سرفراز راڄڙ
کپرو
غزل
ڪڏهن ڀَال دلبر ٿو مون سان ڀَلائي،
ڪڏهن مُنهن موڙي ٿو دل کي جلائي.
اسين جي نهاريون، هن بي رُخي سان،
نَڪو لفظ مُنهن مان، نڪِي مسڪرائي.
نه ڪو درد مُنهن جي جو، ۽ ويچار اُن کي،
نه ڪي زخم دل جو، مرهم رسائي.
سڀ ئي دل جا ارمان، دل ۾ رهن ٿا،
ڪبو ڇا وڃي حال، ڪنهن کي سُڻائي.
’فراز‘ آهي جيئرو، ته ان آسري تي،
اميدن جون شمعون، ٿو ٻاريو وسائي.
غزل
ڪنهن طرح سڏيان هتي مان يار کي،
پيار ۾ پنهنجو ڪيان دلدار کي.
جيت ٿئي يا هار ٿئي قسمت کٽي،
ڪيئن نه ڪيئن حاصل ڪبو دلدار کي.
جانِ من، منهن ۾ ملي ويو، دوبدو،
دوستو حاصل ڪبو ديدار کي.
هي سفينو ناخدا، توکان سواءِ،
ڪيئن ڀلا پهچي وڃي هن پار کي.
واعدو هن پار جو مون سان ڪيو،
پر نه پورو ڪيو سڄڻ اقرار کي.
سنڌ تان ويا ڪئين بلاول گهورجي،
ويا ڪري پنهنجي امر ڪردار کي.
سِرَ سان آ سانگو ڀَلي خوش ٿي کلي،
آبرو منصور بخشي دار کي.
فرقتن ۾ ٿي فنا ويو آ ’فراز‘،
مل ته حاصل ٿئي شفا بيمار کي.
محمد علي پٺاڻ
حيدرآباد
وائي
شاهه جي بيتن جهڙا روشن هُيڙا نيڻ سندياس،
مون دنيا جن هُيو اُجالو.
نظرن ۾ ڀي سج چنڊ ڪيئي، هردم پئي ٻرياس،
مون دنيا جن هُيو اُجالو.
ٻاجهاري دل، ٻولن ۾ پڻ، ماکيون مصريون هُياس،
مون دنيا جن هُيو اُجالو.
سُکن وارن راڻي، تولئه، سپنن منجهه جِياس،
مون دنيا جِن هُيو اُجالو.
وائي
هيءُ
ڪهڙو جيونُ،
جنهن ۾ ساٿ پرينءَ جو ناهي.
هُن ريءَ کڄڻ ساهَنِ مشڪل، ڪيئن گهاريان پَل
کن،
هيءُ ڪهڙو جيونُ.
جنهن ۾ ساٿ پرينءَ جو ناهي،
باهه ڀَڀَڙِ ٿو وچ ۾ ڀانيان، پنهنجو مان تَن
مَن،
هيءُ ڪهڙو جيونُ.
موت سُڪايو آهي خوشين، وڻ سائو هر پَن،
هيءُ ڪهڙو جيونُ.
جنهن ۾ ساٿُ پرينءَ جو ناهي.
(پنهنجي رفيقِ حيات جي وفات تي)
منظور علي شاه لڪياري
ٽنڊو جان محمد
غزل
سينگاري خوب سرمي سان نهاري ٿو الاري ٻه،
تکا ڪي تير نيڻن جا اڪاري ٿو الاري ٻه.
ڳلن جا غب ٺهن گلڙا جڏهن مرڪي ڏسين مونڏانهن،
سڌا واسينگ ور ور ڏيئي سنواري ٿو الاري ٻه.
ڪرن ٿا ڪوڏ مان ڪاڪل چمن رخسار چوڌاري،
ادائن سان ڪري عاجز هو ماري ٿو الاري ٻه.
نگاهون ناز سان ناڙي نهوڙي ٿو نماڻي دل،
ڪري گفتار غمزن سان پڪاري ٿو الاري ٻه.
