پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون
راڄو ڳوٺ- سال
پروفيسر مراد علي راهمون
(وڃي ڪالهه ڪل ٿيا)
علم جو کڄي وڃڻ ۽ اهلِ علم کان دنيا جو خالي ٿي
وڃڻ خود نبي ﷺ جي قول مطابق آخري عهد جي نشاني
آهي، مون ڪنهن تذڪري ۾ پڙهيو ته مولانا محمد علي
جوهر ڪنهن فرشي نشست ۾ تشريف فرما هئا، جتي شريفو
فروٽ سندن اڳيان هو پاڻ ان کي کائي رهيا هئا، سندن
اڳيان خالي پليٽ رکيل هئي، جنهن ۾ ان شريفو جو ٻج
يعني ککڙي رکي ٿي ويئي پاڻ ان ٻج ۽ ککڙيءَ کي
بجاءِ پليٽ جي پاسي ۾ زمين ۾ پوري ڇڏيائون، ڪنهن
شخص چيو سائين اوهان ان کي پليٽ ۾ رکو پاڻ هڪدم
جواب ڏنائون ته هن ملڪ ۾ شريفن جي ڏاڍي کوٽ آهي،
ان لاءِ شريفن جو ٻج پوکي رهيو آهيان سچ پڇو ته هن
وقت عموماً پوري ملڪ ۾ خصوصاً سنڌ ۾ اهڙن عظيم
علمي، ادبي، روحاني شخصيتن جي ڏاڍي کوٽ آهي. تازو
اسان جو دوست مشهور ليکڪ علمي ادبي ۽ فعال شخصيت
ڪيترن خوبين جو مالڪ اسان کي داغِ جدائي ڏيئي
هميشه لاءِ وڃي ابدي دنيا ۾ آرامي ٿيو منهنجي مراد
آهي پروفيسر مولوي مراد علي راهمون صاحب سندن تعلق
ٿر جي صحرائي علائقي سان هو. بيشڪ صحرائي
علائقائي، علم، ادب، تاريخ ۽ فطرت جا امين هوندا
آهن نه ڄاڻي ان وارياسي علائقي قديم دور ۾ ڪهڙيون
ڪهڙيون شخصيتون پيدا ڪيون ۽ اهو سلسلو الحمدلله اڄ
تائين هلندو پيو اچي، بقول علامه اقبال جي:
فطرت کے مقاصد کی کرتا ہے نگھبانی، بندہ صحرائی یا
مردِ کوہستانی
ان حوالي سان اسان جي عظيم محقق عالم معمور
يوسفاڻي غفراللہ جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو لائق تحسين
آهي ۽ هر اهل علم و ادب شناس کي ان کان آشنا ٿيڻ
گهرجي. محترم مراد علي راهمون صاحب به ادب جي دنيا
۾ معمور صاحب جي مڪتبئه فڪر مان اُسريو ۽ اوچو
ٿيو.
پروفيسر مراد علي راهمون جو جنم پهرئين جون 1960ع
محمد حيات راهمون جي گهر ڳوٺ ڪيرلو تحصيل ضلعو
عمرڪوٽ ۾ ٿيو، سندن ذات راهمون پاڙو راوتاڻي آهي.
مولوي مراد علي راهمون صاحب جي وفات 9 جولاءِ
2021ع تي ٿي.
راهمون صاحب همه محبت هڪ عالم، اديب ليکڪ سماج
سڌار اهل علم ۽ علم دوست فعال شخصيت سان گڏ
پروفيسر گڏوگڏ سنڌ تعليم کاتي ۾ ڪاليج سائيڊ تي
ڊئريڪٽر فائنسز جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيا.
پاڻ ٿر جي ڀِٽن واري علائقي مان نڪري هڪ عظيم منصب
تي پهچڻ لاءِ نه ڄاڻي ڪيترا جتن ڪشالا ڪڍيائون،
2007ع ۾ ڪراچي آيا ۽ مون کان منهنجو مڪان بحيثيت
ڪرايه دار جي ورتائون جيڪو تاحال وٽن ڪرائي تي
آهي، مٿيون فلور سندن رهائش ۾ هو ۽ هيٺ آءٌ رهندو
هئس ظاهر آهي ته ڪيتري قربت هوندي ۽ ڪيتريون
نشستون ۽ ملاقاتون مشورا گڏيل هوندا هئا، هڪ دفعي
پاڻ پنهنجي پوئين زندگي ۽ غربت جو تذڪرو ڪندي
فرمايائون:
”اسان ٿر ۾ مال چاريو، ناري ۾ مزدوري ڪئي، پر
تعليم جي سلسلي کي بحال رکيو ته اڄ الله پاڪ هنن
اعليٰ عهدن تي پهچائي ڇڏيو آهي“، هڪ دفعي ڪچهري ۾
ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ مون کي ٻڌايو ته ”اسين مختلف
مڊل اسڪولن ۾ پڙهندا هئاسين ۽ اسان جي (ڊاڪٽر اسد
جمال ۽ مراد علي صاحب) قلمي دوستي هوندي هئي. مراد
علي صاحب ان زماني ۾ مون کي انگريزيءَ ۾ خط لکندو
هو ۽ تاڪيد ڪندو هو ته انگريزي ۾ خط لکو ته پنهنجي
انگريزي زبان ۾ مهارت ٿئي. پوءِ اسين ڊڪشنري مان
ڏکيا لفظ ڳولي خطن ۾ لکندا هئاسين.“ ڊاڪٽر صاحب
ٻڌايو ته مون وٽ ته ڊڪشنري هئي پر مراد علي صاحب
ڊڪشنري لاءِ هاءِ اسڪول جي لئبرري ويندو هو.“
عرض اهو ته پاڻ دنياوي علمن سان گڏ ديني ڪتابن ۾
هميشه عالمن جا قدردان ۽ مصاحب رهيا، اهوئي سبب هو
جو پاڻ پنهنجي ننڍي فرزند کي ڪراچيءَ جي مشهور
مدرسي ۾ داخلا وٺي ڏنائون. جيڪو فراغت کي تمام
ويجهو آهي، پاڻ چڱو عرصو سنڌ جي مشهور عالم فقيهه
مفتي منٺار ٽنڊو آدم وٽ به زير تعليم رهيا، جيڪو
جامعة الرشيد جي باني مفتي رشيد احمد جو شاگرد هو.
ڪراچي خاص طور تي وچ سنڌ واري علائقي ۾ جيڪي به
علمي ادبي محفلون ٿينديون هيون، پاڻ انهن ۾ هميشه
بحيثيت مقرر جي مقالو لکندا ۽ پڙهندا هئا، صرف
انهن مقالن ۽ سندس تحريرن کي جمع ڪجي ته هڪ چڱو
موچارو سرمايو ٿي سگهي ٿو، جنهن جي لاءِ انشاءالله
ڪوشش جاري رهندي. جيئن ته تاريخي حوالن سان راهمون
به سما قوم جي مٿين پيڙهي جي هڪ شاخ آهي پاڻ
اجتماعيت جي حوالي سان جڏهن 2007ع ۾ ڄام نظام
الدين سمون واليء حاڪم سنڌ تي ٺٽي مڪليءَ تي
ڪانفرنس ٿي ته ان ۾ حاجي نظام الدين مرحوم سان گڏ
نه صرف نمائندگي ڪيائون بلڪه ڀرپور مقالو
پڙهيائون، خاص طور تي ان هنڌ تي وڏي جامع انداز ۾
روشني وڌائون، اهوئي سبب هو جو ميان خالد ولهاري ۽
سردار ڏاڏا حاجي هاشم سمون آف سيکاٽ کيس قدر جي
نگاهه سان ڏسندا هئا، پاڻ پيٽارو ۾ ڄام تماچي سمون
صاحب جي دعوت ۾ شريڪ ٿي، ان گڏجاڻيءَ جا روح روان
ثابت ٿيا، حيدرآباد ۾ پروفيسر قلندر شاهه لڪياريءَ
کي صدارتي ايوارڊ مليو، جنهن جي اعزاز ۾ سنڌي
لئنگويج اٿارٽيءَ جي هال ۾ هڪ وڏي تقريب منعقد ٿي.
