ڪوثر هالائي
هالا
غزل
لفظُ به پٿرن جو وسڪارو ٿي ٿو سگهي،
ڪنهن دشمن جو ننڍڙو اشارو ٿي ٿو سگهي.
مون کي اهڙي ڄاڻ نه هئي اڻ ڄاڻ رهيس،
رت جو رشتو ايڏو ڪسارو ٿي ٿو سگهي.
شهر هجن شيشي جا پوءِ پٿر به هجن،
راتاهو يا ڪو لامارو ٿي ٿو سگهي.
پيار ڪهاڻي هاڻ شروع ٿي آ سائين،
ان ۾ منظر ڪو ڏک وارو ٿي ٿو سگهي.
آرسيءَ اندر چنڊ لهي آيو آهي،
ڪو تارو ويتر ريسارو ٿي ٿو سگهي.
هُنَ ڪيو آ واعدو ايندڙ هفتي جو،
آچر سومر يا ته اڱارو ٿي ٿو سگهي.
غزل
دل آکاڻي ٿي وئي هوندي،
ڪيڏي پراڻي ٿي وئي هوندي.
ٿيڻو هو اڄ جوڙ دلين جو،
سا گڏجاڻي ٿي وئي هوندي.
پاڻ ته بادشاهه ڪونه بڻياسين،
هُوءَ پر راڻي ٿي وئي هوندي.
تنهنجي جفا هئي وفا جي ڀرسان،
پاڻي پاڻي ٿي وئي هوندي.
واسطي مان ئي واٽون نڪتيون،
پوءِ ياراڻي ٿي وئي هوندي.
دل جي ڳالهه چوڻ چاهي سين،
ها! ٻاراڻي ٿي وئي هوندي.
فضل الله ’فدا‘ چانڊيو
ڪُنري
غزل
نه پير کي جُهڪو، نه ڪنهن مير کي جهُڪو،
جُهڪڻو اٿوَ ته، مالڪِ تقدير کي جُهڪو.
نفرت ڪريو نه ڪنهن سان، ڪتاب سڀ پڙهو،
جُهڪي پڙهو ته، قرآن جي تفسير کي جُهڪو.
انسان سڀ برابر، ڪوئي نه ڪنهن کان برتر،
هرگز نه ڪنهن وڏي وزير کي جُهڪو.
جنهن کي به دل گهُري ڀل ان کي ئي ووٽ ڏيو،
نه بيٽ، شينهن، لغڙ ۽ تير کي جُهڪو.
خوفِ خدا هجي بس، ڪجهه ڪو ڪري نه سگهندو،
ڀُلجي ’فدا‘ ڪڏهن نه گهگير کي جُهڪو.
غزل
پيو ڪر ڀلي تون مون سان نفرت وري وري،
توڏانهن اچڻ جي ڪندس، جرئت وري وري.
حاسد رقيب کي ٿو ساڙڻ گهُران حسد ۾،
ڀل پيو هڻي هو توتي، تُهمت وري وري.
توکي ڏسان ته ڏسان، تنهنجي شهر پيو ايندس،
توکي ڏسڻ جي ٿئي ٿي، چاهت وري وري.
توکان مون کي ڇِنڻ ۾ گهٽ ڪونه جن ڪئي آ،
ڀل پيا حريف ڪن سا حرڪت وري وري.
چوندس ڀري ڏي پيارا، پنهنجن هٿن سان مون کي،
ساقي پيار جامِ محبت وري وري.
ايندو ضرور ڪڏهن، توکي خيال منهنجو،
ڪندين ’فدا‘ سان پو تون اُلفت وري وري.
زين کوسو
…..
غزل
گمنام رهڻ ٿو چاهيان،
هڪ مام ٿيڻ ٿو چاهيان.
جو سونهن ڏسي دنگ رهي،
سا هام هڻڻ ٿو چاهيان.
محبوب ڳلي محبوب جي،
سا گام گهمڻ ٿو چاهيان.
سرهاڻ ڀري ڪا دوستو،
مان شام ٿيڻ ٿو چاهيان.
ڪا پاڪ ٿيان پوشاڪ مان،
احرام ٿيڻ ٿو چاهيان.
جو آڳ اجهائي دل جي،
سو جام پيئڻ ٿو چاهيان.
توتي نه لڳي، سر تي،
الزام کڻڻ ٿو چاهيان.
