سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2022ع

باب:

صفحو:6 

اعظم ڀٽي

ٽنڊو محمد خان

 

 

 

             سنڌ جو تاريخي علمي ۽ ادبي مرڪز

ٽکڙ جون لائبرريون

سنڌ جا لاتعداد اهڙا ماڳ آهن، جن جي تاريخي علمي ۽ ادبي اهميت صدين پڄاڻان  موجوده دور ۾ به قابل تحسين رهي آهي، اهي ماڳ نه رڳو علم ۽ ادب جو گهوارو بڻيل هئا، پر اتي جو ثقافتي، علمي ۽ ادبي ورثو توڙي درسگاهون ۽ لائبرريون به هنڌين ماڳين هُو واري چوڻي جي مصداق رهيون. موجوده وقت ۾ اڪثر طور هاڻي انهن لائبررين جا صرف تذڪرا باقي وڃي بچيا آهن. هڪ وڏو علمي ۽ ادبي ذخيرو وقت جي جبر جو شڪار بڻجي پنهنجو وجود وڃائي ويٺو، تڏهن به ان جي تاريخ جا ڌُنڌلا عڪس اڃا به ڪي آهن. انهن تاريخي ماڳن ۾ سنڌ جي جڳ مشهور علمي ۽ ادبي مرڪز ٽکڙ جو به شمار ٿئي ٿو، جتي لڳ ڀڳ سترهين صديءَ کان علم ۽ ادب جي هاڪ هئي، جتي هاڻي صرف پُراڻين يادن جا داستان ۽ ڳالهين جا ڪيئي ڳوٺ جُڙيل آهن، عملي طور  ٽکڙ جون شاندار درسگاهون ته پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون، پر اتي جي انهن اڪثر لائبررين جو ڪو به وجود باقي نه رهيو آهي، جن کي ڏسڻ ۽ انهن مان فيضياب ٿيڻ لاء ۽ ڏُورانهن علائقن کان ماڻهو ڪهي اچي علم جي اُڃ اُجهائيندا هئا، ٽکڙ جي لائبررين جو عُروج به ڪڏهوڪو موڪلائي ويو، باقي نالي ماتر جيڪو ڪجهه بچيو آهي، سو يا ته گُمنام آهي يا وري  هڪ وڏي ۽ عام اڪثريت جي اکين کان به اوجهل آهي، اهي تاريخ جون يادون اهڙا ڇُٽل ڦٽ آهن، جن تان جڏهن به ڪڙيون لاهڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته ۽ هانءُ جُهريو پوي. ٽکڙ جيڪو شعر و ادب جو مرڪز هو، اتي جي علمي ۽ ڪتابي ذخيري جي اهميت به ڪنهن کان لڪل نه هئي پر موجوده وقت ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪک پن ٿي ويو، جيڪا ڏاڍي ڏکوئيندڙ ڪيفيت آهي. اها ڪيفيت عام طور رڳو ٽکڙ سان لاڳو ناهي، پر سنڌ جي اڪثر ذاتي نوعيت جي لائبررين جي به اها ئي حالت رهي. ان جا به کوڙ سارا سبب آهن، جن ۾ لاپرواهي، چوري چڪاري کان وٺي اُڏوهيءَ جي آزار تائين، ڪجهه پئسن عيوض ڪاٻاڙين حوالي ٿيڻ کان وٺي بيحرمتيءَ جي خوف سبب درياءَ حوالي ٿيڻ تائين اهو الميو لڳ ڀڳ سموري سنڌ جو ڄڻ ته ڦٽل نصيب بڻيل رهيو. انهن عام مُروج المين کان ٽکڙ جي سرزمين به آجي نه رهي سگهي. جنهنڪري ماضيءَ جي علمي، ادبي تاريخ جا شاندار ۽ ناياب دفتر ڄڻ ته مٽي بڻجي ويا. ان لحاظ کان ٽکڙ جي لائبررين جي مختصر ۽ ڏکوئيندڙ تاريخ هيٺين ريت آهي:

 حافظ محمد يوسف جي لائبرري:

حافظ محمد يوسف ولد حافظ محمد هارون اڳئين ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو، تذڪره شعراء ٽکڙ موجب حافظ محمد يوسف  1528هجري ڌاري پيدا ٿيو ۽ سندس وفات تذڪره شعراء ٽکڙ ۾ 1322هجري ڄاڻايل آهي، سندس ولادت جو سال غلط ڄاڻايل آهي. مهراڻ جي
سوانح نمبر ۾ سندس ولادت جو سال 1258 هجري لکيل آهي، جيڪا لکت به اسدالله شاهه اسد ٽکڙائي جي ئي آهي.

ٽکڙ ۾ سڀ کان پھرين لائبرري حافظ محمد يوسف جي ھئي، جيڪا پاڻ وسين شھمير شاھ يعني ٽکڙ کان پھريئين ڳوٺ مان پاڻ سان کڻي آيو ھو. اُن ۾ شايد ڪجھ قيمتي مخطوطا ھئا. جيڪي پوءِ سندس پُٽن حافظ هارون دلگير ۽ اُن کانپوءِ حافظ عبدالله بسمل جي حصي ۾ آيا. ان بابت سنڌ جي نامياري شاعر امداد حسينيءَ جو چوڻ آهي ته ماسي آست (حافظ عبدالله بسمل جي گھر واري) ٻڌائيندي ھئي ته اُھي مخطوطا ۽ پنا وغيره اسد الله شاھ اسد‘، ’بيخود حُسيني ھُن کان وٺي ويو ھو. جنھن مان حافظ يوسف جو فارسي ڪلام،  حافظ ھارون دلگير ۽ حافظ عبدالله بسمل جو ڪلام پوءِ تذڪره شعراء ٽکڙ ۾ ڇپيو. اصل مخطوطا ڪيڏانھن ويا ان جو  ڪو ڏس پتو ڪونھي!

 علامه اسد الله شاھ “فدا” جي لائبرري :

علامه قاضي سيد اسدالله شاھ فدا  سيد الهه بخش شاهه جو فرزند هو، اڳئين ٽکڙ ۾ ڄائو. تذڪره شعراء ٽکڙ موجب سندس ولادت 15 شعبان 1385 هجري ۽ وفات 27 رجب 1244هجري ڄاڻايل آهي. جن سالن ۾  سراسر غلطيون آهن. سائين جي.ايم.سيد پنهنجي ڪتاب جنب گذاريم جن سين ۾ سندس ولادت 15 شعبان 1285هجري مطابق 30 نومبر 1869ع ۽ وفات 27 رجب 1344هجري مطابق 10 فيبروري 1926ع ڄاڻائي آهي.