هيءَ تقريب سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان محترم محمد
عثمان منگي صاحب جي ميزباني ۾ ٿي جنهن جو روح روان
ڊاڪٽر اسد جمال پلي هو. هن تقريب ۾ مولوي مراد علي
راهمون صاحب پنهنجي بهترين خطيبانه انداز ۾ سائين
لڪياري صاحب کي خراج تحسين پيش ڪيو، پاڻ ڪاليج ۾
اچڻ کان پهريائين پاڻ پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ استاد
رهيا ۽ حيدرآباد جي هر علمي ادبي محفل کي پنهنجي
مخصوص خطاب سان نوازيندا رهندا هئا جيئن ته پاڻ
ايم.فل جي ريسرچ جي سلسلي ۾ علامه مهرو دل جي قرآن
مجيد جي ٽيهين سيپاري جي تفسير تي بهترين ڪم
ڪيائون، هن سڄي ڪم جي رهنمائي محترم معمور يوسفاڻي
صاحب ڪئي، معمور صاحب نه صرف هن مسودي جي ڪاپي هٿ
ڪري ڏني، پر پاڻ راهمون صاحب کي علامه مهرو دل جي
تربت به هٿ ڪري ڏنائون، جيڪا پراڻ ڪنڌيءَ تي
عبدالصمد جي قبرستان ۾ دونهائو لڳ آهي، هن سفر ۾
معمور يوسفاڻيءَ جي شوق ڏيارڻ تي پاڻ پراڻ درياهه
تي عاليشان تحقيقي مقالو لکيائون، جيڪو پوءِ
ٽماهي مهراڻ ۾ شايع ٿيو آهي. پاڻ سائين معمور
يوسفاڻي جي محبت تربيت ۾ گهڻو رهيا، تنهنڪري ٿر جي
علمي، ادبي شخصيات جو کين تمام گهڻو مطالعو رهيو،
خاص طور تي عالمن ۽ مدرسن جي حوالي سان کين تمام
گهڻي معلومات هئي، پاڻ منهنجي هڪ بهترين ساٿي ۽
دوست جي حوالي سان ته احترام ڪندا هئا، پر جڏهن
کين خبر پيئي ته منهنجو والد حضرت محمد عثمان
قراني رحه صاحب جو شاگرد هو ته ويتر گهڻو احترام
ڪرڻ لڳا، ايتريقدر جو قراني رسالو ولهيٽ مان جيڪو
1936ع ۾ نڪرندو هو ان جو عڪس به مون کي ڏنائون،
جيڪو اڃان تائين مون وٽ موجود آهي.
اردو يونيورسٽيءَ جي هڪ تقريب ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت
جيڪا مٺي آواز ۽ قراة جي اصولن تي ڪندا هئا، کين
سڏيو ويو ته پاڻ سورة بقره جي رڪوع جي نثري ترجمي
۾ جڏهن صمٌ بقمٌ عميٌ جو لفظي ترجمو ڪيائون، پوءِ
چيائون ته انهن جي اهڙي مت مئي، ان تي تقريب جي
صدارت ڪندڙ مشهور دانشور آغا سليم کين سڏي ان نثري
ترجمي جو داد ڏنو ۽ سندس ٻوليءَ جي وسعت جي تعريف
ڪئي.
آءٌ سمجهان ٿو ته مون کيس تمام ويجهو ڏٺو پاڻ همه
وقت ديني، ادبي سماجي ۽ اصلاحي ڪمن ۽ جذبي سان
واڳيل رهندا هئا، خاص طور تي مٿن ديني فڪر تمام
گهڻو غالب هو، ان فڪر جي تگ دو ۾ رهندا هئا بقول
علامه اقبال:
اسی کشمکش میں کٹی میر کارائیں۔
کبھی سوز و ساز رومی کبھی پیچ و تاب رازی
ڪراچي يونيورسٽيءَ سنڌ جي سمان دور تي هڪ وڏو
پاڪستان ليول تي سيمينار منعقد ڪيو. هيءُ سيمينار
سنڌي ڊپارٽمينٽ جي طرفان منعقد ٿيو ان وقت محترمه
خورشيد عباسي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين هئي. جنهن
۾ پوري سنڌ جي وڏن عالمن اسڪالرن دانشورن شرڪت ڪئي
جنهن جي هڪ سيشن جي صدارت سردار حاجي محمد هاشم
سمون مرحوم سيکاٽ واري ڪئي، خود مون کي به مقالي
پڙهڻ جو اعزاز مليو ۽ ان موقعي تي مقالن تي مشتمل
هڪ ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو، جيڪو ان عهد تي هڪ دستاويز
جي حيثيت رکي ٿو. هن سيمينار لاءِ پاڻ ڊاڪٽر اسد
جمال پلي صاحب کي ڪميٽي ۾ ميمبر طور کنيائون.
ڊاڪٽر صاحب ان وقت جناح اسپتال ۾ نيورلاجي ۾
ڊپلوما جو ڪورس ڪري رهيو هو، پوءِ ٻنهي گڏجي
سيمينار جي اخراجات لاءِ ان وقت جي سنڌ اسيمبلي جي
ميمبرن حاجي علي مراد راڄڙ ۽ عبدالرزاق راهمون کي
پڻ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو. آءٌ دعويَ سان چوان ٿو ته ان
سموري ڪم جو ڪريڊٽ صرف ۽ صرف مولوي مراد علي
راهمون صاحب جي طرف وڃي ٿو. مولوي اميرالدين مهر
جي قرآن پاڪ جي ٿيل ترجمي ۾ پاڻ کين مڪمل علمي
سهڪار ڪيائون، جنهن جو اعتراف خود مهر صاحب به ڪيو
آهي. پاڻ آخر ۾ ڍاٽڪي زبان ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو
ڪري رهيا هئا، جيڪو نامڪمل رهجي ويو. پاڻ 20 گريڊ
جي پروفيسر، ڊئريڪٽر هجڻ جي باوجود سندن برادريءَ
۾ مولوي مراد علي راهمون جي نالي سان ان ڪري به
مشهور هئا جو پاڻ هڪ طويل عرصو عمرڪوٽ جي مدينه
مسجد ۾ امام ۽ خطيب رهيا، جتي سندن ڪيترا شاگرد
رهيا، گڏوگڏ سيد علي مردان شاهه کان نه صرف مڊل
اسڪول منظور ڪرايائون، بلڪه گڏوگڏ ان ڳوٺ کي ٽائون
جو درجو ڏياريائون، اهو سندن هڪ اهم ڪم آهي. جو هڪ
تعليمي اداري جو بنياد وڌائون، جتي سون جي تعداد ۾
صحراءِ ٿر جا ٻار اڄ به تعليم جي زيور سان آرائسته
ٿي رهيا آهن، پاڻ علائقي، عمرڪوٽ ان جي آسپاس خاص
طور تي راهمون برادريءَ ۾ حق سچ ۽ انصاف جي حوالي
سان ايترا ته مقبول هئا جو برادريءَ جي هر فيصلي ۾
کين امين طور چونڊيو ويندو هو، پاڻ سياسي طور تي
قول قرار ۽ پنهنجي موقف ۾ تمام گهڻو پختا ۽ مضبوط
هوندا هئا. جنهن جي ڪري پوري ضلعي ۽ برادريءَ ۾
کين عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. قوت بياني
دلائل جي اعتبار سان ايترو ته سندن وزن هوندو هو
جيئن بقول محترم اسد جمال پلي صاحب جي ته رني ڪوٽ
جي سيمينار ۾ ايم.ايڇ.پنهور صاحب کان ڪيترا سوال
ڪيائون، جن جو هن وٽ ڪو معقول جواب نه هو، ڪراچيءَ
۾ ڪڏهن ڪڏهن شانتي نگر واريءَ مسجد ۾ امام صاحب نه
هوندو هو ته پاڻ جمعي جي نماز ۽ تقرير جو کين
اعزاز ملندو هو، امانتداري ۽ ديانت داري ايمان جو
حصو آهي.
عالمن نيڪن ۽ صالحن جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام
ڪندا هئا، مون کي ته پنهنجي وڏي برادر جي حيثيت
سان نه ڄاڻي ڪيترا ذاتي مشورا وٺندا هئا، جيڪو
سندس وسيع قلبي جو مظهر هو، جيڪو تمام گهٽ ماڻهن ۾
هوندو آهي، پنهنجي اولاد کي ويهي سمجهائڻ وقت مون
جهڙي ناچيز ماڻهوءَ جي تعريف ڪندا هئا، جنهن جو
شايد آءٌ مستحق به نه هجان اهو سندن حسنِ ظن جو
اعليٰ مثال هو ظنو باالمؤمنين خيراً- الحديث.
هڪ دفعي وٽن سندن برادريءَ جو عالم انڊيا کان آيل
هو جيڪو نه صرف دارالعلوم ديو بند جو فارغ التحصيل
هو پر گڏوگڏ جميعة العلماء هند جو راجستان جو
عهديدار به هو، ان جي وڏي پرتڪلف دعوت ڪيائين،
جنهن ۾ هن احقر کي به مدعو ڪيائون ۽ وڏي علمي ديني
مجلس رهي، پاڻ ڪراچيءَ ۾ ڪيترن مذهبي پروگرامن ۽
ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ تي ايندا هئا ۽ هڪ مصلح جي حيثيت
سان ان ذميداريءَ کي ادا ڪندا هئا.
ريٽائر ٿيڻ کان پهريان 3 سال ايجوڪيشن ۾ ڊئريڪٽر
فائنس سنڌ رهيا، پر سندن وضع قطع اُهائي عالمانه
رهي وڏائي، فخر، تڪبر کان پري ۽ پاسيرا رهيا.
ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ مون سان رابطي ۾ رهيا ته آءٌ
فارغ آهيان ڪو ديني ڪم مستقل ڪيو وڃي يا ڪٿي ڪنهن
ديني اداري جو بنياد وڌو وڃي، جيئن ته آخرت سنورجي
سگهي. ان نيڪ نيتي ۾ هئا، پر شايد رب جي طرفان
سندن داڻو پاڻي مختصر هو، 9 جولاءِ 2021ع تي مغرب
نماز کان پوءِ پنهنجي پٽ سان گڏ ويٺل هئا ته کين
اٽيڪ ٿيو، هڪ لمحي ۾ سندن ساهه جو پکي پرواز ڪري
ويو.
پکي پر سوئيا پڃرو پراڻو،
اجهو اڏاڻو دادن پنهنجي ديس ڏي.