رهيو نه وس وري دل تي اڙي ’منظور‘ دل اهڙي،
سڏي محفل ۾ مون کي هو ويهاري ٿو الاري ٻه.
غزل
مون چيو مون ڏي نهار، هن چيو ڇالاءِ ۽ ڇو،
مون ڪيو آ توسان پيار، هن چيو ڇالاءِ ۽ ڇو.
مون چيو توکان سواءِ هي زندگي ڏاڍي ڏکي،
تنهنجي آهي تن ۾ تار، هن چيو ڇالاءِ ۽ ڇو.
مون چيو منهنجي رقيبن تي نه ڪر ايڏي سخا،
منهنجو ڪر تون اعتبار، هن چيو ڇالاءِ ۽ ڇو.
مون چيو مون سان ڪڏهن قرب جون ڳالهيون ته ڪر،
گڏ هلون ۽ گڏ گذار، هن چيو ڇالاءِ ۽ ڇو.
هن چيو ’منظور‘ مون سان ڇو ڪرين ٿو بحث تون،
مون ڪئي بس ماٺ يار، هن چيو ڇالاءِ ۽ ڇو.
خليل عارف سومرو
جوهي
غزل
منهنجا آقا امام، يا عشق عليـﮧ السلام،
توتي سَدا سلام، يا عشق عليـﮧ السلام.
سڀني مذاهبن ۾ آ، ذڪر ۽ فڪر تنهنجو،
جِٿ ڪِٿ اٿئي قيام، يا عشق عليـﮧ السلام.
تنهنجو جَهان کان ئي، دستور الڳ ٿلڳ آ،
تنهنجو الڳ نظام، يا عشق عليـﮧ السلام.
تو ۾ سُڪون ڀي آ، بي چين ڀي تون ڪرين ٿو،
نِنڊون ڪرين حرام، يا عشق عليـﮧ السلام.
هر چيز هن فنا آ، ڇا حُسن ته ڇا جواني،
توکي مگر دَوام، يا عشق عليـﮧ السلام.
سَت آسمان هيٺ، تون اڳتي گهڻو وڃين ٿو،
ڪيڏي اٿئي اُڏام، يا عشق عليـﮧ السلام.
توکان ڇڏائي ڪوبه، اڄ تائين سگهيوئي ناهه،
اهڙو وِجهين ٿو دام، يا عشق عليـﮧ السلام.
توکي ڇڏيان به ڪئينءَ، تون ساهه پَساهه
منهنجو،
’عارف‘ اٿئي غلام، يا عشق عليـﮧ السلام.
خادم حسين ’همدم‘ سروري
هالا
غزل
يقين آهي نه ڪنهن کي ڀي ستائيندا خدا وارا،
غمن جا بار سڀ لهندا هٽائيندا خدا وارا.
اُداسي بي سرو سامان ڏکي منزل کي ڇا چئجي،
اِهو بلڪل يقين آهي رسائيندا خدا وارا.
جنهين جو ڀروسو حق تي تنهين کي حق ملي ويندو،
اِهي تلقين جون ڳالهيون ٻڌائيندا خدا وارا.
اِهو آ ڀروسو دل کي اهو بلڪل يقين آهي،
نه ٻي جي در تي پنهنجو سِر جهڪائيندا خدا
وارا.
حقيقي منزلِ مقصود تي پهچڻ ڏکيو ليڪن،
بلاشڪ سا حقيقت آ پُڄائيندا خدا وارا.
اجائي گفتگو ناهي حقيقت صاف آ ظاهر،
”خدا سان ترت توکي بس ملائيندا خدا وارا.“
چوان ڇا زندگي ڇاهي سچائي جو مزو ڪهڙو،
حقيقي راهه ڏي بس وِک وڌائيندا خدا وارا.
ثمر ناهي تياري ڪر سهارو پاڻ ئي ٿيندا،
وڏي چاهت سان چانئٺ کي چُمائيندا خدا وارا.
حقيقت کان نه مُنهن موڙيو حقيقت جو مزو
پنهنجو،
حقيقي نينهن جو ناتو نڀائيندا خدا وارا.
