سيڪشن: ادب

ڪتاب: هڪ سؤ عظيم ڪتاب

باب:

صفحو:13 

انهي شام هن مٿي جي سور جو چئي ليڊي ڪيٿرائين جي گهر وڃڻ کان معذرت گهري. مسٽر ڊارسي جين جي خوشي جي سڀني اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو هو. تنهن ڪري هن کيس وري ڏسڻ نه ٿي گهريو. بهرحال مسٽر ڊارسي سندس طبيعت پڇڻ آيو ۽ هن سندس آڌرڀاءُ جيتوڻيڪ ڏاڍي بي دلي سان ڪيو ته به هن اها ڳالهه کيس ضرور ٻڌائي ته هو کيس ڏاڍو پسند ڪري ٿو ۽ کيس هن سان ڏاڍو پيار آهي. هن سندس شادي جي آڇ کي ٺڪرائيندي، جين ۽ بنگلي جي وچ ۾ جدائي ڪرائڻ ۽ هن پاران وڪهام سان خراب سلوڪ ڪرڻ تي مٿس ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيا.

ٻئي ڏينهن کيس ڊارسي جو هڪ ڊگهو خط مليو جنهن ۾ هن بنگلي جو سندس ڀيڻ سان تعلق ختم ڪرائڻ تي معافي ورتي هئي. هن انهي جو سبب اهو ڄاڻايو هو ته ”هن پنهنجي مشاهدي مطابق اهو سمجهيو هو ته جين جا سندس دوست بنگلي بابت احساس ڪنهن به جذبي کان خالي هئا“. وڪهام کي جڏهن هڪ گرجا گهر جو حلقو مليو ته وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين ۽ انهي جي بجاءِ 3000 پائونڊن جي سمجهوتي کي ترجيح ڏنائين. ڊارسي جي ڀيڻ جارجيا جڏهن پندرهن ورهين جي هئي ته هن سندس ذهن ۾ اها ڳالهه وڌي هئي ته جارجيا کي هن سان محبت آهي ۽ انهن گهر مان ڀڄي وڃڻ جي رٿا پڻ جوڙي ڇڏي هئي. ڀاڳ ڀلا ٿيا جو ڊارسي بروقت پهچي انهي ڳالهه کي روڪي ورتو هو. ايلزبيٿ جڏهن لانگ بورن ۾ پنهنجي گهر واپس آئي ته کيس انهي خط مان سوچ ويچار ڪرڻ بابت ڪافي ڳالهيون مليون.

هاڻي مليشيا به ميري ٽون ڇڏي برائيٽون وڃي رهي هئي. لڊيا جي دل ڀڄي پئي هئي پر کيس جڏهن پنهنجن دوستن ڪرنل ۽ مسز فورسٽر سان برائيٽون ۾ رهڻ جي دعوت قبول ڪرڻ جي موڪل ملي وئي ته سندس جذبا به نئين سر زنده ٿي ويا. ايلزبيٿ کي ڊربي شائير ۾ پنهنجي چاچي مسٽر گارڊينر ۽ چاچيءَ وٽ موڪلون گذارڻ جي دعوت ملي هئي. اهي پيمبرلي ۾ ڊارسي جو گهر گهمڻ ويا. تڏهن انهي جو مالڪ اتي موجود نه هو ۽ ايلزبيٿ گهرجي سونهن تي ڏاڍي موهت ٿي پئي. گهر جي نگهبان انهن کي سمورو گهر گهمايو ۽ انهيءَ پنهنجي مالڪ لاءِ ”دنيا ۾ تمام مٺڙي مزاج ۽ فياض طبيعت جو ڇوڪرو“ جا لفظ چئي ايلزبيٿ کي حيران ڪري ڇڏيو. پوءِ اهي جڏهن باغيچا ڏسي رهيا هئا ته مالڪ اوچتو اچي پهتو ۽ لڄي ٿيندڙ ايلزبيٿ پنهنجي چاچي ۽ چاچي جو هن سان تعارف ڪرايو. هنن هن بابت جيئن ته ڪافي ڳالهيون ٻڌيون هيون تنهن ڪري کيس ايترو وڻندڙ مزاج وارو ڏسي اهي ڏاڍا حيران ٿيا.

جلدئي پوءِ ڊارسي پنهنجي ڀيڻ جارجيانا کي گارڊنر ڪٽنب وٽ گهمائڻ وٺي ويو ۽ اها ايلزبيٿ کي لڄاري ۽ سادي ڇوڪري ڏسڻ ۾ آئي. بنگلي به اچي ويو ۽ ڊارسي انهن کي پيمبرلي ۾ ماني جي دعوت ڏني. ايلزبيٿ هڪ دفعو وري مسٽر ۽ مسز هرسٽ ۽ مس بنگلي سان ملي. مس بنگلي کي اها ڳالهه ڏسي ڏاڍو ساڙ ٿيو ته ڊارسي کي انهي ڳالهه جو ڏاڍو فڪر هو ته سندس ڀيڻ جي ايلزبيٿ سان سٺي واقفيت هجي.

ڊارسي جڏهن گارڊنر ڪٽنب ۾ ٻيو دفعو آيو ته ايلزبيٿ کيس اڪيلي ۽ پريشان حالت ۾ ڏسڻ ۾ آئي. هن کي ڏاڍو اونو لڳو پيو هو ۽ هن کيس اها خطرناڪ خبر ٻڌائي جيڪا جين ڪجھ وقت اڳ خط ۾ لکي موڪلي هئي. لڊيا مسٽر وڪهام سان ڀڄي وئي هئي ۽ سندس خاندان کي ڪا به خبر نه هئي ته اهي ڪيڏانهن هليا ويا هئا. اڃا وڌيڪ خراب ڳالهه اها ته انهن کي پڪ هئي ته انهن شادي به نه ڪئي هئي. مسٽر ۽ مسز گارڊنر ٻاهر ويل هئا. انهن ڏانهن هڪ نوڪر موڪليو ويو ته اهي جيترو ٿي سگهي جلد واپس اچن. ڊارسي کي جيتوڻيڪ همدردي هئي پر هو جڏهن ڪمري ۾ ڦيرا ڏئي رهيو هو ته انهي وقت ڪنهن اونهي فڪر ۾ ٻڏل لڳي رهيو هو ۽ هو جڏهن ويو ته ايلزبيٿ کي شڪ ٿيڻ لڳو ته هوءَ شايد کيس وري ڏسي نه سگهندي.

انهن جي جلدئي لانگ بورن واپسي جو بندوبست ڪيو ويو ۽ مسٽر گارڊنر واعدو ڪيو ته هو انهيءَ ڏوهاري جوڙي جي لنڊن ۾ ڳولها ڪرڻ ۾ مسٽر بينيٽ جي مدد ڪندو. وڪهام هڪ هزار پائونڊن کان مٿي جا جوا جا قرض به ڇڏي ويو هو. مسٽر بينيٽ واپس اچي ويو پر ڪا به خبر نه آندائين. پر ٻه ڏينهن پوءِ مسٽر گارڊنر جي هڪ خط مان انهن کي خبر پئي ته ان کي لڊيا ۽ وڪهام نظر اچي ويا آهن. انهن جيتوڻيڪ شادي نه ڪئي هئي پر کيس اميد هئي ته اهي جلدئي شادي ڪري وٺندا. مسٽر بينيٽ کان اها خاطري گهربل هئي ته لڊيا کي پنهنجي ماءُ پيءُ جي وفات کان پوءِ وراثت مان پنهنجو 5000 پائونڊن جو برابر جو حصو ملندو ۽ انهن جي حياتي دوران به ساليانو هڪ سو پائونڊ ملندا رهندا. هن اهو به ٻڌايو ته مسٽر وڪهام جون حالتون ايتريون خراب نه آهن جيتريون شروع ۾ سمجهيون پئي ويون پر هو جڏهن پنهنجو سمورو قرض لاهي بيهندو ته هن وٽ بنهه ٿورڙا ڪي پئسا باقي بچندا. انهي مان مسٽر بينيٽ کي اهو اندازو ٿيو ته وڪهام کي ضرور مالي مدد ملي آهي ۽ هو سوچڻ لڳو ته هو پنهنجي ڀيڻيوي جو قرض ڪيئن لاهي سگهندو.

لڊيا ۽ وڪهام شادي ڪئي ۽ اهي ٿوري وقت لاءِ لانگ بورن آيا. ايلزبيٿ کي پنهنجي ڀيڻ کان خبر پئي ته ڊارسي انهن جي شادي ۾ شرڪت ڪئي هئي. اهي جڏهن واپس ويا ته ايلزبيٿ مسز گارڊنر کي خط لکي پڇا ڪئي ته انهي معاملي ۾ ڪيتري صداقت آهي؟ سندس پڦي کيس فوراً خط لکي ٻڌايو ته مسٽر ڊارسي کي لڊيا نظر اچي وئي هئي ۽ هن ئي وڪهام جو قرض لاهي سندس شادي کي ممڪن بڻايو هو. هن اهو به لکيو هو ته مسٽر ڊارسي جي اها خواهش آهي ته اها ڄاڻ ڪنهن به صورت ۾ ٻئي ڪنهن تائين نه پهچڻ گهرجي. مسز گارڊنر هنن لفظن تي پنهنجو خط پورو ڪيو ته هوءَ مسٽر ڊارسي کي ڏاڍو پسند ڪري ٿي ۽ هن کي فقط ٿورڙي خوش مزاجي جي ضرورت آهي جيڪا ڪا سمجهدار زال کيس سولائي سان سيکاري سگهي ٿي.

مسٽر بنگلي جڏهن نيدر فيلڊ آيو ته لانگ بورن به گهمڻ آيو. هن سان مسٽر ڊارسي به گڏ هو پر هو ماٺ ۾ هو ۽ ڏاڍو لاتعلق پئي ڏسڻ ۾ آيو. اهو ڏسي ايلزبيٿ ڏاڍي مايوس ٿي. جلدئي پوءِ چارلس بنگلي ۽ جين جو مڱڻو ٿيو ۽ هڪ ٻه ڏينهن پوءِ ليڊي ڪيٿرائين ڊي بورگ فقط ايلزبيٿ کي ڏسڻ آئي. هن چيو ته هوءَ اها ڳالهه معلوم ڪرڻ چاهي ٿي ته ڇا اها ڳالهه سچي هئي ته سندس ڀيڻ جين جي تمام سٺي جاءِ تي شادي ٿي رهي هئي ۽ خود ايلزبيٿ به جلدئي سندس ڀائيٽي مسٽر ڊارسي جي ٿي ويندي.

ايلزبيٿ جو حيرت ۾ رنگ مٽجي ويو پر هن جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ليڊي ڪيٿرائين ڏاڍي ڪاوڙ ۾ هئي ۽ چوندي رهي ته اها شادي ڪڏهن به نه ٿي سگهندي. ايلزبيٿ لازماً واعدو ڪري ته هوءَ مسٽر ڊارسي سان مڱڻو نه ڪندي جنهن جو اڳ ئي سندس ڌيءُ سان مڱڻو ٿيل آهي. ايلزبيٿ اهڙو ڪو به واعدو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ليڊي ڪيٿرائين اهو چوندي رواني ٿي وئي ته هوءَ ڏاڍي ناراض ٿي آهي ۽ اهو ته ايلزبيٿ جو مقصد ڪڏهن به پورو نه ٿيندو.

مسٽر ڊارسي جڏهن ٻي دفعي نيدر فيلڊ آيو ۽ پنهنجي دوست سان گڏ لانگ بورن آيو ته ايلزبيٿ سان گهڻو وقت ڪچهري ڪيائين. هن کي سندس چاچي پاران دخل اندازي ڪرڻ تي چڙ آئي هئي ۽ انهي ڳالهه کان به انڪار ڪيائين ته ڪو هن جو پنهنجي سوٽ سان مڱڻو ٿيل آهي. انهي کان جلدئي پوءِ هن ٻيو دفعو سڱ لاءِ نياپو موڪليو ۽ اهو هن دفعي قبول ٿي ويو.

”اهو ڏينهن ڏاڍو خوشگوار هو جڏهن مسز بينيٽ پنهنجي ٻن تمام لائق ڇوڪرين مان جان آجي ڪرائي“.

پرائيڊ ائنڊ پريجوڊس کي جين آسٽن جو بهترين ناول سمجهيو وڃي ٿو. ننڍي شهر جي وچولي طبقي جي گهرو زندگي بابت هن ڪهاڻي ۾ ڪاميڊي جو عنصر سڀ کان نمايان آهي. ليکڪا جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي جو هوءَ پنهنجي منفرد بياني اسلوب جي ذريعي عام واقعن کي دلچسپ بڻائي ڇڏي ٿي. هن پاران عورتن جا ڪردار خاص طور وڏي مشاهدي جا حامل آهن ۽ بلڪل حقيقي زندگي سان مشابهت رکندڙ آهن.

هيروئين جي طبيعت سوچ ويچار واري ۽ تنقيدي آهي ۽ اهڙا واقعا ٿيندا ٿا وڃن جيڪي سندس مخصوص لاڙن کي گهرو ڪندا ٿا وڃن جڏهن ته مغرور هيرو جو هٺ پنهنجي محبوبه جي فاتح نسوانيت ڀڃي ٿي ڇڏي.

مسٽر ۽ مسز بينيٽ جي عجيب غريب ۽ بيوقوف جوڙي، کل جوڳي پادري مسٽر ڪولنز ۽ پاڻ کي ڪا شي سمجهندڙ ليڊي ڪيٿرائين ڊي بورگ جا ڪردار تمام دلچسپ ڪاميڊي مهيا ڪن ٿا.

36. اِوان هو

-- سر والٽر اسڪاٽ --

سر والٽر اسڪاٽ کي 1814ع ۾ ويورلي (Waverly) نالي پهريون ناول ڇپجڻ کان وٺي سندس پنهنجن لفظن ۾ ”ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مشهوري“ ملي آهي. هن پنجن ورهين ۾ نَوَ ناول لکيا جن مان تقريباً سڀئي اڄ به تخليقي ادب جي شاهڪارن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا. هو جيتوڻيڪ تمام گهڻو مشهور ٿي ويو هو پر دلي طور اڃا به مطمئن نه هو. هن پنهنجن سمورن ڪتابن ۾ پاڻ کي اسڪاٽلينڊي اٿي ويٺي، اسڪاٽلينڊي لهجي ۽ اسڪاٽلينڊي ڪردارن جو ماهر ڪري ڏيکاريو آهي ۽ پڙهندڙ عوام جي وڏي اڪثريت کيس نج پج اسڪاٽلينڊي ناول نگار سمجهڻ لڳي هئي. هن کي اهو رايو پسند نه هو. هن کي خبر هئي ته هن کي اها سگهه آهي جو هو پنهنجو ميدان اسڪاٽلينڊي منظرنامي کان گهڻو اڳتي وڌائي سگهي ٿو ۽ هن انهي ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. انهي جو نتيجو اوان هو (Ivanhoe) آهي جيڪو 1819ع ۾ ڇپيو.

