پهريون ايڊيشن جولاءِ 1865ع ۾ ڇپيو پرٽينيئل
تصويرن جي ڇپائي مان مطمئن نه ٿيو. پر ڊاج سن جيئن
ته پنهنجي هر ڪم ۾ ڪماليت پسند هوندو هو تنهن ڪري
اڃا 48 ڪاپيون وڪرو ٿيون هيون يا ماڻهن ڏنيون ويون
هيون جو هن اها ايڊيشن روڪرائي ڇڏي. اڻ جلد ٿيل
شيٽون هڪ آمريڪي فرم کي ڏنيون ويون جنهن انهن کي
ٻئين ايڊيشن طور منظر تي آندو. اصلي ٻيون ايڊيشن
ميڪملن طرفان نومبر 1865ع ۾ آيو پر انهي تي 1866ع
۾ سن لکيل هو.
انهي ڪتاب جيتوڻيڪ پڙهندڙن کي ڏاڍو خوش ڪيو پر
شروع ۾ انهي ڪا تمام گهڻي مقبوليت نه ماڻي پر پوءِ
به ايڊيشن پٺيان ايڊيشن نڪرندو رهيو. سن 1869ع ۾
فرانسي ۽ جرمن زبانن ۾ ترجما ڇپيا ۽ 1872ع ۾
اطالوي ٻولي ۾ ترجمو ڇپيو. انهي کان پوءِ ٻيا به
درجنين ترجما ٿيا آهن. اهو ٻارن ۽ انهن جي وڏن
پاران پڙهيو وڃي ٿو. اشتهار باز پنهنجن اشتهارن ۾
انهي جا ٽڪرا انهي خاطري سان ڏيندا آهن ته اهو
عالمي طور مشهور ۽ مقبول ڪتاب آهي.
اها من گهڙت ڳالهه به مشهور آهي ته راڻي وڪٽوريا Alice پڙهڻ
کان پوءِ چيو هو ته هوءَ ساڳئي ليکڪ جو ايندڙ ڪتاب
به ڏسندي. پر ڊاج سن انهي کان پوءِ Condensation
of Determinantsنالي
هڪ رياضي بابت مقالو ڇپرايو. هن پوءِ انهي ڳالهه
کان انڪار ڪيو هو ته هن ڪو راڻي ڏانهن انهيءَ
مقالي جي ڪاپي موڪلي هئي. هو هڪ اڻٿڪ ليکڪ هو ۽
لڳاتار رياضي سان لاڳاپيل موضوعن خاص طور اقليدس
تي ڪتاب ۽ پمفليٽ لکندو رهندو هو. انهن ڪتابن کي
سندس زندگي ۾ جيتوڻيڪ مختصر ڪاميابي ملي پر اهي
اڄڪلهه ڪنهن کي به ياد ڪونهن. اقليدس جي جاءِ تي
جاميٽري جا ٻيا قسم اچي ويا آهن.
هو البت ليوس ڪيرول جي حيثيت ۾ پنهنجن نوجوان
دوستن لاءِ عجيب غريب ڪهاڻيون لکندو رهيو. هن
1868ع ۾ ٽينيئل کان واعدو ورتو ته هو Alice’s
Adventures in Wonderlandسلسلي
جي ٻئي ڪتاب لاءِ تصويرون ٺاهيندو. بهرحال تصويرن
بابت گهڻن لاهن چاڙهن کان پوءِ 1871ع جي ڪرسمس جي
موقعي تي Through
the looking glass اچي
ويو. نو هزار ڪاپين جي پهرئين ڇاپي تي ميڪملن وارن
کي بنا دير ڇهه هزار ڪاپين جو اضافو ڪرڻو پيو.
انهيءَ ماڻهن جي ذهنن ۾ اصلي ايلس ڪتاب سان گڏ
جاءِ ٺاهي ورتي. هاڻي اهي ايترا ته رلجي ملجي ويا
آهن جو ڪيترا ماڻهو پڪ سان نه ٻڌائي سگهندا ته ڪو
خاص واقعو، ڪردار يا گيت ونڊرلئنڊ ۾ آهي يا لڪنگ
گلاس ۾.
دي هنٽنگ آف دي سنارڪ مزاحيه ڪردارن جو هڪ بياني
نظم آهي جيڪي هڪ هٿ نه ايندڙ ديو جي ڳولها ۾
ٻيڙيءَ ۾ وڃي رهيا آهن. اهو 1876ع ۾ ڇپيو. هن اهو
ڪتاب ٻارن لاءِ لکيو هو پر انهي جي ظرافت وڏن کي
پاڻ ڏانهن وڌيڪ ڇڪي ٿي. اهو شروع ۾ ته آهستي هليو
پر پوءِ انهي جا برطانيا ۽ آمريڪا ۾ ايڊيشن پٺيان
ايڊيشن هلندا ويا.
هو ڪيترا ورهيه ٻارن جي لاءِ ڪا اهڙي ڪهاڻي تخليق
ڪرڻ لاءِ پريشان رهيو جنهن ۾ ڪردار نوان هجن.
آخرڪار اها Sylvie
and Bruno جي
عنوان سان منظر تي آئي. انهي ڪم ۾ ڪنهن حد تائين
ڳنڍ ٽوپو ٿيل آهي. انهي ۾ ايلس ڪتابن واري رواني ۽
يڪسانيت جي کوٽ آهي ۽ انهي جون ورلي ئي ڪي ڳالهيون
عام ماڻهن کي ياد هونديون.
ڊاج سن جي زندگي ۾ ڪو وڏو رومانوي عنصر به نه هو.
هن جي ننڍين ڇوڪرين سان شديد محبت ڪنهن چاچي يا
مامي وارو معصوم پيار هو. سندس دوست لکن ٿا ته هن
جي ايلين ٽيري سان محبت جنهن جي ننڍڙيءَ وهيءَ ۾
هو کيس ڏاڍو پسند ڪندو هو. شايد پچي رومانس ۽
شاديءَ جي درجي تي پهچي ها پر جڏهن انهن جي دوستي
جو سلسلو نئين سر ڳنڍيو ته هن جي شادي ٿي چڪي هئي
۽ اها شادي جيتوڻيڪ ٽٽي پئي پر هو جيئن ته پادري
ٿي ويو هو تنهن ڪري کيس پنهنجو نه ڪري سگهيو. هو
ننڍين ڇوڪرين سان دوستيون رکڻ جو سلسلو برقرار
رکيون آيو، پاڻ کي ڪرائيسٽ چرچ جي اندروني معاملن
۾ به مصروف رکيائين، پنهنجن ساٿين سان اختلاف
رکيائين ۽ کيس سدائين ڪاليج جي نوڪرن ۽ رڌپچاءُ ۾
خاميون نظر اينديون هيون. هن تي جنوري 1898ع ۾
برونڪائيٽس جو حملو ٿيو ۽ 14- جنوري تي پنهنجي ڇا
هٺين سالگرهه کان ڪجھ وقت اڳ فوت ٿي ويو. سندس حڪم
مطابق سندس ڪفن دفن تمام سادگيءَ سان ٿيو.
سي. ايل. ڊاج سن ته تمام ٿورڙن ماڻهن کي ياد هوندو
پر سموري دنيا ليوس ڪيرول جي نالي کي تمام پيارو
رکندي. سندس ٻئي ايلس ڪتاب لکين ننڍا ۽ وڏا پڙهي
وري پڙهن ٿا ۽ کلندا رهن ٿا. انهن ۾ شامل فقرا ۽
ڪردار عام گفتگو ۾ شامل ٿي ويا آهن.
ايلس ايڊوينچرز ان ونڊرلئنڊ هڪ خواب ڪهاڻي طور
بيان ٿيل آهي ۽ تنهن ڪري اها ڪنهن به قسم جي
ناقابل يقين واقعن ۾ آزاديءَ سان هلي وڃي ٿي. ايلس
درياءَ جي هڪ روشن ڪپ تي پنهنجي ڀيڻ جي ڀرسان
ننڊاکڙي ٿي آرام ڪري رهي آهي جو کيس جهوٽو اچي وڃي
ٿو ۽ خواب ۾ ڏسي ٿي ته هڪ سفيد رنگ جو سهو تڙ تڪڙ
۾ پنهنجي واچ ڏسي رهيو آهي ۽ پوءِ هڪ ٻر ۾ گهڙي
وڃي ٿو. هوءَ ان جي پٺيان لڳي پوي ٿي ۽ آهستي
آهستي پاڻ کي هڪ اونهي کوهه ۾ ڪرندو محسوس ڪري ٿي.
۽ پوءِ پاڻ کي هڪ ڊگهي هال ۾ ڏسي ٿي. هن جي چئني
پاسن کان قلفن سان بند دروازا آهن. آخرڪار کيس هڪ
ننڍڙو دروازو نظر اچي وڃي ٿو. هو شيشي جي سطح واري
هڪ ميز تان سوني ڪنجي کڻي اهو دروازو کولي ٿي. هن
کي رستي مان هڪ سهڻو باغ نظر اچي ٿو. ميز تي هڪ
ننڍڙي شيشي پئي آهي جنهن تي لکيل آهي :”مون کي
پيئو“. هوءَ ائين ڪري ٿي ۽ تمام ننڍڙي ٿي وڃي ٿي
پر هاڻي ڪنجي سندس پهچ کان مٿي ميز تي رکيل آهي.
ميز جي هيٺان هڪ ڪيڪ رکيل آهي جنهن تي لکيل آهي
”مون کي کائو“ انهي سان هوءَ دوربينيءَ وانگر کُلي
پوي ٿي. هوءَ جيئن ونڊرلئنڊ ۾ گهمندي رهي ٿي ته
کائڻ ۽ پيئڻ جي نتيجي ۾ عجيب نموني وڏي ۽ ننڍي
ٿيندي رهي ٿي.
ڪهاڻي جي هڪ وڻندڙ خصوصيت ايلس پاران پنهنجي عجيب
حالت بابت تمام سادي نموني وڏي آوازسان پاڻ سان
ڳالهائڻ آهي ۽ هوءَ جڏهن مشهور مقبول گيت جهونگارڻ
جي ڪوشش ڪري ٿي ته اهي سندس وات مان ڏاڍين وڻندڙ
پيروڊين جي صورت ۾ نڪرن ٿا. هوءَ اوچتو تمام ننڍڙي
ٿي وئي آهي ۽ پنهنجن ڳوڙهن جي حوض ۾ هڪ ڪوئي، ڊوڊو
۽ ٻين جانورن ۽ پکين سان گڏ تري رهي آهي. اهي پاڻ
کي ”Caucus
Race“
سان خشڪ ڪن ٿا ۽ پوءِ هوءَ سفيد سهي جي گهر وڃي
ٿي. اتي هڪ ٻي شيشي کيس تمام وڏو ڪري ٿي ڇڏي ۽ هن
سان ڪمرو ڀرجي وڃي ٿو. سهو ۽ سندس مالهي کيس ڪمري
مان نه ٿا ڪڍي سگهن ۽ هوءَ بل نالي ڪرڙي کي ڀڄائي
ٿي ڪڍي جڏهن هو چمني منجهان هيٺ لَهڻ جي ڪوشش ڪري
ٿي. هوءَ وري ننڍي ٿي هڪ ٻيلي ڏانهن ڀڄي وڃي ٿي.
اتي کيس هڪ سوٻٽ (Caterpillar) هڪ
کُنڀيء تي ويٺو حقو ڇڪيندي نظر اچي ٿو. هن جي چوڻ
تي ايلس جي وات مان بغير ارادي جي You
are old Father William جي
پيروڊي نڪري وڃي ٿي. هوءَ انهي سوٻٽ جي صلاح تي
کنڀي جي ٻنهي پاسن کان ٽڪرا پٽي پاڻ کي هٿيار بند
ڪري ٿي ۽ تنهن کان پوءِ پنهنجي مرضي تي پاڻ کي وڏو
يا ننڍو ڪري ٿي.
هوءَ رئيسياڻي جي گهر ۾ ڪاهي پوي ٿي. اتي کيس
رئيسياڻي هڪ ٻارڙي جي سارسنڀال لهندي، بورچي ڪارا
مرچ ٻُرڪيندي ۽ چيشائر ٻلي ڏند ڪڍندي نظر اچي ٿي.
هو ٻارڙو کڻي ٿي ته اهو سوئر ٿي پوي ٿو ۽ چيشائر
ٻلي کيس مارچ سهي جي گهر ڏانهن وٺي هلي ٿي. اهو
کيس اتي هيٽر ۽ ڊورمائوس سان چانهه پارٽي ۾ نظر
اچي ٿو. اهو به ڏاڍو دلچسپ واقعو آهي. انهن وٽان
نڪرڻ کان پوءِ هوءَ وري پاڻ کي ڊگهي هال ۾ ڏسي ٿي
۽ هن دفعي هوءَ ننڍڙو دروازو کولي ٿي ۽ باغ ۾ داخل
ٿي وڃي ٿي.
اتان جا سڀ رهواسي تاس جا پتا آهن. ٽي مالهي (کدو
جو دوئو، پنجو ۽ ستو) هڪ وڻ جي سفيد گلابن کي
ڳاڙهو رنگ ڪري رهيا آهن. جلدئي اتي هڪ وڏو جلوس
بادشاهه ۽ راڻي کي اڳيان ڪيو داخل ٿئي ٿو. راڻي هڪ
ڪاوڙ باز عورت آهي جنهن جو دلپسند حڪم آهي: ”وٺي
وڃي سري لاهيوس!“. پر ايلس سر قلم ڪرائڻ کان انڪار
ڪري ٿي. پوءِ کيس ڪروڪئيٽ ]گاهه
تي ڪاٺ جي بالن سان کيڏي ويندڙ راند. سنڌيڪار[ جو
حڪم ڏنو وڃي ٿو جنهن ۾ بالن جي جاءِ تي ڄاها ۽
چوگانن جي جاءِ تي لاکي ڄاڃي پکي آهن. اتي چيشائر
ٻلي ۽ رئيسياڻي ڏاڍي دلچسپ نموني وري ظاهر ٿين
ٿيون ۽ يان ايلس کي نقلي ڪمي جي آکاڻي ٻڌرائڻ وٺي
وڃي ٿو. گرائيفون اڳيان ٿي انهن کي وٺي هلي ٿو.
انهي موقعي تي ڪجھ مشهور گيتن جون ڪي وڌيڪ
پيروڊيون اچن ٿيون.