ٽکڙ ۾ علامه قاضي سيد اسدالله شاهه فدا جي به وڏي لائبرري ھئي، جنھن جي باري امداد حسيني چوي ٿو ته ”مون ٻُڌو ھو، پر مون اُھا لائبرري ڏٺي ڪانه ھئي! ان ۾ عربي، فارسي،  سنڌي ۽ اردو ڪتاب هئا. ٻِه - دريءَ جي ڀتين سان ڪٻٽ رکيل ھئا ۽ انھن ۾ اھي ڪتاب سجايل ھئا. علامه قاضي اسدالله شاهه فدا جي لاڏاڻي کانپوءِ اُھا لائبرري به زبون ٿيڻ لڳي. ھڪڙا ڪتاب چوري ٿيڻ لڳا ته ٻيا وري پٽ تي ڪري ڦاٽڻ ۽ لتاڙجڻ لڳا ! پونئرن ڪتابن جي بي حرمتي جو عُذر ڄاڻائي سڄي لائبرري درياهه ۾ ٻوڙي ڇڏي! ان جو نتيجو اھو نڪتو جو خود علامه اسد الله شاھ فدا جو ڪلام به نه مليو ! تذڪره شعراء ٽکڙ ۾ به سندس جيڪو ڪلام آھي اُھو به رسالن جھڙوڪ بھار الاخلاق وغيره مان کنيو ويو هو. هوڏانهن علامه دائود پوٽو پنهنجي ڪتاب مقالا ۽ مضمون جي لکڻي بعنوان ”ميين عيسي' جي تربت جي تلاش ۾“ منجهه صفحي نمبر 64 تي لکي ٿو ته ”افسوس جو شاهه صاحب جي وسيع لائبرري اُڏوهيءَ جو کاڄ ٿي وئي ۽ منجهس شاهه صاحب جا تصنيف ٿيل ڪتاب به موجود ڪونه هئا، ٿورا ڪتاب حديث ۽ تفسير تي هئا“.

 محمد هاشم مخلص جي لائبرري :

سنڌي ادب ۾ نثر ۽ نظم جي حوالي سان هڪ وڏو نالو محمد هاشم مخلص ميمڻ 1278هجري مطابق 1869ع ڌاري ٽکڙ ۾ ڄائو ۽ 2 فيبروري 1934ع تي ميرپورخاص ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ٽکڙ ويجهو سندس اباڻي قبرستان شاهه ميران ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٽکڙ ۾ لائبررين جي حوالي سان محمد دائود تاج ٽکڙائي جو چوڻ آهي ته ”ٽکڙ ۾ وڏي ۾ وڏي لائبرري محمد هاشم مخلص جي هئي“. مخلص جي وفات بعد ان لائبرري مان اڌ کان وڌيڪ ڪتاب محمد خان غني، هاشمي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، گاڏي کاتي حيدرآباد منتقل ڪيا، جنهن بعد ان ۾ به ڪتابن جو اضافو ٿيندو رهيو، باقي به چڱا خاصا ڪتاب ٽکڙ واري گهر ۾ ئي رهيا. فيبروري 1961ع ڌاري محمد دائود تاج ٽکڙائي، جڏهن ٽکڙ مان لڏي اچي ٽنڊي محمد خان شهر کي پنهنجو مسڪن بڻايو ته ٻئي سامان سان گڏ اهي ڪتاب به پاڻ سان گڏ کڻي آڻي، ٽنڊي محمد خان واري گهر ۾ رکيائين. ان دوران محمد خان غني پاران ٻي شاديءَ کانپوء سندس ڳوٺ اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو ۽ ڪتاب سندس پهرين گهرواريءَ جي سنڀال هيٺ رهيا. ٽکڙ واري گهر ۾ رکيل ڪتابن جي حوالي سان محمد دائود تاج ٽکڙائي جي شعري مجموعي زندگي آهي سفر جي مهاڳ ۾ امداد حسينيءَ لکيو آهي ته ”منهنجو ننڍپڻ جو گهڻو وقت تاج ٽکڙائيءَ جن جي گهر گذرندو هو ۽ جڏهن ڪتاب پڙهڻ جي چُوس پئي تڏهن سندن گهر جو هڪ ڀانڊو اسان جو اڏو هوندو هو، جنهن ۾ مخلص جي لائبرري جا ڪتاب ڍير لڳا پيا هوندا هئا. اها لائبرري ائين تباهه ٿي وئي، جيئن منهنجي ڏاڏي علامه اسدالله شاهه فدا جي لائبرري تباهه ٿي وئي.“ محمد دائود تاج ٽکڙائي موجب شاگرديءَ واري وقت ۾ کيس سندس والد ٽين جماعت پرائمري کان ئي حيدرآباد ۾ تعليم ڏيارڻ لاء اتي رهايو، جتان بعد ۾ اٺين جماعت ۾ ئي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاء کيس ڪراچي ۾ رهڻو پيو، جتي هن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي، جنهن بعد کيس 1957ع ۾ سٽي ڪورٽ ۾ سرڪاري ملازمت ملي، جيڪا 1960ع تائين ڪيائين ۽ ڪن مجبورين سبب استعيفا ڏئي ڳوٺ واپس وريو، ان دوران وقفي وقفي سان سندس ڳوٺ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، پر لائبرريءَ جي حفاظت لاء کيس ڌيان ڏيڻ جو پورو موقعو ميسر ٿي نه سگهيو. مخلص جي لائبرري جي زبون حالي ۽ تباهي جو به کيس تمام گهڻو افسوس رهيو، هُو پڻ اهو سمجهي ٿو ته ان تي جيترو افسوس ڪجي سو گهٽ آهي. تاج ٽکڙائي موجب ”ڳوٺ جي ڪن لاڳاپي وارن ماڻهن سندن گهر ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، ماستر واحد بخش عندليب ۽ ڪي ٻيا سندس والده ماجده کان پڙهڻ لاءِ ڪتاب گهرندا هئا، اها کين چوندي هئي ته ابا! ڀانڊي مان ڏسي کڻو، پوءِ انهن جي مرضي ٻن جي بجاءِ پنج ڪتاب به کڻي ويندا هئا، جيڪي واپس نه ٿيندا هئا يا وري ڪي اهڙا به ماڻهو هئا جيڪي ڪجهه خرچيءَ جي عيوض ڇوڪرن کي بڇيندا هئا ته اٽڪل سان ڪتاب کڻي کين پڄائين.“ 1964ع ۾ محمد خان غني جڏهن حيدرآباد واري پريس بند ڪري، جڳهه ڪنهن ڪليمنٽ الاٽيءَ جي حوالي ڪئي ته ڪجهه ڪتاب  حيدرآباد کاهي روڊ واري  گهر ۾ رکايائين ۽ پريس جي ڪجهه ٻي سامان سان گڏ ڇهه ست ٻوريون ڪتابن جون آڻي پير محمد اشرف جان سرهندي جي ڦليلي واهه لڳ هڪ دڪان ۾ رکيائين، جتي اهي ڪتاب ڪجهه سال پيل رهيا ۽ جڏهن محمد خان غني جي ننڍي فرزند ۽ تاج ٽکڙائي جي ننڍي ڀاءُ نذر امين مقبول ميمڻ 1969ع ۾ ٽنڊي محمد خان ٿاڻي جي سامهون  ڇپائي جي پريس قائم ڪئي، تڏهن ٻي سامان سان گڏ پير محمد اشرف جان سرهندي ڪتاب پڻ سندس حوالي ڪيا، جيڪي نذر امين مقبول پريس لاء حاصل ڪيل مسواڙي جڳهه جي هڪ ڪوٺيءَ ۾ رکيا، جيڪي ڪتاب تباهه ڪن برساتن سبب پُسي تباهه ٿي ويا،   غني صاحب جي حيدرآباد جي گهر وارن اتي موجود ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي ڄام شوري حوالي ڪيا، جتي محمد خان غني جي نالي سان قائم ڪيل ڪارنر ۾ رکيل آهن. باقي ٽنڊي محمد خان جي گهر وارا ڪتاب 1973ع ۾ حيدرآباد منتقل ٿيڻ سبب محمد دائود تاج ٽکڙائي اوڏانهن کڻي ويو ۽ ٽن سالن بعد وري جڏهن سندن ٽنڊي محمد خان واپسي ٿي ته اهي ڪتاب سندس ننڍي ڀاءُ نذر امين مقبول ميمڻ اتي رکيا ۽ ڪجهه وقت بعد ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪري ڇڏيا. محمد دائود تاج ٽکڙائي، مخلص مرحوم جي ياد تازي ڪرڻ خاطر  پنهنجي ٽالپر ڪالوني ٽنڊي محمد خان واري رهائشگاهه ۾ محمد هاشم مخلص جي نالي سان لائبرري قائم ڪئي، جيڪا اڃا به موجود آهي. جنهن ۾ لڳ ڀڳ ٻه هزار ڪتاب موجود آهن.

