿو اها هي آهي ته اسين پنهنجي انداز ۾ پنهنجي فائدي جي ڳالهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ ٻين کي پنهنجو فائدو حاصل ڪرڻ کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريون نه ئي ٻين پاران فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ڪا رڪاوٽ وجھون“.

مل هن ٻئي باب ۾ مسئلي جي هڪ خاص رخ تي ڌيان ڏئي ٿو اهو آهي سوچ ۽ بحث مباحثي جي آزادي. هتي هو جنهن ڳالهه جي مخالفت ڪري ٿو اها اهوعام نظريو آهي جيڪا حڪومت عام ماڻهن جي ووٽ سان چونڊجي آئي آهي ۽ جيئن ته اها عوام جي راءِ جي نمائندگي ڪندڙ هوندي آهي تنهن ڪري انهي کي ماڻهن تي ڪنهن حد تائين اهو اختيار هلائڻ جو حق حاصل هوندو آهي ته انهن کي ڇا جي ڄاڻ رکڻ ۽ ڇا چوڻ جو حق هجي يا نه هجي. انهي جو سادو سبب اهو آهي ته اها ڳالهه اڪثريت جي آواز جي مطابق هوندي هئي. ”پر آءٌ ماڻهن پاران اهڙو ڏاڍ جو حق استعمال ڪرڻ جو انڪاري آهيان. پوءِ اهي ڀلي اهو حق پاڻ استعمال ڪن يا پنهنجي حڪومت ذريعي ڪم آڻين. اهو اختيار بذات خود غير قانوني آهي. ڪنهن سٺي حڪومت کي به اهو حق اهڙي طرح حاصل نه آهي جهڙي طرح ڪنهن سڀ کان خراب حڪومت کي حاصل نه آهي. اهو جيڪڏهن عام راءِ جي حمايت سان ڪم آندو وڃي تڏهن به ايترو ئي نقصانڪار آهي جيترو تڏهن نقصانڪار آهي جڏهن عام راءِ جي مخالفت هوندي ڪتب آندو وڃي. انهي کان پوءِ تمام فصيح ۽ تمام گهڻو اقتباس طور پيش ڪيو ويندڙ ٽڪرو اچي ٿو جنهن ۾ مل جي نظريي جو مغز سمايل آهي.

”جيڪڏهن ڪنهن هڪ ماڻهو کان سواءِ سموري دنيا هڪ راءِ جي هجي ۽ فقط هڪ ماڻهو ابتڙ راءِ رکندڙ هجي ته سموري انسان ذات کي انهي هڪ ماڻهو کي خاموش ڪرائڻ جو حق نه هوندو جيئن جيڪڏهن انهي کي طاقت هجي ها ته هو سموري انسان ذات کي خاموش ڪرائڻ ۾ حق بجانب نه هجي ها“.

جيڪڏهن ڪو رايو انهي جي مالڪ کان سواءِ ٻئي ڪنهن لاءِ ڪا اهميت نه ٿو رکي ته ٿي سگهي ٿو ته انهي کي دٻائڻ سان ايترو فرق نه پوي جو انهي کي دٻائڻ سان شايد ڪجهه ماڻهن کي هاڃو رسي. ڪنهن راءِ جي اظهار کي دٻائڻ جي خاص خرابي اها آهي ته انهي سان موجوده توڙي ايندڙ نسل جي حق تي ڌاڙو هنيو وڃي ٿو. انهي سان ڪنهن راء جي حامين کان وڌيڪ انهي جي مخالفن کي نقصان رسي ٿو.

انهي صورتحال جا ٽي رخ ٿي سگهن ٿا جيڪي اسان کي ذهن ۾ رکڻ گهرجن. پهريون اهو ته جنهن راءِ کي اختياريون دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ممڪن آهي ته اها صحيح ۽ سچ هجي. ٺيڪ آهي جيڪي ماڻهو انهي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندا هجن انهن جو اهو خيال نه هجي پر اهي به ته غلطي کان خالي نه ٿا ٿي سگهن. تاريخ مان اهڙا ڪيترائي مثال ملندا جن ۾ بهترين انسانن ۽ عاليشان نظرين جو خاتمو ڪرڻ لاءِ قانون کان مدد وٺڻي پئي آهي. مل فقط ٻن مثالن جو حوالو ڏنو آهي ۽ اهي تمام اهميت وارا آهن. هن اهي تمام اثرائتي نثر ۾ بيان ڪيا آهن.

”انسان ذات کي انهي کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڳالهه گهڻي ياد ڏياري سگهجي ٿي ته ڪنهن وقت سقراط نالي هڪ ماڻهو رهندو هو. هو هڪ اهڙي دور ۽ اهڙي ملڪ ۾ پيدا ٿيو جنهن ۾ انفرادي عظمت جا ڪيترائي مثال ملي سگهيا ٿي. جيڪي ماڻهو هن کي ۽ هن جي دور کي تمام سٺي نموني ڄاڻندا هئا انهن کيس انهي وقت جو تمام نيڪوڪار شخص ڪري پيش ڪيو آهي. ۽ انهي سان ڪهڙي حالت ڪئي وئي؟ جنهن عدالتي ٽريبونل مٿس ڪيس هلايو“. انهي بابت اهو سوچڻ لاءِ هر بنياد موجود آهي ته انهي کيس نيڪ نيتي سان ڏوهي سمجهيو ۽ اهو شخص جيڪو انهيء وقت ڄاول سڀني انسانن مان سڀ کان بهترين ڪوٺيو وڃڻ جو حقدار هو انهي کي هڪ ڏوهاري جي حيثيت ۾ موت جي سزا ڏئي ڇڏي.

ٻيون ڪيس اڃا وڌيڪ متاثر ڪندڙ آهي. ”انهي کان اسين عدالتي بي انصافي جي هڪ ٻئي مثال تي اچون ٿا. سقراط جي سزا جي بيان کان پوءِ انهي جو ذڪر ڪرڻ بلڪل مٿاهين کان بلڪل هيٺاهين ڏانهن اچڻ جي برابر نه هوندو. اهو واقعو Calvary ۾ ارڙهن سو ورهين کان به ڪجھ عرصو اڳ پيش آيو. جن ماڻهن هن جي زندگي کي ڏٺو ۽ هن جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي، هن انهن تي پنهنجي اخلاقي عظمت جو اهڙو ته اثر وڌو جو ارڙهن صديون هن کي اهڙي طرح خراج تحسين پيش ڪنديون رهيون آهن ڄڻ ته هو خود خدا هجي. هاڻي اهڙي ماڻهو کي ڪهڙي ڏوهه ۾ موت جي سزا ڏني وئي؟“ هن تي اهو ڏوهه مڙهيو ويو ته هو مقدس شين جي بي عزتي ٿو ڪري“.

ٻئي پاسي فرض ڪريو ته جنهن راءِ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي اها غلط هجي. ٿي سگهي ٿو ۽ عام طور ائين ٿيندو به آهي ته انهي ۾ ٿورو سچ شامل هجي. ۽ فقط مخالف راين جي ٽڪراءُ سبب ئي اهو باقي حصو شامل ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي.

وري ٽيون امڪان اهو آهي ته جنهن ڳالهه ۾ عام ماڻهن جو يقين هجي اها فقط سچ نه پر مڪمل سچ هجي. جيڪڏهن ائين آهي ته به انهي جي جيستائين تمام شدت سان ۽ تمام سچائي سان مخالفت نه ڪئي ويندي تيستائين انهي جي حيثيت هڪ تعصب، هڪ نظريي ۽ هڪ رسمي اعتقاد کان وڌيڪ نه هوندي ۽ اهو ڪنهن به ماڻهو جي ڪم جو نه هوندو.

