هاڻي ٻه اهم نقطا منظر تي اچن ٿا. پهريون،
مينيفيسٽ ۽ ليٽينٽ ڊريم ڪنٽينٽ ۾ ٽڪراء يا اختلاف
جو ڪجھ حصو خواهشن جي پورائي (Wish
Fulfilment) ڏانهن
منسوب ڪيو وڃي ٿو. ٻيون، ڊريم ورڪ وڏي پيماني تي
داٻ (Compression) يا
سُسائڻ (Condensation) جا
ڪم ڪري ٿو. خوابن جو تجزيو جيترو گهرائي سان ڪيو
وڃي ٿو اهو عمل به اوترو ئي متاثر ڪندڙ لڳي ٿو.
لڳي ٿو ته خواب جي هر صورتحال ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ
تاثر (Impression) يا
تجربا گڏجي ويندا آهن. ۽ انهن سڀني جزن (Components) ۾
هڪ مشترڪ عنصر هوندو آهي. جيڪڏهن خواب جي خيالن (Dream-
Thoughts) ۾
ڪو مشترڪ عنصر نه هوندو آهي ته ڊريم ورڪ ڪو مشترڪ
عنصر پيدا ڪرڻ ۾ لڳي ويندو آهي. اهڙا ٻه ڊريم ٿاٽس (Dream
thoughts)جن
۾ بظاهر ڪا مشترڪ ڳالهه نه هجي انهن جي پاڻ ۾
مطابقت پيدا ڪرڻ جو هڪ تمام سولو طريقو انهن مان
هڪ جي لفظي شڪل (Verbal
form) تبديل
ڪرڻ آهي ۽ اهڙي طرح انهي کي ٻئي جي ويجهو ڪرڻ آهي.
ائين ڪرڻ سان ساڳئي طرح ٻئي Dream
thought کي
به نئين شڪل ڏئي سگهجي ٿي.
داٻ جي عمل مان ڊريم ڪنٽينٽ (Dream
Content) جي
ڪجھ اهڙن جزن جي وڌيڪ وضاحت ٿئي ٿي جيڪي انهي سان
خاص آهن ۽ سجاڳيءَ واري شعور (Waking
Conscionsuess) ۾
نه ٿا ملن. انهن جزن جا نالا اجتماعي (Collective) ۽
مرڪب شڪليون (Composite
Figures) ۽
مرڪب بناوتون (Composite
Structures) آهن.
مرڪب بناوتون بي انداز انگن ۾ واقع ٿين ٿيون ۽
انهن کي ايترن ئي مختلف طريقن ۾ هڪ ٻئي سان جوڙيو
وڃي ٿو. انهن کي حل ڪرڻ بابت به ساڳيا طريقا لاڳو
ٿين ٿا.
ڊريم ورڪ ساڳئي مرڪب بناوت (Composite
Structure) جي
ذريعي لڳاتار ٻه متضاد خيال(Ideas) پيش
ڪندو رهي ٿو. مثال طور هڪ عورت خواب ڏٺو ته هو
اهڙن گلن جو هڪ گلدستو کنيو پئي وڃي جيڪي جبرائيل
پاران بيبي مريم کي يسوع مسيح جي ماءُ ٿيڻ جي
خوشخبري ڏيڻ وارين تصويرن ۾ نظر ايندا آهن. انهي
جو مطلب معصوميت آهي. ٻئي طرف وري اهي گل سفيد Camellias وانگر
هئا جن جو مطلب معصوميت جي خلاف آهي.
اسان هيستائين خوابن ۾ Condensation بابت
جيڪو ڪجھ سمجهيو آهي انهن کي قاعدي جي شڪل ۾ هيئن
بيان ڪري سگهجي ٿو:
ڊريم ڪنٽينٽ جي هر هڪ عنصر (Element) جو
ڊريم ٿاٽس ۾ موجود مواد جي بنياد تي تعين ڪيو
ويندو آهي. اهو ڪنهن هڪ عنصر مان اخذ ڪيل نه هوندو
آهي ۽ اهو به ضروري نه آهي ته اهي عنصر خود Dream
thought ۾
هڪ ٻئي سان ويجھي تعلق ۾ هجن. خواب جو هڪ عنصر
ڊريم ڪنٽينٽ جي انهي سموري ڇڙو ڇڙ مواد جي
نمائندگي ڪندو آهي.
خيالن کي Situations ۾
تبديل ڪرڻ واري عمل سان گڏوگڏ Condensation ڊريم
ورڪ جي هڪ تمام اهم ۽ مخصوص خاصيت آهي. پر اهي ٻئي
انهيء تاثر جا اڪيلا ذميوار نه آهن جيڪو ڊريم
ڪنٽينٽ ۽ ڊريم ٿاٽ ۾ عدم مشابهت سبب اسين حاصل
ڪريون ٿا. هڪ ٽيون عنصر به ڪار فرما هوندو آهي.
اسان کي تجزيي مان خبر پوي ٿي ته مينيفيسٽ ڊريم
ڪنٽينٽ ليٽينٽ ڊريم ٿاٽ کان تمام مختلف خام مواد
سان واسطو رکي ٿو. ائين فقط ظاهر طور نظر اچي ٿو
ڇاڪاڻ ته اڳتي هلي اسان کي خبر پوندي ته سمورو
ڊريم ڪنٽينٽ، ڊريم ٿاٽس مان اخذ ڪيل آهي ۽ اهو ته
سمورن ڊريم ٿاٽس جو عڪس ۽ پرتو ڊريم ڪنٽينٽ ۾ نظر
ايندو آهي. بهرحال، خوابن ۾ جيڪا شي انهن جو تمام
لازمي مواد (content) ٿي
منظر ٿي اچي ٿي اها ڊريم ٿاٽس ۾ تمام ذيلي ڪردار
ادا ڪري ٿي.
اها ڳالهه هنن لفظن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿي: ڊريم ورڪ
جي ڪارگذاري هلندي نفسي شدت جو جن خيالن ۽ سوچن
سان درست نموني تعلق هوندو آهي اها انهن کان اهڙن
خيالن ۽ سوچن ڏانهن منتقل ٿيندي آهي جن تي اسان جي
سمجهه مطابق اهڙي شدت يا تاڪيد نه هئڻ گهرجي. ٻيو
ڪو به عمل جنهن کي فرائيڊ ڊريم ڊسپليسمينٽ جو نالو
ڏئي ٿو ڪنهن خواب جي معنيٰ تي ايترو پردو نه ٿو
وجهي يا ڊريم ڪنٽينٽ ۽ ڊريم ٿاٽس ۾ تعلق کي ناقابل
شناخت بنائڻ ۾ ايترو ڪردار نه ٿو ادا ڪري.
اسين جيڪڏهن ڊريم ڊسپليسمينٽ جي تجزيي جي ذريعي
اُکيل ڪنداسين ته اسان کي خوابن جي محرڪن ۽ خوابن
جي سجاڳ واري زندگي سان تعلق بابت مڪمل ڀروسي جوڳي
ڄاڻ ملندي. اسان کي تجزيي ذريعي خبر پوي ٿي ته هر
خواب گذريل ڪجھ ڏينهن دوران حاصل ڪيل تجزيي ڏانهن
موٽي ٿو. خواب لاءِ محرڪ طور ڪم ڪندڙ تاثر تمام
اهميت جوڳو هوندو آهي. البت اها هڪ طي ٿيل ڳالهه
آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڊريم ڪنٽينٽ ۽ گذريل ڏينهن
ورتل تاثر ۾ ڪو ڳانڍاپو ڳولهيو وڃڻو آهي ته اهو
عام طور ايترو غير اهم هوندو جو اهو اسان کي ذهن ۾
آڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي ۽ لڳندو ته ڊريم ڪنٽينٽ جو
واسطو معمولي ڳالهين سان آهي. تجزيو انهي ناڪاري
فيصلي جي اصلاح ڪري ٿو ۽ اسين هنن نتيجن تي پهچون
ٿا: خوابن جو ڳانڍاپو انهن شين سان ڪڏهن به نه
هوندو آهي جن کي اسين انهي قابل سمجهندا آهيون ته
انهن سان اسان جو ڏينهن ۾ ڪو تعلق هجي ۽ اهي
معمولي ڳالهيون جيڪي ڏينهن جو اسان اثر انداز نه
ٿيون ٿين اهي اسان جي ننڊ ۾ اسان جي پٺيان نه ٿيون
لڳي سگهن. اسين ڊسپليسمينٽ جي عمل جي ڪري ئي ڊريم
ڪنٽينٽ ۾ ڊريم ٿاٽس کي ڳولهي يا شناخت ڪري نه
سگهندا آهيون. اهي اسان کي تڏهن ئي سمجهه ۾ ايندا
آهن جڏهن اسان کي انهن جي مسخ ٿيڻ(Distortion) جو
سبب سمجهه ۾ ايندو آهي. البت ڊريم ٿاٽس هڪ ٻئي قسم
جي تبديلي جي عمل مان پڻ گذرندا آهن. خوابن جي
مينيفيسٽ ڪنٽينٽ جو وڏو حصو تصويري Situations تي
ٻڌل هوندو آهي تنهن ڪري ڊريم ٿاٽس کي به اڳ ۾ هڪ
اهڙي عمل مان گذاريو وڃڻ ضروري آهي جيڪو انهن کي
اهڙي قسم جي اظهار لاءِ موزون بڻائي.
ڊريم ٿاٽس جي نفسياتي مواد ۾ عادتاً تاثراتي تجربن
جون اهڙيون يادگيريون موجود هونديون آهن جن کي خود
اهڙيون situations سمجهيو
ويندو آهي جن کي ڪو نظر ايندڙ (Visual) مواد
هوندو آهي، ڪنهن به خواب جي Situation گهڻو
ڪري ڪنهن تاثراتي تجزيي جي ترميم ٿيل ورجاء کان
سواءِ ٻيو ڪجھ به نه هوندي آهي.
پر ڊريم ڪنٽينٽ فقط Situation تي
ئي ٻڌل نه هوندو آهي. انهي ۾ بصري عڪسن جا غير
مربوط ٽڪرا، گفتگو ۽ ويندي اڻ ترميم ٿيل خيالن جا
ٽڪرا پڻ موجود هوندا آهن. تجزيي ذريعي حاصل ڪيل
ڊريم ٿاٽس پاڻ کي تمام پيچيدي بناوت رکندڙ هڪ اهڙي
نفسياتي مرڪب(Complex) جي
صورت ۾ ظاهر ڪن ٿا جنهن جا حصا پيش منظر، پس منظر،
حالتن، سمجهاڻين، ثبوت جي سلسلن ۽ جوابي دليلن جي
نمائدگي ڪن ٿا. خيال جي هر هڪ وهڪري سان تقريباً
سدائين انهي جا متضاد ڀيچي گڏ هوندا آهن.
