ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
مترجم: محمد اسلم پلي
عمرڪوٽ
اسلامي تهذيب جون اعليٰ تصنيفات
عالمي تمدن جي تاريخ ۾، اسلامي تمدن بنيادي طور تي
ايمان ۽ علم تي ٻڌل تهذيب رهي آهي. قرآني نزولَ
ايمان ۽ علم جي بنياد کي مضبوط ڪيو. هن مضمون ۾
علم جي ڳولا ۽ بهتر کان بهتر جي حاصلات ۽ پڻ
اسلامي سماج جي مخصوص خصوصيتن کي مختصر طور بيان
ڪجي ٿو.
مسلمان امت ۽ اسلامي تعليمات جي شروعات قرآن پاڪ
جي لفظ ’پڙهه‘! سان ٿئي ٿي، جنهن تعليم جي حصول کي
لازمي قرار ڏنو. قرآن پاڪ بذات خود علم جو هڪ
لازوال سرچشمو آهي، ۽ وحيءَ علم جي غير متنازع
برتري کي قائم ڪيو ۽ ايمان وارن کي حڪم مليو ته
اُهي وڌ کان وڌ علم حاصل ڪن. حضرت محمد ﷺ فرمايو
ته هر مرد ۽ عورت تي لازم آهي ته هو علم حاصل ڪن،
چاهي اهو چين ۾ به ڇو نه هجي، يعني ڪنهن به ملڪ،
استاد ۽ ٻولي ۾ دستياب هجي. اتي اِها به وضاحت ڪئي
وئي آهي ته انسانن جي سکيا لاءِ علم کي لکيو وڃي
ته ان ۾ واڌارو ٿئي ۽ انسان اڻڄاتل علم کان واقف
ٿي سگهي. ماڻهن لاءِ واضح ڪيو ويو ته اُهي علم
حاصل ڪرڻ لاءِ ڏسڻ ۽ سوچڻ سان گڏوگڏ غور ۽ فڪر ڪن.
ابتدا ۾ اسلام زندگي گذارڻ جو طريقو جيڪو قرآن ۾
پيش ڪيو ۽ حضرت محمد ﷺ ان ڪتاب يعني ’قرآن‘ جا
استاد بڻجي ويا. ان کان پوءِ علم جي اوليت ۽ ان جي
سکيا جي تصور کي پڻ واضح ڪيو ويو.
جيئن اسلامي سماج، تعليم جي طرف راغب ٿيو ته ننڍپڻ
(ٻارن) جي تعليم (تعليم الاطفال) کي مسلمان معلمن
جي نظر ۾ تعليم جو بنيادي مرحلو سمجهيو ويو. نتيجي
طور پهريون تعليمي ادارو ”يونيورسل پرائيمري
اسڪول“ قائم ٿيو. اهو پرائيمري اسڪول ڪنهن به ڇت
هيٺان هوندو هو، جيڪا ان وقت موجود هوندي هئي،
جيئن؛ مسجدون، استادن جا گهر، محلات، ڪتاب- گهر،
خيمه ۽ ريگستان جي کليل هوا پڻ شامل هئي. مشرقي
اسلامي دنيا ۾ هن کي مڪتب جي نالي سان ڄاتو ۽
سڃاتو ويندو هو ۽ ڏوراهون ڏور ملائشيا ۽ انڊونيشيا
۾ ’پنڊوڪ‘ معنيٰ ’ڪوٺي‘ چيو ويندو هو. تعليمي نظام
جي وڌيڪ ترقي سان 5 صدي ۾ مدرسن جو نظام وجود ۾
آيو، جن کي مسجدن جي ٻاهران ٺاهيو ويندو هو.
اڳتي وڌندي عالمن کان قرآن جي معنيٰ کي سمجهڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي، ۽ مختلف قرآني اڀياس (علوم القرآن)
سامهون آيا جيڪي سيوطي جي ڪم جا اهڃاڻ هيا.
قرآني مطالعي جي ڪري ٻين شعبن، جيئن سائنسي علمن
جي ترقي جو رستو هموار ٿيو.
حديث ۽ سنت جي مدد سان وحي الاحي (قرآن) کي سمجهيو
ويندو هو، ۽ ان جي ڪري حديثن جو تمام گهڻو مطالعو
به ڪيو ويندو هو. ان مطالعي سان آزاد سائنس ترقي
ڪئي ۽ جنهن ۾ خاص طور تي ابنِ صلاح جو ڪم حديث جي
سائنس جو تعارف آهي. ان سان گڏوگڏ ’امام الغزالي‘،
’احياءُ العلوم الدين‘ ۽ ’ڪيمياءِ سادات‘ ۾ ايمان
۽ علم ساڻ عقيدي ۽ عمل ۾ روحاني ۽ عقلي رويي جو
بيان ڪيو آهي.
قرآني نزول انسانن کي پڙهڻ، مشاهدو ڪرڻ، سوچڻ ۽
ٻيهر سوچڻ، جستجو ۽ تحقيق ڪرڻ ۽ وڌيڪ کان وڌيڪ علم
حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني، ته جيئن هو نه رڳو خالق جي
وجود جي حقيقت کي سمجهي سگهي پر خود پاڻ کي سڃاڻي
۽ پنهنجي فطرت کان آگاهه ٿي سگهي. مؤمنن مان وڌيڪ
بهتر ماڻهن قرآن جي سڏ تي لبيڪ چيو ۽ ان کي
سنجيدگي سان ورتو ۽ خدا جي تخليق کي وڌيڪ سمجهڻ ۽
سکڻ لاءِ انهن مشاهدو ڪرڻ، سوچڻ ۽ غور ڪرڻ شروع
ڪيو. انهن جي تحقيق علم جي دائري کي ايتري قدر
وڌايو جنهن جي تاريخ ۾ اڳ ڄاڻ نه هئي ۽ مختلف
تعليمي شاخن ۽ سائنس جي ترقي جو سبب بڻيا.
جيئن ته علم هر ممڪن ذريعن سان حاصل ڪرڻو هو ته ان
ڪري مسلمان محققن يوناني، هندستاني، ايراني ۽ چين
وارن کان ترجمي ذريعي علم حاصل ڪرڻ ۾ هر ممڪن ڪوشش
ڪئي. ٻي صدي هجريءَ جي پهرئين چوٿائي تائين،
مسلمان عالمن غير مسلم قومن جي ادبي روايتن کان
واقفيت حاصل ڪري ورتي هئي. علم جي اهميت تي قرآني
زور ۽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ مسلمانن کي نبي ڪريم ﷺ جي
حوصلا افزائي، علم جي حصول لاءِ اسلامي برادريءَ ۾
هڪ زنده مثال هيو. پوءِ پهرئين صدي هجريءَ ۾ ان
نظريي زور ورتو ۽ ٻي ٽي صدي عيسويءَ ۾ علم جي
حصوليت ۾ وسعت پيدا ٿي.