انهن سڀني دليلن ۽ فردن پاران پنهنجا رايا پاڻ جوڙڻ جي ۽ پنهنجي زندگي جو رخ پاڻ طي ڪرڻ جي حق جي ايتري پُرزور وڪالت جي پٺيان مل جو انساني شخصيت جي قدر و قيمت ۾ تمام گهرو ويساهه موجود آهي. ”نه فقط اها ڳالهه اهميت رکي ٿي ته انسان ڇا ٿا ڪن پر انسان جي ڪمن مان سڀ کان اهميت واري ڳالهه خود انسان آهي. فرض ڪريو ته جيڪڏهن ائين ممڪن هجي ها جو انسانن جي بجاءِ مشينري-  انساني شڪل ۾ خودڪار مشينون- گهر ٺاهي ها، اناج اُپائي ها، جنگيون لڙي ها، ڪيس هلائي ها يا ويندي گرجا گهر به ٺاهي ها ۽ دعائون به گهري ها ته به موجوده دنيا جي وڌيڪ مهذب حصن ۾ رهندڙ مردن ۽ عورتن جي جاءِ تي اهڙا مشيني انسان آڻڻ هڪ وڏو نقصان هجي ها. جيتوڻيڪ جديد دنيا جا اهي انسان فطرت جي اصلي نمونن جو بلڪل ڪمزور عڪس آهن. انساني فطرت ڪا مشين نه آهي جنهن کي ڪنهن ماڊل مطابق ٺاهجي ۽ انهي لاءِ طي ٿيل ڪم تي چالو ڪري ڇڏجي پر اها ته هڪ وڻ آهي جيڪا پنهنجين اندروني طاقتن مطابق سڀني طرفن ۾ وڌڻ ويجهڻ چاهيندي آهي. اها اندروني طاقت ئي انهي کي هڪ جاندار شي بڻائيندي آهي.

مل پوءِ ايندڙ هڪ باب ۾ مٿي بيان ٿيل اصولن کي ٻن مقولن (Maxims) جي شڪل ۾ آڻي ٿو پهريون ته فرد پنهنجن عملن لاءِ سماج آڏو تيستائين جوابده نه آهي جيستائين انهن عملن جو سندس پنهنجن مفادن سان تعلق هجي: صلاح مشورو، سکيا، سمجهائي قائل ڪرڻ ۽ پاسو ڪرڻ: اهي فقط اهي ذريعا آهن جن جي مدد سان سماج بجا طور سندس اٿي ويٺي بابت پنهنجي ناپسنديدگي جو اظهار ڪري سگهي ٿو ٻيون ته اهڙا عمل جن مان ٻين جي مفادن کي ڪو ڇيهو رسي انهن بابت فرد جوابده آهي ۽ ان تي سماجي يا قانوني سزا لاڳو ٿي سگهي ٿي بشرطيڪه سماج اهو سمجهي ته سندس بچاء لاءِ انهن ٻنهي مان ڪا سزا ضروري آهي. انهن مقولن مان اهو ظاهر ٿيندو ته مِل انتها درجي جو آزادي جي تلقين ڪندڙ (Libertarian) نه هو. سماج کي فرد تي ڪنهن به صورت ۾ ڏاڍ ڪرڻ نه گهرجي پر فرد مٿان به سماج جا ڪي حق ۽ ذميواريون آهن جيڪي هو پوريون ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهي.

هاڻي ڳالهه وڌيڪ واضح ڪجي ته مل اهي مقولا روزاني زندگي جي مسئلن تي لاڳو ڪري ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڳالهه کليل ڇڏي ٿو ڏئي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو جوا کيڏڻ چاهي ٿو ته کيس ائين ڪرڻ ڏيو. پر ڇا ڪنهن ماڻهو کي جوا خانو هلائڻ جي موڪل ڏئي ڇڏجي؟ جيڪڏهن ڪير چاهي ته ڀلي شراب پي مدهوش ٿي وڃي پر ”آءٌ انهي ڳالهه کي بلڪل قانوني سمجهندس ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو شراب جي نشي جي اثر ۾ ٻين تي تشدد ڪرڻ جو الزام ثابت ٿئي ۽ هو پوءِ به شراب جي نشي ۾ ڏٺو وڃي ته هو سزا جو حقدار هئڻ گهرجي“. عوامي رک رکاءُ ۽ شائستگي خلاف ڏوهن تي لازماً سزا اچڻ گهرجي. غير شادي شده مرد عورت حرام ڪاري ڪن ته انهي کي برداشت ڪيو وڃي. پر ڇا ڪنهن ماڻهو کي دلالي ڪرڻ جي آزادي هئڻ گهرجي؟ ڪنهن ماڻهو کي خطرناڪ دوائون خريد ڪرڻ کان روڪڻ نه گهرجي پر کيس اهو چتاءُ لازماً ڏيڻ گهرجي ته هو ڇا خريد ڪري رهيو آهي. ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد جي درست تعليم لاءِ ذميوار هئڻ گهرجن ۽ اها ڳالهه تسليم ڪئي وڃي ته ڪنهن اهڙي ٻار کي وجود ۾ آڻڻ جنهن جي جسم لاءِ کاڌي ۽ ذهن جي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪرڻ جي قابل نه هئڻ نه فقط انهي بدنصيب اولاد پر خود سماج خلاف هڪ ڏوهه آهي“.

مل جي عورتن بابت رويي جو اظهار سندس هڪ ٻئي ڪتاب The Subjection of Women ۾ مڪمل طور ڪيل آهي. اهو سن 1869ع ۾ ڇپيو. پر اها ڳالهه به ٻڌائي ڇڏجي ته هو آن لبرٽي ۾ لکي ٿو: ”مڙسن جي زالن تي تقريباً ڪنهن جابر حڪمران جهڙن اختيارن کي هتي ڳڻائڻ ضروري نه آهي. ڇاڪاڻ ته برائي جي مڪمل خاتمي لاءِ انهي کان وڌيڪ ڪنهن ڳالهه جي ضرورت نه آهي ته زالن کي به اهڙا ئي حق ملن ۽ انهن کي قانون جو اهڙو ئي تحفظ ملي جهڙو ٻين ماڻهن کي ملي ٿو“.

انهي ننڍڙي ڪتاب ۾ ٻيون به ايتريون گهڻيون ڳالهيون آهن جن جو اشارتاً ذڪر ڪرڻ به ممڪن نه آهي. آن لبرٽي پڙهڻ ۽ بار بار پڙهڻ جو ڪتاب آهي. انهي جون ڪجھ ڳالهيون پراڻيون ٿي ويون آهن پر انهي جي وڏي حصي جي اصلي تازگي برقرار آهي. شايد ته انهي جو پيغام اسان جي موجوده دور ۾ وڌيڪ معنيٰ خيز آهي ڇاڪاڻ ته راءِ عام ٺاهڻ ۽ ان کي پنهنجي حق ۾ ڪم آڻڻ انهن ماڻهن جي هٿ ۾ اڳي کان گهڻو وڌيڪ آهي جيڪي حڪومتون ٺاهن يا انهن تي ڪنٽرول ڪن ٿا. اها هڪ عام رواجي ڳالهه آهي ته فرد کي گهٽ اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ راءِ عامه انساني روح تي وڌيڪ بار وجھي ٿي. اهڙين حالتن ۾ اها ڳالهه ذهن ۾ تازي ڪرڻ بهتر ٿيندي جيڪا مِل پنهنجي ڪتاب جي آخري پيراگراف ۾ لکي هئي. ”رياست جي قدر و قيمت آخرڪار ايتري آهي جيتري انهي ۾ شامل فردن جي آهي“.