 واحد بخش عندليب ٽکڙائي جي لائبرري :

ماستر واحد بخش عندليب ٽکڙائي ولد محمد ڪنڀار 1932ع ۾ ٽکڙ ۾ ڄائو، 5 مئي 2005ع تي لاڏاڻو ڪيائين، گنجي ٽڪر تي مقبره شريف جي قبرستان ۾ سُپردخاڪ آهي. ٽکڙ ۾ سندس ھڪ لائبرري ھئي. جيڪا وڏي پيتيءَ ۾ بند رھندي ھئي. ان ۾ ڪافي قيمتي ۽ ناياب ڪتاب ھئا. خاص ڪري پُراڻا درسي ڪتاب. اُن ۾ ڪجھ اسڪرپٽ به ھئا، جيئنسعيد ٽکڙائيءَ جي ڪلام جو مسودو وغيره. ماستر واحد بخش عندليب جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس هڪ لائبرري ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، ڪجهه ڪتاب سندس ٽکڙ واري گهر ۾ رهيا، جن مان ڪافي ناياب ڪتاب سندس هڪ قريبي رشتيدار وڪڻي ڇڏيا، ڪجهه ذخيرو ٽکڙ ۾ موجود آهي. ڪجهه ڪتابي ذخيرو وري ماستر واحد بخش عندليب جي پُٽ سيف الله ڪنڀار وٽ ملاڪاتيار واري گهر ۾ موجود آهي. سيف الله ڪنڀار جي چوڻ موجب ”سندن ارادو اھو ھو ته اھي ڪتاب ٽکڙ ۾ سيد ميران محمد شاهه جي نالي سان جيڪا لائبرري ٺھي آھي اُن ۾ رکبا! پر ان ميران محمد شاهه لائبرري جو ڪو به اَتو پتو ناھي. سيف الله ڪنڀار موجب ان ڏس ۾ سيد ميران محمد شاهه لائبرري ٽکڙ سان واڳيل ڌرين سان ڳالهه ٻولهه به ٿي آھي، پر کانئن ڪوبه جوڳو جواب نه مليو آهي.“

 ٽکڙ جي اسڪولي لائبرري:

ٽکڙ جي کٿاب توڻي وڏي اسڪول ۾ به لائبرري ھوندي ھئي جنهن جا ڪتاب ڪاٺ جي پيتين ۾ بند ھوندا ھئا. انھن ۾ اُھي ڪتاب ھوندا ھئا جيڪي تعليم کاتي پاران انعامي ڪتاب ھوندا ھئا! هاڻي نه اهي اسڪول رهيا نه ئي اهو علمي ۽ ادبي ذخيرو محفوظ ٿي سگهيو. اهڙي قسم جي تصديق امداد حسيني ۽ محمد دائود تاج ٽکڙائي پڻ ڪن ٿا.

 خواجه محمد حسن جان سرهندي جي لائبرري:

خواجه محمد حسن جان سرهندي 6 شوال 1278هجري مطابق 1869ع ڌاري قنڌار ۾ پيدا ٿيو ۽ 2 رجب 1365هجري مطابق 6 جون 1946ع تي ٽنڊي سائينداد ۾ وفات ڪيائين. کيس گنجي ٽڪر جي دامن ۾ مقبره شريف جي قبرستان ۾ سُپردِخاڪ ڪيو ويو. اسدالله شاهه اسد ٽکڙائي پنهنجي تاليف تذڪره شعراء ٽکڙ ۾ لکي ٿو ته ”سندس خانداني ڪُتبخانو (جو حضرت صاحب جن هجرت وقت به پاڻ سان اُٺن تي کڻائي آيا هئا) نهايت اعلى پيماني جو آهي. منجهس ڪيترا قلمي ڪتاب موجود آهن. خواجه صاحب خُود به ڪتابن جو ڄڻ عاشق هو. ڪيترائي قلمي توڙي چپيل ڪتاب مصر توڙي ٻين ملڪن مان آڻي، پنهنجو ڪُتبخانو سينگاريائين.“ ( ص- 57، ڇاپو ٻيو، 2005ع) خواجه محمد حسن جان سرهندي جي لائبريري، جيڪا هن وقت ٽنڊو سائينداد (ٽنڊو محمد خان) ۾ قائم آهي، ان جو تذڪرو ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، سنڌ جا ڪُتبخانا نالي پنهنجي ڪتاب ۾ پڻ ڪيو آهي، هُو لکي ٿو ته ان لائبريري جا سنڀاليندڙ خواجه عبدالله جان سرهندي عرف شاهه آغا ۽ خواجه محمد هاشم جان سرهندي به رهيا. منهنجي خيال ۾ اها لائبريري ٽکڙ جي قديم ڪُتبخانن ۾ به شمار ڪري سگهجي ٿي، جيڪا بعد ۾ ٽنڊي سائينداد منتقل ٿي، ڇاڪاڻ جو 1315هجري ۾ خواجه عبدالرحمان جان سرهندي جي وفات بعد خواجه حسن جان سرهندي، 1316هجري ۾ ٽنڊي سائينداد کي اچي پنهنجو مسڪن بنايو هو. خواجه محمد حسن جان سرهندي جي لائبريري جي سار سنڀال هن وقت نامياري عالم پير آغا عبدالوحيد جان سرهندي جي هٿ وس آهي. جنهن پڻ ان لائبريري ۾ تمام گهڻو واڌارو ڪيو آهي. هي لائبريري هن وقت به ٽنڊو محمد خان ضلعي جو وڏو علمي ذخيرو آهي. سنڌي ٻولي جي ڀلوڙ شاعر امداد حسيني جي بقول ته ”جي اھو ڪتبخانو ٽکڙ کان ٽنڊي سائينداد پھتو ته پوءِ اھو ٽکڙ لاءِ به ھڪ اعزاز آھي.“

