سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2022ع

باب:

صفحو:10 

ولي محمد وفا هوت

چرواڻ

 

 

 

آزاد نظم

اسان جو مُقدر، خزائن جي موسم

اسين غم جا آهيون، ته ساٿي پراڻا

اسان جون آ جيون، سدا شام جهڙو

اداسون،

هوائون

۽ دونهان، دُکن جا

تتل ڏينهن ۾

ڄڻ ڪو پياسو مسافر

ڪنهن ويران رڻ ۾ اڪيلو، اڪيلو

ڪا ڳولا اکين ۾

ڪي سوچون اندر ۾

سالن کان اُجڙيل پراڻن پڊن جيئن

اسان جو اندر آهه، ويران سارو

ملئين تون ته، ائين هو لڳو هڪ گهڙي

ڪنهن نٽهڻ اُس ۾

ڪو بادل هو ڇانئيو

مگر جان منهنجي

صدين جون سِڪون ڪيئن لهن ساعتن ۾

اندر جون اُڃون ڪيئن سُرڪيون اُجهائن

سندئي پيار، بادل جيئن ٿورو برسي

اُداسين جون بوندون ٻه ٽي ڪي وسائي

وري ڪنهن، سمندر مٿي ويو وسڻ لئي

گلابن ۽ موتين

جي رنگين چمن ڏي

اسان ٿر جي ٿوهر، جيئن پياسا اڳي جيئن

۽ رهجي وياسين، اُڃايا اُڃايا

نه ئي ساٿ تنهنجو نه ئي سار تنهنجي

ڪا ساٿي بڻي ۽

ڪنهن جي گرم ٻانهن جي آغوش ۾ تون

اسان کي وساري، وري گم وئين ٿي

تنهنجو ڏوهه ڪونهي

منهنجو ڏوهه ڪونهي

اسان جو مُقدر خزائن جي موسم

 

حافظ حبيب سنڌي

چوهڙ جمالي

 

 

 

 

غزل

وقت چاهي ٿو ته وعدن ۾ وفا پيدا ڪجي،

ٻاٽ اونداهي جهروڪن ۾ جلا پيدا ڪجي.

وقت جي آهي صدا ۽ وقت چاهي ٿو مگر،

ڪو اُڪاري پار اهڙو ناخدا پيدا ڪجي.

هَل ڏسون هي باغِ محبت نفرتن جا نيئر ٽوڙي،

دل جلن جي ديس ۾  ڪو دلربا پيدا ڪجي.

تون رقيبن ۾ به ويهي ڳولهجان پنهنجو ’حبيب‘،

ان رقابت ۾ محبت جا بَه جا پيدا ڪجي.

 

غزل

بخش ڪَر مولا مدايون، انسان بي دامان آ،

انسان جي ڪردار تي، انسانيت نالان آ.

بي جان نطفي مان بڻايو، عزّوجل انسان کي،

چنڊ جيئن اڄ هو زمين تي، تاب سان تابان سان.

پَر؛ نه آندو ڪو شڪر انسان پنهنجي رَبَّ جو،

۽ ڇوٽڪاري جو انهيءَ ڪو ڪونه ڪيو سامان آ.

ڀل ڪري بدڪار بديون ۽ هُو بديون بخشي پيو،

پر؛ ناشڪر انسان ڀي، آخر وڏو نادان آ.

جانورن کان به بدتر، جانور انسان هو،

ڪيئن بڻيو انسان، اُن لئه گواه قرآن آ.

بي خبر انسان جون خبرون ڪري ڪهڙيون ’حبيب‘،

بس! رڳو احساس برتر ۾ اِهو نازان آ.

 

منٺار علي هوت

جهڏو

 

 

 

 

غزل

نهاريان رات ڏينهن راهون، الهه ڄاڻي ڪڏهن ايندين؟

دُکي دِلڙي ڪري دانهون، الهه ڄاڻي ڪڏهن ايندين؟

 

بيهاري جِت وئين جاني، اُتي تو آسري آهيان،

نه پاتم پير ڪِي پاهُون، الهه ڄاڻي ڪڏهن ايندين؟

 

جُدائي جِيءُ وڌو جهوري، جيئڻ جنجال ٿي پيو آ،

ڪري تون قرب جون ڪاهون، الهه ڄاڻي ڪڏهن ايندين؟

 

بڻيون ڇو بي اثر آهن، رڙيون، ڪُوڪون ۽ پُڪارون،

اسر، آڌي ڪريان آهون، الهه ڄاڻي ڪڏهن ايندين؟

 