انهي ناول بنا دير اهو اعليٰ مقام حاصل ڪري ورتو جيڪو تاريخي رومانوي ناول طور انهي جو حق هو ۽ انگريز عوام انهي کي اڃا وڌيڪ پسند ڪيو جو انهي ۾ ٿڪائيندڙ اسڪاٽلينڊي لفظ ۽ ماڻهو نه هئا. اهو سمورو انگريزي آهي ۽ اهو انگريزي لوڪ ادب جي شاهوڪار دور بابت لکيل آهي جنهن ۾ رابن هوڊ ۽ سندس ٻيلي وارا خوش باش همراهه (Merry Men)، فريار ٽڪ ۽ انگريز بادشاهن مان سڀ کان وڌيڪ رومانوي ۽ بدمعاشي وارا لاڙا رکندڙ بادشاهه رچرڊ شيردل اچي وڃن ٿا. انهي ۾ دلير سورما به آهن ۽ انهن مان ڪجھ جيترا خراب آهن اوترا ئي باهمٿ به آهن. اهي جڏهن برائي تي اچن ٿا ته تمام برا ٿي وڃن ٿا. انهي ۾ سهڻيون عورتون به آهن يا کڻي چئجي ته هڪ عورت آهي جيڪا گوري رنگ واري آهي ۽ ٻيءَ جو رنگ سانورو آهي. ۽ اسين سيڪسن نسل واري رووينا کي ريبيڪا يهودڻ تي ترجيح ڏيون يا نه پر اسان کي اها ڳالهه ضروري مڃڻي پوندي ته اهي ٻئي جيتريون سٺيون آهن ايتريون ئي سهڻيون آهن. ڪتاب ۾ رومانوي محبت به آهي ته حيواني شهوت به آهي. انهي سان گڏوگڏ لڙائي ۽ ڦر لٽ جا ڀوائتا منظر آهن، شراب نوشي جون محفلون آهن، مريضن جي تيمارداري جا احوال آهن. سازشون ڪندڙ نواب آهن ۽ صاف دل نماڻن نوڪرن جي تابعداري جو احوال به آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن اوان هُو هاڻي به سر والٽر اسڪاٽ جي سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ناولن مان هڪ آهي ته انهي تي ڪو تعجب نه هئڻ گهرجي.

ناول جي قصي جي شروعات 1194ع ۾ ٿئي ٿي. اهو رچرڊ شيردل جي ايامڪاري جولڳ ڀڳ وچ وارو دور هو ۽ ٽريويليان جي زباني اهو ”غافل ۽ غير حاضر“ بادشاهه ملڪ کان گهڻوپري ٽئين صليبي جنگ تي ويل هو ۽ انگلينڊ تي سندس ڀاءُ پرنس جان حڪومت ڪري رهيو هو. ڪجھ مهينن تائين بادشاهه بابت انهي کان وڌيڪ ڪا به خبر نه پئي ته ارض مقدس مان واپسي تي کيس سندس شديد دشمنن آسٽريا ۾ قيد ڪري ورتو آهي. پرنس جان ۽ سندس مطلب پرست پيروڪار سردارن کي انهي خبر کان وڌيڪ ڪا به ڳالهه خوشي نه ڏئي ها ته رچرڊ ڪنهن ڏورانهين ملڪ جي اونداهين کوليءَ ۾ قتل ٿي ويو آهي. پر حقيقت اها هئي ته هن کيس قيد ڪندڙن سان هڪ معاهدو ڪري ورتو هو ۽ هو ويس مٽائي انگلينڊ ۾ ئي موجود هو. قصو جڏهن پنهنجي عروج تي پهچندو ته پڙهندڙ کي انهيءَ چمڙا پوشي جو مقصد سمجهڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿيندي.

اسڪاٽ جي ٻين سڀني ناولن وانگر اوان هو به آهستگيءَ سان شروع ٿئي ٿو ۽اڌ ڊزن باب گذرڻ کان پوءِ ئي اسين ناول جي انتهائي دلچسپ ٽڪرن تائين پهچون ٿا. اهو اشبي- ڊي- لا- زوچ ۾ هڪ وڏي دوبدو مقابلي جو احوال آهي. انهي ۾ اسڪاٽ وچئين دور جي مروت ۽ مردانگي جي شان و شوڪت ۽ آب و تاب جا چٽ تمام ڪاميابي سان چٽيا آهن. اهو مقابلي جو ٻيون ڏينهن هو ۽ حصو وٺندڙ ٻن حريف جٿن ۾ ورهايا بيٺا هئا جو ميدان تي هڪ گهوڙي سوار اچي ويو، ”هن کي ڪاري رنگ جي ذره بڪتر جسم تي هئي، مشڪي رنگ جي گهوڙي تي سوار هو، گهوڙو به تمام ڊگهو ۽ قد بت ۾ تمام وڏو هو ۽ پنهنجي سوار وانگر هر لحاظ کان مضبوط ۽ سگهارو هو. انهيءَ سورمي جي ڍال تي ڪنهن به قسم جو سڃاڻپ جو نشان يا علامت نه هئي ۽ هن ڪجھ وقت لاءِ ويڙهاند ۾ ڪو به حصو نه پئي ورتو فقط پاڻ تي ٿيندڙ وارن کي تمام سولائي سان روڪي پئي ڇڏيائين. پر جڏهن سندس پارٽيءَ جي اڳواڻ تي اوچتو شديد حملو ٿيو ته ڪاري سورمي (کيس انهي نالي سان سڏيو پئي ويو) جو رويو تبديل ٿي ويو. هو پنهنجي گهوڙي کي اڙيون هڻندو وڄ وانگر هن جي مدد لاءِ پهچي ويو ۽ ڪجھ ئي گهڙين ۾ دهمان ڪندڙ نارمن نسل جي نواب فرنٽ- ڊي- بوئف (Front-de-Boeuf) کي پنهنجي تلوار سان مٿي ۾ اهڙو ته ڌڪ هنائين جو گهوڙو ۽ سوار ٻئي وڃي پٽ تي پيا. ڪاري سورمي جي پارٽي جي سردار تي سيڪسن نسل جو جاگيردار اٿيلسٽين آف ڪوننگز برگ ٻئي پاسي کان وار ڪري رهيو هو. ڪاري سورمي سندس ئي هٿن مان کسيل جنگي ڪهاڙي جو کيس اهڙو ته ڌڪ هنيو جو اهو به اچي پٽ تي ڪريو. انهي کان پوءِ سوڀارو سورهيه ماٺ ميٺ ۾ پنهنجين صفن جي پڇاڙيءَ ڏانهن ويو هليو ۽ مقابلي جي پڄاڻي تائين اتي ئي رهيو ۽ پوءِ ڪنهن جو به ڌيان ڇڪرائڻ کان سواءِ گهوڙي جي واڳ ورائي ماٺ ميٺ ۾ جهنگ ڏانهن ويو هليو. پڙهندڙ کي خبر پئجي وئي هوندي ته ڪارو سورمو ٻيو ڪو به نه پر شيردل پاڻ هو. هو اهو به سوچيندو هوندو ته پرنس جان جيڪڏهن کيس نه سڃاتو آهي ته انهي جي مٿس ڪا ميار به نه هئڻ گهرجي.

ڪاري سورمي انهي يادگار ميدان تي جنهن ماڻهو کي بچايو هو اهو به گمنام آهي. سندس ڍال تي فقط شاهه بلوط جون پاڙئون پٽيل ننڍڙو وڻ ٺهيل هو ۽ انهي جي هيٺان اسپيني ٻولي جو لفظ لکيل هو جنهن جي معنيٰ آهي Disinherited (وراثت کان محروم رکيل). هتي وري به اهو پڙهندڙ جيڪو پنهنجي ناول نگار کان چڱي طرح واقف آهي انهي کي جلدئي خبر پئجي ويندي ته وراثت کان محروم سورمو اهو هيرو آهي جنهن جو نالو ناول تي رکيل آهي.

اوان هو (اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته) سيڊرڪ جو پٽ هو. جيڪو سيڪسن اميرن مان هو، هو انهي علائقي ۾ ڪجھ زمينون ۽ ڪجھ رعايتون پاڻ وٽ رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو جنهن کي نارمن فاتحن پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيو هو. سندس رهائش يارڪ شائر ۾ ڊان ماٿري ۾ روٿر ووڊ (Rother wood) ۾ هئي جتي هو پنهنجن ٻيلين سان گڏ ڳوٺاڻي شان شوڪت سان رهندو هو ۽ ڏينهن رات اهي بيوقوفاڻا خواب ڏسندو هو ته هڪ صدي کان به وڌيڪ عرصو اڳ ختم ٿيل سيڪسن خاندان جي بادشاهت وري بحال ٿيندي. (سيڪسن سيڊرڪ (Cedric the Saxon)کيس هر هنڌ انهي نالي سان سڏيو ويندو هو) هو ليڊي رووينا نالي هڪ نوجوان سهڻي سيڪسن عورت جو نگهبان مقرر ٿيل هو. سيڊرڪ پنهنجي لاءِ جنهن اعليٰ حسب نسب جي دعويٰ ڪندو هو رووينا انهي کان به اعليٰ خاندان واري هئي بادشاهه الفريڊ جي نسل مان هئي ۽ سيڊرڪ جي رٿا اها هئي ته هو کيس اٿيلسٽين آف ڪوننگز برگ سان پرڻائيندو ڇو ته سيڊرڪ پنهنجي ذهن ۾ اهو تصور ڪيون ويٺو هو ته سيڪسن جڏهن نارمنن کي هڪالي ڪڍندا ۽ پنهنجي آزادي جو اعلان ڪندا ته اٿيلسٽين بادشاهه ٿيندو. رووينا کي اهي تجويزون ڪڏهن به پسند نه هيون ۽ هوءَ اٿيلسٽين سان اتحاد جي منظر مان خوش ٿيڻ بجاءِ (جيڪو وڏي قدبت سان بهادر پر ڪاهل ۽ پيٽو شخص هو) سيڊرڪ جي پٽ اوان هو سان شادي ڪرڻ جي اوسيئڙي ۾ هئي. مٿس اهو نالو انهي نالي واري جاگير جي پٺيان پيل هو جيڪا سندس نالي ٿيل هئي. سندس اصل نالو ولفريڊ هو. سيڊرڪ پنهنجي پٽ کان تمام گهڻو ڪاوڙيل هو. سندس ڪاوڙ تڏهن ويتر وڌي وئي جڏهن هن پنهنجون خدمتون ڪنگ رچرڊ جي حوالي ڪيون ۽ ان سان گڏ صليبي جنگ تي ويو هليو.

اواهون به پنهنجي شاهي آقا وانگر لڪ ڇپ ۾ انگلينڊ اچي ويو ۽ ڪتاب جي شروعاتي بابن ۾ هو ارض مقدس مان واپس آيل ڪيترن ئي مقابلن ۾ ساراهه ۽ واکاڻ جو حقدار ٿيو. هن جي سڃاڻپ ايستائين ڳجھي رهي جيستائين کيس مقابلي جي راڻي ليڊي رووينا کان پنهنجي دليري ۽ بهادري تي اعزاز وارو گلن جو گجرو وٺڻ لاءِ سڏ ٿيو. مقابلي جي منتظمن کيس پنهنجو ٽوپلو لاهڻ لاءِ چيو ته ليڊي رووينا کيس سڃاڻي ورتو ۽ هن کان هلڪي رڙ نڪري وئي پر پوءِ هن پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ گلن جو گجرو سندس جهڪيل مٿي تي رکيو. ”سورما سائين! آءٌ اڄوڪي ڏينهن جي فاتح قرار ڏنل کي بهادري جي انعام طور هيءُ گجرو عطا ڪريان ٿي“. هن چيو، ”مروت ۽ مردانگي جو هار سجائڻ لاءِ اوهان کان وڌيڪ اهل ڪو ٻيو نه هوندو“. اهو سورمو هاڻي اوان هو طور سڃاپجڻ کان پوءِ ليڊي جو هٿ چمڻ لاءِ هيٺ جهڪيو ۽ پوءِ اوچتو وٽجي سندس پيرن ۾ اچي ڪريو. پوءِ خبر پئي ته هن جنهن مقابلي ۾ پاڻ کي ايترو نمايان ڪري ڏيکاريو هو انهيءَ ۾ هو ڏاڍو زخمي ٿي پيو هو.

اوان هو کي جيڪڏهن آئزڪ آف يارڪ جي ڌي سهڻي ۽ نوجوان يهودڻ ريبيڪا ماهراڻي توجه نه ڏئي ها ته هو فوت ٿي وڃي ها. هوءَ ۽ سندس پيءُ ڪجھ ڏينهن اڳ اوان هو جا دوست ٿيا هئا ۽ هاڻي جڏهن اوان هو زمين تي ڪري پيو ته هن پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڪيو ته هو کيس مٿي کڻڻ ۽ سندس رهائش تي کڻي هلن. اتي پهچي هن سندس زخم جي چڪاس ڪئي ۽ انهي تي ڦٿ ڇٽائيندڙ ملم هنئي. هن اها پنهنجي دوائن واري خاص خاني ۾ رکي هئي ”سهڻي ريبيڪا جي پرورش دوران کيس پنهنجي قوم واري خاص سڀ ڪا ڄاڻ ڌيان سان ڏني وئي هئي ۽ هن طب جي ڄاڻ ۽ مرض ڇڏائڻ جو فن هڪ پيرسن يهودڻ کان سکيو هو. اها انهن جي هڪ مشهور ڊاڪٽر جي ڌيءَ هئي جيڪو ريبيڪا کي سندس پنهنجن ٻارن وانگر پيار ڪندو هو....“

ناول ۾ ريبيڪا جو ڪردار تمام دلچسپ آهي ڇاڪاڻ ته اهو ئي حقيقت جي سڀ کان وڌيڪ ويجھو آهي ۽ اسڪاٽ هڪ نوجوان يهودڻ جو ايترو وڻندڙ ۽ هاڪاري پورٽريٽ پيش ڪري يهودين جي خلاف موجود تعصب کي تمام ڌڪ هنيو آهي. ”ريبيڪا جي شخصيت جي“، هو لکي ٿو، ”شايد انگلينڊ جي سڀ کان وڌيڪ مغرور حسينا سان ڀيٽ ڪري سگهجي پئي، سندس جسم تمام متناسب هو ۽ مشرقي لباس ۾ تمام سٺو لڳندو هو جيڪو هوءَ پنهنجي قوم جي فيشن مطابق پهريندي هئي. سندس ڦِڪي رنگ جي پٽڪي سندس سانوري رنگ تي ڏاڍي ٺهندي هئي. سندس اکيون چمڪدار، اکين جي ڀرن جي ڪمان عاليشان ۽ نڪ باز جي چهنب وانگر هوندو هو. سندس ڏند موتين جهڙا اڇا هوندا هئا ۽ سندس سمور جي ڪوٽ جا بُج ونگوڙاڪيون سندس سهني ڳچي تي پيا هوندا هئا. سندس تمام قيمتي ايراني ريشم جي ڪوٽيء تي واڱڻائي پس منظر ۾ فطري رنگن ۾ گل اڀريل هوندا هئا. سونهن ۽ سوڀيا جون اهي سڀ ظاهري علامتون اهڙي ته دلبري ۽ نزاڪت پيدا ڪنديون هيون جيڪا سندس آسپاس موجود وڌ کان وڌ سهڻي عورت کي به نصيب نه هوندي هئي“.

