قمر مورائي
ڪراچي
نعت
آهين تون رسول رب جو،
شافع محشر آهين تون سڀ جو.
انڌيرن ۽ جهل ۾ هئو سارو عالم،
سبق پڙهايو تو سليقي ادب جو.
مون کي به مديني گهراءِ يا محمّدصه،
ڏسان روضو اطهر، پسان شهر يثرت جو.
ڪِريا ڪوٽ ڪفر جا، بُت ٿيا سڀ ڀورا ڀورا،
جڏهن ظهور ٿيو ان عالي مرتبت جو.
معجزا توکي رب عطا ڪيا ڪيترائي،
هڪ ’شق القمر‘ به آهي ڪارنامو عجب جو.
وائي
آهي هڪ الله، ٻي ڪا ناهي واه،
آهي هڪ الله.
آڻي جاڳايو عجيبن، پاڻ ئي پنهنجي نينهن جو چاهه،
آهي هڪ الله.
پريت پرديسين جي، واه جي وڻراه،
آهي هڪ الله.
جن لئه راه نهاريان، ڏنو تن ديدار واه،
آهي هڪ الله.
عبدالواسع’عبد‘ سهندڙو
شڪارپور
غمن ڏوهه گهڻا ڊوهه، ڪرين بخش خطائون،
مڃيم آڻ خدا هاڻ، ڪرين شال عطائون.
غمن ٽار ڪڍيا ڏار، ڪڍان پار روئي مان،
لهين سار مددگار، وڃان پار تري مان،
نه مون حال مڏي مال، ڪرين ڀال ڀلايون.
وڌي درد ٿيو مرض، ڪري ترس دوا ڏي،
اگهاء عرض ڇڏي مرض، سخي سرد شفا ڏي،
پيان عرق ٿيان چرڪ، ڪرين شال شفائون.
وڏا وير ڪَئي مير، پنن پير سڀيئي،
گداگار رئن ڌار، سزاوار چون هي،
ڪرم ساڻ ڏکيا ڏاڻ، ٿين معاف مدايون.
صبح شام گهرن جام، ڦني خان فساني،
چون پور ڏنا سور، دنيا دام دفاني،
اهي سور ڪرين دور، ڪرين قبول دعائون.
ڪرم خاص اٿم آس، ڪندي جلد مٿاهون،
نگهدار مددگار، ڪندين خير خدا تون،
ڏسي حال ڪندين ڀال، ڪندين قبول صدائون.
مناجات سڄي رات، سدا ’عبد‘ پڙهي ٿو،
اندر سوز سڄو روز، جئن آڳ ڪڙهي ٿو،
جهلي جهول چوان ٻول ٿين دور سزائون.
’جمال‘
مراد گبول
ميرپور- ساڪرو
غزل
جي مٺا مون وٽ اچن، جاني جشن ٿيندا وڃن،
مٺ گُهرن ماڻهن جي لئه، ڏينهڙا ڪٺن ٿيندا وڃن.
جن ڪري ڳالهيون وفا جون، بيوفائي آ ڪئي،
سي سمورا تِن سندا، ڪوڙا وچن ٿيندا وڃن.
ڪالهه مُنهن ۾ ٿي جنين کي، ڌوڙ دوکي جي وڌي،
اڄ اُهي نُورِ نظر، ويري وَٽن ٿيندا وڃن.
چَوطرف هن سنڌڙيءَ تي، غير ويا قبضو ڪري،
اصل جا رهندڙ ويچارا، بي وطن ٿيندا وڃن.
ڌاريان آيا هتي، دوکو دغا دل ۾ رکي،
زر زمينون ويا کسي، کاتا سندن ٿيندا وڃن.
اڄ امير آهن اُهي سڀ، ڪالهه هُئا ڪنگال جي،
محل تن جنّت نُما، باغِ عدن ٿيندا وڃن.
بُک ۽ بيماريءَ ۾ ماڻهو، بيوسا بي حال ٿيا،
مال ۽ موڙي به وئي، خالي هٿن ٿيندا وڃن.
بس!! غريبن جو جيئڻ، ۽ آ مرڻ مشڪل ٿيو،
ٻيا به مسڪينن جي مارڻ، جا جتن ٿيندا وڃن.
جن ڏکويو ڏک ڏِنا، مُنڪر وڃن موذي مري،
شال اکڙين سان ڏسان، دشمن دفن ٿيندا وڃن.