کڻي پيغام هي منهنجو، ڏجانءِ پانڌي وڃي پَلَ ۾،

پرين تو ڏيهه پراهون، الهه ڄاڻي ڪڏهن ايندين؟

 

هٽائي ’هوت‘ هينئڙي کان، ڌِڪي دلبر ڪيئي دُوري،

مِٺا ’منٺار‘ اوراهُون، الهه ڄاڻي ڪڏهن ايندين؟

 

ڏاتل خان چنا اُداسي

ڦلجي وليج

 

 

 

        وائي

 

گهُلي اُتر هير،

هينئڙو آ دلگير،

هاڻي ته هلي آ.

سرنهن ڄانڀو ڦُلهاريو،

گُلڙن جي آ وير،

هاڻي ته هلي آ.

کيتن ۾ گهُمندي،

ڏٺم تنهنجو پير،

هاڻي ته هلي آ.

چانڊوڪي رات جو پهر،

آ ڌرتي ڀِڳي شبنم سوير،

هاڻي ته هلي آ.

ڪوئل پئي ڪُوڪاري،

مَن ۾ ڄڻ آ تِير،

هاڻي ته هلي آ.

عيد به آ آئي،

تُنهنجي آ اُڪير،

هاڻي ته هلي آ.

تَن مَن ٿو تڙپي،

نيڻن آيا نير،

هاڻي ته هلي آ.

توکان پري پيارا،

جُهوري ڏئي ٿي جهير،

هاڻي ته هلي آ.

دل منهنجي جاني،

تُنهنجي آ جاگير،

هاڻي ته هلي آ.

توريءَ جيئندو ڪيئن،

ڏاتل ’اُداسي‘ هي فقير،

هاڻي ته هلي آ.

ارڏو اُترادي

ڪنڌڪوٽ

نظم

منزلون مصيبتون پسي نه پيار ٽوڙيو،

جي آفتون اچن اڳيان تڏهن به منهن نه موڙيو.

 

جي هٿ هانوَ تي هڻن، ٽڪر ٽڪي پوءِ دم کڻن،

ڏسو پرائيو پاهڻن، ڪيئن ٿا ڪٽجي بت بڻن،

آس تي فرهاد ڪيئن پهڻ پٽ اکوڙيو....

منزلون مصيبتون پسي نه پيار ٽوڙيو.

ڪيچ ڪاهي هيڪلي ۽ راه رڻ ۾ پئي رُلي،

تڏهن به هن نه دل پلي، وڃي پنهل سان هوءَ ملي،

اوهان به اهڙي سڪ سان هي ناتو نينهن جوڙيو....

منزلون مصيبتون پسي نه پيار ٽوڙيو.

ڏسي سنڌوءَ جو وهڪرو، اوهان نه عاشقو ڏرو،

گهڙا کڻي گهڙي ترو، ملي ميهار پوءِ هجو،

جڳ ۾ جيئرا سي رهيا، جنين کي لهر لوڙهيو....

منزلون مصيبتون پسي نه پيار ٽوڙيو.

جي سڀن کان هي سبق سکو، ته پير پيار سان رکو،

نانءُ نينهن سان لکو، هي چاش چاهه سان چکو،

اٽل اڏول ’ارڏا‘ بڻجي پيار سان پتوڙيو،

منزلون مصيبتون پسي نه پيار ٽوڙيو.

 

نم ناز

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

غزل

 

مظلوم جي ڪري جو، وڪالت وري وري،

گهرجي اسان کي اهڙي، قيادت وري وري!

هن ملڪ جي ماڻهن مان، جو غربت ڌڪي ڪڍي،

هردم ڀلي ڪري سو، حڪومت وري وري!

تاثير گفتگو جي، ماکي کان آ مٺي،

مون کي کپي ٿي اهڙي، شفاعت وري وري!

هر درد جي دوا ٿي ملي، منهنجي پير کان،

تنهن پير جي هلي ڪر، زيارت وري وري!

مسڪين جون خطائون، ڪري معاف تو ڇڏيون،

اهڙي رهي اسان تي، عنايت وري وري!

وارث ڌڻي تون آهين، منهنجي سر ۽ ساهه جو،

خادم کان ڇو گهُرين ٿو، اجازت وري وري!

آ ڏاج عاشقن جو، سهڻ طعنا لوڪ جا،

سِر تي ڀلي وسي پئي، ملامت وري وري!