هوءَ اشبي جي مقابلي ۾ اهڙي انداز ۾ ظاهر ٿي هئي ۽ پرنس جان جيڪو عورتن جو وڏو ڄاڻو هو انهي کيس ڏسي رڙ ڪئي هئي ته: ”اها يهودڻ اهڙي ڪماليت جو هوبهو مثال آهي جنهن جو حسن سڀ کان ڏاهي بادشاهه کي به چريو ڪري ڇڏيندو آهي. پر اها ريبيڪا جي بدقسمتي هئي جو کيس هاڻي گهڻو وقت اڳ فوت ٿيل سلمان نه پر تمام جذباتي بريان ڊي بوئي گلبرٽ (Biran de Bois- Guilbert) کي منهن ڏيڻو هو جيڪو ٽيمپلر سورمن جي سلسلي جو فوجي راهب هو. اهو دلير بدمعاش کيس ٽارڪئل سٽون جي قلعي ۾ کڻي ويون جتي هن سان محبت جو اظهار ڪري سندس بي عزتي ڪيائين. هن سندس پيش قدمي کي ڌڪاري ڇڏيو ۽ هن جڏهن سندن هيرا جواهر ۽ تاوان طور ڏنل وڏي رقم به قبول نه ڪئي ته هن رڙ ڪئي: ”توکي جيڪڏهن منهنجي دولت نه ته ٻيو ڇا گهرجي؟ اسان ۾ ته ڪو به مشترڪ قدر نه آهي، تون عيسائي آهين، آءٌ يهودڻ آهيان. اسان جو ميلاپ چرچ توڙي صومعي ٻنهي جي قانونن جي خلاف آهي“.

جيڪڏهن ائين ئي آهي ته: ”ٽيمپلر وڏو ٽهڪ ڏيندي وراڻيو: ”آءٌ ڪنهن يهودڻ سان ئي شادي ڪندس ۽ صهيون جي پياري ڌيءَ اها به خبر هجئي ته جيڪڏهن سڀ کان وڏو عيسائي بادشاهه مون کي پنهنجي ڪٽر عيسائڻ ڌي جي سڱ جي آڇ ڪندو ته به آءٌ هن سان شادي نه ڪندس. ڪنهن ڪنواري سان محبت منهنجي سلسلي جي حلف جي ئي خلاف آهي. هائو! آءٌ ڪنهن پرڻيل عورت سان ئي محبت ڪندس جيئن توسان محبت ڪريان ٿو. آءٌ ٽيمپلر آهيان. هي منهنجي مقدس سلسلي جي صليب ڏس“.

”ڇا تون اهڙي موقعي تي“ جذبات ۾ ڀريل ڇوڪري ورندي ڏني،“ صليب کي ياد ڪري سگهين ٿو؟.

هائو ٽيمپلر ائين ڪري سگهيو ٿي. ”تون منهنجي نيزي ۽ ڪمان جي قيدي آهين“، هن کيس ياد ڏياريو، ”۽ دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي قانون جي لحاظ کان منهنجي مرضي جي تابع آهين“، آءٌ پنهنجي حق کان هڪ منٽ به پٺتي نه هٽندس نه ئي انهي شي کي زور زبردستي سان به حاصل ڪرڻ کان مڙندس جنهن کان تون انڪار ڪرين ٿين“.

”پٺتي رهه“، ”ريبيڪا رڙ ڪئي“، پٺتي بيهه ۽ اهڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ کان اڳ منهنجي ڳالهه ٻڌي وٺ! تون ٿي سگهي ٿو ته منهنجي طاقت تي غالب ٿي وڃين ڇاڪاڻ ته خدا عورتن کي هيڻو خلقيو آهي ۽ انهن جي حفاظت مردن جي حوالي ڪئي آهي. پر اي ٽيمپلر! آءٌ يورپ جي هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين تنهنجي بڇڙائي جو اعلان ڪرائي ڇڏينديس....“ انهي بدمعاش ڏاڍي حقارت سان چيو، تنهنجو آواز ڀلي ڪيترو به تيز ڇو نه هجي اهو هن قلعي جي لوهي ڀتين کان پري نه ٻڌي سگهبو. اتي يهودڻ دري مان ٻاهر قلعي جي چوڌاري کاهي ۾ ٽپ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وئي.

بهرحال وقتي طور ته ريبيڪا بچي وئي جو اتي ٽيمپلر کي سڏ ٿيو ته ڦورن جي لشڪر قلعي جو محاصرو ڪيو هو. تنهن ڪري هو اچي قلعي جي دفاع ۾ حصو وٺي. انهي لشڪر ۾ ٻيلي مان آيل ماڻهو هئا جن جي اڳواڻي رابن هوڊ ۽ ڪارو سورمو (Black knight) ڪري رهيا هئا. اسڪاٽ پاران قلعي جي محاصري ۽ قبضي جي بيان مان سندس عسڪري بيان جي قوت بهترين روپ ۾ ڏسي سگهجي ٿي پر انهي سان هڪ يا ٻن پيراگرافن ۾ انصاف نه ٿو ڪري سگهجي. هاڻي اسين وري ٽيمپلر کي ڏسون ٿا جيڪو ريبيڪا کي جهڙپ هڻي ٿو ۽ کيس حملي آورن جي بي ترتيب صفن مان ڪڍي ٽيمپلس اسٽو Templestowe ۾ ٽيمپلرن جي ڳڙهه ۾ کڻي وڃي ٿو. اتي به هو ريبيڪا جي هوس ۾ مدهوش ٿي پنهنجون ميلاپ جون آڇون ورجائي ٿو.... جيڪڏهن کيس پنهنجي سلسلي مان نيڪالي ڏني وئي ته ڇا ٿي پيو؟ هو مشرق ۾ پنهنجي رياست قائم ڪري وٺندو ۽ اتي ريبيڪا راڻي ٿي راڄ ڪندي... يهودڻ وري به سندس پيش قدمين کي ٿڌي ٿي ڇڏي ۽ بوئي گلبرٽ ڪجھ به ڪري پر کيس جادوگري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪيس کي منهن ڏيڻ کان نه ٿو روڪي سگهي ڇاڪاڻ ته هن نه فقط اوان هو جي جان جادو ذريعي بچائي هئي پر ٽيمپل جي انهي تمام اعليٰ مرتبي واري سورمي تي به جادو ڪري ڇڏيو هو. هن کي زنده ساڙڻ جي سزا ڏني وڃي ٿي. پر انهي سزا کان بچڻ جو هڪ رستو کليل هو: هن کي اهو حق آهي ته هوءَ اهڙو ڪو به سورمو چونڊي جيڪو دوبدو مقابلي جي ذريعي سندس معصوميت ثابت ڪري. بوئي گلبرٽ کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته الزام هڻندڙ جو سورمو ٿئي ۽ بلڪل آخري لمحي ۾ اوان هو يهودڻ جو سورمو ٿيڻ لاءِ منظر تي اچي ٿو. اهي وڙهن ٿا ۽ ٻئي هيٺ ڪري پون ٿا. اوان هو جلدئي اٿي بيهي ٿو ۽ پنهنجي تلوار ٽيمپلر جي ڳچي تي رکي ٿو. پر بوئي گلبرٽ اڳي ئي مري ويو آهي. ”هو پنهنجي ذات ۾ برسر پيڪار جذبن جي شدت جو شڪار ٿي ويو آهي“. اهڙي طرح ريبيڪا زنده سڙي مرڻ کان بچي وئي. انهي سزا کي وهم پرست ماڻهن جي ميڙ خدا جو فيصلو سمجهيو ٿي.

پوءِ ڇا هن اوان هو سان شادي ڪئي؟ ”گوري يهودڻ جي ڪردار کي“- ڇا اسڪاٽ کان اها ڳالهه وسري وئي ته هو ته کيس سانورو رنگ ڏئي آيو آهي؟- ڪجھ سفيد چمڙي وارن پڙهندڙن جي اکين ۾ ايتري ته پسنديدگي ملي جو ليکڪ تي وڏي پڪڙ ٿي ڇاڪاڻ ته هن ڊرامي جي ڪردارن جي قسمتن جو تعين ڪندي ولفريڊ (اوان هو) جو هٿ ريبيڪا بجاءِ گهٽ دلچسپ رووينا کي ڏنو هو. پر اها ڳالهه به بيان ڪرڻ ضروري آهي ته انهي دور جي تعصبن سبب اهڙو ميلاپ ناممڪن هو ۽ ليکڪ هلندي هلندي اها راءِ ڏئي سگهي پيو ته سندس خيال ۾ نيڪي جو بدلو دنياوي خوشحالي ڏيڻ جي ڪوشش ۾ اهڙي تمام پاڪباز ۽ اعليٰ ڪردار کي مهانتا ڏيڻ بجاءِ ويتر انهيءَ جو رتبو گهٽائي ڇڏي ها....“

بهرحال، اها ڳالهه جيئن به هجي ۽ خود اسڪاٽ به لڳي ٿو ته بحث جي اهڙي اعليٰ انداز مان ڪڏهن به مطمئن نه ٿئي ها ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي آخري صفحي تي لکي ٿو ته: ”اهو سوال پڇڻ گهڻي تجسس جي زمري ۾ ايندو ته ڇا ريبيڪا جي سونهن ۽ عالي ظرفي جي ياد اوان هو جي ذهن ۾ انهي کان گهڻي ته نه پئي آئي جيتري جيڪر الفريڊ جي گوري رنگ واري ٻار کي قبول هجي ها“.

37. سيموئيل پيپيز جي ڊائري

 

سيموئيل پيپيز 70 ورهين جي ڄمار ۾ 1703ع ۾ ڪليپهام ۾ پنهنجي ڳوٺاڻي گهر ۾ فوت ٿيو. هو اتي ڪيترن ورهين کان رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو هو. کيس تاج برطانيه جي هڪ معزز ۽ وڏي عهدي واري عملدار طور ياد ڪيو وڃي ٿو. هو اها دعويٰ ڪري سگهيو ٿي ته هو برطانوي نيوي ۾ نوڪري ڪندڙ بهترين منتظمن مان هڪ هو. انهي سان گڏوگڏ هو موسيقي جو سرپرست، سن 1684ع ۾ رائل سوسائٽي جو صدر ۽ جان ايولين ۽ ڊرائيڊن جو دوست هو.

سندس پيءُ هڪ اهڙي قديم ننڍي آبادگار ڪٽنب ۾ ڄائو هو جيڪو ترقي ڪندو ڪندو معزز ماڻهن جي ڳڻپ ۾ آيو هو. هو پنهنجي پيءُ جو ننڍو پٽ هو جنهن کي زوريءَ ڪاروبار ۾ آندو ويو هو. هو لنڊن ۾ درزڪو ڪم ڪندو هو. سيموئيل پيپيز نوڪري جي لحاظ کان خوش قسمت ٿيو جو هو هنٽنگڊن جي مانٽيگ ڪٽنب جو مائٽ هو. اوليور ڪرامويل جو دوست ايڊورڊ مانٽيگ گهرو لڙاين کان پوءِ ڪامن ويلٿ فليٽ جوائڊ مرل ٿيو ۽ سيموئيل پيپيز جيئن ئي ڪئمبرج يونيورسٽي مان تعليم پرائي موٽيو ته ايڊورڊ مانٽيگ کيس پنهنجو پرائيويٽ سيڪريٽري ۽ گهريلو ڪمن جو مئنيجر مقرر ڪيو. هو يونيورسٽي ۾ به وظيفن تي پڙهيو هو. هن کيس ايڪسچيڪر جي ڪلارڪي به وٺرائي ڏني. اها انهي دور جي سول سروس جي هڪ ننڍڙي نوڪري هئي.

ڪرامويل جي وفات کان پوءِ مانٽيگ جلدئي بادشاهت جي واپسيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. هو مئي 1660ع ۾ چارلس ٻئين کي انگلينڊ واپس آڻڻ پاڻ هالينڊ ويو ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجو نوجوان سيڪريٽري به وٺي ويو. بادشاهه انهي تي ڏاڍو احسان مند ٿيو ۽ مانٽيگ کي جلدئي پوءِ نائيٽ آف دي گارٽر (انگلستان جي نوابن جو سڀ کان اوچو درجو. سنڌيڪار) ۽ پوءِ ارل آف سئنڊوچ ڪيائين. سندس نوجوان مائٽ کي ڪلارڪ آف دي ائڪٽس جو عهدو مليو. حقيقت ۾ اهو بورڊ آف ائڊمرلٽي جو هڪ منصب هو ۽ انهي سان سندس طاقت ۽ اختيار ۾ اوچتو تمام گهڻي واڌ اچي وئي هئي ڇاڪاڻ ته اهو سول سروس جي نئين نظام ۾ انڊر سيڪريٽري جي برابر هو. انهي سان پيپيز جي دولت ۾ به واڌارو اچي ويو هو ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي دور جي ٻين آفيسرن وانگر پنهنجو عهدو ڪتب آڻيندي ننڍن وڏن ماڻهن کي رعايتون ڏيندي پنهنجي لاءِ پئسو ٿي ڪمايو. هن انهيءَ دور ۾ جائز سمجهيا ويندڙ ذريعن سان ڪافي دولت گڏ ڪئي. هن جيڪڏهن پنهنجي عهدي مان پئسو ٿي ڪمايو ته سٺي نموني ڪم به ڪيو ٿي ۽ جلدئي چارلس ٻئين جي هڪ تمام لائق عملدار طور سڃاتو وڃڻ لڳو. پيپيز کي اڳ ۾ ڊيوڪ آف يارڪ ۽ پوءِ جيمز ٻئين جي سرپرستي ملندي رهي هن کي جيئن ته نيوي ڏانهن تمام گهڻو لاڙو هو تنهن ڪري هن سرڪاري ٻيڙين کي رسد پهچائڻ جو بهتر نظام متعارف ڪرايو ۽ نيويءَ جي سيکڙاٽن بجاءِ تجربيڪار آفيسرن جي حمايت ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي.