البت تصويري شڪل ۾ تبديلي ڊريم ورڪ جي ئي هڪ
خصوصيت آهي. پر مسئلي جي پاڙDisplacement ۾
کتل آهي. جيڪا ڊريم ورڪ جي خاص حاصلات مان سڀ کان
اهم آهي ۽ اسين جيڪڏهن موضوع ۾ گهرائي سان داخل
ٿيون ته اهو محسوس ڪرڻ لڳنداسين تهDisplacement جو
بنيادي شرط خالص نفسياتي آهي جيڪو motive جي
مشابه آهي. اهڙي طرح اسين خوابن جي شڪل مٽجڻ (Dream-
Distortion) جي
تصور تي پهچون ٿا جيڪو ڊريم ورڪ جي پيداوار آهي ۽
ڍَڪ (Disguise) جو
ڪم ڏئي ٿو.
هاڻي اسين انهي پوزيشن ۾ آهيون جو عام اصطلاح ۾
اهي مکيه ڳالهيون ٻڌائي سگهون ٿا جن تائين اسان کي
خوابن جي تجزيي پهچايو آهي، خواب خواهشن جي تڪميل
ڏانهن پنهنجي رويي جي لحاظ کان ٽن طبقن ۾ اچن ٿا:
پهريان، اهي خواب جيڪي اڻ دٻيل خواهشن جي ظاهر
ظهور بغير ڪنهن ڍڪ جي نمائندگي ڪن ٿا؛ ٻيان اهي
خواب جيڪي ڪنهن دٻيل خواهش جو ڍڪيل نموني اظهار ڪن
ٿا پر ناڪافي ڍَڪ سان يا ڪنهن به ڍڪ کان سواءِ.
فرائيڊ هاڻي ڪجھ تفصيل سان دٻائڻ جي نفسيات تي بحث
ڪري ٿو. هو خوابن جي شڪل تبديل ٿيڻ (Distortion) بابت
به چڱو تفصيل ڏئي ٿو جيڪا ڍڪيل جنسي خوابن سان گڏ
هلندي آهي. انهي کان پوءِ خوابن جي علامتن (symbols) تي
بحث ڪري ٿو ۽ انهي طرف ڏانهن اشارو ڪندي پنهنجي
ڳالهه ختم ڪري ٿو جيڪا ڊريم ورڪ جي سندس پنهنجي
تشريح کان پوءِ وڌيڪ تحقيق جي گهر ڪري ٿي. هو اهو
به چوي ٿو ته انهي ميدان ۾ سندس ڪم اڻ پورو آهي ۽
تيستائين اڻپورو رهندو جيستائين تجزيي ذريعي
هسٽريائي علامتن ۽ خبطي سوچن جهڙين ٻين نفسياتي
طبي بناوتن (Psycho-
pathological structures) جي
اصليت بابت خبر نه ٿي پئجي وڃي“.
انٽر پريٽيشن آف ڊريمز جو هيءُ اختصار انهي عهد
ساز ۽ واکاڻ جوڳي ڪتاب جي صحيح حقيقت بابت ڪڏهن به
ڪو اشارو نه ٿو ڏئي سگهي جنهن ۾ تفصيلي مشاهدن جو
هڪ ذخيرو سمايل آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته انهي ۾
فرائيڊ پاران خوابن جي اڀياس جي انساني ذهن جي
جوڙجڪ ۽ ڪم جي اسان پاران ادراڪ تي اثر بابت بحث
پڻ شامل آهي. انهي ڪتاب جي سڀ کان وڏي اهميت پڻ
اها هئي ڇاڪاڻ ته فرائيڊ پاران ذهن کي سمجهڻ جي
ڪوششن مان اهو جديد نظريو منظر تي آيو آهي
ته چريائپ (insanity) به
هڪ مرض آهي جيڪو ٻي ڪنهن به مرض کان مختلف نه اهي
۽ ٻي ڪنهن به بيماريءَ وانگر قابل علاج آهي.
70. ڪِم (Kim)
-- رد يارڊ ڪپلنگ (1936ع- 1865ع)--
رد يارڊ ڪپلنگ 1865ع ۾ بمبئيءَ ۾ ڄائو. سندس ماءُ
پيءُ انگريز هئا. هن پنهنجا شروعاتي ورهيه هندستان
۾ گذاريا جتي سندس پيءُ جان لاڪ ووڊ ڪپلنگ 1875ع
کان 1893ع تائين لاهور ميوزيم جو ڪيوريٽر هو. هو
چڱين صلاحيتن وارو هڪ آرٽسٽ پڻ هو. رد يارڊ ڪپلنگ
انگلينڊ ۾ اسڪولي تعليم پرائڻ کان پوءِ ارڙهن
ورهين جي ڄمار ۾ هندستان موٽي آيو ۽ صحافي ٿي ويو.
انهي دوران هن مقامي هندستانين جي زندگي سان گڏوگڏ
برطانوي عملدارن ۽ سپاهين جو به گهرو اڀياس ڪيو.
هن 1886ع ۾ جڏهن سندس عمر ايڪويهه ورهيه هئي هلڪن
ڦُلڪن طنزيه شعرن جا ٻه جلد ڇپرايا ۽ انهن کان
پوءِ 1887ع ۾ Plain
Tales from the Hills ڇپرايو.
اهو سندس صحافتي ليکن جو مجموعو هو. انهي کان پوءِ Plain
Tales جي
تسلسل ۾ ڇهه ٻيا سنها جلد منظر تي آيا. انهن کي
هندستان ۾ وڏي ڪاميابي ملي هئي. هن کي فوراً فڪشن
جو نئون استاد مڃيو ويو ۽ چوويهن ورهين جي ڄمار تي
پهچندي پهچندي هو ڏاڍو مشهور ماڻهو ٿي ويو. هو
چين، جاپان ۽ آمريڪا کان ٿيندو 1889ع ۾ انگلينڊ
پهتو. اتي هر ڪو کيس هڪ ادبي شخصيت وارو مان ۽ عزت
ڏئي رهيو هو.
هو پنهنجي زندگي جي پڄاڻي تائين ادبي شخصيت ٿي
رهيو انهي دوران هن افسانن ۽ شعرن جو هڪ وڏو تعداد
لکيو. هن ڪجھ وقت ڏکڻ آفريقا ۾ پڻ گذاريو جتي هو
شهنشاهيت جي هڪ اهڙي قسم جي زير اثر اچي ويو جنهن
سندس تحريرن تي ڪو سٺو اثر نه وڌو. هن پنهنجي
زندگي جو آخر حصو سسيڪس ۾ گذاريو ۽ 1936ع ۾ فوت ٿي
ويو.
ڪِم 1901ع ۾ ڇپيو. اهو سندس ٻيو ناول ۽ هندستان
بابت سندس آخري ڪهاڻي هئي. اهو هر دور ۾ تمام
مقبول رهيو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو انهي کي سندس
بهترين ڪتاب سمجهن ٿا.
ڪِم پنهنجي زندگي جي شروعات لاهور ۾ هڪ بي گهر ٻار
طور ڪئي. سندس پيءُ ڪم بال او هارا، ميورڪس (Mavericks) (هندستان
۾ تعينات هڪ آئرستاني رجمينٽ) ۾ ڪلر سارجنٽ هو ۽
هڪ ڪرنل جي گهر ۾ ڪم ڪندڙ هڪ نرس سان شادي ڪئي
هئائين. سندس زال ڪم جي ڄمڻ کان پوءِ ڪالرا وگهي
مري وئي ۽ اوهارا پهريان شراب پيئڻ ۽ پوءِ آفيم
کائڻ شروع ڪيو جنهن سبب هو مري ويو. ڪم جي پالنا
هڪ مشڪوڪ شهرت واري عورت ڪئي. هو وڏو ٿي لاهور جي
گهٽين ۾ رلڻ لڳو. هو بازار جي ٻين ڇوڪرن وانگر ڪڻڪ
رنگو هو پر پنهنجي سفيد فام نسل جي ثابتي طور
پنهنجي ڳچي ۾ هڪ چمڙي جو تعويذ ٻڌل رکندو هو جنهن
۾ سندس ڄم سرٽيفڪيٽ ۽ سندس پيءُ جا ڪاغذ هوندا
هئا.
ڪم ستارن جي دوست (Friend
of the stars) طور
مشهور رهيو جيڪو سموري دنيا جو دوست آهي. هو
نوجواني جي عمر تي پهچڻ کان اڳ ئي انهي دنيا جي
طور طريقن کان واقف ٿي ويو جنهن ۾ هو رهندو هو.
سندس دوستن ۾ هڪ محبوب علي به هو. هو اتر جي جابلو
لڪن جي پرئين ڀر جو مشهور گهوڙن جو واپاري هو. هن
ارڙهين صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ برطانوي هندستان ۾ سير
سفر ڪيا هئا ۽ انهي ڳالهه جي ڪِم کي خبر نه هئي ته
هو هندستاني حڪومت جو ڳُجهو ايجنٽ پڻ هو.
ڪِم هڪ ڏينهن لاهور ميوزيم جي ڀرسان زمه زمه نالي
وڏي توپ جي هيٺان راند کيڏي رهيو هو جو هڪ اهڙي
ماڻهو سان مليو جنهن کي هندستاني ماڻهن بابت وڏي
ڄاڻ هئي. هن اهڙو ماڻهو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو هو. هو
قد جو ڊگهو، وجاهت ڀريو ۽ تمام پوڙهو هو. هو
پنهنجي رک رکاء ۽ ساز سامان مان ڪو ڌرمي ماڻهو ٿي
لڳو. هو واقعي هڪ ڌرمي ماڻهو هو. هو تبتي لاما هو
۽ هندستان ۾ اهڙين جاين جي زيارت تي نڪتل هو جتي
ٻڌ پنهنجا پير گهمايا هئا. لاما کي خاص طور River
of the Arrow ڳولهڻ
جي خواهش هئي جيڪا انهي جاءِ تان ڦٽي نڪتي هئي جتي
ٻڌ جو تير ڪريو هو. انهيءَ ندي انهيء ۾ وهنجندڙن
تان گناهه جي هر آلودگي ڌوئي ٿي ڇڏي.
ڪِم لاما جو چيلو ٿي پيو ۽ تير واري ندي ڳولهڻ
لاءِ هن سان گڏ بنارس هلڻ جي آڇ ڪيائين. ڪم جي دل
۾ جتيوڻيڪ ٻڌ لاءِ ڪشش پيدا ٿي هئي پر هو شروع ۾
انهي رٿا بابت ايترو پُراميد نه هو ۽ لاما کي چريو
ٿي سمجهائين پر هو لاهور مان ماندو ٿي پيو هو ۽
دنيا ڏسڻ جو وڏو شوق هوس انهي کان سواءِ لاما سان
گڏ سير ڪرڻ جا وڏا فائدا پڻ هئا ڇو ته هندستان ۾
ڌرمي ماڻهن جي وڏي عزت ڪئي ويندي هئي.
