سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2022ع

باب:

صفحو:1

مهراڻ  01/ 2022ع

 

سوچ – لوچ

نئين سال جنوري- مارچ 2022ع جو ٽماهي ’مهراڻ‘ جو پرچو اوهان پڙهندڙن تائين پهتو آهي، گذريل سال جيان هن پرچي ۾ به مواد، موضوع ۽ معيار کي ڌيان ۾ رکيو ويو آهي. علمي ادبي تاريخي مواد کي سهيڙڻ انهيءَ مواد کي ڇنڊڇاڻ ڪري سنوارڻ ۾ ايڊيٽوريل بورڊ جي معزز ميمبرن جو تعاون ۽ رهنمائي پڻ شامل آهي ۽ اسان جي هر ڀيري اها ڪوشش هوندي آهي ته ’مهراڻ‘ جو پرچو گذريل پرچي کان وڌيڪ خوبصورت هجي، ۽ پڙهندڙن ۽ لکندڙن کي معيار مطابق مثبت موٽ ملندي رهي. اسين مهراڻ جي نون ۽ پراڻن ليکڪن جا تهه دل سان شڪرگذار آهيون، جن هميشه اسان سان تعاون جو سلسلو برقرار رکيو آهي ۽ آئينده به سندن اهڙو تعاون جاري رهندو.

پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميٽنگ:

تاريخ 14- فيبروري 2022ع تي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ڊاڪٽر دُرمحمد پٺاڻ جي صدارت هيٺ ٿي گذري: ڪميٽين جي ميمبرن (1) ڊاڪٽر نواز علي شوق، (2) ڊاڪٽر اسد ’جمال‘ پلي، (3) سيد شبير ’هاتف‘، (4) سيڪريٽري سيد سڪندر علي شاهه ۽ پبليڪيشن شعبي جي محترم رفيق جماليءَ شرڪت ڪئي. ميٽنگ ۾ پبليڪيشن شعبي جي ڪارڪردگيءَ تي غور ڪيو ويو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا.

مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ کي ٻيهر چيئرمين مقرر ڪرڻ تي بورڊ پاران مبارڪباد:

سنڌ حڪومت وڏي وزير مراد علي شاهه صاحب جي منظوريءَ سان مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ کي وڌيڪ چئن سالن لاءِ 7 مارچ 2022ع کان 6 مارچ 2026ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ 25 مارچ 2022ع تي بورڊ جي ملازمن مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ کي بورڊ جي ٻيهر چيئرمين مقرر ٿيڻ تي گلن جي ورکا ڪري ڀرپور آجيان ڪئي. ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ انهيءَ ڏينهن تي چيئرمين صاحب بورڊ جي مختلف سيڪشنن ۽ آفيسن جو دورو پڻ ڪيو ۽ ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ هدايتون پڻ ڏنيون. ۽ بورڊ جي ملازمن پڻ چيئرمين صاحب کي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو.

8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن:

هر سال عورتن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي، جنهن جو بنيادي مقصد عورتن جي بنيادي حقن طرف ڌيان ڏيڻ ۽ عام عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي ۽ انهي سلسلي ۾ سڄي دنيا ۾ عورتن جي ترقي، بهتري، ڀلائيءَ جي حوالي سان پروگرام ڪري عورتن جي اهميت ۽ ڪردار کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪنهن به سماج ۾ مرد ۽ عورت جو برابريءَ وارو ڪردار لازم ۽ اهم آهي. ٻنهي جي گڏيل عملي ڪردار کانسواءِ ڪابه ترقي ناممڪن آهي، ۽ حڪومتي ليول تي پڻ عورتن جي بنيادي مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، جن ۾ بنيادي تعليم، عورتن جو علاج ۽ سرڪاري نوڪري پڻ ڏيڻ آهي.

هِن دفعي اسان ايڊيٽوريل جو باقي حصو ايڊيٽوريل بورڊ لاءِ رکيو آهي، جيڪو ايڊيٽوريل جي ميمبر محترم ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ تحرير ڪيو آهي.

ثمينه ميمڻ

  ايڊيٽر ’مهراڻ‘

سنڌي ادبي بورڊ جو تعارف:

سنڌي ادبي بورڊ 1951ع ۾ قائم ٿيو. ان کان پهرين 1950ع ۾ هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر قائم هئي. هيءَ  اعليٰ اختيارن واري ڪميٽي ”سنڌي ادب لاءِ صلاحڪار بورڊ“ جيڪو آگسٽ 1940ع ۾ قائم ٿيو هو، انهي جي رٿن ۽ فيصلن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ قائم ٿي هئي، اڳتي هلي ”سنڌي ادب لاءِ صلاحڪار بورڊ“ کي ختم ڪيو ويو ۽ هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر جي ميمبرن جو تعداد ستن مان وڌائي يارنهن ڪيو ويو ۽ ان کي سنڌي ادبي بورڊ جو نالو ڏنو ويو. هيءُ اِهو بورڊ آهي جيڪو هِن وقت قائم آهي. بورڊ جي ٺهڻ وقت ان جو چيئرمين  جناب آغا غلام نبي پٺاڻ وزير تعليم سنڌ هو. ان کانپوءِ قاضي محمد اڪبر صاحب وزير تعليم ٿيو ته پاڻ بورڊ جو چيئرمين  ٿيو. 1954ع ۾ بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي ۽ وزيراعليٰ سنڌ جناب محمد ايوب کهڙو صاحب بورڊ جو چيئرمين مقرر ٿيو. ان بعد 1955ع  ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي هڪ خودمختيار اداري جي حيثيت ملي ۽ ان جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ آئين منظور ڪيو ويو. هن نئين جوڙجڪ ۾ به کهڙو صاحب بورڊ جو  صدر ۽ سائين جي.ايم.سيد نائب صدر مقرر ٿيا. سيپٽمبر 1961ع ۾ بورڊ جي ٻيهر  نئين جوڙجڪ ٿي ۽ حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر  محترم نياز احمد کي  نومبر 1961ع تائين ٽن مهينن لاءِ بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو.