مراد علي صاحب پنهنجي پويان چار پٽ جن مان هڪ
مولوي ڪليم الله صاحب جيڪو فارغ التحصيل ٿيڻ وارو
نيڪ سيرت عالم فرزند آهي،۽ سندس ٻيو اولاد به نيڪ
صالح اولاد آهي، جيڪو سڀ کان وڏو ترڪو دن دولت آهي
يعني صالح اولاد، سندس جنازي نماز ڪراچي دارالعلوم
جي مدرسي بيت المڪرم ۾ رات جي ليٽ حصي ۾ پڙهي
ويئي، جنهن ۾ تمام وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، ان
مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ڪيترا هردلعزيز
۽ راه رسم رکڻ وارا هئا، ڄڻ پنهنجي پويان هڪ وڏو
انگ دوستن احبابن جو ڇڏيائون، سندس عزيز دوستن مان
راقم الحروف ڊاڪٽر محمد اشرف سمون کان سواءِ مولوي
محمد طاهر ولد علي محمد راهمون، ڊاڪٽر اسد جمال
پلي، سنجر عمران راهمون، ريحان شاهه، فيصل شاهه،
حاجي سراج سومرو، حاجي خالد سومرو، کان علاوه سيد
سردار شاهه ته سندس شاگردن مان آهي. ان کان سواءِ
ڪيترا عزيز دوست هئا جن جو چڱو موچارو تعداد آهي،
کين اوچتو داغِ مفارقت ڏيئي ويو، آخر ۾ آءٌ سندس
پوين کي عرض رکندس ته مولوي مراد علي راهمون صاحب
جن جا مقالا، تحريرون، تقريرون جيڪي به وٽن محفوظ
آهن انهن کي جمع ڪري هڪ ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪن ته
جيئن سندن پورهئو محفوظ ۽ مامون رهي سگهي.
قادر بخش ’مخلص‘ چانڊيو
دڙيلو
ڪمال اختر چانڊيو
ڪمال خان ولد بهادر خان چانڊيو ڳوٺ گهنور خان
چانڊيو تعلقو ڪنري ضلعو عمرڪوٽ جنم 1- جنوري 1949ع
تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾. تعليم پنج
درجا سنڌي ۽ قرآن شريف ناظره پورو ڪيائين. سندس
والده جيڪا سدائين بيمار رهندي هئي، هرڪو پنهنجي
گهر جي ڪم ڪار ۾ پورو، ڪير پنهنجو گهر ڇڏي ٻي جو
گهر سنڀالي، گهر جو سڄو ذمو ڪمال خان جي حوالي.
پاڻي ڀرڻ، ڪاٺيون ڪرڻ، ويجهي ۾ اٽي پيهڻ واري مشين
به نه هئي، ڪڻڪ پيهڻ لاءِ به جنڊ کان ڪم وٺڻو ٿي
پيو، ماءُ سان اسر جو اٿي جنڊ پيهائڻ به ڪمال جي
ذمي. ماءُ پيءُ ڏاڏي جي حڪم جي ڪڏهن به نافرماني
نه ڪيائين.
جنهن به ڪم تي وڃي ڏاڏي عرس خان ۽ والد جي پيرن تي
هٿ رکي موڪلائي پوءِ وڃي سندس ويجهيون مائٽياڻيون
جن کي ڪڏهن به نه چيائين ته، اچي ماني پچائڻ ۾ ڪا
مدد ڪري، ماني پچائڻ، ڀاڄي رڌڻ، مهمانن جي خدمت
ڪرڻ اهي سڀئي ڪم سندس ذمي اوطاق تي مهمانن جي خدمت
ڪرڻ ۾ ٿر (گوگاسر) ضلعي مٺي جو ملوڪ جوڻيجو،
مانيون کڻڻ، ديڳڙا ڀاڄي جا مٿي تي ان جي حوالي،
زمينداري هئي ڪڻڪ پنهنجي، مينهون، ڳئون، گهوڙا،
کير ڌونرا، لسيون جام هيون، کير مٿي تي کڻي وڪڻڻ
جو رواج ڪونه هو، ملاوٽ ڪابه نه هئي. کير ڌونرا،
مکڻ کاصو خوش ٿيو ۽ مهمانن جي اڳيان مکڻ، کير،
ڌونرا کارائي خوش پئي ٿيا، مرڻي، پرڻي، هر ڪاڄ ۾
پلاءُ جون ديڳيون پچائڻ ان ڪم ۾ به ڪمال شاهه
ڪاريگر، پلاءُ رڌڻ سيکارڻ اهو منهنجي ناني رمضان
کان سکيو، ڪمال جي پلاءُ رڌڻ جي هاڪ هئي جتي به ڪو
ڪاڄ ٿيو، ڪمال پهچي ٿي ويو، پئسو نه پنجڙ ٺلهي
واهه واهه تي ڪمال جي ڪلهي تي ڪاٺا، غريب هجي،
امير هجي شل ڪو ڪمال کي سڏ ڪري سڄو ڪم خيرخواهيءَ
سان ڪري پورو ڪندو هو، هئي سچائي، لوڀ نه لالچ،
ڳوٺ ۾ يا ڪو پري جو ڪو بيمار ٿيو ان کي ڏينهن ۾
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏسڻ ان جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪمال ڪڏهن به
نه گهٽايو. فنڪارن جو اوطاق تي اچڻ انهن سان لڳ ڀڳ
جي ڪري ڪمال پڻ موسيقي جي گُرن مان واقف ٿي ويو ۽
فنڪارن سان گڏ باجي تي ڪافيون، غزل ترنم سان ڳائي
ويندو هو. ايڏو تيز حافظو هڪ دفعي ڪنهن شاعر جو
ڪلام ڪنهن جي واتان ٻڌي بروقت ياد، آواز به بهترين
ان شوق کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ جدا محفل (منڊلي)
مچائي وڌائين. رات جو اوطاق تي دلي تي پڪواز کان
سواءِ ڪلام، ڪافيون چوڻ جيڪي سندس ساٿي ٿيا ۽
ڳائيندا رهيا، انهن ۾ سهراب خان چانڊيو، مراد علي
چانڊيو، ڪريم بخش چانڊيو، متارو چانڊيو، ابراهيم
کوسو، ڪانڊيرو خاصخيلي، منٺار ڀيل، عزيز ڀيل وغيره
ڪمال هر فن موليٰ اسان جي ڳوٺ جي ويجهو محمد يوسف
چانڊئي جي ڳوٺ ۾ والي بال ميچ جون ٽورنامينٽون
ٿينديون هيون، انهن ۾ شرڪت ڪرڻ، ان شوق ۾ اسان به
پنهنجي ڳوٺ ۾ والي بال جو گرائونڊ ٺاهي مقابلا
ڪرايا.
پوءِ سندس ٽيم جا مقابلا، چمبڙ جي ٽيم، لانڍي جي
ٽيم، ساماري جي ٽيم، ٽالهي جي گرگيجن جي ٽيم، اهري
جي ٽيم ۽ ٻين مقامي ٽيمن سان مقابلا ٿيندا رهيا،
ڪمال جي ٽيم جو ڪپتان محمد حاصل مسرور هوندو هو،
الله ورايو نديم، عبدالحڪيم، سهراب، غلام حيدر
فوجي ۽ مراد علي سندس ساٿي هئا.
ملهه ۾ به ڪمال واه جو نالو ڪڍيو. هر ميلي ۾
ملاکڙي ۾ ڪمال لٿو پيو آهي، ڪمال جي اها عادت
هوندي هئي ته جڏهن به ڪنهن راند يا ٻي ڪنهن ڪم تي
روانو ٿيندو هو خاص ڪري سندس ڏاڏي عرس خان جي پيرن
تي هٿ رکي اجازت وٺي پوءِ روانو ٿيندو هو، ڏاڏي جي
نظر به گهٽ ٿي ويئي هئي، انڪري پاڻ ڏاڏي جي خدمت
ئي ڪندو هو، ڏاڙهي ٺاهڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، ڪڏهن ڪڏهن
ڏاڏا جي حڪم تي ترنم ۾ ڪلام ٻڌائڻ مطلب ته کيس
سدائين خوش رکيو ٿي آيو، ان نموني جڏهن به ملاکڙي
۾ ويو سدائين ملاکڙو کٽي ٿي آيو، ٻي جوڙ جي ملهن
سان به مقابلو ڪري کين هارايائين، ملوڪ نهڙيو، ڀير
جي سامي بدين وارو، غني ٽالپر، عاشق ٽالپر، پڌيو
ڀيل، بشير گشڪوري ٽالهي وارو ۽ محمود ڪهيري سان
ڪامياب ملهون ڪيائين.
ملهه ۾ سندس استاد سانوڻ چانڊيو (جيڪو يڪي خاصخيلي
جو استاد هو) خدا بخش مجاهد چانڊيو (شاعر) ۽ خميسو
اوٺو (خانور اوٺا) مشهور ملهه پهلوان هئا، سندس
شاگردن ۾ محمد ابراهيم کوسو ۽ قائم چانڊيو
ناليوارا ملهه آهن.