سن 1667ع ۾ شرمناڪ واقعي کان پوءِ جڏهن سامونڊي جهازن جي وڏي حصي کي هالينڊ جي جهازن باهه ڏئي ڇڏي ته نيوي لاءِ وڌيڪ باقاعدي (regular) فنڊ حاصل ڪيا ويا جن جي مدد سان ڊيوڪ ۽ پيپيز وڌيڪ موثر نموني ڪم ڪري پئي سگهيا. پيپيز عملي طور جيمز جي ماتحتي ۾ نيوي جو وزير هو پر 1688ع جي شاندار انقلاب سان پيپيز جي سرڪاري نوڪري ختم ٿي وئي. انهي انقلاب ۾ جيمز ٻئين کي فرانس فرار ٿيڻ تي مجبور ٿيڻو پيو ۽ وليم ۽ ميري تخت نشين ٿيا.

پيپيز هڪ پيوريٽن پيءُ جو پٽ هو جنهن اسڪول جي دور ۾ چارلس ٻئين کي قتل جي سزا ايندي ڏٺو هو. هن تي اڳتي هلي پاپائيت جي حمايت جو الزام به لڳو ۽ 1690ع ۾ جيڪوبي سازش جي الزام هيٺ مختصر عرصي لاءِ قيد به ڪيو ويو هو. پر اهڙا معمولي لوڏا انهي دور جي سرڪاري عهدا رکندڙ ماڻهن لاءِ عام ڳالهه هئا ۽ سيموئيل پيپيز جو سرڪاري نوڪري جو سفر مجموعي طور تمام ڪامياب رهيو. انهي مان اهو به ثابت ٿيو ٿي ته اسٽورٽ دور ۾ هٿين خالي پر غيرمعمولي صلاحيتون رکندڙ ماڻهو ٿوري گهڻي ڀاڳ جي ٽيڪ سان اعليٰ منصب تي پهچي سگهيو ٿي.

پر سيموئيل پيپيز اسان لاءِ ڪا گهڻي احترام لائق شخصيت نه آهي. هن جو شمار لافاني ماڻهن ۾ ٿئي ٿو پر انهي جو سبب اهو ڪڏهن به نه آهي جيڪو سندس هم عصرن سوچيو هوندو. هن پنهنجي وفات کان پوءِ پنهنجن تمام قيمتي ڪتابن تي ٻڌل ڪتب خانو پنهنجي ڪئمبرج واري پراڻي ڪاليج کي ڏيڻ جي وصيت ڪئي ۽ انهن ۾ چمڙي جي جلد سان ڇهه مخطوطا پڻ هئا. اها 1659ع کان 1669ع جي دوران لکيل ڊائري هئي. جيئن ته جان ايولين جي ڊائري ڪجھ وقت اڳ ڇپجي چڪي هئي ۽ نقادن انهيءَ جو آڌرڀاءُ ڪيو هو تنهن ڪري ميگڊالين جي سربراهه 1818ع ۾ انهي ڊائري جي به ڇپجڻ جو فيصلو ڪيو.

پيپيز جي ڊائري تمام سنهن اکرن ۾ لکيل هئي پر اها عام رواجي انگريزي بجاءِ 1641ع ۾ ايجاد ٿيل شارٽ هئنڊ جي هڪ نسبتاً سادي نظام ۾ لکيل هئي. اهو نظام جيئن ته تمام سادو هو ۽ پيپيز نه پئي چاهيو ته سندس آسپاس موجود ڪو به ماڻهو اها ڊائري پڙهي سگهي تنهن ڪري هن اهڙا ڪجھ خاص ٽڪرا جن کي هن خاص طور ڏکيو رکڻ ٿي چاهيو انهن ۾ لاطيني، فرانسي ۽ پورچوگالي جا به ڪيترائي لفظ شامل ڪيا. ڊائري جو مطلب سمجهڻ ۾ ڪجھ وقت لڳي ويو. ڊائري جو تمام مختصر ڇاپو 1825ع ۾ شايع ٿيو. پر انهي کان اڳ جن ماڻهن انهي جو مڪمل متن ڏٺو هو انهن جي خيال ۾ انهي ۾ سرڪاري ڪاروهنوار کان وڌيڪ ٻيون به ڪافي دلچسپ ڳالهيون موجود هيون. ڊائري مان هڪ انسان تمام مڪمل نموني ظاهر ٿئي ٿو جيڪو پاڻ بابت ۽ پنهنجي ڪارگذارين جو بيان تمام جاندار ۽ تمام طويل نثر ۾ ڏئي ٿو. اها ايتري ته کليل نموني ۾ لکيل آهي جنهن جو مثال ٻي ڪنهن به آتم ڪهاڻي ۾ نه ٿو ملي. وڪٽوريائي دور ۾ اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ جهڙي هئي ته پهريون ايڊيٽر انهي ڳالهه جو اعتراف ڪري ڇڏيندو ته هن تمام کليل انداز ۾ لکيل ڳالهيون حذف ڪري ڇڏيون آهن. ڊائري جو نَون جلدن تي ۽ معقول حد تائين مڪمل ڇاپو صدي جي آخر ۾ هلي شايع ٿيو.

هاڻي پيپيز جي ڊائري کي ڪنهن به لحاظ کان ڪو اعترافي بيان نه ٿو سمجهيو وڃي نه ئي هي ڪو اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ ليکڪ ڄاڻي واڻي پنهنجين اهڙين ڪمزورين تي زور ڏئي ٿو جن کي هو کولي بيان ڪرڻ چاهي ٿو يا جن بابت هو ڪا معذرت ڪرڻ گهري ٿو. انهيءَ جي ابتڙهي 1659ع کان 1669ع تائين ڏهن ورهين جي روزاني زندگي جو هڪ ايمانداريءَ سان ڏنل بيان آهي. جنهن ۾ هن ائڊمرلٽي ۾ پنهنجين ڪاميابين، نيوي جي بگڙيل حالتن ۾ نظم ضبط پيدا ڪرڻ ۽ هن جن سياسي ۽ سماجي سازشن ۾ حصو ورتو انهن جو بيان ڏنو آهي. انهي سان گڏوگڏ هن اهو به بيان ڪيو آهي ته ڪيئن نه سندس وڌندڙ خوشحالي مان کيس خوشي ملي ٿي، هو پاڻ يا پنهنجي زال لاءِ جيڪي سٺا سٺا ڪپڙا وٺي ٿو، پنهنجن دوستن کي جيڪي سٺا سٺا کاڌا کارائي ٿو ۽ جيڪي ڪارآمد واقفيتون پيدا ڪري ٿو انهن مان پڻ کيس خوشي ملي ٿي. اسين هن ڪتاب ۾ هڪ اهڙي غيرمعمولي سگهاري ماڻهو سان ملون ٿا جيڪو پنهنجي دور ۾ زندگي گذاريندي ڏاڍو خوش آهي. هو انهي لحاظ کان به غيرمعمولي آهي جو هو جيتوڻيڪ اڳتي وڌڻ جي خواهش رکي ٿو ۽ مختلف مزاجي ڪيفيتن مان به گذري ٿو پر ته به هر وقت خوش رهي ٿو. پيپيز جسماني طور جيتوڻيڪ سگهو ماڻهو نه هو ته به سن 1665ع جي خوفناڪ اونهاري جي مند ۾ جڏهن لنڊن تي طاعون حملو ڪيو هو تڏهن به پنهنجي عهدي تي ڪم ڪندو رهيو. هو جيئن ته شاهي دربار ۽ شاهي عملدارن سان لاڳيتو رابطي ۾ هو تنهن ڪري طاعون جي تباهه ڪارين کان چڱي ريت واقف هو جنهن فقط آگسٽ جي هڪ هفتي ۾ ست هزار ماڻهو ماري ڇڏيا هئا. هن انهن ڏينهن ۾ هڪ گهوڙي گاڏي ڀاڙي تي ڪرائي ته ڊرائيور اوچتو انهي مرض ۾ وٺجي ويو. هو هڪ دفعو رات جو وڃي رهيو هو ته هڪ لاش تان ٿاٻڙجي ڪريو ۽ عهد ڪري ڇڏيائين ته وري ڪڏهن اونداهي ۾ ٻاهر نه نڪرندو. ”يا خدا“، هو لکي ٿو، ”هر ماڻهو ڪيئن ٿو نظر اچي، گلين بازارن ۾ فقط موت جون ڳالهيون آهن، ٻي ڪا به ڳالهه نه آهي، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪي ماڻهو ايندي ويندي نظر اچن ٿا ۽ شهر ڪنهن وڌي تڪليف ۾ ورتل ٿو نظر اچي“. طاعون جي دور ۾ توڙي ايندڙ سال 1666ع ۾ لنڊن جي وڏي باهه دوران به سامونڊي ٻيڙي جا معاملا سندس ذهن تي حاوي رهن ٿا. اهو تمام وڏو واقعو پيپيز جي ذهن تي ڏاڍو اثر وجھي ٿو ۽ باهه آهستي آهستي جڏهن سندس گهر جي ويجهو پهچي ٿي ته هو پنهنجو سون ۽ ٻيو قيمتي سامان بينئل گرين ۾ پنهنجي هڪ دوست جي گهر موڪلي ٿو ڇڏي. سندس بيان ڊرامائي، تز ۽ ڪنهن اعليٰ ادبي ذوق واري قلم مان نڪتل ٿا لڳن.

باهه جي پهرئين ڏينهن 2 سيپٽمبر تي، هو لکي ٿو ته سندس ڪجھ نوڪرياڻيون جيڪي ٻئي ڏينهن جي ماني لاءِ ڪنهن شي جي تياري ۾ رات جو دير تائين ويٺيون هيون انهن کيس صبح جو ٽين وڳي سڏ ڪري ٻڌايو ته انهن کي شهر ۾ تمام وڏي باهه پئي نظر اچي. هو پهرئين ڏينهن صبح کان شام تائين باهه ڏسڻ ۾ مصروف رهيو: هو بادشاهه سان ملاقات ڪرڻ ويو ۽ اها تجويز ڏنائين ته باهه جي وڌندڙ شعلن جي رستي ۾ ايندڙ گهر ڊاهيا وڃن. هو لارڊ ميئر سان ملڻ ويو ته هن چيو ته هو بلڪل بيوس آهي ۽ ڪجھ به نه ٿو ڪري سگهي. انهي مان اندازو ڪريو ته ڪيتري نه افراتفري هوندي. هو پوءِ رات جو احوال لکي ٿو:

”اسين باهه جي جيترو ويجهو وڃي ٿي سگهياسين وياسين پر دونهون تمام گهڻو هو. اسان جا منهن باهه طرف هئا ۽ باهه جي ذرڙن جي مينهن ۾ اسان جا منهن ڄڻ ته سڙي رهيا هئا. اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي. باهه جي انهن ذرڙن ۽ بادلن سان گهر سڙندا پئي ويا. اسان جي اکين آڏو ٽي يا چار نه نه پنج يا ڇهه گهر هڪ ٻئي پٺيان سڙي رک ٿي ويا. جڏهن اسين اتي وڌيڪ وقت نه بيهي سگهياسين ته ٽيمس درياءَ جي ڪناري تي هڪ ننڍڙي شراب خاني ۾ وياسين. اسين رات ٿيڻ تائين اتي رهياسين ۽ باهه کي وڌندي ڏسندا رهياسين. جيئن اونداهي وڌندي پئي وئي ته باهه جو دائرو وڌندو پئي نطر آيو. ڇا گهٽي، ڇا ڪنڊ، ڇا گهر، ڇا چرچ مطلب ته شهر جي ٽڪرِي تائين جيستائين اسان جي نظر پئي وئي هر طرف باهه هئي. انهي باهه جا شعلا به عام باهه وانگر نه پر تمام خوفناڪ پئي نظر آيا.

پيپيز جو موسيقي سان خفت، سندس ٿيٽر بابت خفت کان به مضبوط هو. اهو خفت کيس پنهنجي پيوريٽن پيءُ کان مليو هو. جنهن کيس وائلن وڄائڻ سيکاريو هو. اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته پيپيز وڏا ڪم ڪار ۽ خود بادشاهه کي ڇڏي منجهند جو گهر اچي ٿو ۽ آفيس واپس اچڻ کان اڳ پنهنجي باغ ۾ دوستن سان گڏ مزاحيه گيت ڳائي ٿو ۽ وري رات جو عام طور عورتن سان گڏ واڪس هال جي باغن جي وڻن جي جهگٽن ۾ گيت ڳائي ٿو. ڊائري پڙهڻ سان فقط انهي ڪري به تمام گهڻي خوشي ملي ٿي جو انهي سان ماڻهو ريسٽوريشن واري تمام رنگين ۽ خوش باش دنيا ۾ پهچي وڃي ٿو.

پر ڊائري جي تمام گهڻي ڪشش جو سبب انهي حوصله مند، قابل ۽ حساس ماڻهو جو غيرمعمولي کليل انداز ۾ پنهنجي ذات جو اظهار آهي. هو ڪنهن نوجوان غريب عورت جي حالت مان فائدو وٺندي به نه ٿو ڪيٻائي ۽ سندس مڙس جي پگهار مان پنهنجي بقايا وٺڻ ۽ کيس ورغلائڻ پهچي وڃي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ سندس ڊائري جي ڏهن ورهين جي عرصي دوران هو عورتن ڏانهن تمام مائل رهيو ۽ انهن مان ئي کيس سڪون ۽ آرام مليو ۽ هن لاءِ شڪار ۽ ٻين راندين روندين بجاءِ عورتون ئي اهميت واريون رهيون. فقط وڏي باهه کان پوءِ وارا ٻه ڏهاڙا اهڙا هئا جن ۾ هن هڪ ڏينهن ۾ ٻه معاشقا ڪيا. انهن ڏينهن ۾ به مٿس ڪيتريون ئي اهم گهريلو ذميواريون هيون. کيس پنهنجو قيمتي سامان به واپس پنهنجي گهر آڻڻو هو. انهي ڏينهن هن صبح جو بيٽي مارٽن نالي ڪنهن عورت سان پيچ لڙايا ۽ شام جو نيوي جي هڪ واڍي جي بيوه مسز بيگ ويل سان دل لڳي ڪئي.

