سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2022ع

باب:

صفحو:7 

سنڌيڪار: محمد عثمان عباسي

چنياڻي

 

 

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون اردوءَ ۾ تحقيقي خدمتون

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاڪستان جو مشهور محقق ۽ دانشور هو. جنهن کي علمي، ادبي حلقن ۾ ڊاڪٽر اين.اي بلوچ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. ان پنهنجي علمي ۽ تحقيقي خدمتن جي بنياد تي بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي. هُو گذريل 65 (پنجهٺ) سالن کان وڌيڪ عرصو ڏينهن رات علم ۽ ادب سان لاڳاپيل رهيو. ڊاڪٽر اين.اي بلوچ جي علمي خدمتن جو دائرو سنڌي زبان کانسواءِ اردو، انگريزي، عربي، فارسي، بلوچي ۽ سرائيڪي زبانن تائين پکڙيل آهي. ان جي تحقيق جي هڪ خاص ڳالهه هيءَ آهي ته پاڻ جنهن به موضوع تي ڪتاب لکيائون، ان ۾ ٻيهر اضافو ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ڄڻ ته هي چئي سگهجي ٿو ته پاڻ پنهنجي هر ڪتاب ۾ تحقيق جو حق ادا ڪيو. سندن اردو ڪتابن جو معاملو به اهوئي آهي. ان جي مثال جي طور تي بلوچ صاحب جي فقط هڪ اردو ڪتاب ’سنڌ ۾ اردو شاعري‘ جو ذڪر ڪافي ٿيندو. ان ڪتاب جي پهرين اشاعت کي پنجاهه سال ٿي چڪا آهن، پر اڃا تائين موضوع تي هيءُ واحد ۽ مستند ڪتاب آهي.

بلوچ صاحب جي تحقيق ۽ غور فڪر سان اردوءَ زبان جا ست ڪتاب شايع ٿيا. انهن مان ٽي شاعريءَ جا ۽ ٽي نثر جا ڪتاب آهن، جڏهن ته سنڌي اردو لغت ۽ اردو سنڌي لغت انهن کانسواءِ آهن. ڊاڪٽر اين اي بلوچ صاحب جي اردو تحقيقي مقالن جو مجموعو به ويجهڙائي ۾ ’گلشن اردو‘ جي نالي سان شايع ٿي، منظرعام تي اچي چڪو آهي. هتي اسان انهن ڪتابن جو ترتيبوار نهايت اختصار سان تعارف پيش ڪريون ٿا.

1. سنڌ ۾ اردو شاعري (شاهجهان دور کان پاڪستان ٺهڻ تائين)

هيءُ ڪتاب پنهنجي موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان نرالو آهي. هن ڪتاب ۾ بلوچ صاحب وڏي محنت سان 1458ع کان 1935ع تائين جي سنڌ جي ايڪهتر شاعرن جي حالات زندگي ۽ ڪلام جي چونڊ پيش ڪئي آهي. ”سنڌ ۾ اردو شاعري“ جي اشاعت پهرين جي پيش لفظ ۾ بلوچ صاحب هن ڪتاب جي تاليف جو سبب ۽ شامل مواد جي باري ۾ لکن ٿا:

”اردو شاعريءَ جي شهرت ۾ سنڌ خطي جي شاعرن جو حصو برصغير جي ٻين خطن جي شاعرن کان گهٽ نه آهي. فن شاعري جي سلسلي ۾ بي بها سرمائي جي حفاظت ۽ اشاعت کي ضروري سمجهي ڪري راقم مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي سامهون هيءَ تجويز پيش ڪئي ته سنڌ جي قديم اردو شاعرن جي چونڊ شاعري کي ڪائونسل جي طرفان شايع ڪيو وڃي. ڪائونسل هن تجويز کي منظور ڪري ورتو ۽ بندي هن ڪتاب جي تاليف پنهنجي ذمي ڪري ورتي.“

هن خاص ڪتاب جي پهرين اشاعت 1947ع ۾ مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد جي طرفان ٿي، جنهن ۾ 66 شاعرن جي حالات ۽ ڪلام کي پيش ڪيو ويو. ٻين اشاعت 1970ع ۾ مجلس ترقي ادب لاهور مان ٿي، جنهن ۾ چئن وڌيڪ شاعرن کي داخل ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ ڪل شاعرن جو تعداد 70 ٿي ويو. هن ڪتاب جي ٽين اشاعت مجلس ترقي ادب لاهور ۾ ئي 1978ع ۾ ٿي، جنهن ۾ شاعرن جو تعداد 71 آهي.

هن ڪتاب جي تاليف ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي معاونت ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان سابق صدر شعبو اردو سنڌ يونيورسٽي جن ڪئي، جنهن جو بلوچ صاحب خصوصي شڪريو ادا ڪيو.

2. شاگرد ۽ تعليم (قائداعظم ڇا سوچيو ۽ ڇا چيو)

قائداعظم محمد علي جناح جي تعليم بابت قولن جو هي مفيد ڪتابڙو بلوچ صاحب 1974ع ۾ قائداعظم جي جشن سو ساله جي موقعي تي مرتب ڪيو . ان جي پيش لفظ ۾ لکن ٿا:

”جشن سو ساله قائداعظم 1976ع جي مطبوعات ڪميٽي جي خواهش تي قائداعظم جي انهن قولن کي ڪن ڇپيل ڪتابن ۽ وفاقي وزارت تعليم اسلام آباد ۾ محفوظ ۽ قائداعظم جي ڪاغذن جي ذخيري مان مرتب ڪيو ويو آهي.“

هيءُ مفيد ۽ ڪارگر ڪتابڙُو قائداعظم اڪيڊمي ڪراچي مان ڪيترائي دفعا شايع ٿي چڪو آهي.

3. ديوان شوق افزا عرف ديوان صابر:

ديوان شوق افزا يا ديوان صابر سنڌ جي هڪ قديم شاعر مير محمود صابر جو اردو ديوان آهي. جنهن کي بلوچ صاحب وڏي محنت سان مرتب ڪيو ۽ 44 صفحن تي مشتمل عالمانه مقدمو به لکيو. هن ديوان ۾ صابر جا ڪل ڇهه سو سورنهن غزل آهن.