 

55. اوريجن آف اسپيشيز

-- چارلس ڊارون --

 

جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب انساني سوچ ۾ ڪڏهن ڪو انقلاب آندو هوندو ته اهو چارلس ڊارون جي اوريجن آف اسپيشيز آندو هو. سن 1859ع ۾ انهي جي اشاعت کان اڳ ارتقا هڪ اهڙو دلچسپ نظريو هو جنهن ۾ ڪجھ اهڙا قياسي مفڪر مشغول ٿيندا هئا جيڪي انهي وقت جي مروج وضاحتن مان مڪمل طور مطمئن نه هوندا هئا. انهي ڪتاب جي منظر تي اچي وڃڻ کان پوءِ اهڙن پڙهيل لکيل ماڻهن جي اڪثريت جيڪا انهي سان لاڳاپيل ڳالهين کي سمجهي سگهي ٿي ۽ دليلن جي تورتڪ ڪري سگهي ٿي اها انهي نتيجي تي پهچي وئي ته ڊارون ارتقا جي حقيقت ڪاميابي سان سمجهائي ڇڏي هئي ۽ اڃا وڌيڪ اهو ته انهي رستي جا نشان به واضح ڪري ڇڏيائين جنهن تي اهو هليو هوندو ۽ حقيقت به اها آهي ته ارتقا رستو به اهو ئي ورتو هو جيڪو ڊارون ٻڌايو هو.

زنده شين جا اهي سڀئي مختلف نوع- جانور، ٻوٽا، مڇيون، جيت ۽ ويندي خود انسان انهي موجوده شڪل ۾ ڪيئن آيا آهن؟ ڊارون جي دور تائين مڃيل اعتقاد اهو هوندو هو ته اهي سڀئي جنهن شڪل ۾ آهن انهي ۾ ئي خاص طور پيدا ڪيا ويا آهن. هر نوع تخليق جي هڪ خاص عمل جو نتيجو هئي. اها ڳالهه صحيح آهي ته ڪجھ ماڻهن ٿيڙ ٿاٻا کائيندي ڪنهن ارتقائي نظريي جا اڻ چٽا آثار پيش ڪيا هئا پر انهن جا نظريا ماڻهن جي وڏي اڪثريت کي پنهنجي پاسي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا هئا. انهن بائيبل جي انهي بيان ۾ عقيدو رکڻ کي ترجيح ڏني هئي ته شروعات ۾ سڀ شيون خدائي حڪم سان وجود ۾ آيون هيون. ارتقائي نظريي جا ڪي خاڪا پيش ڪندڙ اهڙن ماڻهن ۾ هڪ ته قديم دور ۾ يونان جو ارسطو ۽ روم جا ليوڪريٽيئس جهڙا فيلسوف سائنسدان شامل هئا. وري ڪجھ پوءِ جي دور جا جهڙوڪ ارڙهين صدي جو فرانسي سائنسدان لامارڪ ۽ سندس انگريز همعصر چارلس ڊارون جو ڏاڏو اراسمس ڊارون به اهڙن ماڻهن ۾ شامل هئا.

چارلس ڊارون جو 1831ع ۾ به اهو ئي عقيدو هو. تڏهن هو هڪ نوجوان هو ۽ سندس عمر 23 ورهيه به مس ٿي هئي جو هو ايچ. ايم. ايس بيگل (beagle) نالي سامونڊي سروي ڪندڙ هڪ جهاز تي دخلڪار ٿيو. اهو جهاز ڪيپٽن فٽزراءِ، آر.اين.جي ڪمانڊ هيٺ هو ۽ اهو سموري دنيا جي سائنسي دريافتي سفر تي نڪتو هو. هن پاڻ کي انهي نئين مقرري تي ڏاڍو خوش نصيب پئي سمجهيو. هو شريوز بري جي هڪ شاهوڪار پيءُ جو پٽ هو ۽ اسٽيفورڊ شائر جي هڪ وڏي ڪنڀار جوسياويج ووڊ ڌي جي پرڻيو هو. هو شريوزبري اسڪول ۾ ڪو نالو نه ڪڍي سگهيو. پوءِ هو ايڊنبرگ يونيورسٽي ويو. هن به پنهنجي پيءُ وانگر ڊاڪٽر ٿيڻ چاهيو ٿي پر آپريشن ٿيٽر ۾ رت ۽ مريضن جون رڙيون هن کان بلڪل برداشت نه ٿي ٿيون تنهن ڪري سندس اهو ارادو پورو نه ٿي سگهيو. پوءِ هو لڳ ڀڳ پادري ٿيڻ تي هو ۽ اهو ئي مقصد سامهون رکندي کيس ڪيمبرج موڪليو ويو. پر هن کان ڪجهه اهڙيون ڳالهيون هضم ڪرڻ ڏکيون هيون جن جي اڳتي هلي کيس تبليغ ڪرڻي هئي. وري جيالاجي ۽ نيچرل هسٽري ۾ سندس اصلي دلچسپيون به ڪر کڻڻ لڳيون هيون. هن کي اسڪولي دور ۾ به ٽنڊڻ گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو ۽ اهو شوق هن مان ڪڏهن به نه ويو. سو اها ڳالهه ٻڌي هو ڏاڍو خوش ٿيو ته سندس پروفيسر بنا پگهار جي نيچرلسٽ (Naturalist) طور سامونڊي سفر تي وڃڻ لاءِ ڪيپٽن فٽز راءِ کي سندس نالي جي سفارش ڪئي آهي.

بيگل ۾ سامونڊي سفر خود ڊارون مطابق سندس زندگي جو تمام اهم واقعو ثابت ٿيو. اهي 1836ع تائين سفر ۾ رهيا ۽ نه فقط ڏکڻ آمريڪا جي سامونڊي ڪنارن تي ويا پر ايٽلانٽڪ ۽ پيسفڪ سمنڊن جي ڪيترن ئي ڏورانهن ٻيٽن ۽ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ پڻ ويا. ڊارون جتي به ويو پنهنجون اکيون کليل رکيائين ۽ پنهنجو نوٽ بڪ ويجھو رکيائين ڇو ته هو اڳ ۾ ئي اهو اٽل فيصلو ڪري چڪو هو ته هو ”نيچرل سائنس ۾ ڪنهن شي جو واڌارو“ ڪندو. هاڻي اچو ته ڏسو ته هو پنهنجي اوريجن جي پهرئين صفحي تي اسان کي ڇا ٿو ٻڌائي. اسين سندس مشهور ڪتاب کي انهي نالي سان سڏي سگهون ٿا.