 حافظ عبدالله بسملجي لائبريري :

حافظ محمد عبدالله بسمل ولد علامه حافظ محمد يوسف 4 شوال 1306هجري مطابق 2 اپريل 1886ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو ۽ 21 صفر 1371 هجري مطابق  20 آڪٽوبر 1950ع تي وفات ڪيائين.

ٽکڙ ۾ سندس لائبريري هئي، جيڪا علامه دائودپوٽي جي به ڏٺل هئي. 19 آڪٽوبر 1951ع تي علامه دائودپوٽو حافظ محمد عبدالله بسمل جي اولاد جي زناني مڪتب ۾ آيو هو، اهڙو تذڪرو ڪندي پنهنجي ڪتاب مقالا ۽ مضمون جي مضمون ميين عيسي' جي تربت جي تلاش ۾ منجهه صفحي نمبر 64 ۽ 65 تي لکي ٿو ته ”مير الهه بخش ٽالپر اتي اڳيئي اسانجي انتظار ۾ ويٺو هو ۽ جناب مرحوم قاضي سيد اسدالله شاهه صاحب ۽ جناب مرحوم حافظ بسمل جا ڪتاب اتي معائني لاءِ آڻي رکيا هئائين، افسوس جو شاهه صاحب جي وسيع لائبرري اُڏوهيءَ جو کاڄ ٿي وئي ۽ منجهس شاهه صاحب جا تصنيف ٿيل ڪتاب به موجود ڪونه هئا، ٿورا ڪتاب حديث ۽ تفسير تي هئا، جن سان منهنجي گهڻي دلچسپي ڪانه هئي، باقي جناب مرحوم حافظ عبدالله بسمل جا جيڪي به ڪتاب هئا سي گهڻي تعداد ۾ سلامت هئا، فارسي شاعرن جا ڪيترا اهڙا ديوان، مثنويون ۽ ڪليات موجود هئا، جي هاڻي عام طرح مشڪل ملي سگهن، ازانسواء هڪ نسخو خزانه عامره ۽ حاجي بابا اصفهانيءَ جو موجود هو، مون رڳو ننديرام وارو تاريخ معصومي جو سنڌي ترجمون ۽ مختارنامون تصنيف مرحوم مير حسن علي خان جو پاڻ لاء چونڊيا ۽ اهي مرحوم جي فرزند مونکي سوغات طور بخش ڪري ڏنا، وٽن حافظ هارون جو ڪيترو ئي ڪلام انتشاري  حالت ۾ موجود هو، جنهن جي ڪٺي ڪرڻ لاء کين استدعا ڪئي ويئي. ڳالهين ڪندي وٽانئن خبر پيئي ته ڪشنچند ليکراج عزيز
جي سموري ڪُليات جناب حافظ بسمل صاحب جي تصنيف ٿيل آهي. اي غريبي! حيف آهي توتي جو هڪ اديب مفلسي ۽ مسڪيني سببان تنگ ٿي پنهنجي جگر جو ولوڙيل رت، ٿورن پئسن تي ٻين کي وڪڻي ڏئي! ۽ حيف آهي اهڙن خريدارن تي جو اهڙن جي محنت جو رڳو سکڻن لفظن ۾ اعتراف به نه ڪن.“ اتي هڪ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حافظ عبدالله بسمل کي ڪوبه نرينو اولاد ئي نه هو ته پوء علامه دائود پوٽي صاحب کي ڄاڻايل ڪتاب سوغات طور بخش ڪري ڪنهن ڏنا. بزرگ شاعر محمد دائود تاج ٽکڙائي موجب حافظ عبدالله بسمل جي وفات بعد سندس لائبرري بسمل جي گهرواريءَ کي راضي ڪري علامه دائود پوٽو پنج سئو روپين جي رقم عيوض پاڻ سان کڻي ويو هو“. اهڙي تصديق حافظ عبدالله بسمل جي وڏي ڏوهٽي حافظ محمد هاشم ميمڻ مرحوم، محمد دائود تاج ٽکڙائي سان ڪئي هئي

سيد ميران محمد شاهه لائبريري :

سيد ميران محمد شاهه ولد سيد زين العابدين شاهه 19 مارچ 1898ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو ۽ 28 جمادي الثاني 1383 هجري مطابق 16 نومبر 1963ع تي وفات ڪئي، گنجي ٽڪر تي مقبره شريف جي قبرستان ۾ مدفون آهي.

سيد ميران محمد شاهه جي نالي سان هن لائبريريءَ جو بنياد 2008ع کانپوء پي پي دور حڪومت جي قيام بعد وڏي لاڳت سان رکيو ويو هو. لائبريريءَ جي عمارت جي اڏاوت جو ڪم ڪنهن قدر ٿيو پر اڃا تائين ان جي تڪميل هڪ وڏو سوال بڻيل آهي. سيد ميران محمد شاهه لائبرريءَ جي عمارت ته موجود آهي پر نه ته ان تي لائبرريءَ جي نالي سان ڪو بورڊ وغيره نصب ٿيل آهي نه ئي وري ڪتاب نالي ڪنهن شيءِ جو ڪو وجود آهي.

ٽکڙ جي ڪُتبخانن بابت نامور شاعر امداد حسيني جو چوڻ آهي ته ”اصل ۾ ڇاھي ته انھن لائبررين، جيڪي تباهه ٿي ويون/ دريا بُرد ڪيون ويون، جو ذڪر ڪرڻ ائين آھي جيئن ڇُٽل ڦَٽَ  تان ڪڙي لاھڻ.“ واقعي به اهي اهڙا ڇُٽل ڦٽ آهن، جن تان جيڪو به ڪڙيون لاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ان جو جيءُ جهُري ٿو پوي.