ان مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ 339هه ۾ فارابي اِهو
پهريون شخص هو، جنهن علم جي معلوم مقدار
(Quantum of Knowledge)
کي ترتيب ڏيڻ لاءِ احساءَ العلوم(Ihsa’al-Ulum)
لکيو. هن جي لکڻي جو انداز فلسفياڻو هو. فلسفي جي
بنياد تي مختلف سائنس جي تشريح ۽ درجه بندي کي
خوارزمي 365هه ۾ پنهنجي ڪتاب ’مفتاح العلوم‘ ۽
سندس رسالي
‘Brethren of Purity’
سان گڏوگڏ ابن سينا 428هه ۾ انسائيڪلوپيڊڪ الشفاءِ
(Encyclopedic Al-Shifa)
۽ پنهنجي اهم معاهدن
(Categories of Rational Science)
”اقسام العلوم العقليـﮧ“ ۾ هن تصور کي پيش ڪيو
آهي. انهن سڀني علمبردارن جو عام طريقو اهو هو ته
علم کي سهيڙيو وڃي ۽ سڀني ماپن ۾ شامل ڪيو وڃي.
خوارزمي سائنس يا علمن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ۽ ان
جو بنيادي مقصد مختلف علمن جو مفهوم ۽ اصطلاحن /
اصلاحن کي واضح ڪرڻ هو. 377هه ۾ ال نديم جڏهن
الفهرست
(Catalogue)
کي مرتب ڪيو ته
Bibliography
کي درجه بندي جي مفهوم ۾ خاص اهميت حاصل ٿي. ان
سان گڏوگڏ ڪجهه مصنفن علم جي هر دائري يا رُخ کي
بيان ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ڪمن ۾ مخصوص مضمونن ۽ سائنس
تي بحث ۽ وضاحت ڪرڻ کي ترجيح ڏني.
مثال طور، فخرالدين الرازي ’حدائق الانوار في
حقائق الاسرار‘ ۾ سٺ، جڏهن ته الدواني ’انمدهج‘
(Unmudhij)
۾ ڏهن ۽ ال سيوطي ’ال نڪايـﮧ‘(al-Niqaya)
۾ چوڏهن مضمونن / سائنسن / شعبن جو ذڪر ڪيو آهي.
انهن ڪمن ۾، بنيادي طور تي ڪنهن لاڳاپيل
(Bibliographical)
معلومات شامل ڪرڻ بدران هر سائنس جي عام پيشڪش ڪئي
وئي هئي. ان کان پوءِ چار سؤ ڪتابن جا حوالا ڏئي،
محمد ابراهيم الاڪفاني 749هه / 1348ع پنهنجي ڪم
’ارشاد القاصد في اقصيٰ المقاصد‘(Irshad
al-Qasid fi Aqasa al Magasid)
کي ترتيب ڏنو، جنهن ۾ هن علم
تعليم ۽ علم جي عام تعارف کان پوءِ سٺ شعبن /
سائنسن تي تجزيو ڪيو. تنهن کان پوءِ ’مقدمه‘ جي
ڇهين باب ۾ ’ابن خلدون‘ سائنس کي ٻن مکيه ڀاڱن ۾
ورهايو آهي، هڪ ته اهو آهي جنهن کي فطري علم چئبو،
جيڪو انساني فڪر جي سنئين سڌي پيداوار آهي، هن جو
تعلق ڪنهن خاص فرد سان ناهي هوندو پر ٻئي جو تعلق
اسلامي جماعت سان آهي. اصل ۾ ’ابن خلدون‘ جي سائنس
جي درجه بندي خوارزمي جي ڪم سان ملندڙ جلندڙ آهي،
پر عام فهم ۾ هن جيڪو شعبن کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو
آهي، تنهن ۾ هي تمام گهڻو پختو آهي. اهڙي ريت
فارابيءَ جي ڪتاب ’احساءُ العلوم‘ شروع ٿيندي علمن
کي مختلف اندازن ۽ مقصدن سان بيان ڪيو ويو ۽ پڻ ان
جي درجه بندي ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب منظر تي آندا
ويا. جڏهن ته اهو، درجه بندي وارو ڪم تاشڪوپرزاده
جي ڪتاب ’مفتاح السعاده‘ ۾ پنهنجي عروج تي پهتو،
جنهن ۾ هن مکيه ۽ اهم طريقن جي بهترين ۽ اعليٰ
ترڪيب پيش ڪئي. اهڙيءَ ريت فارابي سندس تعارف ۽
متعارف ڪرايل درجه بندي جي اسڪيم کي هيٺ ڏنل اصولن
۽ تصورن کي منطقي شڪل ۾ بڻايو، ۽ پوءِ علم کي
(Encyclopedic)
طول و عرض ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جي مضمونن ۽
سائنس ۾ عام پيشڪش يا نظريو نه آهي پر مختلف ليکڪن
۽ انهن جي ڪتابن جي باري ۾
(Bibliography)
معلومات جو مجموعو آهي، جتي منگولن جي هٿان بغداد
جي اعصابي مرڪز کي تباهه ڪيو ويو اتي وري
تاشڪوپرزادي جي ڪم جون خوبيون جن اسلامي تمدن جي
ذهني ورثي کي محفوظ ڪرڻ ۾ اعليٰ ڪردار ادا ڪيو. ان
۾ وري عثماني دؤر جا حاصلات به شامل آهن ۽ پوءِ
وري سندس ڪم علم جي درجه بندي تي تمام گهڻو
اثرائتو ثابت ٿيو. حاجي خليجي ’انسائيڪلوپيڊڪ ڪشف
الزنون‘ کي بنيادي طور تي انهن ئي اصولن تي
بيهاريو. تاشڪوپرزادي علم جي درجه بندي وارو عمل،
پختگي واري مرحلي تي پهتو، جنهن کي هن ’علم تقسيم
العلوم‘ جو نالو ڏنو، وڌيڪ ان جي وضاحت ڪبي ته ان
جو مطلب ٿيندو ته ’علم جي منظم درجه بندي جي
سائنس‘؛ جيڪا مشاهدي جي نظر مان گذري هجي.
پاڪستان هجرا ڪائونسل پاران 1984ع ۾ هڪ منصوبي جي
منظوري ڏني وئي ته جيئن مسلمان بزرگن، عالمن ۽
سائنسدان جي علمي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو وڃي. جن
علم جي راهه ۾ ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ ۾ بي مثال
ڪارنامه سرانجام ڏنا. ان منصوبي تحت علم جي مختلف
شعبن مان هڪ سؤ اهم اسلامي ڪتاب چونڊيا ويا ۽ انهن
کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو ته جيئن ان علم کان
ماڻهو واقف ٿي سگهن ۽ ان ۾ وسعت پيدا ٿئي. ڪائونسل
جي منظوري ملڻ کان پهرين مون کي ڪتابن جي سڃاڻپ
واري زميواري سونپي وئي. ان مهم ۾ لاڳاپيل ماخذ
مواد جو پڙهڻ خاص طور تي
(text)
۽ ان جي تشريح ٿيل
(Edition)
۽ عام حوالن جو ڪم پڻ شامل هو. اِهو هڪ محنت وارو
ڪم هيو، جنهن دوران مون تقريباً 76 عنوانن تي
مختصر نوٽس کنيا جن کي هاڻي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو
ويو آهي. اميد آهي ته اهي ضرور عام پڙهندڙن لاءِ
ڪارآمد ثابت ٿيندا.