هو پنهنجن معاشقن جو بيان لکندي ٿڪجي ئي نه ٿو ۽ هو مختلف عورتن کي ورغلائڻ سان گڏوگڏ جنهن به قسم جي جيڪا به نوجوان عورت هٿ اچيس ٿي انهي کي مٺيون ڏيڻ ۽ مٿس هٿڙا ڦيرڻ کان به نه ٿو مڙي. هن جو عورتن لاءِ خفت تمام حد کان وڌيل آهي. سندس هڪ دلپسند تفريح عورتن کي تَڪڻ ۽ گُهورڻ آهي. هو هڪ ڊرامي ۾ مسز پالمر جي پٺيان ويٺو جيڪا پوءِ ليڊي ڪيسل مئن ٿي ۽ چارلس ٻئين جي سريت هئي. هو انهي بابت لکي ٿو، ”هن تي پنهنجون اکيون ٺاريون، انهي سان آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس“. کيس گرجا گهر ۾ به عورتن کي تڪڻ جو ڏاڍو موقعو ملندو هو ۽ لنڊن ۾ فرينچ پروٽيسٽنٽ چرچ ۾ وڃڻ بابت هو لکي ٿو، ”آءٌ پادري جي ٽن ڌيئرن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس، اهي تمام سهڻيون هيون خاص طور انهن جا نڪ ڏاڍا سٺا هئا ۽ ڏاڍو سٺو ڳايائون ٿي“. هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي گرجا گهر ۾ به، ”ڪيتريون ئي سهڻيون عورتون ڏسي پيو خوش ٿيندو هوس يا سمهي ننڊ ڪري وقت گذاريندو هوس ايستائين جو خطبو پورو ٿي ويندو هو“.

اها عجيب ڳالهه آهي ته پيپيز انهن سمورين ڳالهين جي باوجود پاڻ کي پيوريٽن ڏيکاري ٿو. هو انهن عورتن کي حقارت جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي سندس آڏو سولائي سان بيوس ٿي وڃن ٿيون ۽ هو پنهنجي شڪار ٿيل عورتن ۾ به لڄ ۽ حيا کي اهميت ڏئي ٿو. هن اها ڳالهه بلڪل کليل نموني واضح ڪري ڇڏي ته جنسي معاملن ۾ آزاد هلت چلت سان جيڪڏهن عوام ۾ ڪي سرٻاٽ پيدا ٿين ته اهو معافي جي قابل نه آهي. هو پنهنجي سرپرست ارل آف سئنڊوچ جي هڪ مشهور رنڊي سان تعلق تي به آڱر کڻي ٿو. هو اڪثر چارلس ٻئين جي اهڙن ڪمن تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو جهڙا هوبهو هو پاڻ به ڪري ٿو. هو بعضي بعضي ڪنهن نئين ڊرامي تي تنقيد ڪري ٿو ته انهي ۾ ڏاڍي فحاشي آهي“ ۽ ويندي پنهنجي ڊائري ۾ هڪ فرانسي ڪتاب پڙهڻ بابت عذر بهانا به پيو ٿو ٺاهي ته اهو تمام ”اگهاڙو ۽ جذبن کي اڀاريندڙ آهي“. اهو انهي ڪري پڙهيو جو، ”ڪنهن سنجيده ماڻهو لاءِ هڪ دفعو اهڙو ڪتاب پڙهي وٺڻ ۾ ڪو عيب نه آهي ڇاڪاڻ ته انهي سان کيس دنيا جي بڇڙاين بابت خبر پوندي“. وري هو اهو به ٻڌائي ٿو ته هن اهو ڪتاب ساڙي ڇڏيو هو.

پيپيز ڪيمبرج ڇڏڻ کان جلدئي پوءِ ايلزبيٿ لي مرچنٽ سان شادي ڪئي جيڪا فرانس جي هڪ هيوگناٽ ڪٽنب مان هئي. اها محبت جي شادي هئي ۽ انهي ۾ دنياوي سوچ سمجهه جو ڪو به عمل دخل نه هو ڇاڪاڻ ته هو ٻئي هٿين خالي هئا. اها شروعات کان ئي محبت جي شادي هئي ۽ 16- نومبر 1669ع تي سندس گهر واري جي وفات تائين اها شادي باهمي محبت ۽ پسنديدگي تي هلندي رهي. پيپيز جي گهرواري تمام سهڻي هئي ۽ هن کي ڪنهن به مرد واقفيت واري تي بلڪل بنا سبب به تمام گهڻو ساڙ ٿي سگهيو ٿي. هو ڪو به ڪم ڍنگ سان نه ڪري سگهندي هئي ۽ گهر جو انتظام به نه هلائي سگهندي هئي. انهي ڪري پيپيز هن سان اڪثر تڪرار ڪندو رهندو هو. هڪ دفعو ته ڌڪ هڻي سندس اک تي نشان به ڪري وڌو هئائين. هو کيس بلڪل ڪنهن ٻار وانگر هلائيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هن سان  تمام نيچ هلت ڪندو هو ته ڪڏهن تمام فياضي سان هلندو هو. خاص طور سندس ڊائري جي آخري ورهين ۾ هو ڏاڍو فياض ٿي ويو هو ڇاڪاڻ ته سندس دولت به چڱي خاصي ٿي وئي هئي. هو لکي ٿو:

”اڄ شام منهنجي زال مون کي ڏاڍي خوشي سان پنهنجا سڀ زيور ڏيکاريا جن ۾ هڪ مُنڊي جو اضافو ٿيو هو..... انهي سميت سندس سڀني زيورن جي ڪل قيمت سندس اندازي مطابق 150 پائونڊ هئي. انهي تي مون کي به خوشي آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انهي ويچاري وٽ ڪجھ هوندو جنهن سان سندس دل خوش رهندي ته اها به چڱي ڳالهه آهي“.

”منهنجي گهرواري، ويچاري غريب“ جا لفظ سندس ڊائري ۾ ڏاڍا مشهور آهن. اهو هڪ پيچيدو فقرو آهي انهي مان اهو مطلب نڪري ٿو ته پيپيز کي پنهنجي زال سان بي وفائين ۽ کيس نظرانداز ڪرڻ بابت ڪجھ ڏوهه جو احساس هوندو هو پر مجموعي طور انهي مان اهو مطلب نڪري ٿو هو ايلزبيٿ کي ويچاري چوڻ بجاءِ چوي ٿو“. منهنجي ننڍڙي زال“. ڇاڪاڻ ته انهن ورهين دوران ڪير به محسوس ڪري سگهي ٿو ته ٻنهي جون جيتوڻيڪ دنيا ۾ اڳتي وڌڻ ۽ امير ٿيڻ بابت ساڳيون ئي دلچسپيون هيون پر اهي پنهنجيون ڪجھ بهترين گهڙيون گڏ گذاريندا هئا. پيپيز بار بار پنهنجي ويچاري زال سان گڏ گذاريل شامن تي ”ڏاڍي اطمينان“ جو اظهار ڪري ٿو ۽ انهن ۾ اڪثر ٿيندڙ ڊگهين ۽ کل خوشيءَ وارين ڪچهرين جو ذڪر ڪري ٿو. انهن جا شديد تڪرار به اڪثر جلدي ختم ٿي ويندا هئا. پيپيز پنهنجيون نوي سيڪڙو بي وفائيون لڪائي ويندو هو ۽ سندس زال اڪثر انهن مختلف اداڪارائن ۽ ڳائڻين کان پئي سڙندي هئي جن سان پيپيز جا لاڳاپا سطحي شهوانيت وارا هئا. پر هن کيس هڪ دفعو هڪ نوجوان نوڪرياڻي جا ڪپڙا لاهيندي ۽ هٿڙا ڦيريندي ڏسي ورتو هو. ڊائري ۾ سندس ذڪر ڊيب جي نالي سان اچي ٿو. انهي بابت پيپيز چئي ٿو ته انهيءَ جي گهر مان بيعزتي ڪري نوڪري ختم ڪرڻ کان پوءِ به اها کيس وڻندي هئي ۽ هو هن سان ملندو رهندو هو. پر انهيءَ ناڪاميءَ کان پوءِ پيپيز کي ڪيترا هفتا اهو ڊپ لڳو رهيو ته سندس زال کيس ڇڏي ويندي، سندن شادي ٽٽي ويندي ۽ هو دنيا جي کل ڀوڳ جو نشانو بڻبو.

پيپيز کي اها ڊائري لکڻ جو ڪم وڻندو هو ۽ هو 31- مئي 1669ع تي ڏاڍي ڏک سان اها ڳالهه لکي ٿو ته سندس نظر ايتري ته ڪمزور ٿي وئي آهي جو هو هاڻي وڌيڪ پنهنجو ”جرنل“ نه ٿو لکي سگهي.

”۽ هاڻي انهي بابت ڪو به شڪ شبهو نه ٿو رهي ته هاڻي آءٌ ڪڏهن پنهنجين اکين سان پنهنجو جرنل نه لکي سگهندس. هاڻي آءٌ پاڻ کي انهي رستي تي وٺي ٿو هلان جيڪو مون کي قبر تائين پهچائيندو. انهي ۽ منهنجي نابين هئڻ سان جيڪي ڏکيائيون اينديون خدا شال توکي انهن لاءِ تيار ڪري“.

اڳتي هلي خبر پئي ته هو پنهنجين اکين بابت اجايو نااميديءَ جو شڪار ٿي ويو هو. پر بهرحال ڊائري پنهنجي پُڄاڻي تي پهچي وئي. ماڻهن کي سدائين انهي ڳالهه تي حيرت پئي ٿي آهي ته ها آخر اهڙي انداز ۾ ڇو لکي وئي جنهن ۾ اهڙا واقعا ڇو شامل ڪيا ويا جن جي سبب سندس بابت خراب تاثر ذهن ۾ ويهي ٿو. حقيقت اها آهي ته هن جنهن انتهائي بي تڪلفي سان لکيو آهي انهي مان ماهرن کي اها پڪ آهي ته پيپيز سمجهيو ٿي ته هن کان سواءِ ٻيو ڪير به ڊائري نه ڏسي سگهندو. اهو ٿي سگهي ٿو ته هن جڏهن وفات ڪئي ۽ پنهنجو ڪتب خانو ۽ پنهنجيون مجلد ڊائريون ڪيمبرج کي ڏيڻ جي وصيت ڪئي ته ممڪن آهي ته هن اهڙيون هدايتون ڏنيون هجن ته اهي ڪڏهن به ڇپائي هيٺ نه اچن ۽ پوءِ ڪنهن طريقي سان اهي هدايتون ماڻهن کان وسري ويون هجن يا ماڻهن انهن کي کڻي نظرانداز ڪري ڇڏيو هجي. پر انهي جو ڪو به هاڪاري ثبوت نه ٿو ملي ۽ اهو مفروضو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته پيپيز هڪ کليل دماغ وارو ماڻهو هو ۽ هو پاڻ اهو چاهيندو هجي ته اهي ڊائريون سندس وفات کان ڪجھ معقول عرصو پوءِ منظر تي اچڻ گهرجن. ائين به ٿي سگهي ٿو ته هن ائين فرض ڪيو هجي ته ائين ڪرڻ سان سندس نالو سندس دور جي ٻئي ڪنهن به ماڻهو کان وڌيڪ روشن ٿيندو.

جيئن بوسويل جو Life of Johnson سوانح حيات جي لحاظ کان منفرد آهي تيئن اظهار ذات جي لحاظ کان پيپيز جو جرنل منفرد ۽ يگانو آهي. مانٽين پنهنجي Essays ۾ وڌيڪ محتاط ۽ فڪري انداز ۾ پاڻ کي ڏاڍي بي تڪلفي سان کولي بيان ڪيو آهي ۽ انساني فطرت ۾ دلچپسي رکندڙ ڪنهن به ماڻهو کي مانٽين ۽ پيپيز جي ڪتابن ۾ انسان جي حقيقي فطرت بابت ادب جي ٻئي ڪنهن به ڪتاب کان وڌيڪ مواد ملي سگهي ٿو. اسان کي پيپيز جي جرنل ۾ هڪ اهڙي ماڻهو جي ڏهن ورهين جي زندگي جو اهڙو ايمانداريءَ وارو رڪارڊ ملي ٿو جيڪو هڪ ئي وقت غيرمعمولي به آهي ته هڪ دور جي نمائندگي ڪندڙ مخصوص ڪردار به آهي. هو هڪ اهڙو ماڻهو هو جنهن کي هر لحاظ کان سراسري ماڻهو چئي سگهجي ٿو. سندس پئسي جي محبت، سندس خوشي ۽ وندر ورونهه سان چاهه، سندس اڳتي وڌڻ جي خواهش، سندس ڪاميابي تي خوشي، هن پاران پنهنجي اصلاح بابت پاڻ سان هر وقت واعدا ڪرڻ ۽ وري انهن کي نه پاڙڻ، پاڻ کان ڪمزور تي چڙهت ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب ۽ پنهنجن نوڪرن چاڪرن سان وفاداري: مطلب ته هو انهن سڀني ڳالهين ۾ هڪ سراسري انسان آهي. پر هو پنهنجين حيواني خواهشن جي طاقت، مستقل مزاجي ۽ ڪم جي صلاحيت، پنهنجي ذهني واڌويجهه ۽ موسيقي بابت پنهنجي حساسيت ۾ عام ماڻهو کان تمام گهڻو مٿي آهي. سڀ ڪجھ چوڻ آکڻ کان پوءِ پيپيز پنهنجي ڊائري مان به فقط ڊپ جي هڪ اهڙي غيرمعمولي مظهر جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو جنهن پنهنجي بابت تقريباً سڀ سچ ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ هو بنيادي طور هڪ وڻندڙ ۽ پيارو ڪردار آهي. اسين سيموئيل پيپيز بابت چئي سگهون ٿا ته ياالله تنهنجو شڪر آهي.

38. اسڪارليٽ ائنڊ بلئڪ

-- اسٽينٿال (1842ع- 1783ع) --

 

”هو فقط ڪو اديب نه پر هڪ قسم جي ذهني رويي جو نالو آهي. هن کي هڪ ليکڪ جي درجي تائين محدود نه ٿو ڪري سگهجي“.

(پال وليري )

پيرس شهر جي اخبارن 1842ع ۾ اسٽينٿال جي اوچتي موت کي ٽن سٽن تي انگن اکرن واري خبر ڏئي ٽاري ڇڏيو. هن کي هڪ ڏينهن شام جو گهٽي ۾ اوچتو مرگيءَ جو دورو پيو. کيس کڻي هڪ دڪان ۾ آندو ويو. اتان اتفاق سان سندس هڪ دوست پئي لنگهيو. اهو کيس گهر کڻائي ويو ۽ هو صبح جو سوير گذاري ويو. انهي جي جنازي ۾ فقط ٽن دوستن شرڪت ڪئي. انهي جي باوجود اهو ڪلاسڪ ليکڪ دنيا ۾ دل ۽ انهي جي جذبن جو بهترين ڇيد ڪندڙ هو. انسان جي تجربن جو اهو ميدان گهڻي وقت کان فرانسي ادب جي خاص سڃاڻپ رهيو هو.