بلوچ صاحب معمول مطابق وڏي محنت ۽ سگهڙائپ سان ديوان شوق افزا مرتب ڪيو ۽ مير محمود جي حالات زندگي لکي. اهي لکن ٿا ته مير محمود اردو شاعريءَ جو باوا آدم دکن (گجرات) جو ولي کانپوءِ شاعرن ۾ شامل هو.

بلوچ صاحب جو مرتب ڪيل ديوان شوق افزا جي اشاعت 1984ع ۾ اردو سائنس بورڊ لاهور ۾ طرفان ٿي.

4.   مولانا آزاد سبحاني- تحريڪ آزاديءَ جو هڪ وڏو رهنماءِ:

مولانا آزاد سبحاني برصغير پاڪ ۽ هند جي وڏن عالمن مان هڪ هو. ان پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ تحريڪ پاڪستان ۾ ڀرپور حصو ورتو، پر پاڪستان وڃڻ بجاء ڀارتي مسلمانن جي خدمت جي جذبي لاءِ اتي ئي رهيو. مولانا آزاد سبحاني فلسفيانه ذهن رکندو هو. فلسفي دين جي تعليم جي لاءِ هن ڪانپور ۾ هڪ مدرسو به قائم ڪيو هو.

مجلس عامله ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان جامعه پنجاب جي اجلاس 87- 1986ع ۾ بلوچ صاحب تجويز پيش ڪئي ته وطن جي آزاديءَ جي انهن رهنمائن جي سوانح مرتب ڪئي وڃي جنهن تي خاطر خواهه ڪم نه ٿي سگهيو. ان اجلاس ۾ مولانا آزاد سبحاني جي سوانح مرتب ڪرڻ جي ذميواري بلوچ صاحب پاڻ قبول ڪئي. هن مولانا آزاد سبحانيءَ جي سوانح تي ڪتاب لکڻ جا ٻه سبب بيان ڪيا آهن. پهريون هيءُ ته مولانا تحريڪ پاڪستان ۾ ڀرپور حصو ورتو هو ۽ ٻيو سبب هيءُ ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان ڪجهه مهينا اڳ جڏهن بلوچ صاحب ڪولمبيا يونيورسٽي آمريڪا ۾ ڊاڪٽريٽ جي تحقيق لاءِ رهيل هو ته ان زماني ۾ مولانا آزاد سبحاني آمريڪا آيو هو. ان زماني ۾ هن کي مولانا کي ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ هو مولانا جي قلندرانه شخصيت، علم جو درياء ۽ خاص ڪري ان جي وڏي همت کان گهڻو متاثر ٿيا. بلوچ صاحب کي مولانا جي ان وصف تمام گهڻو متاثر ڪيو ته پاڪستان حاصل ڪرڻ کانپوءِ مولانا پاڪستان نه آيو پر ڀارت ۾ ئي رهي اتان جي مجبور مسلمانن جي خدمت ڪندو رهيو ۽ باقي حياتيءَ جا ڏينهن اتي ئي گذارڻ جو فيصلو ڪيائين. آمريڪا ۾ رهڻ دوران مولانا سان بلوچ صاحب جو ويجهڙائيءَ جو تعلق قائم ٿيو ۽ گڏيل ملاقاتون ٿينديون رهيون. مولانا جڏهن نيويارڪ مان وڃڻ لڳو ته اهو پنهنجو شعري بياض به بلوچ صاحب کي ڏئي ويو.

ان ڪتاب لاءِ بلوچ صاحب مولانا آزاد سبحاني جي مستند حالات زندگي، تحريڪ پاڪستان ۾ مولانا جو ڪردار، مولانا جو فڪر ۽ فلسفو مولانا جي ڇپيل سفرنامي مان چونڊ ڪرڻ، ان جي شاعريءَ جي چونڊ ۽ مولانا جي رباني تحريڪ بابت انگريزي مضمون پيش ڪيا آهن. بلوچ صاحب مستند معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مولانا جي نينگري محترمه ناظره خاتون کان انٽرويو به ورتو. شروعات ۾ ڏهن صفحن تي مشتمل پيش لفظ به لکيو آهي. هيءُ ڪتاب فيبروري 1989ع ۾ ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان پنجاب يونيورسٽي لاهور مان شايع ٿيو.

5.     ديوان ماتم:

ديوان ماتم حيدرآباد (سنڌ) سان تعلق رکڻ واري شاعر حاجي فضل محمد ماتم جو ديوان آهي، جنهن کي وڏي محنت سان بلوچ صاحب مرتب ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1990ع ۾ شايع ڪيو. ڪتاب ۾ ديوان جي مخطوطي جا ڪجهه عڪسي صفحا به شامل ڪيا آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته ديوان جو قلمي نسخو نهايت ڳريل حالت ۾ هئو، جنهن ۾ مصرعن جي پڙهڻي هڪ مشڪل ڪم هئو. بلوچ صاحب دانائيءَ سان انهن مشڪلاتن کي حل ڪيو. قلمي ديوان جو نسخو حاجي کي هٽڙي جي ڳوٺ مان نهايت ڳريل حالت ۾ مليو هو. ديوان ماتم جي شروعات ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب 17 صفحن تي مشتمل عالمانه پيش لفظ لکيو آهي، جنهن ۾ حاجي فضل محمد ماتم جي حياتيءَ جو احوال وڏي تحقيق سان لکيو آهي.