حاصل ڪري وٺان مان، دنيا جو ته هر هُنر،

رب کان ملي ڪا اهڙي، مهارت وري وري!

بيڪار بندگي، ٿيو وڃي ٿي غرور ۾،

رب جي عجز ۾ ٿئي ٿي، عبادت وري وري!

تنهنجي ته هر خطا کي، ڪيو مون آ درگُذر،

پر دل ۾ تون رکين ٿو، حقارت وري وري!

ويئي ڄمار گُذري، نه ٿيو ڪم ثواب جو،

هاڻي ڪريان ٿو خود تي، نِدامت وري وري!

 

مُستقيم ’بازيدپوري‘

ڪنڊيارو

 

 

 

 

غزل

سوال زندگي ها جواب زندگي،

اسان لاءِ ڄڻ ڪو ڪتاب زندگي.

 

سڄڻ ساڀيا ٿي نه سگهيا سي ئي،

سُهانا پنهنجا ها خواب زندگي.

 

اُهو ميڪدو ها اُهوئي ساقي،

ڪري ڪير توکان حِجاب زندگي.

 

نئين ڪا تقاضا نه ڪر دل چَري،

اَزل کان پنهنجي آ نواب زندگي.

 

زمانو وَسائي پٿر ڀَل پرين،

اسان جي هٿن ۾ گُلاب زندگي.

 

هميشه نه ئي هِڪوار ته هلي آ،

پرين چار ڏينهن جو باب زندگي.

 

ڦُٽي آهه باک نيٺ ته اُڀرندو،

اُميدَن سَندو آفتاب زندگي.

 

عبدالمالڪ’عبد‘ چانڊيو

دڙيلو

 

 

 

 

نعت

دلـــدارُ نبي دلٺَارَ نبي ســـردار نبي سالار نبي،

ڪُل نَبِيَن جو آهي جو ننگدار نبي پڳدار نبي.

جيــڪو اَحــسَنُ اَجمَلُ اَڪمَلُ آ، ســــــــو اَطھَرُ اَنــــوَرُ اَفـضَـلُ آ،

ســـو نَفِيـسُ شَفِيقُ بِه  نِرمـَـلُ آ، منجھه سُونهن سڄو سرشار نبي.

ڪائنات ۾ اھڙو ڪو به نه ٿيــو، جھـــڙو مرسل منهنجو مير بڻيو،

واکـــاڻَ ڪَـــــيان ٿي وَاھ وڻيـو، ھِنَ اُمَّتَ جو آڌارُ نبــــي.

جيڪو حُسنَ جو مِحوَرِ اَعظم آ، ٿِيــَـا دَنگَ جَــــمالَ مَـٿِس جَـلوَا،

تَشبِيھَ ڏِيـــان ڪِينئَن ماھِ لقا، خود محبت جو معيار نـبي.

تعـريفَ ڪَري ڪھڙي چَانڊيـو‘، سَـاراھَ پِرينء جي قُرآن لٿـــو،

عَبـــدُالمَالِڪَ دُنيــَـــا به ڏِٺـــو، سڀ سھڻن جو سينگار نــبي.

*

وڪيا نه آھيون جھڪيا نه آھيون، اسان جو ماضي ڪمال آھي،

ھميشـه ظالم رھيو مقابــل  قصـــو اھـــو لازوال آهي.

ڪٽايون سرڙا لٽايون گھرڙا ازل کان آهي ھي ريت پنهنجي،

 شڪسته خورده ڪڏهن نه ٿيا ھون، ھميشه آهي ئي جيت پنهنجي،

اسان جو مرڪڻ منافقن لئه عذاب وانگي مثال آهي.

محاذ آهي اسـان جو مسڪن ڪڏهن ٿا غازي شھيد بنجون،

 اسان معوذ معــــاذ وارا،  اســان سپاهه ولـــــــيد بنجون،

 اسان جي ھٿ جو ڪنگڻ، اھوئي ترار آهي ۽ ڍال آهي.

نــــھار ڪــــر تون نھـــــار ٿورو اســـــــان ڪـــفن ڀي گلاب پاتو،

خريد ڪيا ويا ڪڏهن نه آھيو جھڪڻ  اسان ڀي ڪڏهن نه ڄاتو،

تون دوستن کان نٿو ٻڌين پر مخالفن ۾ مقال آهي.