غزل
ڪوڪ ڪنائي ڪو ته اسانجي،
جان ڇڏائي ڪو ته اسانجي.
روز لکئون ٿا ڳالهه اهائي،
سوچ مٽائي ڪو ته اسانجي.
ڪن ۾ ڦاٿل پيار جي ٻيڙي،
پار لڳائي ڪو ته اسانجي.
باهه ٻري ٿي دل جي اندر،
آڳ اجهائي ڪو ته اسانجي.
دود دکي ٿو ديس سڏي ٿو،
تند تپائي ڪو ته اسانجي.
پاڻ ته ناهيون ڪنهن به ڳڻپ ۾،
ڳالهه ڳڻائي ڪو ته اسانجي.
ساگر علي ميراڻي
نوابشاهه
غزل
اسان کان پيارا ڇنو نه رشتا،
هي پيار وارا ڇنو نه رشتا.
ازل کان جيڪي ڳنڍيل رهيا هن،
اُهي سهارا ڇنو نه رشتا.
گناهه ان کان وڏو نه ٻيو ڪو،
ٻڌو خُدارا ڇنو نه رشتا.
حسين آهي حيات جن سان،
اُهي سونهارا ڇنو نه رشتا.
فضول جهيڙا فساد آهن،
ڪري ڪنارا ڇنو نه رشتا.
چوي ٿو ’ساگر‘ هي چنڊ روئي،
چون ٿا تارا ڇنو نه رشتا.
غزل
جڏهن کان پرين هن ڪيا فاصلا،
تڏهن کان منجهيل ٿا رهن حوصلا.
انهيءَ ئي فڪر ۾ رهان ٿو پيو،
ڏکيا زندگيءَ جا وڌيا مرحلا.
نئين ڳولهي دنيا وڃين اُت رهان،
هتي جا ڪري سڀ ختم آسرا.
ڏسان پنهنجو چهرو ڀلا ڪيئن مان،
ٽٽل چؤطرف هن رکيل آئينا.
اچن درد ’ساگر‘ ٿا ڪاهون ڪري،
وڃن دل جي دنيا ڪري ڪربلا.
جيئند علي مهر
ٽي نثري نظم-
(1) خالي خالي
دٻدٻو، رڙ مٿي رڙ
ڀڀڪيون، هُل هشامَ!
ٽهڪن تي ٽهڪ وڏا وڏا،
ماڻهن ليکي،
سڀني خوشين جو گهر هِت آ!
پر! اڪيلائيءَ ۾
چؤطرف اُداسي
هٿن ساڻ، هانءُ به خالي.... خالي
بيوسي، بيقراري!
اکين ۾ ڳوڙها
جيءَ ۾ جهنجهوڙ!!
اهڙي روش تي
هي ضميرُ منهنجو
ٺٺوليون ڪندي
ٿڪبو ناهي!!
ٿڪبو ناهي!
(2)
اڪيلائي....
مان!
چنڊُ ۽ رات
سوچون ٿا اڪيلائيءَ تي!!
(3) سالگرهه
واريءَ گهرڙا
ننڍڙا ننڍڙا
پنهنجيءَ پَر ۾!
تاج محل جيان
سڀ ارمان تن ۾،
سجائي رکيا ها،
تنهنجي سالگرهه تي....!!
پريتم ’پياسي‘
عمرڪوٽ
غزل
وڃو ٿا ته واپس سگها موٽجو،
’حياتي آ ڦوٽو‘ ذرا سوچجو.
اچو اڄ ئي دلبر سڀان ڪنهن ڏٺي؟
مُدو ڪونه هوندو آهي موت جو.
’ننگر‘ مان نه نڪرن ڀلا نانگ ڇو؟
ويا خان کائي سڀئي مور جو.
هي تيلي مان ٿنڀو بڻائي ٿي دنيا،
پرين تير نظرن سندا روڪجو.
جُهڪي ويا ڪلهوڙا، پليجا، مغل،
مگر جهنڊو جهولي پيو ’جهوڪ‘ جو.
اسان جو ته محبوب ’ڀڳوان‘ آ،
هجي ڀل ته انسان سڄي لوڪ جو.
ڏسي ٿڪ لهي ٿا ’پريتم‘ وڃن،
غضب جو آ منظر تنهنجي ڳوٺ جو.