آکاڻي جي ظرافت، سادگي ۽ حيراني پڙهندڙ کي ڏاڍي
شوق سان هڪ واقعي کان ٻئي واقعي ڏانهن وٺي ويندي
رهي ٿي.
ليوس ڪيرول پاران انهي سلسلي جو لکيل ٻيو ڪتاب Through
the looking Glass به
هڪ خواب تي ٺهيل آهي پر انهي جو ڍانچو وڌيڪ سخت
آهي جو اهو شطرنج جي راند جي چوگرد ڦري ٿو. ايلس
پيادو ٿي پوي ٿي جيڪا اٺين تائين پهچڻ لاءِ خانن
مان هلندي رهي ٿي، اتي اها راڻي ٿي پوي ٿي. هر
خاني ۾ کيس نئون منظر ۽ نوان ڪردار ملن ٿا. انهي ۾
موجود جانور ۽ جيت به ونڊرلئنڊ وانگر بلڪل غير
متوقع نموني ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي ڳالهائين ٿا ۽ انهن
مان ڪيترن خاص طور White
knight ۽ Humpty
Dumpty، Tweedledum
and Tweedlede عوام
جي دلين ۾ گهر ڪري ويا آهن.
ليوس ڪيرول هن ڪتاب ۾ ڪيترائي اهڙا بي مطلب شعر به
شامل ڪري ڇڏيا آهن جيڪي هن پنهنجن نوٽ بڪن ۾ گڏ
ڪيا هئا. ايلس ئي اهو واحد ڪردار آهي جنهن ٻنهي
ڪتابن ۾ پنهنجو نالو ۽ سڃاڻپ برقرار رکي آهي. پر
سندس ٻلي جو نالو ڦري دينا ٿي ويو آهي ونڊرلئنڊ
وارا مارچ هيئر ۽ مئڊ هيٽر لڪنگ گلاس ۾ وهائيٽ ڪنگ
جي پيغامبرن هائيگا ۽ هيٽا جي صورت ۾ وري ظاهر ٿين
ٿا جيڪي کيس سوئر جي گوشت جا سئنڊوچ ۽ گاهه
کارائين ٿا. ونڊرلئنڊ واري فراگ فوٽ مئن جو عڪس
فراگ گارڊنر ۾ نظر اچي ٿو. جيڪو ايلس کي لڪنگ گلاس
جي آخر ۾ شاهي ڊائننگ هال جي ٻاهران ملي ٿو.
اهي ڪتاب بند ڪري اسان جي ذهن ۾ اهو خيال اچي ٿو
ته وڏي عالم فاضل رياضيدان سي. ايل. ڊاج سن پنهنجي
پيچيدي طبيعت ۾ هڪ ننڍي ڇوڪري جي دل سانڍيون ويٺو
هو. ليوس ڪيرول انهي جا خيال اسان جي دائمي دلچسپي
لاءِ لکت ۾ آڻي ويو.
61. ڪيپيٽل
-- ڪارل مارڪس --
ڪارل هينرخ مارڪس هڪ جرمن يهودي هو. هو رائين لينڊ
جي علائقي ٽريويز ۾ 1818ع ۾ ڄائو. هو لبرل لاڙا
رکندڙ هڪ وڪيل جو پٽ هو. جنهن ڪارل جي پيدائش کان
ڪجھ ورهيه پوءِ پنهنجو ڏاڏاڻو مذهب ڇڏي پروٽيسٽنٽ
عيسائيت اختيار ڪئي هئي. ڪارل کي برلن ۽ بان(Bonn) جي
يونيورسٽين ۾ پنهنجي پيءُ وانگر وڪيل ٿيڻ جي ارادي
سان موڪليو ويو هو پر هن تاريخ ۽ فلسفو پڙهڻ کي
ترجيح ڏني ۽ جمهوري سرگرمين ۾ ٿورو گهڻو حصو وٺڻ
شروع ڪيو. هن ڪجھ مهينا رائين لينڊ ۾ هڪ اخبار جي
ايڊيٽري ڪئي ۽ پوءِ 1843ع ۾ جيني وان ويسٽ فالين
سان شادي کان جلدئي پوءِ پيرس لڏي ويو ۽ اهڙي ادبي
سرگرميءَ ۾ مصروف ٿي ويو جيڪا سندس باقي سموري
زندگي تي حاوي رهي. اهو ڪم تمام محنت طلب هو. انهي
مان ڪو گهڻو معاوضو به نه ٿي مليس نه ئي انهي جي
گهڻو ڪري ڪا قدرداني ٿي ٿي. ويتر اهو اڪثر شديد
مخالفت پيدا ڪندو هو. جلدئي هو پڪو انقلابي ٿي ويو
۽ 1845ع ۾ کيس فرانس مان تڙي ڪڍيو ويو ۽ هن برسلز
۾ رهائش اختيار ڪئي. اتي هن اينگلز سان گڏجي 1848ع
وارو ڪميونسٽ ميني فيسٽو لکيو. اهو انهي ”انقلابن
واري سال“ ۾ مزدور طبقي جي پروگرام طور لکيو ويو
هو. انهي جي پڄاڻي هنن لفظن سان ٿئي ٿي: ”حڪمران
طبقي کي ڪميونسٽ انقلاب کان ڏڪڻ گهرجي. مزدورن کي
وڃائڻ لاءِ پنهنجين زنجيرن کان سواءِ ٻيو ڪجھ به
نه آهي. انهن کي دنيا فتح ڪرڻي آهي. دنيا جا
مزدورؤ متحد ٿيو!“.
پر ميني فيسٽو جو ڪنهن تي به اثر نه ٿيو ۽ مارڪس
به آخرڪار بلڪل هٿين خالي ٿي ۽ ملڪ بدري جي فيصلي
هيٺ انگلش چينل پار ڪري انگلينڊ ۾ اچي پناهه ورتي.
هو 1883ع ۾ پنهنجي وفات تائين باقي سموري زندگي
لنڊن ۾ رهيو. اتي هو هر ڪم واري ڏينهن جو گهڻو وقت
برٽش ميوزيم جي ريڊنگ روم ۾ گذاريندو هو. هو
پنهنجي زال جي لحاظ کان نصيبن وارو هو. اها مضبوط
ڪردار ۽ سٺي سمجهه واري عورت هئي جنهن گهر ۽ ڪٽنب
کي جُڙيل رکيو. هو پنهنجن دوستن جي لحاظ کان به
خوش قسمت هو. انهن ۾ فريڊرڪ اينگلز کي اهم مقام
حاصل آهي. اينگلز کي مانچيسٽر ۾ پنهنجي پيءُ جي
ڪاٽن فيڪٽري ۾ نوڪري هئي انهي جي آڌار تي هو مارڪس
کي ضرورت جي وقت چڱي خاصي مالي مدد ڏئي سگهندو هو.
مارڪس برٽش ميوزيم ۾ ڪيترائي ورهيه ڳوڙهو اڀياس
ڪرڻ کان پوءِ- انهي دوران هن جديد يورپ جي اقتصادي
ادب جي ڪافي وسيع ۽ اونهي ڄاڻ حاصل ڪئي- 1867ع ۾
ڪيپيٽل جو پهريون جلد شايع ڪرايو. هن جيئن ڪتاب جي
پهرئين جرمن ايڊيشن جي مهاڳ ۾ ڄاڻايو هو؛ سندس
آخرين مقصد، ”جديد سماج کي هلائيندڙ چلائيندڙ
اقتصادي قانون“ کي ظاهر ڪرڻو هو ۽ تنهن ڪري اڀياس
جو بنيادي موضوع پيداوار جي سرمائيداراڻي طريقي ۽
انهي طريقي سان ٺهڪندڙ پيداوار ۽ مٽاسٽا جا لاڳاپا
هو. هتي ڪتاب جي ڇپائي جي تاريخ کي ذهن ۾ رکڻ تمام
ضروري آهي. مارڪس جنهن سرمائيداراڻي نظام بابت
لکيو آهي اهو اوڻيهين صدي جي آخري حصي ۽ ويهين صدي
جي شروعات وارو سرمائيداراڻو نظام نه هو ۽ جنهن
نظام هيٺ اسين رهون ٿا اهو ته ڪڏهن به نه هو. اهو
گذريل صدي جي شروعاتي حصي وارو وڏي حد تائين ڇڙواڳ
۽ غير ذميواراڻو سرمائيداري نظام هو ۽ جنهن وقت
مارڪس ڪتاب لکي رهيو هو اهو تڏهن ئي تبديلي جي عمل
مان گذري رهيو هو.
مارڪس جي ذهني تصوير مطابق سرمائيداراڻو نظام
ننڍڙن ۽ تمام موثر ڪاروباري يونٽن جي هڪ تمام وڏي
انگ تي ٻڌل آهي. جن جي مالڪي، ڪنٽرول ۽ بندوبست
ڪنهن هڪ ماڻهو يا ماڻهن جي هڪ اهڙي ننڍڙي گروپ جي
هٿن ۾ آهي جن جو بنيادي واسطو پنهنجي ذاتي خوشحالي
سان آهي. هن پاران ڪتاب لکڻ وقت لميٽيڊ لائبلٽي (Limited
Liability) واريون
ڪمپنيون اڳيئي وجود ۾ اچي چڪيون هيون پر انهن اڃا
صنعتي تنظيم واري رواجي يونٽ واري ننڍي فرم جي
جاءِ نه والاري هئي ۽ اهي ڪمپنيون اڳتي هلي جيڪو
رخ اختيار ڪري سگهيون ٿي انهي کان به اڃا ڪير واقف
نه ٿيو هو. جنهن ”مئنيجري انقلاب (Managerial
Revolution)ڪاروباري
منتظمن (Business
executives) جي
هڪ وڏي فوج کي جنم ڏنو آهي اهو مارڪس جي سوچ کان
ئي مٿي هو ۽ هن انهي بابت ڪڏهن سوچيو به نه هوندو.
هو مزدورن کي ڏهاڙي ڪمائيندڙن“ جو هڪ پيڙهيل طبقو
۽ پرولتاري سمجهندو هو ۽ هو جيتوڻيڪ نين ٽريڊ
يونينن جو سرگرم حمايتي هو پر کيس انهن جي واڌويجھ
مان ڪنهن سڌاري جي گهڻي اميد نه هوندي هئي. هو پاڻ
وچولي طبقي جو فرد ۽ (سندس پسنديده اصطلاح ڪتب
آڻيندي) بورجوا هو. هو تمام وڏي اعتماد سان انهي
عظيم ڏينهن جي اوسيئڙي ۾ هو جڏهن دنيا ۾ فقط ٻه
طبقا هوندا: ڪم وٺندڙ ۽ ڪم ڪندڙ: نوڪري ڏيندڙ ۽
نوڪري ڪندڙ، سرمائيدار ۽ مزودر، بورجوا ۽ پرولتاري
۽ انهن جي وچ ۾ اوس ٿيندڙ ٽڪراءُ جي نتيجي ۾ ساڳئي
طرح لازمي طور هڪ نئون سماجي نظام جنم وٺندو جنهن
۾ سڀ ڪجھ مزدورن جي هٿن ۾ هوندو.
مارڪس جي پڙهندڙن جي بدقسمتي اها آهي جو انهيءَ جي
شروعات اهڙي سرمائيداراڻي نظام جي بيان سان نه ٿي
ٿئي جنهن کان هو واقف هو پر هو اٿندي ئي قدر (Value) بابت
پنهنجن خيالن جو تمام ڳُوڙهو بيان ڏئي ٿو. اهي
ايترا ته ڏکيا آهن جو انهن جي سمجهاڻي لاءِ اُٺ
ڪتابن جا لکيا ويا آهن ته به اسان کي پڪي طرح خبر
نه آهي ته مارڪس جو اصلي مطلب ڇا هو. هاڻي جيتوڻيڪ
اهو نه ٿو سمجهيو وڃي ته مارڪس پاران پيش ڪيل
نظريا سندس پنهنجا نه آهن پر اهي سندس دور کان
ڪيترو وقت اڳ جي ڪلاسيڪي اقتصاديات دانن کان ورتل
آهن تنهن ڪري Labour
Theory of Value سنئين
سڌي هن ڏانهن منسوب نه ٿي ڪري سگهجي. انهي ٿيوري
جو مطلب اهو آهي ته ڪنهن شي (Commodity) جي
قيمت جو دارومدار انهي جي پيداوار لاءِ ڪتب آندل
انساني محنت جي مقدار تي آهي“. نه ئي کيس Kindred
Theory جو
مالڪ قرار ڏئي سگهجي ٿو ته محنت جي مزدوري گذاري
جي سطح جي آسپاس بيهندي آهي. گذاري جي سطح جو مطلب
آهي ته ڪنهن مزدور کي تندرستي ۽ ڪارڪردگي جي چڱي
حد تائين فِٽ حالت ۾ رکڻ تي ڪيترو خرچ اچي ٿو جيئن
هو پاڻ ايترو فٽ هجي جو وقت اچڻ تي ڏهاڙي ڪمائيندڙ
مزدورن جو اهڙو ٻيو نسل پيدا ڪري سگهي جيئن هو ختم
ٿي ڪچري جي ڍير تي اڇلائجي ته ٻيا هن جي جاءِ وٺي
سگهن. انهن شروعاتي بابن مان فقط Surplus
Value واري
ٿيوريءَ مان ئي اصليت (Originatity) جا
ڪي آثار ملن ٿا. انهي جي سمجهاڻي هيٺ ڏجي ٿي:
پيداواري عمل ۾ ڪم آندل موڙي (Capital) ٻن
قسمن جي هوندي آهي. مستقل (Constant) ۽
غير مستقل (Variable).
مارڪس غير مستقل موڙيءَ مان مراد اهي رقمون وٺي ٿو
جيڪي مزدور بيهارڻ تي يعني پگهار ڏيڻ تي خرچ ڪيون
وڃن ٿيون ۽ مستقل موڙي مان مراد ٻيا سڀ قسم آهن.
انهن ٻنهي ۾ فرق انهي ڳالهه ۾ آهي ته غير مستقل
موڙي نه فقط پنهنجي قدر (Value)جي
برابر پر انهي کان وڌيڪ به پيدا ڪري ٿي. انهي جو
مقدار حالتن تي دارومدار رکندي مختلف هوندو آهي.
انهي واڌو اپت کي مارڪس سرپلس ويليو ڪوٺي ٿو. اها
فقط انساني محنت ئي پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ (مارڪس
مطابق) اها سموري موڙيءَ جو مالڪ کڻي وڃي ٿو.