13 نومبر 1961ع کان پهريون ڀيرو  سنڌي ادبي بورڊ ۾ عوامي وابستگي ۽ نمائندگي جو دور آيو، جڏهن ڪنهن سرڪاري عهديدار بجاءِ سنڌ جي عوام جي محبوب نمائندي سنڌي ادب جي بي لوث خدمتگذار قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ  صاحب کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. پاڻ اڳ ۾ به 1955ع ۽ 1961ع ۾  بورڊ  آف گورنرس جا  ميمبر رهي چڪا هئا. پر هڪ خودمختيار اداري جي خودمختيار چيئرمين طور پاڻ پهريون دفعو بورڊ جو انتظام سنڀاليائون. حڪومت جي احسن آفرين قدم سان صحيح معنيٰ ۾ اسين بورڊ جي مڪمل ڪارڪردگيءَ جي حَسين شڪل ڏسون ٿا.  مئي 1968ع  ۾ بورڊ جي نئين تشڪيل ٿي ٻيون دفعو قبله مخدوم صاحب چيئرمين ٿيا. ٽيون ۽ چوٿون دفعو 1972ع ۽ 1974ع ۾ چيئرمين مقرر ٿيا. پنجون دفعو قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب 5 فيبروري  1989ع کان ٽن سالن لاءِ بورڊ جا چيئرمين مقرر ٿيا. ڇهون دفعو
12 ڊسمبر 1991ع کان ٽن سالن لاءِ چيئرمين مقرر ٿيا ۽ انهيءَ عرصي دوران پاڻ 11 جنوري 1994ع تي وفات ڪيائون. قبله سائين جن جي هن جهان مان بهتر جهان ڏانهن سفر بعد مختلف چيئرمينن وٽ بورڊ جون واڳون رهيون. 4 جون  2010 کان 11 مارچ 2014ع تائين پهريون دفعو ۽ 12 مارچ 2014 کان 7 مارچ 2019 تائين ٻيون دفعو قبله مخدوم جميل الزمان ”جميل“ سائين سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين مقرر ٿيا. 8 مارچ 2019ع کان قبله مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“  صاحب جن بورڊ جا چيئرمين آهن.

هن ايڊيٽوريل ۾ اسين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ جي 2022ع واري وقت ۾ ٿيل ڪمن ۽ منعقد ڪيل تقريبن جو خصوصي ذڪر ڪريون ٿا، هنن تقريبن جون رپورٽون اسان مهراڻ جي هن پرچي ۾ تفصيل سان شامل ڪيون آهن.

(الف) مشاعرو:

خميس ڏينهن 13 جنوري 2022ع تي آل سنڌ سنڌي مشاعرو، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيو. هن مشاعري ۾ سڄي سنڌ مان شاعرن شريڪ ٿي پنهنجون نڪور لکڻيون پيش ڪيون.

(ب) ڪتابي ميلو:

تاريخ 13-14 ۽ 15 فيبروري 2022ع تي ٽن ڏينهن جو ڪتابي ميلو منعقد ڪيو ويو. موجود ٽن سالن ۾ باوجود ڪرونا جي افراتفري جي هيءُ ٽيون ڪتابي ميلو هئو. هن ٽن ڏينهن جي ڪتابي ميلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ کان علاوه سنڌ ۽ خاص طرح حيدرآباد جي ڪيترن ئي ادبي ادارن ۽ پبلشرن طرفان دُڪان سجايا ويا ۽ سنڌي ڪتابن جو وڪرو ٿيو.

(ج) سنڌي ادبي بورڊ جي سابق چيئرمينن کي سندن خدمتن عيوض ڀيٽا

 هيءُ شاندار پروگرام 13-14 ۽ 15 فيبروري تي سنڌي ادبي بورڊ جي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيو.

(1) تاريخ 13 فيبروري تي  سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ادبي ڪانفرنس جي صدارت جناب مخدوم سعيد الزمان عاطف‘ صاحب ڪئي. مهمان خاص جناب شبير ’هاتف‘ شاهه صاحب ۽ اعزازي مهمان جناب سرفراز راڄڙ صاحب ۽ جناب مختيار ملڪ صاحب جن هئا. هن ڪانفرنس کي  ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب ۽ ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ صاحب پڻ خطاب ڪيو. هن موقعي تي جناب قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي حياتي تي هڪ تعارفي آڊيو _ ويڊيو ڊاڪيومينٽري پڻ پيش ڪئي وئي. باقي چئن نشستن جي صدارت جناب شبير ’هاتف‘ صاحب، ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ صاحب، ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پلي ڪئي. هنن تحسيني نشستن ۾ بورڊ جو تازن ڇپيل 15 ڪتابن جي رونمائي پڻ ڪئي وئي.