ٿو مرڻ کان پو به ڪن جو، جڳ ۾ نالو ڳائجي،
ڪي ڪفن هوندي قبر ۾، بي ڪفن ٿيندا وڃن.
موڪلائي ويا هليا سڀ، ڪيترا شاعر اديب،
سنڌ مان جلدي جُدا، اهلِ سُخن ٿيندا وڃن.
جانبن جن لاءِ جايون، جيءَ اندر آهن ’جمال‘،
تن سان ليکا ڪر نه تون، ٿورا مٿن ٿيندا وڃن.
قائم الدين قائم ماڇي
لطيف ننگر
ڪافي
سدا تنهنجون اکڙيون آهن نازڪ نماڻيون،
تکو تاب تن جو آهن سورهيه سياڻيون.
هڻين گُهنڊ گوهر گهائي ڇڏين ٿيون،
سڄو هوش هڪدم وڃائي ڇڏين ٿيون،
ڪڏهن ڪن ڪاوڙ ڪڏهين ڪن ڪهاڻيون.
ڪري پوش پنبڻيون ڇپائي ڇڏين ٿيون،
ليئا پايو لالڻ لڪائي ڇڏين ٿيون،
ڪن جادو جاني آهن سي عياڻيون.
ڪڏهن چاڪ چوڻا چڪائي ڇڏين ٿيون،
ڪڏهن ڏڍ ڏاڍا ’قائم‘ کي ڏين ٿيون،
ڪڏهن تيز تبرون ڪڏهن وتن ڪماڻيون.
ڪافي
ڪري ماٺ مون کي مٺا تو آ ماريو،
سڄو وقت سهڻا مون غمن ۾ گذاريو.
دلي راز دلبر ٻڌايان مان ڪنهن کي،
سڻايان سڄو هي قصو يار ڪنهن کي،
روئان پيو رندن تي سڄڻ توکي ساريو.
ڏکويو سڄو ڏينهن وتان ٿيو ويراڳي،
ڪريان رات پوري جانب تولاءِ جاڳي،
ملي يار مون سان وڃ جانب جياريو.
ڪريو ڪا ملڻ جي مٺا مهر مون سان،
کسي دل کڻين وئين ڪيئي قهر مون سان،
ڪيا جي ’قائم‘ سان پرين واعدا پاريو.
عابد
نياز ميمڻ
شڪارپور
غزل
منظور سڀئي مون مون کي تنهنجون ته جفائون هن،
سمجهان ٿو جفائن ۾ ملنديون ڪي سزائون هن.
هر ناز ادا تنهنجي دل موهي وڌي آهي،
محبوب مٺا تنهنجون وڻنديون جو ادائون هن.
هر غم کي مصيبت کي سيني ۾ سمائيندي،
مون ڪونه ڪيون ليڪن دانهون ڪي صدائون هن.
هر راهه محبت ۾ مون ساٿ ڏنو توسان،
هر راهه ۾ تو ڏنيون جذبن کي هوائون هن.
سڀ سُور ستم تنهنجا هِن ’نياز‘ لڪائيندي،
توسان ته ڪيون پوءِ ڀي هر هنڌ وفائون هن.
نظم
نه دل ۾ مير رکبا هن،
هميشه خير رکبا هن،
سڪون جا ڍير رکبا هن،
نه ڪڇ ۾ غير رکبا هن،
بيان حق ڪر زماني ۾،
جي رهڻو ٿي زماني ۾.
نه ٿي مايوس ڪوشش ڪر،
سڄو گلزار ٿيندو ٿر،
پڪا ٿيندا ڪچا هي گهر،
ڪندا ڇا غير جا هي گُرَ،
نه رهه ڪنهن جي نشاني ۾،
جي رهڻو ٿي زماني ۾.
غمن کي مات ملڻي آ،
حسين هر رات ملڻي آ،
اسان کي ڏات ملڻي آ،
اها خيرات ملڻي آ،
خوشيون رک آشياني ۾،
جي رهڻو ٿي زماني ۾.
ثاقب ابڙو هالائي
هالا
نئون سال مبارڪ
”راجـــــــا ۽ راڻِي“ نئين سال ۾،
پُراڻِي ڪھاڻِـــــــي نئين سال ۾.
رڳو آه خشڪـــي رڳــــو آسرا،
مليَ شال پاڻــــــي نئين سال ۾.
پُڇيَ اڄ به
ڪارج حياتيءَ سندو،
نياڻـــــــي نماڻي، نئين سال ۾.