6.     سنڌي اردو لغت ۽ اردو سنڌي لغت:

حڪومت پاڪستان جي وزارت تعليم 54- 1953ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي مٿي ذڪر ڪيل ٻن لغتن ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي اردو ترجمي جي لاءِ مالي امداد ڏني. ان زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر علامه آءِ.آءِ قاضي هئو. ان هن پيش ڪش کي منظور ڪيو ۽ ٻئي لغتون ۽ ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي اردو ترجمي جي لاءِ جامع خاڪو تيار ڪرايو. ان تجويز ۾ هيءُ به ذڪر ٿيل هو ته ٻئي لغتون ٻن سالن جي عرصي ۾ تيار ڪيون وڃن. ان عرصي کي نظر ۾ رکندي بلوچ صاحب پنج پنج سو صفحن جي ٻن لغتن جو نئين سر خاڪو تيار ڪيو جنهن کي وزارت تعليم منظور ڪري ورتو. بلوچ صاحب ان خاڪي ۾ لغت جي جامعيت ۽ اهميت جو پورو خيال رکيو ۽ لفظن سان گڏ محاورن کي به شامل ڪيو. ان جي تياريء ۾ هيءَ ڳالهه به سامهون رکي وئي ته لغت عام علمي ضرورتن سان گڏوگڏ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ وارن شاگردن جي ضرورت به پوري ڪري. اهڙي طرح ’سنڌي لغت‘ جا ڪل صفحا 589 ۽ لفظن ۽ محاورن جو تعداد 19440 آهي. هيءَ 1940ع ۾ شايع ڪئي ويئي.

انهن لغتن جي تاليف جي وقت هيٺين ڳالهين جو خاص خيال رکيو ويو:

1.      ٻنهين لغتن ۾ عربي ۽ فارسي جا اهي لفظ شامل نه ڪيا ويا، جيڪي اصل حالت ۾ سنڌي ۽ اردو ۾ موجود آهن.

2.     اردوءَ جا اهي محاورا جيڪي عام گفتگو ۾ استعمال ڪيل نه آهن، شامل نه ڪيا ويا.

3.     لغت جي جامعيت ۽ اهميت جو خاص خيال رکيو ويو.

4.           اردو لفظن، اصطلاحن ۽ محاورن جي لاءِ ’فرهنگ آصفيه‘ ۽ ’جامع الغات‘ کي بنيادي لغت قرار ڏنو ويو.

5.     انهن لغتن جي تياري جي دوران جان ٽي پليٽس (John T.Platts) جي ’هندستاني انگريزي اردو لغت‘ مان به فائدو ورتو ويو.

6.     ٻنهين لغتن جي ترتيب ۽ لفظن جي سڃاڻ جي لاءِ ’جامع سنڌي لغت‘ جي اصولن تي عمل ڪيو ويو. انهن ٻنهين لغتن ۾ اردو حصي جي لاءِ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان (اڳيون صدر شعبه اردو سنڌ يونيورسٽي) جون خدمتون حاصل ڪيو ويون. انهن لغتن جي مڪمل ڪرڻ ۽ اشاعت ڊاڪٽر محمد رضي الدين (وائس چانسلر سنڌ يونيورسٽي) جي مدد ۽ ذاتي ڪوششن جي بنياد تي ٿي سگهي. اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو گذرڻ کانپوءِ اڄ به انهن لغتن جي اهميت قائم آهي.

7.      گلشن اردو: گلشن اردو:

گلشن اردو ڊاڪٽر اين اي بلوچ جي انهن اردو مقالن جو مجموعو آهي جيڪي هن پنهنجي حياتيءَ جي مختلف وقتن ۾ لکيا. مجموعي طور تي انهن ڇويهن مقالن کي محمد راشد شيخ مرتب ڪيو آهي، جڏهن ته تعارف پروفيسر مظهرالحق صديقي اڳيون وائس چانسلر جو لکايل آهي. پاڻ پنهنجي تعارف ۾ لکي ٿو.

”مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه جي دوران انکي اردو ادب لکڻ جي سينگار کان واقفيت ٿي، جيئن ته ان پنهنجي مشهور استاد پروفيسر عبدالعزيز ميمڻ جي علمي وضاحتن کي ميمڻي محاورن جي عنوان سان اردو ۾ قلمبند ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن سان شاگرديءَ جي زماني ۾ بلوچ صاحب جي اردو ادبي ذوق جو اندازو ٿئي ٿو.“

گلشن اردو جا ٽي مقالا ’اردو زبان جي قديم تاريخ‘، ’سنڌ ۾ اردو شاعري‘، ’قلمي مجموعه (سائل اردو‘ وغيره جو سڌو سنئون اردو زبان ۽ ادب سان آهي 405 صفحن تي پکڙيل گلشن اردو 2009ع سنڌ يونيورسٽيءَ مان شايع ٿيو.

معمور يوسفاڻي

عمرڪوٽ

 

 

 

          وتايو فقير

 

(لوڪ ڪردار)

سنڌ جي سر زمين، جيڪا عالمن، اڪابرن، بزرگن درويشن ۽ فقيرن جي ڌرتي آهي. تنهن تي ڪئين نالي وارا ۽ سدا حيات انسان ٿي گذريا آهن، جيڪي صديون گذرڻ کان پوءِ به جيئن جو تيئن ياد آهن.

اهڙن انسانن ۾ وتائي فقير جو نيڪ نالو، نه رڳو شامل آهي، پر عوام جي دلين تي وڏن ۽ سونهري اکرن ۾ لکيل به آهي. اِهو ان ڪري، جو وتايو فقير، نه فقط نالي جو فقير هو. پر اُهو هڪ سچو پچو فقير ۽ ملڪ جي هڪ عظيم تاريخي شخصيت پڻ هو، جنهن جي نالي ۽ ڪارنامن کان، سنڌ جو هرڪو ماڻهو واقف آهي ۽ اُهو به ايتري قدر جو شهرن خواهه ڳوٺن جي هر ڪنهن گهر ۾ سندس ذڪر آهي ئي آهي. بيشڪ حضرت شهيد گرهوڙي رحه ههڙن مردن لاءِ فرمايو آهي ته:

”مرد مرن ڪين ڪي، مرن مردو دا.“

بلاشبه، وتايو فقير مرد هو، اهڙو مرد، جيڪو ”طالب الموليٰ مذڪر“ واري وصف سان ته سينگاريل هو. پر ’مرد- مومن‘ ۽ ’مرد- قلندر‘ جي دنيا کان به گهڻو اڳتي، اهڙن مردن مان هو، جن کي لاکيڻي لطيف پنهنجي رسالي ۾ اجهو هيئن ياد فرمايو آهي.