(د) افتتاح

 (1)  بورڊ جو جهنڊو، (2) باب جي.ايم.سيد بورڊ جو مُک دروازو، (3) مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ ڊسپلي سينٽر،  (4)  بورڊ جي نئين آفسيٽ پرنٽنگ مشين جو افتتاح

(هه) پيڙهه جو پٿر :

محترم چيئرمين صاحب طرفان بورڊ جي ايندڙ پروگرام تحت هيٺين پروجيڪٽس جي پيڙهه جا پٿر رکيا ويا.

(1) سيد ميران محمد شاهه انتظاميه بلاڪ، (2) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ريسرچ لائبريري، (3) شهيد بينظير ڀٽو اسڪالر هاسٽل، (4) ملازمن لاءِ رهائشي ڪوارٽرس

 پَڳهه ڇوڙي پنڌ پيا:

مخدوم خليق الزمان ’خليق‘:

تازو 14 مارچ 2022ع تي سنڌ جو بهادر سياسي اڳواڻ، اعلى معيار جو شاعر، قبله مخدوم محمد زمان طالب المولى جو ٻيو فرزند مخدوم غلام محمد عرف خليق الزمان ’خليق‘ لاڏاڻو ڪري ويو. انالله وانا اليہ راجعون، مخدوم صاحب جي وفات، مخدوم خاندان سروري جماعت سان گڏ سڄي سنڌ لاءِ نه وسرندڙ ۽ نه ڀرجندڙ خال آهي. مخدوم خليق الزمان صاحب جڏهن سنڌ پيپلزپارٽي جو صدر ٿيو ته سنڌ جي جيالن ۾ ساهه پئجي ويو. ايم.آر. ڊي ۾ ٻئي دفعا سنڌ ۾ پنهنجي وجود جو مڪمل احساس ڏياريائين. نه جيل کان مڙيو نه ڏکين پنڌ پيچرن کان. بلوچستان جي مچ جيل کان وٺي نارا جيل حيدرآباد، سکر سينٽرل جيل ۽ ڪراچي جيل جون ياترائون ڪيائين. جيل ڀريو تحريڪ ۾ جڏهن مخدوم صاحب اعلان ڪيو ته سڄي سنڌ جا جيل جيالن سان سٿجي ويا. خاص ڪري سروري جماعت جا ڪارڪن ته لسٽون لکرائڻ ۾ اڳرن کان اڳرا هئا. جڏهن محترم مرتضى ڀٽو پاڪستان موٽيو ته هن سچي ۽ حق آگاهه انسان محترم مرتضى ڀٽو صاحب جو ساٿ ڏنو. حالانڪه کيس خبر هئي ته ”عشق جي راهن مٿي ڪاوا  اُڀا آهن.“ مگر پاڻ پير پٿون ڪرڻ لاءِ تيار هئو ۽ ڪنهن راهه جي رڪاوٽ جي پرواهه نه ڪيائين. 1972ع ۾ هالا واري سيٽ تان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر 1988ع ۾ ٽنڊوالهيار واري تڪ تان ايم.اين. اي ۽ 1991ع ۾ سينيٽر رهيو.

سندن ولادت 13-فيبروري 1949ع تي هالا ۾ ٿي. پاڻ گريجوئيشن ڪيائون. 1972ع کان باقاعده شاعري شروع ڪيائون. قبله مخدوم محمد زمان طالب المولى سائين کان اصلاح ورتائون. ڪيترن مشاعرن ۾ مخدوم صاحب جي زير صدارت پنهنجي شاعري پيش ڪيائون ۽ دادِ تحسين حاصل ڪيائون. سندن شاعري وقت جي مشهور فنڪارن پڻ ڳائي ۽ عوام جي زبان تي آئي. کين شاعريءَ ۾ به جلدي مقبوليت ملي ته سياست ۾ به جلد مٿاهون مقام ماڻيائون.

الله پاڪ کين غريق رحمت ڪري. سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جا ميمبر، ٽماهي ’مهراڻ‘ جو سٿ، سيڪريٽري ۽ سڀ ملازم سنڌي ادبي بورڊ جي لائق ۽ فائق چيئرمن محترم سعيد الزمان ’عاطف‘ سان ۽ پوري مخدوم خاندان سان غم ۾ شريڪ آهن ۽ ڌڻي در دستِ دعا آهن ته الله پاڪ مخدوم خليق الزمان کي غريق رحمت ڪري ۽ سندس اڳتي جو سفر سڻائو ڪري. ايندڙ مهراڻ ۾ انشاءالله سندن زندگيءَ ۽ ڪارنامن تي هڪ ڀرپور مضمون شامل ڪبو.