اسٽينٿال جي قلمي نالي سان مشهور (هن پنجاهه جي لڳ ڀڳ قلمي نالا ڪم آندا ۽ اهو نالو هڪ ننڍڙي جرمن شهر جي نالي تان ورتل آهي) هينري بائيل (Beyle) کي پنهنجي زندگي ۾ سندس همعصرن بلڪل نطرانداز ڪري ڇڏيو هو. پر کيس هاڻي ملندڙ شهرت انهي نظراندازي جو پورائو ڪري ٿي. هو سدائين چوندو هو ته هن جون ڳالهيون 1880ع کان اڳ سمجهه ۾ نه اينديون. هو اهو سمجهندو هو ته هو پنهنجي دور لاءِ نه پر ويهين صدي ۽ ايندڙ نسلن جي روشن خيال ماڻهن لاءِ ٿو لکي. هو پنهنجي دور کي بي احساس، جانبدار ۽ فڪري طور محدود سمجهندو. هو ڄڻ ته نقصان ۽ خساري ۾ هو. سندس احساس، سندس فيصلا ۽ سندس ذهني رويا پنهنجي دور کان اڳتي هئا. هو رومانويت پسندن جي دور ۾ هڪ حقيقت پسند (Realist) هو. اڄ جي دور جا اڪثر نقاد انهي ڳالهه تي متفق آهن ته اسٽينٿال پنهنجي سوچ ۽ مواد جي لحاظ کان حقيقي معنيٰ ۾ پهريون ”جديد“ ناول نگار هو ۽ گذريل هڪ سو ورهين جي اڪثر عظيم ليکڪن کيس هڪ استاد مڃيو آهي ۽ چيو آهي ته انهن سندس ڪم مان استفادو ڪيو آهي. اسٽينٿال احساسن جي لحاظ کان اوڻيهين بجاء ارڙهين صدي جي وڌيڪ ويجھو هو. هو ڄائو روسو جي لبرلزم واري دور ۾ هو پر سندس پرورش ۽ پالنا نيپولين جي فتحن جي شان شوڪت واري دور ۾ ٿي هئي. انهي سان گڏوگڏ هو آزاد سوچ ويچار ڪندڙ (Free thinker) پڻ هو.

هينري ميري بائيل، باسٽل تي حملي کان فقط ڇهه ورهيه اڳ، 1783ع ۾ گِرينوبل ۾ ڄائو. سندس پيءُ هڪ ڪامياب وڪيل هو. هو ستن ورهين جو هو ته سندس ماءُ فوت ٿي وئي ۽ ايندڙ ڪجھ ورهين ۾ هن سان گهر ۾ اهڙو ورتاءُ ٿيو جو هن جي دل ۾ پنهنجي پيءُ لاءِ ايتري شديد نفرت پيدا ٿي وئي جيڪا سندس سموري ڄمار هن سان گڏ رهي. هينري سورهن ورهين جي ڄمار ۾ وزارت جنگ ۾ هڪ نوڪري تي لڳي ويو اها کيس هڪ سگهاري سوٽ وٺرائي ڏني هئي ۽ هن اڳتي هلي نيپولين جي اڪثر مهمن ۾ (اٽلي، جرمني، روس ۽ اسٽريا ۾) حصو ورتو. هو سن 1800ع ۾ سترهن ورهين جو ٿيو تڏهن نيپولين پنهنجي طاقت جي عروج ڏانهن وڌي رهيو هو ۽ هر طرف شان و شوڪت ۽ فخر ۽ عظمت جون ڳالهيون هيون. وري 1814ع ۾ شهنشاهه جي شڪست تي هينري ڪجھ وقت لاءِ سرڪاري سرپرستي کان محروم رهيو. هن ايندڙ پندرهن ورهين بابت پاڻ چيو آهي ته ”سفر، وڏين ۽ شديد محبتن ۽ لکڻ ذريعي پاڻ کي آرام ڏيڻ“ تي مشتمل رهيا. هو آرام ڪرڻ لاءِ اٽلي ويو هليو ۽ ڪتاب لکڻ شروع ڪيائين شروعات ۾ هن پينٽنگ جي تاريخ، سفر ۽ موسيقي جي موضوعن تي لکيو. پوءِ 1821ع ۾ On Love جي نالي سان اڌ نفسياتي اڌ فلسفياڻو ڪتاب آيو. اهو ڇپجڻ کان پوءِ هن انگلينڊ جو دورو ڪيو جيئن ريسائين شيڪسپيئر جي خوبين جي ڀيٽ بايت ڪتاب لکي سگهي.

جيتوڻيڪ هڪ يا ٻن ساٿي ليکڪن اسٽينٿال جي تحرير جون خوبيون محسوس ڪري ورتيون پر اهي ڪتاب گهڻي ڀاڱي نظرانداز ئي رهيا. سندس اڳلو ڪتاب Armance نالي هڪ ناول هو جنهن ۾ هن پنهنجي ڇيد جي بهترين قوتن کي شخصي محرڪن ۽ سماجي ڪردار جي ڇيد لاءِ ڪم آندو. اهو ڪم حقيقت ۾ سماج خلاف هڪ قسم جي ذاتي مهم هئي. اها مهم خاص طور انهي گهٽ مراعات يافته فرد پاران هئي جنهن کي هر قسم جي بدعملين ۽ برائين خلاف جدوجهد تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. هو ڏسي ٿو ته پئسي ۽ طاقت سبب پيدا ٿيل انهن برائين سبب سندس ترقي جي راهه رڪجي وڃي ٿي. اسڪارليٽ ائنڊ بلئڪ نالي سندس ٻيو ناول 1830ع جي سرءُ جي مند ۾ ڇپيو. اهو اسٽينٿال جي صلاحيتن واري غريب فرد ۽ هڪ اهڙي سماج ۾ ٽڪراءُ واري نظريي جو تمام سگهارو بيان آهي جنهن جي لڳي ٿو ته جوڙجڪ ئي خاص طور انهي انداز تي ٿيل اهي جيئن اعليٰ خاندان ۾ پيدا ٿيل ماڻهن کي مليل فائدن ۽ خوشين کان کيس محروم رکي سگهجي.

اسٽينٿال 1830ع جي انقلاب کان پوءِ سرڪاري نوڪريءَ ۾ واپس موٽي آيو. هن وقت هو تمام ٿوري وقت لاءِ ٽريسٽي ۾ فرانس جو قونصل ٿيو. اتان پوءِ سندس مقرري Civita Vecchia ۾ ٿي. هو اتي 1814ع تائين ذميواريون نڀائيندو رهيو تان جو کيس اهڙو مرگيءَ جو دورو پيو جو هو ڪم ڪار جي قابل نه رهيو ۽ حڪومت کي واپس گهرائڻ جي گذارش ڪيائين. انهي کان پوءِ به چند مهينن جي وقفي سان ٻه دورا پيس. ٽيون دورو موتمار ثابت ٿيو ۽ هو 23- مارچ 1842ع تي فوت ٿي ويو. مونٽمارٽر جي قبرستان ۾ سندس قبر تي هي لفظ لکيل آهن جيڪي هن پنهنجي لوح مزار لاءِ پاڻ لکيا هئا.

ميلان جو هينري بائيل

هن حياتي گذاري، لکيائين ۽ محبت ڪيائين.

اسٽينٿال سفارتي نوڪري جي پنهنجن آخري ورهين ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. انهن ۾ ٻه وڌيڪ ناول )دي چارٽر هائوس آف پارما ۽ دي ابيس آف ڪاسٽرو) ڪيترائي افسانا ۽ Memoirs of a Tourist نالي ڪتاب شامل آهن. هن ڪيترائي مسودا به ڇڏيا جيڪي گهڻو ڪري آتم ڪهاڻڪ آهن. انهن مان ڪجھ سندس وفات کان ڪيترائي ورهيه پوءِ ايڊٽ ڪري ڇپرايا ويا جن مان ٻه هي آهن: The Memoirs of an Egotist ۽ The Life of Henri Brulard (اهو نالو هينري بائل کي لڪائڻ جي مٿاڇري ڪوشش آهي).

اسڪارليٽ ائنڊ بلئڪ اسٽينٿال جو شاهڪار آهي ۽ سندس صلاحيت جو مڪمل اظهار آهي. اهو ناول انهيءَ دور جي هڪ شاندار تصوير هئڻ سان گڏوگڏ هڪ اهڙي باصلاحيت ۽ حوصلي مند نوجوان جي احساسن جو ڏاڍو پُر اثر اڀياس آهي جيڪو گهٽ درجي واري خاندان ۾ پيدا ٿيو آهي ۽ زندگي جي هر موڙ تي سندس دور جي سماج جي اندروني ناانصافين ذريعي سندس رستي روڪ ڪئي وڃي ٿي. اسٽينٿال کي انهيءَ ناول جو پلاٽ پوليس رپورٽن جي هڪ واقعي مان مليو هو.

جولين ساريل (Julien Sorel) بيسانڪون ويجھو هڪ ننڍڙي شهر Verrieres ۾ هڪ واڍي جو پٽ آهي. هو لاطيني زبان ۾ پنهنجي تمام وڏي حافظي جي قوت سبب هڪ مقامي عيسائي راهب جي اکين ۾ اچي وڃي ٿو. هو راهب جي اثر رسوخ سبب ميئر جي ٻارن جو اتاليق مقرر ٿئي ٿو. هن جا حوصلا جيتوڻيڪ تمام بلند آهن پر هن وٽ اڳتي وڌڻ جا ڪي به گُر نه آهن. هو جيتوڻيڪ حساب ڪتاب رکي ٿو پر هٿ جو ڏاڍو کليل آهي. سندس احساس جيتوڻيڪ ڏاڍا سچا آهن پر انهن جي اظهار ۾ ڏاڍو محتاط آهي ڇاڪاڻ ته کيس سدائين انهي ڳالهه جو اونو آهي ته هن جو ٻين تي ڪهڙو اثر پوندو. هن کي اها ڳالهه ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته فقط ڄمڻ جي اتفاق سبب ئي دنيا ۾ سڀ دروازا کلن يا بند ٿين ٿا ۽ کيس اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي ٿي ته ڪنهن چالاڪ ماڻهو وٽ جيڪڏهن ٿوري منافقت به آهي ته هو گهڻو اڳتي وڌي سگهي ٿو. زندگي ۾ گهٽ حيثيت جو ڏک سندس دل ۾ ڏاڍو گهرو ويهي وڃي ٿو ۽ اسٽينٿال اسان کي جولين پاران ميئر جي شاهوڪار عملي ۾ پهريون دفعو داخل ٿيڻ بابت هي رايو ڏئي ٿو:

”..... هو جن معززن جي صحبت ۾ اچي شامل ٿيو هو انهن لاءِ سندس دل ۾ نفرت ۽ ڪراهت کان سواءِ ڪجھ به نه هو. هو کاڌي جي ميز تي به بلڪل آخري ڇيڙي وٽ وڃي ويٺو. انهي مان به سندس نفرت جو اندازو ٿي سگهي ٿو“.

بهرحال ميئر جي سهڻي ۽ نيڪوڪار زال مادام ڊي رينال جنهن کي پنهنجو بيوقوف ۽ ٺٺ ٺانگر وارو مڙس نظرانداز پيو ڪندو هو انهي کي جلدئي هن حساس ۽ ذهين نوجوان جي صحبت مان عجيب لطف اچڻ لڳو جيڪو هاڻي اچي سندن گهراڻي ۾ شامل ٿيو هو. جڏهن مادام جو مڙس جولين سان چڱي خاصي نفرت وارو برتاءُ ڪري ٿو ته هو انهي کي به هڪ اعزاز سمجهي ٿو ۽ مادام ڊي رينال ڏانهن پيش قدمي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو. هن کي احساس ٿئي ٿو ته بدلو وٺڻ سندس حق آهي ۽ هوءَ به سندس اخلاقي وسوسن باوجود جلدئي سندس ساهيڙي بڻجي پوي ٿي.

انهن جي لاڳاپن ۾ ڪجھ طوفانن ۽ تڪرارن کان پوءِ جولين مادام ڊي رينال سان سنجيدگي سان محبت ڪرڻ لڳي ٿو. هوءَ حقيقت ۾ سندس آدرشي عورت آهي ۽ اهو تعلق بلڪل اهڙو آهي جهڙي سندس فطرت ۽ مزاج کي ضرورت آهي. هو ڏاڍي سرور سان پاڻ سان ڳالهائي ٿو ”هو اعليٰ خاندان جي آهي ۽ آءٌ هڪ ڪاريگر جو پٽ آهيان پر انهي جي باوجود به هوءَ مون سان محبت ڪري ٿي“. مادام ڊي رينال ڪڏهن ڪڏهن ڪجھ بي احتياطي ڪري ٿي. پوءِ ميئر ڏانهن هڪ گمنام خط اچي ٿو جنهن ۾ انهي تعلق جي نندا ڪندي لکيو ويو آهي ته اها ڳالهه هاڻي سموري ضلعي ۾ ماڻهن جي وات تي اچي وئي آهي. مادام ڊي رينال جيتوڻيڪ پنهنجي مڙس جو ساڙ ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي پر جولين کي پادرين جي هڪ تربيت گاهه ڏانهن اماڻيو وڃي ٿو. هن دفعي به اهو ڪم ساڳئي راهب جي مهرباني سان ٿئي ٿو. جولين پاران تربيت گاهه ۾ رهڻ بابت ناول جو هيءَ حصو ڏاڍي طنز ڀريل انداز ۾ لکيل آهي. ڇاڪاڻ ته هتي پادرين سان گڏ رهندي (جتي هو ڪو به احتياط نه ڪندي آزادي سان رهن ٿا) کيس خبر پوي ٿي ته ڪجھ چالاڪي ۽ فريب تمام ضروري به آهي ته ڪارگر به ٿئي ٿو.

جولين کي جيتوڻيڪ خبر آهي ته سڀ سماجي قدر سندس ۽ سندس طبقي جي خلاف آهن ته به هو اعزاز ماڻڻ ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ آتو لڳو پيو آهي. هن کي محسوس ٿئي ٿو ته ڪنهن عام ماڻهو لاءِ طاقت حاصل ڪرڻ جو فقط هڪ ئي رستو آهي ۽ اهو آهي چرچ ۽ پوءِ هو انهي کي پنهنجي مقصد لاءِ ڪم آڻڻ جو فيصلو ڪري ٿو. هو پاڪبازي جي چوغي هيٺان جلدئي تربيت گاهه جي ڊائريڪٽر جو اعتماد حاصل ڪري وٺي ٿو ۽ جڏهن انهي نيڪوڪار ماڻهو کي ترقي ڏئي پيرس موڪليو وڃي ٿو ته جولين کي رياست جي هڪ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ماڻهو مارڪئيس ڊي لا مول جي سيڪريٽري جي عهدي جي آڇ ڪئي وڃي ٿي. هتي هو جلدئي پاڻ کي ڪامياب سفارتي ملازم ڪري ڏيکاري ٿو.

