سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2022ع

باب:

صفحو:16 

مشتاق گوپانگ

................

سوجهرو

لڇمي پنهنجي ٻنهي ٻارن کي ماري ڪُٽي جهوپڙيءَ مان ٻاهري نڪري آئي. ماڪ جي ڪري جهوپڙي ٻاهران آلي ٿي پيئي هئي، ڄڻ ته هنن جي قسمت لاءِ اٻاڻڪي ٿي رني هجي. ٻاهر سڄو ميدان ڪوهيڙي جي ڌنڌ سان ڍڪجي ويو هو. روڊ سان ايندڙ ويندڙ گاڏين جي روشنين ميڻ بتيءَ جيتري روشني مس پئي ڪئي!!

ان جي باوجود لڇمي ٻاهر وِلهه تي ويهي چلهه ۾ ڪاٺيون سوري ٻاهه ٻارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي!!

ٻارن جي پيءُ هولارام بدنو کڻي جهنگ جي خيال ڏانهن ويندي زال کي چيو: ”تون جو ٻارن کي ايڏو ماريندي هجين پوءِ به تنهنجا ٻار سڌرندا ته ڪونه هجن..............؟؟“

”رڳو تنهنجا ٻار ته رلن ۽ پنن ڪون ٿا سڀ برادري جا ٻار رُلن ٿا“، شهر ۾ مسلمانن جا ٻار به رلن ٿا، ۽ پنن ٿا اسان جو پنڻ ته اسان جو نصيب آهي..........!!

لڇميءَ چلهه تان ئي ڀڻڪي چيس: ”تون هاڻ وڃي هلڪو ٿي اچ توکي ته رڳو پنهنجي پيٽ جي ڳڻتي هجي ٻار پني اچن ته تون ويهي کاءُ توکي ته نه ڪو شرم هجي نه ئي حيا هجي؟؟“

هولارام بدني سميت سامهون روڊ جي ڀرسان نالي تي واش روم لاءِ ٺهيل جهوپڙي جنهن کي چار لڪڙا ڏئي چوڌاري ٽين جي ڇت ڏئي ڍڪيو ويو هو........!!

لڇمي چلهه ۾ ڪاٺيون سوري باهه کي فوڪا ڏيندي ڀڻڪندي ٻارن کي چيو.

”اسان ته پنهنجي سجي حياتي هن ڪوهيڙي سان ڍڪيل پٽ پڌر تي ۽ جهوپڙين ۾ گذاري هجي پو توهان به اسان جي غربت ۽ جهالت جي ڪوهيڙي ۾ وڪوڙيل حياتي وانگر پنهنجي حياتي جو خانو خراب ڪندو ڇا ..........؟؟

مار کانپوءِ ٻئي ٻار اندر روئي رهيا هئا!

چوندا آهن ته ٻار پنهنجي مرضيءَ جا بادشاهه هوندا آهن، پر افسوس اسان وٽ بادشاهه پنهنجا فيصلا پاڻ ناهن ڪري سگهندا........؟؟

بس ٻارن جي قسمت به عجيب هوندي آهي!!

بظاهر ته سڀئي والدين چوندا آهن ته ”اسان سڀ ڪجهه پنهنجي ٻارن جي مفاد ۽ ڀلي لاءِ ڪيون ٿا، پر حقيقت ۾ سڀ والدين مفاد پرست هوندا آهن. اسان سڀ پنهنجي ٻارن کي پنهنجي مفادن خاطر استعمال ڪندا آهيون جهڙي قسم جو مفاد هوندو آ ٻارن کي تهڙو بڻائيندا آهيون...؟؟

جيڪڏهن اسين امير هوندا آهيون ته پنهنجي ٻارن کي به پنهنجي شان شوڪت مطابق زندگي بسر ڪرائيندا آهيون ته متان اسان جي شان شوڪت ۾ ڪا گهٽتائي اچي!! جيڪڏهن اسين هاري مزدور يا ڪنهن ڪم جا ڪي ڄاڻو يا ماهر هوندا آهيون ته پنهنجي ٻارن کي به اهو سيکاريندا آهيو، ڇاڪاڻ ته اها اسان جي معاشي مجبوري هوندي آهي چور لچ لوفر ٻار کي ڇا ٿا سيکارين..؟؟

پير ۽ مرشد پنهنجي ٻارن کي مريدي ڪون ٿا سيکارين!! سرمائيدار پنهنجي ٻارن کي مزودرري ڪونه ٿا سيکاريو، رئيس ڀوتار پنهنجي ٻارن کي ڪڙمت هارپو ڪون ٿا سيکارين!!