انهن کي صبح سان سفر تي روانو ٿيڻو هو ۽ ڪِم چيو
ته هو انهن لاءِ رات ٽِڪڻ لاءِ آرام واري جاءِ جو
بندوبست ڪري سگهي ٿو. هو لاما کي محبوب علي ڏانهن
وٺي ويو. هو پنهنجن گهوڙن ۽ نوڪرن چاڪرن جي ڪاروان
سان گڏ ڪشمير سراء ۾ ترسيل هو. محبوب علي کي ڪِم
جي لاما سان گڏ سفر ۾ ڏاڍي دلچسپي هئي. هن ڪِم ۽
سندس عزت ڀرئي ساٿي کي نه فقط رات لاءِ رهڻ جي
جاءِ ۽ هنڌ بسترو ۽ رستي ۾ ڪم اچڻ لاءِ ڪجھ پئسا
ڏنا پر ڪِم (جنهن کي هو ننڍپڻ کان سڃاڻندو هو) کي
هڪ هڙ پڻ ڏني ته هو اها امبالا ۾ هڪ انگريز جي
حوالي ڪري. ڪِم کي اها خبر نه هئي ته هڙ ۾ اها خبر
ڏنل هئي ته اتر اولهه سرحد تي بغاوت جي رٿابندي ٿي
رهي هئي.
ڪِم ۽ لاما پرهه ڦٽيء کان اڳ اٿي امبالا ويندڙ ريل
گاڏي تي سوار ٿي ويا. مسافرن سان ڀريل گاڏي ۾ لاما
کي هر ڪو تجسس جي نگاهه سان ڏسي رهيو هو ۽ هر ڪو
لاما کي دل کولي جيڪي کائڻ پيئڻ جون شيون ڏئي رهيو
هو ڪِم به سندس مريد ۽ چيلي جي حيثيت ۾ انهن ۾
شريڪ ٿي رهيو هو ۽ انهن مان مزو وٺي رهيو هو.
ڪِم امبالا ۾ محبوب علي جي ڪاغذن جي هڙ انڊين آرمي
جي هڪ انٽيليجنس آفيسر جي حوالي ڪئي ۽ پنهنجي
دستوري هو راکورا سبب جاسوسي ڪرڻ لاءِ اتي ئي رهي
پيو. هن آفيسر کي انهي نياپي بابت پنهنجي ڪمانڊر
انچيف سان ڳالهائيندي ٻڌي ورتو. انهي نياپي ڪمانڊر
انچيف تي ڏاڍو اثر ڪيو هو.
فوجين جي موڪل رد ڪئي وئي ۽ پنڊي ۽ پشاور برگيڊن
کي فوراً ايڪشن لاءِ حرڪت ۾ آندو ويو. ڪِم انهي
ڏاڍي اهم خبر کي حيرت سان ٻڌو ۽ ريل گاڏي جي هڪ
مسافر جي گهر ڏانهن موٽي آيو. هن لاما ۽ سندس چيلي
کي پاڻ وٽ رهائڻ جي آڇ ڪئي هئي.
اتان جي ٻائي کي به عزت ڀرئي مهمان سان ملاقات
لاءِ گهرايو ويو ۽ ڏاڍي عالماڻي گفتگو کان پوءِ
ٻائي لاما جي چيلي جي جنم پتري ڪڍي. هن ڪم کي
ٻڌايو ته سندس آئيندو جنگ جي هڪ ڳاڙهي ۽ ڪاوڙ واري
نشان سان جڙيل هو ۽ سندس مقدر اُتي لکيل هو جتي هڪ
سائي ميدان تي هڪ ڳاڙهو ڍڳو نظر ايندو.
ٻئي ڏينهن ڪم ۽ لاما سوکڙين پاکڙين سان سٿجي
امبالا مان روانا ٿي ويا ۽ پنهنجي تلاش جو ڪم جاري
رکيو. هاڻي لاما سان گڏوگڏ ڪِم کي به ڪا ڳولها
ڪرڻي هئي کيس هڪ سائي ميدان تي ڳاڙهو ڍڳو ڳولهڻو
هو. ڪِم جلدئي لاما جي عزت حاصل ڪري ورتي جنهن هن
بابت چيو ته ”هي هن دنيا سان بنهه واسطو نه ٿو
رکي“. يعني ڪِم کي عملي صلاحيتن سان گڏوگڏ روحاني
صلاحيتون پڻ هيون ڇاڪاڻ ته ڇوڪر جي دنيا بابت ڄاڻ
کان سواءِ هن جو سفر ناممڪن هو. ڪم هن کي ڏاڍي
هوشياري سان ٺڳن ۽ ڦورن کان بچائيندو هو ۽ جيئن
اهي پنهنجي دلچسپ سفر ۾ اڳتي وڌندا ويا تيئن انهن
۾ هڪ مضبوط تعلق قائم ٿيندو ويو، ”تون ڪو روح آهين
يا ڪو جن آهين؟“ ڪِم هڪ دفعو دستور موجب وڏي حرفت
سان کيس مصيبت کان بچايو هو ته پيرسن فيلسوف هن کي
اهي لفظ چيا هئا.
اهڙي طرح اهي لڳاتار هندستان جي هڪ سري کان ٻئي
سري تائين ويندڙ شاهي رستي تان هلندا رهيا. لاما
ماٺ ميٺ ۾ سوچ ويچار ۾ هوندو هو. ڪِم چمڪندڙ اکين
سان روڊ سان گڏوگڏ هلندڙ زندگي جي انهي ويڪري
مسڪرائيندڙ ندي ۾ نظر ايندڙ هر شي پاڻ ۾ سمائيندو
ويندو هو. مسافرن جو اڻ کٽ بهيرون اوڻيهين صدي جي
هندستان جو دلڪش منظر پيش ڪنديون وينديون هيون.
اهي پهرئين رات هڪ اجتماعي رات گذارڻ واري جاءِ تي
رهيا. انهيءَ مصروف ڪاروان سراء ۾ انهن جي ملاقات
هڪ امير ۽ ڪجھ رعبدار ڪراڙي عورت سان ٿي جيڪا
پنهنجي اٽالي سان گڏ ڏکڻ طرف پئي وئي. انهي عورت
صاحبه لاما ۽ سندس نوجوان چيلي ۾ ڏاڍي دلچسپي ورتي
۽ انهن اڳتي جو سفر گڏجي ڪيو. ڪِم کي صاحبه ۾ خاص
طور دلچسپي پيدا ٿي پئي جنهن کي گار گند ڪرڻ تي به
وڏو عبور حاصل هو.
ڪِم ۽ لاما جيئن ته رستي تي هلندي سدائين تير واري
ندي جي ڳولها ۾ رهندا هئا تنهن ڪري اهي هڪ جاءِ تي
رستي تان ٿورو هٽي ويا ۽ انگريز سپاهين جي هڪ ڪيمپ
تي اچي پهتا. ڪِم جڏهن رجمينٽ جو جهنڊو ڦڙڪندي ڏٺو
ته هو سمجهي ويو ته سندس ڳولها پڄاڻي تي پهچي وئي
ڇاڪاڻ ته جهنڊي تي آئرستاني سائي رنگ جي پس منظر ۾
هڪ ڳاڙهو ڍڳو ٺهيل هو. انهي رات ڪِم ۽ لاما انهن
کي ڏسڻ موٽي آيا. ڪِم جاچ لهڻ ويو ته فوجي پادري
کيس پڪڙي ورتو ۽ سندس تلاشي ورتائين. پادريءَ جڏهن
ڪِم جي ڳچي ۾ پيل تعويذ کولي ڏٺو جنهن ۾ سندس پيءُ
جا ڪاغذ پيل هئا جنهن مان اهو ثبوت ٿي مليو ته هو
مقامي ماڻهو نه پر انگريز آهي ۽ وڏي ڳالهه ته سندس
پيءُ هڪ ميسن (Mason) آهي.
پوءِ ته کيس وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو سوال ئي نه پئي
پيدا ٿيو. کيس فري ميسن تنظيم جي يتيم خاني ڏانهن
موڪلڻ گهرجي. ڪِم ڏاڍي پيڙا ۾ هو ۽ لاما اداس هو.
پر انهي بابت ٻنهي مان ڪو به ڪجھ نه ٿي ڪري سگهيو.
انهن کي هڪ اهڙي اختياري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو
هو جنهن کان هو ڪنڌ به ڪڍائي نه ٿي سگهيا. لاما
ڏاڍي افسوس ۾ پنهنجي واٽ وٺي رمندو رهيو. هن
پنهنجي عقلمندي سان اهو ڄاتو ٿي ته ڪِم لاءِ
پنهنجن ماڻهن ۾ رهڻ بهتر هو.
اهڙي طرح ڪِم کي غير آرامده ۽ گرم وردي پارائي وئي
۽ ميورڪس (Mavericks) سان
گڏ رهايو ويو. هو جيتوڻيڪ ڏاڍو ناخوش هو پر سندس
روح ڪنهن زير باريءَ هيٺ نه آيو هو. جڏهن رجمينٽ
حرڪت ۾ آئي ته ڪِم انهن کي ٻڌايو ته اهي جنگ تي
وڃي رهيا هئا. اها ڳالهه ٻڌي هو مٿس کِلڻ لڳا پر
پوءِ اوچتو اهي حڪم اچي ويا ته اهي جنگ لاءِ تيار
ٿي اتر طرف وڃن.
ڪِم کي جنگ ۾ حصو نه وٺندڙن سان گڏ پٺتي ڇڏيو ويو
۽ کيس ملٽري اسڪول وڃڻ جو چيو ويو. هو ڏاڍو اداس
رهندو هو ۽ ٻين گورن سان گڏ پاڻ کي ڏاڍو اڪيلو
محسوس ڪندو هو. کيس انهن جا طور طريقا سمجهه ۾ نه
ايندا هئا ۽ انهن جون ڳالهيون کيس اڻ سڌريلن
جهڙيون لڳنديون هيون. هن ڪنهن طريقي سان محبوب علي
ڏانهن نياپو موڪليو ۽ کيس مدد لاءِ ايلاز ڪيائين.
انهي دوران لاما به بنارس پهچي ويو ۽ هڪ خط لکي
ڪِم جي تعليم لاءِ سٺي خرچ پکي جي آڇ ڪيائين. انهي
تي ڪِم ۽ پادري فادر وڪٽر ڏاڍا حيران ٿيا. جلدئي
هندستان جي هڪ مشهور بينڪ جي ذريعي پهرئين سال جي
فين جي رقم اچي وئي ۽ فادر وڪٽر ڪِم کي لکنو ۾
سينٽ زيوئير اسڪول موڪلڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو.
محبوب علي ڪِم جي عرضداشت جو جواب ته موڪليو پر
کيس آزادي ڏيارڻ ۾ مدد ڪرڻ بابت ڪجھ به نه ڪري
سگهيو جيئن هو رستي تي سفر واري رنگا رنگ ۽ دلچسپ
زندگي ڏانهن واپس وڃي سگهي. محبوب چيو ته کيس
لازماً اسڪول وڃڻ گهرجي. هن ڪِم جي ڪرنل ڪريگٽن
سان به واقفيت ڪرائي. هو انڊين انٽيليجنس ۾ هڪ اهم
آفيسر هو. هو ڇوڪري جي غير معمولي صلاحيتن مان
ايترو ته متاثر ٿيو جو هن سان واعدو ڪيائين ته هو
جڏهن اسڪول مان فارغ ٿيندو ته کيس انٽيليجنس سروس
۾ ڪا نوڪري ڏيندو.