جولين هاڻي ڪجھ تجربو ۽ سماجي ٺاهه ٺوهه حاصل ڪري ورتي آهي. پيرس ۾ ڪجھ وقت گذارڻ کان پوءِ کيس خبر پوي ٿي ته مارڪئيس جي ڌي مٿلڊي (جنهن کي پنهنجي طبقي ۽ انهي جي قدرن تي ڏاڍو ناز آهي) کي هن سان شديد محبت ٿي وئي آهي. ڪهاڻي جي هن موڙ کي اسٽينٿال پنهنجي مخصوص طنز واري انداز ۾ بيان ڪيو آهي: ڪا به ڳالهه اهڙي سادي يا اهڙي پيچيدي نه آهي جهڙي نظر اچي ٿي. هو اسان کي محرڪن جي گهڻ پاسائپ ۽ ڪردارن ۾ بار بار ٿيندڙ ٽڪراءُ ڏيکاري ٿو. هو اهو به ڏيکاري ٿو ته اسان پاران هڪ ئي وقت سڌو سنواٽو ۽ پيچيدو هئڻ به هڪ فطري ڳالهه آهي. جولين شروع ۾ ميٿلڊي ڏانهن نه ٿو ڇڪجي ۽ هوءَ جڏهن هن ڏانهن پيش قدمي ڪري ٿي ته هو محسوس ڪري ٿو ته اهو سندس اعليٰ خاندان جي رقيبن طرفان وڇايل ڄار آهي جيڪي کيس بلڪل بيوقوف بنائڻ گهرن ٿا. تنهن ڪري هو هن کان پاسو ڪري ٿو. مٿلڊي ڊڄي وڃي ٿي ته هن غلطي ڪري وڌي آهي ۽ هڪ ڪانئر جي چونڊ ڪئي آهي تنهن ڪري هوءَ جولين کي چوي ٿي ته هو چنڊ جي چٽي روشني ۾ سندس ڪمري ۾ اچي ته ڏيکاري. جولين هاڻي پنهنجي عزت کي داءُ تي لڳل محسوس ڪري ٿو ۽ اها ڳالهه قبول ڪري ٿو... پر هو هٿياربند ٿي وڃي ٿو. هو سمجهي ٿو ته هن تي حملو ٿيندو پر سندس ڊپ اجايا آهن. هو پنهنجي همٿ ۽ دليري جو ثبوت ڏئي مٿلڊي جي احساسن کي سچو ثابت ڪري ٿو ۽ هوءَ سندس ساهيڙي بڻجي ٿي. مارڪئيس کي سندس ڌي ٻڌائي ٿي ته هوءَ پيٽ سان آهي ۽ ڪهڙي به حالت ۾ جولين سان شادي ڪرڻ گهري ٿي. انهي تي هو کلي بدنامي کان بچڻ لاءِ نه چاهيندي به انهي هوشيار پر عام رواجي خاندان واري ماڻهو کي پنهنجي ڪٽنب جو حصو ڪرڻ جي حامي ڀري ٿو.

هاڻي مارڪئيس جيتوڻيڪ انهي شادي کان نفرت ڪري ٿو پر انهي کان بچي به نه ٿو سگهي ۽ اڃا انهي جو عام اعلان به نه ڪيو اٿائين جو کيس مادام ڊي رينال جو هڪ خط ملي ٿو. هوءَ جولين تي الزام هڻي ٿو ته هو هڪ مهم جو آهي ۽ هن کي پنهنجي دام ۾ ڦاسايو هئائين. جولين ته اڃا پنهنجي زندگي جي خواب کي حقيقت ۾ بدلجڻ تي خوشيون ملهائي رهيو هو- هن کي لقب ڏنو ويو آهي. ملڪيت ۾ حصو مليو اٿس ۽ گهوڙي سوار دستي ۾ آفيسري ملي اٿس- جو کيس انهي خط بابت خبر پوي ٿي. هو سمجهي ٿو ته سندس غيرت جي گُهر اها آهي ته هو پاڻ سان دغا ڪندڙ کي تباهه ڪري ڇڏي. هو بنا دير ويريئريز روانو ٿي وڃي ٿو ۽ اهو پڪو پہ ڪيو اٿائين ته مادام ڊي رينال کي گولي هڻي ماري ڇڏيندو. پر هن جنهن عورت سان ڪنهن وقت ايترو پيار ڪيو هو جڏهن انهيءَ جو منهن سندس اکين آڏو اچي وڃي ٿو ته کيس احساس ٿئي ٿو ته هو ڪڏهن به پنهنجي رٿا تي عمل نه ڪري سگهندو. مادام ڊي رينال گرجا گهر ۾ بينچ تي ويٺي ڏاڍي دل سان دعا گهري رهي آهي. هو ان جي فقط چند فوٽ پٺيان بيٺو آهي. هو جيڪو ڪجھ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو اهو سوچي سندس هٿ ڏڪي وڃي ٿو.

انهيءَ گهڙي گرجا گهر جي نوجوان ڪلارڪ گهنٽي وڄائي. مادام ڊي رينال پنهنجو ڪنڌ جهڪايو جيڪو هڪ لمحي لاءِ سندس شال جي وڪڙن ۾ لِڪي ويو. جولين کيس چٽي طرح نه ڏسي سگهيو. هن انهي تي هڪ پستول مان فائر ڪيو پر گُسي ويو. هن ٻيو فائر ڪيو. هوءَ هيٺ ڪري پئي.

پوءِ خبر پئي ته مادام ڊي رينال فقط زخمي ٿي هئي. هوءَ ڪجھ ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي وئي. پر جولين گرفتار ٿيو ۽ مٿس ڪيس هليو. مادام ڊي رينال هاڻي خط لکڻ واري عمل تي پڇتائي ٿي ۽ جولين کي بچائڻ جي ازحد ڪوشش ڪري ٿي. هو انهي سان اڃا به پيار ڪري ٿي. مارڪئيس جي ڌيءُ به کيس پئسن عيوض معافي وٺرائي ڏيڻ جي ڪم ۾ لڳي وڃي ٿي. هن سماج جي جنهن اثر رسوخ ۽ رعايتن کان سدائين ايتري نفرت ڪئي هئي اهي انهي قاتل کي آزاد ڪرائڻ لاءِ جج ۽ جيوري تي ڪتب آندا وڃن ٿا. پر هن دفعي رعايتون اهڙي طرح ڪم نه ٿيون ڪن جيئن ڪم ڪرڻ گهرجين. جولين کي سزا ٻڌائي وڃي ٿي ۽ هو سِريءَ لاهڻي تي مري وڃي ٿو.

محبت جو اهو عجيب داستان جيتوڻيڪ بنيادي طور محبت جي محرڪن جو اڀياس آهي پر انهي جو بنياد طبقاتي احساس آهي. اسٽينٿال کان جڏهن هڪ دفعو پڇيو ويو هو ته هو ڇا آهي ته هن جواب ڏنو هو: انساني دل جو مشاهدو ڪندڙ. ڪتاب جي متن ۾ دٻيل طور سياسي بي چيني جو احوال به موجود آهي. جولين فطري طور جذباتي ۽ ايماندار آهي پر سماج ۽ چرچ ۾ موجود ڪرپشن کيس منافقت تي مجبور ڪري ٿي. سندس دل سان ڪيل محبتن کي به ڪوڙو سمجهيو وڃي ٿو.

اسٽينٿال لڙاين ۽ سفارتڪاري جي ميدان ۾ جيڪي طوفاني ورهيه گذاريا انهن دوران به هن ڪيترائي ناخوشگوار معاشقا ڪيا. سندس دوست پراسپر ميريمي (ڪارمين جي لکيڪ) هن بابت چيو هو: ”مون هن کي ڪڏهن به اهڙي حالت ۾ نه ڏٺو آهي جو هن جو ڪنهن سان محبت جو سلسلو نه هلندو هجي يا هو پاڻ کي انهي حالت ۾ محسوس نه ڪندو هجي“. هن کي انهي اعليٰ طبقي جي ناول ۾ سياسي توڙي نفسياتي ميدانن ۾ مشاهدي جي جيڪا پيهي ويندڙ طاقت ڏسڻ ۾ اچي ٿي انهي جو سبب به شايد هن پاران محبت ۾ ناڪامي آهي. اسٽينٿال هڪ دفعو لکيو هو ته: ”ڪنهن ليکڪ کي پنهنجن خيالن ۾ رومانوي پر اسلوب جي لحاظ کان ڪلاسيڪي هئڻ گهرجي“. ۽ هن اسان لاءِ جولين ساريل تخليق ڪيو جيڪو رومانس جي ڪنهن به هيرو وانگر هوشيار، حوصلي مند، باهمٿ ۽ سماج ۾ ڪامياب آهي پر هن کي اهڙي ته چٽائي ۽ اهڙي ته خشڪ ۽ تجزياتي درستگي سان پيش ڪيو ويو آهي جو فقط هڪ جذباتي بدلي جي واقعي جي احوال کي طنزيه داستان گوئي جي هڪ ڪلاسيڪي شاهڪار ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

اسٽينٿال پاران پنهنجي ڪهاڻي جي مواد کي مهارت سان ڪم آڻڻ سان گڏوگڏ سندس اسلوب جي عظمت کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. هو اسان کي من موهيندڙ انداز ۾ هر صفحي تي نظر اچي ٿو. هو عام محاوري واري ٻولي ۾ لکندڙ، بلڪل نج اسلوب جو پهريون وڏو ليکڪ هو. ”مون کي هن وقت فيشن ۾ رهندڙ اسلوب ڪڏهن به پسند نه آهي. آءٌ انهي کي برداشت ئي نه ٿو ڪري سگهان“. هن رومانويت پسندن بابت لکيو هو: ”مون کي فقط هڪ ئي قاعدو نظر اچي ٿو اهو آهي ”لکائي ۾ چٽا رهو.“ جيڪڏهن آءٌ چٽو نه آهيان ته منهنجي سموري دنيا اچي پٽ پوندي....“ اسٽينٿال ڪجھ اهڙن ٿورن ليکڪن مان هڪ آهي جيڪي هڪ به لفظ اجايو ڪتب نه آڻيندا آهن. هن کي پڙهندي ڪيترن ئي پڙهندڙن کي مايوسي ٿيندي آهي ڇو جو هو هڪ به سٽ کي گُسائي نه سگهندا آهن. هر شي ايتري ته حقيقي لڳندي آهي جو ماڻهو ڪتاب پڙهندو نه آهي پر ڪتاب ۾ زنده رهندو آهي.

سچائي جي اها خصوصيت سندس دور ۾ نئين هئي. اسٽينٿال جي ڪم بابت ڪنهن اهميت وارو پهريون تبصرو 1840ع ۾ لکيو ويو ۽ انهي سان اسٽينٿال کي دير سان ملندڙ مڃتا جو به هڪ ننڍڙو حصو سندس زندگي جي پڄاڻي کان ڪجھ وقت اڳ مليو. اهو بالزڪ لکيو هو. هن تازي ڇپيل Charter house of parma بابت لکيو هو.

”اهڙي ڪتاب جو جنهن ماٺ ميٺ ۾ استقبال ٿيو آهي. انهي تي مون کي ڪا به حيرت نه ٿي آهي. جن ڪتابن ۾ ڪا به بيهودگي نه هوندي انهن جو اهو ئي نصيب ٿيندو. جيڪي اعليٰ دماغ اهڙن ڪتابن کي مشهوري ڏيارڻ لاءِ هڪ هڪ ڪري ۽ آهستي آهستي ڳجهي نموني ووٽ ڏيندا آهن انهن جي ڳڻپ گهڻو پوءِ هلي ٿيندي آهي.“

اعليٰ دماغن پنهنجا ووٽ ڏئي ڇڏيا آهن ۽ اسٽينٿال دنيا جي عظيم ترين ادبي فنڪارن ۾ پنهنجي مقام تي چونڊجي ويو آهي.

39. نوٽري ڊيم ڊي پيرس

-- وڪٽر هيوگو--

 

وڪٽر هيوگو چوڏهن ورهين جي عمر ۾ چئي ڇڏيو هو ته: ”آءٌ Chateaubriand ٿيڻ چاهيان ٿو. اهو نه ٿيس ته آءٌ ڪجھ به نه ٿيندس“. هو جيتوڻيڪ Chateaubriand ته نه ٿي سگهيو پر فرانس جي عظيم ليکڪن ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ ضرور ٺاهي ورتائين.

هيوگو 26- فيبروري 1802ع تي ڄائو. سندس پيءُ هڪ فوجي جرنيل هو ۽ پاڻ کي جوزف بونا پارٽ سان وابسته ڪري ڇڏيو هئائين. انهي کي جڏهن پنهنجي ڀاءُ اسپين جي تخت تي ويهاريو ته هو هن سان گڏ ميڊرڊ ويو هو. سندس وفاداري کي ڏسندي ڪنگ جوزف جنرل هيوگو کي ميڊرڊ جو گورنر ڪيو.

جنرل پنهنجو ڪٽنب به پاڻ سان گڏ اسپين وٺي ويو هو ۽ اهڙي طرح سندس پٽ وڪٽر، ڪاليج آف نوبلز جو شاگرد ٿيو. انهي ڪم کيس فقط تعليم ڏيڻ کان سواءِ ٻيو به گهڻو ڪجھ ڪيو. هن ۾ اڳتي هلي جيڪي عوام جا جذبا ڀڙڪائيندڙ لاڙا پيدا ٿيا ڪاليج جي وڏ گهراڻي ماحول انهن تي وڏو اثر وڌو.

بدقسمتي سان جنرل، بونا پارٽ جي زوال کان جلدئي پوءِ فوت ٿي ويو. بهرحال بوربونن سندس بيواهه کي پينشن عطا ڪئي ۽ هوءَ ۽ وڪٽر پيرس ۾ گڏ زندگي گذاريندا رهيا. پر هوءَ جڏهن 1821ع ۾ گذاري وئي ته پينشن بند ٿي وئي ۽ وڪٽر وٽ ڪي به مالي وسيلا نه رهيا ۽ هن ڪجھ وقت ته بلڪل غربت ۾ گذاريو. پر اهو دور گهڻو وقت نه هليو.

هن جلدئي شاعري جا ڪتاب ڇپرائڻ شروع ڪيا. سندس نظم هيئت جي لحاظ کان ڪلاسيڪي هوندا هئا تنهن ڪري قدامت پرست نقادن کي ڏاڍا وڻندا هئا. پر جيئن ته اهي نظم مواد ۽ مجموعي تاثر جي لحاظ کان شاه پرست (Royalist) لاڙا ڏيکاريندا هئا تنهن ڪري دربار ۾ به انهن کي پسند ڪيو ويندو هو. انهن جي ليکڪ جو بنيادي مقصد به اهو ئي هوندو هو. حقيقت اها آهي ته لوئي ارڙهين کي هيوگو جا نظم ايترا ته پسند هوندا هئا جو هن کيس هڪ هزار فرانڪ پينشن عطا ڪئي ۽ ٽيويهن ورهين جي ڄمار واري هن شاعر کي Chevalier of the Legion of Honourجو اعزاز پڻ ڏنائين.