”آءٌ جڏهن ايچ. ايم. ايس بيگل تي نيچرلسٽ طور سفر ڪري رهيو هوس ته ڏکڻ آمريڪا ۾ رهندڙ حياتياتي وجودن جي ٽير پکيڙ ۽ انهي ئي کنڊ تي هاڻوڪن رهندڙن جي اڳوڻن رهندڙن سان ارضياتي لاڳاپن تي ڏاڍو حيران ٿيندو هوس. لڳندو هو ته انهن ڳالهين مان نوعن جي اصل تي ڪجھ روشني پوندي آهي. نوعن جي اصل کي اسان جو هڪ وڏو فيلسوف اسرارن جو اسرار چوندو هو. آءٌ جڏهن 1837ع ۾ گهر آيس ته منهنجي دماغ ۾ اها ڳالهه آئي ته شايد ته انهي سوال سان لاڳاپيل جيڪي به حقيقتون گڏ ٿي سگهن انهن تي ڏاڍي صبر سان غور و فڪر ڪرڻ سان انهي ڳالهه مان ڪو مطلب نڪري سگهي ٿو. مون پنج ورهيه ڪم ڪرڻ کان پوءِ انهي موضوع تي ڪجھ قياس آرائيون ڪيون ۽ ڪجھ مختصر نوٽ ٺاهيا. پوءِ مون 1844ع ۾ انهن کي وڌائي اهڙن نتيجن جو هڪ خاڪو تيار ڪيو جيڪي مون کي ممڪن ۽ ٿيڻ جهڙا لڳا ٿي. آءٌ تنهن دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انهي موضوع تي مستقل مزاجي سان ڳولهائون ڪندو رهيو آهيان. مون کي اميد آهي ته مون کي اهي ذاتي تفصيل ٻڌائڻ تي معاف ڪيو ويندو پر مون اهي انهي ڪري ڏنا آهن جيئن خبر پوي ته مون نتيجن تي پهچڻ ۾ تڪڙ نه ڪئي آهي“.

نه ”تڪڙ“ ته شايد مناسب لفظ نه آهي. هن سڄا سارا ويهه سال ته انهي موضوع تي تحقيق ۾ گذاريا هئا ۽ جمعي 18- جون 1858ع تي ڊائون ڪينٽ ۾ هڪ ٽيپهري جو جيڪڏهن ٽپالي سندس گهر هڪ لفافو ڏئي کيس حيران نه ڪري وڃي ها ته هو شايد اڃا به انهي مسئلي تي تحقيق پيو ڪري ها. اهو خط الفريد رسل و اليس نالي نيچرل هسٽري بابت نمونا گڏ ڪندڙ موڪليو هو. هو ايسٽ انڊيز ۾ مولو ڪاس جي هڪ ٻيٽ ۾ بيماري جي بستري تي پيو هو. خط سان گڏ هڪ ننڍو مقالو به هو جنهن جو عنوان هو On the Tendency of Varieties to depart indefinitely from the original type. انهي تي هڪ نظر وجھڻ ئي اهو سمجهائڻ لاءِ ڪافي هو ته رسل نه فقط ڊارون واري مسئلي تي ئي ڪم ڪري رهيو هو پر تبديليون(Variations) ڇو ٿيون واقع ٿين انهي بابت به بلڪل ساڳئي وضاحت ڏني هئائين.

ڊارون جو پهريون ردعمل اهو هو ته هن جي دل ۾ اهو خيال پيدا ٿيو ته هو پنهنجو ڪم بند ڪري رکي ڇڏي ۽ سمورو اعزاز واليس کي ماڻڻ ڏئي پر سندس دوستن آخرڪار کيس انهي ڳالهه تي راضي ڪري ورتو ته هن ۽ واليس کي لنڊن جي لينائي سوسائٽي ۾ پيش ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل مقالو تيار ڪرڻ گهرجي. اهو ڪم ڪيو ويو ۽ 1- جولاءِ 1858ع تي مقالو پڙهيو ويو ۽ سوسائٽي جي جن ٽيهن جي لڳ ڀڳ ميمبرن (ٻئي ليکڪ پاڻ موجود نه هئا) اهو ٻڌو اهي گهڻا متاثر نه ٿيا.

پر ڊارون هاڻي پنهنجي ڪتاب تي ڪم وڌائيندو آيو ۽ اهو آخرڪار نومبر 1859ع ۾ ڇپيو. انهي جو نالو هو. The Origin of Species by means of Natural Selection, or the Preservation of Favoured Races in the Struggle for Life. ”انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهو منهنجي زندگي جو سڀ کان اهم ڪم آهي“. ڊارون اهو ڪتاب پهريون دفعو منظر تي اچڻ کان ڪيترا ورهيه پوءِ اها ڳالهه چئي هئي. اها ڀلا ڇا جي بابت آهي؟ اچو ته ڊارون جي واتان ٻڌون ته مسئلو ڇا آهي:

”نوعن جي اصل کي ذهن ۾ رکندي ٿي سگهي ٿو ته ڪو نيچرلسٽ جاندار وجودن جي پاڻ ۾ هڪ جهڙائپ، انهن جي ڳڀيرڻ وارن لاڳاپن، انهن جي جاگرافيائي ٽيڙ پکيڙ، ارضياتي سلسلي ۽ اهڙين ٻين حقيقتن تي سوچ ويچار ڪندي انهي نتيجي تي پهچي سگهي ٿو ته نوع جدا جدا تخليق نه ڪيا ويا هئا پر انهن جو سلسلو ٻين نسلن مان هليو آهي. بهرحال اهڙو نتيجو جيڪڏهن صحيح بنيادن تي بيٺل هجي ته به ايستائين غير تسلي بخش هوندو جيستائين اهو نه ٿو ڏيکاريو وڃي ته هن ۾ آباد بيشمار نوعن ۾ اهڙيون تبديليون ڪئين آيون جو انهن جي جوڙجڪ ۾ اهڙي ڪماليت اچي وئي جنهن کي ڏسي اسان کي ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون. نيچرلسٽ مسلسل آبهوا ۽ کاڌي وغيره جهڙين خارجي شين کي ڦير گهير جو واحد ممڪن سبب ڄاڻائين ٿا. هڪ محدود لحاظ کان اها ڳالهه درست ٿي سگهي ٿي. پر مثال طور ڪاٺ ڪٽي کي ئي وٺو. انهي جي بناوٽ لاءِ فقط خارجي حالتن کي ذميوار قرار ڏيڻ بلڪل فطرت جي خلاف ڳالهه ٿيندي. انهي جي پيرن، پُڇ، چهنب کي نظر ۾ رکو وري سندس ڄڀ ڏسو ته ڪيئن نه اها وڻن جي ٿڙن مان جيت پڪڙڻ جي ڪم لاءِ ڄڻ ته خاص طور ٺاهي وئي آهي. وري آڪاس بيل کي ڏسو جيڪا ڪجھ وڻن مان پنهنجو کاڌو حاصل ڪري ٿي. انهي جا ٻج فقط ڪجھ پکين ذريعي ئي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ ويندا آهن. وري انهن جي گلن جي ڌار ڌار جنسن (Sexes) کي هڪ گل کان ٻي گل تائين زر گل (Pollen) پهچائڻ لاءِ ڪجھ جيتن جو ذريعو گهربل هوندو آهي. هاڻي انهي طفيلي ٻوٽي جي بناوت ۽ انهي جي ٻين ڪيترن ئي جدا جدا حياتياتي وجودن سان تعلق جو سبب فقط خارجي حالتون، يا انهي جي اسرڻ جو هنڌ يا خود ٻوٽي جي پنهنجي مرضي ڄاڻائڻ وسهڻ ۾ نه ايندڙ ۽ فطرت جي خلاف ڳالهه هوندي“.