اسان انھــــن مان جنين ھو نيزن کي پنهنجي گردن گلي لڳايو،

اوھان انهن مان جنيـن ھو ويرين کي واٽ پنهنجي ۽ گس ٻڌايو ،

ھي تنهنجا وڏڙا ھو منهنجا وڏڙا ٻنھي جي ڀيٽا محال آهي،

ھا سون ورني سٽن ۾ پوئي لکيو وڃي ٿو اسان جو نالو،

اي عبدالمالڪ ڏسين ٿو چانڊيا آ صاف صحبت حقي حوالو،

جميل صورت نفيس سيرت جلال ۾ ڀي جمال آهي.

 

ممتاز کوکر

غزل

اُداس رڻ ۾ پَلي نه سِڙَ ٿي، ٻُڏي تَران ۽ تَري ٻُڏان ٿو،

نه ئي ڪنارو ملي ڪا ڪَڙ ٿي، ٻُڏي تَران ۽ تَري ٻُڏان ٿو.

لهر لهر جي نظر نظر ۾، فڪر فڪر جي، اثر اثر ۾،

نصب ڪائي ڏني نه اَڙ ٿي، ٻُڏي تَران ۽ تَري ٻُڏان ٿو.

وجود پنهنجو، سجود ۾ آ، درود دل جي حدود ۾ آ،

ويا تصور به ڇڙ و ڇڙ ٿي، ٻُڏي تَران ۽ تَري ٻُڏان ٿو.

پرين! پيارا، ڇڏي سهارا، ڪيون نه آرا، ڪينَ ڪنارا،

محبتن جي، نه مون مُهڙ ٿي، ٻُڏي تَران ۽ تَري ٻُڏان ٿو.

ڏي ساٿ سانئڻ، آ واس واسڻ، پريت پائڻ، سکي سهاڳڻ،

نچي نچان آءُ، ور وڪڙ ٿي، ٻُڏي تَران ۽ تَري ٻُڏان ٿو.

سڀاءُ صورت، اُٿاهه سيرت، هڳاءُ محبت صباح فطرت،

سي چاهه! ممتاز تڙ تڪڙ ٿي، ٻُڏي تَران ۽ تَري ٻُڏان ٿو.

غزل

ڪئنواس تي بارش پئي، رنگين منظر ٿي ويا،

هر جاءِ کان خوشبوءِ اُٿي، رنگين منظر ٿي ويا.

هر مک مٿان مرڪون هيون، جڳ واس ۾ مهڪي پيو،

محبوب جو گهر، در، گهٽي، رنگين منظر ٿي ويا.

اُڀ تي ڪيو مي رقص ڄڻ، آ چنڊ! تارن جام پي،

جهومي پيا ٽيڙو ڪَتي، رنگين منظر ٿي ويا.

ڄڻ هيٺ تُڙڳيون ٿو هڻي، درياءَ ۾ هي آسمان،

ڇرڪي پيون آکڙيون ٻئي، رنگين منظر ٿي ويا.

سونهن سندو جلوو پسي، آ عشق من ۾ جاڳيو،

’ممتاز‘ ويو مڌهوش ٿي، رنگين منظر ٿي ويا.

 

دين محمد ’سُجاڳ‘ پلي

لطيف نگر

 

 

 

 

 

سيف الله خالد ’سيف‘

ڳالهه جو گلزار گل ڦل، شعر جو سينگار سيف،

ٿو لڳائي دل مٿان گفتار جي درٻار سيف.

 

ڪهڪشان ۾ ڪئين ڏٺم پر چنڊ جو چمڪڻ ٻيو،

ڇانئجي ويٺو اٿئي اسٽيج تي هر بار سيف.

 

گفتگو، ڪردار ۾ مون پروڙيو پرجهيو،

هو ثقافت سنڌ جي تهذيب ۽ اقدار سيف.

 

دل گهڻيرن جي کٽي پنهنجين ادائن سان ويو،

ڪيئن پڇون ڪنهن کان پڇون هليو پراهين پار سيف.

 

زندگي ۾ مون ڏٺا آيا ۽ ايندا پيا ٻيا،

يار يارن کان مٺا پر مختلف هو يار سيف.

 

ٽهڪ هئا يا چهڪ هئا سو درد وارن کي پتو،

پر پرانهين سفر لئه، ٿي لڳو تيار سيف.

 

در کليل اوطاق جو، دل جو ڌڻي هو بادشاهه،

آجيان سان دل کٽي ڄاتي ڪري کينڪار سيف.

 

هو لطيفن جي لطافت جو خزانو اڻ ميو،

دوستن جي هر خوشي لئه سان هو سينگار سيف.