اسان پنهنجي پنهنجي ٻارن کي پنهنجي ضرورتن مطابق ڪم ڪارج سيکاريون ٿا، جيئن اسان جي ڪم اچي سگهن. جهڙي فڪر مڪتب نظريي جا پاڻ هوندا آهيون ٻارن کي به اهڙو ٿا بڻايون پوءِ به سڀ دعوي اها ٿا ڪيون ته اسان سڀ ڪجهه ٻارن جي مفادن لاءِ ڪيون ٿا.

هولارام واش روم لاءِ ٺهيل جهوپڙيءَ مان هلڪو ٿي موٽيو ۽ لڇمي پنهنجي اندر جي باهه کي ٿڌو ڪري چلهه جي باهه ٻاري چانهه ڪاڙهي ورتي.

هولارام بدنو رکي باهه تي سري آيو. سڪل ڪاٺين جهڙين ڊگهين ٻانهن کي باهه ڏانهن ڊگهو ڪندي زال کي چيو: ”لڇمي ايڏو ضد ڇو ڪيو هجي تنهنجي هن مار سان ٻار پڙهي پاس ٿي آفيسر ڪونه ٿيندا ؟؟“

”مون ٻارن کي پاس ٿيڻ لاءِ مار ڪونه ڪڍي هجي مون ته انهن کي پنڻ ۽ رلڻ کان روڪيو هجي!!“

”هولارام ڏس!! بيبي باجي اسان جي ٻارن لاءِ اسان جي برادريءَ لاءِ ڪيڏي ڪوشش ڪري اسڪول کوليو هجي ته جيئن اسان جا ٻار به پڙهي پون ته جئين انهن جي زندگيءَ ۾ اسان جي جهوپڙين ۾ ۽ اسان جي برادريءَ وٽ به سوجهرو اچي!!“

بيبي باجي چوي پئي ته ”علم حاصل ڪرڻ جو اصل مقصد آفيسر ٿيڻ يا وڏو ماڻهو ٿيڻ ناهي، پر علم حاصل ڪرڻ جو اصل مقصد پنهنجي زندگيءَ ۾ روشني ۽ سوجهرو پيدا ڪرڻ آهي.“ هڪڙي ويچاري اڪيلي عورت ڪيڏو ڪم ڪيو هجي توهان مردن کي ته رڳو ٻار پيدا ڪرڻا هجن انهن جي پالڻ ۽ پرورش جو ته توهان کي ڪو فڪر ئي نه هجي.........؟؟

”هولارام هيڻو ٿي زال کي ٻڌندو رهيو. لڇمي چپ ڪون ڪئي مڙس کي دٻائيندي رهي. ”مون کي تنهنجي پرڪارن جي خبر آ ٻارن جي نه پڙهڻ ۾ تون ته خوش ٿيندين تون ڪيئن چوندين ته ٻار پڙهڻ لاءِ راضي ٿين پوء تنهنجو پيٽ ڪير ڀريندو........؟؟“

لڇمي ٻاهر مڙس لاءِ سواليه نشان ڇڏيندي چلهه تان چانهه لاهي اندر هلي آئي.

هولارام به چانهه جي چُڪي لاءِ اندر هليو آيو.........؟؟

اندر ٻئي ٻار پنهنجي آزادي کسجڻ تي روڄ راڙو ۽ ماتم ڪري رهيا هيا!!

زال مڙس جي تيز ڳالهائڻ ۽ ٻنهي ٻارن جي روئڻ تي سڀ ٻار پنهنجي جهوپڙين مان نڪري اچي هولارام جي جهوپڙيءَ جي در تي گڏ ٿيا. برادريءَ جي مردن ۽ عورتن ۾ سُس پُس پئجي وئي سڀ مذاق ۾ پيا چون اهي لڇميءَ جا ٻار ته اجهو آفيسر ٿيو وڃن. ها ها!! هاڻ ته لڇميءَ جي وڏن ماڻهن ۾ وڏي عزت ٿي وڃي، پر مالڪ اسان جي قسمت ۾ ته پنڻ لکيو هجي، جيڪا مالڪ جي مرضي، جيڪا ڌڻي جي رضا. اسان ته ڏاڍا خوش آهيون ڀلي لڇمي جا ٻار ئي آفيسر ٿين اسان ته پنڻ ۾ ئي خوش آهيون. سڀني پنهنجي پنهنجي ٻارن کي سڏ ڪيو ۽ پنڻ لاءِ روانو ڪري ڇڏيو.....!!