اهو ته ٿيو مسئلو ۽ هاڻي اسين پڙهنداسين ته ڊارون انهي جو حل ڪيئن ڪڍيو. سندس مشاهدن جي شروعات وقت (هو اسان کي ٻڌائي ٿو) کيس اها ڳالهه ممڪن لڳندي هئي ته پالتو بنايل جانورن ۽ پوکيا ويندڙ ٻوٽن جي ڌيان سان مشاهدي سان انهي موضوع تي شايد ڪجھ روشني پوندي. تنهن ڪري سندس پهريون باب پالتو بڻايل جانورن خاص طور ڪبوترن جي اڀياس لاءِ وقف آهي. ڊارون انهي ئي باب ۾ اڻ ڄاڻائي بابت پنهنجو مشهور اعتراف ڪري ٿو ته، ”وراثت بابت قانونن جي گهڻي حصي جي ڪا خبر ئي نه آهي“، اهي صدي جي آخر تائين نامعلوم ئي رهڻا هئا. پوءِ اهي قانون هڪ گمنام آسٽريائي راهب گريگورمينڊل پاران مٽرن ۽ ماکي جي مکين تي ٿيل تجربن جي نتيجي ۾ دنيا کي مليا. تنهن ڪري کيس اها خبر نه هئي (نه ئي اڳتي هلي ڪڏهن پيس) ته ٻوٽن ۽ جانورن ۾ ڦيريون گهيريون (Variations) هڪ نسل (پيڙهي) کان ٻي نسل تائين ڪيئن ٿيون پهچن. پر هو پالتو بڻايل جانورن بابت هڪ اهم نتيجي تي پهتو. ”اصل ڳالهه“، هن چيو، ”انسان جي چونڊ جي گڏ ٿيل (accumulative) طاقت آهي؛ مختلف ڦيريون گهيريون فطرت طرفان مهيا ڪيون وڃن ٿيون، انسان انهن کي پنهنجي لاءِ فائدي مند رخن ۾ شامل ڪري وٺي ٿو. انهي لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته هن پنهنجي لاءِ فائدي مند نوع ٺاهي ورتا آهن“.

هن کي اها پڪ هئي ته پالتو ڪيل جانورن جي صورت ۾ ائين ئي ٿئي ٿو. هاڻي هن پاڻ کان سوال ڪيو ته فطري صورتحال ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ هائو! هتي پڻ چونڊ (Selection) جو عمل دخل هو. پر هتي اهو وڌيڪ سگهارو ۽ موثر هو بنسبت انهي جو جڏهن اهو انسانن ذريعي عمل ۾ ٿي آيو. هاڻي ڀلا اهو عمل پذير ڪيئن ٿو ٿئي؟ جهد للبقا (Struggle for existence) ذريعي. انهي بابت کيس سڀ کان اڳ خبر 1838ع ۾ ريورنڊ ٽي. آر. مالٿوس جو The Principle of Population تي ڪتاب پڙهندي پئي هئي. اهو ڪتاب چاليهه ورهيه اڳ ڇپيو هو. فطرت جي سموري دنيا ۾ (ڊارون لکي ٿو) حياتياتي شيون جنهن رفتار سان وڌن ٿيون انهي جي ڪري وجود بچائڻ جي ڪشمڪش جنم وٺي ٿي. اهو قانون سڀ ڪنهن تي لاڳو آهي ته هر حياتياتي وجود فطري طور ايتري ته وڏي رفتار سان وڌي ٿو جو جيڪڏهن انهن کي تباهه نه ڪيو ويندو ته جلدئي سموري ڌرتي فقط هڪ جوڙي جي اولاد سان ئي ڀرجي ويندي. ويندي آهستگي سان وڌندڙ انسان به پنجويهن ورهين ۾ پنهنجو تعداد ٻيڻو ڪري وڃي ٿو ۽ انهي رفتار سان هڪ هزار ورهين کان به گهٽ عرصي ۾ سندس اولاد لاءِ بيهڻ جي جاءِ به نه هوندي“.

هيءَ اهڙي ڳالهه آهي جنهن جو اسان کي هر وقت احساس به نه ٿو رهي ۽ جيستائين اها ذهن ۾ پڪي طرح جاءِ نه والاريندي تيستائين فطرت پاران ڪفايت شعاري جو سمورو اصول سمجهه ۾ ئي نه ايندو يا واضح ڏسڻ ۾ نه ايندو. اسان فطرت جو رخ روشن ڏسندي خوش ٿيون ٿا. اسان کي اڪثر غذا جي بي انتها ڪثرت نظر اچي ٿي، پر اسان کي اهو نظر نه ٿو اچي يا اسان اها ڳالهه وساري ٿا ويهون ته اسان جي آسپاس جيڪي پکي بي فڪري سان ٻوليون ڪندا رهن ٿا انهن جو گذارو گهڻو ڪري جيتن يا ٻجن تي ٿئي ٿو. اهڙي طرح اهي مسلسل زندگي جو صفايو ڪندا رهن ٿا. اسين اها ڳالهه به وساري ويهون ٿا ته انهن لاتيون لنوندڙ پکين يا انهن جي آنن ۽ آکيرن کي وري شڪاري جانور ۽ پکي تباهه ڪندا رهن ٿا. اسان کي اها ڳالهه به هر وقت ذهن ۾ نه ٿي رهي ته غذا هاڻي جيتوڻيڪ تمام گهڻي ڇو نه هجي پر اها هر سال جي سڀني موسمن ۾ ايتري گهڻي نه هوندي“.

انهي مسلسل جدوجهد جي سبب ”ڦيريون گهيريون ڀلي ڪيتريون به معمولي هجن ۽ ڪهڙي به سبب جي ڪري پيدا ٿيون هجن پر اهي جيڪڏهن ڪنهن به نوع جي فردن لاءِ انهن جي ٻين حياتياتي وجودن سان لاڳاپن ۾ ڪنهن به درجي ۾ فائدي مند آهن ته انهن جي زندگي جي طبعي حالتن ۾ مددگار ٿينديون ۽ عام طور سندن اولاد ۾ منتقل ٿينديون. اهڙي طرح پيدا ٿيندڙ اولاد کي به پنهجي زندگي باقي رکڻ جو بهتر موقعو ملندو ڇاڪاڻ ته ڪنهن به نوع جي فردن جي ڄاول اولاد مان فقط ٿورو تعداد ئي زنده رهي سگهندو آهي. مون انهيءَ اصول کي، جنهن مطابق هر ننڍي کان ننڍي ڦير گهير (جيڪڏهن فائدي مند آهي ته) باقي رهي ٿي، نيچرل سليڪشن (Natural Selection) جي نالي سان سڏيو آهي. اهو نالو ڏيڻ جو سبب اهو آهي جيئن ان کي انسان جي چونڊ جي اختيار کان جدا حيثيت ۾ سڃاڻي سگهجي.

نيچرل سليڪشن جي انهي سمجهاڻي کان پوءِ ڊارون جي لفظن ۾ جنسي چونڊ (Sexual Selection)تي هڪ مختصر پر تمام دلچسپ سيڪشن اچي ٿو. هو سمجهائي ٿو ته چونڊ جو اهو طريقو، ٻين حياتياتي وجودن يا خارجي حالتن سان تعلق جي لحاظ کان بقا جي جدوجهد تي نه پر هڪ جنس(Sex) جي فردن خاص طور نرن ۽ ٻي جنس جي فردن لاءِ جدوجهد تي دارومدار رکي ٿو. انهي جو نتيجو ناڪام حريف لاءِ موت نه پر تمام ٿوري اولاد جي صورت ۾ نڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته اولاد پيدا ئي نه ٿي ٿئي. تنهن ڪري جنسي چونڊ فطري چونڊ کان گهٽ سخت آهي. سموري فطري دنيا ۾ نيچرل سليڪشن ئي تمام قوت سان ۽ مسلسل عمل ۾ رهي ٿي“. مون کي يقين آهي ته ڊارون چوي ٿو، ”نيچرل سليڪشن نوعن ۾ ڦير گهير جو جيتوڻيڪ تمام اهم پر واحد ذريعو نه رهيو آهي“.