ڪمال خان جو سڄو خاندان پاڪستان ٺهڻ کان وٺي آخر
تائين مسلم ليگ سان وابسته رهيو، ان خانداني جذبي
جي ڪري ڪمال خان پڻ مسلم ليگ ۾ رهيو. 23 فيبروري
1997ع تي جڏهن خدمت ڪميٽين جو قيام عمل ۾ آيو،
جيڪو ضلعي سطح کان وٺي تعلقي، يونين سطح تائين
ميمبر چونڊي غريب عوام کي سڌو انصاف مهيا ڪرڻ،
پوليس، راشي آفيسرن تي نظر رکڻ، پاڻي چوري، بجلي
وغيره ۾ بدعنوان آفيسرن تي نظر ۽ ٻيا ڪيئي ڪم ته،
انهن جي نگراني لاءِ رضاڪارانه طور هڪ سال جي لاءِ
ميمبر چونڊيا ويا، ڪمال انهيءَ ڪميٽيءَ جو ضلعي جو
ميمبر چونڊيو ويو.
آءٌ ته اڄ به سوچان ٿو ته ڪمال کان ڪهڙو ڪم ويو
جيڪو نه ڪيائين، هر ڪم ۾ حصيدار اسان هيءُ راقم
قادر بخش ’مخلص‘، الهورايو نديم، محمد حاصل
’مسرور‘، صلاح محمد ’ساحر‘، محمد هارون
’مقبول‘، راهب ’مهجور‘، ڪريم بخش ’ڪاظم‘، منٺار
’مسڪين‘ ڀيل، عزيز ’اشراف‘، پير بخش
’پرواز‘، ۽ ٻيا، استاد المحترم سائين ’معمور‘
يوسفاڻيءَ جي شاگرديءَ ۾ شامل هئاسين، جيڪو اسان
شاگردن کي شفيق پيءُ وانگر پنهنجا ٻچا سمجهي، اسان
جي شعرن جي اصلاح ڪندو رهندو هو. اسان جا پروگرام
گڏجاڻيون جيڪي ڪمال کي متاثر ڪري ويون ۽ پاڻ به
انهن ڪچهرين ۾ حصو وٺڻ لڳو. هر فن موليٰ ته اڳيئي
هو شاعريءَ واري فن ۾ به ڪاهي پيو، ڪچو ڦڪو شعر
چوڻ ’ڪمتر‘ جي تخلص سان شعر ٺاهي ترنم سان ڳائي
ٻڌائيندو هو، ۽ اهي شعر ڪاپي تي لکندو رهيو ٿي ۽
جيئن ئي سائينءَ ’معمور‘ سان تعلق جڙيس ۽ اسان کان
به
وڌيڪ سائين سان ميل جول ڪري ورتائين ۽ ڏينهن ۾ ڏهه
شعر چوڻ ڪمال، ڪمال ڪري ورتو، سائين استاد المحترم
جي مشوري سان ’چانڊيا پبليڪيشنس‘
قائم ڪئي ويئي، جنهن جو صدر محمد حاصل ’مسرور‘،
نائب صدر ڪمال ’اختر‘، خزانچي الهورايو نديم، جنرل
سيڪريٽري راقم (قادر بخش ’مخلص‘) چونڊيا ويا. ان
گڏجاڻي ۾ ئي ’ڪمال اختر‘ جي شعرن جو مجموعو
منظرعام تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، مون سندس ڪلام
لاءِ لکيو ته بحمدلله اسان پنهنجي ان ڪم ۾ اڄ
ڪامياب نظر پيا اچون، جو ڪتاب توهان سڄڻن جي هٿن ۾
آهي، آءٌ جناب سائين معمور يوسفاڻيءَ جو ٿورائتو
آهيان جنهن جي ساٿ ۽ تعاون سان ئي هي ڪتاب ميدان
تي آيو آهي، اڳتي به انشاءالله تعاليٰ سندس ساٿ
اسان سان رهندو، (فقط 13- ڊسمبر 1981ع توهان جو
’مخلص‘ چانڊيو جنرل سيڪريٽري ’چانڊيا پبليڪيشنس‘
ڳوٺ گهنور خان چانڊيو).
’سنيها سرير جا‘ ڪمال جا جيڪي ڪتاب جي باري ۾ ۽
استاد المحترم معمور يوسفاڻي جي عقيدت ۾ جيڪي ٻه
اکر چيائين: آءٌ نه وڏو اديب آهيان ۽ نه ڪي وڏو
شاعر جنهن جي ڪلام جو مجموعو ڇپائي عوام آڏو آڻجي
مگر منهنجي دوستن منهنجي همت افزائي خاطر، منهنجو
ڪچو ڦڪو ڪلام پنهنجي اداري ’چانڊيا پبليڪيشن‘ جي
طرفان شايع ڪري هڪ انوکو قدم کنيو آهي، جنهن لاءِ
آءٌ ’پبليڪيشنس‘ جي سڀني عهديدارن جو ٿورائتو
آهيان، آءٌ پنهنجي استاد المحترم جناب معمور
يوسفاڻيءَ صاحب جو نهايت ٿورائتو آهيان، جنهن هڪ
شفيق استاد جي حيثيت سان منهنجي هر طرح رهنمائي
ڪئي آهي ۽ اڃان به اها مهرباني جاري آهي. شال! کين
الله پاڪ خضري عمر عطا فرمائي ته جيئن پاڻ مون
جهڙن اٻوجهن جي رهنمائي ڪندا رهن. (آمين) آءٌ جناب
محمد سومار شيخ، جناب عابد لغاري، جناب بشير احمد
چانڊئي، جناب الله بچايو ’مشتاق‘ ۽ جناب عبدالعليم
شاهه آزاد جو ٿورائتو آهيان، جن منهنجي هن شعري
مجموعي بابت ۽ منهنجي لاءِ تعريفي ڪلمات لکي
منهنجي همت افزائي ڪئي آهي، خادم ڪمال، اختر
چانڊيو، شيخ محمد سومار لکيو ته: ”دلبر هن دنيا ۾
وڃي رهندو واس.“
منهنجي ڀاءُ ڪمال اختر چانڊئي جو هي ڪتاب ’سنيها
سرير جا‘ اوهان جي هٿن ۾ آهي، انهيءَ ڪتاب ۾ اختر
جي اندر جا سنيها، حمت، نعت، مناجاتن، منقبتن،
واين، ڪافين، غزلن ۽ بيتن جي صورت ۾ قطار ڪري اُڀا
آهن. شاعريءَ جي انهن صنفن ۾ فصاحت بلاغت ۽ سلاست
سان گڏ وزن ۽ لئه پڻ آهي. وڏا ڀاڳ آهن انهيءَ خطي
جا جتي ههڙا سپوت سامائجن ٿا ۽ وطن عزيز جو نالو
روشن ڪن ٿا. منهنجو سائين ٿر جو رهبر ’معمور
يوسفاڻي‘ پڻ مبارڪن جو حقدار آهي، جنهن ٿر ۾ ادبي
لهر پيدا ڪئي آهي ۽ سمنڊ جي اٿاهه ڇولين وانگر هڪ
ادبي لهر ٻئي اوڀار لاءِ تيار ٿئي ٿي ته ان کان اڳ
هو ٽي لهر اوڀاريو ڇڏي.
اهڙائي آهين صاحب منهنجا سپرين.
آءٌ هن مجموعي جي مصنف ڪمال ’اختر‘ کي دلي طرح سان
مبارڪ پيش ڪريان ٿو، جنهن ٿر جي ضلعي جي ادبي
تاريخ ۾، واڌارو آندو آهي ۽ اميد اٿم ته چانڊيا
پبليڪيشنس انهي ڏس ۾ روشن مستقبل جي ضمانت ٿي
رهندي، انشاءالله تعاليٰ (محمد سومار شخ لاڙ
ميوزم، بدين).
محترم عابد لغاري صاحب لکيو: ٿر ”ٿر اندر ٿاڪ.