آغا خان چانڊيو

ڪُنري

رت کي ٽانڊو

 

هُو هونئن ته تمام گهڻو سخت دل به هو ته ڪن معاملن ۾ ميڻ کان وڌيڪ نرم دل رکندڙ ھو. سخت مان مراد ڪڏهن به ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍندو هو. نرم دل مان مراد هُو لکيل پڙھيل شاعر ڪهاڻيڪار ۽ گهڻ ماڻھو هو. هن سڄي عمر پنهنجن جي خدمت ڪرڻ جو نه رڳو سوچيو بلڪ هن پنهنجن جي هر محاذ تي پير کوڙي مدد ڪئي. پنهنجن مان مراد ته اوڙي پاڙي لاءِ ھُو پنهنجو رت ست ڏيڻ کان به نه لنوائيندو هو، هن پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ڀائرن کي خوش رکڻ لاءِ ته وسان ڪين گهٽايو هو ڇو جو پنهنجي دوستن جو وڏو حلقو رکندڙ ماڻهو هو. دوست به کيس قلمي پورهئي ۽ فراخ دلي جي ڪري وڏو مانُ ۽ مرتبو ڏيندا هئا، ڇو جو هن دوستن سان به سچايون ڪيون هيون، انڪري هر مڪتب فڪر جو ماڻهو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. اها عزت هن کي پاڻ پاران عام کي عزت ڏيڻ جي بدولت ملندي هئي، خير هر انسان ۾ ڪي سٺايون هونديون آھن ته ڪي اوڻايون به هونديون آھن دنيا ۾ ڪو ڪنهن کي چاهيندو آھي ته ڪو ڪنهن کي پر هن پنهنجي ڀائرن ۽  ماءُ پيءُ کان ڪڏهن به الڳ ٿيڻ نٿي چاهيو، پر هُو ان وقت اکين مان نير روڪي نه سگهيو، جڏهن سندس معصوم نياڻي کيس نهايت ئي ويچارگي مان چيو ته: بابا پاڻ کي ڏاڏا به ڪهاڙيون ٿو هڻي ۽ چاچا به ڪهاڙيون ٿو هڻين.“ سندس نياڻيءَ جي انهن لفظن سندس اکين نير پلٽي آيا هيڏو سخت جگر انسان پل ۾ ڀُري پيو. هيءُ اهو وقت هو جڏهن هُو پنهنجي گهر واريءَ سان ۽ ان معصوم گڏڙيءَ سان گڏ مزدوري ڪارڻ مرچن جي چونڊ ڪري الٿي ڌاري پنهنجي گهر پهچي چلهه ۾ ڪک رکي باهه ٻاري پنهنجي گهر واريءَ سان رات جي تنوڻ ڪڻ ۾ مدد ٿي ڪرائي، ڇو جو ٻئي ڄڻا سڄي ڏينهن جي مزدوري ڪرڻ جي ڪري ٿڪل هئا، انڪري هنن هڪ ٻئي سان هٿ ونڊائي ٿي ڪئي ۽ گهر ۾ پيئڻ جو پاڻي ميسر نه هئڻ ڪري تلاءَ تان پاڻي جي ڪين ڀري اچي گهر پهتو ته سندس گهر واريءَ سان سندس وڏي ڀاڄائي تمام زور زور سان ڳالهاءَ ڏئي رهي هئي. تنهن تي هن پنهنجي گهر واريءَ کي صبر جي تلقين پڻ ڪئي، پر زالي جهيڙو وات جي ٺڪائن تائين زورن شورن تي هو.  صابن توڙي جو مائٽن جو وچٽ اولاد هو سو مائٽن جو هيترو سارو خيال ڪندو هو پر شادي ڪرڻ کان پوء سندس مائٽ کيس هڪ نگاهه ڏسڻ به نه ڀائيندا هئا، انڪري سندس ماءُ صابن کي پنهنجي ويڙھي مان لڏي وڃڻ لاءِ به چوندي رهندي هئي ته سندس والد به کيس اهو طعنو ڏيندو هو ته هيءُ جيڪو تون ڪچي گهر ۾ رهيو آھين ان جو ليپو گارو به اسان ڪرايو آھي تو ڪهڙو مزوري ڀري گهر ٺھرايو آھي، انڪري پاڻ اسان جي گهر مان لڏي وڃي. توڙي جو گهر مٿان لڳل ڇت پڪي هئي جيڪا صابن پنهنجي مزدوريءَ مان ٺهرائي هئي نه رڳو سندس گهر جي ڇت جو سامان پاڻ ورتو هئائين، پر ان سان گڏ جيڪو سندس وڏي ڀاءُ جي گهر جي ڇت ۾ جيڪو پڪو سامان لڳل هو اهو به صابن پنهنجي مزدوري مان ورتو هو. پاڻ جڏهن ڪنهن دڪاندار وٽ پگهاردار هوندو هو ۽ ان پگهار جي پيسن مان هن ٻن ڇتين جو سامان وٺي ڇڏيو هو، تڏهن سندس شادي ٿيل ڪونه هئي ۽ ان وقت سندس وڏي ڀاءُ جي شادي ٿيل ڪونه هئي. سمورو ڪٽنب هڪ گهر ۾ ڪمائيندو هو ۽ سڀ گهر ڀاتي هڪ چلهه تي کائيندا هئا. پوءِ جيئن جيئن وقت بدلبو پي ويو ته گهر وارن ۾ اڻبڻتيون به ٿيڻ لڳيون. هُو پاڻ ۾ پنج ڀائر هئا. پنجن ڀائرن مان ڪنهن جي شادي ٿيل ڪانه هئي ڇو جو سندن قوم ۾ بدي تي سڱ جو ڪڌو رواج هو ۽ هنن وٽ بدو ڪونه هو ان ڪري ڀائر ڪنوارا هئا. سندن ماءُ راڄن ڀاڳن ۾ ڪافي ميڙ پڻ ڪيا، پر کين ڪٿان ڪو رشتو بنا بدي نٿي مليو. نيٺ هڪ سندن بيواهه چاچي صابن کي سڱ ڏيڻ جو ڏيکاريو جو صابن کيس سندس مڙس جي خودڪشي ڪري مرڻ کان پوءِ ھن پنهنجي چاچي جي ٻارن کي ٿورو گهڻو سنڀاليو هو، چاچيءَ کي سندس ننگ ياد هو ان ڪري هن کيس پنهنجي ڌيءُ جي سڱ ڏيڻ جو راضپو ڏيکاريو ته سندس ماءُ چيو ته: پٽ تون اها قرباني پنهنجي وڏي ڀاءُ لاءِ ڏي ڇو جو وڏو ڀاءُ ڪنوارو آھي. ننڍو ڀاءُ پرڻجي ٿو ته مناسب ناهي ان ڪري تون پنهنجي چاچي کي چئو ته اهو سڱ منهنجي وڏي ڀاءُ لاءِ ڏي.“ آخرڪار هن پنهنجي چاچي کي چيو ته اهو سڱ منهنجي وڏي ڀاءُ ربن لاءِ ڏي جنهن تي سندس چاچي مٿس شرط رکيا ته اسان سڱ صرف توکي ڏنو آهي تنهنجي وڏي ڀاءُ کي نه پوءِ جي اسان جي نينگريءَ جو ذمو کڻين ته اسان اهو سڱ تنهنجي وڏي ڀاءُ کي ڏيون ٿا ۽ هن جي ... کان پوءِ پنهنجي ماءَ کي چيو ته، تون ڀلي ربن جي شاديءَ ڪراءِ.“