ڪِم لاءِ سندس دوست لاما جيڪو ڪجھ ڪيو هو انهي مان
هو ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هاڻي رضا خوشي سان سينٽ
زيويئر روانو ٿي ويو. اهو اينگلو انڊينز جو اسڪول
هو ۽ ڪِم اتي ڏاڍو هري مري ويو ڇاڪاڻ ته اتان جا
ڇوڪرا به ملٽري اسڪول جي موڳن جي برخلاف هن جهڙائي
هئا. انهن هر ڳالهه تي قسم به نه ٿي کنيا. ڪِم جي
تيز ۽ جوان ذهن اها سموري ڄاڻ به جلدئي حاصل ڪري
ورتي جيڪا هن پاران زندگي ۾ ڪجھ ڪرڻ لاءِ ضروري
هئي.
اونهاري جي ڊگهين موڪلن ۾ هن لاءِ ميورڪس جي فوجي
بيرڪن ۾ واپس وڃڻ جون رٿائون ٺاهيون ويون پر ڪِم
ڪنهن به قيمت تي اها ڳالهه نه ٿي چاهي. هو ٽرم جي
پڄاڻي تي کسڪي غائب ٿي ويو ۽ اچي روڊ ورتائين.
هو هڪ دفعو وري اچي محبوب علي سان مليو. هو اتر
اولهه هندستان ۾ پنهنجي گهوڙن جي واپار ۽ جاسوسي
جي هڪ گڏيل سفر تي هو. ڪِم محبوب جي قتل جي هڪ
سازش ٿيندي ٻڌي ورتي ۽ کيس بروقت خبردار ڪري سندس
زندگي بچائي ورتائين.
هو اونهاري جي انهي دلچسپ ۽ يادگار موڪل ۾ شملا
ويو ۽ سيڪريٽ سروس جي هڪ ٻئي رنگا رنگ شخصيت
لورگان صاحب سان مليو. هو عجيب غريب شين ۽ قيمتي
پٿرن جو دڪان هلائيندو هو. ڪِم اتي ڪيتريون ئي
عجيب ۽ پر اسرار شيون ڏٺيون. هو هري بابو ايجنٽ آر
17 سان به مليو. هو ڪِم ۾ ايندڙ دور ۾ هندستان جي
سيڪريٽ سرورس جو ميمبر ٿيڻ جون صلاحيتون ڏسي ڏاڍو
متاثر ٿيو.
ڪِم جي سينٽ زيويئر ۾ جاري تعليم رهي ۽ هن اتي سٺي
ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ سروئينگ ۾ به هڪ امتحان پاس
ڪيو. انهي دوران موڪلن ۾ هن جون هندستاني روڊن تي
رولاڪيون به هلنديون رهيون جن ۾ محبوب علي گهوڙن
جو واپار، جاسوسي ۽ فوجي سرويئنگ جا ڪِم هڪ ئي وقت
ڪندو رهيو.
ڪِم سورهن ورهين جي ڄمار جو ٿيو ته سينٽ زيويئر
ڇڏيائين ۽ سيڪريٽ سروس ۾ نوڪري شروع ڪيائين. هو
ڏاڍي شوق سان لاما ڏانهن واپس ويو. کيس هن سان
دائمي عقيدتمندي ٿي وئي هئي. هو اڃا پنهنجي تير
واري ندي جي ڳولها ۾ لڳو پيو هو.
ڪِم جي آخري مهم جوئي ۾ هَري بابو به شامل هو. هو
روسي ايجنٽن جي پٺيان لڳل هو جيڪي برطانوي راج جي
دشمنن جي فائدي ۾ اتر اولهه سرحد ۾ باهه ڀڙڪائڻ
جون رٿائون جوڙي رهيا هئا. لاما جنهن کي انهي بابت
ڪا به ڄاڻ نه هئي ته ڇا ٿي رهيو هو. اوچن جبلن تي
واپس وڃڻ چاهيو ٿي ۽ ڪِم هن سان سندس چيلو ٿي
هماليه جي جبلن تي ويو. ڪِم هري بابو سان ملڻ
چاهيو ٿي جيڪو اڳيئي روس جي ٻن جاسوسن سان ملي چڪو
هو انهن جا ٿيلها روسي مهم کي عملي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ
رٿائن ۽ خاڪن سان ڀريا پيا هئا.
پر اهي ٻئي غير ملڪي جنهن ملڪ ۾ جاسوسي ڪرڻ لاءِ
موڪليا ويا هئا انهي بابت انهن کي ڄاڻ ناڪافي هئي.
اهي جڏهن ڪِم ۽ لاما سان مليا ته اهي لاما سان
ڏاڍي بي ادبي سان پيش آيا ۽ انهي تي حملي جي پڻ
ڪوشش ڪيائون ۽ سندس پوتر Chart
of the wheel کي
نقصان پهچايائون. هنن اهو هن کان کسڻ جي ڪوشش ڪئي
هئي. اهڙي دهشتناڪ بي عزتي ڏسي هنن جا قُلي روسين
تي ڪڙڪي پيا ۽ پوءِ ٿيندڙ وٺ سٺ ۾ ڪِم ۽ بابو
جاسوسن پاران ٺاهيل سڀ خاڪا ۽ نقشا ۽ پڻ اهي خفيه
خط ۽ دستاويز پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتا جيڪي انگريزي
انٽيليجنس لاءِ ڏاڍا قيمتي هئا.
اهو تجربو پيرسن لاما لاءِ ڪنهن وڏي صدمي کان گهٽ
نه هو. هو بيمار ٿي پيو ۽ اهو پڪو ارادو ڪري
ڇڏيائين ته هو هيٺ ميدان تي اچي تير واري ندي جي
ڳولها جاري رکندو. هن کي ڏولي تي کنيو ويو. انهي
سفر ڪِم جي توانائي تي ڏاڍو اثر وڌو جيئن ته هو
پير مرد کي ڇڏي به نه پيو تنهن ڪري هو پاڻ به
بيمار ٿي پيو.
اهڙي طرح اهي آخرڪار انهي مهمان نواز ۽ مهربان
صاحبه جي گهر موٽي آيا. انهي جي محبت ڀري سار
سنڀال سان ڪِم جلدئي چاق چڱو ڀلو ٿي ويو. اتي لاما
جي تلاش به پڄاڻي تي پهتي جو هن ڏٺو ته تير واري
ندي به سٺي صاحبه جي گهر جي ڀرسان وهي ٿي.
ڪپلنگ جيتوڻيڪ پنهنجي دور جو هڪ تمام ڪامياب ۽
مقبول ليکڪ هو پر هو نقادن جي نظرن ۾ ڪڏهن به
مقبول نه ٿي سگهيو ۽ هن پاران اهڙي قسم جي
شهنشاهيت سان وابستگي جنهن تي برطانيا کي به ڪو
فخر نه آهي، هن پاران لکيل هر شي کي پس منظر ۾ ڌڪي
ڇڏيو آهي.
اها ڪِم جهڙي ڪتاب سان وڏي ناانصافي آهي- انهي ۾
اهڙي قسم جي ڪا شهنشاهيت به نه آهي. جيڪا اسان کي
موجوده دور ۾ ايتري اڻ وڻندڙ لڳي ٿي. حقيقت ۾ ڪِم
۾ جيڪا شي سڀ کان وڌيڪ نمايان ٿي بيهي ٿي اها آهي
ڪِم پاران مقامي هندستانين جي طور طريقن کان
واقفيت ۽ انهن سان شديد محبت ۽ هن پاران انگريزن
جي اڪثر ڳالهين خاص طور بادشاهه سلامت جي سپاهين
کان نفرت. اها ڳالهه درست آهي ته سندس آکاڻي
اوڻيهين صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ هندستان ۾ موجود Status
Quo جي
حمايت ٿي ڪري پر ڪم کي ڇڏي سندس اصل هيرو لاما
ڪنهن به ماڻهو جي چمڙي جي رنگ کي نه پر هن ۾ موجود
چڱائي يا برائي کي اهميت ڏئي ٿو. اڄ جي دور جا اهي
سمورا انسان جن جي دلين ۾ انسان ذات جي محبت آهي
اهي مختلف رنگ، مذهب، روايتون ۽ ثقافت رکندڙ قومن
جي سچي همدردي ۽ فهم حاصل ڪرڻ گهرن ٿا. ڪپلنگ کي
بلاشڪ اها ڳالهه حاصل هئي. اها ڪم جي صفحن تي ڪنهن
فانوس وانگر تجلا ڏئي ٿي.
ڪِم ڪپلنگ جو شايد سڀ کان سٺو ڪتاب آهي ۽ انهي ۾
زندگي ۽ انهي جي رنگا رنگيء کي انهي جي سڀ کان
عظيم انداز ۾ ڏيکارڻ جي سندس ڏات جو اظهار ٿيل
آهي. انهي مان عجيب غريب ڄاڻ جو هڪ پر اسرار احساس
پڻ ملي ٿو. انهي ۾ هڪ تمام مخصوص قسم جي ۽ تمام
پيچيدي دنيا نظر جي هڪ اهڙي وسعت سان ڏيکاري وئي
آهي جيڪا بلڪل غير معمولي آهي. انهي ۾ لامحدود
ڪردار ڏيکاريا ويا آهن جن ۾ ڄڻ ته ڪنهن جادوئي اثر
ذريعي زندگي ڀري وئي آهي.
خود ڪِم به- هو پنهنجي بهترين روپ ۾ نوجوانيءَ ۾
نظر اچي ٿو. جڏهن اڃا اسڪولي تعليم جا اثر هن تي
نه پيا آهن- انهي لافاني ڇوڪري جو ڪامل نمونو آهي
جيڪو هر تخليقي ليکڪ جي روح ۾ ڦيرا پيو ڏيندو آهي.
سندس مهم جوئيون جان بچائڻ جي بهترين صلاحيتن واري
دور جي ياد ڏيارين ٿيون. بوچان (Buchan) هڪ
دفعو ڪپلنگ جي تاريخ جي تسلسل جي لطيف احساس جي
واکاڻ ڪئي هئي. ڪِم بلاشڪ هڪ تاريخي ناول آهي ۽
انهي کي تخليق ڪندڙ انسان جي ڏات جو قدر نه ڪرڻ جو
مطلب هوندو ته ماڻهو پنهنجو هڪ پير اڃا ويهين صدي
جي ٽئين ڏهاڪي ۾ رکيو بيٺو آهي.
71. ٽائفون
-- جوزف ڪونرڊ (1924- 1857)--
جوزف ڪونرڊ يوڪرائين جي شهر پوڊوليا ۾ 1857ع ۾
ڄائو. سندس پورو نالو جوزف ٽيوڊور ڪونرڊ نيليڪز
ڪور زينووسڪي هو. سندس ماءُ پيءُ پولش نسل جا هئا.
سندس پيءُ هڪ زميندار ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو هو. هن
جو پولينڊ جي قومي تحريڪ سان گهاٽو تعلق هو. سندس
ماءُ پيءُ پنهنجي سياسي سرگرمين سبب جيل ۾ رهيا
هئا تنهن ڪري سندن صحت خراب ٿي پئي ۽ ڪونرڊ اوائل
نوجواني ۾ ئي يتيم ٿي ويو.