ٿرپارڪر سنڌ جو عجيب پر عظيم ضلعو آهي، هتي جون
حالتون ڪڏهن به ساڳيون نه ٿيون رهن برسات پئي ته
واريءَ جا دڙا به ڪشمير ٿيو پون، ساوڪ ۽ هٻڪار
عجيب منظر پيش ڪن، پر جي لڳاتار بوند به نه پئي ته
وڻ ٻوٽا ته سُڪيو وڃن مال متاع مريو وڃن، پر
ويچارا انسان به زندگيءَ کان آزرهه کان آزردهه ٿيو
پون، اهڙي علائقي ۾ علم و ادب جو ذوق ۽ شوق پيدا
ٿيڻ ۽ قائم رهڻ بلڪ ٻين علائقن کان گوءِ کڻڻ،
واقعي اها ان جي عظمت جي نشاني آهي. ادب جي مختلف
صنفن تي هن علائقي مان اڪثر ننڍا وڏا ڪتاب ايندا
رهن ٿا،’سنيها سرير جا‘، جناب اختر چانڊئي جي ڪلام
جو انتخاب چانڊيا پبليڪيشنس طرفان شايع ٿيو آهي،
کيرون لهي ’مخلص مهراڻوي‘ ۽ سندس ساٿي جن پنهنجي
ذاتي ذوق ۽ ڪوشش سان ڪمال اختر صاحب جو بهترين
ڪلام مجموعي جي صورت ۾ آڻڻ جو پهه ڪري انهيءَ جوت
کي زندهه رکيو آهي، جيڪا لاٽ ٿر جي ڀٽن مان ڪڏهن
ڪٿان ڪڏهن ڪٿان ٻرندي نظر ايندي آهي. جناب ڪمال
’اختر‘ جي ڪلام ۾ شعريت جي هر صنف نهايت موزون ۽
پرڪشش نظر اچي ٿي، حمديه ڪلام کان مناجات ۽ نعت
شريف يا منقبت کيس سٺن شاعرن جي صف ۾ آڻي بيهاريو
آهي، ساڳي وقت نظم، غزل، بيت يا ڪافيءَ جي صنف ۾
پڻ هو ڪنهن کان پوئتي ناهي، انسان جي اندر جو آواز
روحانيت جي گهرائي ۽ حقانيت جي بحر مان غوطا کائي
نڪتل هوندو آهي، (عابد لغاري ايڊيٽر ماهنامه نئين
زندگي حيدرآباد)
سائين عبدالعليم شاهه آزاد لکيو ته: ڪمال خان
(ولادت 1- جنوري 1949ع) ولد بهادر خان چانڊيو جيڪو
چند سال اڳ فقط وانجهي ۽ والي بال ٽيم جو سٺو
رانديگر ۽ ٻئي جوڙ جي بهترين ملهه جي حيثيت سان
سڃاتو ويندو هو، سو اوچتوئي اوچتو سال 1976ع ڌاري
’ڪمتر‘ تخلص سان ادبي ميدان تي نڪري آيو ۽ مشاعرن
۾ شريڪ ٿيڻ لڳو، مٿان جو کيس سنڌ جي عظيم شاعر،
دانشور، مفڪر ۽ محقق جناب معمور يوسفاڻيءَ جهڙو
استاد مليو تنهن کيس ’ڪمتر‘ مان’اختر‘ بنائي ڇڏيو،
۽ هينئر هو ادب جي آسمان تي نهايت آب و تاب سان
چمڪي رهيو آهي. (عبدالعليم شاهه ’آزاد‘ ڪاظمي صدر
تاج اڪيڊمي جهڏوـ)
”سنيها سرير جا“ لاءِ قطع تاريخ (نظم)
سنيها ۽ پيغام سهسين ٻڌاسين،
ڪي اکڙين سان پيغام ڏيندي ڏٺاسين.
ڪي پيغام اهڙا ڪڙا ۽ ڪسارا،
ٻڌڻ سان ڀچ پچ خفا ٿي پياسين.
جڏهن يار ’مخلص‘ ٿيو مهربان آ،
تڏهن ڄاڻ حاسد سڀئي مارياسين.
ٿين ٿا سنيها ڪي سهڻا سلوڻا،
جنين جي ٻڌڻ سان فدا ٿي پياسين.
’ڪمال‘ آهي ’اختر‘ جو اهڙو سنيهو،
ٻڌڻ سان ’مشتاق‘، ’مسرور‘ ٿياسين.
سنيها سريرن جا ’اختر‘، ’ڪمال‘،
1942
مليا ’حال‘ سان سال تڏهن ٿياسين.
39 1942 + 39
=
1981ع
’سنيها سرير جا‘ جي تقريب رونمائي مهراڻ آرٽس
ڪائونسل حيدرآباد ۾ ڪمال ’اختر‘ چانڊيو جي مجموعي
ڪلام ’سنيها سرير جا‘ تقريب رونمائي زيرصدارت جناب
معمور يوسفاڻي جي ٿي ان موقعي تي مهمان خصوصي
اسڪالر علامه حضرت مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جن
هئا. علامه قاسمي صاحب فرمايو، چانڊيا پبليڪيشنس
ٿرپارڪر جي دور دراز خطي ۾ ادب جي شمع روشن ڪري هڪ
مثالي ڪم ڪيو آهي، هن صاحب چانڊيا عالمن ۽ اديبن
جي سنڌي ادب جي خدمتن تي پڻ روشني وڌي ۽ فرمايائين
ته آءٌ دعا ٿو ڪريان ته سائين معمور يوسفاڻيءَ جو
جيڪو قافلو آهي اهو سدائين روان دوان رهندو.
جناب معمور يوسفاڻي، عابد لغاري، درمحمد ڪمال
’مخلص‘ چانڊيو، ’مسرور‘ چانڊيو، تقريرن بعد ڪمال
اختر صاحب ڪلام بزبان شاعر پيش ڪيو. (روزاني عبرت
حيدرآباد خميس 14 جنوري 1982ع)
استاد المحترم معمور يوسفاڻيءَ جي چوڻ سان ڪمال
اختر سنڌ لطيف ادبي مجلس سلام ٿرپارڪر ڪلچرل
سوسائٽي ان کان سواءِ جميعت العلماء اسلام حضرت
مولانا فضل الرحمٰن گروپ جو ميمبر پڻ رهيو. ڪمال ۽
’اختر‘ جو دوست محمد ابراهيم کوسو جنهن کي پڻ
شاعري جو شوق هو، ان کي به سائين معمور سان ملائي
تخلص ڏيئي ابراهيم ’عارف‘ جي نالي سان مشهور ٿيو،
جيڪو حال حيات سٺو شاعر آهي.
اسان جي ڳوٺ کي ويجهو شير خان چانڊيو ڳوٺ ۾ احياءُ
العلوم وڏو مدرسو هو جنهن ۾ حضرت مولانا محمد
عثمان قراني رحه جي مدرسي تي فارغ ٿيل حضرت مولانا
غلام رسول چانڊيو ۽ حضرت مولانا ڪريمداد رحه
چانڊيو، قمبر وارو جيڪو شيخ الهند مولانا محمود
الحسن ديوبندي جو پاڪستان
۾ پهريون شاگرد هو، جنهن وٽان به سائين غلام رسول
تعليم حاصل ڪئي، سائين غلام رسول جا شاگرد ايران
تائين به پکڙيل هئا، جنهن جا شاگرد اسانجي ڳوٺ ۾
تبليغ جي لحاظ سان ايندا هئا ۽ انهن جون ڳالهيون
غور سان ٻڌندا هئاسون، انهن ۾ هڪ قاري محمد موسيٰ
سومرو ڳوٺ سومرن جو پار ضلعو ٿرپارڪر جنهن جي اچ
وڃ وڌيڪ اسان جي ڳوٺ سان رهي گهڻو ڪري هر جمعي تي
تقرير ڪندو هو، جنهن کي سائين حضرت غلام رسول
موڪليندو، جنهن جي صحبت ۾ ڪمال اختر ۽ ٻيا به ڪافي
شامل ٿيا. ڪمال اختر به انهيءَ بزرگ کان فيض حاصل
ڪيو ۽ پنجئي وقت نماز ۽ الله جو ذڪر ڪرڻ ۽ سونهاري
مبارڪ رکي نبي ڪريم ﷺ جي سنت کي زنده رکيائين،
ڏينهن رات الله جي ذڪر ۾ مشغول.
حلقئه معمور ۾ نون توڙي پراڻن جي شامل ٿيڻ جو
سدائين ڪمال اختر کي اونو رهيو ۽ هميشه پڇندو رهيو
ڪهڙا ڪهڙا سائين جي حلقئه ۾ شامل ٿيا آهن اهڙو سچو
ساٿي باوفا شايد ڪو اهڙو هجي هن وقت به حلقئه
معمور ۾ نوان شاعر شامل ٿيا ۽ ٿين پيا انهن ۾ (1)
نيازمحمد نياز چانڊيو، (2) اعجاز ڀاڻيپوٽو، (3)
عطر گل، (4) عطا الله، (5) عطا چانڊيو، (6) بلاول
چانڊيو، (7) عبدالمالڪ چانڊيو، (7) محمد ايوب
’عزم‘ چانڊيو وغيره. حلقئه معمور کي جيڪا عزت، مان
مرتبو ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پلي ۽ نون توڙي پراڻن
شاعرن جي اصلاح ڪندڙ سنڌ جو هردلعزيز شاعر، اديب
سيف الله خالديوسفاڻي ۽ سندس ڀائرن هٿان جيڪي
محبتون ملن ٿيون، سو ڪيئن نه پراڻا توڙي نوان
شاعرحلقئه معمور ۾ داخل ٿيندا، منهنجي کين التجا ۽
دعا آهي ته حلقئه معمور ۾ داخل ٿيندڙن جي اڃان به
وڌيڪ همت افزائي ۽ رهنمائي ڪندارهن.
مُهراڻي جو هيءُ باڪمال شاعرڪمال اختر چانڊيو 26
اپريل 2015ع سومر رات وڃي پنهنجي حقيقي رب سان
مليو، سندس جنازي نماز ۾ هزارن جي تعداد ۾ عزيزن،
دوستن، پري کان آيل واسطيدارن کيس آلين اکين سان
اباڻي قبرستان صحب الدين عرف کٽي پير ۾ مٽي ماءُ
حوالي ڪيو، دعا آهي ته کيس الله سائين جنت الفردوس
۾ جاءِ عطا فرمائي آمين، سندس شاعري مان ڪجهه
نمونو هيٺ ڏيون ٿا:
حمد
بي مثل آهين، باري مختيار يا الاهي،
جوڙيو سڄو تو آهي، جنسار يا الاهي.
جيڪي ڪرين پيو تون، سو پاڻ تون ٿو ڄاڻين،
واحد وڏو تون آهين، وينجهار يا الاهي.
سارو جهان خلقيئي، مرسلصه مٺي جي صدقي،
ان ريت نور ڪيڙئي، نروار ياالاهي.
آهن اميد ڊپ ۾ ’اختر‘ جيها جڏا ڪئين،
آهي انهن کي تنهنجو آڌار ياالاهي.