وڏي ڀاءَ جي شادي وقت صابن جو گهر ٺھيل هو، جنهن جي پڪي ڇت به ٺهيل هئي، جيڪا صابن پنهنجي مزدوري مان ٺهرائي هئي خير ڀاءُ جي شادي به ٿي وئي ۽ هن پنهنجو پڪي ڇت وارو گهر به پنهنجي وڏي ڀاءَ کي ڏئي ڇڏيو هو، هُو اولادي اوڪادي به ٿي ويو. صابن پنهنجي ماءُ کي پنهنجي مامي جي گهران رشتي وٺي ڏيڻ جي عاضي ڪئي، نيٺ سندن مامون ٿورو گهڻو راضي ٿيو، پر سندس مامي کيس سڱ ڏيڻ لاءِ راضي نٿي ۽ صابن جو پنهنجي ماروٽ صغرا سان لائون لهڻ وارو خواب اڌورو رهجي ويو، ان ڏينهن کان پوءِ ھن بغاوت ڪئي ۽ مامي کان انتقام وٺڻ لاء پاڙي ۾ چڱن کي ڪنهن وٽ سڱ وٺڻ لاء ميڙ موڪليا، آخرڪار سندس ويجهي نه پر اراڪي وراڪي ۾ ماسات ٿيندڙ ذاڪر کيس پنهنجي ڌيءُ جو سڱ ڏيڻ جو راضپو ڏيکاريو ۽ سندس شادي ٿي وئي،  سندس گهرواري ۽ سندس مائٽن ۾ اڪثر جهيڙو به ٿيندو رهندو هُو توڙي جو ڳالهه ويڙھي مان لڏ لڏان تي اچي بيٺي. صابن جي ماءُ جيڪا صابن تان صدقو پئي ٿيندي هئي هونئن ته اولاد ته هر ماءُ کي مٺو چاهي جانور جو ئي ٻچو هجي. هوڏانهن صابن جيڪو شادي کان اڳ ته تمام گهڻو خوشحال هو، ان ڪري سمورا گهر ڀاتي ننڍا توڙي وڏا سندس صلاح کان ٻاهر نه هوندا هئا وقت ڦرندي دير ناهي لڳندي سو هاڻي صابن تي ڏکيا ڏينهن اچي ويا ۽ سندس وڏي ڀاءُ ربن جا سٺا ڏينهن آيا ته مائٽن ۽ سمورن ڀاتين جو خيال ربن تي هو ۽ صابن ھر ڳالهه ۾ ويچارو ٿي ويو. هن پاڻي ڪين لاٿي ئي ڪو ته سمورا گهر ڀاتي کيس ۽ سندس گهر واريءَ تي ڪهاڙيون کڻي اڀا ٿي ويا. سندس وڏي ڀاڄائي ۽ سندس گهر واري هڪ ٻئي سان وڏي واڪ گارگند ڪري رهيون، پر سمورا ڀاتي ربن جي گهرواريءَ کي ماٺ ڪرائڻ بدران صابن ۽ سندس گهرواريءَ تي ڪهاڙيون الاري رهيا هئا، پر ڪنهن به جهال پال نٿي ڪئي ۽ هو چپ چاپ اڱڻ تي تماشو ڏسي رهيو هو. آخرڪار هو پنهنجي گهر واري ۽ معصوم نياڻيءَ کي ساڻ ڪري پنهنجي ساهرن جي گهرن ڏانهن نڪري پيو. سمورو ڀريل تريل گهر ڇڏي سياري جي سرد رات ۾  روانو ٿيو. رستي ۾ سندس نياڻيءَ چيس ته بابا پاڻ کي ڏاڏا به ڪهاڙيون ٿو هڻي چاچا به!!!!!!!!!

