ثمينه ميمڻ
ڄام شورو
جِنين جي ڪاڻ
ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏي جي ڪُنڊ ۾ ويٺل زرينه کي
پنهنجي اسٽيشن اچڻ جو احساس اُن وقت ٿيو، جڏهن
گاڏي جهٽڪي سان بيٺي، هُن پنهنجون اکيون آهستي
کوليون ۽ دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن
جي اکين اڳيان ڄڻ اوندهه ڇائنجي وئي مٿو ڦرڻ لڳس،
هن پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مٿين سيٽ
تان رکيل هڙ لاٿي.
ڪمزوريءَ، وڏي سفر ڪري ۽ هڪ ئي هنڌ ويٺي ويٺي هُن
جو بدن ڄڻ سُڪي پيو هو، هڙ ڪڇ ۾ رکي هن احتياط سان
هيٺ اسٽيشن تي پير رکيو، الاهي ڪمزور هئڻ ڪري هن
جا پير سئو سئو مڻ جا لڳي رهيا هئا، پير رکندي ئي
ڄڻ زمين هن جي چوڌاري ڦرڻ لڳي، اڳيان وڃي بينچ تي
ويهي رهي.
گهڻي سيءَ جي ڪري سڄو ماحول ڌنڌ ۾ ويڙهيل ٿي لڳو،
سيءَ کان بچڻ لاءِ هُن هڙ کي پنهنجي ڇاتيءَ سان
لائي ڇڏيو.
اهڙي بخار ۾ هن چپن تي زبان ڦيري، ۽ اکيون پوري
الائي ڪهڙن خيالن ۾ گُم ٿيندي وئي ۽ چپن تي هڪ
هلڪي مُرڪ ڇانئجي ويس ۽ هوءَ آهستي آهستي خيالن ۾
گُم ٿي وئي.
.......................................
ڄاتل سڃاتل شرنائيءَ جي سُريلن آوازن هن جي روح ۾
گيت ٿي ڳاتا ۽ هوءَ ڳاڙهن ڪپڙن ۾ پنهنجي گهر جي
ڪمري ۾ سرتين ۾ گهيريل هئي. گيتن جي آواز هن جي
ڪنن ۾ عجيب ڪتڪتايون ٿي پيدا ڪيون. پر اڄ جي ڏينهن
پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي به ياد ڪري هُن جي اکين جي
پنبڻين ۾ ڳوڙها اٽڪي پيا هئا، جنهن کي هٿ سان
اُگهي هيٺ ڪِرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.
سندس چاچيءَ هُن کي پاليو هو ۽ شادي به ماءُ ۽
پيءُ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ سوٽ ميرل سان ٿي رهي
هئس جنهن سان گڏ هُن جو ننڍپڻ گذريو هو.
اڄ کان پنج سال پهرين هن جي ميرل سان شادي ٿي هئي.
هڪٻئي کي حاصل ڪري ٻئي خوش هئا، پر شاديءَ جي ٻن
سالن گذرڻ کان پوءِ هن جا خواب چڪنا چور ٿيڻ لڳا،
بهارن جو رخ بدلجڻ لڳو. ميرل کي بيماريءَ وڪوڙي
ڇڏيو هو ۽ بستري ڀيڙو ٿي ويو. ڪمائڻ جو ڪوبه ذريعو
نه هو، هُو هاڻ محتاج ٿي ويا، علاج ته پري رهيو،
پر گهر جو سامان سڙو به وڪڻڻو پئجي وين. اهڙين
حالتن کي ڏسندي زرينه چاچيءَ ۽ مڙس کي چيو ته
حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ صرف هڪ ئي صورت آهي ته مان
ڪٿي وڃي ڪم ڪيان.
”تنهنجي عمر ڪهڙي آهي جو تون ڪٿي وڃي ڪم ڪار
ڪندينءَ. اڄ مون ۾ طاقت هجي ها ته اهو ڪم مان پاڻ
ڪيان هان، پر تون ڪم ڪندينءَ ته ماڻهو ڇا چوندا.“
”چاچي ماڻهن جا وات ڪڏهن به بند نه ٿيندا، پر اهو
سوچيو ته ميرل جي زندگي ڪير موٽائي ڏيندو. زرينه
جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.