سڪا منهن سندن، پيرين پراڻا کٻيڙا،

سا جوءِ ڏوري آئيا، سونهان جت منجهن،

ڳجها، ڳجهيون ڪن، تهان پراهين پنڌ جون.

هتي سوال ٿو اٿي ته، اها جوءِ ڪهڙي؟ ڪٿي؟ ۽ ڪيئن آهي؟ جواب، پڻ ڀٽ ڌڻي کان ئي ملي ٿوته:

ڏوٿي سا ڏورين، جا جوءِ سئي نه ٻڌي،

پاسا مٿي پهڻين، کاهوڙي کوڙين،

ويا ات ووڙين، جت نهايت ناهه ڪا.

وتايو فقير، هونءَ ته ڏانهس منسوب، خوش طبعي ۽ کل ڀوڳ وارن نقلن جي ڪري مشهور آهي ۽ انهن جي واسطي سان ئي سڃاتو وڃي ٿو، پر جيڪڏهن ٿورو غور سان ڏسبو ته هُو هڪ اهڙي تاريخي شخصيت ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن لاءِ ڪنهن قسم جي اعتراض ۽ بحث جي گنجائش نه آهي.

دستاويزي لحاظ کان، وتائي فقير جو ذڪر سڀ کان پهرين، سنڌ جي وڏي محسن، ميرعلي شير ”قانع“ ٺٽويءَ جي بي بها ۽ لافاني تصنيف ”تحفته الڪرام“ ۾ ئي ملي ٿو، جيڪو ڪتاب، فقير صاحب جي وفات کان اٽڪل پنجاه سال کن پوءِ 1181هه ڌاري مڪمل ٿيو هو. (1)

تحفته الڪرام جو مواد، جيڪو نهايت اهم ۽ قيمتي آهي، سو لازمي طرح، ڪتاب جي تڪميل واري سال کان گهڻو اڳ آهستي آهستي گڏ ٿيو هوندو، جيڪو عرصو پاڻان وتائي فقير جي وفات کي ويجهو پهچي ٿو، جنهن مان اهو ٿو ظاهر ٿئي ته مير صاحب کي، وتائي بابت مليل موادُ، اهڙن ماڻهن کان حاصل ٿيو هوندو، جيڪي وتائي فقير جا ننڍا همعصر هوندا. ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ڪي راوي اهڙا به هجن جيڪي وتائي جي بلڪل قريب رهيا هجن. انهيءَ لحاظ کان تحفته الڪرام جو اهو مواد، ويساهه جي لائق ۽ اعتبار جوڳو آهي.

تحفته الڪرام کان پوءِ جن ڪتابن ۾ وتائي جو احوال اچي ٿو، انهن ۾، مير عبدالحسين سانگيء جو فارسي زبان ۾ لکيل ڪتاب ”لطائف لطيفي“ ۽ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو ڪتاب ”لواريءَ جا لال“ پڻ وڏي اهميت وارا آهن. جن کان پوءِ مهر ڪاڇيلويءَ جو ڪتاب ”جنوبي سندهه کي چند قلعي“ شيخ محمد سومار جي تصنيف ”بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ“، محمد اسماعيل عرساڻي ۽ الله بخش ٽالپر جي تاليف ”وتايو فقير“، محمد موسيٰ انڙ جو ڪتاب ”تحفن جي مٺ“، نذير حسين ڀٽي جو ڪتابڙو ”وتايو فقير“ ۽ مختلف اديبن جا، مختلف رسالن ۽ اخبار ۾ شايع ٿيل مقالا ۽ مضمون به ڳڻي سگهجن ٿا. جيڪي سڀئي، وتائي جي تعارف جا بنيادي ماخذ آهن جن جي دائري ۽ عوامي روايتن جي روشنيء ۾ جيڪر فقير صاحب جي زندگيء تي نظر وجهنداسون، ته ان جو مختصر خاڪو هيٺين طرح بيهندو.

وتائي فقير جي ولادت، سنڌ جي مشهور شهر ”اگهاماڻي“ يا ”اگهم ڪوٽ“ ۾ ٿي. جتي ئي هن مخدوم محمّد اسماعيل سومري وٽ ابتدائي ديني تعليم حاصل ڪئي.

جيئن ته هي ٻاراتڻ کان ئي پيءَ جي سائي کان محروم ٿي ويل هو. ان ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. (2) ۽ ماءُ سان گڏ، گهرو ذميداريون سنڀالڻ لڳو. جنهن ۾ ٻني ٻارو ۽ مال جي سنڀال شامل آهن (3)

وتايو فقير، هونءَ الله لوڪ انسان هو، جنهن جو دنياوي ڪاروبار ۽ ڪمن ڪارن سان ڪو به لڳاءُ ڪونه هو، پر ظاهري طرح هو زماني سان هلندو رهيو ۽ پنهنجي اصلي ۽ فقيرانه روپ کي کل ڀوڳ ۽ خوش طبعيءَ جي پردي پويان لڪا ئي رکيائين. (4)

فقير صاحب جو دستور هئو ته ڳالهه ئي ڳالهه ۾، رستي تان ٿڙيل انسانن کي سمجهائڻ خاطر، ٿيل واقعي کي دهرائي کل ڀوڳ جي انداز ۾ سچ به چئي ويندو هو ۽ غلط معاشري تي طنز به ڪري ويندو هو. (5)

هن جي رهڻي ڪهڻي ۽ هلت چلت اهڙي هئي جو عام طرح ته سڀئي کيس چريو ۽ ٻالو ڀولو سمجهندا هئا، پر اصل ۾ هو وڏو داناءُ انسان هو. جيڪو واقعن جو فائدو وٺندي، اهڙي سياڻپ واري ڳالهه ڪري ويندو هو، جيڪا ان واقعي مان حاصل ٿيل نتيجي جو نچوڙ هوندي هئي. (6)

وتائي فقير جي گفتگوءَ جو اهو به ڪمال هو، جو سندس چيل گفتن مان ڪيترا گفتا، مشهور عام بنجي، چوڻين جي شڪل اختيار ڪري ويا آهن ۽ اڄ به گفتگو توڙي لکت ۾ استعمال پيا ٿين.