سرپلس ويليو جو اهو تصور مارڪس پاران اقتصادي فڪر
۾ خاص اضافو آهي ۽ انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهي
مزدورن ۽ خاص طور يورپ ۽ آمريڪا جي صنعتي ملڪن ۾
فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙن کي پاڻ ڏانهن ڏاڍو ڇڪيو. انهي
کي مارڪس جي نظام ۾ جيڪا اهم جاءِ حاصل آهي انهي
جي خبر ڪيپيٽل جي انهن سوين صفحن مان به پوي ٿي
جيڪي هن انهيء جي تشريح ۽ سمجهاڻي لاءِ وقف ڪيا
آهن. هن جي مددي مواد جو گهڻو حصو انگريزن جي ملڪ
جي هلي چلي مان ورتل آهي. انهي جو تمام سٺو سبب
اهو آهي ته سرمائيداراڻي نظام جي شروعات گهڻي قدر
انهيءَ ملڪ ۾ ٿي هئي ۽ اتي ئي اهو تمام اُسريل
مقام تي پهتو هو. پر اسان کي ڪٿان به اهو اشارو نه
ٿو ملي ته ڪو مارڪس ڪڏهن ڪنهن ڪاٽن مل ۾ ويو هو يا
ڪنهن ڪوئلي جي کاڻ ۾ هيٺ لٿو هو يا ڪڏهن ڪنهن
ڪنڀار يا لوهار جي ڪم ڪرڻ جي جاءِ يا ڪوريلوي شيڊ
وڃي ڏٺو هئائين. سندس ڪتاب جا صفحا انهن ئي تفصيلن
سان ڀريل آهن جيڪي هو برٽش ميوزيم جي ريڊنگ روم جي G قطار
۾ ستين نمبر سيٽ تان حاصل ڪري سگهيو هو.
هو پنهنجن پڙهندڙن کي جيڪو ڪجھ ٻڌائي ٿو انهي مان
هو اهو سمجهي سگهن ٿا- ۽ پيرس، برلن، ماسڪو ۽
نيويارڪ ۾ ڪيترن واقعي ائين سمجهي به ورتو ته
برطانوي مزدور هڪ طبقي جي حيثيت ۾ تمام مڪمل ۽ بي
رحمي واري استحصال جا شڪار هئا. هو ٻڌائي ٿو ته
”ننڍڙا ٻارڙا پنهنجين نرم نازڪ آڱرين جي خاطر انهي
ڪري ڪُٺا وڃن ٿا جيئن ڏکڻ روس ۾ ڍور ڍڳا پنهنجي کل
۽ چرٻي لاءِ ڪُٺا ويندا آهن“ ۽ هڪ اهڙي غير معتبر
ليکڪ جي ڪتاب مان اقتباس ڏئي ٿو جنهن ٽيهن ورهين
کان به اڳ واري دور ۾ لکيو هو ته ”تمام لالچي مل
مالڪ جن پاران فائدي جي ڳولها ۾ ڪيل ظلمن کان
اسپينين پاران آمريڪا جي فتح وقت سون جي ڳولها ۾
ڪيل ظلم مشڪل سان وڌيڪ هوندا“.
هو مُوڙي بابت لکي ٿو ته اها مئل مزدوري (Dead
Labour) آهي
جيڪا رتُ چُوس (Vampire)وانگر
زنده مزدوري جو رت چوسي ئي زنده رهي سگهي ٿي ۽
”اها جيتري رت چوسيندي ايتري سگهاري نموني زندهه
رهندي“. هو لکي ٿو ته ريلوي جي مزدورن جو وقت 14،
18 ۽ ويندي 20 ڪلاڪن تائين وڌايو ويو هو ۽ جڏهن
تفريحي ٽرينون هلايون وينديون هيون ته انهن کي 40
کان 50 ڪلاڪن تائين بغير ساهيءَ جي ڪم ڪرڻو پوندو
هو. هن ملاوٽي کاڌن جي آزاد تجارت بابت به ڪجھ
ڳالهيون لکيون آهن ۽ هن پنهنجي انهي بيان سان لنڊن
جي رهواسين جو هنيون ڪچو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته
ماني اهڙي اٽي مان پچائي وڃي ٿي جيڪو ڳوهڻ وقت
انهي ۾ انسانن جو پگهر، پونء، ڄارو، مئل ڪاڪروچ ۽
واري ۽ ڦٽڪيءَ جهڙا ”وڻندڙ معدنياتي جزا“ وڌا وڃن
ٿا. هو پاڻ جيڪا روزاني اخبار پڙهندو هو انهي مان
ميري اين واڪلي نالي هڪ ويهن ورهين جي ڇوڪري جي
موت بابت سرڪاري عملدار جي تفتيشي رپورٽ به کڻي
لکي ڇڏي اٿائين. هو لکي ٿو ته اها مادام ايلس جي
پوشاڪون ٺاهڻ جي شانائتي اداري ۾ ڪم ڪندي هئي.
هوءَ ساڍا ڇويهه ڪلاڪ بغير ساهي جي ڪم ڪرڻ کان
پوءِ بيمار ٿي پئي ۽ مري وئي هئي. اهي پوشاڪون
”نئين درآمد ٿيل“ شهزادي اليگزينڊرا جي مان ۾ ڏنل
ڊانس پارٽي تي ويندڙ نفيس عورتن لاءِ هيون.
مارڪس پنهنجي ڪتاب جي متن ۾ يا متن سان گڏ ڏنل
معلوماتي نوٽس ۾ جتي به ڪي اقتباس آڻي ٿو انهن جا
جيتوڻيڪ مڪمل حوالا به ڏئي ٿو پر سندس ڪجھ اقتباس
اهڙن ڪتابن يا مضمونن مان کنيل آهن جيڪي ڪيترا
ورهيه اڳ لکيا ويا هئا ۽ اهي جن حالتن کي سامهون
رکي لکيا ويا هئا انهن ۾ تمام گهڻي تبديلي اچي وئي
هئي يا ڪجھ اقتباس وري سياق سباق کان جدا ڪري پيش
ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح اهي سمورو سچ پيش نه ٿا ڪن.
انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سندس پڙهندڙ انهي ڳالهه
کان ڏاڍا متاثر ٿيا هئا ته هو گهڻو ڪري سرڪاري
انسپيڪٽرن ۽ ڪمشنرن جي رپورٽن کي بنياد بڻائي ٿو
پر انهن کي انهي ڳالهه جي هوا به نه لڳڻ ڏني وئي
ته خود اهي رپورٽون انهيءَ ڳالهه جو اشارو هيون ته
وڪٽوريائي دور جو سماجي شعور بلڪل زنده هو.
اوڻيهين صدي جو ستون ڏهاڪو مزدورن لاءِ ڪنهن به
لحاظ کان تڪليف، بدحالي ۽ ڏاڍ وارو دور نه هو.
انهي جي برعڪس حقيقت ته اها آهي ته انهي حالت ۾
گهرن، پبلڪ هيلٿ ۽ صنعتي تحفظ جي لحاظ کان گهڻي
بهتري آئي. نئين دور جون ٽريڊ يونينون به انهيءَ
ئي دور ۾ ٺهيون ۽ 1867ع ئي اهو سال آهي جنهن ۾
ڪيپيٽل پهريون دفعو منظر تي آيو جو شهرن جي مزدورن
کي پارليامينٽ جي چونڊن ۾ ووٽ جو حق مليو.
سرپلس ويليو لاءِ وقف ٿيل حصي کان پوءِ ڪيترائي
باب اجرت (Wages) تي
اچن ٿا ۽ پوءِ اسين موڙي جي گڏ ٿيڻ (Accumalation
of Capital) سان
لاڳاپيل بابن تي پهچون ٿا. مارڪس وري هتي به ڪيترن
ئي ليکڪن کي ڪم آڻيندي انگريز عوام جي انهي وقت جي
حالت ۽ ارتقا بابت تمام مايوس ڪندڙ تصوير پيش ڪري
ٿو. هن جو عمومي مفروضو اهو آهي ته. ”موڙيءَ جي گڏ
ٿيڻ سان مزدور جي حالت سندس اُجرت- ڀلي ٿوري هجي
يا گهڻي- لازماً خراب ٿئي ٿي“. ”لازماً“ جو لفظ
نوٽ ڪريو. ساڳئي ڳالهه مختصر لفطن ۾ هيئن چئجي:
”موڙي جيئن ٿورن هٿن ۾ گڏ ٿيندي ويندي تيئن غربت
وڌندي ويندي“.
سرمائيدار ڪاروباري ادارن جو جديد نظام وجود ۾ اچڻ
کان اڳ اهو مرحلو اچڻو هو جنهن کي مارڪس ”موڙيءَ
جو شروعاتي گڏ ٿيڻ (Primary
accumulation) چوي
ٿو. هو انهي جي وضاحت ڪندي چوي ٿو ته: اهو تاريخي
عمل جنهن جي ذريعي پيدا ڪندڙ جي هٿن مان پيدوار جا
وسيلا نڪري ويا“. انهي ڳالهه عملي صورت هيئن
اختيار ڪئي جو رفارميشن جي دور ۾ چرچ جي ملڪيتن تي
زوريءَ قبضا ڪيا ويا. پوءِ رياست جون ايراضيون
منتقل ڪيون ويون ۽ بي رحماڻي دهشت گردي جي ذريعي
جاگيردارن ۽ اسڪاٽلينڊ جي قبيلن جي ملڪيتن کي جديد
نجي ملڪيت ۾ تبديل ڪيو ويو. اهي موڙي جي شروعاتي
گڏ ٿيڻ جا اوائلي طريقا هئا جن سرمائيدار زراعت
لاءِ ميدان صاف ڪيو ۽ شهري صنعت کي بي مالڪ
پرولتارين جو گهربل تعداد مهيا ڪري ڏنو.
انهي کان پوءِ آمريڪا ۾ سون ۽ چاندي جون دريافتون
ٿيون، مقامي ماڻهن جو صفايو ڪيو ويو، انهن کي غلام
بڻايو ويو يا انهن کي ڪجھ علائقن تائين محدود ڪيو
ويو. وري ايسٽ انڊيز جي فتح جي شروعات ٿي ۽ آفريڪا
غلامن جي واپار لاءِ خام مال جي سرچشمي ۾ تبديل
ٿيو. اهي واقعا ”سرمائيداري پيداوار جي دور جي
خوشگوار صبح“ جون خاص نشانيون هئا. انهن کان جلدئي
پوءِ يورپ جي وڏن ملڪن جي وچ ۾ تجارتي جنگيون (Commercial
Wars) لڳيون
جيڪي سموري ڌرتيءَ تي وڙهيون ويون. انهي سلسلي جي
تازي ڪڙي چين خلاف آفيم جون جنگيون هيون.
موڙيءَ جي گڏ ٿيڻ جي عمل کي انهي جي شروعاتي دور ۾
سڀ کان سگهارو تحرڪ بينڪ آف انگلينڊ جي بندوبست
هيٺ Public
Debt پيدا
ڪرڻ سان مليو. جلدئي ٻيا ملڪ به مالياتي نيٽ ورڪ ۾
انگلينڊ سان منسلڪ ٿي ويا. ”موڙي جو اهو تمام وڏو
مقدار جيڪو آمريڪا ۾ ڪنهن ڄم جي سرٽيفڪيٽ کان
سواءِ منظر تي ايندو آهي اهو ڪالهه انگلينڊ ۾
ٻارڙن جي موڙي جي شڪل ۾ آندل رت هئي“.
مارڪس پنهنجي آخري صفحي تي ٻڌائي ٿو ته آمريڪا ۽
آسٽريليا برطانيه جي نقش قدم تي هلي رهيا آهن: هڪ
۾ ”سرمائيداري پيداوار تمام وڏين ٻرانگهن سان اڳتي
وڌي رهي آهي“ ۽ ٻئي ۾ لڳاتار اهي شڪايتون آهن ته
ليبر مارڪيٽ واڌو مزدورن سان ڀري پئي آهي. پراڻي
دنيا وانگر نئين دنيا ۾ به (هو چوي ٿو ته)
پوليٽيڪل اڪانامي هڪ ”وڏو اسرار“ دريافت ڪري ورتو
آهي ۽ پوءِ انهي کي علي الاعلان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي
ته، پيداوار جو سرمائيداراڻو طريقو ۽ موڙي جو گڏ
ٿيڻ (يا مختصر لفظن ۾ چئجي ته سرمائيدار نجي
ملڪيت) پنهنجي بنيادي شرط طور مزدور جي بي دخلي جي
گُهر ڪري ٿو.
ڪيپيٽل اصل ۾ جرمن زبان ۾ شايع ٿيو هو. پهريون
انگريزي ترجمو (پهرئين جلد جو) مارڪس جي وفات کان
ٽي ورهيه پوءِ 1886ع ۾ ڇپيو. اينگلز انهي جو مهاڳ
لکيو. هن اها ڳالهه به چئي ته داس ڪيپيٽل کي يورپ
جي کنڊ ۾ گهڻو ڪري مزدور طبقي جي بائيبل سڏيو وڃي
ٿو. اها ڳالهه برطانيه کان سواءِ باقي سموري يورپ
لاءِ شايد ته صحيح هئي. انهي چوڻي ۾ به گهڻي صداقت
آهي ته برطانوي ليبر تحريڪ ڪارل مارڪس بجاءِ
ميٿوڊسٽن کان گهڻي مستفيد ٿي آهي.
مارڪس سمجهندو هو ته سندس ڪتاب هڪ اهڙو ليور مهيا
ڪندو جنهن سان دنيا جي صنعتي ملڪن جا پرولتاري
سرمائيداري نظام جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندا. هو اهو
سمجهڻ ۾ حق بجانب هو ته ڪيپيٽل هڪ سياسي ۽ اقتصادي
ڊائنا مائيٽ هو. پر آخرڪار ٿيوائين جو انقلاب هڪ
وڏي ۽ تمام سرمائيدار ملڪ بجاءِ زارن جي روسي
سلطنت ۾ آيو جيڪو انهن وڏن ملڪن مان هڪ هو جتي
سرمائيداري نظام تمام گهٽ اسريل ۽ تمام گهٽ اڳتي
وڌيل هو. جيڪي ڪتاب لازماً تاريخ ساز ڪتابن جي صف
۾ رکيا وڃن انهن ۾ ڪارل مارڪس جو ڪيپيٽل سن 1917ع
واري روسي انقلاب تي انهي جي اثر سبب پڪي پختي
برتريءَ واري جاءِ والاري ٿو.