 حوالا :

1. ٽکڙائي، محمد دائود تاج، زندگي آهي سفر، بزم ادب ٽکڙ 2001ع

2. ٽکڙائي، اسدالله اسد، تذڪره شعراء ٽکڙ، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو 2005ع

3. قادري، ڊاڪٽر عبدالرسول، سنڌ جا ڪتب خانا، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ڇاپو پهريون مارچ 2008ع

4. جي.ايم.سيد، جنب گذاريم جن سين، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2004ع

5. مهراڻ، سوانح نمبر، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو/حيدرآباد، 1990ع

6. دائودپوٽو، علامه عمر بن محمد، ”مقالا ۽ مضمون“، شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد- ڀٽ شاهه، ڇاپو پهريون، نومبر 1978ع

7. امداد حسيني سان سوشل ميڊيا وسيلي ڳالهه ٻولهه

8. محمد دائود  تاج ٽکڙائي سان ڳالهه ٻولهه

9. واحد بخشعندليب ٽکڙائي جي فرزند سيف الله ڪنڀار سان ڳالهه ٻولهه

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

حيدرآباد

 

 

 

 

 

ٻالڪ ادب ۾ مرزا قليچ بيگ جون خدمتون

 

سنڌي ادب ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ هڪ اهڙو روشن نالو آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي هر پهلوءَ تي لکندي ٻالڪ ادب ۾ پنهنجو نالو ملهايو. نثر توڻي نظم ۾ مرزا صاحب ٻارن جي ذهني سطح مطابق سندن نش و نما جي بهتر ضرورتن کي نظر ۾ رکندي کين دلڪش ۽ دلپذير انداز سان سليس ٻوليءَ ۾ ڪيترائي وندر ۽ سکيا جا سبق ڏنا.

بين القوامي اصولن مطابق 18 سالن کان ننڍو فرد ٻار جي عمر ۾ شمار ٿيئي ٿو ۽ سندس عمر جا پڙهڻ لکڻ جا دور 3 سالن کان 18 سالن تائين شمار ٿين ٿا. انهيءَ ڪري ٻالڪ ادب ۾ لکندڙن لاءِ ضروري آهي ته هُو ٻار جي عمر ۽ ذهني سطح ۽ دلچسپيءَ کي نظر ۾ رکي پوءِ لکن. سندن پسنديدگي ۽ سوچ کي ڌيان ۾ رکن جو خيال مرزا صاحب طور رکيو.

مرزا قليچ بيگ سنڌ جو هڪ وڏو عالم هو جنهن ساڍا چار سئو کان وڌيڪ ڪتاب لکيا. سندس ٻاراڻي ادب جي لکيل ڪتابن جي ادب ۾ وڏي اهميت آهي هن صاحب جي لکيل ٻالڪ ادب جي نثر توڻي نظم جو محور مقصديت تي مشتمل آهي ته جيئن نئون نسل پنهنجي حياتي سنئين دڳ تي لائي. مرزا صاحب جڏهن ٻالڪ ادب لکيو ته اهو وقت سنڌي نثر جو ڪتابن جي ڇپجڻ ۽ عام ٿيڻ جو شروعاتي دور هو ترجمي ۽ طبعزاد ٻنهي صورتن ۾ لکيائين. هن مضمون ۾ آئون سندن نثر ۾ لکيل ٻاراڻي ادب جو مختصر جائزو ڏيان ٿي. چند ڪتابن جا نالا هن ريت آهن،

عجيب ڳالهيون‘، ’دلپسند قصا‘، ’عجيب طلسم‘، ’شهزادي قدم برگ‘، ’وامق عذرا‘، ’رستم‘،
طلسمي گڏي‘، ’شهزادي محبوب جي آکاڻي‘، ’پائي وائي ۽ پائي وزو‘، ’ٻه جاڙا ڀائر‘، ’شمرانه عرف شيطان جي ناني‘، ’لباخان درزي ۽ خليفو ڪهنگ‘، ’ٽي ديويا راڪاس‘، ’نيلو پکي‘، ’پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون
۽ ٻيا ڪتاب آهن. ٻارن جي وندر لاءِ سندن لکيل پرولين جو ڪتاب 1932ع ۾ شايع ٿيو. نظم ٻاراڻا گل ڦل، نصيحتي ۽ اصطلاحي نظم ۽ گيت آهن جو 1936ع ۾ مرزا افضل بيگ شايع ڪرايو، جو سندن شاعريءَ جي ڪتابن مان ٻاراڻي شاعريءَ جي چونڊ تي مشتمل آهي. نثر جي ڪتابن ۾ ڪي ڪتاب ترجما آهن ته ڪي طبعزاد ته ڪجھ جو مرڪزي خيال ورتل آهي، جن کي مرزا صاحب سنڌي قوم جي مزاج ۽ ماحول مطابق آندو آهي.

 

عجيب ڳالهيون:204 صفحن جو ڊيمي سائز جو ڪتاب 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ورهاڱي کان پوءِ پهريون ڇاپو شايع ٿيو، ٻيو ڇاپو 1973ع ۾ شايع ٿيو. ايئن هي ڪتاب ڇپجندو رهيو آهي. جنهن ۾ ننڍيون ننڍيون سبق آموز آکاڻيون ترجمو ڪيل آهن. هي 127 اصلاحي آکاڻيون دنيا جي مختلف ملڪن جون آهن ڪي مرزا صاحب انگريزيءَ مان ترجمو ڪيون. آکاڻين جا عنوان ننڍي قد وارو پر بهادر بادشاھ‘، ’لالچ جي سزا‘، ’آئرلينڊ جي ماڻهن جو هڪڙو تڪرار‘، ’ڪم عقلي‘، ’بادشاھ جي زبان‘، ’ننڍڙو فيلسوف‘، ’هڪڙي امير جا ٽي پٽ‘، ’سچي سخاوت‘، ’ڏاهپ جو انعام‘،
ٽي عالم‘، ’گم ٿيل منڊي‘، ’سخي فقير‘، ’گھڙيال ۽ سوني عينڪ‘، ’احسانمند يهودي‘، ’قاضي ۽ خليفو‘،
شهنشاھ جي سڃاڻپ‘، ’ڀاءُ جي محبت‘، ’سالگره جي خرچي‘، ’لاڏلو ڇيلو‘، ’محنت جو ڦل‘، ’هڪڙو جوکائتو ڪم‘، ’سستيءَ جو نتيجو‘، ’طعني جو اثر ۽ ٻيا آهن.(1)

هن ڪتاب ۾ آيل آکاڻيون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رائج رهيون آهن، جن جي موضوعن مطابق نيڪيءَ جو سڏ، تڪڙ کان بچاءُ، عقلمنديءَ جو رستو، ڏوھ جي سزا ملڻ، لالچ کان بچاءُ، غريب جي مدد، مستحق جي داد رسي ۽ ٻيا آهن. ٻولي سادي ڪم آندل آهي. آکاڻيون ترجمو آهن ۽ انهن ۾ ماحول پڻ پرڏيهي ڏيکاريل آهي. بنيادي طور نصيحتي ۽ معلوماتي آکاڻيون آهن.