مناجات
مديني ۾ مولا مون کي مارجان،
محمدﷺ جو روضو مون ڏيکارجان.
اٿم آس ڏاڍي، مديني وڃان،
محمدﷺ جو روضو، اکين سان ڏسان،
انهيءَ طرف واڳون سگهيون وارجان.
سُڻي سوال سائل جو پرور پيارا،
او! مالڪ مٺا منهنجا منور موچارا،
اميدن جو ٻيڙو تون ئي تارجان.
خدايا! هي ’اختر‘ ڪبوتر ٿئي،
اڏامي ڃي پاڪ روضو پسي،
جدائيءَ جا ڏينهڙا سگها ڏارجان.
سنڌ
بندا بلڪل نه ڪر بانور، هتان آهين هلڻ وارو،
ڇڏي ڏي ننڊ غفلت جي، مٿي تي موت جو مارو.
اهي مستيون ۽ موڳايون، رهاڻيون رهزنيءَ واريون،
اهي هستيون ۽ هوڏون هِت، ڇڏيندين ساٿ پڻ سارو.
دنياداري نه ڪم ايندئي، دنيا تي دم هڻين ڇو پيو؟
اِهو آ عارضي چرخو، اُنهي جو ناهه ڪو چارو.
صدي هيءُ چوڏهين پوري، ڏسي ڇڏ پار پندرهينءَ جا،
ٿيا ماڻهو گهڻا مُنڪر، ويو ٿي ’قافلو‘ ڪارو.
خدايا مسلمانن کي، هدايت ڪر، هدايت ڪر!
پڪاري ’چانڊيو‘ توکي ڪمال ’اختر‘ ٿو ويچارو.
آمريءَ جو قبرستان
سوين راڄ راڻا سُتا آمريءَ ۾،
ڪري ٿاڪ ٿاڻا ستا آمريءَ ۾.
سڪندر، قلندر، تونگر هزارين،
ڀُلي ڀاڳ، ڀاڻا، ستا آمريءَ ۾.
’سمن صالحن‘ جاءِ جيڪي رهيا ٿي،
سي سالڪ سياڻا، ستا آمريءَ ۾.
وساري وڄائون مٿاهان مڪان،
پلي نينهن، ناڻا، ستا آمريءَ ۾.
وڏو آ بيان، حسن جن جي جو ’اختر‘،
ڇڏي محب ماڻا، ستا آمريءَ ۾.
ڪافي
اڄ نماڻي کي ته نيئرن ۾ نماڻا ياد پيا،
جن ڪنان ٿئڙس جدا اڄ اُو اباڻا ياد پيا.
باهه ڀڙڪي تنهنجي بنگلن، شل ٿين کامي ڀسم،
مون کي جهانگين جهوپڙا، هو پڊ پراڻا ياد پيا.
مينهن مارن تي وسي، ولهار سڀ واسي ڇڏيا،
کاڄ کاٽونبا، کنڀيون ۽ انب لاڻا ياد پيا.
پيا پچي پيرون، پڪا ۽ چڀڙ گدريون، چوطرف،
خوب گولاڙا، گسن، ڪونڍير داڻا ياد پيا.
اڄ اچي اُڌمان اُٿيا ’اختر‘ جي اندر ۾ اپار،
ڀٽ مٿي ڀونگيون ڀليون، ڀاڳين جا ڀاڻا ياد پيا.
ڪافي
مٺا مل اچي ڪا ڪري مهرباني،
سوا تنهنجي گذري نٿي زندگاني.
اوهان جي اچڻ جون ٿو واٽون نهاريان،
ڪڏهن يار ايندين؟ اڱڻ پيو ٻهاريان،
نه ڪر يار ايڏي، جدائي ڪا جاني.
هتي هجر ۾ حال هيڻا ٿا گذرن،
اکيون آگ ڀريون نه ٿيون مور وسرن،
سلامت رهي، شال تنهنجي جواني.
اسان سان نه گهرجن ڪرڻ توکي ماڻا،
ڪنارا نه ڪر يار سهڻا سياڻا،
ڪمال آهي تنهنجي اها قرب ڪاني.
ڪريان تنهنجي سارهه ثنا يار ڪهڙي،
نه آ سونهن ڪنهن کي، سندئي سونهن جهڙي،
نه مٽ مائٽ تنهنجو نه ’اختر‘ ڪو ثاني.
غزل
ڇا سڄڻ سهڻا صنوبر، تنهنجو جلوو تنهنجو تاب؟
تنهنجي صورت کي ڏسي، شرمائجي ٿو ماهتاب.
سروقد، ڪاريون اکيون، ٻيا قهر سان ڪاڪل ڪُنڍا،
ڏند موتي، لعل لبڙا، جسم ڄڻ آهي گلاب.
سونهن تنهنجيءَ ساڻ مٽ، دارين ۾ دلبر نه ڪو،
تنهنجي جوهر کي ڏسي، آهي جهڪو ٿيو آفتاب.
تنهنجي سيرت ۽ سخاوت جو نه ڪو ثاني سمجهيم،
تنهنجي اخلاقن ۽ نيڪين جو نه ڪو آهي حساب.
جن سان تنهنجي حسن جي ساراهه، ثنا ’اختر‘ ڪجي،
تنهنجي لائق سي ڪٿان، مان لفظ آڻيان لاجواب.
بيت
تون ئي ڏينهن قيام جي، ضامن ضعيفن،
عاصي انهيءَ ڏينهن تي، ٿا وڏي آس رکن،
’اختر‘ شال ٿين، آجايون ان ڏينهن تي.
آجايون ان ڏينهن تي، ڪجان رب ستار،
ڏيهن جا ڏاتار، بخشج بدڪارن کي.
بخشج بدڪارن کي، جي احمدصه جا اُمتي،
جن وٽ هنجهه نه هڙڪي، نه ڪو چيٽ، ڪتي،
پرور اٿئي پرتي، اُمت احمدصه ڄام جي.
امت احمدصه ڄام جي ڏکن آهه ڏاري،
قادر ڏسج تنهن کي، منزل موچاري،
پنڌ اڙانگو پٻ جو، ٻي واٽن جي واري،
’اختر‘ کي آري، سگهو رسج راهه ۾.
جان محمد لغاري
جهڏو
ميان قادر بخش ڪليم لغاري
ميان قادر بخش ولد مير محمد لغاري تاريخ 21-
سيپٽمبر 1947ع تي ڳوٺ غلام علي لغاري لڳ ڍورو
پُراڻ تعلقو ڊگهڙي ۾ ضلع ميرپورخاص ۾ پيدا ٿيو.
ابتدائي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين.
ان بعد ڪجهه وقت ميرپور بٺورو مان پڻ تعليم حاصل
ڪيائين. ان بعد مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان ٽنڊو محمد
خان مان پاس ڪيائون. سندن ابتدائي تعليم ۾ رئيس
مرزو خان لغاريءَ ڪافي مدد ڪئي. سندن ابتدائي
تعليمي سکيا ۾ استاد سڪيلڌو مڱڻهار جون محنتون به
شامل آهن. تعليمي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي بي.اي ۽
ايم.اي امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. پاڻ
ميرپوربٺورو ۾
P.T.C
جي ٽريننگ ضلعي ۾ پهرين پوزيشن سان پاس ڪيائين.
1967ع ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. ٻن سالن بعد
جهُڏو تعلقي جي ديهه 203 ۾ پنهنجي والد جي نالي
پرائمري اسڪول ميرمحمد لغاري کولرايائين. جنهن ۾
تعليم جو سلسلو هن وقت به جاري ۽ ساري آهي.
پاڻ ڳوٺ ۾ مسجد شريف، مدرسو ۽ عيدگاهه پڻ تعمير
ڪرايائين. پاڻ صوم و صلوات جو پابند ۽ ٻين کي به
تربيت ڏيندڙ هو. ڳوٺ ۾ غريب ۽ يتيم ٻارن جو سهارو
هو، خرچيون ڏيڻ، پڙهائڻ ۽ ڪتابن جو بندوبست ڪرڻ
سندس ذمي هو، مسڪينن ۽ نادارن سان پيار ڪرڻ ۽ سندن
مدد ڪرڻ ڄڻ قادر بخش لاءِ لازمي هئي.
ميان قادر بخش سنڌ جي ثقافت جو به پاسدار هو، ملهه
جي ملاکڙن جو شوقين هو، ڀلا ڍڳا ڌارڻ جو به کيس
شوق به هو ۽ ڍڳن جي ميل ۾ به اڪثر ويندو هو، ڍڳن
جي ميل جو سوار به هو ته ڍڳن جي قسمن ۽ ڍڳن جي
بيمارين جو پڻ ماهر هو.
ميان قادربخش جو شاعريءَ ۾ استاد سائين معمور
يوسفاڻي صاحب هو، جنهن کيس ’ڪليم‘ تخلص ڏنو. سندس
شاعري مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپيل آهي. ۽ سندس ڪافي
ڪلام ڪتاب (قلمي) جي شڪل ۾ موجود آهي، سندس فرزندن
۾ رسول بخش آهي.
پاڻ 12- نومبر 1987ع تي وفات ڪيائين، سندس تربت
ٽنڊو جان محمد لڳ آمريءَ جي قبرستان موجود آهي،
الله پاڪ کيس غريقِ رحمت ڪري.