نوان گيت ڏيو يَر پراڻــــي ڪٿا،
ختم شد پڄاڻـــــي نئين سال ۾.
وطن دشمنن تي رکڻ ڪک ڇڏيو،
فَلاڻو - فَلاڻـــــــي نئين سال ۾.
سلامت رهي سنڌ ۽ سنڌ جي،
ثقافت پراڻـــــــي نئين سال ۾.
غزل
اڄ وري ســـاڳي هوا، ڳالهه ســـاڳي، رات ساڳي آ،
غم ِ فراق، ۽ يادن ســــــــــــــــــان، ملاقات ساڳي آ.
چيم دل کي وساري ڇڏ! وساري ڇڏ! ڪهاڻي هئي،
چريءَ دل جـــي جُـــدائيءَ ۾، سڄڻَ سَڪَرات ساڳي آ.
نه سي ميلا، نه سي موجون، مگر چاهت ته چاهت آ،
شُڪُر آهي خُـــــــــداوندا،
جو حــــــالت ڪا ته ساڳي آ.
سمـــوريون مـــــــــحبتون ميڙي کڻي وئين پاڻ سان پيارا،
اســــــان خــــــاطر ته بس يادن ســـندي بارات ساڳي آ.
فَضُـــل جي ٿيو، وصـــل ٿيندو ، اسان جو نيٺ عُقبيٰ ۾،
دعــــــائن ۾، صــــــدائن ۾، مناجـــــــــات
ســــــــاڳي
ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ
شڪارپور
غزل
درد دل کي مليو، ڪيئن وساري ڇڏيان،
جيءُ جگر پڻ جليو، ڪيئن وساري ڇڏيان.
گهاءُ سان ٿي جلن، تڙپيو تن بدن،
روح هر جا رُليو، ڪيئن وساري ڇڏيان.
محب سان بات ٿي، من ۾ فڪرات ٿي،
واءُ اهڙو گهُليو، ڪيئن وساري ڇڏيان.
پيار واپار ٿيو، ڌار دلدار ٿيو،
وس نه سپرين هليو، ڪيئن وساري ڇڏيان.
ڪانه منزل ملي، راهه ڄڻ وئي رُلي،
همسفر پڻ ڀليو، ڪيئن وساري ڇڏيان.
بي سُري بانسرِي، ٻي وڳي جهانجهري،
ڏس اجهو سج ڍليو، ڪيئن وساري ڇڏيان.
سونهن سرهاڻ ۾، پيار جي کاڻ ۾،
ڀاڳ ڀي ناکُليو، ڪيئن وساري ڇڏيان.
گم رڳو ذات ۾، اهڙي حالات ۾،
پاڻ ’عادل‘ پَليو، ڪيئن وساري ڇڏيان.
شاهه زمان ڀنگر
ڪراچي
غزل
اڌوري ننڊ ڀي ڪنهن خواب جي اورين ڪنڌي آهي،
ته پو تعبير لئه ڀٽڪيل جي قسمت ۾ الئه ڇاهي؟
حياتي موت جي درياءَ
۾ وهندڙ ميرڙو پاڻي،
جيئن ٿا جي، مرڻ تائين، انهن جو حوصلو آھي.
ڪڏهن ٻوساٽيل ڪو لفظ جي نڪري ته معافي آ،
اڌوريون حسرتون، اُڌما
سنڀالڻ سولڙو ناهي.
ڪنارا نينهن جي ساگر سندا اُڀ
سان مليا ڏسجن،
اُٿيو آ هجر ٿي ٻاڦون، اکيون ڪڻ ڪڻ، اهو ڇاهي؟
هوائون رقص ۾ آهن، ٻنين ۾ واس سنگن جا،
هجي آلاپ برڪت جو، اندر جي مونجهه
جو لاهي.
وڃايل وقت جون واڳون سنڀالڻ لئه سمئه گهرجي،
ته ڇو پايون اهي ليڪا، ڇڏيون جي پاڻ ئي ڊاهي؟
دلاسن جي نه دلداري، کپي ٿو ساٿ جي آڇين،
جي ڌڙڪو دل ۾ آ ڪنهن کي ته پنهنجا
پيرڙا ڊاهي.
غزل
چيخ گهري لوڪ جي ڦڙڦوٽ ۾ رهجي وئي،
زندگي ڪنهن زندگيءَ
جي کوٽ ۾ رهجي وئي.
لوڪ جيسين هوش
۾ آيو الئه ڇا ٿي چڪو،
گهور لمحي جي هئي، رنڀوٽ ۾ رهجي وئي.