مئڊم قمر واحد:

تازو معروف تعليمدان سماج سڌارڪ ۽ ليکڪا مئڊم قمر واحد به اسان کان وڇڙي ويئي. انالله وانا اليہ راجعون. مئڊم قمر جي والد جو نالو قاضي پير بخش هئو. هيءُ قاضي خاندان نصرپور جو آهي ۽ پوءِ حيدرآباد شفٽ ٿيو، جتي ٽنڊو طيب ۾ 1938ع ڊاڪٽر قمر واحد جو جنم ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم رڪمڻي ٻائي اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ 1955ع ۾ مئٽرڪ ’ميران گرلس اسڪول هيرآباد‘ مان پاس ڪيائين. 1952ع کان ميمڻ گرلس هاءِ اسڪول ۾ نوڪري شروع ڪيائين، مگر اڳتي پڙهائيءَ جو سلسلو جاري رکيائين. ايم. اي، ايم. ايڊ بعد اسڪالرشپ تي آمريڪا مان پي.ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس گهرواري جو نالو عبدالواحد هئو کيس ٻه فرزند ڊاڪٽر زبير ۽ انجينئر سهيل آهن جيڪي ٻئي آمريڪا ۾ رهن ٿا.

مئڊم قمر واحد ماڊل اسڪول (سنڌ يونيورسٽي) جي هيڊ مسٽريس، فيڪلٽي آف ايجوڪيشن ۾ اسسٽنٽ پروفيسر پوءِ پروفيسر ٿي. يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي ڊائريڪٽر، آرٽس فيڪلٽي جي ڊين ۽ ڪجهه وقت ائڪٽنگ وائيس چانسلر پڻ رهيا. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر پڻ رهي. پاڻ اولاد جي معرفت ويهارو کن سالن کان آمريڪن سيٽزن پڻ هئي.

عورتن جي حقن لاءِ پاڻ هميشه جاکوڙيندي رهي ۽ نياڻين جي تعليم ۽ تربيت لاءِ وڏي جدوجهد ڪيائين. پاڪستان جي سياسي، سماجي ۽ تاريخي موضوعن تي مختلف ڪانفرنسن ۾ گهڻا ئي خطاب ڪيائين. هڪ بهادر حوصله مند ۽ باڪردار عورت وانگيان هميشه سچ جو ساٿ ڏنائين. هميشه دين ۽ ايمان جي سلامتيءَ جي ڳالهه ڪيائين. سندس زندگي هن دور جي سنڌي عورتن لاءِ وڏي اتساهه جو سبق آهي. پاڻ ڇنڇر 19- مارچ 2022ع تي وفات ڪيائين.

جان خاصخيلي:

جان علي عرف جان خاصخيلي گذريل آچر 2022ع-03-20 تي اسان کان وڇڙي ويو. جان هڪ سٻاجهو ۽ مهربان انسان هئو. سندن نالو شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ هڪ سچي صحافي طور سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ ياد رکيو ويندو. سندس ٽي ڪتاب شايع ٿيل آهن. 1. گم ٿيل ماڻهو جو سفرنامو (ڪهاڻيون) 2. خوابن جي موسم جو هڪ گيت (شاعري) 3. خوابن جو عجائب گهر (شاعري) صحافت جي دنيا ۾ هو ڪيترين ئي اخبارن سان وابسته رهيو. سندس لکڻين جو محور سنڌي سماج ۾ موجود خرابين جو تدارڪ رهيو. سندس حياتي جو ڪافي حصو ڪراچي ۾ گذريو. کيس هڪ پُٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن. سندس آخري آرامگاهه هالا لڳ ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي ۾ آهي.

مخمور مهراڻوي:

تازو 21 مارچ سومر جي ڏينهن اسان کان سنڌي ادب جو هڪ خاموش خدمتگار جناب محمد علي ’مخمور مهراڻوي‘ ولد حاجي نظر محمد پلي وڇڙي ويو. انالله وانا اليہ راجعون. سندس ولادت 1947ع تي ڳموري جي تاريخي ڳوٺ ۾ ٿي. مخمور صاحب گهڻو مطالعو رکندڙ ۽ ڪچهرين جو ڪوڏيو شخص هئو، موسيقي جي به کيس جهجهي ڄاڻ هئي. پاڻ شاعر به هئو ته محقق، نثرنگار پڻ هئو. ابتدا ۾ ڪجهه وقت ڪهاڻيون به لکيائين. سندس تحقيقي مضمون مختلف ڪتابن ۾ شايع ٿيل آهن. پاڻ ڪيترن ۽ مشاعرن ۽ ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪيائون. سندس ادب ۾ استاد معمور يوسفاڻي صاحب هئو، پاڻ پنهنجي دوست محترم لياقت جوڻيجو صاحب سان گڏ پاڙيچا پبليڪشن جي طرفان ڪتاب ’تنهن سورهيه کي شاباس‘ ترتيب ڏيئي ڇپايائون.

سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين محترم سائين سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب، ۽ بورڊ آف گورنرس جا ميمبر صاحبان، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٽماهي ’مهراڻ‘ جو سٿ هنن اهلِ قلم صاحبن جي وڇوڙي تي سندن خاندانن سان غم ۾ شريڪ آهي.  