دلپسند قصا: چارلس ليمب ۽ ميري لئمب جي ڪتاب Lambs Tales from Shakspear جو ترجمو ٻن ڀاڱن ۾ ”دلپسند قصا“ جي عنوان سان ڪيو.

عجيب طلسم: ڪتاب جو نئون ستون ڇاپو 2018ع جي سيپٽمبر ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ غرناطه جي عرب بادشاھ جي آکاڻي ڏنل آهي، جو سڄي حياتي وڏي شان سان ۽ بهادريءَ سان رهيو. آس پاس جا علائقا جنگيون ڪري جوانيءَ ۾ فتح ڪيائين، پيريءَ ۾ سڀني سان صلح ڪري وقت ڪٽڻ ٿي چاهيائين، پر جوانيءَ جي زبردستيءَ جي ڪري پيريءَ ۾ کيس دشمن ڦري اچن ٿا ۽ هو پنهنجي ملڪ بچائڻ لاءِ ٻڍي عرب حڪيم ۽ نجوميءَ ابراهيم ابن ايوب جون خدمتون حاصل ڪري ٿو. جو سندن لاءِ هڪ عجيب طلسمي محل جادوءَ ذريعي تيار ڪري ٿو، جنهن جي ٻاهر گھيٽي جي صورت ۾ طلسم موجود هجي ٿو. انهيءَ مٿي هڪ ڪُڪڙ آهي ٻئي پتل جا ٺهيل آهن ۽ ملڪ تي ڪا به چڙهائي ٿيڻ جي صورت ۾ اطلاع ڏين ٿا. اهڙيءَ طرح بادشاھ انهيءَ عجيب طلسم جي گورک ڌنڌي ۾ ڦاسي ۽ انهيءَ تي اعتبار ڪري نجوميءَ جي چوڻ ۾ اچي پنهنجو جھڳو جھڻ ڪري ٿو. مرزا صاحب لکي ٿو ته،

”سندس پاڙي وارا بادشاھ مٿس حملو ڪري ملڪ جا ڀاڱا فتح ڪرڻ لڳا انهيءَ ڪري بادشاھ جي حياتي ڏاڍي ڏک ۽ عذاب ۾ گذري نيٺ هو مري ويو ۽ اُتي ئي دفن ڪيو ويو“. (2)

حاصل مطلب ته لالچ، ڪاهلي ۽ غير حقيقت پسندي ماڻهوءَ جي حياتي ڏکي ڪري ٿي. اهائي اصلاحي خوبي’عجيب طلسم‘ ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي.

شهزادي قدم برگ: مرزا صاحب جي هن ڪتاب جو ستون ايڊيشن 2018ع جي سيپٽمبر ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو. هيءُ ڪتاب ٽن آکاڻين ۽ نون بابن تي مشتمل آهي. شهزادي قدم برگ جي ڪهاڻي پنجن بابن جي ۽ ’شهزادو جن ڪش‘، ٻه باب ۽ ’نصيب ڳولهيندڙ ماڻهو‘ ٻه باب آهن. ٽنهي آکاڻين جو مجموعو ’شهزادي قدم برگ‘ جي نالي سان آهي. پهرين ڪهاڻيءَ ۾ ’شهزادي قدم برگ‘ جي ملاقات هڪ ميلي ۾ ٻئي ملڪ جي شهزادي سان ٿيندي آهي. هڪ مهينو ميلو هلڻ بعد سندن جدائي ٿيئي ٿي. انهيءَ عرصي دوران هُو نه هڪ ٻئي سان ڳالهائين ٿا ۽ نه ئي هڪ ٻئي جي نالي جي خبر اٿن، پر سندن وچ ۾ هڪ خاموش محبت جو تعلق قائم ٿيئي ٿو.

ٻي ڪهاڻي شهزادي جن ڪش جي آهي، جيڪو پڻ وڏو ٿي حسينا جنڙيءَ کان بدلو وٺي ٿو جو هُن سندس والد سان انساني روپ ۾ شادي ڪئي هوندي آهي. اهڙيءَ طرح پنهنجي ماءُ کي خوشيون ٿو ڏئي. سندس ماءُ کيس همٿائي سستيءَ مان ڪڍي بهادر بنائي ٿي.

ٽين ڪهاڻي هڪ ڪاٺير جي آهي جيڪو پنهنجي نصيب جي ڳولها ۾ نڪتل آهي آخرڪار شينهن، اُٺ ۽ واڳونءَ جي مدد سان امير ٿي ويندو آهي. هيءُ ڪتاب نيڪيءَ جو بدلو نيڪي، اعتبار جي قوت، محنت ۾ عظمت ۽ بهادري اعليٰ وصف جهڙن نصيحتي نڪتن سان ڀريل آهي ۽ تنبيھ ڪيل آهي ته لالچ نقصانڪار آهي، سستي ڪرڻ سان ڪجھ حاصل ڪونه ٿيندو، ڪاميابي همٿ ڪرڻ سان پلئه پوندي. محنت، جستجو، پاڻ پتوڙڻ سان انسان جو بخت بلند ٿئي ٿو. شهزادي قدم برگ ڪتاب جي ڪهاڻين ۾ جستجو، عشق، رومانوي ڪيفيت، محبت ۾ فراق ۽ ميلاپ ٻين گھڻن نڪتن جي اپٽار آهي.

رستم: ايران جي مشهور قصي رستم ۽ سهراب کي مختصر ڪري مرزا صاحب لکيو آهي جيڪو ايران جي ملڪ جي هڪ سورهيائيءَ جو داستان آهي، عام طور ننڍن ٻارن لاءِ نه هوندي به وڏن ٻارن جيئن 12 کان 18 سالن جي عمر لاءِ بهادريءَ جو سبق آهي. هن قصي کي مرزا صاحب ”شاهنامي تان نقل ڪيو. انهيءَ ۾ سنڌ جي ماحول سان ٺهڪندڙ چوڻيون ۽ لفظ جملن ۾ ڪتب آندل آهن.