62. لورنا ڊُون
-- آر. ڊي. بلئڪ مور --
رچرڊ ڊاڊرج بلئڪ مور (1900- 1825ع) جيتوڻيڪ پنهنجي
زندگيءَ ۾ ئي گهڻو تحريري ڪم ڪندڙ ۽ هڪ مقبول عام
ناولسٽ هو، پر اڄڪلهه کيس فقط هڪ ڪتاب لورنا ڊون
جي ليکڪ طور ياد ڪيو ويندو آهي. سندس ٻيا ناول به
ناڪام نه ٿيا هئا. انهن مان ڪجھ ته ڪو اعزاز به
حاصل ڪيو هو. پر کيس شهرت لورنا ڊون ڏياري ۽ لورنا
ڊون ئي هميشه لاءِ سندس نالي سان جڙي ويو آهي.
ڪتاب جي ڪاميابي جا ڪيترائي سبب آهن پر انهن مان
سڀ کان اهم سبب قديمي انساني خصوصيت آهي. اها
خصوصيت خود بلئڪ مور ۾ به هوندي. ڪي ٿورا ناولسٽ
ئي انهيء ڳالهه جو پڪو پختو مثال پيش ڪري سگهندا
ته اسلوب ۽ طرز تحرير ئي خود انسان آهي.
جيئن ڪنگسلي کي ڊيوون (Devon) سان
محبت هئي ۽ هارڊي ۽ فلپاٽس کي بالترتيب ويسيڪس ۽
ڊاٽمور سان محبت هئي بلئڪ طور کي بلڪل ائين ايڪس
مُور (Exmoor) جي
انهي من موهيندڙ علائقي سان محبت هئي جتي ڊيوون
سومرسيٽ سان ڪلها گسائي ٿو. هن ڇوڪراڻي وهيءَ ۾
گليمور گن شائر جي ڪناري تي نيوٽن نائيج ۾ رهندي
ايڪسمور جي جابلو سلسلي جو سيورن ۾ انهي هنڌ تائين
اڀياس ڪيو هو جتي درياء ۽ سمنڊ پاڻ ۾ ملن ٿا. جڏهن
سندس پيءُ جيڪو ڳوٺاڻي چرچ ۾ پادري هو؛ ڊيون لڏي
ويو ته ننڍڙو رچرڊ اڳ ۾ ڪنگس اسڪول برٽن ۽ پوءِ
ٽائورٽن ۾ بلنڊيلز اسڪول ۾ داخل ٿيو. هو انهن ٻنهي
ادارن ۾ ويسٽ ڪنٽري (انگلينڊ جون ڏکڻ اولهه واريون
ڪائونٽيون. سنڌيڪار) جو اصلي جادو پاڻ ۾ سموئيندو
رهيو. هن پاران ڪومبي ۾ پنهنجي ڏاڏي جي گهر گهڻو
ايندي ويندي ڦورن جي هڪ ٽولي جي ڪارنامن بابت ڪي
مقامي روايتون ضرور ٻڌيون هونديون جيڪي چارلس ٻئين
جي دور ۾ ايڪسيٽر جي ويجھو هڪ ڳڙهه مان ڪاروائيون
ڪندا هئا. ساڳئي وقت هو ڳوٺاڻي زندگي جا عڪس به
پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪندو ويندو هوندو ۽ دلچسپ
ڪردارن سان لهه وچڙ ۾ ايندي ڊيون ۽ سومر سيٽ جي
ٻولي جا دلچسپ لهجا به نوٽ ڪندو ويندو هوندو.
هو جڏهن ايڪسيٽر ڪاليج آڪسفورڊ ويو تڏهن به ڳوٺاڻي
زندگي جي سادين خوشين جي ويجھو رهندو هو. هن کي
بائيبل ۽ شيڪسپيئر جي ڊرامن سان حقيقي لڳاءُ هوندو
هو انهي سان گڏوگڏ سندس ڪلاسيڪي تعليم کيس لفظن،
فقرن ۽ موزون ڪناين جو هڪ اهڙو وڏو ذخيرو گڏ ڪرڻ ۾
مدد ڏني جن سندس شاهڪار لورنا ڊُون کي شاعراڻو رنگ
ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
جيئن ته بلئڪ مورکي پهريون شوق شاعر ٿيڻ جو هو
تنهن ڪري لورنا ڊون جي ڪجھ بياني ٽڪرن ۾ غنائي شدت
ڏسي ڪا گهڻي حيرت نه ٿيندي. مثال طور بلئڪ مور هڪ
ندي جي ڪناري تي سرخس ڦٽل ڏسي انهن جو بيان هنن
لفظن ۾ ڏئي ٿو: ”ٽيلارا ڪندا، جهڪندا، نهاريندا،
چمڪندا، نرم ريشمي تندون وٽيندا، هيريا انهي پاڻي
کان شرمائيندا جنهن ۾ سندن گريزان عڪس رقص ڪري
رهيا هئا يا جنهن ۾ سندن حسن حرڪت ۾ هو“.
پر لورنا ڊون هڪ ناول طور پنهنجن ٿيوڪريٽي ۽
ورجيلي پڙاڏن جي سبب شهرت نه ماڻي آهي نه ئي انهي
جي شهرت جو سبب انهي جي ڪنهن رزميي وارو شان شوڪت
آهي. انهي کي نسلن پٺيان نسل انهي ڪري پڙهندا پيا
اچن جو انهي ۾ اهو ڪم ٿيل آهي جنهن کي اِي. ايم.
فارسٽر پنهنجي ڪتاب Aspects
of the Novel ۾
سختي سان ننديو آهي.
لورنا ڊون ۾ هڪ ڪهاڻي ٻڌايل آهي....
جان رچرڊ جي ڪهاڻي ٽائيورٽن ۾ بلنڊيل اسڪول ۾ سن
1673ع ۾ شروع ٿئي ٿي. جان ٻارنهن ورهين جي ڄمار ۾
ئي هڪ ويڙهاڪ طور مشهور آهي. حقيقت اها ته سندس
اسڪول ۾ آخري ڏينهن تي رابن سنيل سان جهيڙي سان
سندس انهي همٿ ۽ بهادري واري ڳالهه ثابت ٿي وئي
جنهن جو هو سموري ڪتاب ۾ ڊونن (Doones) سان
سندس ڊگهي ۽ شديد تڪرار ۾ مظاهرو ڪندو رهيو. هو
وڏي ڇوڪري سان ائين وڙهيو جيئن اڳتي هلي ڊونن جي
ڪُوپن سان وڙهيو. ”انهي جو هڪ سبب ته منهنجي
پنهنجي طاقت ۽ ايڪس مور وارن جي سخت طبيعت هئي“،
جيئن هو پاڻ چوي ٿو ”۽ وڏي ڳالهه اها ته جڏهن
منهنجي سهپ جي به حد ٿي ويندي هئي ته آءٌ به ڪجھ
نه ڏسي سگهندو هوس“.
جان جا اسڪول جا ڏينهن اوچتو پڄاڻي تي پهچي ويا جو
سندس پيءُ کي ڊونن جي هڪ ماڻهو ماري ڇڏيو. ڊون
ڦورن ۽ ڌاڙيلن جو هڪ قبيلو هو جيڪي ڊيون ۽ سومرسيٽ
جي سرحد ٺاهيندڙ جبل ۾ ٺهيل هڪ ماٿري ۾ رهندا هئا.
جان پنهنجي گهر ويندي ٽيهن جي لڳ ڀڳ ڊونن جو هڪ
جٿو ڏٺو جيڪي ڪا ڦُر ڪري موٽيا هئا. ”ڳرا مڙس وڏا
جسم، نه بندوقن جو خيال ته ڪيئن پيون آهن نه انهي
ڳالهه جي اون ته گهوڙن تي ڪيئن ويٺا آهن، چمڙي جون
صدريون، ڊگها بوٽ مٿي ۽ سيني تي لوهي پٽيون چڙهيل،
هَنن تي ڦُر جي مال جون سٿيون لڳل هُين“. انهن
رڍون ۽ هرڻ به ڦريا هئا ۽ جٿي جي هڪ ماڻهوءَ جي
گهوڙيءَ تي هڪ ٻارڙو پيو هو.
جان جي ماءُ ڊونن جي ڪٺورتا تي توائي ٿيندي انهن
جي ڏر تي هلي وئي ۽ انهن جي سردار سر اينسور ڊون
آڏو پنهنجو ڪيس پيش ڪيائين. هو بظاهر هڪ خوش خلق
پير مرد نظر اچي ٿو جيڪو هن جو ڏاڍي شائستگي سان
آڌرڀاءُ ڪري ٿو ۽ پنهنجي قانوني ماهر ڪائونسلر ڊون
کي گهرائي ٿو. سگهارو، ويڪري ڇاتي ۽ سفيد ڏاڙهي
وارو ڪائونسلر قتل ٿيل ماڻهو جي ڊونن سان آمهون
سامهون ٿيڻ بابت غلط بيان ڏئي ٿو ۽ اهڙو اشارو ڏئي
ٿو ته اڳرائي جان جي پيءُ ڪئي هئي. مسز رِد حيران
پريشان ۽ ڏک ۾ وٺجي پنهنجي گهر پلوورز بيروز (Plover's
Barrows) فارم
موٽي اچي ٿي.
جان بدلي جي سوچن تي جوش ۾ اچي بندوق هلائڻ سکي
ٿو. هو گوليون ٺاهڻ لاءِ گندرف ۽ شيهو وٺڻ لاءِ
پورلاڪ جي مسٽر پوڪي سان به ملي ٿو. هو جيتوڻيڪ
اڃا ڇوڪرو آهي. پر پنهنجي پيءُ جي موت جو پلاند
وٺڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو اٿائين.
هڪ ڏينهن سندس ماءُ بيمار هئي ۽ ڪجھ به کاڌو پيتو
نه هئائين. هو انهي لاءِ مڇيون مارڻ ويو. هو هڪ
ڏنڊي ۽ رسي ۾ ٽه شاخو ڪانٽو ٻڌي نڪتو ۽ هڪ واهڙ جي
ڪپ سان هلڻ لڳو. هو هلندي هلندي اچي ڊونن جي
ماٿريءَ ۾ پهتو. اتي هو هڪ اٺن ورهين جي ڇوڪري سان
مليو ۽ انهي تي موهت ٿي پيو. انهي کيس پنهنجو نالو
لورنا ڊون ٻڌايو.
ڪيترا ورهيه پوءِ جان جي ماءُ جو چاچو رُوبن هڪا
بيڪ (Reuben
Huckaback) جان
وارن سان ملڻ لاءِ هليو. هو رٽن جو هڪ شاهوڪار
دڪاندار هو. جڏهن هو مقرر وقت تي نه پهتو ته جان
کيس ڳولهڻ نڪتو. هن کي خبر پئي ته ڊونن چاچي روبن
کان ڦُر ڪئي آهي. سندس گهوڙو به ڦري کيس هڪ جابلو
ٽٽون جي پٺيءَ سان ٻڌي ويا آهن. جان پوڙهي کي ٽٽون
مان ڇڏرائي هيٺ پاڻ سان گڏ پلوورز بيروز وٺي آيو.
جڏهن چاچي روبين جي مقامي طور قانوني مدد نه ٿي ته
هن جج جيفريز سان ملڻ جو فيصلو ڪيو پر انهي کان اڳ
جان کي کيس ڊونن جو جابلو ڳڙهه ڏيکارڻو آهي. روبين
جڏهن انهي ماٿري تي فوجي حملي جي رٿابندي ڪري رهيو
هو ته جان کي پري کان لورنا جي جهلڪ نظر اچي وئي ۽
کيس احساس ٿي ويو ته سندس قسمت لورنا سان جڙيل
آهي. چاچي رُوبن جي روانگي کان پوءِ جان لورنا جي
وڻن جي ڳجھي جهگٽي ۾ ويو ۽ ڇوڪريءَ کيس پنهنجي
اکاڻي ٻڌائي. انهي جي عمر هاڻي پندرهن ورهيه ٿي
وئي هئي. هوءَ عملي طور ڊونن جي ماٿريءَ ۾ قيد
هئي.
بهار جي مند اچڻ سان بادشاهه جو هڪ قاصد جيريمي
اسٽڪلز فارم تي آيو. هو جان لاءِ شاهي ڪوٺ کڻي آيو
هو جنهن ۾ کيس چيو ويو ته هو ويسٽ منسٽر ۾ ججن جي
آڏو ڊونن خلاف ثبوت پيش ڪري. اهڙي طرح هو لنڊن ويو
۽ اتي هن قانوني معاملن ۾ ٿيندڙ ديرين کي به منهن
ڏنو ۽ آخرڪار جج جيفريز هن کان سوال جواب ڪيا ۽ هن
کان پڇا ڪيائين ته ڇا ويسٽ ڪنٽري ۾ ڪي باغي آهن.
جج جان جي جوابن مان مطمئن ٿيندي کيس وڃڻ جي موڪل
ڏئي ڇڏي.
جان اتان موٽڻ کان جلدئي پوءِ انهي واهڙ جو ڪنارو
وٺي ڊونن جي ماٿريءَ تائين ويو هليو. هو لورنا سان
مليو جنهن اها ڳالهه تسليم ڪئي ته هوءَ به هن سان
محبت ڪرڻ لڳي آهي. هن کيس اهو به ٻڌايو ته هن جي
ڪارور (Carver) ڊون
سان شادي ٿيڻ واري آهي جيڪو کيس زوري به کڻي وڃي
ها پر جيستائين سر اينسور قبيلي جو سربراهه آهي هو
اهو ڪم ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو. اهڙي طرح هن کي
ڪجھ دلجاء ٿي ۽ هو ٻن مهينن لاءِ ڊونن جي ماٿري
کان پري رهڻ لاءِ راضي ٿي ويو.
انهي دوران لاباري جي مند جو جشن به مناسب نموني
ملهايو ويو. جان ۽ سندس ڀيڻ ايني کيل تماشن مان
کسڪي ٻاهر نڪري ويا جتي ايني کيس ٻڌايو ته هوءَ
پنهنجي ڌاڙيل سوٽ ٽام فيگس کي چاهي ٿي. هاڻي جان
به کيس پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي ۽ کيس چيو ته هو
به پنهنجي دل لورنا ڊون کي ڏئي ويٺو آهي. اهي جڏهن
وري جشن ۾ موٽي آيا ته چاچي رُوبين ۽ سندس پوٽي
روٿ هڪا بيڪ کي آيل ڏٺائون.