پوءِ هوءَ روئندي پنهنجي چاچيءَ ۽ ميرل کي ڇڏي هڪ
سفارشي خط کڻي ڪراچيءَ آئي. هن کي ڪراچيءَ ۾ مالڪن
جو گهر ڳولڻ ۾ ايتري تڪليف نه ٿي، بس هن کي صرف
اهو ڊپ هو ته جنهن گهر ۾ هوءَ ڪم ڪندي اُهي رڳو
سٺا ماڻهو ۽ اخلاق وارا هجن، ۽ ڪنهن به ڏکيائيءَ
جو نشانو نه بڻجي، پر جڏهن هوءَ گهر ڌڻيءَ ۽ هن جي
زال سان ملي ته هن جا سڀ وهم وسوسا ختم ٿي ويا.
حميد صاحب نهايت خلوص سان چيو، ”ڀيڻ هيءُ تنهنجو
پنهنجو گهر آهي، سٺو ڪم، خلوص ۽ نيڪ نيتي ئي اسان
کي تنهنجي ويجهو ڪندي ۽ اسان به توکي يقين ٿا
ڏياريون ته توکي به اسان کان ڪا تڪليف نه پهچندي.“
واقعي حميد صاحب زبيده ۽ هن جي لاڏلي ۽ اڪيلي پٽ
جاذب جي ڳالهين ۽ محبت هن جي ڏکن کي ڪجهه گهٽايو
هو، گهر جي ڪم ڪار ۾ هن جو وقت آرام سان گذري
ويندو هو. هن کي اهو احساس نه ٿيندو هو ته هن جي
زندگيءَ جو هڪ ڏينهن گهٽجي ويو آهي.
گهر جي ڪمن کي سٺي نموني سمجهڻ کان پوءِ سڀ کان
پهرين هن پنهنجي ڳوٺ جي پاڙي مان آندل موبائيل
نمبر تي گهر جي مالڪياڻيءَ زبيده کي ڳالهائڻ لاءِ
چيو ۽ چاچيءَ کي ٻڌايو ته هن کي ڪم پنهنجي مرضيءَ
مطابق مليو آهي، اوهان ڪوبه فڪر نه ڪريو ۽ پهرين
ٿيڻ تي پئسا موڪليندس ته جيئن ميرل کي سٺي ڊاڪٽر
کي ڏيکارجي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس چاچيءَ ٻڌايس ”ته مون
ميرل کي شهر ۾ چڱي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو آهي، ۽ ٽيسٽون
به ڪرايون آهن پر توکي اهو ٻڌي ڏک رسندو ته ميرل
کي ڪينسر آهي، پر ڊاڪٽرن يقين ڏياريو آهي ته علاج
برابر هلندو رهيو ته بيماري ضرور ختم ٿيندي.“
هن ڳالهه زرينه جي اندر کي اڌ ڪري ڇڏيو ۽ هوءَ
ڪڏهن ڪڏهن ميرل جي خيالن ۾ گُم ٿي ويندي هئي، ۽
رات جو خواب ۾ ميرل جو ڏکويل چهرو هن جي اکين
اڳيان اچي ويندو هو ۽ چوندو هئس ته زرينه جيڪڏهن
سڄي دنيا جون عورتون تو جهڙيون ٿي وڃن ته هيءَ
دنيا جنت بڻجي پوي. تو مون تي احسان ڪري پنهنجو
درجو منهنجي دل ۾ وڌيڪ مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي.
اهڙي طرح چڱا مهينا ائين گذرندا رهيا هن جي چاچيءَ
سان پاڙي واريءَ ماسي جي نمبر تي ڳالهه ٻولهه ٿي
ويندي هئي، جنهن ۾ ميرل جي بيماريءَ جي باري ۾ ذڪر
ٿيندو هو، ته هن جي طبيعت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي
رهي ٿي. زرينه جي پريشاني روز روز وڌندي رهي. ڪڏهن
ڪڏهن اڪيلائيءَ ۾ هن کي محسوس ٿيندو هو ته ميرل هن
جي ويجهو اچي ڪجهه چئي رهيو آهي ۽ هوءَ حيرت مان
اکيون کولي ڏسندي رهجي ويندي هئي.
اهڙي طرح زندگيءَ جي گاڏي کي ڌڪيندي وقت گذرندو
رهيو، هوءَ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي ڪمزور ڀانئڻ لڳندي
هئي، هن جو چهرو جيڪو ڪنهن وقت گلن وانگر ٽڙندو
هو، اتي هاڻي مايوسي نظر ايندي هئس.
ڏکن ۽ تڪليفن کي اندر ۾ سانڍي سانڍي هوءَ غم جي
تصوير نظر ايندي هئي، هر وقت کنگهه ۽ بخار هن جي
صحت کي ويتر خراب ڪري ڇڏيو هو. پر پوءِ به هڪ خوشي
ڀرئي مستقبل جي آس ۾ اڳيان وڌندي رهي. هن کي يقين
هو ته هن خزان جهڙي زندگيءَ ۾ ڪڏهن بهار ضرور
ايندي.