غزل
سٺم عذاب مگر دل خدا ڪڏهن به نه ٿي،
پيار رسم اوهان کان ادا ڪڏهن به نه ٿي.
پرين! قرار جي بدلي گهڻو درد ڏنو،
”جفا شناس اوهان کان وفا ڪڏهن به نه ٿي.“
قريب آڻي اسان کي سڄڻ تو گهاءُ ڏنا،
هزارين زخم ٿيا، پر دوا ڪڏهن به نه ٿي.
فراقِ يار ۾ بيحد ڳري ڪنڊا ٿي پيس،
هٿان حبيب جي ليڪن شفا ڪڏهن به نه ٿي.
جنونِ عشق ڪيو مون کي آ گهڻو بيتاب،
نگاهِه ڪرم مگر ڪا عطا ڪڏهن به نه ٿي.
ڏنا هزارين اوهان سور، درد، غم هميشه،
مگر اوهان جي اسان کان گلا ڪڏهن به نه ٿي.
مري تباهه ’پريتم‘ اوهان جي لاءِ ٿيس،
اپار ظلم ٿيا پر سخا ڪڏهن به نه ٿي.
اسير امتياز
...........
بيت
ڪهڙي ڳالهه ڪجي، تنهنجي او سائين،
منهنجون تو تائين، دم ٽوڙن ٿيون ڳالهڙيون.
جن جو هٿ رومال ۾، اکيون اُڀ تڪن،
ڀرت ڀريندي بانوريون، سوچيو ٿيون سُڏڪن،
جيڪي روز لُڇن، سي سڀ منهنجون ڀينرون.
ڪهڙي منهنجي ڀيڻ، ڪهڙو منهنجو ڀاءُ،
مون کي منهنجي ماءُ، ڄڻي اُڇليو ڍير تي.
گورک، گاج، پريان، نڪري پيئي گئس،
ڪارو ڪوٽ اڃان، پنهنجي هٿ وس ڪينڪي.
سهرا، جهومر، رونقون، تنهنجي آڳر تي،
مون کان تون پرتي، ڪنهن جي ويڙهي ٿي وڃين.
جبل منهنجي جوءِ جا، جهاڳين جوڳيئڙا،
ڳاڙها روهيڙا ايندين، ڪندئي آجيان.
توسان جاري جنگ، ڌرتيءَ جا غدار،
تنهنجا هڙ هٿيار، منهنجي سکڻي شاعري.
آيا ڪري اوڙڪون، ويٺا ڪين مگهه،
مون ته گهابو، ڪينڪي، خوب سجايو گهر،
هر ڀيري اڪثر، آيا ۽ موٽي ويا.
روشن ناز ڌاريجو
ڄام شورو
نظم
ڪاري
ننڍڙي وَرَ سان عورت ويٺي پنهنجو جيون گهاري ڙي،
هاءِ جواني سڏڪي سڏڪي ڳڻتين ۾ ٿي ڳاري ڙي.
پٽ وانگر ٿي پالي ويٺي وينگس پنهنجو مڙس ڏسو،
هڪ جيڏي لئه در تي بيٺي ڪنهن جي راه نهاري ڙي.
ڏير ڏٺو هو ڀاڄائيءَ کي در تي بيٺي مرڪي پيئي،
ڪاري نانءُ ڌري تنهن ناحق منڌوڌي اڄ ماري ڙي.
غيرتمند ڪٺي ڀاڄائي ڏينهن ڏٺي اڄ بي ڏوهي،
ڏائڻ ڏير جي نيڪي ڪئي ٿي ڳوٺ اسان جي ساري ڙي.
رت لڳل ڪُهاڙيءَ سان گڏ قاتل آيو ٿاڻي تي،
مرڪي مانُ پوليس ڏٺو ٿي ظالم کي کيڪاري ڙي.
ڪنهنکي سور سڻائي عورت ڪنهن کي ڏک جو حال ڏسي،
سور سمورا سيني سانڍي جان ڇڏي ٿي واري ڙي.
ڪوڙين ريتن راڄ وڌا ’ناز‘ سمورا رولي ۾،
انڌين رسمن ڀينر آهي پهچايو ته پساري ڙي.
شاهه مردان شاهه
ڇاڇرو
غزل
ٿيا شاد آباد، ياور يگانا،
ڏنا جام ساقي، ڇڏي ڪُل بھانا.