ڊاڪٽر اسد جمال پلي

ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ ٽماهي مهراڻ

 

هيءَ لوڪ ادب جي سهيڙڻ جي اُها رٿا آهي. جنهن هڪ طرف سنڌ جي منتشر لوڪ ادب کي محفوظ ڪيو ۽ ٻئي طرف ڊاڪٽر صاحب کي دنيا کان داد تحسين ڏياريو. يونيسڪو کين خاص ڪميٽيءَ ۾ ميمبر طور شامل ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ 1955ع ۾ هن رٿا جي منظوري ڏني ۽ هن اسڪيم جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي مقرر ڪيو. تعلقي وار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، جن کي مواد موڪلڻ جو ماهيانو معاوضو ڏنو ويندو هو ۽ مرڪزي ڊڪشنري آفيس ۾ ئي لوڪ ادب جو ڪم شروع ٿيو. اڪثر ڪارڪن اُهي ئي هئا جن سان ڊاڪٽر صاحب جون هنڌ هنڌ ڪچهريون به ٿي چڪيون هيون. ڪي ٻيا به مددي ڪارڪن حاصل ڪيا ويا هئا.

طريقئه ڪار هيءُ هو ته جيڪو به مواد ايندو هو سو مرڪزي آفيس ۾ موجود هيڊ ڪارڪن شيخ محمد اسماعيل ۽ ٻيا ڪارڪن ڇنڊ ڇاڻ ڪندا هئا. ڊاڪٽر صاحب شام جو ڇهين بجي ايندا هئا، اُن مواد کي ڏسندا هئا، ڪارڪنن سان صلاح ڪندا هئا ۽ درستيون ڪندا هئا. مختلف روايتن مان هڪ جي چونڊ ڪندا هئا ۽ اُهائي روايت متعلقه جلد ۾ موڪليندڙ تعلقه ڪارڪن جي نالي سان شامل ٿيندي هئي، جيڪا فوٽ نوٽ ۾ ڏني ويندي هئي. مون به 1957ع ۾ سانوڻ فقير جا ڪي بيت محمد سومار شيخ جي ذريعي روانا ڪيا. 1962ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر ٿيس ته ڊڪشنري/ لوڪ ادب آفيس ۾ ويندو هوس. هڪ اهڙي شام جو اُتي ويس ته ڊاڪٽر صاحب آيا. ڪارڪنن سان هٿ ملائڻ کان پوءِ هڪدم مواد ڏسڻ ۽ شيخ محمد اسماعيل کي صلاح ڏيڻ ۾ مشغول هئا ته گهران چانهه اچي وئي. ايلاچيءَ جي خوشبوءِ واري خوش ذائقه چانهه جو ڪوپ مون کي به مليو. چانهه جي هن ڪوپ مان مون کي ڊاڪٽر صاحب جن جي خوش ذوقيءَ جو به اندازو ٿيو. آءٌ موڪلائڻ لڳس ته شيخ محمد اسماعيل کي چيائون ته ميان عبدالجبار کان به مدد وٺندا رهو. اُن همت افزائيءَ واري جملي مون ۾ جذبو پيدا ڪيو ۽ جڏهن به ڪا شيءِ ملندي هئي اُها ڪارڪنن کي ڏئي ايندو هوس. شيخ محمد اسماعيل ۽ ممتاز مرزا سان ٿوري گهڻي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ هليو ويندو هوس، متان ڪارڪنن جو وقت ضايع ٿئي! ڊاڪٽر صاحب جن جو مٿيون جملو منهنجي ڪنن ۾ پيو ٻُرندو هو. انهن ئي ڏينهن بلڪه 1953ع ۾ جڏهن ”تاريخ معصومي“ ۽ ”ٻيلاين جا ٻول“ جو مطالعو ڪيو هوم ته ڊاڪٽر صاحب جن کي پنهنجو اُستاد، رهبر، مثالي محقق ۽ هيرو سمجهڻ لڳو هوس. سندن باقي زندگيءَ جي کاهوڙ ۽ جاکوڙ ثابت ڪيو ته منهنجي سندن باري ۾ عقيدت ۽ راءِ صحيح هئي.

سنڌي ادبي بورڊ لوڪ ادب جي هيءَ رٿا ڊاڪٽر صاحب جي حوالي ڪئي ۽ 1957ع کان مواد گڏ ٿيڻ شروع ٿيو. پوري رٿا بندي ۽ صنف وار مواد جي تقسيم ڪئي وئي. 42 جلدن جو هيءُ مواد تيار ٿيو. نثر ۾ سنڌي لوڪ ڪهاڻيون، سنڌ جا عشقيه داستان، ٻاهريان عشقيه داستان هڪ طرف هئا ته نظمي مواد ٻئي طرف هو. ڪن صنفن تي هڪ کان وڌيڪ جلد به تيار ٿيا ۽ ڇپيا. ڊاڪٽر صاحب جن هر صنف بابت مفصل مقدما لکيا ۽ موضوع جو ڪوبه پهلو تِشنه نه ڇڏيو. لوڪ ادب جي هنن جلدن جي موضوع وار تقسيم، مواد جي چونڊ، ترتيب ۽ رٿابندي ڌيان ڇڪائي ٿي. لوڪ ادب جي دنيا ۾ هيءَ رٿا منفرد ۽ نشانبر آهي.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

رسالو مهراڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نمبر

تان کنيل

بابا فريد گنج شڪر

 

(1173ع –– 1275ع)

*

فريدا درد نه وڃي دور، جي لک طبيبن لڳن،

چڱي ڀلي ٿي ڀايان، جي مون پرين ملن.

 

فريدا رتي رت نه نڪلي جي تن چيري ڪوءِ،

جن تن رتا رب سين، تِن تَن، رت نه هوءِ.