جيتوڻيڪ هن ڪتاب
‘Great books of Islamic Civilization’
۾ مختلف ڪتابن جا حوالا ڏنا ويا آهن، پر ان ۾ ڪو
منفرد انتخاب ناهي ڪيو ويو. انهيءَ پيشڪش جو مقصد
هر ڪتاب ۽ ان جي مصنف بابت مڪمل معلومات فراهم ڪرڻ
ناهي ۽ نه ئي ڪا نئين معلومات ڏيڻ آهي، پر صرف هر
ڪتاب ۽ ليکڪ جو مختصر تعارف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي
آهي، حاشيه ۽ حوالا به شامل ڪرڻ کان پرهيز ڪئي وئي
آهي، گڏوگڏ هر حساب کان پڙهڻ جي لائق بنايو ويو
آهي. ان سان شامل مصنف جو پورو نالو، سندس جنم، ۽
وفات جا سال يا جنهن دؤر ۾ هن ترقي ڪئي، ان جو
تعليمي پس منظر ۽ پيشه ورانه ڪم کي نوٽ ڪرڻ جي به
ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪتاب جي تصنيف جي نقطه
نظر کي بهتر انداز ۾ ڏسي سگهجي. ان وضاحت کي ضروري
تفصيلن تائين محدود ڪيو ويو آهي. جتي اصل بيانن
(Statements)
۽ راين
(Opinions)
جو حوالو ڏنو ويو آهي ۽ انهن جو مقصد
(Purport)
۽ مادو
(Substance)
مهيا ڪيو ويو آهي ۽ اهڙن اظهارن کي
(Single and double inverted commas)
۾ رکيو ويو آهي.
اهو به واضح ڪرڻ ضروري آهي ته هيءُڪم نه ته تحقيق
تي مبني آهي ۽ نه ئي ڪي
(commo and Colon)
ڪاما ۽ ڪالون ڪنهن ڪتابي شڪل و صورت وانگر ڏنل
آهن. اصل مقصد اهو آهي ته پڙهندڙن کي ليکڪ ۽ ڪتاب
کان متعارف ڪرايو وڃي. ان مقصد لاءِ ان کي گڏ ڪيو
ويو ۽ پڙهڻ جي قابل بڻايو ويو. جيترو ممڪن ٿي
سگهيو آهي، ته مطلوبه معلومات اصلي نسخن مان يا
وري ان جي ترجمي مان ۽ پڻ ثانوي ذريعن
(Secondary Sources)
۽ حوالن جي ڪم مان ورتي ويئي آهي.
جڏهن ماضي سان انهن ڪتابن جو معاصرو ڪيو وڃي ٿو ته
اِهي پنهنجي اصليت ۽ خاصيت ۾وقت جي فريم ۾ ٺهڪيو
اچو بيهن. هن 20 صدي جي آخري چوٿائي ۾ جيڪا شيءَ
اڻواقف ۽ عام لڳي ٿي، اِها مڪمل طور تي اصل شڪل ۾
موجود هئي، جنهن انساني علم ۾ وڏي اڳڀرائي ڪئي.
اها ڳالهه نوجوانن ۽ دانشورن جي جذبي کي وڌائڻ
لاءِ ڪافي آهي ته اسلامي فڪر، ثقافت ۽ تهذيب جا
عظيم ڪتاب جن جو جزوي طور تي هن اشاعت ۾ احاطو ڪيو
ويو آهي، انهن ۾ ابتدائي محققن، عالمن ۽ سائنسدانن
جي ڪاميابين جو رڪارڊ موجود آهي.
آئون انهن سڀني نامور ليکڪن جو ٿورائتو آهيان جن
جي ڪم مون کي هن قابل بنايو ته آئون هن ڪتاب جي
ڇاپي تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ويس. مختلف ادارن کان مدد
ملي، خاص طور تي ’سليماني پبلڪ لائبريري استنبول‘،
’زهريه لائبريري دمشق‘، ’شاهي محل لائبريري رباط‘
طرفان مليل مدد جو شڪرگذار آهيان. ان سان گڏوگڏ
پاڪستان جي نامور ڪاتب ’سيد نفيس راقم‘ جو به
ٿورائتو آهيان جن هن ڪتاب جي ٽائيٽل جي ڪاليگراف
ڪئي، ۽ پڻ پاڪستان هجرا ڪائونسل جي جناب ’محمد
اسرار الرحمان‘ جو جنهن جي ڀرپور نگراني ۾ ڇپائيءَ
جو ڪم مڪمل ڪيو ويو.
لاکا عبدالرزاق الديبلي (ڏيپلو)
(قسط
ٻين)
مترجم: ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘
عمرڪوٽ
ڏيپلو- ديبل
اسڪائيليڪس جي مهم مان اسان کي انڊس ساگا جي
جاگرافي متعلق ابتدائي معلومات ملي ٿي. ڇهين صدي
عيسوي ۾ مشهور هندو- ڌرمي تصنيف
”بريهت سمهيتا“ ۾ سوويئر ديس کي ڀارت ورش جي مرڪزي
علائقي کان اُتر- اولهه کان ۽ اولهه ۾ ڏکڻ- اوڀر
جا علائقا انهن جو حصو ٻڌايا ويا آهن. ساڳئي ڪتاب
جو مصنف ورهميرا ’گنگا- جمنا‘ جي سنگم کي ڀارت ورش
جو مرڪزي علائقو سمجهي ٿو، جنهن موجب سوويئر ديس
جي علاقائي جاگرافي ۾ مغربي دريائي نظام جون
واديون ڪُرنُواس جي اهم علائقي سميت شامل هيون.
ڪُرُنواس ويدي رياست ڪُرُکيتر جو مذهبي انتظامي
دارالخلافت هو، 1952ع ۾ ڀارت جي آثارِ قديمه جي
اداري هريانه جي پراڻي ماڳ، ’هستناپور‘
جي کنڊرات کي ’ڪرونواس‘ جي باقيات قرار ڏنو آهي.
هيءُ علائقو درياهه سنڌ جي تهذيبن جي ايڪائي جي
ماتحت ندين راوي، ستلج بياس ۽ هاڪڙي (سرسوتي) جي
وچ وارو مذهبي عقيدي ۽ رُتبي جي پويتر جاءِ هئي،
جنهن کي ’پنجند‘ چئبو هو ۽ اڄ به ساڳي نالي سان
پڪارجي ٿي.