اتي هر ماڻهو اچرج ۾ هو ته چاچو رُوبين پلوورز
بيروز ۾ اهڙي وقت ڇو آيو آهي جڏهن هو عام طور
ڊلورٽن ۾ ڪم ۾ مصروف هوندو آهي. هن پاران هر روز
اڪيلو پوٺن تي نڪري وڃڻ سان اڃا وڌيڪ تجسس پيدا
ٿيڻ لڳو. ماڻهو Wizard’s
Slough تائين
هن جي پٺيان ويا. پر اتي به هن جي ڪم بابت ڪا خبر
نه پئي.
جان ٻه مهينا گذرڻ کان پوءِ لاڳيتو پندرهن ڏينهن
تائين هر روز شام جو ڊونن جي ماٿري ڏانهن وڃڻ لڳو
پر اتي لورنا جو ڪو نالو نشان نه هو. هڪ ڏينهن صبح
سان سوير وڃڻ فائدي مند ثابت ٿيو جو لورنا وري به
هن سان محبت جو اقرار ڪيو. ڇوڪري جي چوڻ تي هو
جلدي گهر آيو ۽ ماءُ کي هر ڳالهه ٻڌايائين. مسز
ريڊ جنهن کي اڃا تازو ئي خبر پئي هئي ته سندس ڌيءُ
ايني ٽام فيگس سان شادي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي وري
جو کيس اها خبر پئي ته سندس پٽ هڪ ڊون ڇوڪري جي
محبت جي دام ۾ ڦاسي ويو آهي ته هوءَ ڏاڍي پريشان
ٿي وئي. پر پوءِ انهي صورتحال کي فيلسوفاڻي انداز
۾ قبول ڪري ٿي.
جان پوءِ پهريون دفعو ڊونن جي ماٿريءَ جي مک لنگهه
مان اندر ويو ۽ سر اينسور جي گهر تائين اندر هليو
ويو. هن هڪ دريءَ منجهان لورنا سان ڳالهايو. هن
واعدو ڪيو ته کيس جيڪڏهن ڪو شديد خطرو پيش آيو ته
هوءَ هن کي اشارو ڏيندي.
انهيءَ کان جلد ئي پوءِ لورنا جي نوڪرياڻي جان
ڏانهن هڪ نياپو کڻي آئي. سر اينسور ڊون مرڻ تي هو
۽ هن سان ملڻ ٿي گهريائين. نوڪرياڻي جان کي هڪ
ڳجهي رستي تان ماٿري ۾ وٺي وئي ۽ پير مرد جي ڪمري
وٽ وٺي آئي. سر اينسور جان کي جيتوڻيڪ شروع ۾ اها
صلاح ڏني ته هو لورنا سان وري ڪڏهن نه ملي پر
آخرڪار هو ڪجھ ٿڌو ٿيو ۽ مرڻ کان اڳ لورنا کي هڪ
قيمتي هار ڏنائين. جان سندس ڪفن دفن کان پوءِ
پلوورز بيروز موٽي آيو.
پوءِ سيارو به ڏاڍو شديد ٿيو. ڏاڍي برف پئي ۽ پارا
پيا ته جان جون لورنا سان ملاقاتون به ختم ٿي
ويون. سندس ننڍي ڀيڻ ايليزا جان کي برف جا جوتا
ٺاهڻ جي صلاح ڏني. هن اهڙي هڪ جوڙي ٺاهي ۽ اهي
پائي ڊونن جي ماٿري ڏانهن روانو ٿي ويو. هو لورنا
جي گهر تائين حفاظت سان پهچي ته ويو پر اتي پهچي
خبر پيس ته کيس ڪارور ڊُون سان شادي لاءِ راضي ٿيڻ
تائين بکيو رکيو ويو آهي. جان فوراً کيس ڊونن جي
واديءَ مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو.
جان گهر پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن کي اطلاع ڏيڻ ويو ته
لورنا جلدئي انهن وٽ ايندي ۽ پوءِ هڪ برف گاڏي
ماٿريءَ تائين ڇڪي ويو. هو اتي بلڪل پوري وقت تي
پهتو ۽ لورنا کي چارلس ورٿ جون ۽ سندس دوستن کان
بچائي ورتائين. هو نشي ۾ مدهوش ٿي انهيءَ سان هٿ
چراند ڪرڻ وارا هئا. جان لورنا ۽ سندس نوڪرياڻي کي
برف گاڏي ۾ ويهاري گاڏي کي برف تي ڇڪيندو فارم ۾
کڻي آيو.
سخت سياري کان پوءِ وڏا مينهن ۽ ٻوڏون آيون.
جيريمي اسٽڪلز پلوورزبيروز اچي ويو ۽ ڊونن جو حملو
روڪڻ لاءِ رٿائون ٺهڻ لڳيون. متوقع حملي جو ڀرپور
جواب ڏيڻ کان ڪجھ ڏينهن پوءِ ڪائونسلر ڊون فارم تي
آيو ۽ وڏي چالاڪي سان لورنا جو هار پنهنجي قبضي ۾
ڪري ورتائين. جيريمي اسٽڪلز جان کي ٻڌايو ته لورنا
ڪاڊون ڇوڪري نه پر ڪائونٽيس آف ڊوگلز جي ڌي آهي
جنهن کي ڊون ڪيترا سال اڳ کڻي ويا هئا. جان کي ياد
آيو ته هن ننڍپڻ ۾ واقعي هڪ ٻار ڌاڙيلن جي گهوڙي
تي ڏٺو هو.
جان ۽ جيريمي هڪ گڏ وچڙ لشڪر سان ڊونن سان معرڪو
ڪرڻ ويا. اهي تعداد ۾ وڌيڪ هئڻ باوجود به ڌڪجي
واپس موٽي آيا ۽ جيريمي ڏاڍو زخمي ٿي پيو.
ڊونن جي انهي سوڀ کي گهڻو وقت نه گذريو هو جو جان
کي خبر پئي ته چاچو روبين Wizard’s
Slough وٽ
ڇا ڳولهڻ ويندو هو. پيرس هڪا بئڪ سمجهي ويٺو هو ته
هن ڪا سون جي کاڻ ڳولهي لڌي هئي ۽ هو جان کي انهي
جو معائنو ڪرائڻ وٺي ويو. جان کي انهي ڳالهه ۾ ڪا
گهڻي دلچسپي نه هئي تنهن ڪري هو هڪ ڪورنيشي پهلوان
سان ملهه وڙهڻ بوڊمن ويو هليو. انهيءَ ملهه جي هن
پهلوان کيس پاڻ دعوت ڏني هئي. هو انعام ۾ مليل هڪ
سو پائونڊ کڻي جلدئي واپس فارم تي آيو. اتي کيس
خبر پئي ته لورنا ڪورٽ آف چانسري پاران زور ڀرڻ تي
پنهنجي چاچي ۽ سرپرست ارل برانڊر وٽ رهڻ لنڊن هلي
وئي هئي. کيس ايڪويهن ورهين جي ڄمار تائين اتي
رهڻو هو.
انهي مايوسي کان پوءِ جلدئي اها خبر آئي ته ٽام
فيگس جيڪو هاڻي ايني جو مڙس هو؛ مون مائوٿ ۽ سندس
باغي فوج ۾ شامل ٿي ويو هو. ايني جان کي منٿون
ڪيون ته هو وڃي ٽام کي واپس گهر وٺي اچي. فيگس جي
ڳولها ڪندي جان کي باغين جي فوج سيج مور وٽ نظر
اچي وئي. اهي اتي شڪست کائي ويٺا هئا. هن ٽام کي
ڳولهي لڌو. کيس ڏاڍا زخم آيل هئا. هو کيس ڪنهن
طريقي سان حفاظت سان پري ڪڍي ويو. خود هن کي اهو
خطرو هو ته کيس ڪرڪ جا گهيٽا (Lambs) ڦاهي
چاڙهي ڇڏيندا پر جيريمي اسٽڪلز سندس مدد لاءِ اچي
ويو.
جان جا ڀاڳ ڀلا ٿيا جو هن ۽ لورنا ۾ جيڪو سماجي
رتبي جو فرق هو اهو کيس سر جو خطاب ملڻ سان ختم ٿي
ويو. کيس ٻن غدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ روايتي
خانداني نشان به مليو. سر جان گهر واپس آيو ۽ کيس
هميشه لاءِ ڊونن سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ جو ڪم ڏنو ويو.
هن پنهنجو ننڍڙو لشڪر گڏ ڪيو ۽ ڊُونن جي ماٿري تي
چڙهائي ڪري ڏنائين. هن انهن جي گهرن کي باهيون ڏئي
آخرڪار پنهنجن دشمنن سان حساب برابر ڪيو. ڪائونسلر
لورنا جو هار واپس ڏنو ته کيس آزاد ڪيو ويو. ڪارور
ڊون جنهن جان جي پيءُ کي قتل ڪيو هو اهو ڪنهن
طريقي سان فرار ٿي ويو.
ارل برانڊر جي فوت ٿيڻ تي لورنا کي پلوورز بيروز
واپس وڃڻ ۽ جان سان شادي ڪرڻ جي موڪل ملي وئي.
شاديءَ جي رسمن جي پڄاڻي تي ڪارور ڪٿان اچي نڪتو ۽
لورنا کي گولي هڻي ڪڍيائين. جان کيس مئل سمجهي
ڪارور جي پٺيان لڳو ۽ Wizard’s
Slough وٽ
وڃي کيس پهتو. ڪارور گولي هلائي جيڪا جان کي لڳي
پر جان ڌٻڻ جي ڪناري تي هن سان ٻکين پئجي ويو. هو
خوب ڪُٽڪو کائي ڌٻڻ ۾ ڪري پيو ۽ اندر گهڙي ويو.
ننڍڙي روٿ هڪا بئڪ لورنا ۽ جان جي تيمارداري ڪري
کين چاق چڱو ڀلو ڪيو ۽ هر ڳالهه سٺي نموني پڄاڻي
تي پهتي.
بلئڪ مور جي ويسٽ ڪنٽري ڪهاڻي جو هي مختصر خاڪو
آهي. ڪتاب ۾ ڪيترائي ڊگها بياني ٽڪرا آهن خاص طور
اهي باب جن ۾ ڊگهن ۽ ڏکين سيارن جو ذڪر آهي. وري
مک پلاٽ سان گڏ ذيلي پلاٽ آهن. ڪٿي هو موضوع کان
هٽي وڃي ٿو ڪٿي تاريخي واقعن ۽ مقامي روايتن ڏانهن
اشارا ڪندو هلي ٿو ته ڪٿي ڪنهن ڳالهه تي چوٽ به
ڪندو هلي ٿو. ڪجھ جاين تي اخلاقي درس به ڏنا
اٿائين. پر جان رڊ ۽ لورنا ڊون جي پيار ڪهاڻي
سمورين ڳالهين کي فني طور گڏ ڪيون بيٺي آهي. جان
جسماني توڙي اخلاقي طور فڪشن جي هڪ تمام وڻندڙ
هيرو طور سامهون اچي ٿو. هو هر لحاظ کان هڪ سچو
انگريز آهي. نرم مزاج، سادي، سهڻي سٻاجهي لورنا هن
جي لاءِ تمام موزون ساٿي ٿابت ٿئي ٿي. اهي ٻئي هڪ
ٻئي کان ايترو پري پر انهي هوندي به تمام ويجهو
ٻين سڀني ڪردارن کان مٿي ٿي بيهن ٿا ۽ ڏاڍي پڪ سان
پنهنجي مقدر ڏانهن وڌندا رهن ٿا.
ننڍن ڪردارن مان به ڪي ڪردار وسارڻ جوڳا نه آهن
جهڙوڪ جوشيلو ڦورو ۽ وڻندڙ بدمعاش ٽام فيگس، وڏو
ڄاڻو، باذوق ۽ دلير جيريمي اسٽڪلز، محتاط ۽ پئسي
جو پوڄاري روبين هڪا بئڪ؛ وڏو چاپلوس نيڪوڪاري جو
ٻاهريون پنو رکندڙ ڪائونسلر ڊُون؛ شانائتو ۽ آخر
تائين حڪم هلائيندڙ پيرس اينسور ڊُون؛ ۽ عورتن ۾
مسز رڊ سهڻي سادي ۽ دلير سندس حياتي جو مقصد فقط
سندس ٻار آهن، مٺي سڀاءُ واري ۽ گهرداري ڏانهن
مائل ايني، ڪتابن جي عاشق ۽ نقاد ٿيڻ لاءِ تيار
ايليزا؛ ۽ ننڍڙي رُوٿ هڪا بئڪ ڏاڍي سمجهدار ۽ نرم
دل.
جيستائين ايترن ڀانت ڀانت جي ڪردارن کي پيش ڪرڻ جي
انداز جو تعلق آهي ته تمام وڏو خاميون ڳوليندڙ
نقاد به اها ڳالهه لازماً تسليم ڪندو ته بلئڪ مور
جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي لفاظي کان ڪم ورتو آهي (خاص طور
محبت وارن منظرن ۾) ته به انهي جو اسلوب اهڙي سگهه
حاصل ڪري وٺي ٿو جنهن کي مڪمل طور مرداڻو (Masculine) چئي
سگهجي ٿو. مثال طور ڊونن جي ماٿري تي چڙهائي جو
بيان هڪ طاقتور تحرير آهي: چٽو ۽ واضح، جوش ۾
آڻيندڙ ۽ سڀ ڳالهيون بيان ڪندڙ. ڪهاڻي ۾ وقت بوقت
کل ڀوڳ جون ڳالهيون به ڪهاڻيء جي دلچسپي ۾ اضافو
ڪن ٿيون. جان جڏهن اسڪول ۾ رابن سنيل کي مڪون هڻڻ
کان هٻڪي ٿو ته بلئڪ مور ڏاڍو ميسڻو ٿيندي چوي ٿو
ته: ”سُٺن عيسائين جو مکيه ڪم بغير ڪنهن شڪ شبهي
جي هڪ ٻئي سان وڙهڻ آهي“.
۽ آخر ۾ اها ڳالهه ته سموري ڪم تي مڪمل ڪنٽرول
رکندي بلئڪ مورجو تخليقي تصور هر جاءِ تي واضح نظر
اچي ٿو. رچرڊ بلئڪ مور بنيادي طور ويسٽ ڪنٽري جو
هڪ سڌو سنواٽو پُرجوش ۽ سگهارو ماڻهو هو. هن
لورناڊون تي خود پنهنجي شخصيت جي ڇاپ هڻي ڇڏي آهي.