رستم ڪهاڻيءَ ۾ جنگ، بهادري، عشق، محبت ۽ فرض شناسيءَ جو ذڪر آهي.(4)

وامق عذرا: جي آکاڻيءَ جو ستون ڇاپو 2018ع جي سيپٽمبر ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. هيءُ وڻندڙ ۽ دلپذير ڪهاڻي هڪ لوڪ رومانوي قصو آهي، جنهن کي مرزا صاحب فارسي نظم مان نثر ۾ آندو آهي. فارسيءَ ۾ مثنويءَ جي صورت ۾ مرزا صادق ”نامي“ لکيو آهي. يمن، شام، مصر ۽ عربستان ملڪ هن قصي جا بنيادي اهڃاڻ آهن. مرزا صاحب اصل ٽاڻن ٽڪاڻن جي تاريخي حيثيت قائم رکي آهي.(5)

پائي وائي ۽ پائي وزو: ڪتابچي ۾ ڪل ڇھ ڪهاڻيون آهن. عنوان واري ڪهاڻيءَ ۾ انسان ۽ جانور جو سٻنڌ ڏيکاريل آهي. هڪ ڇوڪري کي هڪ پکيءَ سان پيار آهي جنهن جو نالو پائي وزو آهي. ڇوڪر پائي وائي ٻيلي ۾ پنهنجي پياري پکيءَ سان راند روند ڪندو آهي، پر اهو پکي پنهنجي ولر سان گڏ جڏهن اڏامي وڃي ٿو تڏهن پائي وائي ان جي ڳولها ۾ باندرن جي حوالي ٿيئي ٿو جيڪي هن انسان جي ٻچي کي پاڻ سان رکن ٿا. هُو ڇوڪرو جهنگلن ۾ ڪيترين مشڪلن کي منهن ڏيڻ جو عادي ٿي وڃي ٿو، کيس خوفناڪ جانورن کان به خوف نه ٿيندو آهي. قسمت سان هڪ بادشاھ وٽ اچي ٿو جيڪو اعلان ڪري ٿو ته آئون پنهنجي ڌيءَ جي شادي ان شخص سان ڪرائيندس جو شينهن سان مقابلو ڪندو. اهڙيءَ ريت پائي وائي شينهن کي چٽ ڪري ٿو ۽ شهزاديءَ سان سندس شادي ٿيئي ٿي. ٻي ڪهاڻي سوني سامونڊي مڇي جي آهي ته ٽين ڪهاڻيءَ ۾ جنڙن جي ٽوپيءَ ۾ جادوئي ڪرشما بيان ڪيل آهن. چوٿين ڪهاڻي ڏند ڪٿائي آهي جنهن ۾ پنڊورا عجيب پيتي کولي ٿي ۽ دنيا ۾ مصيبتون ڏک ۽ بيماريون پيدا ٿين ٿيون. پنجين ڪهاڻي ميڊاز پڻ هڪ ڏند ڪٿائي قصو آهي جو يونان کان واسطو رکي ٿو. بادشاھ ميڊاز سون جي گھڻي لالچ رکي ٿو جڏهن هُو ڪا شيءِ ڇُهي ٿو ته اها سون جي ٿي پوي ٿي. شروع ۾ خوش ٿيئي ٿو، پر اڳيان هلي کيس خبر پوي ٿي ته، سون کان سواءِ انسان جي جياپي لاءِ کاڌو پيتو ضروري آهي ۽ هو انهيءَ حقيقت کي دل سان تسليم ڪري ٿو. ڇهين ڪهاڻي ’کنڀن وارو گھوڙو پيگاس‘ پڻ هڪ خيالي گھوڙي جي آهي جنهن کي بي مثال طاقت سان گڏ اڏامڻ لاءِ پَرَ آهن، پيگاس گھوڙو پنهنجي مالڪ بيليرائن جي مدد ڪندي هڪ وڏيءَ بلا جو مقابلو ڪري ان تي فتح حاصل ڪري ٿو. هيءَ همٿ ۽ جرات جي ڪهاڻي آهي، جنهن مطابق انسان طاقتور آهي کيس نيڪيءَ تي فتح حاصل آهي ۽ باطل کي ختم ڪرڻ لاءِ سندس ئي مدد ۾ ٻيون انيڪ قوتون جانور، پرند چرند مددگار ثابت ٿين ٿا.

شهزادي محبوب جي آکاڻي: هن آکاڻيءَ ۾ ڏک ۽ سک جي نُڪتي کي بيان ڪندي اهو ڄاڻايو ويو آهي ته رب جي رضا تي راضي رهڻ سان نصيب سنئون ٿيندو، شهزادو محبوب بهادر شهزادو پنهنجي وڃايل بادشاهي همٿ سان حاصل ڪري ٿو. خاص طور ۾ نيڪي ۽ بديءَ جو فرق کولي بيان ڪيو ويو آهي.

پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون: ڪهاڻيءَ جو ڪتاب به آهي ته مضمون وانگر به آهي جنهن ۾ ٽي ڪهاڻيون: ’سگھڙپائي ۽ ڇيڳرائي‘، ’مصيبت جي وقت صبر ۽ تحمل‘ ۽ ’پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون‘ آهن. عنوان واري ڪهاڻيءَ ۾ هڪ استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ مڪالمو آهي، جنهن ۾ اهو ڄاڻايل آهي ته دنيا ساڳي آهي، پر هڪ فرد جون اکيون پوريل آهن ۽ هن کي اهو نٿو ڏسڻ ۾ اچي جو اچڻ گھرجي ۽ ٻئي شخص جون اکيون کليل آهن. هن مضمون/ڪهاڻيءَ جي منظرنگاري ۽ ٻوليءَ جو استعمال وڻندڙ آهي ۽ هي هڪ معلوماتي ليک شمار ٿيندو.

لباخان درزي ۽ خليفو ڪهنگ: ۾ ٻه ڪهاڻيون هڪ اٽڪلي ۽ حرص واري لباخان جي ڪهاڻي آهي، جيڪو لالچ ۽ ٺڳيءَ سان بادشاھ جو پٽ ٿيڻ ٿو چاهي، پر سندس کوٽي نيت کيس خوار ۽ خراب ڪري ٿي توبه تائب ٿي، پنهنجو ڌنڌو ايماندايءَ سان ڪرڻ لڳي ٿو. ٻي ڪهاڻي خليفو ڪهنگ، بادشاھ ۽ وزيرن بابت آهي جنهن ۾ بادشاھ جادوئي زور تي ڪهنگ پکي ٿيئي ٿو ۽ پنهنجي دشمنن کي ناڪام ڪرڻ بعد ٻيهر انساني شڪل ۾ اچي ٿو.

ٻه جاڙا ڀائر: ٻن ڪهاڻين تي مشتمل آهي جنهن ۾ پهرين ڪهاڻيءَ ۾ ٻه جاڙا ڀائر پنهنجي والدين کان جدا ٿي تڪليفون ڏسن ٿا وري سکي سهنجي حياتي ڪٽين ٿا. ٻيءَ ڪهاڻيءَ ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو قصو آهي.

نيلو پکي: هڪ ننڍو ناول آهي جنهن ۾ هڪ بادشاھ جي راڻي ماٽيجي ڌيءَ سان ظلم ڪري ٿي ۽ پنهنجي ڌيءَ ٻئي ملڪ جي بادشاھ کي پرڻائڻ چاهي ٿي، پر انهيءَ ۾ کيس ناڪامي نصيب ٿيئي ٿي جو بادشاھ نيلي پکيءَ جي روپ ۾ ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح اڳيان هلي ظالم راڻيءَ کي شڪست ملي ٿي. بادشاھ دلفريب ۽ شهزادي گل چهر جي شادي ٿيئي ٿي.