مذهبي تقدس جي ڪري ڏکڻ ايشيا المعروف ڪُرُکيتر ۾
ان جي (ڪُرُنواس) حيثيت معتبر ۽ ممتاز هئي ۽ اڄ ان
جاءِ تي ملتان قائم آهي. محترم ايم.ايڇ.پنهور صاحب
(سنڌ جي ڇهه هزار ساله آبڪاري تاريخ) موجب ڇهين
صدي قبل مسيح ۾ ويدي رياست جا ٺوس ثبوت موجود آهن،
جيڪا پنهنجي بختاور بادشاهه ’ڪُرُ‘ جي نالي سان
’ڪُرُکيتر‘ مشهور هئي. هندو ڌرمي تصنيف ’بريمهت
سمهيتا‘ ۽ يونانين جي جاگرافيائي نقطئه نظر کي ڏکڻ
ايشيائي درياهي تهذيبن جي نظام جي شاهدين کي
ملائبو ته پورو علائقو
’انڊس ساگا‘ جو حصو نظر ايندو.
ڪُرُکيتر جي دريائي تهذيب ۾ سنڌوءَ کي مرڪزي حيثيت
حاصل هئي ۽ ان کي مهمان جيون ديوتا سمجهيو ويندو
هو ۽ باقي ندين کي ان جون داسيون سمجهيو ٿي ويو.
اهو سبب هو جو مشرق جا رهواسي پنهنجي هنن مغربي
’سوويئر‘ ماڻهن جي اطاعت پنهنجي لاءِ عبادت
سمجهندا هئا، ۽ انهن جي حيثيت هڪ مهاتما (پاڪ روح)
وانگيان سمجهندا هئا. ڪُرُکيتر جي بادشاهي گهراڻي
جي پهرين نسلي شاخ ’ملي‘ قبيلن جي هٿ ۾ هئي ۽
’ملتان‘ انهن
’ملي‘ قبيلن جي نالي جي جاگرافيائي شناخت آهي.
يونانين سنڌو درياهه کي رِور انڊس
(River Indus)
جو نالو ڏنو جنهن جي معنيٰ آهي
’مرڪزي دريا.‘ سنڌو، مذڪوره درياهي نظام ۾ مرڪز
ثقل جي حيثيت رکندو هو. انهيءَ نسبت سان درياههِ
سنڌ جي سڀني هيٺاهن علائقن کي ’انڊيا‘ چيو ويو
جيڪي انڊس لاءِ هڪ مستند حوالو آهن.
جنهن علائقي کي عام طرح هند چيو ويو آهي، اهو
يونانين وٽ متحده تهذيبن جو علائقو انڊيا آهي.
جنهن جي وراثت جا امين سنڌو سوويئر آهن، هيروڊوٽس
موجب ’هخمانشي‘ ڪياني شهنشاهه دارا اول
(15-519ق.م) هن علائقي (انڊيا) کي پنهنجو ويهون
صوبو ٺاهيو. هيءُ واقعو اروڙ جي فتح سان روايت ڪيل
آهي، هيروڊوٽس موجب انڊيا (هند) مان سندس مراد
موجوده سنڌ علائقو آهي، اهو متحده تهذيب جو علائقو
جنهن جا وارث انڊس ساگا المعروف سوويئر ديس وارا
آهن.
ڇهين صدي قبل مسيح جي شروعاتي ڏهائين ۾ پانڊو
برهمڻ بغاوت سبب ڪُرُکيتر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.
اوڀر ۾ باغي ثقافت ڀارت ورش جي نالي سان وجود ۾
آئي ۽ اولهه ۾ سنڌ ورش بمعنيٰ سوويئر ديس جي نالي
سان قائم رهيو.
’پانڊو برهمڻ اتحاد‘ ويدن جي ڌرمي عقيدن ۾ ٽوڙ-
مروڙ ڪري اوتار جي غير ويدي عقيدي ۽ پرميشور جي
بتن جو رواج آندو.
انهيءَ نئين روايت جا باني برهمڻ هئا جن جي
باغيانه ڪوشش ساننئين شراڪتداري واري ڌرمي ثقافت
جنم ورتو، جنهن جو مرڪز ڀارت ورش ٿيو، ٽين صديءَ
عيسوي ۾ هن ڌرم هندو ڌرم جو ثقافتي نالو اختيار
ڪيو، هيءُ وقت راءِ ۽ سيتا جي دور سان منسلڪ آهي،
باغي ڌرمي ثقافت بهارت ورش ڪُرُکيتر واري جنگ جو
ڌرمي لڙائي مهاڀارت وارو مذهبي نالو ڏسي پاڻ کي
ويدن جي تعليم ۽ ڪُرُکيتر ويدي تهذيب و ثقافت کان
پاڻ کي الڳ ڪيو.
سنڌو اتهاس ۾ ڪُرُکيتر جنگ کي بغاوت جي نالي سان
ياد ڪيو وڃي ٿو، هن جنگ جي ماحول کي اگر اسين
1947ع واري تقسيم هند جي حالات ۾ مطالعو ڪريون ته
ٻنهي جو پسمنظر ساڳيو نظر ايندو. اُهو دور ٻه-
قومي نظريي جي بنياد تي تقسيم جو پهريون دور محسوس
ٿيندو، ان بعد اندازاً اڍائي هزار سالن بعد 1947ع
۾ ٿيل تقسيم سنڌ ان جو ٻيو مثال آهي. انهن ٻنهي
تقسيمن جي وچ ۾ مسلمانن جو دور اچي ٿو جنهن ۾
جنوبي ايشيا کي مسلمانن متحد ڪري هندستان جو نالو
ڏنو. جنهن سان عظيم ڪُرُکيتر ويدي تهذيب جون يادون
تازه ٿين ٿيون.
هن بحث مان هڪ ٻيو به نتيجو نڪري ٿو ته ڏکڻ ايشيا
۾ ڪُرُکيتر جا امانتدار ملي نسل وارا هئا، جن جو
تعلق پهريائين ويدن ۽ پوءِ ويدن جي ٺوس شڪل ٻڌ سان
هو، ان بعد اها ارتقا اسلامي تهذيب ۾ منتقل ٿي ۽
متحده هندستان جو ڏکڻ ايشيا جي نقشي تي وجود
برقرار رهيو ۽ 1947ع ۾ اهو وجود ٻيهر ٻه قومي
نظريه تحت تقسيم ٿيو. دراصل مسلم ثقافت ئي
ڪُرُکيتر جي تاريخي عظمت کي هڪ متحده رياست ۾ رکيو
بعد ۾ ٻيهر تقسيم ٿيل ٻن حصن ڀارت ورش ۽ سنڌ ورش
(ٻوڌي رياست) کي مسلمانن هڪ متحد هندستان جي شڪل ۾
آندو. اهڙي طرح ويدي ثقافت توحيد جي عقيدي جي
امانتدار ٿي. اکنڊ هند جو نعرو به سنگ پريوار
بجاءِ پهريائين ويدي ۽ بعد ۾ مسلم تهذيب ۾ مدغم
ٿيڻ وارن جي روايت نظر اچي ٿو. لهٰذا سنگ پريوار
يعني بت پرستن جو نعرو ’اکنڊ ڀارت‘ هڪ کوکلو ۽ غير
وجودي نعرو آهي جيڪو دراصل علامه اقبال جي تراني ”سارے
جہان سے اچھا ہندستان ہمارا“
کي رد ڪرڻ لاءِ ايجاد ڪيو ويو. علامه اقبال جو
هيءُ نظم هڪ تمام اعليٰ فڪر طرف اشارو آهي، فڪر
اقبال جي درست تدوين هئڻ گهرجي ۽ ٻه قومي نظريي ۽
قيام مسلم هند (پاڪستان) کي انهيءَ تناظر ۾ ڏسڻ
گهرجي. هنن مختصر حقائق مان اها ڳالهه ثابت ٿي وڃي
ته سوويئر ديس ئي برصغير جو ثقافتي ورثو آهي. ان
ورثي جي موجوده شڪل پاڪستان آهي. پاڪستان ۽ ڀارت ۾
ثقافتي ۽ نظرياتي محاذ آرائي جو تعلق پڻ بيان ڪيل
پسمنظر سان آهي.