آخر ڇو؟

ان وقت هُو ڪجهه ڪُڇي نه سگهيو ۽ اندران ڀڄي ڀري پيو.

’وفا‘ منظور چوهاڻ

شڪارپور

 

 

 

اڪيلائپ

 

اڪيلائپ جو احساس کائڻ ايندو آهي، اڪيلائپ اوندهه جيان آهي، جنهن ۾ خوف ۽ ڊپ جي فضا ڇانيل هوندي آهي. اڪيلائپ ازدها بلا وانگر آهي، جيڪا خوشين کي ڳڙڪائيندي ويندي آهي. اڪيلائپ ۾ مبتلا  ماڻهو ڀيڙ، رش ۽ ميلي ۾ به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندا آهن.

فرحانه به اهڙي اڪيلائپ جو شڪار ٿي چڪي هئي، هوءَ شادين مرادين ۽ ٻين خوشين واري موقعن تي به پاڻ کي ٻين کان بلڪل اڪيلي الڳ الڳ ۽ پري پري محسوس ڪندي هئي. شاديءَ جي موقعي تي جڏهن هرڪو خوشيءَ ۾ مگن هجي، اتي هيءَ وري تنهائي ۽ خاموشيءَ واري ماحول کي پئي ڳوليندي هئي.

حقيقت ۾ اهڙي ماحول ۾ ئي فرحانه جي خوشي هئي ۽ هوءَ دلي سڪون محسوس ڪندي هئي، شايد هوءَ پنهنجي يادن جي سهاري جيئري رهڻ چاهيندي هئي. فرحانه جون اهي ڪهڙيون يادون هيون، جنهن جي ڪري هن دنيا جي ٻين خوشين کي پٺتي ڇڏي، صرف يادن کي اوليت ڏني هئي.

يادن جي دريءَ مان جڏهن هن باغيچي ڏانهن ڏٺو ته، هن کي صرف زاهد ئي زندگيءَ جو ساٿي نظر آيو، زاهد هڪ پيار ڪندڙ سندس بي رنگ دنيا ۾ رنگ ڀريندڙ جيون سفر بڻيو، جڏهن سندن زندگي ۾ مايوسين پاسو ورايو هو ۽ کيس هر طرف اُداسيءَ جا عڪس اولڙن جي صورت ۾ صاف چٽا ظاهر نظر پئي آيا.