سوين ساز، سرندا ۽ واڄا وڄي ويا،
وڳي ڇير ڇم ڇم، ٿيا ناچ گانا.
اميدن جي دنيا، رسي اوج تي وئي،
ٿيا شوق جا شغل ۽ شادمانا.
اچي سڪ وارن، سندو ساٿ سھڙيو،
ٺھي شاعري جا، پيا ڪارخانا.
وٺا ماڻڪن مينھن، محفل ۾ موٽي،
”کُلي خير سان ويا، خوشين جا خزانا.“
چُڪو چاھ وارو، مليو آھ
’مردان‘،
چڙھيو رنگ محفل تي، آ شاعرانا.
ڪافي
جي قول ڪيئي، سي پارين ھا،
وڃي ديس پنھنجي، نه وسارين ھا.
تو اچڻ جا ھئا انجام ڪيا، سي وعدا وصالي
ڪيڏانھن ويا.،
ڏنل سور اوھانجا نباھڻا پيا،
ڪڏھن واڳ وصال جي وارين ھا......
جي قول ڪيئي..
اچن رس رھاڻيون ياد جڏھن،
وسي اکڙين مان ٿو ڏاڍو آب تڏھن،
ڀري قرب قدم اچي يار ڪڏھن، پنھنجو مُنھڙو مٺا تون ڏيکارين ھا،
جي قول ڪيئي....
اچين اڱڻ تي ھا دلدار پرين، لھي وڃن ھا سڀ
آزار پرين،
ڪيڏو خوش مان ٿيان ھا يار پرين،
مَئي محبت جي ڪا پيارين ھا،
جي قول ڪيئي.....
ڪري ڪرم وڏا اچ يار وري، ھِت ڳڻتين ۾ ويو
آھيان ڳري،
ڏيئي سھڻا سِر سورن جي ڀري،
ھينئن
’مردان‘
کي نه مارين ھا،
جي قول ڪيئي،.
زاهد ڪنڀار
ٽنڊو جان محمد
غزل
پير تي رک پير آوين،
چاهتان چا ڍير آوين!
مين مياران ڪونه ڏيسان،
ڀل پرين ڪر دير آوين!
پيار دي هِن کوڙ ويري،
ڏي نه چيري چير آوين!
تون سياڻا صاف دل هين،
رک نه ڪنهن لئي مير آوين!
انتظاري هي اِهائي،
چا خبر ڪا خير آوين!
دشمنا دي تون چنبي چون،
آپ ڪون ئي سِير آوين!
رک وڏا هُڻ حوصلا تون،
ٿي پرين تون شير آوين!
تون پنهل هين سردا سائين،
ڏور ڇڏ سڀ ڏير آوين!
تيڏا ’زاهد‘ تيڏا رهسي،
قادربخش ’مخلص‘ چانڊيو
دڙيلو
نظم
وطن پنهنجو گلشن ۽ گلزار آهي،
وطن ساڻ الفت جو اظهار آهي.
پياري وطن پاڪ پنهنجي سان هردم،
خدا مهربان ۽ مددگار آهي.
وطن جي ترقيءَ لئي ڪوشش ڪنداسون،
اسان جو اهو عهد، اقرار آهي.
اسين آهيون سورهيه سپاهي وطن جا،
شهادت سپاهيءَ جو سينگار آهي.
اسان جي وطن جو نئون نسل سارو،
وطن جي محبت ۾ سرشار آهي.
ٻڍا، ٻارڙا، عورتون، مرد سارا،
وطن ساڻ هرڪو وفادار آهي.
وطن ۾ کپي هاڻ قانون رب جو،
جنهين لاءِ هرڪو طلبگار آهي.
مسلسل عمل ساڻ، مُحڪم يقين سان،
محبّت جي دنيا به درڪار آهي.
مُسلمان جو شان آ فتح و نصرت،
هُو سورهيه سپاهي ۽ سالار آهي.
اسين آهيون ’مخلص‘ مسلمان، مومن،
اسان جو اهوئي ته ڪم ڪار آهي.
اڪرم بخارائي
..........
غزل
عشق معشوق جو تار! روئي ڏِنو،
عشق ڌاري ڏسو پيار، روئي ڏِنو.
باک ٿي عشق کي باهه واري ڏِسو،
ٿا پڇو عشق جو بار روئي ڏِنو.