ڪُرُکيتر جي تقسيم کان پوءِ جنوبي ايشيا ۾ ٻه ديسن
جي تهذيب جو دور شروع ٿيو، قديم ويدي ثقافت، ٻڌ جي
تعليم سان گڏ سنڌو ورش جي نالي سان هڪ نئين ابتدا
ٿي. ويدي سورما هيٺاهين علائقن ڏانهن منتقل ٿيا ۽
اروڙ (موجوده سکر ۽ روهڙي جي وادي) هن ثقافت جو
نئون دارالخلافه ٺهيو. هيءُ ثقافت ٻڌن جي آشريواد
سان ويدن جي قديم عقيدن جي امين ثابت ٿي. اروڙ سڀ
کان پهريائين ٻڌمت جي مقدس ڪتاب اقوال ٻڌ (مهاتما
گوتم ٻڌ جا گفتا) ۾ روايت ڪيل آهي، اها روايت هڪ
اهم دليل آهي ته نئين تهذيب جي شروعات ٻڌمت جي
ثقافت سان ٿي ۽ ڏاکڻي وادي (موجوده صوبه سنڌ) هن
تهذيب جو اهم مظهر آهي.
مهاتما گوتم ٻڌ جو جنم 560 ق.م کان 500 ق.م تائين
جي وچ واري عرصي ۾ ٿيو. هو ڪپل وستوءَ جو شهزادو
هو. هُن 30 سالن جي عمر ۾ چلا ڪڍيا ۽ جهنگ ۾
تپسيائون ڪيون ۽ چاليهن سالن جي ڄمار ۾ باقاعده
مبلغ طور سامهون آيو. هيءَ زمانو ڪُرُکيتر جي
تقسيم ۽ مهاڀارت جي بغاوت جو دور هو.
اسان کي موجوده تاريخ جي انهيءَ روايت تي غور ڪرڻ
گهرجي، جنهن موجب موئن جي دڙي کي سنڌ جي پنج هزار
سال پراڻي تاريخ جو امين سمجهون ٿا، تهذيب جي
شناخت مذهبي مرڪزن ۽ انهن جي نشانن سان ٿيندي آهي،
ٻڌمت جي ڌرمي ثقافت ۾ اسٽوپا جي خاص اهميت آهي ۽
اسان وٽ هن وقت به موئن جي دڙو سميت لڳ ڀڳ 12 کن
اسٽوپا موجود آهن، جناب ايم.ايڇ پنهور جي روايت
موجب، غازي محمد بن قاسم جي سنڌ ۾ اچڻ وقت موئن جو
دڙو موجود هو. انهيءَ ڳالهه جي تصديق 640ع ۾ چيني
ڀڪشو جي ياترا ۽ غازي جي موج (موئن جو دڙو) جي
ڀڪشوئن سان ملاقات ۽ قبول اسلام آهي، جنهن کان
پوءِ سنڌ جا اڪثر قلعا بغير جنگ جي فتح ٿيا، ٻئي
واقعا اسان جو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن ڇڪائين ٿا ته
موئن جو دڙو کي گهڻو آڳاٽو يا بحث ۾ آيل دور کان
قديم منسوب ڪرڻ غير مناسب آهي، موئن جو دڙو جي
باقيات جي بنياد تي پنج هزار سال پراڻي تهذيب
سمجهڻ حقيقتن جي برعڪس آهي. تجزياتي روايتن موجب
سنڌ ۾ نجي تهذيب جي شروعات ٻڌمت جي ابتدا ساڻ هئي
۽ ان جو پهريون نشان اروڙ هو.
سوويئر ثقافت ٻڌ جي پنجن اهم تهذيبي مرڪزن جو ڳڙهه
هئي. ثقافتي زنجير جي ابتدا جي ’ٽڪلا مڪان‘
(صحراءِ گوبي جو قديم نالو) جي وادي تبت کان ٿئي
ٿي، جنهن جي ساڄي هٿ تي بلتستان زابلستان ۽ گنڌارا
۽ کاٻي هٿ تي لداخ ۽ ٽيڪسلا (ٽڪاسيلا) موجود هئا.
زنجير جي ٻنهي مُنهن جو ميلاپ ۽ اختتام ’موج‘ ۾
ٿيو ٿي ۽ تاريخ ۾ اهو به طئه آهي ته موج ئي موئن
جو دڙو آهي. جيڪو گاديءَ جي هنڌ اروڙ جي واديءَ ۾
ٻڌ ثقافتي زنجير جو اختتامي ۽ وڏو تيرٿ آستان هو،
جتي اختتامي عبادتون ٿينديون هيون ۽ ٻوڌي زنجير،
سوويئر ديس جي جاگرافيائي حدن جي نشاندهي به ڪندو
هو، مذڪوره حقيقتون انهيءَ راءِ کي تقويت ڏين ٿيون
ته سنڌ جي نجي تهذيب ٻڌمت جي ابتدا سان منسوب آهي
۽ موئن جو دڙو جي دور کي پنج هزار سال قبل تائين
سمجهڻ ڄڻ ناقابلِ يقين ڳالهه پئي لڳي.
ڇهين صدي قبل مسيح جي مُني حصي يعني 529 ق.م ۾
نئين قيام پذير سوويئر ثقافت جيڪا اڃان غير مستحڪم
هئي ته ان کي هڪ وڏو جهٽڪو آيو. ايران جي طاقتور
ڪياني شهنشاهت جي حڪمران ڪمبائيسس هيٺاهين وادي
(ڏکڻ سنڌ) تي قبضو ڪري ورتو. 516 ق.م ڪمبائيسس جي
جانشين وارا اول
(Darious Hysfasip)
اروڙ تائين اروڙ تائين قبضو ڪري، ان کي ايران جو
ويهون صوبو ٺاهي، هن نئين ثقافتي رياست جي
خودمختياري کي ختم ڪري چُڪي هئي.
سڪندراعظم جي اچڻ سان سنڌ تان اڍائي سو سالن جي
ايراني غاصبانه دور جو خاتمو ٿيو. سڪندر ايران جو
وڏو دشمن هو. هن 331 ق.م ۾ ايران کي نينوا جي
ڀرسان گوگان ميلان ۾ شڪست ڏئي ڪيانين جي سلطنت جي
خاتمي جو بنياد رکيو، هو ايرانين جي پٺيان ڌوڪيندو
وسطي ايشيا ۾ پهچي ويو. بالآخر سڪندر 326 ق.م ۾
جبل هندوڪش پار ڪري سنڌ ۾ اچي پهتو.