ڪونرڊ گهڻو وقت پنهنجي وطن ۾ نه رهيو. هو سترهن
ورهين جي ڄمار ۾ مارسيلز ۾ هو جتي هو سيلر (Sailor) ٿي
ويو ۽ ٻن سالن تائين ڀونوچ سمنڊ ۽ ڏکڻ آمريڪي
ڪنارن تي فرانسي جهازن ۾ نوڪري ڪندو رهيو. هو
1878ع ۾ لوويسٽا فٽ آيو ۽ برٽش مرچنٽ سروس ۾
گهڙيو. هو جيتوڻيڪ فرانسي رواني سان ڳالهائيندو هو
پر کيس انگريزي جو هڪ لفظ به ڳالهائڻ نه ايندو هو.
هو ڪجھ ورهين ۾ نه فقط ملاحي جي ڪم ۾ ماهر ٿي ويو
پر انگريزي زبان ۾ به ايتري مهارت حاصل ڪري
ورتائين جو مرچنٽ سروس ۾ آفيسريءَ جا امتحان پاس
ڪري ويو.
هو چوندو هو ته هن پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ ڪڏهن به
انگريزي گرامر جو ڪو ڪتاب نه کوليو هو ۽ اهو به
چوندو هو ته هن انگريزي زبان تي مهارت حاصل نه ڪئي
هئي پر اها سکي هئي. اسان کي اهو ڏسڻ لاءِ فقط
سندس ڪتابن کي کولي ڏسڻو پوندو ته کيس انهيءَ زبان
تي ڪيتري نه مڪمل مهارت حاصل هئي جنهن جو هن ڪو هڪ
لفظ به ويهن ورهين جي ڄمار ۾ ڳالهايو هو.
هن انهيءَ صدي جي آخري ٻن ڏهاڪن ۾ ڪيترن ئي جهازن
تي آفيسر طور ڪم ڪيو جن ذريعي هو دنيا جي ڪيترن ئي
حصن ۾ ويو. هن 1890ع کان پوءِ لکڻ شروع ڪيو ۽ سمنڊ
۽ مهم جوئين بابت ڪيترن ئي ناولن کي مائيدار بنائڻ
لاءِ پنهنجن تجربن کي ڪم آندو. انهن ناولن جي ادبي
حلقن ۾ تمام گهڻي ساراهه ڪئي وئي. هن پنهنجو آخري
جهاز 1893ع ۾ ڇڏيو. اهو ٽورينز (Torrens) نالي
مشهور هو. هو انگريزي جيتوڻيڪ چٽي غير ملڪي لهجي ۾
ڳالهائيندو هو پر اها بي مثال حسن سان لکي سگهندو
هو. سندس ڪجھ مشهور سامونڊي ڪهاڻيون هي آهن: دي
نِگر آف نارسيسس (1897ع)، لارڊ جم (1900ع)،
نوسٽرومو (1904ع) ۽ ٽائفون (1903ع). ڪونرڊ پنهنجي
زندگي جو وڏو حصو ڪينٽ ۾ رهيو ۽ انگريزي ادب ۾
نمايان ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1924ع ۾ فوت ٿي
ويو.
ٽائفون فڪشن ۾ شايد سڀ کان شاندار ۽ جوش ڀريل
ڪهاڻي آهي. ڪونرڊ پنهنجي ڪهاڻي ۾ اسٽيم شپ نان شان (Nan
Shan) جو
منظر ڏيکاريو آهي جيڪا 200 چيني قلين کي سنگاپور
کان اتر چين جي ڪنهن سامونڊي بندر تي کڻي پئي وڃي.
اهي چيني سکيا جو لازمي مدو پورو ڪرڻ کان پوءِ
پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا هئا. هر هڪ ماڻهو
کي پنهنجي کيسي ۾ ڪمايل آمريڪي ڊالر هئا.
ڪتاب جو هيرو عام رواجي، سمنڊ جي نوڪري تي هِريل ۽
ڪنهن به ڳالهه تي پريشان نه ٿيندڙ ڪيپٽن ميڪ وهر (Mac
whirr) ڪونرڊ
جي تمام ڪامياب تخليقن مان هڪ آهي. ڪيپٽن وهر چين
جي سمنڊن ۾ نوڪري ڪندو هو ۽ ڪهين قضاني انگلينڊ
پنهنجي زال ۽ ٻن ٻارن ڏانهن ويندو هو. انهن لاءِ
هو ڄڻ ته بلڪل اجنبي هو. هو سامونڊي سفرن بابت
پنهنجي زال ڏانهن ڊگها خط لکندو هو جيڪي هو بوريت
جون اوٻاسيون ڏئي پڙهندي هئي. ”سندس زندگي جو واحد
راز اهو هو ته کيس انهي وقت کان ڏاڍو ڊپ لڳندو هو
جڏهن سندس مڙس هميشه لاءِ گهر رهڻ ايندو“.
سنگاپور کان انهي سفر ۾ جهاز ۾ ڪارگو غير معمولي
هو. قُلي جهاز جي اڳئين حصي ۾ هڪ وڏي بنڪر ۾ رهندا
هئا. ڪيپٽن ميڪ وهر انهن کي مسافرن جي نالي سان
عزت نه ڏيندو هو. ڇاڪاڻ ته اهي فقط قُلي هئا. هر
قلي کي پاڻ سان گڏ هڪ ڪاٺ جو کوکو هو جنهن ۾ سندس
ٿورو ٿڪو سامان ۽ سندس گڏ ڪيل ٿورا چاندي جا ڊالر
هئا.
نان شان سائوٿ چائنا سمنڊ ۾ اڳتي وڌندو پئي ويو.
ڪيپٽن ميڪ وهر ڏسي رهيو هو ته بيروميٽر جي سُئي
مسلسل ڪِرندي پئي وئي ۽ کيس احساس ٿي رهيو هو ته
موسم جلدئي خراب ٿي ويندي. بيروميٽر جي سئي ڪرڻ
سان تمام شديد ۽ چيڙهه واري گرمي ٿي رهي هئي. هوا
ڳري ۽ بي جان ٿي وئي هئي. سج مان نارنگي رنگ
ڇڏائجي ويو هو ۽ اُس تمام تکي ٿي وئي هئي. موسم جي
اڻ وڻندڙ شدت جهاز ۾ سڀني تي اثرانداز ٿي رهي هئي.
سمنڊ جي باقاعدي ۽ آهستي حرڪت بتدريج تيز ٿيندي ٿي
وئي. جنهن سان جهاز بي آراميءَ سان لوڏا کائي رهيو
هو.
سج لهڻ سان جهاز جا خوفناڪ لوڏا اڃا وڌي ويا ۽
زيتوني رنگ جي ڪڪرن جا گهاٽا ڪنارا سمنڊ ۾ اتر طرف
بي حرڪت نظر اچي رهيا هئا. جهاز جي چيف ميٽ ينگ
جوڪس (young
jokes)
پنهنجي لاگ بڪ ۾ لکيو: ”جهاز وڏي وير ۾ تمام تيزي
سان لڏي رهيو آهي. سج لٿو ڏاڍو ڏيڄاريندڙ آهي“.
اوندهه ٿيڻ کان پوءِ وير وڌندي وئي. بيروميٽر
مسلسل هيٺ ڪري رهيو هو. جهاز ۾ سڀئي حفاظتي اپاءُ
ورتا ويا. قُلين کي بنڪر ۾ بند ڪيو ويو. ميڪ وهر
چارٽ روم ۾ ويٺو پنهنجي ڪنهن ڪتاب مان طوفانن وارو
باب پڙهي رهيو هو. جوڪس جهاز جو مٿو تمام وڏي وير
ڏانهن ڪرڻ جي صلاح ڏني جيڪا جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ
خطرناڪ ٿيندي پئي وئي. پر ميڪ وهر انهي ڳالهه تي
ڪن ئي نه پئي ڏنو. ”مسٽر جوڪس طوفان ته طوفان
هوندو آهي ۽ پوري طاقت واري جهاز کي انهي کي منهن
ڏيڻو پوندو آهي“. هو چارٽ روم ۾ ننڊ ڪرڻ ويو هليو
۽ جوڪس کي چوندو ويو ته ٿوري به تبديلي اچي ته کيس
جاڳائي.
نان شان سان طوفان ايترو ته اوچتو ۽ ايتري ته شدت
سان ٽڪرايو جو جوڪس بنا دير چارٽ روم ڏانهن نه وڃي
سگهيو. آفيسر گگهه اوندهه ۾ پنهنجي جان بچايو بِرج
(جهاز ۾ هڪ پليٽ فارم جتان ڪيپٽن جهاز جو رخ متعين
ڪندو آهي. سنڌيڪار) تي بيٺا هئا. هوا جي گوڙ ۽ شور
۾ انهن جا هوش حواس خطا ٿي ويا هئا. نان شان آڳيل
کان پاڇيل تائين موجون هڻندڙ سفيد پاڻي ۾ ويڙهيو
ائين لوڏا کائي رهيو هو ڄڻ ته ڊپ وچان چريو ٿي ويو
هجي.
پوءِ آخر اصلي ڪم به ٿي ويو. ”ائين پئي لڳو ڄڻ ته
سمنڊ جي چئني پاسن کان وڏا ڌڌڪا ٿي رهيا هجن. پاڻي
ائين ڌوڪيندو پئي آيو ڄڻ ته ڪو شاهي ڊيم ڀڄي پيو
هجي. کن پلڪ ۾ ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ ڪنهن جو ڪنهن
سان رابطو نه رهيو. اها طوفاني هوا جي ڇڙوڇڙ ڪندڙ
طاقت هئي. انهي هڪ شخص کي ٻئي کان پري ٿي ڪري
ڇڏيو“.
هاڻي طوفان پنهنجي عروج تي هو. ماڻهن لاءِ هڪ ٻئي
سان ڳالهه ٻولهه جو واحد طريقو ڪنن ۾ رڙيون ڪرڻ
هو. اهو ڏاڍو ڀوائتو تجربو هو جو انهن مان ڪنهن به
اڳ ۾ اهڙو طوفان (Typhoon) نه
ڏٺو هو. جهاز جو سيڪنڊ ميٽ افراتفريءَ ۾ وهيل
هائوس ۾ گهوماٽجي ڪري پيو. جوڪس ڏاڍي ڊپ ۾ وٺجي
ويو هو کيس پڪ هئي ته جهاز طوفان جي شدت مان صحيح
سالم بچي نه سگهندو. پوري ذميواري فقط هڪ ماڻهو جي
ڪلهن تي هئي ۽ اهو هو ٿور ڳالهائو ۽ ڌن جو پڪو
ڪيپٽن ميڪ وهر.
”جهاز بچي ويندو؟“ جوڪس پنهنجي ڪيپٽن جي ڪن ۾ رڙ
ڪئي.
”ٿي سگهي ٿو“.