اوريجن ۾ ٻيا به ڪيترائي باب آهن جن ۾ ڊارون پنهنجي نظريي جي وضاحت ڪئي آهي، انهي کي اڃا وڌيڪ کولي سمجهايو آهي ۽ انهي تي جيڪي اعتراض ٿي سگهن ٿا انهن جو تمام سنجيدگي ۽ ڌيان سان جائزو ورتو آهي. تنهن هوندي به ڪيترن ئي ماڻهن- انهن ۾ چڱو خاصو انگ انهن ماڻهن جو به هو جن کي ثبوتن جي تڪ تور جي سٺي صلاحيت هئي- ڊارون جي نظريي جي صداقت تسليم نه ڪئي. اڃا به اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جن جي حالت ساڳئي آهي. پر ڊارون جي نيچرل سليڪشن جي نظريي ۽ ارتقا جي عمل ۾ فرق ضرور رکيو وڃي ڇاڪاڻ ارتقا جو اهو عمل گذريل سموري زماني ۾ جاري رهيو هو، هاڻي به ٿي رهيو آهي ۽ اسان جي خيال مطابق ايندڙ سموري دور ۾ به جاري رهندو. اهو صحيح معنيٰ ۾ هڪ ارتقائي نظريو آهي. اهو اڄڪلهه جي هر پڙهيل لکيل مرد ۽ عورت جي ذهني سامان جو اهم حصو ٿي ويو آهي ۽ انهي کي هر جاءِ تي ڊارون جي ڪتاب جو نتيجو سمجهيو وڃي ٿو.

”مون کي انهي ڳالهه جو ڪوبه مناسب سبب نظر نه ٿو اچي ته هن ڪتاب ۾ پيش ڪيل نظريا ڪنهن جي مذهبي احساسن کي صدمو پهچائيندا. هن پنهنجي آخري باب ۾ لکيو آهي، آءٌ جڏهن سڀني شين کي خاص مخلوقات نه پر اهڙن وجودن جي حيثيت ۾ ڏسان ٿو جيڪي ڪجهه اهڙن وجودن جي نسلي اولاد آهن جيڪي انهي دور کان به گهڻو اڳ ٿي گذريا جڏهن ڪيمبرين (قديم فوسلي زماني جو پهريون دور جڏهن ڪيترن ئي قسمن جا بغير ڪرنگهي جي هڏي وارا جاندار پيدا ٿيا) نظام جو پهريون تهه پئجي رهيو هو ته انهي سان اهي مون کي شانائتا ٿيندي نظر اچن ٿا.“

”ڪنهن اهڙي سينور سان ڀريل ڪناري جو تصور ڪرڻ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه هوندي جيڪو ڪيترن قسمن جي ٻوٽن سان ڀريل هجي، وڻن ٻوٽن تي پکي ٻوليون ڪري رهيا هجن، قسمين قسمين جيت اچي وڃي رهيا هجن. گهميل زمين تي ڪينئان سُري رهيا هجن ۽ انهن بابت سوچڻ ته اهي تمام ڌيان سان ٺاهيل قسم جيڪي هڪٻئي کان ايترا مختلف آهن ۽ انهن سڀني جو ڏاڍي پيچيدي نموني هڪٻئي تي دارومدار به آهي، اهي سڀئي اسان جي چوڌاري عمل پذير ٿيندڙ قانونن تحت پيدا ٿيا آهن… زندگي کي انهي رُخ کان ڏسڻ ۾ به هڪ عظمت آهي، انهيءَ جون ڪيتريون ئي طاقتون خالق ۽ اپائڻهار سڀ کان اڳ ڪنهن هڪ يا چند قسمن ۾ رکيون هيون.

انهي دوران ڌرتي جو هيءُ گولو ڪشش ثقل جي مقرر قانونن موجب چڪر ڏيندو رهيو آهي. اهڙي سادي شروعات کان تمام سهڻا، تمام عجيب ۽ بيشمار قسم ارتقا پذير ٿيا آهن ۽ اڃا به ٿيندا پيا آهن.

56. دي مل آن دي فلاس

-- جارج ايليٽ --

 

ڊارلڪوٽ هڪ چڪي جو نالو آهي. تيز ڳاڙهين سرين ۽ ڦڪي رنگ جي کپريل جي ڇت واري اها ڏاڍي وڻندڙ جاءِ آهي. پُل جي هيٺان وهندڙ واهه مڊلئنڊ جي پٽن تان وهندو آيو آهي ۽ چراگاهن ۽ ڳوڙهي ڀوري زمين تان ٿيندو سينٽ اوگز جي گودين وٽان گذرندو سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو جيڪو اتان گهڻو پري نه آهي.

جذبن جي بي آرام وهڪرن ۾ ڦاٿل نوجوانن جي محبتن ۽ معصوم جذبن وارن عام ماڻهن جي هن ڪهاڻي جو مرڪز اهو واهه آهي. توهان کي انهي جو نالو جيتوڻيڪ نقشي تي نظر نه ايندو پر اهو اتي موجود آهي. ڇاڪاڻ ته فلاس (Floss) اصل ۾ ٽرينٽ آهي ۽ سينٽ اوگز لنڪن شائر وارن ميداني علائقن وارو گينز بورو آهي. اسين فرضي نالن ۾ داخل ٿي ئي ويا آهيون ته اهو به ٻڌائيندا هلون ته مس ميري اين ايوانز جڏهن ناول نگار طور لکڻ شروع ڪيو هو ته پنهنجي لاءِ جارج ايليٽ جو نالو چونڊيو هئائين.

چڪي کي پٺي ڏنيون پل تي بيٺل اها ننڍڙي ڇوڪري جيڪا وڏي ڦيٿي کي ڦرندو ڏسي رهي آهي اها هوءَ پاڻ آهي. هائو! ڪارن وارن واري وڏيون اکيون ڇنڀندڙ اها ڇوڪري ميري اين پاڻ آهي. پر ڪتاب ۾ سندس نالو ميگي ٽُليور آهي.

ڪهاڻي جي شروعات وقت مسٽر ۽ مسز ٽليور پنهنجي پٽ جي تعليم بابت ڳالهائي رهيا آهن. ”اها ڏاڍي ڏک جهڙي ڳالهه ٿي لڳي جو ڇوڪرو پنهنجي ڀيڻ جهڙو ٿيڻ بجاءِ ناننگ تي ويو آهي. اها ٽام کان ٻيڻ تي سهڻي آهي. آءٌ ته چوان ٿو اها ڪنهن عورت جي لحاظ کان به ڏاڍي سهڻي آهي. اها جيستائين ننڍڙي آهي تيستائين ته ڪو ڊپ ڪونهي پر تمام سهڻي عورت به چڱي نه آهي جيئن ڊگهي پڇ واري رڍ به چڱي نه هوندي آهي. انهي ڪري سندس اگهه ڪري پوندو آهي“.