جيئن: چريا کريا آهيون، پر پنهنجن کي سڃاڻون ٿا.

خدا ڏئي ٿو، پر کنگهايو کنگهايو پوءِ.

ڪٿي ڪٿي سڃائي به ڪم اچي ٿي.

مُيون سهسائيندا، پر ڏيندا ڪونه.

ڇٽو سمهڻي نماز کان(7)

وتائي فقير جي سڃاڻپ، انهيء ڳالهه مان به ظاهر آهي ته سندس چيل گفتن مان ڪيترا ٻول قديم دور جي پهاڪن جو تت يا نچوڙ آهن. جيئن ”خدا واري ورهاست“ مان مراد، ”پنجيءَ آڱريون سريکيون ڪونه آهن.“

”چيم گڏهه مار! ته ماريائين ڍڳي، ”تت آهي“ اَٽو، چي گهوٻاٽو“. جو

”اڌارا ڪپڙا پهري ڀت تي وڃڻ“ جو مقصد آهي. ”ڪپاهه کي مان آهي.“

”ڪنهن غريب جو پيرن يا ميرن جي پاڙي ۾ وڃي رهڻ- تت آهي. ”گدرو ڪريو ڪاتيءَ تان ته به گدرو مُٺو، جي ڪاتي ڪري گدري تان، ته به گدرو مُٺو.“ (8)

فقير صاحب جي ٻولن ۾ هڪ طرف حڪمت ڀريا نڪتا آهن، ته ٻيءَ طرف اهو به معلوم ٿو ٿئي ته وتايو فقير ڪشف ۽ ڪرامات جو صاحب پڻ هو. (9)

وتائي جي عظمت جو ثبوت، سندس اهي گفتا به آهن، جن مان رب پاڪ جي ذات سان حجت ظاهر ڪري ٿي. جيڪا ڳالهه ثابت ٿي ڪري، ته هو الله تعاليٰ جو نهايت پيارو بندو هو. (10)

هن جي گفتن مان ڪيترا ٻول اهڙا به آهن، جيڪي ظاهري طرح ته رواجي ۽ سادا آهن، پر جيڪڏهن انهن کي ٿورو غور سان ڏسبو ته اهي تمام اونهي فڪر ۽ اتاهين فلسفي جو بهترين نمونو ڏسڻ ۾ ايندا.

فقير صاحب بابت مليل مواد مان اهو به ظاهر ٿو ٿئي ته هو هر ڪنهن ماڻهوءَ جي فطرت ۽ معيار کان چڱي طرح واقف هو. ان ڪري ئي هو هر ڪنهن ماڻهوءَ سان يا ان جي آڏو سندس حال موافق گفتگو ڪندو هو.

وتائي جي دور ۾ جيتوڻيڪ وڏا وڏا ڪامل درويش موجود هئا، پر وتائي جي انهن مان ڪنهن سان به صحبت ڪونه هئي. هن جي جيڪر ڪا صحبت هئي، ته اها فقط پاڻ جهڙن ”سالڪ مجذوبن‘ سان يا ’مست مجذوبن‘ سان، جيڪي گهڻو ڪري ساڻس، مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي يا ڪن پاسيرن هنڌن تي ئي ملندا هئا. انهن فقيرن مان مٽو فقير وٽو فقير، موٽو فقير ۽ ڪامل فقير خاص هئا. (11)

وتايو فقير مجذوبن جو صحبتي هوندي به شريعت جو سخت پابند ۽ طرفدار هو. سندس هڪ قول آهي ته:

”شريعت جي پابندي، سالڪ ماڻهوءَ کي طريقت جي راهه ۾ بالغ بنائي ٿي.“ (12)

فقير صاحب جي شاديءَ  بابت مختلف رايا موجود آهن، جن مان ڪن مؤرخن جو ۽ راوين جو خيال آهي ته فقير صاحب شادي ڪونه ڪئي هئي، پر اهو خيال غلط آهي. صحيح ڳالهه اها آهي ته فقير صاحب عمرڪوٽ مان شادي ڪئي هئي، جتي سندس نالي هڪ کوهه به مشهور آهي. جنهن کي اڄ به ”وتائي جو کوهه“ ڪوٺيو وڃي ٿو. (13)

ها- اهو ضرور آهي ته شاديءَ کان پوءِ ستت ئي فقير صاحب جي گهر واري گذاري وئي ۽ پوءِ فقير ٻي شادي نه ڪئي ۽ سموري زندگي ڇڙو رهيو ۽ پنهنجي حياتي گهڻو ڪري سير و سفر ۾ گذاريائين، جنهن ۾ سندس پيرا فقط ڏکڻ سنڌ ۾ ئي ڏسجن ٿا.

فقير صاحب جي لاءِ اهو به مشهور آهي ته پاڻ آخري عمر ۾ اگهاماڻي مان لڏي نصرپور ۾ وڃي رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين سندس وفات جو سال، گهڻو ڪري 1125هه کان 1130هه تائين واري عرصي ۾ ٿيو هوندو. (ڏسو حوالو نمبر 1)

سندس مزار مبارڪ ٽنڊي الله يار کان 3 ميل اولهه طرف، شاهي رستي جي لڳ، اتر طرف، شيخ لوهينڙي جي قبرستان ۾ آهي.