هر ڪنهن تي طوفان جو اثر ايترو ته حاوي ٿي ويو هو
جو ماڻهو انهي مان آهستي آهستي ئي ٻاهر نڪري
سگهيا. طوفان سبب جهاز جي عرشي جو سامان، لائيف
بوٽس ۽ عرشي جي چوڌاري لڳل جهنگلا سمنڊ ۾ ڪري پيا
هئا. اسٽيئرنگ گيئر به ڪنهن به وقت هليو ويندو ۽
نان شان چئني طرفن کان تڪيندڙ ٽاڪرو سمنڊ ۾ دفن ٿي
ويندو. انهي جي جدوجهد ۾ هاڻي سمجهه ۽ ڏاهپ نه رهي
هئي. هن سمجهيو پئي ته اها پڄاڻي جي شروعات هئي.
جهاز جي ساز سامان ۽ عملي جو انچارج هٿن ڀر رڙهي
برج تي پهچي ويو ۽ ڪيپٽن جي ڪن ۾ رڙ ڪري ٻڌايائينس
ته چيني پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا. ميڪ وهر جوڪس کي
تفتيش لاءِ موڪليو.
جيئن ته جهاز جي عرشن (Decks) جي
بچاءُ جو ڪو به بندوبست نه رهيو هو ۽ انهن تان
لڳاتار زوردار پاڻي وهي رهيو هو تنهن ڪري جوڪس ۽
ساز سامان ۽ عملي جو انچارج سوڙهين گهٽين مان
اوندهه ۾ ريڙهيون پائيندا ويا. جهاز چرين وانگر
لوڏا پئي کاڌا، جيڪا به شي پنهنجي جاءِ تي پڪي
پختي نه هئي اها ۽ سڀ ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن اڇلجي
رهيا هئا. جوڪس آخرڪار انهي جاءِ تي پهچي ويو جتي
قلي واڙيا پيا هئا ۽ ٻاهر نه ٿي نڪري سگهيا. هن کي
اتي ڊنل ۽ رڙيون ڪندڙ ماڻهن جو هڪ ميڙ نظر آيو.
ڪجھ هڪ ٻئي سان وڙهي رهيا هئا ته ڪجھ اڳتي پوئتي
اڇلجي رهيا هئا. جهاز جي لوڏن سبب انهن ڌڪ کاڌا
هئا جن مان رت وهي رهي هئي جڏهن ته ٻيا جهاز جي
هئچ وي ڏاڪڻ کي مکين وانگر چنبڙيا پيا هئا ۽ ٻاهر
نڪرڻ جي ڪوشش ۾ در کي ڌڪ هڻي رهيا هئا. جهاز جو
آڳيل يا پاڇيل مٿي ٿي کڄي ويو ته قلي رڙيون ڪندا
مکين جي ڍير وانگر هيٺ ڪِري ٿي پيا. اهو ڏاڍو
ڀوائتو منظر هو.
جهاز جي انجن روم ۾ چيف انجنيئر سالومن رائوٽ ۽
سندس عملو انجڻين جي اسپيڊ کي ڪنٽرول ۾ رکندي ڪل
ٿڙيل جهاز کي ريجهائڻ جي ڪم ۾ لڳا پيا هئا.
جوڪس ريڙهيون پائيندو انجن روم ۾ ويو ۽ اسپيڪنگ
ٽيوب ذريعي ميڪ وهر کي رپورٽ ڏنائين. هن چيو ته
چينين جي بنڪر ۾ حالت ڏاڍي خراب هئي. هيستائين ڪجھ
ماڻهو مري ويا هوندا. اهي بهرحال وڙهندا ئي رهندا.
ميڪ وهر پنهنجي فرسٽ ميٽ سان زور زور سان ڳالهين
جي دوران پنهنجي جهاز جي آڳيل ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ
امالڪ انجن روم جي ٽيليگراف ڏانهن وڃي انجڻيون
بيهارڻ لاءِ گهنٽيون وڄائڻ لڳو. هن سفيد گجي جي هڪ
قطار ايترو ته اوچائي تي ايندي ڏٺي هئي جو کيس
پنهنجي اکين تي اعتبار نه پئي آيو. ڪير به ماڻهو
اهو اندازو نه پئي ڪري سگهيو ته اتي سمنڊ ڪيترو
اونهو هوندو ۽ پاڻي جي ڊوڙندڙ ڀت پٺيان طوفان سمنڊ
۾ ڪيتري اونهي کڏ ٺاهي ڇڏي هئي“. پاڻي جو اهو جبل
نان شان ڏانهن ڊوڙندو پئي آيو. اهو سڀني کان وڌيڪ
خطرناڪ لمحو هو. نان شان تي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي
تائين سوين مڻ پاڻي چڙهي ويو. انهي خوفناڪ سمنڊ جي
سڀ کان مٿاهين حصي تي چڙهي پوءِ ائين ٽٻي ڏنائين
ڄڻ ته دنيا جي ڪناري کان هيٺ لٿو ٿو وڃي.
جهاز آخرڪار وري مٿي ٿيو ۽ جوڪس اسپيڪنگ ٽيوب تي
ڪيپٽن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. هن سمجهيو پئي ته
ڪيپٽن کيس ٻڌائيندو ته هر شي لُڙهي وئي هئي،
اسٽيئرنگ گيئر هليو ويو هو ۽ جهاز ٻڏڻ تي هو. پر
ميڪ وهر کيس سانتيڪي آواز ۾ چيو ته هو چينين جي
بنڪر ڏانهن وڃي ۽ اهي ڊالر کڻي وٺي.
اهي طوفان جي وچ ۾ آهن. هر طرف بلڪل سانت لڳي پئي
آهي. باقي سمنڊ جو گوڙ آهي جيڪو جهاز جي چوطرف
وڏيون ڇوليون هڻي رهيو آهي. جهاز بادلن جي هڪ گول
حوض جي تري ۾ آسيرو پاسيرو ٿي رهيو آهي. بيروميٽر
اڃا هيٺ ٿي ويو آهي. ۽ ميڪ وهر کي خبر آهي ته بدتر
ڳالهه اڃا پوءِ اچڻي آهي.
”جهاز ڍڪجي ويندو ۽ ڪلاڪن تائين اڇلبو رهندو“، ميڪ
وهر چيو: ” اسان کي انهي تي ڀروسو ڪرڻو پوندو ته
اهو انهي طوفان مان گذري ٻئي پاسي تي اچي ويندو.
اها بلڪل سنئين سڌي ڳالهه آهي.
انهن کي سُرٻاٽ ڪندڙ سانت ۾ پري کان طوفان جون
گجگوڙون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون جيڪو هڪ دفعو وري انهن
ڏانهن ڌوڪيندو پئي آيو.
ڪيترا ڏينهن پوءِ نان شان فوچائو جي چيني بندرگاهه
۾ پهتو اهو ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ڄڻ ته انهي تي ڪنهن
وڏي جهاز جي دفاع ۾ رهندڙ ننڍي جهاز وانگر گولا
وسايا ويا هجن.
جيڪو ڪجھ ٿي گذريو هو انهي جو تفصيلي احوال ڪيپٽن
۽ سندس آفيسرن پاران پنهنجن گهرن ڏانهن لکيل مختلف
خطن ۾ ٻڌايل آهي. مسز ميڪ وهر پنهنجن خطن تي هڪ
سرسري نظر وجهندي هئي ۽ اهو پيراگراف پڙهڻ جي
تڪليف نه ڪئي هئائين جنهن ۾ کيس ٻڌايل هو ته ڪرسمس
واري ڏينهن تي صبح جو چئين ۽ ڇهين وڳي جي وچ ۾
سندس مڙس کي اها اميد نه هئي ته سندس جهاز اهڙي
سمنڊ ۾ هڪ ڪلاڪ وڌيڪ جالي ويندو ۽ اهو ته هو
پنهنجي زال ۽ ٻارن کي وري ڪڏهن نه ڏسي سگهندو.
چيني قلين جو واقعو جوڪس هڪ دوست کي ٻڌايو هو. هو
چوي ٿو ته قلين وٽان ڊالر کڻي وڃڻ هڪ خطرناڪ ڪم هو
ڇاڪاڻ ته چيني سمجهي رهيا هئا ته سفيد ديوَ انهن
کي ڦُرڻ آيا هئا ۽ هو جيڪڏهن اهڙي ڊپ ۽ خوف واري
حالت ۾ نه هجن ها ته هو پاڻ ۽ ٻيو عملو ڪُسجي وڃي
ها. جڏهن طوفان ماٺو ٿيو ته صورتحال تمام خراب ٿي
وئي هئي ۽ هن جي راءِ هئي ته جيستائين اهي بندر تي
پهچن تيستائين انهن کي بند رکيو وڃي ڇاڪاڻ ته جنهن
صورت ۾ اهي سمجهي رهيا هئا ته انهن کي ڦُريو ويو
هو انهي حالت ۾ انهن کي ٻاهر ڪڍڻ تمام جوکم جو ڪم
هجي ها.
پر جوڪس لکي ٿو ته ميڪ وهر جي سوچ مختلف هئي. هن
قلين کي ٻاهر ڪڍيو. اهي تمام خراب حالت ۾ هئا
ڇاڪاڻ ته انهن تمام خراب وقت گذاريو هو ۽ انهن مان
ڪيترائي شديد زخمي هئا. ميڪ وهر انهن سڀني کي هڪ
قطار ۾ بيهاريو ۽ ڊالر انهن ۾ هڪ جيترا ورهائي
ڇڏيا. ٽي ڊالر بچي پيا ۽ اهي سڀ کان وڌيڪ زخمي
قلين کي ڏنا ويا. انهي تي هر ڪو خوش ٿي ويو.
ٽائفون بياني لکت جو هڪ بهترين نمونو آهي. انهي
شديد طوفان کي مختلف رُخن کان ڏٺو ويو آهي. پهريان
انهي کي برج تان ڏٺو ويو آهي. انهي جي پهريان اچڻ
وقت جيڪو صدمو، ڊپ، تڪڙ ۾ ڪجھ ڪرڻ ۽ بيوسي واري
حالت کي چٽي نموني پڙهندڙن تائين پهچايو ويو آهي.
خود طوفان کي ڏٺو، ٻڌو ۽ محسوس ڪيو ويو آهي. انهن
ٽڪرن ۾ به وڏو حُسن آهي. پوءِ طوفان کي هيٺين عرشن
تي رهندڙن جي اک سان ڏٺو ويو آهي. قلين لاءِ اهو
هڪ ڀوائتو خواب آهي، انجن روم ۾ هر ڪو پنهنجي آخري
حد تائين ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي. بتال ماڻهو
بٺين ۾ ٽڙڪندڙ ڪوئلن کي رُگها هڻي رهيا آهن.
ڪونرڊ هڪ مڪمل تصوير پيش ڪري ٿو ۽ هڪ جهاز تي آيل
موتمار قدرتي آفت جي نتيجي ۾ اتي پيدا ٿيل انساني
تنازعي بابت هڪ آکاڻي ٻڌائي ٿو جيڪا هن اوڻيهين
صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ چيني سمنڊن تي جهازن تي ڪم
ڪندي هڪ داستان طور ٻڌي هئي.