هن کي خود انهي سرسبز ۽ وڻندڙ علائقي سان محبت هئي
۽ هن پنهنجن پڙهندڙن ۾ به انهن ڏينهن جي تانگهه
پيدا ڪري ڇڏي آهي ”جڏهن جذبن ۾ ڏاڍي گرمي ۽ گهرن ۾
ڏاڍو سک ۽ آرام هوندو هو اهي ڳالهيون هاڻي ختم
ٿينديون پيون وڃن.
63. رائونڊ دي ورلڊ اِن ايٽي ڊيز
-- جوليس ورني--
انساني نسل وقت بوقت ڪو اهڙو خاص خصوصيت رکندڙ
انسان پيدا ڪندو رهندو آهي جنهن کي لڳي ٿو ته
مُستقبل کي ڏسڻ جي ڪا غير معمولي صلاحيت عطا ٿيل
هوندي آهي. اهڙو هڪ انسان ليونارڊو ڊاونچي هو جنهن
جي زرخيز ذهن هوائي جهازن، پيراشوٽ ۽ ٽينڪن جي اچڻ
جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. ٻيو ماڻهو وري ايچ. جي. ويلز هو
جنهن جي سائنس فڪشن ڪهاڻين انهي خلائي دور (Space
Age) جي
اڳڪٿي ڪري ڇڏي جنهن ۾ اسين هاڻي داخل ٿي رهيا
آهيون. اڃا هڪ ٽيون جوليس ورني هو جنهن جي سائنس
بابت عجيب غريب فنٽسين(Fantasies) ۾
اهڙين اڳڀراين بابت ڳالهيون ٻڌايل هيون جيڪي انهي
دور ۾ ته تصور جون تمام بلند اڏامون لڳنديون هيون
پر اهي نسبتاً ٿوري وقت ۾ ئي حقيقت ٿي ويون.
جوليس ورني 8- فيبروري 1828ع ۾ نانٽيس ۾ ڄائو.
سندس پيءُ پيئر ورني اتي هڪ ڪامياب وڪيل هو. جوليس
سورنهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ جي قانوني فرم
۾ گهڙيو ۽ 1848ع ۾ پنهنجي قانون جي تعليم ۾ مڪمل
ڪرڻ پيرس ويو.
پر هو پنهنجي دل ۾ اڳيئي ڊراما نگار ٿيڻ جا ارادا
سانڍيو ويٺو هو ۽ اليگزينڊر ڊوما سان واقفيت ٿيڻ
کان پوءِ، انهي جي ئي مهرباني سان سندس ون ائڪٽ
پلي Broken
Straws سن
1850ع ۾ پيش ٿيو.
هو قانون کي ڇڏڻ کان پوءِ ڪنهن جي نوڪري ڪرڻ کان
سواءِ پنهنجي منهن معاوضي تي لکڻ جو ڪم ڪري پنهنجو
خرچ پکو ڪڍندو رهيو. هو Musee رسالي
لاءِ سائنسي تاريخي ڪهاڻيون لکندو رهيو ۽ هڪ لائيٽ
آپيرا لاءِ موسيقي لکيائين. اهو سن 1853ع ۾
ڪاميابي سان اسٽيج تي پيش ٿيو.
ڪيليفورنيا ڏانهن سون جي ڳولها ۾ ويندڙ ماڻهن سان
گڏجي پوڻ جي خواهش تي ڪنٽرول ڪرڻ کان پوءِ هن جي
ذهن ۾ سائنس فڪشن ڪتابن جي هڪ سيريز لکڻ جو خيال
آيو. هن جو ارادو اهو هو ته هو انهيءَ ميدان ۾
پنهنجي لاءِ اهو مقام حاصل ڪري جيڪو سندس دوست
ڊوما کي هڪ تاريخي ناول نگار طور حاصل هو. کيس
يقين هو ته انسانن جو مستقبل سائنس ۾ رکيل هو.
ٿيئٽر ليريڪ (Lyrique) جو
سيڪريٽري ٿي پنهنجي مالي حالت کي ڪجھ بهتر ڪرڻ کان
پوءِ هو انهي قابل ٿي ويو جو پنهنجو فارغ وقت نه
فقط آکاڻيون ۽ ليک لکڻ لاءِ وقف ڪرڻ لڳو پر پنهنجي
پراجيڪٽ جي تياري ۾ دريافتن ۽ کوجنائن بابت جيڪو
به ڪتاب هٿ ڪري سگهيو ٿي اهو پڙهڻ لڳو. پر في
الحال ته هو هڪ نوجوان بيوه آنيرين موريل جي محبت
۾ گرفتار ٿي ويو ۽ انهي سان شادي ڪيائين. جيئن ته
هو سمجهندو هو ته شادي جي ڪامياب ٿيڻ لاءِ ضروري
آهي انهي جو بنياد مالي تحفظ تي هجي تنهن ڪري هن
سڀني ماڻهن کي وڏي حيرت ۾ وجھندي لکڻ جو ڪم ڇڏي
ڏنو ۽ اسٽاڪ بروڪر ٿي ويو.
پر هو هڪ پيدائشي ليکڪ هو ۽ جلدئي خبر پئجي ويس ته
اندروني زور ايترو شديد آهي جنهن کي روڪي نه ٿو
سگهجي. تنهن ڪري هن ايترو وقت ڪڍي ورتو جيئن هڪ ئي
وقت ڪامياب اسٽاڪ بروڪر ۽ ڪامياب اديب ٿي سگهي.
هن کي 1863ع ۾ Five
Weeks in a Balloon ڇپجڻ
سان پهرئين حقيقي ادبي ڪاميابي ملي. اها مستقبل ۾
ڦوڪڻن جي سفر بابت سندس خيالن تي ٻڌل هڪ ايڊوينچر
ڪهاڻي آهي. اهوExtra
Ordinary Journeys جي
سلسلي جو سڀ کان پهريون ڪتاب هو. انهي سلسلي جا
ٻيا ڪيترا ڪتاب ڪيترن ورهين تائين سندس قلم مان
نڪرندا رهيا.
هن پنهنجن ڪتابن جي ڪاميابي ڏسندي 1865ع ۾ اسٽاڪ
ايڪسچينج ۾ ڪم ڇڏي ڏنو ۽ ڪروٽاءِ (Crotoy) ۾
هڪ گهر ۾ وڃي رهيو. هو پنهنجي باقي زندگي جو
تقريباً سمورو عرصو سمنڊ ۾ يا سمنڊ جي آسپاس رهيو.
هن ڪيتريون ئي سير سفر جون ٻيڙيون به ورتيون جن ۾
هر هڪ پهرئين کان وڌيڪ شاندار هئي.
هن اهڙي ئي هڪ ٻيڙي تي Twenty
Thousand Leagues Under the Sea لکيو.
اهو 1870ع ۾ ڇپيو ۽ تمام وڏي ڪاميابي حاصل ڪري
ورتائين. انهي سان ورني به فرانس جو هڪ تمام مقبول
ليکڪ ٿي ويو. سن 1873ع ۾ Round
the World in Eighty Days ڇپجڻ
سان سندس شهرت ۾ اڃا واڌارو ٿيو.
ورني جي ڪهاڻين جو تقريباً سمورو دارومدار انهي تي
هو جو هو پنهنجي تمام عجيب غريبFantasies کي
بلڪل حقيقت جو رنگ ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هو. انهي
صلاحيت جوRound
the World in Eighty Days ۾
خاص طور اظهار ٿيل آهي.
فلياس فاگ لنڊن ۾ انهيءَ گهر ۾ رهندو هو جنهن ۾
عظيم انگريز ڊراما نگار شيريڊان رهيو هو. فاگ بابت
انهي کان وڌيڪ ڪا خبر نه هئي ته، ”هو سٺي انگريز
سماج جو هڪ تمام مڪمل معزز شخص هو“. ظاهر آهي ته
هو پئسي وارو هو ۽ لڳندو هو ته هن سير سفر گهڻو
ڪيو هو. هو ڪنوارو هو ۽ هڪ نوجوان فرانسي نوڪر
پاسپارٽو سندس ڪم ڪار ڪندو هو.
فاگ رفارم ڪلب جو ميمبر هو. هو منجهند ۽ رات جي
ماني به اتي ئي کائڻ تي هِري ويو هو. هڪ ڏينهن ڪلب
جا ميمبر بينڪ آف انگلينڊ ۾ تازو ڦُرجي هڪ دليراڻي
واردات بابت ڳالهائيندي چور جي ڪٿي ٿمجڻ بابت
اندازا هڻڻ لڳا. هڪ ماڻهو چيو ته هو ڪٿي به موجود
ٿي سگهي ٿو جو دنيا تمام وڏي آهي“.
”اها اڳ ۾ به هئي!“ فلياس فاگ چيو.
”اڳ ۾ ڪيئن؟“ هاڻي دنيا ننڍي ٿي وئي آهي ڇا؟ جو
انهي جو سفر ٽن مهينن ۾ ٿي سگهي ٿو؟“
”فقط اَسي ڏينهن ۾،“ فلياس فاگ چيو.
پر جيڪڏهن موسم خراب ٿي پئي، هوائون سازگار نه
ٿيون، جهاز کي ڪو حادثو پيش اچي ويو يا جهاز رستي
تان هٽي ويو ته اهي ڏينهن حساب مان ڪڍڻا پوندا“.
هاڻي ڦورو وسري ويو ۽ گفتگو جو رخ دنيا جي چوڌاري
80 ڏينهن ۾ چڪر هڻڻ جي امڪان ڏانهن ٿي ويو. انهي ۾
فاگ جو اهو رايو هو ته عملي طور اها ڳالهه ممڪن
هئي. جڏهن ته ٻين ميمبرن جو خيال هو ته اها ڳالهه
ممڪن نه هئي.
آخرڪار فاگ کي چيلينج ڪيو ويو ته هو پاڻ دنيا جي
چوڌاري 80 ڏينهن ۾ چڪر ڏئي پنهنجي ڳالهه ثابت ڪري
ڏيکاري. فاگ 20 هزار پائونڊن جي شرط تي چيلينج
قبول ڪئي ۽ ڪلب مان اٿي گهر آيو ۽ حيران پريشان
پاسپارٽو کي ٻڌايائين ته هو ڏهن منٽن ۾ دنيا جي
چوگرد سفر تي نڪري ويندا. جڏهن نوڪر احتجاج ڪيو ته
ضروري سامان پئڪ ڪرڻ لاءِ 10 منٽ ڪافي نه هئا ته
فاگ کيس ٻڌايو ته فقط هڪ ٿلهي ڪپڙي جو ٿيلهو گهربل
آهي جنهن ۾ ٻه اوني قميصون ۽ ٻنهي لاءِ جورابن جون
ٽي ٽي جوڙيون هجن. اهي ڏهن منٽن ۾ گهر مان نڪتا
جيئن ڊوور(Dovor) لاءِ
ريل گاڏي تي چڙهن. اتان اهي ڪيليس (Calais) آيا.
فاگ پاران چيلينج قبول ڪرڻ ۽ سندس روانگي جي خبر
فوراً سموري لنڊن ۾ پکڙجي وئي ۽ شهر ۾ هر هنڌ سندس
سفر بابت ڳالهيون ٿيڻ لڳيون ۽ اخبارن ۾ به بحث
مباحثي جو اهو ئي مکيه موضوع ٿي ويو. عام راءِ
انهي پاسي هئي ته هو ڪامياب نه ٿي سگهندو ۽ شرطون
به انهي لحاظ کان 200 ۽ هڪ جي تناسب سان لڳي رهيون
هيون. سندس روانگي کان ست ڏينهن پوءِ انهي وقت
شرطون لڳڻ ختم ٿي ويون جڏهن اسڪاٽلينڊ يارڊ ۾
پوليس ڪمشنر وٽ سئيز مان هيء تار پهتي. ”آءٌ بينڪ
ڦُورو فلياس فاگ وٽ پهچي ويو آهيان. بنا دير
گرفتاري جو وارنٽ بمبئي برٽش انڊيا موڪليو.“
(دستخط) فڪس. جاسوس.
جيڪو ڪجھ ٿي گذريو انهي جو تفصيل هي آهي. فاگ ۽
پاسپارٽو ٽرين ذريعي برائينڊيسي پهتا هئا. اهي
ايستائين خير سان پهتا هئا. اتان اهي منگوليا نالي
اسٽيمر ۾ چڙهيا جيڪو سئيز مان ٿيندو بمبئي وڃڻو
هو. فڪس انهن ڪيترن جاسوسن مان هڪ هو جن کي بينڪ
ڦورو تي نظر رکڻ لاءِ سموري دنيا جي بندرگاهن تي
موڪليو ويو هو.
منگوليا جڏهن سئيز پهتو ته فڪس جي اندروني ٻوجھيءَ
کيس ٻڌايو ته فاگ ئي اهو ماڻهو آهي جنهن جي کيس
ڳولها هئي ۽ هن وٽ جيتوڻيڪ ثابتي جو هڪ ذرو به نه
هو ته به هن لنڊن وارنٽ لاءِ تار موڪلي ڇڏي ۽ پاڻ
فاگ جي پٺيان بمبئي وڃڻ لاءِ منگوليا ۾ چڙهي پيو.
ڳاڙهي سمنڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ ۾ حالتون ايتريون ته
سازگار ٿي پيون جو اسٽيمر بمبئي ۾ شيڊيول کان ٻه
ڏينهن اڳ پهتو. انهي تي فاگ ڏاڍو خوش ٿيو.
فڪس جي نقطه نظر کان اها جلدي آمد تمام خراب ثابت
ٿي ڇاڪاڻ ته لنڊن مان وارنٽ پهچڻ لاءِ پورو وقت نه
گذريو هو ۽ فاگ انهي ئي شام جو اٺين بجي ڪلڪتي
واري ٽرين ۾ روانو ٿي ويو.
(ورني انهن بابن توڙي ٻين سڀني ۾ انهن سڀني ملڪن
جي منظرن ۽ ريتن رسمن جو احوال ڏئي ٿو جتان فاگ
گذريو هو. ڪتاب جي وڏي ڪشش جو سبب به اهي ئي بيان
آهن ۽ ورني جي دور جي ماڻهن کي انهن ۾ خاص طور
دلچسپي هوندي هئي).