آخر ۾ مختصر طور هيئن چوندس ته وتايو فقير هڪ وڏي تاريخي شخصيت هجڻ سان گڏوگڏ، خوش طبع، کل مک، چرچائي، حاضر جواب، سالڪ، سياڻو، سچار، صوفي، مفڪر، فلسفي، سياح ۽ وڏو عظيم انسان هو، جنهن سموري زندگي، فقيرانه روپ ۾ گذاري ۽ پنهنجن انوکن ۽ نرالن ٻولن جي ذريعي، انسان ذات جي رهبري ڪئي، جنهن جو اثر اڄ به جاري ۽ ساري آهي.

بيشڪ الله وارن جو وڏو شان ۽ مان آهي، سندن وصف قرآن ۾ به آهي ته حديث ۾ به. هو الله پاڪ جا اهڙا نيڪ بندا آهن، جيڪي هڪ لمحي لاءِ به رب جي حڪم کان ٻاهر نٿا نڪرن ۽ سندن هرڪو عمل پنهنجي خالق ۽ مالڪ لاءِ آهي.

راهه شريعت هليا، تفڪر طريقون

حال حقيقت رسيا، معرفت ماڳون

ناسوت، ملڪوت، جبروت، اي انعام لڌون

لاهوت لنگهيون، هاهوت مٿي هليا.

(لطيف)

حوالا ۽ واڌارا

(1)  ڊاڪٽر گربخشاڻي، ’لواريءَ جا لال‘ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته وتائي فقير، شيخ حاجي عبداللطيف کي سندس نيڪ فرزند سلطان الاولياء خواجه محمد زمان جي پيدا ٿيڻ بابت واڌائي ڏيندي سندس پٺيء تي چميون ڏنيون هيون. جڏهن ته خواجه صاحب جي ولادت جو سال 1125هه آهي ته لازمي طرح وتائي فقير جي وفات 4- 5 سال ان کان پوءِ ٿي هوندي. انهيءَ لحاظ کان وقائي فقير جي وفات جو سال 1130هه ڪٿيو ويو آهي. جنهن موجب 1181هه تائين 50 سالن جو عرصو ٿئي ٿو.

(2) ڪن ڪتابن لکيو آهي ته ”وتايو فقير اصل هندو هو ۽ وڏو ٿيڻ تي اسلام جي خوبين کان متاثر ٿي مسلمان ٿيو هو“ (ڏسو عرساڻي ۽ ٽالپر جو ڪتاب وتايو فقير صفحو 2 ۽ 3) پر اها روايت جنهن ۾ ٻڌائين ٿا ته ”وتايو فقير ننڍپڻ ۾ ئي مخدوم اسماعيل سومري جي مدرسي ۾ پڙهڻ ويٺو هو“ سا، پهرين ڳالهه کي رد ٿي ڪري ٿي ۽ اهو ٿو ثابت ٿئي ته وتايو فقير صغيرپڻ ۾ ئي مائٽن سان گڏ مسلمان ٿيو هو يا سندس مائٽ، هنجي ڄمڻ کان پهرين مسلمان ٿيل هئا. ٻئي طرف وتائي فقير ڏانهن منسوب نقلن مان ڪوبه نقل، هندو ڪلچر جي ترجماني ڪونه ٿو ڪري.

(3) محمد اسماعيل عرساڻي ۽ الله بخش ٽالپر- ”وتايو فقير“ آر- ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد صفحو 4، 5، 23، 26، 31.

(4) ........................ ، صفحو 5، 7،8، 12، 13، 14، 15، 16، 16، 21،۽ 23.

(5)  ....................... صفحو 2، 5، 11، 18، 22، 23.

(6) ....................... صفحو 6، 7، 9، 14، 16، 17، 18 ۽ 22.

(7) ..................... صفحو 7، 13، 8، 5، 22.

(8) ...................... صفحو 21، 13، 24، 15.

(9) ...................... صفحو 9، 10 ۽ 11.

ڊاڪٽر گربخشاڻي، ”لواريءَ جالال“ بحواله روزانه عبرت محمد پناه ڦرڙي جو خط، 8- 9- 1984 عبرت، 000 ميرعلي شير قانع، تحفته الڪرام، سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1957ع ڇاپو پهريون صفحو 547، 550 ۽ 626.

شيخ محمد سومار ’بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ‘، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، سال 1984ع ڇاپو ٻيو، صفحو 1165.

ميرعبدالحسين ساڳي لطائف لطيف، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد سال 1967ع ، ڇاپو پهريون، صفحو 91.

(10)      محمد اسماعيل عرساڻي ۽ ٽالپر. وتايو فقير، آر ايڇ احمد ۽ برادرس حيدرآباد، صفحو 21 ۽ 7. ...... صفحو 4 ۽11  شيخ محمد سومار، بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ“ لاڙادبي سوسائٽي بدين، سال 1984 ڇاپو ٻيو، صفحو 165.

(11)       ميرعلي شير قانع، تحفته الڪرام، سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1957ع ڇاپو پهريون صفحو 626، 627، 628.

(12)      .................... صفحو 626.

(13)       مهر ڪاڇيلوي، جنوبي سندهه کي چند قلعي“ محمد حفيظ مهر ميرپورخاص، سال 1971ع ڇاپو پهريون صفحو 39.

مددي ڪتاب ۽ رسالا وغيره

(1)           ميرعلي شير ”قانع“ ٺٽوي، تحفته الڪرام، سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1957ع، ڇاپو پهريون.

(2)          ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي. ’لواريءَ جا لال‘ ڇاپو پراڻو، سال ڇاپو

(3)          مير عبدالحسين ”سانگي“ ”لطائف لطيفي“، انجمن مرڪز ثقافت شاه عبداللطيف ڀٽ شاه ضلع حيدرآباد، ڇاپو پهريون، سال 1967ع

(4)          محمد حنيف مهر ڪاڇيلوي، ”جنوبي سندهه کي چند قلعي“، محمد حفيظ مهر پاڪ مجاهد انجمن محله اورنگ آباد، ميرپور خاص، سال 1971ع ڇاپو پهريون.

(5)           شيخ محمد سومار، ”بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخي لاڙ ادبي سوسائٽي بدين سال 1984ع ڇاپو ٻيو.