تنهنجو منصف ۽ عدالت ظلم جا ساٿي بڻيا،
روشني ڪنهن ساهميءَ
جي اوٽ ۾ رهجي وئي.
ڏوڪڙن جي واسطي الزام ڪارنهن جو سهي،
خواهشون، اُڌما
کڻي سا ڪوٽ ۾ رهجي وئي.
موڪلاڻي ويل ڳوڙھن ۾ ڀنل اڌڪي دعا،
سانڍيائين کوڙ، جيڪر موٽ ۾ رهجي وئي.
هن اندر جي ڳالهه توسان ئي سلڻ خاطر لکي،
سا چٺي ديوار جي ڪنهن ڦوٽ ۾ رهجي وئي.
رقص، گانا، هوڪرا، ڇير ڇم ڇم، هن جي،
رت لڙڪن ساڻ نڪتي، نوٽ ۾ رهجي وئي.
الله بچايو مشتاق آريسر
ميرپورخاص
حمد پاڪ
تنهنجون لک لک
نعمتون، ڪهڙيون ڳڻي
ڪهڙيون ڳڻيان،
روز شب جون رحمتون، ڪهڙيون ڳڻي ڪهڙيون ڳڻيان.
تو سڀئي ارض و فلڪ، جنّ و ملڪ پيدا ڪيا،
تنهنجون سڀئي خلقتون، ڪهڙيون ڳڻي ڪهڙيون ڳڻيان.
وڻ ۽ ٻوٽا، جانور، قدرت سان پيدا تو ڪيا،
سڀئي تنهنجون قدرتون، ڪهڙيون ڳڻي ڪهڙيون ڳڻيان.
گُل ۽ ڦُل پيدا ڪري، خوشبو رکي تو ڌار ڌار،
اڻ ڳڻيون ڪئين حڪمتون، ڪهڙيون ڳڻي ڪهڙيون ڳڻيان.
جيت، جڻيا ۽ جبل، چرند و پرند سڀ ڪن ثنا،
علم جون سڀ دولتون، ڪهڙيون ڳڻي ڪهڙيون ڳڻيان.
خاڪ مان خلقي تو آدم، سهڻي صورت ڪئي عطا،
تنهنجون اُن سان قربتون، ڪهڙيون ڳڻي ڪهڙيون ڳڻيان.
اشرف المخلوق چئي، جِنّ و ملڪ سجدو ڪيو،
ٿيون عطا جي عظمتون، ڪهڙيون ڳڻي ڪهڙيون ڳڻيان.
سڀ نبي ٿيا مُقتدي، محمّد سڀن منهندار ٿيو،
تنهنجون اُن سان محبتون، ڪهڙيون ڳڻي ڪهڙيون ڳڻيان.
تو مِٺي محبوبصه کي، قوسين کان ويجهو
سڏي،
سَر ڪرايون وسعتون، ڪهڙيون ڳڻي ڪهڙيون ڳڻيان.
عالمِ انسان جا ٿيا، سِلِسلن تي سلسلا،
ڌار سڀني صورتون، ڪهڙيون ڳڻي ڪهڙيون ڳڻيان.
اُمّتي ’مشتاق‘ کي، محبوب پنهنجي جو ڪري،
تو جي بخشيون برڪتون، ڪهڙيون ڳڻي ڪهڙيون ڳڻيان.
ذڪر پيو تنهنجو ڪري، ’مشتاق‘ دل سان روز، روز،
سُک سان گُذرن ساعتون، ڪهڙيون ڳڻي ڪهڙيون ڳڻيان.
بشير احمد هاليپوٽو
ثابت آباد
نعت
مبارڪ مرحبا آهي محمّد مصطفيٰ آيو،
امام الانبيا آيو سو احمد مجتبيٰ آيو.
خدا مخلوق ساريءَ کي بنايو جنهن جي صدقي سو،
مٺو محبوب موچارو نبي نورالهديٰ آيو.
فقط هڪڙو خدا ڄاڻي حقيقت ڄام عربيءَ جي،
بشر جو ويس پائي جو وٽان ربّ العليٰ آيو.
سراسر سوجهرو ٿيو جڳ سڄي ۾ شادماني ٿي،
ختم ظلمت بلاشڪ ٿي جڏهن ڪشف الدّجيٰ آيو.
پنن پڻ پنج ڪڻي ٿا نور جي شمس و قمر جنهن کان،
سراپا نور بنجي سو سڄڻ شمس الضحيٰ آيو.