ايستائين فاگ جي سفر ۾ ڪو لاهو چاڙهو نه آيو. پر
ڪلڪتي کان اڌ پنڌ تي خبر پئي ته ڪولبي ۽ الهه آباد
جي وچ ۾ لائين جو 50 ميلن جو ٽڪرو مڪمل نه ٿيو آهي
۽ مسافرن کي ٻنهي شهرن جي وچ ۾ سواري جو پاڻ
بندوبست ڪرڻو هو.
ڄاڻ سڃاڻ وارن مسافرن سواري جا سڀ روايتي ذريعا
اڳيئي بڪ ڪرائي ڇڏيا هئا پر هٿ پير هڻي وٺندڙ فاگ
هڪ هندستاني کان هڪ هاٿي خريد ڪئي ۽ هو ۽ پاسپارٽو
سفر تي ويندڙ هڪ واقف جنرل سر فرانسس ڪرومارٽي سان
گڏ الٰه آباد جي ٻيلن ۾ گهڙي پيا.
انهن کي الٰه آباد کان 12 ميل اڳتي هڪ شاندار جلوس
نظر آيو پوءِ خبر پئي ته اهو هڪ راجا جو جنازو هو.
ان سان سورڳواسي راجا جي نوجوان سهڻي زال به گڏ
هئي. سر فرانسس وضاحت ڪئي ته ستي جي وحشياڻي رسم
موجب انهي کي به پنهنجي مڙس جي چتا ۾ زندهه ساڙيو
ويندو.
فاگ اها ڳالهه ٻڌي دهلجي ويو ۽ انهي ويچاري عورت
کي بچائڻ جي رٿ رٿيائين. انهن کيس انهي پگوڊا مان
ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ کيس انهي رات واڙيو ويو هو
پر هو ائين نه ڪري سگهيا. آخرڪار ٻئي ڏينهن رسم جي
شروعات کان پوءِ کيس پاسپارٽو بچايو جيڪو لڪندو
ڇپندو دونهين ۾ جو وڃي پهتو ته ماڻهن سمجهيو ته
مردو زنده ٿي ويو آهي. سو اهي ماڻهو ڊپ ۾ هيٺ ليٽي
پيا ته پاسپارٽو بيوه کي چتا مان ڇڪي ڪڍيو ۽ اهي
سڀئي ساٿي ٻيلي ۾ ڀڄي ويا. ٻاون کي پوءِ خبر پئي
ته اصل ۾ ڇا ٿي گذريو هو. اهڙي طرح اهي الٰه آباد
حفاظت سان پهچي ويا.
ماڻهو جيئن ته بيواه کي ڳولهي لهن ها تنهن ڪري فاگ
کيس هانگ ڪانگ تائين وٺي هلڻ جي آڇ ڪئي جو هن کيس
ٻڌايو هو ته اتي سندس ڪجھ مائٽ رهندا هئا.
اهي ريل ذريعي ڪلڪتي پهتا ته پوليس انهن کي گرفتار
ڪري ورتو. انهن کي جيتوڻيڪ ڪي به الزام نه ٻڌايا
ويا پر کيس فقط اهو ٻڌايو ويو ته انهن کي مئجسٽريٽ
جي سامهون پيش ڪيو ويندو. عدالت ۾ انهن کي خبر پئي
ته انهن تي بي حرمتي جو الزام مڙهيو ويو آهي جو
پاسپارٽو بمبئي ۾ هڪ مندر ۾ اتفاقي طور بوٽن سميت
هليو ويو هو. مئجسٽريٽ ڏنڊ ۽ قيد جي سزا ٻڌائي.
جيئن ته دير سبب فاگ جو شيڊيول خراب ٿي وڃي ها
تنهن ڪري هن ضمانت جي درخواست ڏني جيڪا قبول ٿي.
اهڙي طرح اهي ٻه هزار پائونڊ جمع ڪرائي هانگ ڪانگ
ويندڙ رنگون نالي اسٽيمر تي سوار ٿيا ساڳئي اسٽيمر
تي فڪس جاسوس به هو جيڪو انهن جي پٺيان ڪلڪتي اچي
پهتو هو.
سفر جي انهي حصي ۾ سڀ ڪجھ صحيح ٿيو تان جو هانگ
ڪانگ کان ڪجھ ڏينهن اورتي هڪ شديد طوفان اچي ويو.
فاگ کي امڪاني دير سبب ڏاڍي ڳڻتي هئي. انهي سان
شايد هانگ ڪانگ کان يوڪو هاما وارو اسٽيمر ڇڏائجي
وڃي ها. ۽ ائين ئي ٿيو. دير ۾ چوويهه ڪلاڪ ضايع ٿي
ويا ۽ اڳيون اسٽيمر ته لازماً نڪري ويو هوندو.
پر هانگ ڪانگ پهچڻ تي انهن کي خبر پئي ته ڪرناٽڪ
کي مرمت لاءِ روڪيو ويو هو ۽ اهو سڀاڻي کان اڳ
روانو نه ٿي سگهندو. انهن برٿون بُڪ ڪرايون ۽ فاگ
بيواهه مسز اودا سان گڏ شهر سندس مائٽ ڳولهڻ ويو
ته فڪس پاسپارٽو کي ٻڌائي ڇڏيو ته هو ڪهڙي ڪم تي
نڪتل آهي. فطري طور نوڪر اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار
ڪري ڇڏيو ته ڪو سندس مالڪ چور هو ۽ هو متان فاگ کي
هوشيار نه ڪري ڇڏي تنهن ڪري هن کيس نشو ڏئي ڇڏيو ۽
پوءِ پنهنجي شڪار تي اک رکڻ لاءِ شهر ويو هليو.
مسز اودا جا مائٽ هانگ ڪانگ ڇڏي ويا هئا تنهن ڪري
فاگ هن کي تجويز ڏني ته هوءَ هنن سان گڏ هلي. اهي
جڏهن واپس آيا- فڪس به انهن سان گڏ هو هن پنهنجو
تعارف هڪ ساٿي مسافر طور ڪرايو هو- ته انهن کي خبر
پئي ته ڪرناٽڪ روانو ٿي ويو هو. انهي جي مرمت جو
ڪم توقع کان اڳ پورو ٿي ويو ۽ انهي جو ڪپتان انهي
لاءِ به نه ترسيو ته متان ڪي مسافر شهر ويل هجن ۽
فوراً لنگر کڻائي ڇڏيائين.
فاگ کي ته ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي نه هن شنگهائي تائين هڪ
پائليٽ بوٽ ڀاڙي تي ڪرائي. کيس اميد هئي ته هو اتي
ڪرناٽڪ کي پهچي ويندو. رات جو اهي هڪ طوفان ۾ ڦاسي
پيا جنهن سبب انهن جي رفتار ڍري ٿي وئي پر اهڙي
طرح انهن کي يوڪو هاما ويندڙ هڪ آمريڪي اسٽيمر کي
روڪرائڻ جو موقعو ملي ويو جنهن جو ڪپتان انهن کي
پاڻ سان گڏ کڻڻ تي راضي ٿي ويو.
انهي دوران پاسپورٽو به ڪرناٽڪ تي هوش ۾ اچي ويو ۽
پاڻ کي اڪيلو يوڪو هاما ويندي ڏٺائين. هن يوڪو
هاما پهچي اهو فيصلو ڪيو ته هو ڪنهن جهاز تي ٽڪيٽ
بجاء نوڪري ڪري پيسفڪ سمنڊ پار ڪري آمريڪا ويندو
هليو پر هڪ جاپاني طائفي جي ڪرتبن جو مظاهرو ڏسندي
هو پنهنجي وڇڙيل مالڪ سان ملي ويو.
اهي يوڪو هاما مان سان فرانسسڪو لاءِ جهاز ۾
چڙهيا. فڪس به انهن سان گڏ هو. اهي جڏهن گولڊن گيٽ
ٽپيا ته فاگ شيڊيول تي بلڪل پورو هو. هڪ ڏينهن به
اڳتي پٺتي نه ٿيو هو.
اهي سان فرانسسڪو کي بلڪل سرسري طور ڏسڻ کان پوءِ
آمريڪا جي اڀرندي ڪناري ڏانهن وڃڻ لاءِ ايڪسپريس
ٽرين ۾ چڙهيا. انهي سفر ۾ انهن ڪيترن خطرن کي منهن
ڏنو. هڪ دفعو ته پاسپارٽو کي Sioux
Indians قيد
ڪري ورتو. انهن ريل تي حملو ڪيو هو. فاگ مسافرن جو
هڪ دستو ساڻ ڪري Indians جي
پٺيان ويو ۽ پاسپارٽو کي ڇڏرائي آيو پر اهي واپس
انهي جاءِ تي پهتا ته ٽرين رواني ٿي چڪي هئي.
هن دفعي فڪس انهن جي مدد ڪئي ۽ هڪ برف گاڏي هٿ ڪري
آيو جنهن ۾ اهي چار ئي ڄڻا اوماها تائين ويا. اتي
انهن کي شڪاگو لاءِ ٽرين ملي ۽ اتان اهي نيويارڪ
ويا. اتان انهن کان سائوٿيمٽن ويندڙ اسٽيمر ڇڏائجي
ويو. پوءِ اهي لورپول ويندڙ هڪ ڪارگو جهاز ۾
چڙهيا.
فڪس لورپول ۾ پهچي ڏٺو ته وارنٽ هن جي انتظار ۾
پيو هو. هن ڪجھ هٻڪندي فاگ کي گرفتار ڪري جيل ۾
وجهرائي ڇڏيو. بهرحال ٻئي ڏينهن اها خبر پهچي وئي
ته ڦورو ٽي ڏينهن اڳ گرفتار ٿي چڪو هو. اهڙي طرح
فاگ آزاد ٿي ويو. فاگ هڪ خاص ٽرين ڀاڙي تي ڪرائي
اهو حساب هنيو ته هو اڃا به وقت تي لنڊن پهچي سگهي
ٿو. بدقسمتي سان ٽرين کي دير ٿي وئي ۽ اها لنڊن
اسٽيشن تي ڏهه منٽ دير سان اٺ لڳي پنجاهه منٽن تي
پهتي.
هو جيئن ته اهو سمجهي رهيو هو ته هو شرط هارائي
ويٺو آهي ۽ هن پنهنجو ويهن هزارن جو چيڪ به رفارم
ڪلب ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو هو تنهن ڪري هن گهر ۾ ئي رهڻ
جو ارادو ڪيو. ورندي شام ماني کان پوءِ کيس احساس
ٿي ويو ته کيس اودا سان محبت ٿي وئي آهي تنهن ڪري
هن کي شادي جي آڇ ڪيائين جيڪا اودا قبول ڪئي. اهڙي
طرح هنن ٻئي ڏينهن شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو.
پاسپارٽو کي ويجھي پادريءَ ڏانهن موڪليو ويو جيئن
هو ضروري بندوبست ڪري. هو ٽن منٽن ۾ اها خبر کڻي
آيو ته فاگ حساب ۾ غلطي ڪئي هئي ۽ انهي ڏينهن آچر
نه هو جيئن هن سمجهيو ٿي پر ڇنڇر هو ۽ انهي
صورتحال ۾ هو ڏهن منٽن ۾ رفارم ڪلب پهچي سگهيو ٿي
۽ اڃا به شرط کڻي سگهيو ٿي.
فاگ حساب ڪيو ته خبر پيس ته هن انٽرنيشنل ڊيٽ
لائين ڪراس ڪئي هئي پر اها ڳالهه تاريخ جي حساب ۾
شامل ڪرڻ وسري وئي هئس.
هو پوري پوڻين نائين وڳي رفارم ڪلب ۾ داخل ٿيو.
اتي گڏ ٿيل ميمبر کيس ڏسي ڏاڍا حيران ۽ ڏاڍا خوش
ٿيا.
موجوده جديد دور ۾ به جڏهن فاگ پاران ورتل ڏينهنِ
جي اڌ جيترن ڪلاڪن ۾ هوائي جهاز ۾ دنيا جي گرد چڪر
لڳي سگهي ٿو ته به انهي آکاڻي ۾ دلچسپي، جوش ۽
جذبو پيدا ڪرڻ جي سگهه موجود آهي. اها ايستائين
اهو ڪم ڪندي رهندي جيستائين ڪتاب پڙهيا ويندا.
بياني تفصيلن ۽ تمام ڌيان سان ۽ دلچسپ ڪردار نگاري
سبب ورني جو بيان سچ ۽ صداقت جي جيترو هڪ صدي اڳ
لڳو ٿي اوترو هاڻي به لڳي ٿو. ورني جي سموري ڪم جي
اها سڀ کان وڏي سگهه آهي. ويلز وانگر هن به دلچسپ
ڪردار ۽ حالتون پيدا ڪرڻ لاءِ محنت ڪئي. ويلز
سماجي ۽ انساني مسئلن سان تعلق سبب شايد وڌيڪ گهرو
هو پر ورني پاران بيان جي قوت تي مهارت ۽ ننڍين
ننڍين ڳالهين تي ڌيان سبب هو سائنس فڪشن جي ميدان
۾ پنهنجي جانشين سان به همسري ڪري ٿو ۽ هن کان
برتري جو شرف ڪنهن کي نه مليو آهي.
64. ايڊوينچرز آف ٽام ساوير
-- مارڪ ٽُئين--
مزاح جيتوڻيڪ آمريڪي ادب جي هڪ نمايان خصوصيت ٿي
ويو آهي پر انهي جي اوسر دير سان ٿي آهي. اهو ادب
جن حالتن ۾ پيدا ٿيو ۽ واڌ ويجھ ورتائين انهن تي
غور ڪرڻ کان پوءِ اها ڪا حيرت جوڳي ڳالهه نه ٿي
لڳي. اتر آمريڪا جي انگريزي ڳالهائيندڙ نو آبادين
جا ماڻهو اهڙا ڏاڍا سخت جان ۽ عملي ماڻهو هئا جيڪي
وجود باقي رکڻ لاءِ هڪ شديد جدوجهد ۾ مصروف هئا.
جڏهن زندگي گذارڻ جون حالتون ڪجھ سوليون ٿيون تڏهن
ئي ادب ۾ مزاح ڪر کڻڻ لڳو. اهو پهريون نمايان طور
واشنگٽن ارونگ جي A
History of New York ۾
ظاهر ٿيو. اهو سن 1809ع ۾ ڇپيو ۽ اڃا وڌيڪ پختي Sketch
Book (انهي
۾ هن رپ وان ونڪل کي متعارف ڪرايو) ۽Brace
Bridge Hall جي
صورت ۾ جاري رهيو.