ٽي ديو يا راڪاس: پاڻي، هوا ۽ باھ کي ٽي ديو يا راڪاس سڏيندي انساني حياتي ۾ انهن بنيادي عنصرن جي سائنسي اهميت هن آکاڻيءَ معرفت سمجهائي ويئي آهي.

شمرانه عرف شيطان جي ناني: هڪ چالاڪ عورت جو قصو بيان ڪيل آهي جا ماڻهن کي ٺڳي ٿي ۽ اهڙيءَ ريت ڪيترائي ماڻهو سندس حرفت جو شڪار ٿين ٿا.

انهيءَ کان سواءِ پڻ چند ڪتاب ٻالڪ ادب ۾ مرزا صاحب لکيا آهن جن جو ڪل ڪاٿو ارڙهن تائين چيو وڃي ٿو. پندرهن ڪتابن کي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. هيءُ ڪهاڻين/آکاڻين جا ڪتاب مرزا صاحب انهيءَ وقت لکيا ۽ ترجمو ڪيا، جڏهن پوريءَ دنيا ۾ غير مرئي قوتن، قصن ۽ بادشاهي راڄن جي آکاڻين جو دور هو. انهيءَ ڪري سندن گھڻين ڪهاڻين ۾ بادشاھ، راڻيون، شهزادا، شهزاديون، وزير، امير، سوداگر، جن، پريون ۽ ديو ڏيکاريل آهن. جن جو موجوده حقيقت نگاريءَ جي دور سان واسطو ناهي، پر انهن ڪهاڻين کي جڏهن پڙهجي ٿو تڏهن هڪ تجسس ۽ جستجو وارو شوق پيدا ٿيئي ٿو. منظرنگاري، سونهن، فطرت جا نظارا، ٻوليءَ جو اثرائتو هئڻ انهن ڪهاڻين جي دلڪشيءَ جا اهم سبب آهن. انهيءَ کان سواءِ مرڪزي خيال طور مرزا صاحب هيءُ ڪهاڻيون خاص سنڌي ٻالڪن جي تعليم ۽ تربيت جي پهلوءَ کي نظر ۾ رکي پرڏيهي ادب مان آنديون ته جيئن پڙهندڙن جي دل کي نيڪي، اخلاق، محبت، مروت، اخلاص ۽ ڀلائيءَ ڏي موڙجي. مرزا صاحب ٻارن جي مختلف عمر جي احساسن، جذبن ۽ دلي، دماغي، پهچ مطابق لکيو آهي. سندن سوچ مطابق ٻارن ۾ درسي ڪتابن کان سواءِ ادب پڙهڻ جو شوق قائم ٿيئي ۽ هُو دنيا جي حالتن کان واقف ٿين، کين ٻين قومن جي اُٿ ويھ ۽ مذهبن جي ڄاڻ ملي. ٻارن جي عمر موجب هُو نوان نوان لفظ سکن خود به لکڻ ڏي مائل ٿين.

هنن ڪهاڻين معرفت مرزا صاحب ٻارن جي ذهني سطح يعني پنجن کان ارڙهن سالن تائين جي ٻارن کي همٿ، محبت، شجاعت، پيار ۽ عشق کان آگاھ ڪيو آهي. سندن ڪجھ ڪهاڻين لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي رومانوي قصا يا عشقيه داستان آهن جيئن: ’وامق عذرا‘، ’شهزادي قدم برگ‘ جن کي ٻالڪ ادب ۾ نه شمار ڪرڻ گھرجي. آئون سمجهان ٿي ته چلڊرن ائڪٽ مطابق ٻاراڻي وهي پوريءَ دنيا ۾ ارڙهن سالن تائين شمار ٿيئي ٿي. ارڙهن سالن جي ٻار کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيئي ٿو ۽ هو وڏن ۾ شمار ٿيئي ٿو. پندرهن کان ارڙهن سالن جي عمر وارن ٻارن جي سمجھ ۽ سياڻپ جي لحاظ کان پيار ۽ محبت جي سچائيءَ کي سمجھڻ لاءِ انهن قصن جي اهميت بلڪل موجود آهي. مٿئين نڪتي مطابق آئون اهو چوڻ چاهيان ٿي ته مرزا صاحب ٻالڪ ادب ۾ ارڙهن سالن تائين جي عمر جي ٻارن لاءِ به لکيو آهي. جنهن ۾ رومانوي ڪهاڻيون اچن ٿيون، ڪي ننڍيون دلچسپ آکاڻيون آهن ته ڪي رومانوي ۽ عشقيه قصا آهن ته لوڪ ادب جون ڏند ڪٿائون به آهن، پر انهن سڀني ۾ سندس فن ۾ مقصديت جو پڙ ڳرو آهي. ڊاڪٽر ادل سومرو چوي ٿو ته،

”مرزا صاحب ابتدا کان اها ڪوشش ڪئي ته ٻارن جي اخلاقي تربيت ڪجي، مرزا صاحب شروع کان ئي وڏي محنت ڪئي. فردوسيءَ جي شاهنامو مان هن رستم جي ڪهاڻي ترجمو ڪئي. سنڌيءَ ۾ ان ڪهاڻيءَ سان بهادريءَ جو هڪ تصور ٻار ۾ اڀريو، ٻار کي ان مان خبر پوي ته هن سماج ۾ رهڻ لاءِ همٿ، جرئت ۽ حوصلي جي ضرورت پوندي، ايئن هر ڪهاڻيءَ ۾ ٻار جي اصلاح جو ڪونه ڪو پهلو سمايل آهي“. (6)

مرزا صاحب پنهنجي ايندڙ نسل جي ذهنن جي ترقي تعمير لاءِ کين نصيحتي، اخلاقي ۽ پيار ۽ محبت جو ٻالڪ ادب ڏنو آهي، جنهن جي سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ خاص اهميت آهي.

حوالا:

1.   بيگ، مرزا قليچ، ’عجيب ڳالهيون‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1973ع، ص 145.

2.  بيگ، مرزا قليچ، ’عجيب طلسم‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2018ع، صه 22.

3.  بيگ، مرزا قليچ، ’شهزادي قدم برگ‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2018ع، ص 6.

4.  بيگ، مرزا قليچ، ’رستم‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1963ع، مهاڳ.

5.  بيگ، مرزا قليچ، ’وامق عذرا‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2018ع، ص 19.

6.  سومرو، ادل ڊاڪٽر/زيب سنڌي، (مرتب) ’ڪيفي قليچ‘، مرزا قليچ بيگ چيئر، فيڪلٽي آف آرٽس، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄام شورو، 2009ع، ص 75.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org