من ڏسو من وري ٿو ڪري من جُدا،
من جُدا ڇو ٿيو مار! روئي ڏِنو.
زندگي ٿورڙي ڇو جُدا ٿا ڪريو،
گهاءُ جو گهاءُ وڏو سار! روئي ڏِنو.
ناهه محبت ڀري زندگي چاهه جي،
هت رُڳو غيب جي ڪار! روئي ڏِنو.
سلسلو حوصلي سان هلو دل رکو،
داغِ دل جام هڪ وار! روئي ڏِنو.
ڳل ڳراٺي مٺا ڪم اهائي ٿي اچي،
ڳل ڳراٺي ڀري يار! روئي ڏِنو.
ٿي سخي ڪر سخا زر اها در سخي،
شوم جي هٿ ۾ ڍار! روئي ڏِنو.
هڪ نئين روح ابتدا، ڄڻ ٿئي،
روز ’اڪرم‘ ڌڻي نهار! روئي ڏِنو.
غزل
ڪاڪ جو ته محل آ سجايو سڄو،
رات جو ڏس ته مومل نڀايو سڄو.
پاڻ کي آ سجايو محل ڪاڪ ۾،
سُندري طلسمي تِل لڳايو سڄو.
اَلبيلا عشق جا ڪي نوان يار ڏس،
ڪاڪ جون ڳالهيون هُل هلايو سڄو.
بيک جا ڪي بيکاري ڪهي ڪاڪ ويا،
طاسَ مومل لڳي جڳ جَلايو سڄو.
رڻ گڏيا ڪاپڙي دز اُڏامي آيا،
سج پهر پونياري سج لٿائو سڄو.
ڪاڪ جي ناتري ٻانهي منتري،
جي فريبن محل ۾ مُنجهايو سڄو.
هڪ سياڻو ته راڻو ٻيو مينڌرو،
هو اچي ڪاڪ ٻري ڪوهيارو سڄو.
ڏس ته مومل ملي آ ته راڻل لهي،
ڪاڪ ’اڪرم‘ لُڊاڻي ته ڳايو سڄو.
عاجز ڇٽو
اڏيرو لعل اسٽيشن
غزل
سوالن ۾ اٽڪي جوابن ۾ الجهي،
پئي زندگي آ عذابن ۾ الجهي.
ڪڇي ڪونه ڪجهه ڀي لڇي دل هئي ڏاڍو،
وئي اڄ ته سانئڻ حجابن ۾ الجهي.
خطائن جي دلدل ڇڪيو دوزخن ڏي،
عبادت اسان جي ثوابن الجهي.
انهيءَ سحر ۾ ڏس ٻڏي ٿي تري ٿي،
نظر پنهنجي اهڙو نقابن ۾ الجهي.
پڙهڻ لاءِ ڪوئي نٿو ست ساري،
رني شاعري آ ڪتابن ۾ الجهي.
جڏهن پاڻ ويهي ڪيم ليکو ’عاجز‘،
حياتي سڄي آ حسابن ۾ الجهي.
غزل
پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏ،
يا ته رُسوا ئي ڪري ڇڏ.
چنڊ، چانڊوڪي چٽي ۾،
روشني ٿورو هري ڇڏ.
پنهنجي احساسن سندي تون،
مون ۾ خوشبو ڪا ڀري ڇڏ.
مرڪ مک تي رک سجائي،
درد پاڇي کان پري ڇڏ.
ڪڻڪ داڻان جيئن چڪي ۾،
ڏيل منهنجو ائينءَ ڏري ڇڏ.
خيال پنهنجا هاڻ ’عاجز‘،
دل جي ڌرتي ۾ ڌري ڇڏ.
دانيال رنگريز
ميرپوربٺورو
غزل
ڦول ٽڙيا وري کيت کِڙيا پرين،
آءُ تون به وري محب مِڙيا پرين.
نيڻ نيڻن مليا کيپ جاڳي پيا،
سونهن تنهنجي ڏِسي مست ٿيڙا پرين.
مست ڪينجهر هئي شام ٿڌڙي هُئي،
سَرد جُهوٽا لڳا پير ٿِڙيا پرين.
يار او همسفر درد منهنجا وٺا!
رات روئي ڏنو ڦول رَڙيا پرين.
ساٿ دانيال جو ياد تون ڀي ڪجان!
پِرت توسان هئي جيءَ جڙيا پرين. |