 

نشستن تي نشستون اڄ به خوابن ۾ ’سجاڳ‘،

اڄ به سپنن ۾ خيالن ۾ لهي ٿو سار سيف.

 

لطيف حيدر

غزل

دردن کي اوهين چئجو، اسان جا در نه کڙڪائي،

هاڻ ئي مس مس سُتا آهيون، مستن کي نه جاڳائي.

 

اسان ٿوهر کي ڳيتو آ، اسان هي زهر به پيتو آ،

دردن کي اوهين چئجو، سُقراط کي نه آزمائي،

دردن کي اوهين چئجو، اسان جا در نه کڙڪائي.

 

اسان کي شام جا پاڇا اُتر ۽ لاڙ ۽ ڪاڇا،

دردن کي اوهين چئجو، ٿي واڳون نه ڳڙڪائي،

دردن کي اوهين چئجو، اسان جا در نه کڙڪائي.

 

اندر ۾ عشق جا اولا، بره ۾ باهه جا شعلا،

دردن کي اوهين چئجو، دوزخ کي نه ڀڙڪائي،

دردن کي اوهين چئجو، اسان جا در نه کڙڪائي.

 

اڏي تي هي اکيون آهن ۽ سولي تي اهي سپنا،

دردن کي اوهين چئجو، ڦندي تي نه ڦٿڪائي،

دردن کي اوهين چئجو، اسان جا در نه کڙڪائي.

 

ڪهڙي هي چوٽ کاڌي آ، اسان بس موٽ کاڌي آ،

دردن کي اوهين چئجو، حسينن سان نه اٽڪائي،

دردن کي اوهين چئجو، اسان جا در نه کڙڪائي.

 

’لطيف حيدر‘ آ ساڙيل، ۽ موکي مڌ جو ماريل،

دردن کي چئجو، تاڙي ڏئي نه تڙپائي،

دردن کي اوهين چئجو، اسان جا در نه کڙڪائي.

 

’مصروف‘ محمد حسن چانڊيو

 ڪنري

 

 

 

 

 

غزل

 

اسان تي يار چانڊوڪي،

ڪري ٿي وار چانڊوڪي.

سوا تنهنجي سڄڻ آهي،

پرين سان بار چانڊوڪي.

ڪٿي پڄندي صنم توکي،

ڪري سينگار چانڊوڪي.

پڇي ٿي روز ڏس مون کان،

اوهان جا پار چانڊوڪي.

اچي دل کي آهي گهيريو،

دلي دلدار چانڊوڪي.

اڃان توئي ڏٺو ناهي،

مٺو منٺار چانڊوڪي.

وصل جي رُت وري آهي،

ڪريو ڪو پيار چانڊوڪي.

ملي من کي خوشي تڏهن،

ٿين ديدار چانڊوڪي.

واري جي وار تو واريا،

وڌي مهڪار چانڊوڪي.

ڀري ٿي حاضري تنهنجي،

صنم سرڪار چانڊوڪي.

ملڻ جو آ ڪيو مون سان،

وري ويچار چانڊوڪي.

مٺو ’مصروف‘ اڄ ايندو،

سڄڻ سردار چانڊوڪي.

 

ذوالفقار ٽالپر

جهڏو

غزل

الفت ڪونهي انڌيرو آهي،

سوچن تي ڄڻ پهرو آهي.

جنهن جا جذبا نازڪ آهن،

زرد انهي جو چهرو آهي.

دولت دنيا ۾ ته رکي ٿو،

سمجهن ڪي، پنج سيرو آهي.

ساٿ ڇڏي ويو هڪڙو ساٿي،

وقت جو ويري ڦيرو آهي.

ڪلفت ڪينو ڪون رکون ٿا،

هن جو مَن ڇو ميرو آهي.

غزل

ويا جي ته وڇڙي، پيارن جي ڳولا،

اسان کي ته آهي، سهارن جي ڳولا.

سدا سڪ ملڻ جي اکين آ ته سانڍي،

اوهان جي ته نرمل نهارن جي ڳولا.

اُداسين جي پارن ڇڏيو جيءُ ته جهوري،

مِٺا آهي من کي بهارن جي ڳولا.

ڪڏهن ڪونه مرڪيو منهنجو هي مَنڙو،

جَڏي جيءَ کي يارن جيارن جي ڳولا.

پليو پيار پنهنجو انڌيرن ۾ ساٿي،

چُمين کي ته چنڊ سان، ستارن جي ڳولا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org