هتي سندس ڪلام جو نمونو ڏيون ٿا:
ڪافي
خدارا جلائي نه، دل کي دلارا،
جدا رهه نه جاني، پرين منهنجا پيارا.
مڃي محب تنهنجي، مون دل سان غلامي،
سڄو ڏينهن سڄڻ، تنهنجو آهيان سلامي،
انهي ريت گذريا، ڪيئي سانوڻ سيارا.
پرين توکي پلپل، پوڪاريو پوڪاريان،
ڪري ياد توکي، هنجون روز هاريان،
وڃي رات هرڪا، تڪيندي ٿي تارا.
وجهي توکي ڀاڪر ۽، ڳل ڳل سان لايان،
ٿئي عيد منهنجي، تڏهن آءٌ ڀانيان،
اڏيا مون اوهان لئي، اکين ۾ اوتارا.
اڏي دام دلبر، وئين دل ڦاسائي،
محبت سندي ڪيئن، ’لغاري‘ لڪائي،
’قادربخش‘ کان ڇو، ڪرين ٿو ڪنارا.
*
گهور تنهنجي چور ڪيڙو او مٺا منٺار آ،
دم گهڙي توکان جدا، هاڻي رهڻ دشوار آ.
ناز پرور ناز تنهنجا، دلربا مارين ٿا،
زلف ڪارا ونگ وجهيو، ونگيو وري وارين ٿا،
قيد زلفن ۾ ڪري تو، دل ڪئي لاچار آ.
ڪيئن ڀلا توري سري، هر پل رهي ٿي ياد تو،
آ ڪيو سهڻا صنم، دل جو چمن آباد تو،
تنهنجي ئي غم ۾ سڄڻ، دلڙي سندم سرشار آ.
نينهن تنهنجي جي نشي ۾، دل سندم معمور آ،
تو ڪيو سنسار ۾، مون کي مٺا مشهور آ،
آهه اُلفت جو ڏسي، دلدار تنهنجي پيار آ.
ڪل نه مون کي ڪا هئي، تان سور ٿا ڪهڙا ٿين،
جيئن ڀلا انسان کي، جهٽ پٽ نهوڙي ٿا نينهن،
’ڪليم‘ هي تو ڪيو، واقف ڏکن سان يار آ.
ڪامريڊ عبدالڪريم بلوچ
لاڙڪاڻو
مست الست شاعر: وفا ناٿن شاهي
مون کي منهنجي مرڻ کان پوءِ پڙهه،
مان تنهنجي دور جي تحرير آهيان.
(وفا)
مشتاق علي عرف ’وفا‘ ناٿنشاهي کي عام طور تي سنڌ
جو سيلاني پکي ’ڪونج‘ڪري سڏيو وڃي ٿو. وفا جو جنم
15- مئي 1944ع سومر ڏينهن انڊيا جي ننڍڙي ڳوٺ
پنڊيالا جنهن کي مرغي والا يعني ڪڪڙن وارو شهر
ڪوٺبو هو. ضلعي امرتسر ڀارت ۾ ڄائو ۽ پهرين جنوري
2007ع ۾ ڪراچي ۾ پنهنجي پٽ آفتاب جي گهر ۾ وفات
ڪري ويو. ورهاڱي کانپوءِ سندن والد خيرات علي سان
گڏ جڏهن سندس عمر چار سال هئي، اول پنجاب پوءِ سنڌ
ڏانهن آيو. گوزو کانپوءِ خيرپور ناٿن شاهه ۾ اها
ذاتي طور رهائش اختيار ڪئي. ڏاڏن پيار لاڏ مان
مٿس؛ اشتياق علي، اشفاق علي، امتياز علي، فيض احمد
۽ مشتاق علي نالا رکيا هئا، جن مان مشتاق علي
مشهور ٿيو. سندن مادري ٻولي پنجابي هئي، والد
خيرات علي، ڳوٺ ڳوٺ وڃي ڪپڙو يا منهيارڪو ڌنڌو
ڪندو هو. والد اڻ پڙهيل، پر گرمکي ڄاڻندو هو.
پنجابي هير رانجهو، وارث شاهه، سنڌي ۾ رام ۽ سهڻي
ميهار جو داستان ياد هوس. والد عاشق مزاج ماڻهو
هو، پنج شاديون ڪيون هيائين. خيرات علي قريشي
1947ع ۾ گوزي ۾ آيو هو. وفا جي پٽ خالد حسين جي
چوڻ مطابق ته هُو پنهنجي قريشي خاندان جا مرشد هئا
۽ هڪ اسٽيج ڊرامو به ٺاهيو، جنهن ۾ وفا هڪ جج جو
ڪردار ۽ سندس پٽ خالد حسين ان ۾ هيرو جو ڪردار ادا
ڪيو. ان ڊرامي جي وڊيو مون به ڏٺي. سائين نشتر
ناٿن شاهي، سندن تخلص ’وفا ناٿن شاهي‘ رکيو. ان
کانپوءِ وڃي محسن ڪڪڙائيءَ جو شاگرد ٿيو. ادبي
کيتر ۾ ’وفا‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. تعليم ايم.
اي (پوليٽيڪل سائنس) ۾ ڪئي. بعد ۾ جانورن جي
ڊاڪٽريءَ جو ڪورس ڪري جانورن جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر
ٿيو. شاعريءَ جي شروعات 64- 1962ع ۾ حادثاتي طور
ٿي. جيئن ئي نشتر ناٿن شاهي چيس ته مشتاق هل ته
ڪنهن مشاعري ۾ شرڪت ڪيون. وفا هوٽل کان اٿي گهر
آيو، ريڊيو هلايو ته اتان ساحر لڌيانوي جوريڊيو
تان فلمي گانو هلي رهيو هو ۽ پوءِ وفا ان جا رديف
ڪافيه لکيا ۽ ان نموني غزل لکي نشتر کي ڏيکاريو ته
هُن ڏسي واهه واهه ڪئي. وفا اهو غزل ان مشاعري ۾
پڙهيو ته سڀني کي پسند آيو. پوءِ وفا جي قلم مان
ڪڏهن مَسُ نه سُڪي.
وفا چواڻي ته، ”شاعري ڌرتي ۽ دل جي محبت جو ٻيو
نالو آهي، پراڻي شاعريءَ ۾ صرف هجر ۽ وصال جو ذڪر
ملي ٿو، يعني غمِ جانان جو ذڪر آهي، پر غم دوران
جو ذڪر نه ٿو ملي، جڏهن ته غم دوران هڪ اهم ترين
پهلو آهي ۽ اُهو هڪ موضوع آهي. منهنجي غزل ۾ اوهان
کي غمِ جانان به ملندو ته غمِ دوران به.“ هُو وڌيڪ
وضاحت ڪندي چوي ٿو ته، ”هر زبان جي اصليت ۽ حقيقت
اتان جا ڳوٺ ۽ واهڻ هوندا آهن، نه ڪي شهر. قوم جو
فطرتي ادب لوڪ ادب هوندو آهي نه ڪي شهري ادب، شهري
ادب فينسي گليمر آهي، اهو ڪنهن به قوم زبان ۽ مزاج
جي خلاف هوندو آهي. اسان وٽ شهري ادب به تخليق ٿئي
ٿو. ٻهراڙي جو ادب پُرڪشش ڪري ٿو. شهري ادب کي
ٻهراڙيءَ وارو ماڻهو گهڻي تعداد ۾ نه ٿو سمجهي.
تنهنڪري ٻهراڙيءَ جي ادب کي وڌيڪ اهميت ملي ٿي ۽
مون به وڌيڪ ٻهراڙي جي ادب ۽ ٻوليءَ کي وڌيڪ اهميت
ڏني آهي ۽ ادب اهڙو سرجڻ گهرجي جيڪو اڻ پڙهيل کان
وٺي اعليٰ تعليم يافته تائين هرڪو سمجهي سگهي. اهو
ٻهراڙي جو ادب ٿي سگهي ٿو، اديب، شاعر جي مُکيه ۽
بنيادي اهم ضروري معاشي حالتون ۽ سماجي حالتون
آهن. شاعر مڙني سماجي حالتن ۽ رنگن روپن جو نقاد،
عڪاس ۽ شناس ٿئي ٿو. اسان اوهان کي وفا جي شاعريءَ
۾ ٻهراڙيءَ جي ٻولي ۽ ٻهراڙيءَ جي پسمنظر جي عڪاسي
ملي ٿي ۽ ڪنهن به قوم جي حالتن کي سڌارڻ لاءِ
اختيارات اديبن ۽ شاعرن وٽ نه آهن. تنهنڪري شاعر
اديب صرف حالتن تي مؤثر طريقي سان روشني وجهي سگهي
ٿو. اهوئي هن کي هر حال ۾ ڪرڻ گهرجي نه ته هن جي
اديب شاعر هجڻ مان قوم ۽ ملڪ کي ڪوبه فائدو ناهي.
هاءِ زندگي ته ازل کان ترقي پذير ۽ تبديلي رهندي
آئي آهي. زندگيءَ جي اها ئي هڪڙي اولين ۽ آخرين
حقيقت آهي.
شاعرن پنهنجي ماضيءَ جي زنده روايتن جي حفاظت سان
گڏ پنهنجي دور جون نيون روايتون به قائم ڪيون آهن،
ڇو ته ان جو پنهنجو زمانو ۽ بدليل حالتون هونديون
آهن، اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽن قسمن جي شاعري ملي
ٿي، هڪ داخلي، ٻي خارجي ۽ ٽين داخلي خارجي مليل.