 

فريدا تون ڪندي جي مُئا، مُئي به تون تون ڪن،

جنين تون تون نه ڪيو، تنهين نه سڃاتو تن،

 

سائينءَ سندي نانوَ کي، دائم پرين چون،

رب نه ڀڃي پورهيو، سندو فقيرن.

 (ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)

*

 

مرکان شيخڻ

(وفات –– 1300ع)

*

دهل گهرايم سهڻا مورچيندور،

مرشد جي ملي تي رهاڻ،

ڪرهيل جي جهلي تي رهاڻ،

جيئن پير، لوڏون ڪندين سنڌ ۾.

 

شرنايون گهڙايم سهڻيون، مورچيندور،

مرشد جي ملي تي رهاڻ،

ڪرهيل جي جهلي تي رهاڻ،

جيئن پير، لوڏون ڪندين سنڌ ۾.

 (ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)


 

پير پٺو/شاهه حسن اپلاڻي

 

(وفات –– 1248ع)

*

ديبل پاس ڌڪيلجي آيو آب اپار،

مڪلي ماڳ مٿاهين، ٿياسون ڌارو ڌار.

*

نور سيا نه رسيا، لٿو ليکو لاکاٽن،

مدي رکي من ۾، جيو ڪٺو جن،

توڙون لڳو تن، ڀونڊو بهاءُ الدين جو.

 

 (ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)

مخدوم پير محمد لکوي

(1532ع –– 1600ع)

*

ويلو وجهه مَ وچ ۾، سبڙ ساٿيئڙا،

پيروءَ جا پهچائين، سلامت ساٿا.

*

روضي پاڪ رسول جي اڀج سين ادبا،

ته پيرو پٽ هاروت جو پوٽو الياسا،

سنڌي ساڪن سنڌ جو شائق شفيقا.

 

 (ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)

*
 

پاهڙ فقير دَل

(1863ع –– 1911ع)

 

سرمارئي (پڪار)

ڪٿ وطن ڪٿ ويڙهيون، ڪٿ سڳر، ڪٿ ساهڙيون ڪٿ گولاڙو گسن،

سي دل تان نه لهن ”دل“، جن جهوڪون منجهه جهنگن،

ان جا ڇيلڙا ڇيڪ چرن ٿا ڦوڳن ڦِريو ڦل،

ڪانه ٻڌي سون ڪڏهن ڪاتن جانگهين مٿي جهل،

تو پڻ زوراور ظلم ڪيو ٻانهي پڇان ان جا پل،

منهنجي ڏوٿين ڏيهه ڦٽو ڪيو سڻي هاڙي جي هڪل،

ويان پهون پڪاري، مون وساري، کڻي کانڀ کلل،

تون پڻ مير ڇڏيندين ماڙيون حملا هتي هل،

هتان لک، لوڪ لڪائون نيا ارڏي هيٺ ازل،

هلي بيهندي محشر ماڳ ۾ جت ٿيندي توراڙن تل،

اتي پنهوارن جي ”پاهڙ“ چئي ڪِرندي آهه اٽل،

ڪنبندي ويا ڪورٺ کان ههڙا مانجهي مل،

ڪئين افلاطون اهل، راڻيون راءِ ڇڏي ويا.

*

 

مير علي مراد خان ”مجروح“

 

(1894ع)

*

دوست مٺا دلدار آءُ تون اڱڻ منهنجي يار پيارا
برهه بڇايو سر تي باري چاتم سر تي خلق جي خواري

سونهن ڀريا سردار

دمدم ساريان ڪين وساريان، راهان رند مان روز نهاريان

محب مٺا منٺار

دامن لڳڙس تنهنجي دلبر پاند ڳچي پائي آيس تو در

ساجن لهه ڪا سنڀار

جال جدايون ڪر نه تون جاني ”مجروح“ آکي ڪر مهرباني

آءُ اچي ڏي آڌار

(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)

*


 

حضرت مولانا سيد تاج محمود شاهه امروٽي

( 1929ع – 1957ع )

 

*

نحن اقرب جو تجلو شيشئه دل کان لڌو،

ڪيمياءِ عشق جي کي بوتئه گِل کان لڌو.

سهڻي سنديون صفتون سڀئي پرتئون پروڙيم پاڻ ۾،

ويڙهي اندر ويجهو وسيو ٿي گهور گهايل کان لڌو.

هرڻ ختنيءَ جان نه ٻيو ڪو پاڻ ۾ مون کي پرو،

مشڪ ’معڪم‘ جو سِرو هي صدق ڪامل کان لڌو.

مان نه هو پُرجهيو پروڙيو ڪي مون سان موجود هو،

ٿي نفي منهنجي جڏهن هن حال حاصل کان لڌو.

هو عبث منهنجو ڦرڻ هر ڪنهن تماشي جي پٺيان،

دل اندر ۾ ديد پائي ان جاءِ منزل کان لڌو.

توڙي قدوري ڪافيه مسلا پڙهي ٿيس مولوي،

هڪ ذرو نه ذوق جو تحصيل حاصل کان لڌو.

ٿيو جڏهن ارشاد مون تي هاديءَ مٺي مُرشد ڪَنان،

حال حاصل ٿيو حسن تي قرب ڪامل کان لڌو.