بهرحال ارونگ جو اثر لڳي ٿو ته محدود ئي رهيو. هن
کان پوءِ ايندڙ مزاح نگارن جيتوڻيڪ ساڳئي هيئت-
مختصر خاڪو ۽ مضمون- ڪم آندي پر انهن جو لاڙو ڪنهن
ادبي تصنيف يا ڊرامي جي مزاحيه خاڪي ۽ خام مقامي
لهجي استعمال ڪرڻ ڏانهن رهيو. جيئن مثال طور
ڪيناڊائي ٿامس هيليبرٽن جي تخليق ”سام سلڪ“ ۾ نظر
اچي ٿو. حقيقت اها آهي ته حقيقي عالمي ڪشش رکندڙ
آمريڪي مزاح جي ندي خشڪ ئي رهي جيڪا گهرو لڙائي
کان پوءِ ئي سائي ٿي. انهي جي پڄاڻي تي پهچڻ سان
اهي سڀئي رڪاوٽون ختم ٿي ويون جن هر قسم جي کل
خوشي کي الميائي حقيقت (Tragic
Reality) مان
جڙيل ڳنڀيرتا جي لوڙهي ۾ بند ڪري ڇڏيو هو.
هاڻي ڪيترائي چڱو مزاح لکندڙ اديب منظر تي اچڻ
لڳا. چارلس لي لينڊ، جان هي ۽ جوئيل هيرس جهڙن
ليکڪن جي ڪم ۾ لطافت جي خوبي نظر اچي ٿي. اها
مايوس آدرشين واري لطافت هئي پر انهي جي سبب ئي
سندن ڪيترائي صفحا ارونگ جي برابري ڪرڻ لڳا ڇو ته
انهن ۾ هڪ عالمي رنگ سمايل هو.
مارڪ ٽئين گهرو لڙائي کان پوءِ وارن مزاح نگارن ۾
نمايان آهي هو عملي طور گروپ جي ٻن سڀني ماڻهن کان
وڌيڪ عرصو زندهه رهيو ۽ سن 1910ع ۾ سندس موت کان
اڳ ئي اها ڳالهه واضح ٿي وئي هئي ته سندس ڪم ٻين
جي ڪم کان وڌيڪ عرصو زندهه رهندو.
مارڪ ٽئين قلمي نالو هو. سندس اصلي نالو سموئيل
ڪليمينز هو ۽ هو فلوريڊا، مسوري ۾ 30- نومبر 1835ع
۾ تي ڄائو هو.
هو اسڪول ڇڏڻ کان پوءِ هڪ ڇاپخاني تي شاگرد ٿي
بيٺو ۽ پوءِ سينٽ لوئيس، نيويارڪ ۽ فلاڊلفيا ۾
اخبارن ۾ ڪمپازيٽر طور ڪم ڪيائين پر هو ڪٿي به ڄمي
نه سگهيو ۽ 1857ع ۾ سينٽ لوئيس واپس اچي مسي سپي
جي تمام مشهور ڪپتان بڪس باء کي چيائين ته هو کيس
ندي تي ٻيڙي هلائڻ سيکاري. کيس ٻه ورهيه پوءِ
پنهنجو لائسنس ملي ويو ۽ هو گهرو ويڙهه شروع ٿيڻ
تائين ڪو پائليٽ طور ڪم ڪندو رهيو. جنگ شروع ٿيڻ
تي هو ڪانفيڊريٽ آرمي ۾ هڪ ڪيولري ڪمپني ۾ شامل ٿي
ويو.
کيس ڪجھ مهينن کان پوءِ ئي فوجي خدمت جي قابل نه
سمجهي خارج ڪيو ويو ۽ هو اخباري ڪم ۾ واپس موٽي
آيو. هاڻي هو رپورٽر طور ڪم ڪرڻ لڳو، پر تڏهن به
کيس ڪٿي ٽِڪي ڪم ڪرڻ نه آيو ۽ هو ڀٽڪندو مختلف
نوڪريون ڪندو رهيو تان جو 1866ع ۾ سيڪريمينٽو
يونين جي ناما نگار طور هڪ مهم سان گڏجي هوائي ويو
هليو.
واپسي تي هو سوچيندو رهيو ته کيس اڳتي ڇا ڪرڻ
گهرجي نيٺ پنهنجي هوائي (Hawaii) جي
تجربن بابت ليڪچر ڏيڻ جو فيصلو ڪيائين. سندس ليڪچر
ڏاڍا ڪامياب ٿيا ۽ هو سمجهڻ لڳو ته هن آخرڪار
پنهنجو اصلي دلچسپي جو ڪم ڳولهي ورتو آهي تنهن ڪري
هن ليڪچر ڏيڻ کي پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو
۽ مواد هٿ ڪرڻ لاءِ يورپ هليو آيو.
بهرحال سندس سفر مان نه فقط سندس ليڪچرن جو مواد
نڪتو پر سندس پهريون ڪتابInnocent
Abroad به
نڪتو. اهو فوراً آمريڪي عوام ۾ مقبول ٿي ويو ۽ ڪجھ
وقت پوءِ جڏهن انگلينڊ ۾ ڇپيو ته اتي اڃا وڌيڪ
ڪامياب ٿيو.
انهي ڪاميابيء جي نتيجي ۾ هو پنهنجو وقت ڪتاب لکڻ
لاءِ وقف ڪرڻ لڳو. سندس ڪتابنRoughing
It ۽ The
Gilded Age هڪ
مزاح نگار طور سندس شهرت ۾ اڃا اضافو ڪيو پر سندس
چوٿين ڪتاب The
Adventures of Tom Sawyer کيس
هڪ ڏات ڌڻي مزاح نگار طور مڃرائي ڇڏيو ۽ مزاح جي
انهي شاهڪار ڪتاب به تڏهن کان پنهنجي شهرت برقرار
رکي آهي.
ٽُئين، ٽام ساوير لکڻ وقت ڇوڪرن لاءِ هڪ ڪهاڻي لکڻ
جو ارادو ڪيو هو پر هن پاران ڇوڪراڻي وهي جي
لاقانونيءَ واري رخ جي بيان بيشمار ماڻهن جي ذهنن
۾ همدردي پيدا ڪئي جن کي انهن ڪردارن ۾ پنهنجو عڪس
نظر اچڻ لڳو. تنهن ڪري ڪتاب جي ڪشش عالمي نوعيت جي
هئي ۽ انهي کي ڪو زوال اچڻو نه هو. انهي جي وڏي
حصي جو بنياد سندس پنهنجي ٻاروتڻ جي واقعن جي آهي.
ٽام ساوير ۽ سندس ڀاءُ سِڊ (Sid) جي
پرورش ۽ پالنا سندن پوڙهي پڦي پوليءَ ڪئي هئي. ٽام
هڪ روايتي مخصوص ننڍڙو ڇوڪرو هو جيڪو مربا
چورائيندو هو، اسڪول کان گسائيندو هو، ڪم کي
ناپسند ڪندو هو ۽ پاڻ کي مشڪل حالتن مان اهڙي
چالاڪي سان ڪڍي ويندو هو جيڪا ننڍن ڇوڪرن کي عطا
ٿيل هوندي آهي. حقيقت اها آهي ته هو ”ڳوٺ جو مثالي
ڇوڪرو نه هو. هو جيتوڻيڪ مثالي ڇوڪري کي چڱي طرح
سڃاڻندو هو پر هو کيس نه وڻندو هو“. پر اها ڳالهه
آهي ته هو ڪهڙي به ڏکي صورتحال ۾ ڦاسي، پنهنجي پڦي
کان ڀلي ڪيتري به سزا کائي پر هو دل ۾ نه ڪندو هو.
سندس حافظو ڪمزور هوندو هو.
هن جي حڪمن جي نافرماني جي سزا طور سندس پڦي اهو
پڪو فيصلو ڪيو ته ”هوءَ سندس ڇنڇر واري موڪل کي
سخت محنت سان قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي“. سخت محنت
جي صورت باغيچي جي جهنگلي کي چونو ڪرڻ هوندي. اها
ڏاڍي سهڻي صبح هئي ۽ اهو ڏينهن به اهڙي قسم جو
ڪڏهن به نه هو جنهن ۾ ڪنهن ننڍي ڇوڪري کي چونو ڪرڻ
جو ڪم سٺو لڳي.
هن جيئن پنهنجو ڪم شروع ڪيو ته پڦي پوليءَ جا سڀ
ڪم ڪندڙ نيگرو ڇوڪرو جم پمپ تان پاڻي جو ڏول ڀرڻ
آيو. ٽام ڪوشش ڪئي ته هو هن کي ڪا لالچ ڏئي ڪم هن
کان ڪرائي ۽ پاڻ آرام ڪري ۽ هو ڪامياب ٿيڻ وارو ئي
هو جو اوچتو پڦي پولي منهن ڪڍيو. انهي تي ٽام ڏاڍو
مايوس ٿيو ۽ جم به بي مزي ٿي پيو.
ڪا دير نه گذري ته بين راجرز اچي ويو. ٽام اهو
تاثر ڏيندو رهيو ڄڻ ته کيس ڏٺو ئي نه اٿائين ۽ نه
ئي ڪو سندس آواز ڪن تي پيو اٿس. نيٺ ڇوڪري سنئون
سڌو هن سان ڳالهايو ۽ کيس چيڙائڻ لڳو ته هو اهڙي
سٺي ڏينهن تي ڪم پيو ڪري. ٽام چوني جي ڪم کي روڪڻ
کان سواءِ ئي کيس ورندي ڏني ته هو ڪم نه پر تفريح
ڪري رهيو هو. بين کي پوءِ هلي خبر پئي ته هو ته
واقعي چونو پيو ڪري تيستائين ٽام تڙڪي تي بيٺو بين
پاران ڏنل صوف کائيندو رهيو. جڏهن بين ڪم ڪري ٿڪو
ته ٻيا ڇوڪرا به اچي ويا جن مان ڪنهن کيس لغڙ، ڪو
مئل ڪوئو، ڪا چاٻي، ڪاڻو ٻليءَ جو ٻلونگڙو يا ڪتي
جي ڳچي جو پٽو يا اهڙيون ڪي بيڪار شيون ڏنيون جيڪي
ڇوڪرن لاءِ خاص اهميت واريون هونديون آهن. ٿوري
دير ۾ سمورو جهنگلو پورو ٿي ويو. ٽام ڪم به ٿورو
ڪيو هو ۽ ڇوڪرن جو ساٿ ملڻ سان گڏوگڏ مدد به ملي
ويس.
هو پڦي پولي وٽان آزاد ٿي ڊوڙندو راند کيڏڻ ويو
هليو. هو ڳوٺ جي چوڪ وٽ وڃي پهتو. اتي ڇوڪرن جا ٻه
ٽولا اڳواٽ طي ٿيل ڳالهه مطابق هڪ لڙائي لاءِ بيٺا
هئا. هڪ ٽولي جو جرنيل ٽام ۽ ٻئي جو سندس گهاٽو
دوست جُو هاربر هو. ڊگهي ۽ سخت لڙائي کان پوءِ ٽام
جي فوج سوڀ ماڻي ورتي.
ٽام پنهنجي گهر ويندي جيف ٿيچر جي گهر جي ڀرسان
گذريو ته کيس باغيچي ۾ هڪ نئين ڇوڪري نظر آئي.
”جنهن سورمي کي تازو تاج پهرايو ويو هو اهو هڪ
فائر ڪرڻ کان سواءِ ئي ڊهي پيو“. هن ائين ظاهر ڪيو
ڄڻ ته انهي ڇوڪريءَ تي نظر نه پئي اٿس ۾ ڏاڍن
واهيات طريقن سان هن جي توجه ڇڪرائڻ لڳو. ائين
ڇوڪري به گهر وئي هلي. هو وري موٽي آيو ۽ انهي
اميد تي پنهنجيون مشڪريون ورجائڻ لڳو ته هوءَ موٽي
ايندي.
سندس پڦي جي غير موجودگي ۾ هو ماني جي ٽيبل تي
پنهنجي ڀاءُ سان وڙهي پيو ۽ وري پڦي پوليءَ هن تي
حملو ڪيو. اهڙي طرح ٽام جي زندگي جو هڪ روايتي
ڏينهن خراب نموني پڄاڻي تي پهتو.
اسڪول ۾ توڙي عملي طور زندگي جي هر رخ ۾ ڏکيائيون
پيش اچن ٿيون پر ٽام انهن کي ڇوڪراڻي چالاڪي ۽
سادگي جي ميلاپ سان ساڳئي نموني منهن ڏئي ٿو. کيس
ڪهڙي به سزا ڏئي وڃي اها صبر سان سهي ٿو ۽ حالتون
ڪهڙيون به ناساز گار ڇو نه هجن سندس زندگي ۾ خوشي
جو هڪ اندروني وهڪرو هلندو رهي ٿو. هو وڏي عمر جي
ماڻهن جي روپ ۾ موجود اختياري خلاف سدائين بغاوت
ڪندو رهي ٿو.
پر پوءِ هڪ اهڙو واقعو ٿي پيو جنهن ٽام ۽ سندس هڪ
دوست جي زندگي ۾ غير معمولي جوش ۽ خطري جو عنصر
شامل ڪري ڇڏيو. هڪ رات جو جڏهن سندس پڦي آرام سان
سمهي پئي هئي ته ٽام اٿي گهران کسڪي ويو جو هن هڪ
فن (Huck
Finn) سان
قبرستان ۾ ملڻ جو انجام ڪيو هو. اتي انهن کي هڪ
مئل ٻلي کي دفن ڪرڻو هو جيڪا هڪ ڪٿان هٿ ڪئي هئي.
هڪ ڳوٺ جي شرابي جو پٽ هو. سندس ڪپڙا سدائين پراڻا
۽ ڦاٽل هوندا هئا ۽ جيتوڻيڪ ڪتابن جو ڪو علم نه
هوندو هوس پر ڳوٺاڻي ڄاڻ جو وڏو ذخيرو هوندو هوس ۽
ٻيا سڀ ڇوڪرا هن سان ريسون کائيندا هئا جو هو
والديني ڪنٽرول کان بلڪل آزاد هوندو هو پر سڀ
والدين وري کيس پنهنجن پٽن جي لاءِ اڻ وڻندڙ دوست
سمجهندا هئا. |