اجايو وڃي ’همدم‘ تون هاڃيڪار راهُن ڏي،
يقين ڪر حق جي راهن تي هلائيندا خدا وارا.
گلبدن جاويد مرزا
حيدرآباد
زمين سان محبت جي ڪهاڻي
هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري
جيڪا ڪاڇي
۽ ڳوٺ جي زمين سان
زندگيءَ وانگر پيار ڪندي هئي
جيڪا سندس اباڻي زمين هئي
هن جي فطرت سان محبت ڏسي
هن جي پيءُ سندس اسڪول سامهون
هڪ صاف شفاف پاڻيءَ جي
ننڍڙي کڏ کوٽائي ڏني هئي
جتان هو پنهنجي پٿر جي سليٽ ڌوئيندي هئي
۽ اسڪول بند ٿيڻ کان پوءِ
پنهنجي ڪاٺ جي پٽيءَ کي ميسارڻ لاءِ
هوءَ پنهنجي زمين جي هڪ موڪ تي
ويهي ميٽ مليندي هئي
هن ٻارڙي جي شوق سبب
زمين جي پوکي راهي ۾
سندس پسند جون جنسون
پوکرايون وينديون هيون
جيئن نوَ جريب فقط سڳداسي
چانورن لاءِ، سوا جريب واڙي ٺاهي وئي
پٻڻ پوکڻ لاءِ الڳ زمين مختص ڪئي وئي
سرنهن ڄانڀي، چڻن مٽرن لاءِ الڳ ست جريب
ته ڪڻڪ ڪانگڙي ۽ ايري سارين وغيره لاءِ
ڌار ڌار زمين رکي ويئي.
پڙهڻ سان گڏ کيس
هر فصل پوکڻ جو هنر هو
گهر ۾ وڻن ۽ ٻوٽن پوکڻ ۾
پڻ گهر جي عورتن سان ڪم ۾
رڌل هوندي هئي
هوءَ پنهنجي اباڻي اوطاق کي سنڀاليندي هئي.
ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجي اباڻي ادبي خزاني
(شان آصف لائبريري) ۾ ويهي ڪتاب پڙهندي هئي.
پاڻ کان ننڍڙن ٻارڙن کي ڪهاڻيون
لطيفا پڙهي ٻڌائيندي هئي
ڪڏهن ڪڏهن گلاب ٽڙڻ ۾ دير ڪندا هئا
۽ سندس وڏا ڀائر جيڪي تعليم پرائڻ لاءِ
شهرن ۾ رهندا هئا
جڏهن اچڻا هوندا هئا ته سندن آجيان ۾
گلابي بخمل جي ڪپڙي جا گل ٺاهي ٻوٽن کي
سجائيندي هئي جنهن تي سندس ڀائر
گهڻو خوش ٿيندا هئا
هوءَ يونيورسٽي ۾ پڙهندي به ڪاڇي ۾ ٿيندڙ
مندائتن مينهن جي فصلن تي وڃي رهندي هئي
جوار، ٻاجهه ميرا ۽ ان کان پوءِ آڙهاڙيءَ جي
گاهه کي
وڃي ڏسندي هئي.
ڪاڇي جي چلڪڻي واري
سڌي زمين ۽ هر هڪ جريب کي چورس ۾
ڏند ٻنا فطرت جي آرٽ جو انوکو نمونو هوندا
هئا.
پر جڏهن سماج تي وقت جا بي رحم ۽ ڪارا ڪڪر
ڇانئيا ۽ دنيا جي ڌرتين سان گڏ ان ڳوٺاڻي
ڇوڪريءَ
جي زمين تي ايتري بمباري ڪئي وئي جو نه ڳوٺ جي
زمين سائي رهي نه ڪاڇي جي
نه اهي اباڻا رهيا
جيڪي دنيا جا حقيقي حصيدار هئا
سماج جي سهڻي اڏاوت ڪندڙ انسان جا حامي
حق پرست ۽ زمين سان ناتو نڀائيندڙ هئا
پر هن ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ ماتم نه ڪيو
ڇو ته ان درد کي اظهارڻ لاءِ صديون درڪار هيون
پر اڄ به اوچي ڳاٽ
پنهنجي اباڻي زمين نه ئي صحيح پر
قومي زمين سان محبت قائم رکي آهي
اها زمين اڄ به سندس محبت جو محور آهي
جنهن ۾ فطرت سمورا رنگ ڀريندي رهي ٿي.