*

سيد ميران محمد شاهه ”مهجور“

(1898ع –– 1963ع)

ڪلام

عشق وارن کي عجيبا عيش جو ڪونهي ضرور،
سوز سڪ ۽ سور مان تن جي سري سيني سرور.

نينهن نازڪ جو نشان ٿي، هٿ قريبن جي ڪسڻ،
مَرڪ مشتاقن سندو ۽ شير مرد جو شعور.

رنج راحت فرح محّبت جو نه سڪندن کي سماءِ،
عشق جي آتش سندو تن ۾ تپي تن جو تنور.

جيءَ جفا ته به دل صفا، عاشق سچا سهڻي سندا،
ناز ٿا ناڪار پائن ۽ غصو ڄاڻن غرور.

منٽ جي هن مير کي منهڙو پسائي ماه رُو،
تان هنئين تان هوند هٽجي، هجر جو هيڪر حرور.

 (ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)

*


 

الله ڏنو فقير

(1882ع –– 1962ع)

 

ڪلام

چڱي ڪر چڱو ٿين ڀلي لا سڃاڻي،
هستي ۽ هئڻ جو تندو ڇو ٿو تاڻي.

مٺو گهرڻ پرکي، گهاٽو پوڻ گهر کي،

ڳهلا ڳالهه هيءَ اٿئي، صريحاً سچاڻي.

جهڙي آهي ڪرڻي، تهڙي آهي ڀرڻي،

ڪڍي ڇڏ قلبُون، ڪلفت جي ڪهاڻي.

جيڪا پوک پوکيندون، سا ساڳي لڻيندون،

لفعي ۽ ڇيهي جي، اها اٿئي اُهڃاڻي.

ثابت ڪر سچائي، ڪوڙي ڪڍ ڪچائي،

”الهه ڏنا“ اهو جي، تون ڄاڻ ڄاڻي.

 (ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)

*

 

سيّد جڙيل شاهه ”صوفي“

(1895ع –– 1973ع)

 

ڪلام

 آهيان دايو درد دلبر جو، سهڻي ساقي سر سرور جو!

سرور سر سبحاني، لاريب لقب لاثاني،

جنهن جو ناهي ڪو ثاني، مون کي آهي قسم پرور جو.

 

مان عاشق ان جو آهيان، ڪنهن ٻئي در ڪيئن واجهايان،

پائي پاند ڳچيءَ ڳل پايان، آهيان نوڪر نيڪ نظر جو.

 

ڇڏ ”شاهه جڙيل“ تون شاهي، ڪر در تنهنجي جي گدائي،

رکي سيني صاف صفائي، وٺ پيالو سڪ صبر جو.

(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)

 

*


 

فقير وحدت علي نُقرچ

(1934ع –– 1965ع)

 

ڪلام

ڪري سوداگر سِرَ جي، اچي ايوان ٿو ڪو ڪو،

هڻي نعرو نچي نانگو، ٿيئي نيشان ٿو ڪو ڪو.

بحر بيخود واري بندر، مٽي جي موج تي مُرڪي،

ڏئي سِرُ سُرڪ تي سَٽَ ۾، پيئي پيمان ٿو ڪو ڪو.

لکين منجا ملن ماکيءَ مٿي، مشتاق ٿا ماهر،

ڪڙي قاتل ڪڏي ڪاهي، مرد مستان ٿو ڪو ڪو.

عقل جو اِت نَڪو چارو، نڪا ڪا عارضي اٽڪل،

دلاور دار تي دائم، اچي ديوان ٿو ڪو ڪو.

ويڙهي ”وحدت علي،“ عاشق اچن اظهار ٿي ارڏا،

پچائن پَهه ڪيئي پوپٽ، پڇي پروان ٿو ڪو ڪو.

(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)

*

 

مولوي ثناءُ الله ”ثنائي“

(1895ع –– 1976ع)

 

ڪلام

عشق گهر پنهنجو ڇڏائي، ٿو رلائي دربدر،
بادشاهن کي ڀلائي، ٿو بنائي دربدر،

هير لئي حيران ٿي ڪيو تخت کي رانجهن ترڪ،
شاهزادو شوق مون مُرلي وڄائي دربدر.

نازنينن نامدارن کي نمائي جو ڌري،
جهوپڙيون ڪانن ڪکن جون ٿو اڏئي دربدر،

عشق عابد ٿو ڀلائي، سڻ قصو صنعان جو،
هن دنيا نام نيڪي ٿو وڃائي دربدر.

اي ”ثنائي“ عشق وارا ڪين خواري پئي ڊڄن.
ٿو نچائي عشق هي ڀولو بنائي دربدر.

(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)

*


 

غلام عباس ”جوش“

(1904ع –– 1962ع)

 

ڪلام

صد شڪر رخ ٿيو آ، مون ڏانهن يار جو ڪجهه،
مس مس ٿيو آ سامان، اکين جي ٺار جو ڪجهه.

مصري کان وڌ مٺو جيئن، منهنجو مٺو جو آيو،
ويو مرتبو وڌي جهٽ، مصري بازار جو ڪجهه.

ميت ڏسي پو پاسو ڀل ڪيو مگر خدارا،
پت رکجو منهنجي دلبر، هيڏي نهار جو ڪجهه.