سوويئر ديس ان وقت ڪيانين لاءِ آخري پناهه گاهه هو
۽ ايران جو ويهون صوبو پڻ هو، 326 ق.م ۾ سڪندر ڪوه
هندو ڪش وٽان پنهنجي آڙماڙ سميت ٽڪاسيلا (ٽئڪسيلا)
پهتو. اها برسات جي مُند هئي، جنهنڪري زبردست
برساتن کيس ٽي مهينا اُتي قيام ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽
اهوئي وقت سڪندر جي مُهم لاءِ مددگار ثابت ٿيو.
سڪندر سنڌ جي موسمن ۽ جاگرافي متعلق خوب ڄاڻ حاصل
ڪئي. ساڳي وقت موريا خاندان جو باني چندر گپت
موريا سنسڪرتي علمن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي
مشير چانڪيا ڪوٽليا سان گڏ ٽڪاسيلا جي گرو پاٺشالا
(وڏي مدرسي) ۾ ترسيل هو، موريا خاندان جي شهزادي
جي سڪندر سان ملاقات ٿي. چندر گپت ئي سوويئر جي
بادشاهه پورس سان سڪندر جو ٺاهه ڪرايو ۽ ايرانين
خلاف اتحاد قائم ڪرايو. سڪندر جنگ کانسواءِ ئي
اروڙ پهتو. اروڙ بحيثيت دارالخلافه ۽ سندس اروڙ جو
قلعو ٻئي پسند آيا. سڪندر هن اتحاد جو فائدو وٺي،
هڪ فوجي جٿو، سنڌ جي سپاهين جي مدد سميت ’بولان
لڪ‘ کان ’حيراتان‘ موڪليو جيڪو فاتح جي حيثيت سان
واپس آيو ۽ ٻيو جٿو سندس ئي قيادت ۾ آگزيڪانس جي
علائقي ڏانهن روانو ڪيو. ڪئنٽس ڪريٽئس هن علائقي
جو تعارف لکندي ان کي پورٽيڪاس لکيو آهي، ٽالمي هن
علائقي ڏانهن سنڌوءَ جي شاخ اربيس جو ذڪر ڪري ٿو.
ٽالمي جي لکت ۽ نشاندهي موجب هيءَ اربيس (اڙل ندي)
۽ منڇر جي وچ وارو جزيره نما علائقو آهي. هيءُ
علائقو بابل ۽ نينوا کان پوءِ فارسين لاءِ محفوظ
علائقو هو ۽ سڪندر جي خوف کان شاهي خاندان جا
ڪيترائي افراد هتي پناهه گزين هئا. سڪندر سندن
گهيرو تنگ ڪري انهن کي منطقي انجام تي پهچايو ۽
سنڌ کي ڪيانين کان نجات ڏياري.
سڪندر سنڌ کي ايراني نجات ڏيارڻ سان گڏ، سوويئرن
کي مڪمل آزادي ڏيئي، حيراتان، پارسي جزيره (اڙل ۽
سنڌوءَ جي درميان) ۽ مڪران تائين وسعت ڏيئي، پاتل
(پاتال) ۾ ٻه وڏيون فوجي ڇانوڻيون ٺاهي، ديپ ۽
بادبان ۾ بندرگاهه تعمير ڪري سوويئرن کي تحفي طور
ڏيئي، بابل واپس روانو ٿي ويو.
سڪندر کان پوءِ چندر گپت موريا، راجا پورس کي ٺڳي
سان هڪ ماتحت گورنر جي هٿان مارائي ڇڏيو ۽ تقريباً
ڏيڍ صديءَ تائين سنڌ وري به غلامي جو طوق ڳچيءَ ۾
وجهي جيئندي رهي. هتي اگر سنگ پريوار جي اکهنڊ
ڀارت واري روايت (ڀارتيه جنتا پارٽي) کي ڏسون ته
موريا خاندان جو بهارت ورش سان ڪو تعلق ڪونهي،
بلڪه موريا خاندان جو تعلق ته ٻڌمت سان آهي.
موريا خاندان جي حڪومت جي خلاف سڀ کان پهريائين
187 ق.م ۾ سوويئرن جي ٽئين نسل جو شهسوار باختري
يوناني بلخ بخاره کان اچي سنڌ ۾ داخل ٿيا. موريا
خاندان جي خلاف هو شديد طاقت جو مظاهرو ڪري ڊيلٽا
کانسواءِ سڄي وادي تي ڇانئجي ويا. 70 ق.م ۾ سٿيا
کان سٿين جي آمد شروع ٿي، سٿيا سڪندر ۽ سوويئرن
سان گڏ ايرانين سان وڙهيا هئا. وڏا جنگجو ۽ بهادر
هئا. هنن موريا فوج کي مُگده تائين محدود ڪري
ڇڏيو. موريا رياست، ڀارت ورش ۾ مگدهه جي نالي سان
مشهور هئي. موريا خاندان جو تعلق ٻڌمت سان هو.
انهن کي به ڀارت جي نالي سان ائين نفرت هئي جيئن
سوويئرن کي هئي. سن 46ع ۾ پارٿيا کان پهلو پارٿي
پڻ ڏکڻ وادي ۾ داخل ٿيا مگر سٿين جي جوابي ڪاروائي
سبب وچ پنجاب کان اروڙ تائين محدود ٿي ويا. جڏهن
هندوڪش کان ’ڪشان‘ آيا ته ڪجهه اُهي به پارٿين سان
ڪشمڪش ۾ رهيا ۽ وقت پوءِ پيشائيچيا (پشاور) ۽
شمالي پنجاب تائين قبضو ڄمائي ويهي رهيا. هن کان
مٿي چترمان (چترال)، ڪابلستان ۽ زابلستان تائين
سڄو ملڪ باختري يونانين جي قبضي ۾ رهيو. ڪشانن
پنهنجو دارالخلافت گنڌرا (سوات) کان پشاور منتقل
ڪيو.
تاريخي تحريرن ۾ سن 287ع تائين هي سوويئر نسل جا
هي ٽين دور جا چارئي قبائلي گروهه مضبوطي سان
واديءَ سنڌ جي مختلف علائقن تي حڪمران بنجي ويٺا.