غزل جو اصل مزاج داخلي آهي، جن شاعرن وٽ تخليقي
قوت جي کوٽ آهي سي ايرانين جي ٺهيل ٺڪيل لفظن ۽
پهاڪن، ترڪيب ۽ بندش کي پنهنجي اظهار لاءِ ڪتب آڻڻ
لڳا، جنهنڪري سندن شاعريءَ جو اسلوب ۽ ماحول به
اصليت کان ڪٽجي ويو هو ۽ ايراني روايتن جا اُهي
منظر قائم ٿي ويا، جن ۾ درٻاري محفلون هيون. حسن ۽
عشق ته زندگيءَ جا لافاني جزا شاعريءَ جو مقدس
موضوع آهن، پر جڏهن ڪا شيءِ ڏٺل نه هوندي ته پوءِ
شاعر جي دل ۾ ان جي لاءِ جذباتي ردعمل ڪهڙو هوندو.
غزل سنڌي ۾ داخلي شاعريءَ جو مثال نٿو بڻجي ۽
خارجي شاعريءَ جي صنف ۾ هنن تمام گهٽ دلچسپي ورتي
آهي، ڇو ته ٽيڪنيڪل (فني) شاعريءَ ۾ غزل جي صنف ئي
اهڙي آهي جنهن ۾ صنف و حرفت جا سڀئي طريقا ڏيکاري
سگهجن ٿا. غزل ريزه خيالي پريشاني گوئي جو اهڙو ئي
هڪ ڊيڄاريندر خواب آهي جهڙو اسان جي شاعرن لاءِ
سندن سماجي زندگي بڻجي وئي آهي. شاعرن جو سمورو
مواد هميشه لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي اول
العزم استادن جي شعرن جو ڄارو ڄمي ويو هو، شعر جي
معنيٰ اها سمجهي ويئي ته انهن ڄاري لڳل خيالن کي
ئي ورتو وڃي جن کي، اسان جا شاعر فخر سان نئون
مضمون چوندا هئا، جنهن جو مطلب رڳو اهو هو ته لفظ
بندش ترڪيب رديف بحر بدلائي مضمون نگاري ادا ڪئي
وئي هئي، ۽ گهري نظر وڌي وڃي ته مضمون جي جدت جي
لحاظ کان چند شعرن کان سواءِ باقي سڄو جو سڄو
ايراني شاعري جو هوبهو نقل هو. وفا جا ٽي ڪتاب
ڇپيل آهن: ’اکين ۾ الماس‘، ’وفا‘، اوجاڳن جو انت‘.
’وفا‘ سان منهنجي پهرين ملاقات لطيف آباد نمبر 6
ٿي، جتي سندس گهر آهي، جڏهن سندس گهر پهتس ته گهر
جي دروازي تي وچولي قدر وارو پوڙهو لَٺ هٿ ۾ هئس،
ويٺل نظر آيو ۽ پڇڻ تي معلوم ٿي ويو ته سندس والد
آهي. وفا کي سڏي آيو ۽ وفا پنهنجي گهر جي مٿين
ڪمري ۾ وٺي ويو. اتي مختلف سنڌي ادبي صنفن تي
ويچار ٿيا ۽ پوءِ انٽرويو جو سلسلو هليو، اهو
انٽرويو سنڌو ڊائجسٽ ۾ ڇپيو هو ۽ هن سان پوءِ خط و
ڪتابت جو سلسلو جاري رهيو. هن مون کي سنڌ ۽ سنڌ ۾
دهشتگردي، لساني جهڳڙن تي طويل خط لکيو جيڪو انور
جوکيو جي رسالي (سنڌ) ۾ ڇپيو هو. هڪ ڏينهن لاڙڪاڻي
۾ آيو هو ۽ سندس پٽ خالد حسين لاڙڪاڻي زرعي ڪاليج
ڏوڪريءَ ۾ ليڪچرار هو. وفا هڪ مهيني لاءِ پنهنجي
پٽ جي مسواڙي جاءِ ۾ رهيو. لاڙڪاڻي جي مختلف شهرن
۾ ادبي ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪئي، جهڙوڪ ڏوڪري لاڙڪاڻي،
قمبر ۾ استاد پيرل قنبر جي ورسي ۾ به عبدالڪريم
گدائي جي ورسي جيڪا جيڪب آباد ۾ رکيل هئي، ان ۾
ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي، وفا، سرڪش سنڌي، ڊاڪٽر
شاهنواز سوڍر، ڪريم بلوچ، جيئل اوڏ لاڙڪاڻي مان گڏ
هڪ وين ۾ وياسين ۽ اسٽيج تي ٻين صاحبن کي ويهاريو
ويو ۽ اسان هڪ چٽِ تي وفا جو نالو لکي فتاح عابد
ڏي موڪليوسين. جنهن بعد هن کي گهرايو ويو ۽ پوءِ
سڀني موجود شاعرن کي مات ڏئي ويو ۽ واهه واهه ٿي
وئي ۽ اسان رات جي پوئين پهر ۾ ڊاڪٽر غلام نبي
سڌايو جي حصي ۾ آياسين ۽ پوءِ سڄي رات وفا، جيئل،
ڪريم، برڪت بلوچ، سائين غلام نبي سڌائي سان ڪچهري
ڪندي گذاري. هن صاحب ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ چانهه به پاڻ
پنهنجي هٿن سان ٺاهي ايندو هو. هاڻ اسان وفا جي
شاعري پڙهون ٿا.
غزل
طوفان ايڏي زور ۽ زبر سان هلي پيو،
پوءِ ڀي وفا! چراغ محبت جلي پيو.
جسمن جي اقتدار جو چرخو چلي پيو،
دنيا جو ڪاروبار مزي سان هلي پيو.
فرمائشن جي لسٽ ۾ ٻهروپ ويڙهيل،
ڄڻ مون سان پيار ڪونه ڪري ٿو، ڇلي پيو.
ڄڻ ماءُ کي ئي ڄائو نه هو، جو ويو وفا!
اڄڪلهه ته هُن جي حُسن جو جادو هلي پيو.
شايد ٿيو نه آهي مڪمل اڃان وفا!
ويجهو اچڻ ڇا ڏيندو جو هٿ سان جهلي پيو.
ڪهڙو ڪندو قبول نه فطرت جا فيصلا،
مورن ۾ ڪانگ ڪوئي ڀلي هٿ رُلي پيو.
حساس ناهي دنيا جو ڪو شخص ڀي وفا!
سڀ ڪنهن سان دل جا سُور اجايو سلي پيو.
هِن کان اڳي ڪندو هو بدن جون عنايتون،
هاڻي ته روح روح سان ويٺو رلي پيو.
غزل
زُلف رُخسار تي لهي آيو،
حادثو پيار تي لهي آيو.
بي عدد بُت پرستن جو قسم،
بُت شڪن وار تي لهي آيو.
حُسن ڪردار تي لهي آيو،
عشق معيار تي لهي آيو.
روز نظرن جا تير هڻندو هو،
دل جي معيار تي لهي آيو.
خود پسنديءَ جو ايڏو ضبط اٿس،
رشڪِ گلزار تي لهي آيو.
حُسن احساس حُسن ٿي بيٺو،
هار سينگار تي لهي آيو.
مونکي کلندو ڏسي سهيلين سان،
روز ديدار تي لهي آيو.
غزل
عشق رُسوا ڪري ڇڏيو آهي،
حُسن پسپا ڪري ڇڏيو آهي.
تون پري، مان پري نظر بندي،
هجر ڇا ڇا ڪري ڇڏيو آهي.
تُنهنجي اکين جي ٻيڙين کي ڏسي،
دل کي دريا ڪري ڇڏيو آهي.
جڳ سان اڳ ۾ ئي اختلاف هئا،
تو به تنها ڪري ڇڏيو آهي.
هڪڙي اوشا گذاري شب مون سان،
پنهنجي آشا ڪري ڇڏيو آهي.
تُنهنجي ۽ منهنجي پيار جو احوال،
وقت هرجا ڪري ڇڏيو آهي.
منهنجو محبوب هو وفا! جنهن کي،
شهر دنيا ڪري ڇڏيو آهي.
غزل
هر قدم تي قيامتون ٿيون ملن،
جيئن عملن جون شامتون ٿيون ملن.
عُمر گذري وڃي ٿي ڳولا ۾،
قسمتن سان محبتون ٿيون ملن.
نفرتون ڪونه ٿيون وڻن ڪنهن کي،
چاهتن کي ئي چاهتون ٿيون ملن.
آسرن ۾ لنگهي ٿا سال وڃن،
پوءِ ملڻ جون اجازتون ٿيون ملن.
في سبيل الله، بي سبب، بي جُرم،
عاشقيءَ ۾ عداوتون ٿيون ملن.
سچ جي ڳولا ۾ زندگاني آ
منزلن ۾ مصيبتون ٿيون ملن.
شهر جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي آ،
سو فسانا، حقيقتون ٿيون ملن.
پاڻ ئي ڪونه ٿا مرڻ چاهيون،
کوڙ دوزخ ۽ جنتون ٿيون ملن.
مسجدن ۾ ملن رڳو سجدا،
بُت ڪدن ۾ عبادتون ٿيون ملن. |