”تون ته سونهن جي ڳالهه ٿو ڪرين“، مسز ٽليور جواب ڏنو، ”پر مون کي ته پڪ آهي ته ڇوڪري ڪجھ ڳالهين ۾ ته ڄڻ اڌ چري آهي. آءٌ کيس ڪا شي کڻي اچڻ لاءِ مٿي ماڙيءَ تي موڪليندي آهيان ته هن کان اها ڳالهه ئي وسري ويندي آهي ۽ اتي ئي پٽ تي اس ۾ ويهي پنهنجن وارن جون چوٽيون پئي ڪندي آهي ۽ پاڳل خاني جي ڪنهن مخلوق وانگر پنهنجي منهن ويٺي ڳائيندي آهي ۽ آءٌ هيٺ ويٺي سندس  انتظار پئي ڪندي آهيان.“

”الا، اهو ته اجايو پئي ڳالهائين!“ مسٽر ٽليور چيو، ”اها ته ڏاڍي سهڻي ڪارين اکين واري نينگري آهي ۽ اها ته ايترو سٺو پڙهندي آهي جيئن ته پادري پڙهندو آهي“.

”پر آءٌ ته جيتري به ڪوشش ڪريان ٿي سندس وار گهنڊيدار ٿين ئي نه ٿا“.

”بس ڪر، بس ڪر“ مسٽر ٽليور جلديءَ ۾ ڳالهايو.

مسز ٽليور ڊاڊسن ڪٽنب جي چئن ڀينرن مان سڀ کان ننڍي ۽ تمام سادي هئي (مسٽر ٽليور کيس انهي ڪري ئي چونڊيو هو). ڊاڊسن ڪٽنب ڏاڍو رعب وارو هوندو هو ۽ خاص طور اهي جڏهن ٻاهرئين دنيا خلاف گڏ ٿي ويندا هئا ته ڏاڍا سخت ٿي ويندا هئا. مسٽر ٽليور ته بلڪل ”ٻاهريون“ هو. اها ڳالهه انهي وقت ته واضح صورت ۾ نظر اچي وئي جڏهن ٽليور پنهنجي پٽ ٽام کي هڪ پادري وٽ موڪلڻ جي رٿ رٿي ته انهي ڳالهه تي سوچ ويچار لاءِ ڪٽنب جي گڏجاڻي ٿي. انهي پادري وٽ فلپ واڪيم اڳيئي پڙهندو هو. فلپ واڪيم انهي وڪيل جو پٽ هو جنهن تي چڪيءَ واري پنهنجي چڪي جي پاڻي لاءِ ڪيترائي اڻ وڻندڙ ۽ ناڪام ڪيس ڪيا هئا. ”واڪيم ايترو وڏو بدمعاش آهي جيترو پوڙهي هيريءَ ڪڏهن پيدا ڪيو هوندو“. مسٽر ٽليور چيو.

”پروڪيل واڪيم جي پٽ کي ته پٺي ۾ ڪُٻ آهي“. مسز پُليٽ چيو، ”کيس پادري ٿيڻ لاءِ موڪلڻ وڌيڪ فطري ڳالهه هئي“. ٽام ۽ ميگيءَ جي وڏي ماسڙ مسٽر گليگ کي اهو نقطو ڏاڍو اهم نظر آيو. ”واڪيم جو پٽ ڪو به ڌنڌو ڪاروبار نه ڪري سگهندو. واڪيم کيس معزز ماڻهو بڻائيندو، ويچارو“.

”مسٽر گليگ“، سندس زال وچ ۾ ڳالهايو، ”توهان چپ رهو ته بهتر“ مسٽر ٽليور کي توهان جي يا منهنجي راءِ جي ضرورت نه آهي. دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به پيا آهن جيڪي گهڻن کان گهڻو ڄاڻن ٿا“.

”هائو هائو اسين جيڪڏهن توهان جي ڪهاڻي تي اعتبار ڪريون ته منهنجي خيال ۾ ته تون به اهڙن ماڻهن مان آهين“. مسٽر ٽليور چيو.

”نه بابا، آءٌ ڇو ڳالهايان، مسز گليگ طنز ۾ چيو“، ڪنهن ڪو مون کان صلاح ورتي آهي ڇا، پر آءٌ ڏيان به ڇو؟“

”پر هاڻي اهو پهريون دفعو هوندو.“ مسٽر ٽليور چيو.

ٽام ڊاڊسن ڪٽنب تي ويو آهي. اهڙيون ڪجھ ڳالهيون جن بابت سندس سوچ واضح آهي انهن مان هڪ هي آهي ته هو، ”جيڪو به سزا جو حقدار هوندو انهي کي سزا ڏيندو ۽ جيڪڏهن هو پاڻ سزا جو حقدار هوندو ته هو پاڻ به سزا کائيندو. پر اها ڳالهه آهي ته هوءَ سزا جو حقدار نه هوندو. هو خودغرض، گهٽ پڙهيل يا غلط پڙهيل بدتميز ماڻهو آهي. ٻئي پاسي ميگي وري صحيح معنيٰ ۾ هڪ ٽليور آهي. هو ڏاڍي وٺندڙ ننڍڙي شرارتي ڇوڪري آهي. پر هن کي ٽام سان ايتري شديد محبت آهي جيتري ميري ايوانز کي پنهنجي ڀاءُ آئزڪ سان هئي. اسين بجا طور سمجهي سگهون ٿا ته انهيءَ کيس ٽام جي ڪردار جا چٽ چٽڻ ۾ مدد ڏني هوندي.

هوءَ جيتوڻيڪ ڏاڍي شوخ ۽ چنچل هوندي هئي پر پنهنجي پيءُ جي اک جو تارو هوندي هئي ۽ ڇوڪراڻي وهي ۾ اچڻ سان گڏوگڏ پنهنجي پيءُ جي مدد ۽ سهارو ٿيندي وئي. حقيقت ۾ کيس اهڙي سهاري جي ضرورت به هئي ڇاڪاڻ ته سندس بيوقوفيءَ واري ضد ۽ هوڏ سبب سندس معاملا ويا ٿي بگڙندا ۽ خراب ٿيندا. هن واڪيم خلاف هڪ ٻيو ڪيس به هارايو ۽ وري جو اها خبر پيس ته سندس چڪي سندس دشمن وٽ گروي ٿي وئي آهي ته اهڙو فالج جو حملو ٿيس جنهن مان چاق ٿيڻ ۾ به گهڻو وقت لڳي ويس. هو جڏهن چاق ٿيو ته خبر پيس ته هن جو ڏيوالو نڪري ويو هو ۽ کيس پنهنجي اجهي ۾ رهڻ لاءِ واڪم جو مئنيجر ٿي ڪم ڪرڻو پوندو. پر سندس دل شديد نفرت سان ڀري پئي هئي ۽ هڪ شام هن پنهنجي گهر واري بائيبل گهرائي ۽ ٽام کي انهي تي هٿ رکائي قسم کڻايائين ته ”ياد رکجان ته واڪيم تنهنجي پيءُ سان ڇا ڪيو هو ۽ جڏهن به وقت اچي ته کيس اهي ڳالهيون ياد ڪرائجان ۽ محسوس ڪرائجان“.

”نه بابا!“ ميگي رڙ ڪئي، توهان ٽام کان اهو لکرائي نه وٺو“. ”تون چپ ڪر ميگي“ ٽام چيو، ”آءٌ اهو لکندس“.