وعدو ڏئي ورين تون، ڪر ياد سو پيارا،
رک شانُ مانُ پنهنجي، تون اعتبار جو ڪجهه.

اي ”جوش“ بارِ عصيان کان ڏيل هي ڏڪي ٿو،
آٿت فقط آ رحمتِ پروردگار جو ڪجهه.

(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)

*

حمزو شائق پلي

( 1948ع – 2016ع)

 

ڪافي

ولر ڪريو وٿاڻن ڏي- ولر وريا ولهارن جا!

 

اوڀاري کان اَبُرَ اٿيا، اولهاري ٿا اچن ڪاهيو،

ڇڄن جيئن ڇوهه مان ڇوهيا،

ڏسان تيئن ڌڻ ڌنارن جا.

 

رايون، سايون، چري ڍايون، وٿاڻن تي وري آيون،

ٿيون سائي مان سوڳايون، متارا مال مارن جا!

 

اڪيلي قيد ۾ آئون، وطن وارن کي ساريان ٿي،

وڄن ٿا ساز سيني ۾، سنگهارن جي ته سارن جا!

 

چوي ’شائق‘ ڀري سُڏڪا، ڪيم سَڏڙا سنگهارن کي،

پڙهاڏا مَن پون ڪي ڪَن، منهنجي ڪيهن ڪوڪارن جا!

*


 

ميرزا علي نواز بيگ ”خسروي“

(1876ع –– 1970ع)

 

ڪلام

هر شيءِ ۾ حسن تنهنجو مڪرّر نظر اچي ٿو،
صنعت ۾ ڪونه تنهنجو همسر نظر اچي ٿو.

عالم جو ذرّو ذرّو قدرت جو آهي منظر،
ڪک پن ۾ معرفت جو دفتر نظر اچي ٿو.

آلِ رسولﷺ شافعِ روزِ جزا اسان جا،
هر هڪ انهن مان بيشڪ رهبر نظر اچي ٿو.

بخشش گهران ٿو توکان صبح و مسا الاهي،
توکان سوا نه مون کي ٻيو در نظر اچي ٿو.

اي ”خسروري“ شغل لک ذڪرِ خدا جو هردم،
بي شبه فعل اهڙو بهتر نظر اچي ٿو.

 (ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)

*

 

خدا بخش ’مجاهد‘ چانڊيو

(1876ع –– 1970ع)

 

غزل

دوست دم ديدار لاءِ تون در دري کولي ته ڇڏ،

اي پري جهڙا پرين، پرَ پريءَ کولي ته ڇڏ.

ملڪ ۾ مجمع حسن، پر هيءَ ته ماڳهين ٻيو مثال،

زلف جي زنجير جي تون ذر ذري کولي ته ڇڏ.

نوڪ نيڻن جي نظر ڪر نيم خوابي بي نقاب،

محبت مارڻ لاءِ منهنجي، منهن وري کولي ته ڇڏ.

سڀ ستارن کان سوايو، تنهنجي صورت جو ثبوت،

ماهرو مهتاب کان وڌ مرمري کولي ته ڇڏ.

مار ٿا مارين ’مجاهد‘ نانگ ڪارا نيشدار،

ڇڏ وڙهن واسينگ وانگر، ور وري کولي ته ڇڏ.

*
 

ٽئينءَ ۽ چوٿين صدي هجريءَ ۾ جيڪي عرب ۽ عالم سياح سنڌ ۾ آيا، تن جي احوالن ۽ تذڪرن مان اهو پوريءَ طرح سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي زبان، سنڌ ملڪ جي قومي ۽ ملڪي زبان هئي. بزرگ بن شهريار ’ڪتاب الهند‘ ۾ هن طرح سان لکي ٿو ته ”الور جي هڪ هندو راجا منصوره جي مسلمان حاڪم عبدالله بن عمر هباري ڏي لکي موڪليو ته قرآن پاڪ ۽ مذهب اسلام جي عقائد ۽ تعليم تي سنڌي زبان ۾ ڪتاب لکرائي ڏانهنس موڪلي. عبدالله هڪ عراقي نسل جي سنڌي عالم کان ڪلام پاڪ جو ترجمو ۽ اسلامي عقائد ۽ تعليم تي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرائي موڪليا“ پهريون ڪتاب سنڌي نثر ۾ ۽ پويون نظم ۾ هو. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته چوٿين صدي هجريءَ دوران سنڌ ۾ سنڌي نثر به نظم سان گڏ موجود هو ۽ اهو ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ لکيو به ويندو هو. پر ان مان اها خبر پئجي ڪانه ٿي سگهي ته انهيءَ آڳاٽي نثر جي صورت ڪهڙي هئي؟ عربن جي ڪاهه وقت، چچنامي ۾ بيان ڪيل راجا ڏاهر جي ڪن سنڌي خطن جو پتو پوي ٿو، جنهن مان اسان جي مٿي بيان ڪيل ڳالهه جي ڪنهن حد تائين تصديق ٿئي ٿي ته سنڌي نثر مروج هو. پر چچنامي واري صاحب ان اصل سنڌي خط جو ڪوبه نمونو نه ڏنو آهي، تنهنڪري اهو چئي نٿو سگهجي ته اهي خط ڪهڙي رسم الخط ۾ هئا.

قريشي حامد علي خانائي

رسالو مهراڻ 4/1971ع تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org