(6)          محمد موسيٰ ڪمال خان انڙ. ”تحفن جي مٺ“، ڇپائيندڙ ڪمال خان ولد محمد اسماعيل انڙ ؟

(7)          ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ”وينجهار“ شاه محمد عباسي لاڙڪاڻو، ڇاپو ٽائون، سال 1964ع.

(8)          محمد اسماعيل عرساڻي ۽ الله بخش ٽالپر. ”وتايو فقير آر ايڇ احمد برادرس حيدرآباد.

(9)          علي احمد بروهي. ’ڄام ڄاموٽ، ڄامڙا‘ ڇاپو پهريون.

(10)      نذير حسين ڀٽي، ”وتايو فقير“، صداقت بڪ ڊپو نزد قلع شاهي بازار حيدرآباد ، سال 1981ع ڇاپو ٽيون.

(11)       صوفي غلام مصطفيٰ مقالو ”وتايو فقير“، روزانه عبرت حيدرآباد 19 سيپٽمبر 1984ع

(12)      محمد پناه ڦرڙو خط روزانه عبرت حيدرآباد، 28 سيپٽمبر 1984ع

”راوي“

(1)           مولانا محمد يعقوب حاجاڻو، رهندڙ تعلقو ٽنڊو الهيار ۽ ڦلڪارا

(2)          دوست محمد پلي، رهندڙ ڳوٺ گل پلي، تعلقو ٽنڊو الهيار

(3)          مولانا عبدالحق رباني، رهندڙ نصرپور، تعلقو ٽنڊو الهيار

(4)          عبدالواحد هڪڙو، رهندڙ ڳوٺ حاجي جعفر هڪڙو، تعلقو ٽنڊوالهيار.

ايوب ’عادل‘خاصخيلي (مرحوم)

چونئرو خاصخيلي

زال ۽ مڙس جو مناظرو

 

 

رات ٻُڌي مئن اهڙي ڳالهه،

آکن جيمس وچ پَرسال،

هڪڙي وڙهئي مُڙس ۽ زال،

مُڙس ئي پَٽئي رَن دي وال،

آکيا زال سڌار تون چال،

ناحق پَرڻيس مَئن تئين نال.

 

زال:

شرم نه آيئي وال پٽيندي،

ماڻهو کلدي اوندي ويندي،

ٻڏ مَرين ها تون ئي ڄوندي،

مائٽ تئن تي کار هن کؤندي،

ڇوڙ بُرائي، ٿي نه بتال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

مڙس:

سمجهايان مئن تيڪون ڪِتلا،

ڀت دا آکان رڌين پَتلا،

آکان لوڻ نه گهت تون اِتلا،

ضد ڪرين تون جيجو چتلا،

زال هين يا تون کر دَجال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

زال:

چاوَل آڻين تون ئي ايري،

ڀت سُٺي دي تيڪون ڦيري،

ڪچا لوهائين بنان ديري،

پڇي ڪُرڪين آکين شيري،

رب ڪا ساڃهه ڏيو ئي شال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

مڙس:

ڪپڙي ڌوين تون ئي ميلي،

ڪَس نه لاهين تون ئي تيلي،

ٻيا وَل ڌووَين وقت اَويلي،

ماڻهو ڌوون صبح سويلي،

ڪجهه تون آپي آپ سنڀال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

زال:

ڪپڙي ڌووان اَڇي اُجري،

تان ڀي آکين صاف نه سُجري،

تيڪون مهڻي ڏيوڻ ڏُجري،

هِڪا ڪانچ تيڏي ڇَهه وال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

مڙس:

رِلي نَڪا سَوڙَ سِوين،

سارا ڏينهن رُلين تون ايوين،

خبر ڪانهي ڪريسين ڪيوين،

رُلن وانديان، رُلين تيوين،

تيڏي هر ڪنهن ٽيم ٽپال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

زال:

تون نه  آڻين سُئي ڌاڳا،

رُڳا ميڏي سر تي ٽاڳا،

نپٽا آپ ٿيوين نڀاڳا،

مَئن تي رُڳا رينگٽ راڳا،

نڪا آڻين فراسي ٽوال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

مڙس:

ڇوڙ ڏي گندي گدلائي،

ميڪڻي پينگهي لئي نه پائي،

ميڏي ملڪيت تئن کپائي،

اوڙا پاڙا وَتين تپائي،

رن خريبڻ خرَّ خصال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

زال:

سُڃا ٿي ڳيون ڪو تتڙينگ،

پيءُ دي ملڪيت ڪيتئي ڀينگ،

جٿ ڪٿ ڏيوين ٺلهي ٺينگ،

رڳي ميڏي سِر تي هينگَ،

شل ڪو بنڊ وڃئي بنگال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

مڙس:

توڻ ڪرين تون پَر سر ٽالا،

کاوي جنهين نه ڪتا ڪالا،

ماني لاهين اَٽا آلا،

جهڙا تئن تي وڏا اَٽالا،

تون ئي سُڻا هي ڪهڙا عيال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

زال:

بنان ڪاٺين ڪيوين پڪايان،

ٻالڻ لئي ڪيا ٻالان ٻانهيان؟

روز ته ڪاٺين لئي مئن دانهيان،

ڌوڙ ڪهڙي مئن مُنهن وچ پايان!