ڪنجوسي ڪندي ڪندي ڪيترائي ورهيه گذري ويا. انهي دوران ٽام سينٽ اوگز ۾ هڪ نوڪريءَ ۾ ڏاڍي محنت ڪئي ۽ پنهنجي پيءُ جو قرض لاهڻ لاءِ ٽڪو ٽڪو بچايائين. پوءِ هڪ ڏينهن صبح جو فلپ واڪيم پنهنجي پيءُ سان گڏ گهوڙي تي سوار ٿي چڪي تي آيو ۽ آهستي آهستي هن ۽ ميگي ۾ هڪ قسم جي محبت پيدا ٿي وئي. اهي ريڊ ڊيپس Red Deeps نالي هڪ ويران جاءِ تي ملڻ لڳا. پر انهي ڳالهه جي ٻنهي جي ماءُ پيءُ کي خبر نه هئي اهي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا هئا، هڪ ٻئي کي ڪتاب ڏيندا وٺندا هئا ۽ پاڻ ۾ ڏاڍا سٺا دوست ٿي ويا. ميگي جي عمر سورهن ورهيه ٿي وئي هئي ۽ جوان عورت لڳندي هئي. هُن لاءِ اهو لاڳاپو تمام وڻندڙ ڳالهه هئي.

پر سخت گير ٽام کي انهي جي خبر پئجي وئي ۽ هن ڏاڍي گستاخي ۽ وحشي پڻي سان فلپ کي حڪم ڏنو ته هو سندس جوان ڀيڻ کان پري رهي. ”تون جيڪڏهن سندس ويجھو وڃڻ، هن ڏانهن ڪو خط لکڻ يا سندس ذهن تي ڪو هلڪو به اثر وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ته تنهنجو ننڍڙو جسم توکي بچائي نه سگهندو. آءٌ توکي موچڙا هڻندس، توکي سرعام بي عزتو ڪندس ۽ هر ڪو اهو ٻڌي ٽهڪ ڏيندو ته تون هڪ سهڻي ڇوڪري جو عاشق ٿيو آهين“.

”ٽام آءٌ اهو برداشت نه ٿي ڪري سگهان. آءٌ وڌيڪ نه ٻڌنديس“. ميگي ڪاوڙ، ڊپ ۽ لڄ ۾ رڙيون ڪيون. ”آءٌ پنهنجي بچاءُ ۾ ڪجھ چوڻ نه ٿي چاهيان“، هن پوءِ ٽام کي چيو هو، ”مون کي خبر آهي مون غلطي ڪئي آهي. اڪثر غلطيون ڪيون آهن ۽ سدائين پئي غلطي ڪندي آهيان. جيڪڏهن تون ڪڏهن غلطي تي هجين ها ته... آءٌ ڪڏهن توکي سزا ڏيڻ نه گهران ها. پر توکي سدائين مون کي سزا ڏيڻ ۾ مزو ايندو آهي. تون سدائين مون تي سختي ۽ بي رحمي ڪئي آهي... تو ۾ ڪا به ڪهل ڪانهي....“

پر ٽام تي ڪو به اثر نه ٿيو ۽ جلدئي سندس سوڀ جي گهڙي به اچي وئي. هن پنهنجي پيءُ جي قرض جي پائي پائي لاٿي. پوڙهي ماڻهو به ڪري ڏيکاري. ٿيو ائين جو قرض خواهن جي گڏجاڻي کان پوءِ گهر موٽندي کيس واڪيم نظر اچي ويو ۽ هن انهي تي وٺي جُلهه ڪئي. ميگي ئي مار کائيندڙ وڪيل کي بچايو ۽ پنهنجي پيءُ کي هن کان پري ڪري وڃي کيس هنڌ ۾ سمهاريائين. هو مرڻ تي هو. ڇوڪريءَ کيس ليلڙاٽ ڪيو ته هو فقط ايترو چئي ته ”هن کيس معاف ڪيو. هن هاڻي سڀني کي معاف ڪيو“. نه منهنجي ڌيئڙي، جواب مليو، آءٌ کيس معاف نه ڪندس... آءٌ ڪنهن لُچ کي سٺو نه ٿو سمجهي سگهان“.

مسٽر ٽليور جي مرڻ سان پراڻو گهر اجڙي ويو ۽ ميگي ڪجھ پرڀرو ڇوڪرين جي هڪ اسڪول ۾ ڪا نو ڪري ورتي. پر هوءَ موڪل وقت سينٽ اوگز واپس ويندي هئي ۽ پنهنجي ماسات ليوسي ڊينز وٽ رهندي هئي. اتي ئي هن فلپ واڪيم سان نئين سر دوستي ڪئي جيتوڻيڪ ٽام اڃا به انهي ڳالهه کي پسند نه ڪندو هو. فلپ کي اصل وانگر هاڻي به هن سان ڏاڍي محبت هئي پر ميگيءَ جو هن ڏانهن رويو بدلجي ويو هو. ميگي جي فلپ لاءِ احساسن ۾ سدائين محبت کان وڌيڪ ڪهل ۽ رحمدلي رهي هئي. هاڻي هڪ ٻيو ۽ تمام مختلف ماڻهو سندس زندگيءَ ۾ ڪاهي آيو هو ۽ سندس چاهت جي جذبن کي لتاڙڻ لڳو هو.

سندس نالو اسٽيفن گيسٽ هو. هُو نوجوان هو، سهڻو هو ۽ خوشحال هو. هن ۽ ليوسي ڊين جي ڪيترن ورهين کان ڄڻ ته شادي طي ٿيل هئي. پر هن جي ميگي سان پهرئين ملاقات کان وٺي ئي هو هن جي سونهن ۽ شايد ته سندس تيز ذهانت سبب هن ڏانهن ڇڪجي آيو. ميگيءَ جي احساسن ۾ به ساڳئي طرح هلچل مچي وئي. حقيقت ته اها آهي ته انهن جي وچ ۾ هڪ اهڙو جذبو به پيدا ٿي ويو جيڪو تمام جنسي ڇڪ وارو هو. پر انهن ٻنهي ننڍڙي ليوسي سان وفاداري نڀاهيندي وڏي ڪوشش ڪري انهي جذبي کي حدن اندر رکيو. هڪ ڏينهن اسٽيفن ميگيءَ کي درياءَ تي پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ چڪر ڏيارڻ وٺي ويو. اهي ويا اڳتي وڌندا ويا اڳتي وڌندا تان جو دير ٿي وين ۽ موٽي نه سگهيا. انهن اها رات هالينڊ جي هڪ واپاري جهاز جي عرشي تي گذاري. جهاز وارن کين مٿي ڇڪي ورتو هو. صبح جو اسٽيفن ميگي تي زور ڀرڻ لڳو ته هو ايترو پري نڪري آيا آهن جتان واپسي ممڪن نه آهي تنهن ڪري ميگي کيس ملڻ گهرجي. اهي بنا دير شادي ڪري ڇڏيندا ۽ ٻاهر هليا ويندا. جڏهن ماڻهو سينٽ اوگز ۾ انهن بابت ڳالهائڻ بند ڪندا ته اهي پوءِ موٽي ايندا. ميگي به تقريباً قائل ٿي وئي هئي پر بلڪل آخري وقت ۾ پنهنجي عاشق جي جذباتي منٿن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيائين. کيس هن سان محبت هئي! هائو! هن اها ڳالهه تسليم ڪئي ٿي پر کيس چڱي طرح خبر هئي ته ٻي عورت جي خوشي جي قيمت تي حاصل ڪيل محبت کان بس ڀلي آهي.


ª (هيرو برطانيه جو هڪ تمام وڏو رهائشي اسڪول. اهڙن اسڪولن ۾ جيڪي شاگرد ڪلاسن ۾ پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي گهر هليا وڃن انهن کي ڊي- بئاء Day- Boy چيو ويندو هو. سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org