سڪندراعظم کان پوءِ هنن پنجن صدين ۾ سوويئر تهذيب
سياسي، معاشي، دفاعي ۽ ڌرمي ثقافت ۾ تمام راسخ ۽
مضبوط ٿي چڪي هئي. هنر ۽ ڪاريگرين جو دور شروع چڪو
هو. گجرات جي ’باريگاز‘ بندرگاهه سميت ٽن وڏن
جزيرن تي هنن جي هاڪ ۽ ڌاڪ هئي. اهڙي طرح ٻنهي
طرفن جي بيروني واپار جي واڳ هنن جي هٿن ۾ هئي، ان
وقت نه صرف صنعت ۽ تجارت ۾ ترقي ٿي هئي پر ڪپهه جي
پيداوار پڻ وڌي ۽ سوٽي ڪپڙي ۽ شربتي ململ جي صنعت
۽ واپار ۾ وڏو انقلاب پيدا ٿي چڪو هو ۽ عربستان
سان گڏ يونان تائين هنن جنسن جي تقاضا وڌيڪ ٿيڻ
لڳي. ايم.ايڇ پنهور صاحب جي اها ڳالهه مڃڻ ۾ ڏکي
نه آهي ته سنڌ ۾ پڪي تعميرات ٽين ۽ چوٿين صدي
عيسويءَ ۾ شروع ٿي آهي. موئن جو دڙو خواهه ننگر
پارڪر جون پراسرار تعميرات جن تي چيرولي پلستر ۽
گلڪاري جا نمونا هن ئي دور جا جي تعميرات جا مظهر
آهن.
سنڌ ۾ مضبوط ثقافت ۽ طاقتور نسلي تشڪيل جاساز و
سامان هن دور سان ئي لاڳاپيل آهن.
287 ق.م ۾ ايران جي ساسانين ٻيهر سنڌ تي غلبو حاصل
ڪيو، مگر 70 سالن جي قليل عرصي ۾ سٿين تبت جي ٻن
منگول قبيلن يوئيچي ۽ هون جي مدد سان ساسانين کي
واپس ڌِڪي ڇڏيو. هن ئي وقت کان سنڌ ۾ مشترڪ
خاندانن جي حڪمراني جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. هن
ترتيب جو پهريون خاندان واهليڪا جي نالي سان مشهور
ٿيو. هن خاندان جي قيادت سٿين جي هٿ ۾ هئي. هن
مضبوط اتحاد جي پريشاني ۾ ايران جي حيراتان ۽
زابلستان جي وادين ڏانهن ڇيڙڇاڙ شروع ٿي، جنهنڪري
سڀ سوويئر قبائل پاڻ ۾ اتحاد تي مجبور ٿي ويا، هي
سڀ قبيلا جيڪي مختلف علائقن جا حڪمران هئا، اهي ٻڌ
ڌرم جا سچا پيروڪار هئا. هنن سڀني گڏجي 500ع ۾
راءِ خاندان جو بنياد رکيو. جنوبي ايشيا جو هيءُ
پهريون خاندان هو جنهن راجائن جي نسبت سان
’راجپوت‘ جي ڪنيت اختيار ڪئي.
هيون سانگ (منگوليا جو هئو) پنهنجي مذهبي تصنيف ۾
لکيو آهي ته هي قبيلا باختري يوناني، سٿي، پارٿي،
ڪشان، يوئيچي ۽ هون هئا جن جي خمير مان راجپوت نسل
ٺهيو، جن جو سڄي خطي تي ڏهڪاءُ هو، هن راجپوت نسل
جا سرواڻ سٿي هئا.
راءِ خاندان سوويئرن جي پنجين نسلي تشڪيل هئي جيڪي
تمام بهادر هئا ۽ هنن اوڀر ۾ ڀارتي ثقافت ۽ اولهه
۾ ايران جي سگهاري شهنشاهت کي کليل ميدان ۾ شڪست
ڏئي پنهنجي طاقت جي ڌاڪ ڄمائي.
سٿي يا ساڪا قبيلي جو تعلق سٿيا جي علائقي سان هو،
جيڪو علائقو دريا ’آمو‘ ۽ دريا ’قابل‘ جي سنگم تي
ڪئسپن سمنڊ جي سرحد جو پراسرار جادوئي علائقو چيو
ويو آهي. هِتان جا ماڻهو قدآور، جسيم ۽ سهڻا هئا،
هي بولان لڪ کان 70ع ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ پاتل
(پاتال) تي قبضو ڄمايائون. هي سٿي ئي آهن جيڪي بعد
۾ ’ساڪاياسڪا‘، ’ لاڪا‘ ۽ پوءِ اڀير سڏيا ويا. سٿي
پنهنجي علائقي سبب ساڪا يا سڪا پاڻيءَ جي علائقي
سبب، لاڪا سنڌ ۾ جابلو لَڪن مان اچڻ سبب ۽ اڀير
(جداگانه) سٿي قوم جي سماجي روين سبب سڏيا ويا.
لاڪا اڳتي هلي لاکا ۾ تبديل ٿي ويا، سنڌ ۾ لاکو،
هنس پکي کي چئبو آهي ۽ سياري ۾ سائبيريا مان ايندڙ
پکين کي لاکا چئبو آهي ۽ اهي پکي دريا جي ڪناري
هلندا آهن ته ’لاکي ڄاڃي‘ سڏيا ويا آهن.
اڀير نهايت سخت گير روايتن جا مالڪ هئا، ڪنهن سان
رشتيداري نه ڪندا هئا. رشتا وٺندا هئا پر ڏيندا
ڪونه هئا. سن 500ع ۾ مشترڪ خاندان جي روايت کان
پوءِ باقي قبيلن مان رشتا وٺڻ جو رواج پيو پر ڏيڻ
جو رواج پوءِ ڪونهي. ان کان پهرين هو صرف اُجين جي
برهمڻن مان شاديون ڪندا هئا. دلچسپ ڳالهه اها آهي
ته اڀيرن جي سخت گير روايتن جي پاسداري سبب اُتر
گجرات کي اڀير چيو ويو.
رياست سڪاديپ پنهنجي وجود کان وٺي سن 500ع تائين
ڇهه سئو سال آزاد ۽ خودمختيار حيثيت ۾ قائم رهي.
287 ۾ ايران جو طاقتور ساساني حڪمران بهمن اردشير
به سٿين تي غالب نه پئجي سگهيو.
پاتال (پاتل) سٿين ۽ پارٿين جي وچ ۾ بفرزون جي
حيثيت رکندو هو. پارٿين جي بي حسي ۽ ايرانين جي
ساز باز جي نتيجي ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاتال تي فارس جو
قبضو ٿي ويو، فارسين ان جو نالو تبديل ڪري بهمن
اردشير جي نالي سان بهن آباد رکيو ۽ سٿين سان سرحد
مقرر ڪري، دفاعي سرحدي عهدنامو قائم ڪيو. هتي
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سڪندر جون قائم ڪيل عارضي
فوجي ڇانوڻيون ايندڙ حڪمران کي تحفظ ڪرڻ ۾ مددگار
ثابت ٿيون ۽ جڏهن برهمڻن جو سنڌ تي غاصبانه قبضو
ٿيو ته هي ٻئي ماڳ انهن جا منظور نظر رهيا. اها
تعميراتي جاگرافيائي سوچ نه صرف سڪندر جي
دروانديشي ثابت ڪري ٿي بلڪه سڪندر باقاعدي سنڌ جي
تعمير جو معمار ۽ محسن نظر اچي ٿو.