فرحانه جو پهريون مڙس مري چڪو هو ۽ ان مان کيس چار نياڻيون هيون، هن پنهنجين خوشين ۽ چاهتن کي پاسيرو رکندي نياڻين جي تعليم ۽ تربيت ۽ شادي ڪرائڻ ئي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ڇڏيو هو. اهڙي وقت ۾ فرحانه جي اڳيان زاهد پيار بڻجي آيو ته هن کيس شاديءَ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.

سالن جي انتظار کان پوءِ فرحانه هڪڙي نياڻيءَ جي شادي ڪرائي ته زاهد کيس وري آڇ ڪئي ته فرحانه مان توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو، تون وري هر ڀيري انڪار ڪري ٿي ڇڏين. هڪ ڏينهن گهڻي اسرار تي فرحانه کيس صاف چئي ڏنو ته، مون تي نياڻين جي ذميواري آهي ۽ انهن جي تعليم ۽ تربيت ۽ شادي ڪرائڻ ۾ ئي منهنجي خوشي آهي ۽ اهوئي منهنجو مقصد آهي.

اهو ٻڌي زاهد کيس يقين ڏياريندي چيو ته، فرحانه تنهنجي ذميواري منهنجي ذميواري هوندي، هاڻ! تون رڳو مون تي اعتبار ڪر. تنهنجين نياڻين جي شادين جو ذمو مون تي آهي.

هر موڙ تي تڪليفون پئي ڏٺائين. عورت هئڻ جي ناتي سماج ۾ کيس هر طرف بگهڙ پئي نظر آيا. هوءَ زماني سان هلندي هلندي بيزار ۽ ڪَڪَ ٿي پئي هئي. هاڻي کيس اهڙي سگهاري سهاري جي ضرورت هئي، جنهن جي بدولت هوءَ سماج ۾ جي پئي سگهي. اڄ فرحانه کي زاهد جي روپ ۾ سهارو ملي چڪو هو. اهو ڏسندي فرحانه به ها کڻي ڪئي ۽ ائين اهي ٻئي هڪڙي جيون جي گاڏيءَ ۾ سوار ٿي ويا. ان کان پوءِ زاهد به اهوئي ڪري ڏيکاريو، جيڪو هن فرحانه سان وعدو ڪيو هو.

وقت جو ڦيٿو هلندو رهيو، هُو ٻئي پنهنجي ننڍڙي دنيا ۾ خوش هئا ته اوچتو سندن خوشين واري زندگيءَ کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي. زاهد ايڪسيڊنٽ ۾ پنهنجون ٻئي ڄنگهون وڃائي ويهي رهيو ۽ کٽ تي اچي پيو. اهڙي ڏکي وقت ۾ گهر جي ڳاٽي ٽوڙ خرچ جي پورائيءَ لاءِ فرحانه ڪارخاني تي وڃڻ لڳي، پر اها ڳالهه به زماني کي راس نه آئي. مائٽن، پاڙي وارن سندن ڪَنَ اچي ڀريا ته تنهنجي معذور ٿيڻ سان تنهنجي خوبصورت جوان زال ٻين جو سهارو ورتو آهي.

زاهد شروع شروع ۾ مائٽن سان اهڙين ڳالهين تي وڙهي پوندو هو، پر آخر اهي ڳالهيون ٻڌي ٻڌي هُو به شڪ جي ڌُٻڻ ۾ غرق ٿي ويو. اهڙي حالت ۾ زال سان پيار سبب کيس چئي به نه سگهندو هو، پر پنهنجي اندر ئي اندر ۾ پيو ڪڙهندو ۽ ڳرندو رهندو هو. آخر هڪ ڏينهن هو سخت بيمار ٿي پيو ۽ انهي بيماريءَ ۾ ئي گذاري ويو.

فرحانه هڪ دفعو ٻيهر اڪيلائپ جي ور چڙهي وئي ۽ سڄو وقت پئي سوچن ۾ غوطا کائيندي هئي. سڄو ڏينهن ڪارخاني ۾ ڪم ڪار کان پوءِ جڏهن گهر پهچندي هئي، ته گهر کيس کائڻ لڳندو هو، انهي پريساني ۾ کيس ننڊ به نه ايندي هئي، ويٺي پُور پچائيندي هئي ته منهنجي زندگي به ڪا سورن سان نينهن لاتو آهي، جهٽ پل لاءِ ڪا خوشي ملي، پر اها به ڪنهن کان برداشت ڪانه ٿي، پر پوءِ وري پنهنجي زندگيءَ ۾ زاهد جي داخل ٿيڻ تي سرهائي محسوس ڪندي هئي ته زاهد تون ئي ته مون کي زندگي گذارڻ جو طريقو ڏسيو هو، اڄ تون به مون کان مُنهن موڙي ويو آهين ۽ سڄي رات زاهد جي سوچ ۾ ئي گذاري ڇڏيندي هئي ۽ کيس رات جي گذرڻ جو احساس به ڪونه ٿيندو هو ته ڪيتري رات گذري چڪي آهي، ڪڏهن به صبح جو مسجد مان آذان ٻڌڻ جو ايندو هئس ته سمجهي ويندو هو ته صبح ٿي ويو آهي.