تاج جويو
حيدرآباد
غزل
هُو اوندهه جو ساٿي آهي،
حُسن، پرهه جو هو ڇا ڄاڻي!
ڏات جو ڏِيئو گل ڪري، ڪو،
دَر جِي مِٽي ويٺو ڇاڻي!
عزّت جو ڍءُ ڪيئن جهلي، جو،
ذِلت جي کيتيءَ ڏي تاڻي!
ڪاريءَ دل سان ڪارو ماڻهو،
هر عورت کي ڪارِي ڄاڻي!
پيارُ، امنُ ۽ آزاديءَ جي،
ڳالهه وڪي ڪنهن آهي ناڻي!
سنڌو اُن کي ٻوڙي شل، جو،
سهڻيءَ جو سو مانُ نه ڄاڻي!
جَر جو ڦوٽو جيون آهي،
جَر جي قيمت سِپ سُڃاڻي!
ڏات رُٺي کي سال ٿيا ها،
ڦول کڻي آئي آ هاڻي!
هار هٿن ۾، لُڙڪ اکين ۾،
ڇا لئه آندا ’تاج‘ اياڻي.
غزل
تو جو رُخ تان پاندُ هٽايو،
چنڊُ به تنهنجا پيرَ ڇُهي ٿو.
ڪَوي! ڇڏي ڏي دنيا کي تون،
هوءَ منهنجي آ، ڇا به چوي ڪو!
دردُ ته جيون جو سونهون آ،
هر دِل ۾ هڪ دردُ رهي ٿو!
لفظن جون معنائون بدليون،
جذبو، جذبو جهيرَ ڏئي ٿو!
چانڊوڪيءَ ۾ ميرا چهرا،
چهرن کي ڇو گرهڻ لڳي ٿو؟
دل کي دل کان راهه ملي ٿي،
جڏهن سينو صاف هجي ٿو!
’تاج‘! ڪٿي ٿو شعر لکان مان،
اُڏري پاڻهي شعر اچي ٿو!
ڊاڪٽر
حسين مسرت
حيدرآباد
چئي ڏس
هاڻ چئي ڏس او سرتي
اظهار ڪري ڏس او سرتي
هاڻ چئي ڏس او سرتي
نينهن لائڻ ڏوهه ته ناهي
پيار پائڻ پاپ ته ناهي
اظهار ڪري ڏس او سرتي
هاڻ چئي ڏس او سرتي
ڳرنديون آخر لوهي رسمون
توکي چڀندڙ ريتون ۽ نظرون
هاڻ چئي ڏس او سرتي
گلو ڪپيندڙ ڪاتيون ڪهاڙيون
مور نه کڄنديون الرون پائي
پاڻ بچائي ڏس، او سرتي.
تنهنجا قاتل، قابو ٿيندا
زوريءَ زنجيرن ۾ جڪڙيا ويندا
تون به ڳالهائي ڏس او سرتي.
هٿ پير نه ڪَٽبا تنهنجا هاڻ
هاڻ چئي ڏس او سرتي
مور نه رهنديون، سيون هاڻ
ٿوري دانهن ڪري ڏس او سرتي
هاڻ چئي ڏس او سرتي
سونا روپا زيور تنهنجا
هار سينگار ته آهن سر تي
هاڻ، باغ، زمينون اَجها به تنهنجا
حق پنهنجو، گهري ڏس او سرتي.
ٿوري دانهن ڪري ڏس او سرتي
راهه ڪٺن تي گل ٽڙي پيا
ڪڪر ڄڻ، ڌرتتيءَ تي وسي پيا
هاڻ نه مڙندا تنهنجا پير
تون به وک وڌائي ڏس او سرتي
هاڻ چئي ڏس او سرتي
اظهار ڪري ڏس او سرتي.