سٿي بادشاهن جا خاص لقب هئا جيئن پترس يعني راجا
جو پٽ، اندروم يعني سوويئر ديس وارن سچن مٿان
قربان ٿيڻ وارو، سترتيغس يعني تلوار ۽ جنگي گُرن
جو ماهر، ڌرميڪس يا ڌرميسَسَ يعني ڌرم وير ۽ عادل،
مهاتس ۽ مهاتڪس يعني عظيم بادشاهه، راجا دراجس ۽
راجا راجس يعني بادشاهن جو بادشاهه ۽ مهاراجس يعني
وڏو بادشاهه.
مٿيان القاب سٿين جي قائدانه صلاحيتن جي نشاندهي
ڪن ٿا. اسان جي بيان ڪيل احوال جي شاهدي ڏين ٿا،
هنن ڳالهين جو تعلق پاتل المعروف ديپ جي
جاگرافيائي خطي سان آهي، هيءُ اهو سنڌ ڌرتي جو حصو
آهي، جنهن کي تاريخي تحقيق ۾ مناسب حيثيت سان بيان
نه ڪيو ويو آهي ۽ هن بيان جي نه هجڻ ڪري ڪيترائي
مسئلا سنڌ جي تاريخ اڃان تائين مونجهارن جو شڪار
آهن.
اسان جو هيءُ سمورو بحث ڪا عام روايت نه آهي پر
ڪافي مشهور تحقيقي ڪتابن جو تجزياتي اختصار آهي،
هنن ڪتابن جا مصنفين دور دراز علائقن جا، مختلف
خيالن، مذهبن ۽ نظرين جا آهن جن جي ارتقا اڄ کان
ٽي هزار سال اڳ کان وٺي 20 صدي عيسوي جي ماهر آثار
قديمه جي تجزيات سان جُڙيل آهي. انهن قابلِ اعتبار
تصانيف ۾ ويدن، پارسي ٻوڌين، مهاڀارت، مهاڀاشه جي
پنجتلي سنسڪرت جي پراڻ، يونانين جي تصنيفن جا
حوالا عرب مورخن تائين شامل آهن.
هنن حوالن کانسواءِ موجوده دور جي محققين خاص طرح
هن موضوع تي لکندڙ محقق جن ۾ ايڇ.ٽي لئمبرڪ، ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، معمور يوسفاڻي، انجنيئر محمد
حسين پنهور ۽ ٻين جي تصنيفات جا نچوڙ ۽ حوالا شامل
آهن، اهوئي وڏو دليل آهي جنهنڪري هيءُ اختصار
قبوليت جي هر معيار تي پورو آهي ۽ قابلِ قبول
تحرير آهي.
هن وقت به پاتل المعروف ديپ جي سرزمين تي ڪيتريون
ئي زميني شاهديون موجود آهن، جيڪي سٿين جي نالن
سان پنهنجو وجود برقرار رکيو اچن. افسوس رڳو ان
ڳالهه جو آهي ته نه عام محققين هنن حقائق طرف توجه
ڏنو نه وري بيان ٿيل ڳالهين جي رد يا سچ طرف
سوچيو. صرف غلط طريقي سان منسوب ٿيل ڳالهين کي
جيئن جو تيئن قبول ڪيو.
ننگرپارڪر ۽ موجوده رڻ ڪڇ، ’سڪاديپ‘
جي ڊيلٽا جا تمام اهم علائقا آهن. انهن علائقن ۾
ڪي اهڙا ڳجها رستا به آهن جن کي مقامي لهجي ۾ گهيڙ
(Pass)
يا چارا چيو وڃي ٿو. محترم معمور يوسفاڻي صاحب
پنهنجي مشهور تصنيف، ’لطيف جا ٿر تان ڀيرا‘ ۾ هنن
گهيڙن يا چارن کي ’چوڏهن چارو ڪڇڙو‘ سڏيو آهي،
معمور صاحب هنن سڀني چارن جا نالا به پنهنجي تصنيف
۾ ڏنا آهن. انهن مان هڪڙو گهيڙ ڦيٿاپور وارو گهيڙ
سڏبو آهي. جڏهن برساتون هي چوڏنهن چارا بند ڪري
ڇڏينديون آهن، ته ماڻهو ڦيٿاپور جي گهيڙ وٽان
لنگهي وڃي بابا حاجي پير جي مزار تي خيراتون ڪندا
آهن. 1947ع ۾ تقسيمِ هند کان فوراً پوءِ خاردار
تارن کي وڇائي ڇڏيو آهي ۽ رستو بند ڪيو ويو آهي.
سَٿي حڪمرانن، هاڪڙي درياه تي بندرگاهه تعمير ڪيو،
هيءُ بندرگاه بعد ۾ پاريننگر جي نالي سان ياد ڪيو
ويو. ’پريپلس‘ وٽ هن بندرگاهه جو نالو اوڙايه
(Oraia)
لکيل آهي. رياست جي ٻين حصن سان رابطو رکڻ لاءِ
پاريننگر جو محل وقوع نهايت اهم آهي، ننگرپارڪر جو
موجوده نالو پڻ پارينگر جو پسمنظر بيان ڪري ٿو،
رياست سڪاديپ جي تڪميل ۾ خشڪي جي رستن ۽ هن
بندرگاه جو اهم ڪردار آهي.
هن وقت ننگرپارڪر جي هڪ علائقي جو نالو ’ستي ڏيرو‘
آهي، جيڪو هڪ يونين ڪائونسل سان منسوب آهي. ’ڏيرو‘
يا ’ڏيرا‘ جو نالو هن علائقي ۾ موجود ٽن عمارتن
سان منسوب آهي، هڪ عمارت ننگرپارڪر شهر مان
ڪارونجهر ڏانهن ويندڙ رستي تي موجود آهي. ٻي عمارت
ڀوڏيسر ۾ آهي، جيڪو شهر جي داخلا واري اهم رستي تي
آهي. جتي سلطان محمود غزنوي جي فوجي ڪمانڊر ۽
گجرات جي گورنر محمد شاهه بيگڙو جي تعمير ڪرايل
خوبصورت مسجد پڻ موجود آهي. ٽي محل نما عمارت
ننگرپارڪر کان ويهارو ڪلوميٽر اُتر ۾ موجود آهي،
جنهن کي ’گوڙي‘ جي نالي سان سڏجي ٿو ۽ ’گوڙي جا
ڏيرا‘ جي نالي سان مشهور آهي.
حسبِ روايت ٽنهي عمارتن کي ’جين ڌرم‘
جي مندرن سان منسوب ڪيو ويو آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي
ته ’جين مت‘ ويدن جي منظم ’پاٺ شالائن‘ تي مشتمل
ويدي مذهب جي هڪ پُختي شڪل هئي. گوتم ٻڌ جين مت جي
پاٺشالائن جو ٻالڪو (طالب) هو ۽ بعد ۾ سندس
تعليمات ’ٻڌمت‘
جي نالي سان مشهور ٿيون. ٻئي ڌرم پنهنجي نالن ۾
الڳ ليڪن تعليمات ۾ ويدن جي روايتن جي تسلسل جا
’امين‘ آهن. ويدن جي تعليم ۽ اصولن تي يقين رکڻ
وارا ماڻهو پهريائين جين مت ۽ پوءِ ٻڌمت جي
تعليمات جا تابع
هئا. (هلندڙ)
|