هاڻي ته هوءَ ننڊ ڪرڻ لاءِ به زاهد جي يادن کي سوچن جو ويس پهرائيندي هئي ته کيس ننڊ اچي ويندي هئي، وقت ويو پئي ڏاڪا چڙهندو، هن کي پنهنجي جوانيءَ جي موڪلاڻي جي خبر ان وقت پئي، جڏهن هيءَ اوچتو زاهد جي ڀت ۾ هنيل، ان آئيني ۾ پاڻ کي ڏٺو ته پيشاني ۽ ڳچيءَ ۾ ڪراڙپ جا نشان ۽ وارن ۾ چاندي چمڪي رهي هئس، هن کان دانهن نڪري وئي ته زاهد ڇا؟ توکي وڇڙي ورهيه ٿي ويا آهن.

تو ته هميشه ساٿ ڏيڻ جو قسم کاڌو هو، منهنجي هر پسند کي پنهنجي پسند سمجهندو هئين. ايتري تائين جو تون پنهنجا وڳا به مون کان پسند ڪرائي وٺندو هئين. ڇا؟ اهو تنهنجو پيار هو. ڇا اها تنهنجي محبت هئي، مون کي اڪيلو راهه ۾ ڇڏي، پان ڏورانهين سفر ڏانهن راهي ٿي وئين.

زاهد هاڻي مان تو سواءِ اڪيلي رهي نٿي سگهان، مون کي به پاڻ ڏانهن گهراءِ، ڏس مان اڄ به توسان وچن پاڙيان پئي ۽ تنهنجي ڏسيل واٽ تي هلان پئي ۽ کٽ تي انهي کاٻي پاسي ڏانهن مُنهن ڪري سمهان پئي ته جيئن تون رات جو دير سان موٽندي، چپ چپ ۾ ساڄي طرف کان سمهندي مون کي ڀاڪر ۾ ويڙهي ڇڏيندو هئين. مان اڄ به انهيءَ انتظار ۾ آهيان ته تون اچي مون کي ائين چوين ته چانڊوڪي رات جي هن هلڪي هلڪي اکين کي ٿڌاڻ ڏيندڙ رات چوي ٿي ته، فرحانه.... هاڻ ننڊ ڪرڻ جي مهل ناهي، جاڳ ته پيار جا گل ميڙيون.

افسوس.....! پر هاڻي مان اهو آواز ڪٿي ٻڌي سگهان ٿي. فرحانه اهڙي پوزيشن ۾ ائين پئي سوچيو ته کيس اوچتو زاهد جو سڃاتل آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته، ”فرحانه....! رات جي چانڊوڪيءَ ۾ ۽ اکين کي ٿڌاڻ ڏيندڙ هلڪي هلڪي روشنيءَ ۾ توسان ملڻ آيو آهيان، ۽ دل ٿي چئي ته تون مون ڏانهن هلي آءُ، اهو سڀڪجهه گهري ننڊ ۾ ئي ٿيڻ ممڪن آهي.“

اهو آواز ٻُڌي، هُوءَ ڇِرڪ ڀري اُٿي ويٺي ۽ ڏٺائين ته ساڳيو اهو اونداهو گهر جو ماحول هو ۽ ساڳي اڪيلي هوءَ ۽ سندس کٽ هئي. هوءَ صدمي ۾ وٺجي وئي، اکين مان سندن ڳوڙها جاري هئا، روئندي روئندي هوءَ کٽ تي ئي ڪِري پئي. ساڳي انهي حالت ۾ کٽ تي کاٻي طرف هُوءَ مُنهن پاسيرو ڪري سمهيل هئي، ڄڻ اڃا زاهد جي انتظار ۾ هئي، صبح جو پاڙي وارن اچي ڏٺو ته هوءَ گذاري چڪي هئي.