هاڻي ڪجھ عجيب نموني ۾ هيوگو جي جذبات ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي. هن 1827، 1829ع ۽ 1830 ۾ Cromwell، Marion Delorme ۽ Hernani نالي ٽي ڊراما لکيا جن مان ظاهر پئي ٿيو ته سندس سياسي لاڙا واضح طور ريپبليڪن ٿيندا پئي ويا.

هيستائين سندس تحرير ۾ پختگي اچي وئي هئي ۽ هو اڳيئي پنهنجي لاءِ فرانسي رومانويت پسندي جي پيشوا جي ڪردار جي دعويٰ ڪري رهيو هو. هرناني سندس اها دعويٰ ثابت ڪري ڇڏي ۽ هو ايندڙ پنجاهه ورهين تائين ڊراما، ناول ۽ شاعري لکندو انهي منصب تي براجمان رهيو.

لوئي فلپ 1845ع ۾ هيوگو کي Peer جو منصب ڏنو. هو ڪجھ وقت کان پاڻ کي انسان ذات جو هڪ اڳواڻ سمجهي رهيو هو ۽ جيئن هن نئين اعزاز سان کيس هائوس آف پئيرز ۾ خودبخود سيٽ ملي وئي ته هن عملي سياست ۾ به حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو جيئن هو پاڻ جهڙن انسانن جو مقدر بدلائڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ وڌيڪ عملي نموني ڪتب آڻي سگهي.

البت 1848ع جي انقلاب سان هائوس آف پيئرز جو به خاتمو ٿي ويو. پر سيڪنڊ ريپبلڪ جي ماتحتي ۾ هيوگو اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو. هڪ دفعو وري قانون ساز طور سندس ڪردار مختصر رهيو جو 1851ع ۾ نيپولين ٽئين پاران حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ سبب هو پنهنجي منصب کان محروم ٿي ويو ۽ برسلز ڏانهن فرار ٿي ويو.

هن جلاوطني ۾ نئين حڪومت خلاف اهڙي انداز ۾ زهر اوڳاڇڻ شروع ڪيو جو بيلجيم جي اختيارين سندس ملڪ نيڪالي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اهڙي طرح هو 1852ع ۾ برسلز کان چينل آئلينڊ آف جرسي ويو هليو جتي چئن ورهين کان پوءِ وري ساڳئي ڳالهه تي هن دفعي کيس گيورنسي جي پاڙيسري ٻيٽ ۾ پناهه ملي. اتي هن Hauteville House خريد ڪيو ۽ 1870ع جي فرانس ۽ پروشيا جي جنگ تائين اتي رهيو. هو هيستائين جيڪي ڳالهيون ڪندو رهيو هو انهي جنگ انهن کي برحق ثابت ڪيو. جنگ ختم ٿيڻ تي فرانسي اختيارين هن مٿان پابندي لاهي ڇڏي ۽ هو ڪاميابي جي احساس سان پيرس واپس آيو. اتي هو 22- مئي 1885ع تي فوت ٿيو ۽ پينٿيئان ۾ دفن ٿيو.

سندس تمام گهڻين تحريرن مان هنن ٽن ناولن کيس ادبي دنيا ۾ هڪ مستقل مقام ڏياريو آهي: نوٽري ڊيم ڊي پيرس (1831ع)، لا مزرا بيلا (1862ع) ۽ ٽائلرز آف دي سي. (1866ع). انهن مان نوٽري ڊيم کي لازماً عظيم ترين تاريخي رومانس مڃيو وڃڻ گهرجي.

ڪهاڻي جي شروعات 6- جنوري 1482ع تي ٿئي ٿي. پندرهين صدي وارو پيرس بادشاهن ۽ بيوقوفن وارو جشن ملهائي رهيو آهي. جشن هلندي فلينڊرز مان سفارت اچي ٿي جيڪي آسٽريا جي آرڪ ڊيوڪ ميڪسي ميلن جي ڌيءَ مارگريٽ جي فرانس جي بادشاهه جي وڏي پٽ سان شادي جو بندوبست ڪرڻ آيا آهن.

اهو ئي جشن هلندي هڪ دفعي پيري گرنگوئر نالي هڪ بُکن جي ماريل شاعر جو عيسائي روايتن ۽ اولياء جي حياتين جي احوال تي ٻڌل ڊرامو (Mystery) هلي رهيو هو ته پيرس جو ڪارڊينل ۽ ان کان پوءِ فلينڊرز واري سفارت اچي وئي ته ڊرامي ۾ رخنو پئجي ويو. گرينگوئر ڊرامو وري شروع ڪرڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون پر ڪنهن کي به انهي ۾ دلچسپي نه پئي ڏسڻ ۾ آئي. وري جو هڪ فلينڊري اها تجويز ڏني ته هو به سندس شهر Ghent جي شهرين وانگر پنهنجو منهن سڀ کان وڌيڪ بڇڙو ڪري سگهندڙ ماڻهو کي Pope of the Fools چونڊين ته ڊرامو ڏسڻ ۾ ڪنهن کي به دلچسپي نه رهي.

هاڻي سڀ کان بڇڙي منهن وارو ماڻهو چونڊڻ جو مقابلو هلي رهيو هو ته هڪ تمام عجيب غريب شڪل وارو ماڻهو منظر تي اچي ويو. اسين پڙهندڙ کي سندس شڪل بابت گهڻو ڪجھ نه ٻڌائينداسين. سندس نڪ چوڪنڊو، وات گهوڙي جي نعل جهڙو هو ۽ ننڍڙي کاٻي اک مٿان ڳاڙهي رنگ جي ڀرون لڙڪي رهي هئي جڏهن ته ساڄي اک هڪ سڄيل گوڙهي هيٺان لڪي وئي هئي. سندس ڇڊن ڏندن ۾ وٿيون ائين پئي لڳيون جيئن ڪنهن ڪوٽ جا ڪونگرا هڪ ٻئي کان وٿيرڪا بيٺا هوندا آهن. سندس چپ ڪنهن سڱ وانگر اڀو لڳو ڀيٺو هو انهي مٿان وري هڪ ڏند هاٿي جي سونڊ وانگر ٻاهر نڪتو بيٺو هو. سندس کاڏي ٻه ڇانگي هئي ۽ سندس منهن جو تاثر به ڏاڍو عجيب هو. اهو بدنيتي، حيرت ۽ اداسي جو ميلاپ لڳي رهيو هو. هاڻي پڙهندڙ ڀلي پاڻ وڃي انهن ڳالهين مان ڪو نقشو پنهنجي ذهن ۾ ترتيب ڏئي“.

هاڻي ڄڻ ته منهن جي بدشڪلائپ ئي ڪافي نه هئي سندس سمورو جسم به انهي سان ٺهڪي ٿي آيو. ”سندس وڏو مٿو ڳاڙهن وارن سان چمڪي رهيو هو. سندس ٻنهي ڪلهن جي جي وچ ۾ هڪ وڏو ڪُٻ هو. انهي جيترو ئي حصو ڇاتي ۾ به سامهون نڪتل هو. سندس سٿرون ۽ ٽنگون اهڙي عجيب غريب نموني ٽڙيل پکڙيل هيون جو فقط گوڏن وٽ اچي ٿي هڪٻئي سان مليون سندس هٿ به تمام وڏا هئا. وري انهي سموري بي ڊولائي جي باوجود سندس چال مان طاقت، ڦڙتي ۽ همٿ جو اظهار پئي ٿيو.

ماڻهن جي ميڙ انهي بي ڊولي بندري کي سڃاڻي ورتو. اهو نوٽري ڊيم جي گرجا گهر جو گهنڊ وڄائيندڙ قاسيموڊو (Quasimodo) هو. هنن اهو به سمجهي ورتو ته سندس منهن جيترو قدرتي طور بڇڙو آهي اهڙو ڪير به پنهنجو منهن نه ٿو بڻائي سگهي. هن کي يڪراء طور Pope of the Foolsچونڊيو ويو.

جڏهن اهو ميڙ پنهنجو Fool چونڊي هلڻ لڳو ته ويچاري گرنگوئر کي گهر وڃڻ جي همٿ نه ٿي ڇاڪاڻ ته کيس گهرجي ڇهن مهينن جي مسواڙ ڏيڻي هئي. هن سوچيو ته هو ڊرامي جي فيءَ مان اها مسواڙ ڏيندو. هاڻي کيس اها پڪ هئي ته کيس في نه ملندي. هاڻي هو هٿين خالي گهٽين ۾ رلڻ لڳو. کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڪيئن ڪا اهڙي جاءِ ڳولهي جتي رات رهي ۽ ڪجھ کائي پيئي. اهي پور پچائيندي کيس لاايسميرالڊا نالي هڪ نوجوان سهڻي جپسي ڇوڪري نظر آئي. هو هڪ ميڙ آڏو ڊانس ڪري رهي هئي ۽ جالي نالي هڪ ننڍڙي سهڻي اڇي ٻڪري کان ڪجھ ڪرتب ڪرائي رهي هئي. هن جي نمائش اڃا جاري هئي ته هڪ پادري اچي هن کي ڦٺ لعنت ڪرڻ لڳو. گرنگوئر کيس سڃاڻي ورتو ته هو آرڪ ڊيڪن (شپ کان ٻئين درجي جو پادري. سنڌيڪار) ڊوم ڪلاڊ فرولو آهي. جپسي ڇوڪري ڊوم فرولو جي لفظن مان ايتري ته ڊڄي وئي جو فوراً پنهنجي نمائش بند ڪري ڇڏيائين. ميڙ انهي تي ڪاوڙجي پادريءَ تي اچي ڪڙڪيو. پر انهيءَ وقت ئي بيوقوف واري سرگس چوڪ ۾ اچي پهتي ۽ ڪا سيموڊو پادري جي دفاع لاءِ ڊوڙي آيو.

هاڻي وري اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته ڪاسيموڊو هڪ لڌل ٻار هو جنهن کي ماڻهو نوٽري ڊيم ۾ ڇڏي ويا هئا. اتان جي رسم مطابق پادري انهي کي انهي اميد تي ٻاهر رکي ويا ته ڪا عورت انهي کي هنج وٺندي. پر هو جيئن ته ڏاڍو بدشڪل ۽ ڪوجهو هو تنهن ڪري کيس ڪنهن به نه کنيو ۽ پادري کيس يتيم خاني موڪلڻ تي هئا جو ڊوم فرولو نالي هڪ نوجوان پادري- جيڪو هاڻي آرڪ ڊيڪن هو- چيو ته هو انهي بدشڪل ٻار جي پرورش ڪرڻ جي ذميواري کڻي ٿو. اها سورهن ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي ۽ هاڻي اهو بدشڪل ڪُٻڙو نوٽري ڊيم جو مک گهنڊ وڄائيندڙ هو. هو گهنڊن جي گوڙ سبب صفا ٻوڙو ٿي ويو هو. جيئن ته ڊوم فرولو هن سان مهرباني ڪئي هئي تنهن ڪري هو انهي جي ڄڻ ته پوڄا ڪندو هو.

چوڪ ۾ گڙٻڙ دوران ايسميرالڊا ڪيڏانهن کسڪي وئي. گرنگوئر سمجهيو ٿي ته هن وٽ رهڻ لاءِ لازماً ڪا جاءِ هوندي تنهن ڪري هن انهي اميد تي هن جي پٺيان لڳڻ جو فيصلو ڪيو ته هو کيس به انهي جاءِ ۾ رهائڻ تي آماده ڪري ويندو. هو جيئن هڪ اونداهي گهٽيءَ مان ويا پئي ته اوچتو ڪاسيموڊو ڪٿان اچي نڪتو ۽ ايسميرالڊا کي اچي ورتائين. بظاهر ائين پئي لڳو ته هو کيس ڪيڏانهن کڻي وڃڻ گهري ٿو. خوش قسمتي سان چوڪيدارن جو هڪ دستو ويجهو ئي موجود هو ۽ انهن جي ڪيپٽن Phoebus de Chateupers ڇوڪريءَ کي ڇڏايو ۽ سندس ماڻهن ڪُٻڙي کي گرفتار ڪري ورتو. ڇوڪريءَ ڪيپٽن کان سندس نالو پڇيو ۽ پوءِ انهي کان اڳ جو ڪيپٽن ڪجھ ڪري سگهي هوءَ سندس گهوڙي تان ترڪي ڪيڏانهن غائب ٿي وئي.

گرنگوئر پڪو پہ ڪري ڇڏيو ته هو انهي معاملي ۾ نه ڦاسندو تنهن ڪري کڙين تي زور رکيائين ۽ ڊوڙندي ڊوڙندي Court of Miracles ۾ اچي پهتو. ”انهي جاءِ ۾ ڪو به ايماندار ماڻهو ڪڏهن به اهڙي وقت ۾ نه گهڙيو هوندو. ”ڪورٽ آف مريڪلز پيرس جو اهو حصو هو جتي روايتي طور بي گهر رولاڪن جو وڏو انگ رهندو هو. انهن کي گڏيل طور Truands جي نالي سان سڏيو ويندو هو.

اتان جي ماڻهن کيس فوراً سڃاڻي ورتو ته هو اوپرو آهي تنهن ڪري کيس پڪڙي پنهنجي سردار وٽ گهلي ويا. هو بنا دير موت جي سزا کان فقط انهي صورت ۾ بچي سگهيو ٿي ته هو ٽروئنڊس ۾ شامل ٿيڻ قبول ڪري پوءِ انهن جي ڪا عورت کيس پنهنجو مڙس ڪندي. پوءِ جڏهن ڪا به عورت کيس مڙس طور قبول نه ٿي ڪري ته ايسميرالڊا اهو چئي کيس بچائي ٿي وٺي ته هوءَ کيس قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

ٻئي ڏينهن ڪاسيموڊو کي مئجسٽريٽ جي سامهون پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ کيس هڪ ڪلاڪ لاءِ مٿو ۽ هٿ ڪاٺ ۾ (Pillory) ۾ وجھي لڪڻ هڻڻ ۽ وڌيڪ هڪ ڪلاڪ اتي ڦاٿل رهڻ جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي. هو ڏاڍي ماٺ ميٺ ۾ سزا کائي ٿو پر جڏهن اها ختم ٿئي ٿي ته هو رڙ ڪري پيئڻ لاءِ ڪا شي گهري ٿو. انهي تي گڏ ٿيل ماڻهن جو ميڙ هن کي پٿر هڻي ٿو ۽ گاريون ڏئي ٿو ايستائين جو ايسميرالڊا هڪ جڳ کڻي ظاهر ٿئي ٿي ۽ انهي مان ڪُٻڙي کي پيئاري ٿي. هوءَ اڃا کيس پيئاري رهي هئي ته هڪ خوفناڪ آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو: ”توتي لعنت هجي، مصر (Egypt)جي ڌيءُ! لعنت هجئي، لعنت هجئي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org