ڪيپٽن ميڪ وهر هڪ شانائتي تخليق آهي، هو سمنڊ تي
ڪم ڪندڙ هڪ متاثر ڪندڙ ماڻهو آهي جنهن نان شان کي
طوفان مان فقط پنهنجي ارادي جي قوت سان بچايو ۽
اها ڳالهه انهن درسي ڪتابن ۾ لکيل ڳالهين جي به
بلڪل خلاف هئي جيڪي هو پنهنجي چارٽ روم ۾ ويهي
پڙهي رهيو هو. ”ميڪ وهر ڪجهه ڪلاڪن، ڪجهه هفتن يا
ڪجهه مهينن جي واقفيت نه آهي.“ ڪونرڊ پنهنجي نوٽ
بُڪ ۾ لکيو آهي. ”هو زندگي جي ويهن ورهين جي
پيداوار آهي. ها منهنجي پنهنجي زندگي! هن جو ڪردار
مون سوچي سمجهي ويهي نه گهڙيو هو. اها ڳالهه صحيح
آهي ته ڪيپٽن وهر هن ڌرتي تي گهميو ڦريو نه هو ۽
زندگي نه گذاري هئائين (انهيءَ ڳالهه تي ويساهه
ڪرڻ منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي) پر آءٌ پنهنجن
پڙهندڙن کي اها خاطري ڏئي سگهان ٿو ته هو بلڪل
مستند آهي.
ڪونرڊ هڪ وڏو ڪاسموپوليٽن ليکڪ هو جنهن جي نوجواني
واري زبان پولش هئي جنهن گريجوئيشن فرانسي ٻولي ۾
ڪئي ۽ انگريزي زبان جو اڀياس ۽ استعمال پختي عمر
تي پهچڻ کان پوءِ شروع ڪيو. هو لفظن جي استعمال ۾
ڏاڍو خوش ٿئي ٿو ۽ اهڙا اثر پيدا ڪري ٿو جيڪي
شاعراڻي چٽائي رکن ٿا.
هو تمام آهستگي سان لکندو هو جنهن جي سموري ڏينهن
جو ڪم ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه جملن کان وڌيڪ نه هوندو هو-
پر سندس هرهڪ جملو تمام وڏي ڌيان سان گهڙيل ٺهيل
هوندو هو، هو وڏي ڪوشش ڪري بار بار ڪم آندل فقرن
کان بچندو هو. هن جو اسلوب اهڙو دلڪش آهي جيڪو
پڙهندڙ کي اهڙي صاف ۽ سگهاري آهنگ سان پاڻ سان گڏ
وٺي وڃي ٿو. جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ته سچي پچي موسيقي
بڻجي پوي ٿو.
72. دي فور سائيٽ ساگا
-- جان گالس وردي --
فورسائيٽ خاندان سان ملو! هتي اهي سڀئي موجود آهن،
يا کڻي چئجي ته اهي سڀئي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن لحاظ
کان اهم آهن. مرد عورتون، پوڙها، وچولي عمر جا ۽
نوجوان سڀئي 15- جون 1886ع جي انهي شام جو اسٽين
هوپ گيٽ، هائيڊ پارڪ ۾ مسٽر جوليان فورسائيٽ جي
گهر جي ڊرائنگ روم ۾ گڏ ٿيا هئا.
فورسائيٽ ڪٽنب ۾ ڪنهن جي مڱڻي، شادي يا ڄمڻ تي
اهڙيون گڏجاڻيون ٿيڻ عام ڳالهه آهي ۽ بلاشڪ ته
جڏهن انهيءَ ڪٽنب جو ڪو ماڻهو مرندو تڏهن به اهڙي
گڏجاڻي ٿيندي. پر هيستائين ته انهن مان ڪوبه نه
مئو آهي. مرڻ فورسائيٽ جي اصولن جي خلاف آهي. اهي
ڏاڍا سخت ۽ مَ ڇڏو آهن، ملڪيت جي معاملن جي وڏي
سمجهه هوندي اٿن ۽ جيڪو ڪجهه هوندو اٿن انهي کي
قابو جهلي بيهندا آهن. پئسو، گهر، زمينون ۽
پنهنجيون عورتون، وڏي ڳالهه ته خود زندگي کي به
هٿان وڃڻ نه ڏيندا آهن. انهن جي وڏڙن ايتري ته
ڊگهي حياتي ماڻي آهي جو جيڪڏهن انهن مان ڪير اهو
سمجهي ته موت انهن کي وساري ڇڏيو آهي ته به انهيءَ
تي ڪا ميار نه ڏبي. پر اها انهن جي ڀُل آهي. ڪٽنب
جي انهي گڏجاڻي ۾ سڀ کان وڏي عمر واري ماسي اين
اوهتي ڪنڊ ۾ ويٺل 1799ع ۾ ڄائي هئي ۽ کيس پوري
سانڀر آهي ته سندس پيءُ سيکڙاٽ مان وڌندي وڌندي
استاد رازو ٿيو هو. هن جي زندگي ۽ سندس پاران
سئيٽراڻڻ، پڙهڻ ۽ ماٺ ڪري ويٺو رهڻ جا فقط چند
هفتا وڃي باقي بچيا آهن. پر في الحال اها ڳالهه به
مڃڻي پوندي ته اهو ڪٽنب ڏسڻ ۾ ڏاڍو بارعب نظر اچي
ٿو.
هو پريان پيانو جي ڀر ۾ ويٺل ڏاڙهي مڇون صاف، پيلي
چمڙي جي رنگ وارو، پنهنجي وڏي سيني تي ٻه
واسڪوٽيون پايون چاچو سئٿن (Uncle
Swithin) ويٺو
آهي. هو اڳ ۾ زمينن ۽ ملڪيتن جو ڪاروبار ڪندو هو.
دري جي ڀرسان سندس جاڙو ڀاءُ چاچو جيمس ويٺو آهي.
اهو شهر جي وڪيلن جي هڪ تمام معزز فرم ۾ سينئر
پارٽنر آهي. هن جو قد ڇهن فوٽن کان وڌيڪ آهي پر هو
ايترو ئي سنهو آهي جيترو سندس ڀاءُ بت ۾ ڀريل آهي.
انهن جو وڏو ڀاءُ جوليون- انهي کي سڏيو ئي اولڊ
جوليون ويندو آهي ڇاڪاڻ ته سندس پٽ جو نالو به
جوليون آهي پر انهي کي وري ينگ جوليون سڏيندا آهن-
ته انهن کي سڏيندو ئي ٿلهي ۽ سنهي جي نالن سان
آهي. ڪٽنب جون ٽي ڪراڙيون اين، هيسٽر ۽ جولي گڏ هڪ
قطار ۾ ويٺيون آهن. اهي گذريل ڪيترن ورهين کان
پنهنجي ڀاءُ ٽموٿي سان گڏ بيس واٽر روڊ تي سندس
گهر ۾ رهنديون آهن. انڪل راجر (اهو ملڪيت طور گهر
وٺندو آهي) ۽ انڪل نڪولس (اهو کاڻين ۽ ريلوي ۾
سيڙپ ڪندو آهي) به موجود آهن ۽ ڪمري جي وچ ۾ فانوس
جي هيٺان- اها ڳالهه ميزبان کي ٺهي به ٿي- ڪٽنب جو
سربراهه پوڙهو جوليون خود ويٺو آهي. هن جي عمر اسي
ورهيه آهي پر هو پاڻ کي چڱو رکيو ويٺو آهي. هن جي
سٺن سفيد وارن، ننڍڙين اکين ۽ تمام وڏن سفيد شهپرن
سان هو ڏسڻ ۾ ابو لڳي ٿو ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ
هن دائمي جواني جو راز حاصل ڪري ورتو آهي. هو هر
لحاظ کان هڪ مضبوط شخصيت جو مالڪ آهي پر هن پنهنجي
قوت ۽ طاقت ۾ شفقت ۽ سخاوت جا عنصر به شامل ڪري
ورتا آهن جيڪي فورسائيٽ ڪٽنب جي اڪثر ماڻهن ۾ نه
هوندا آهن.
فورسائيٽ ڪٽنب جي هاڻي گڏ ٿيڻ جو سبب مس جون
فورسائيٽ جي مڱڻي جي ٿيل تقريب آهي. مس جون اولڊ
جوليون جي پوٽي آهي. سندس مڱڻو نوجوان اڀرندڙ
آرڪيٽيڪٽ فلپ بوسني سان ٿيو آهي. جون جي عمر سترهن
ورهيه آهي ۽ هوءَ اتي گڏ ٿيل ماڻهن مان سڀ کان
ننڍي عمر جي آهي. سندس ماءُ پيءُ گهڻو وقت اڳ هڪ
ٻئي کان ڌار رهڻ لڳا هئا. اهو ئي سبب هو جو انهي
شام هو اتي موجود نه هو ۽ اها ٻاروتڻ کان اولڊ
جوليون جي نگهداشت هيٺ هئي هن کيس پنهنجو وارث ڪيو
هو. ”هڪ ننڍڙي شي“، هن بابت ڪنهن اهي لفظ چيا هئا،
”هن ۾ وارن ۽ روح کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه آهي“.
هن کي بي خوف نيريون اکيون، مضبوط ڄاڙي، چٽو رنگ ۽
مٿي تي سونهري ڳاڙهن وارن جو جهگٽو آهي. سندس
زندگي جو مقصد سندس نظرن ۾ منڊن ڪتن کي لوڙها
ٽپائڻ آهي. انهي مان اها ڳالهه سمجهڻ ۾ مدد ملندي
ته هن انهيءَ بوسني کي ڇو چونڊيو آهي جنهن بابت
مشهور آهي ته هن وٽ آرڪيٽيچر بابت تمام غير معمولي
نظريا آهن. پر پئسو خير ڪو اٿس. هن جي ٽوپلن جي
پسند به عجيب آهي. فورسائيٽ ڪٽنب ۾ اها ڳالهه به
مشهور آهي ته هو مڱڻي کان اڳ خاندان جي وڏڙين سان
ملڻ آيو هو ته هڪ نرم خاڪي رنگ جو ٽوپلو پائي آيو
هو جيڪو دز ۾ ڀريو پيو هو ۽ انهي جو مٿيون حصو به
ڳوهيو سوهيو پيو هو. آنٽ هيسٽر جنهن جي نظر گهٽ
آهي انهي جو اهو ٽوپلو پنهنجي هال ۾ هڪ ڪرسي تي
پيل ڏٺو هو ته انهي کي ڪا عجيب غريب ٻلي سمجهندي
انهي کي هشڪار ڪئي هئائين.