حسين صورت حبيبن جي ڏسي حيران ٿيون حورون،
بدر جو تاب تابان گم ٿيو بدرالدّجيٰ آيو.
بلاشڪ چنڊ چوڏهينءَ جو ڏسيو جا سونهن شرمائي،
بيان ان منهن مبارڪ جو اندر سوره ضحيٰ آيو.
سوالي جنهن جي در تان ٿا سدا جهوليون ڀريو موٽن،
خزانا ڪل حوالي جنهن اهو خيرالوريٰ آيو.
امام التقيا جا اُمّتي آهيون ’بشيراحمد‘،
ڀلا ٿيا ڀاڳ پنهنجا سڀ پڙهو صلِ عليٰ آيو.
اقبال
شاهين
جاتي
غزل
شرافت ۽ صداقت جي ڪمي ڪردار تنهنجي ۾،
ٻڌائي ڇا نٿو وڪجي ڀلا واپار تنهنجي ۾.
شرابِ غم جا اي ساقي ڀري ڏي درد جا ساغر،
پيئڻ جو حوصلو آهي اڃا ميخوار تنهنجي ۾.
خوشي جي مرڪ چپڙن تي غمازي آهي دوکي جي،
فقط پوشيده مطلب ٿو لڳي ويچار تنهنجي ۾.
اکيون انسان جي دل جي سدائين ترجماني ڪن،
لڪل انڪار ٿو پسجي مٺا اقرار تنهنجي ۾.
قيادت جي ضرورت آ حسين ابن علي جي اڄ،
يزيدي انگ آرا پيو ڏسان سردار تنهنجي ۾.
ثمود و عاد قومن جي طريقي ۾ تسلسل آ،
ملي ٿو تور ۾ گهاٽو ۽ ماپو ڌار تنهنجي ۾.
جمالِ حسنِ دولت جي ڪشش ايمان ٿي لوڏي،
رڳو فنڪار ئي مليا خدا سنسار تنهنجي ۾.
محبت جو صلو ملندو انهي جي آسري ’شاهين‘،
هزارين زخم کاڌا هن فقط هڪ پيار تنهنجي ۾.
سيد رفيق امروٽي
سڪرنڊ
مگر هو نه آيو
اڇا وار ٿي ويا مگر هو نه آيو،
گهڻو ئي ڏٺم پر نظر هو نه آيو.
سوالي ٿيم بارگاهِ خدا ۾،
دعا ۾ نه ٿيو ڪو اثر هو نه آيو.
نه هڪ واٽ تي چونڪ تي کُپ کُپايم،
ڪري مَن هِتان هو گذر هو نه آيو.
سڄي رات ويٺس سندس در جي سامنهن،
کُليو صبح جو هُن جو در مگر هو نه آيو.
متان هيل پائي پرين پاڻ ڦيرو،
ٽيون سال وانگي به پر هو نه آيو.
اکيون ٻوٽي ويهان ته سامنهن اچي ٿو،
اکيون کوليان ڀرپور بر هو نه آيو.
مان رستو تڪيندس مٿين سال ڀي ير،
هليل سال ۾ ڀي اگر هو نه آيو.
هي دل منهنجي دلبر جو ديرو ته آهي،
ڇو پنهنجو ڏسڻ لاءِ گهر هو نه آيو.
هو منهنجو جي ناهي ته کولي ٻڌائي،
ٻڌڻ لاءِ مان منتظر هو نه آيو.
پنهنجن جي ڪا سار اچي لهه
سڏڪن جي ڪا سار اچي لهه،
لڙڪن جي ڪا سار اچي لهه.
تو جي سور ڏنا سي سانڍيم،
پنهنجن جي ڪا سار اچي لهه.
توکان ڇا ڇا طلب ڪئي مون،
گهرجن جي ڪا سار اچي لهه.
ماڻهو ڪهڙيون ميارون ڪن ٿا،
مهڻن جي ڪا سار اچي لهه.
منهنجي مَن جي بهار ۾ ڪنڊا،
مَن تن جي ڪا سار اچي لهه.
توتان شروع ۽ توتي پورا،
جذبن جي ڪا سار اچي لهه.
تنهنجون يادون منهنجي وندر،
سوچن جي ڪا سار اچي لهه.
سانڍيا آهن سيني ۾ جي،
اُڌمن جي ڪا سار اچي لهه.
دوست ’رفيق‘ کي ڏي دلداري،
ڏکڙن جي ڪا سار اچي لهه. |