عزت مآب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي جوڙيل ”جامع سنڌي لغات“ هڪ ”گهڻ- مقصدي“ يا ”گهڻ- پاسائين لغات“ مڃي سگهجي ٿي. هن لغات ۾ به لهجيوار لفظن ۽ اصطلاحن جو وڏو خزانو، جاتيوار اپڀاشائن جا شبد ڀنڊار، لفظن جا اچار، ڌاتو، ماده ۽ اشتقاق ڏنا ويا آهن، لهٰذا سنڌي ٻوليءَ جي مڙني لغتن ۾ ”جامع سنڌي لغات“ هڪ بهترين ۽ بامقصد لغت چئي سگهجي ٿي. پنهنجي هن شهپاري ۾ ڊاڪٽر صاحب خود فرمائي ٿو:

”هن لغات لاءِ سڄيءَ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان، عام رائج لفظن ۽ اصطلاحن کي سهيڙڻ لاءِ خاص ڪوشش ڪئي وئي. سنڌ جي هر ضلعي جي مکيه ڀاڱن ۾ مڪاني ماڻهو مقرر ڪيا ويا. انهيءَ لاءِ ته اُهي پنهنجي تر جي ٻوليءَ جا الفاظ ۽ اصطلاح هٿ ڪري موڪلين. مثلاً: ڪاسبن، ڪنڀارن، لوهارن، ڪورين، واڍن ۽ وگهاملن وغيره جا الفاظ ۽ اصطلاح؛ جنسن جا نالا، جهڙوڪ: گاهن، جيتن، گلن ۽ پکين وغيره جا نالا؛ مقامي ريتين رسمن جهڙوڪ: شادي غمي، ميلن ملاکڙن جا اصطلاح؛ گهرو الفاظ جهڙوڪ: عورتن جا اصطلاح ۽ ڀرت جا نالا وغيره؛ اٺن ۽ گهوڙن جي سازن، سنجن، پنڌن، بيمارين جا الفاظ ۽ اصطلاح؛ پوک جي مڙني قسمن جي پوکڻ ۽ سنڀارڻ جا الفاظ ۽ اصطلاح؛ ميوي جي فصلن جهڙوڪ: انب ۽ کجيءَ وغيره جا اصطلاح ۽ الفاظ. هن سلسلي ۾ هي احتياط پڻ رکيو ويو آهي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي مڙني مکيه محاورن، جهڙوڪ لاڙ، سري، ٿر، ڪاڇي، کاري، ڪڇ ۽ لس ٻيلي جي مخصوص ٻولين جا انوکا عام رائج الفاظ ۽ اصطلاح، هن لغات ۾ شامل ڪري سگهجن(11).“

”جامع سنڌي لغات“ ثقافتي قسم واري لغت پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته هن لغات ۾ سنڌ جي ثقافت سان واسطو رکندڙ موضوعن وارا لفظ پڻ شامل ڪيا ويا آهن. ڌار ڌار قومن ۽ جاتين جي جاتيوار ثقافت جي جهلڪ وارا لفظ ۽ اصطلاح پڻ هن لغات ۾ گهڻي قدر شامل ڪيا ويا آهن.

ڊاڪٽر صاحب جاتيوار ۽ ڌنڌن وار لغتن کان سواءِ ثقافت واري دائري واريءَ لغت جون جيڪي خصوصيتون بيان ڪيون آهن، اهي سڀ خصوصيتون ”جامع سنڌي لغات“ ۾ موجود آهن. مثلاً: هر ڪرت ڪندڙ، هر جاتيءَ، هر پکي پسونءَ، جانور، جيت ۽ جنتر، وڻن ٽڻن، گاهن ۽ ٻوٽن، هنرن ۽ ڪاريگرن، گهرو قسم جا الفاظ، هار سينگار، سونهن سجاوٽ سان واسطو رکندڙ لفظ، اصطلاح ۽ پهاڪا، معياري ادب، ادب،لوڪ ادب ۽ ادبيات جي ڌار ڌار صنفن سان واسطو رکندڙ لفظ ۽ اصطلاح وغيره هن لغات ۾ شامل ٿيل آهن. ان لحاظ سان جامع سنڌي لغات کي ”گهڻ- مقصدي“ يا ”گهڻ- پاسائين لغات“ چئي سگهجي ٿو. هن لغات جي مطالعي سان سنڌ جي تاريخ، علم ادب، قومن، قبيلن، جاتين ۽ انهن جي ماڻهن کان سواءِ سنڌ جي ثقافت جي اڀياس لاءِ تمام گهڻي مدد ملي سگهي ٿي. انهيءَ نُڪتهء نگاهه کان هيءَ هيءَ لغات، سنڌي ٻوليءَ جي هر لحاظ کان لاثاني لغت چئي سگهجي ٿي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا

رسالو ’مهراڻ‘ ”ڊاڪٽر نبي خان بلوچ خاص نمبر“

2/2012ع تان ورتل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org