جارج فورسائيٽ جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته مشڪيو. ”ڏاڍي
وڏائي اٿس!“ هن چيو هو ۽ سوچيو هئائين ته ٿي سگهي
ٿو ته بوسني اهو ٽوپلو ڄاڻي واڻي پاتو هجي جيئن
ڳنڀير رهندڙ فورسائيٽ ڪٽنب سان ڪو عملي چرچو ڪري
سگهي. ”ڇتو سامونڊي چور!“ اهو نالو به پڪو ٿي ويو
اٿس. حقيقت ۾ بوسني- هن تي هڪ نظر ته وجھو رستي ۾
بيٺو جون سان ڳالهائي رهيو آهي- ڪنهن حد تائين لڳي
به سامونڊي چور ٿو. وار ميرا لڳا پيا اٿس ۽ ڪپڙا
ائين ٿا لڳن ڄڻ ته مڙئي سڙئي کڻي وڌا اٿائين. اها
ڳالهه صاف آهي ته هن ۾ فورسائيٽ ڪٽنب واري اها
مخصوص ۽ دلپسند صلاحيت يعني جائيداد جي معاملن کي
سمجهڻ جي حِس بلڪل نه آهي ۽ ڊپ اهو آهي ته جيئن
کيس پنهنجي ڪنهن جائيداد جي اون نه آهي تيئن کيس
ٻئي ڪنهن جي به ملڪيت جو ڪو فڪر نه هوندو. پر
ننڍڙي جون کيس هن ايتري وسيع ڪائنات ۾ سڀ کان ڀلو
ماڻهو سمجهي ٿي.
فورسائيٽ ڪٽنب جي گڏ ٿيل ماڻهن مان اڃا ٻن جو
تعارف ٿيڻو آهي ۽ جيڪا ڳالهه ٻڌائي وڃڻي آهي انهي
۾ اهي تمام وڏي اهميت رکن ٿا. انهن مان هڪ عورت
آهي؛ اها سهڻي جسم سان ڊگهي عورت آهي جنهن کي ڪنهن
وقت ڪٽنب جي هڪ فرد غير مذهبين جي ديوي سان تشبيہ
ڏني هئي. ”سندس هٿ- جن تي خاڪي رنگ جا دستانا
چڙهيل آهن. هڪ ٻئي جي مٿان رکيا آهن. هو پنهنجو
ڳنڀير ۽ دلڪش چهرو هڪ پاسي ڪيو ويٺي آهي ۽ سندس
ويجھو ويٺل سڀني مردن جون اکيون انهي تي کُتل آهن.
سندس ڳلن ۾ هڪ تمازت آهي پر انهن ۾ لالائي گهٽ
آهي. سندس اکيون گهريون ۽ نرمي سان ڀريل آهن. پر
مرد سندس چپن کي وڌيڪ ڏسن ٿا. اهي ڏاڍا حساس چپ
آهن، تمام پُرشهوت ۽ مٺا ۽ لڳي ٿو ته انهن مان
اهڙي حرارت ۽ خوشبو اچي ٿي جهڙي حرارت ۽ خوشبو
ڪنهن گل مان ايندي آهي. اها عورت اها نوجوان عورت
ڇاڪاڻ ته سندس عمر فقط ٽيويهه يا چوويهه ورهيه
آهي. مسز آئرين فورسائيٽ آهي ۽ کيس شادي ڪئي گهڻو
وقت نه ٿيو آهي. هوڏانهن پنهنجين اکين سان سندس
تعاقب ڪندڙ سندس مڙس سومز فورسائيٽ ويٺو آهي. اهو
جيمس جو اڪيلو پٽ آهي ۽ وڪيلن جي فرم ۾ هن جو
پارٽنر آهي. هن جي عمر پنجٽيهن ورهين جي لڳ ڀڳ
ٿيندي. سندس ڪلها، چيلهه، ڳل سڀ سڌا آهن. پر سندس
مجموعي ڏيک ويک سان ڪو اسرار وابسته لڳي ٿو. هو
جائيداد جي حس جي لحاظ کان پڪو فورسائيٽ آهي ۽ هڪ
شاهوڪار ماڻهو آهي پر هن جي طبيعت ۾ جائيداد بابت
سمجهه سان گڏوگڏ شين کي پنهنجي ملڪيت ۾ رکڻ جو
احساس به آهي.
سومز ۽ آئيرين ٻئي فورسائيٽ ڪهاڻي جي دل ۽ جان
آهن. انهن کان سواءِ داستان ٺهي ئي نه ها.
دي فورسائيٽ ساگا ٽن ناولن تي ٻڌل آهي. دي مئن آف
پراپرٽي 1906ع ۾ ڇپيو، ان چانسري (1920ع) آيو. اهي
سڀئي ٻيهر هڪ جلد ۾ گڏ 1922ع ۾ دي فورسائيٽ ساگا
جي نالي سان ڇپيا. پر انهي کان اڳ ئي انهن بابت
اها راءِ عام ٿي وئي ته اهي 1880ع کان 1920ع واري
دور واري برطانوي اپر مڊل ڪلاس جي بي مثال ۽ هوبهو
تصوير آهن.
اها به ڳالهه نه آهي ته جان گالس وردي جڏهن پهريون
دفعو فورسائيٽ ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي هئي ته اهڙو ڪو
جاندار مقصد سندس سامهون هو. دي مئن آف پراپرٽي جو
تصور هڪ اڪيلي ڪتاب تي ٻڌل هو ۽ هن فورسائيٽ موضوع
ڏانهن موٽڻ کان اڳ ڪيترائي ناول ۽ ڊراما لکيا.
پوءِ به انهي جو سبب، سندس لفظن ۾ اهو هو جو
”ماڻهن فورسائيٽ ڪٽنب بابت ڪجھ وڌيڪ ٻڌڻ گهريو
ٿي“. ۽ انهي کان ڀلو ٻيو ڪهڙو سبب ڏئي پيو سگهجي؟
اهو ئي سبب ٿيو جو ساگا(Saga) ۾
فورسائيٽ ڪٽنب هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويو انهي ۾
انهن جي مختصر همدردين پر شديد مستقل مزاجي، انهن
جي ڏاهپ وارين صلاحيتن، انهن پاران پنهنجي ملڪيتن
تي ڳنڍ ڏئي بيهڻ ۽ فائدي واري ڳالهه جي پٺيان لڳو
رهڻ واريون ڳالهيون خاص طور شامل ٿي ويون. انهن
مان هڪ يا ٻن ۽ خاص طور سومز بابت اها ڳالهه چئي
سگهجي ٿي ته انهي کي اها ساڃاهه آهي ته پئسي دولت
سان ورلي ئي سونهن ۽ حسن خريد ڪري سگهجي ٿو. انهي
کي پئسي سان برقرار رکڻ ته اڃا وڌيڪ پري جي ڳالهه
آهي.
سومز فورسائيٽ انهي ڪري ئي آئرين هيرن سان شادي
ڪئي- جيڪا هڪ هٿين خالي پروفيسر جو اڪيلو ٻار هئي-
جو هو اڳ ۾ ڪنهن اهڙي عورت سان نه مليو هو جنهن ۾
محبت جا جذبا جاڳائڻ جي ايتري قابليت هجي ۽ هو
فورسائيٽ ڪٽنب جي مخصوص مڇڏائپ سان ارڙهن مهينا هن
جي پٺيان لڳو رهيو هو تنهن کان پوءِ ئي هو هن سان
شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي هئي. انهي کان جلدئي پوءِ
هو پاڻ کان اهو سوال پيو پڇندو هو ته: ”هن مون سان
شادي ڇو ڪئي؟“ ۽ جيڪڏهن هن اها ڳالهه باسڻ ۾ دير
ڪئي ته پڙهندڙ پاران اهو شڪ ڪرڻ تي مٿس ڪا ميار نه
هئڻ گهرجي ته انهي جو سبب ڪو اهڙو سٺو نه هو جو
هوءَ پنهنجي گهر جي آسپاس واري اميراڻي غريبيءَ جي
ماحول مان ڪڪ ٿي پئي هئي ۽ پنهنجو ذاتي گهر هئڻ جي
سڌ ڪرڻ لڳي هئي. هن کيس هر ڪا شي مهيا ڪري ڏني
هئي. سٺو گهر، پئسا، ڪپڙا، زيور، نوڪر چاڪر،
گاڏيون، مهانگين جاين تي موڪلون مطلب ته هن کيس
ڪنهن به ڳالهه کان سِڪايو نه هو. انهي جي باوجود
به هوءَ هن سان اهڙو سلوڪ ڪرڻ لڳي هئي جنهن کي
لاتعلقي چئي سگهجي پيو يا هڪ اهڙي ناپسنديدگي جيڪا
پوءِ ڪراهت ۽ آخرڪار نفرت ۾ بدلجي وئي. انهي کي
اسين موجوده دور ۾ شايد جنسي بي رغبتي جو نالو ڏئي
سگهون ٿا.
سومز پاران ڳوٺاڻي علائقي ۾ گهر ٺهرائڻ جو به وڏو
سبب اهو هو جو هو کيس ڪا اهڙي شي ڏيڻ پيو چاهي
جنهن ۾ هن جي دلچسپي پيدا ٿئي. هن اهو گهر سري
واري علائقي جي اترئين ڇيڙي تي رابن هل تي ٺهرايو
(اسين سمجهي سگهون ٿا ته اها جاءِ Coombe
Hills هوندي
جتي گالس وردي جي پيءُ- يعني اولڊ جوليون وارو
حقيقي ڪردار- 1870ع واري دور ۾ هڪ رهائشي علائقو
آباد ڪيو هو) آرڪيٽيڪيٽ سومز پنهنجي سوٽ جون جي
اڀارڻ تي فلپ بوسني کي فرسٽ ڪلاس ڪميشن تي نوڪري
ڏني ۽ تقريباً شروعات کان ئي انهي ۾ مسئلا پيدا
ٿيندا ويا. اهي مسئلا مالي نوعيت جا هئا ڇاڪاڻ ته
بوسني سدائين سومز پاران مقرر ڪيل خرچ جي حد ٽپي
ويندو هو. پوءِ شخصي نوعيت جا مسئلا پڻ پيدا ٿيا
ڇاڪاڻ ته آئرين ۽ بوسني کي گهڻو وقت گڏ ڇڏيو ويو
ته اهي هڪ ڏاڍي ڏکي معاشقي ۾ اڙجي ويا. سرٻاٽ سومز
جي ڪنن تي به پيا ۽ سرٻاٽن کان وڌيڪ جيڪو ڪجھ اڳتي
ٿيڻو هو هن انهي جو به اندازو ڪري ورتو. هن بوسني
پاران هن لاءِ مقرر ٿيل مالي حدون ٽپڻ تي هن خلاف
قانوني قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو. فورسائيٽ خلاف
بوسني جي ڪيس جي سماعت 1887ع جي نومبر ۾ هڪ ڪوهيڙي
واري ڏينهن ٿي ۽ فيصلو ته سومز جي حمايت ۾ ئي آيو.
بوسني عدالت ۾ موجود نه هو. انهي کان اڳئين ڏينهن
تي هو آئرين سان مليو هو ۽ اها هن جي هن سان آخري
ملاقات ثابت ٿي- انهي ۾ هن کيس اها ڳالهه به ٻڌائي
ڇڏي ته سندس مڙس سندس بيڊروم جو دروازو کليل ڏٺو
هو ۽ گالس ورديءَ جي چوٽ ڀريل لفظن ۾ ”هن آخرڪار
پنهنجا حق مڃرايا هئا ۽ هڪ مرد واري هلت ڪئي هئي“.
بوسني وڏي ڪاوڙ ۽ جنسي حسد واري باهه ۾ ڪوهيڙي
وارين گهٽين ۾ ڪاهي پيو هو ۽ هڪ گاڏي سان ٽڪرائجي
مري ويو هو. |