اَڻهيئي تون ته گهمين ابتال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

مڙس:

مائٽ تيڏي سڀ دردان جهلن،

تيڏي ڀِرا سڀ مئن در پلن،

اوندي ويندي اِٿون وَلن،

رَمضو، راڻا اِٿان رُلن،

احمد اڪبر ۽ اقبال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

زال:

آونئي اَپڻي سنجهه صباح،

آکين تنهين ڪون عاليجاهه،

ڏيوين تنهين تي ساهه پَساهه،

تيڪون ميڏين دي هي باهه،

جَلد تنهين ڪُون ڇوڙين ٽال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

زال:

نڪو آڻين مُنڊي ڇَلا،

هَسي بنان گردن ٺَلا،

نَڪا ڦُلڙي نڪو ڦُلا،

رُڳا ميڏي جيءَ دا جَلا،

مَئن هيان جهڙي ڪارَن زال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

مڙس:

تون ته صفا ڪا چٻ هين چهٻر،

تيڏي آرڊر انگل هَر هَر،

ڪِٿو آڻان بولا بينسر،

ڪٿو آڻان جهومڪ جهالر،

ڪٿو آڻان ڪڙيان ڪٺمال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

مڙس:

جِتلا آڻان ڪانهي منوتي،

آپي ٿيوين ڀوت ڀڀوتي،

ڪلهه جا آندم چڪني پوتي،

چولا آندم مڙهيل موتي،

تڏهن ڀي ٽُر ٽُر ميڏي نال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

زال:

آپ پَڏائيندا ناحق تون هين،

کنڊ ۽ چانهن نه آڻين ڏونهين،

ميٽ ته نَوَهين آڻيندا مرهين،

تيل نه آڻين پٽيم جونئين،

هردم ميڏي اَڻڀي وال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

مڙس:

کير ڏيوي مينهن ڀريل لوٽي،

آوي سڀڪا سنهي موٽي،

هَرڪا وڃي آپي اوٽِي،

تون ڪا جِهڙي حاتم پوٽِي،

تَيڪون مُور نه گهر دا خيال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

زال:

کيرَ ڏيوان جي ڪنهن ڪون ذرڙا،

گِر گِر ڪرين گنجا گرڙا،

نڪو گاهه ڪرائين ڀَرڙا،

ٽين ٽين اهڙي ڪرين ٽَرڙا،

جهڙا ڳاوي چانڊيا جَلال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

زال:

شودِي آک نه تون شيطان،

ٿي نه نِدورا تون نادانَ،

ظالم اَپڻي روڪَ زبانَ،

شل ڪو قهري لڳئي ڪانَ،

ڏاڍا ٿيا هين تون بد حال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

مڙس:

ٿي ڳئي هِين تون هُڻ بيباڪ،

شايد ڏيوين هُڻ طلاق،

جائز ڪيتي نبيصه پاڪ،

ڏاڍي ٿيسين تون غمناڪ،

سور پٽيسين پئي ڪي سال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

زال:

ڊِني زال آکي ضد ڇوڙ،

ڏنهيين ڪيتا گهِئي گوڙ،

هل چڱي ڏَهون هَلون ڊوڙ،

ڏنهين چُون مَن وڃي وڳوڙ،

ٺهه وڃون هڪ ٻئي نال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

شاعر:

ڏِتي رب ڏُنهين ساڃاهه،

چڱي مٺي ڏهون ڪتنين ڪاهه،

پاڙي والي عالي جاهه،

ڇوڙيا ڏُنهين ڪون تنهن ٺاهه،

ڪلهه ڏُنهين ڪون ڏٺم نِهال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

 

شاعر:

’عادل‘ هُڻ ڪر بند بيانَ،

گهڻئي ڪيتئي وقت زيانَ،

ٻاهر سڏيندا هي ڪو مهمانَ،

تِنهن دا ڀي ڪو ڌر ڌيانَ،

ڇوڙ اِها هُڻ قيل ۽ قال،

ناحق پَرڻيس مَئن تينال.

ورهاڱي کان پوءِ ننڍي کنڊ جي شاعرن هائڪو ڏانهن ڌيان ڏنو.سنڌيءَ ۾ ڪافي هائڪو لکيا ويا آهن، منهنجي ته پوري ڪتاب ”پن ڇن پڄاڻان“ ۾ رڳو هائڪو آهن. مون هائڪو ۾ نوان تجربا ڪيا آهن ۽ پنج ڇهه هائڪو ساڳي سٽ جي ورجاءِ سان لکي، انهن کي نظماڻي شڪل به ڏني آهي. ”واٽون ڦلن ڇانئيون“ ۽ منهنجن ٻين ڪتابن ۾ ڪيترائي مسلسل هائڪو آهن ۽ انهن ۾ سنڌيت جي خوشبوءِ آهي. آخر ڪولهڻ پڙو نه پائيندي ته ڇا ڪمونو (Kimono) پائيندي؟ هن مجموعي ۾ هائڪو ڪونه آهن پر ڇاڪاڻ جو اهي به سنڌي شاعريءَ جي هڪ صنف ٿي چُڪا آهن، مون انهن جو هتي ذڪر ڪيو آهي جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ نه هائڪو آهن نه ترائيل.

ترائيل فرينچ شاعريءَ جي صنف آهي جتان اهو گهاڙيٽو اردوءَ ۾ ورتو ويو ۽ اردوءَ تان سنڌي ۾. ترائيل گهڻا نارائڻ شيام لکيا آهن ۽ اهي ’فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فع‘ وزن تي آهن. هو اُنهن ۾ ڪَن رَس پيدا ڪري سگهيو آهي ۽ اُنهن ۾ سُريلي ڌيمي ڌيمي باهه آهي. سانيٽ ۾ به نارائڻ شيام تجربو ڪيو آهي پر اُهو ناڪام ويو آهي.

ڪلاسيڪي ڪافيءَ ۾ اسان شاهه حسين، بُلا شاهه ۽ فريد ملتانيءَ واري رواني ۽ ترنم پيدا ڪري نه سگهيا آهيون، جيتوڻيڪ سنڌي ۾ ڪيئي ڪافيون لکيون ويون آهن، باقي دوهي ۽ گيت ۾ هندي شاعريءَ وانگر سوز و گداز پيدا ڪري سگهيا آهيون. دوهو هنديءَ جو ڪلاسيڪي شاعريءَ جو حصو آهي ۽ جديد شاعريءَ ۾ ذري گهٽ متروڪ ٿي چڪو آهي. اسان دوهي بيت يا سورٺي کي نئين زندگي عطا ڪئي آهي ۽ ان جي موضوع کي وسعت ۽ گوناگوني ڏني آهي.

شيخ اياز

ڪتاب: ”سنڌي شاعريءَ جو سفر“

تان ورتل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org