هڪ ڏينهن زرينه رڌڻي ۾ ٿانوَ ڌوئي رهي هئي ته
زبيده اچي هن کي فون ڏنو، پهريون دفعو هن ميرل سان
ڳالهايو هو، هن جا هٿ ڏڪي رهيا هئا ۽ لڙڪن کي روڪي
نه سگهي، ۽ نڙيءَ ۾ ڄڻ سڏڪا اٽڪي پيس. ”زرينه تون
هاڻ واپس اچ، مون کي طاقت نه آهي ته توسان وڌيڪ
ڳالهائي سگهان. مون کي بس منهن ڏيکاري وڃ. مان
توکي هڪ ڀيرو ڏسڻ چاهيان ٿو، ڇا تون منهنجي آس
پوري نه ڪندينءَ.“
زرينه جو سڄو جسم ڏڪڻ لڳو، مٿو ڦرڻ لڳس، اکين مان
ڳوڙهن کي روڪي نه سگهي ۽ اندر ۾ روئي پئي ڪجهه
ڏينهن کان پوءِ هن فيصلو ڪيو ته هوءَ ڪيئن به ڪري
ميرل ڏي ويندي ۽ هن موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، پر
سندس طبيعت ڏينهن ڏينهون خراب ٿيندي وئي. حميد
صاحب ۽ زبيده ڪوشش ڪئي ته ڪجهه ڏينهن رهي پوءِ
وڃي، جيستائين سندس طبيعت ٺيڪ ٿئي پر هن جي پڪي
ارادي کي ڏسي هُو ٻئي ڪجهه ڪُڇي نه سگهيا، ۽ هن کي
ڪجهه پئسا ڏئي ريل تي روانو ڪري آيا.
اڄ پنهنجي چاچيءَ ۽ مڙس ڏانهن وڃي رهي هئي، هن
پنهنجي اچڻ جو اطلاع چاچيءَ کي نه ڏنو هن چاهيو
هوءَ ويندي ته ميرل هن کي ڏسي خوش ٿي ويندو ۽
انشاءالله وري خوشيون اسان جي اڱڻ تي وري ورنديون.
ٻي ريل جي اچڻ جي آواز ۾ هوءَ پنهنجي خيالن مان
نڪتي ۽ اکيون کولي بينچ تان اٿڻ لڳي.
سيءَ جي ڪري هوءَ ڏڪي رهي هئي، هن جي هڙ پنهنجي
ڇاتيءَ سان لڳل هئي ۽ هوريان هوريان اسٽيشن کان
ٻاهر نڪري رستي تي بيٺل وڻن جي سهاري سان هلندي
رهي، گهڻي سيءَ جي ڪري هن جو بدن ڏڪي رهيو هو، ۽
مٿي کي به چڪر ٿي آيس، اکيون ڄڻ خودبخود بند ٿيڻ
لڳيون هئس، ٿوري دير کان پوءِ رڪشي جي آواز هن کي
اکيون کڻڻ تي مجبور ڪيو. هن جي زبان ئي ڄڻ جواب
ڏئي وئي هئي، ”شش“ هن رڪشي واري کي آواز ڏنو ۽
رڪشي واري ويجهو اچي بيهاريو.
”ماسي ڪيڏانهن وڃڻو آهي.“
زرينه پنهنجي ڳوٺ جي پاسي هلڻ لاءِ ڪچي روڊ تي هلڻ
لاءِ چيو.
هن جي ساهه جي رفتار يڪدم تيز ٿي وئي، کنگهه جو
دورو وري شروع ٿي ويس، رڪشي ۾ هوءَ جيئن تيئن ڪري
ويٺي ۽ رڪشو هلڻ لڳو.
۽ هوءَ سوچڻ لڳي ته هوءَ هاڻ ميرل جي تيمارداري
ڪندي ۽ اميد ڪرڻ لڳي.
ڪچي روڊ تي پهچندي مسجد جي ويجهو اچي رڪشي واري هن
کان پڇيو ڪيڏانهن هلان، پر هن کي ڪوبه جواب نه
مليو.
”ڪيڏانهن هلڻو آهي ماسي؟ هن زور سان چيو.“
پوءِ جواب نه ٻڌندي رڪشا واري رڪشو بيهاري اڳيان
اچي ويجهو وڃي هن جي مٿي کي هٿ لاتو، جيڪو هيٺ
لڙيل هو. ”جيجل امان ڪجهه ته وات مان ڪڇ ڪيڏانهن
هلڻو آهي؟ گهر وڃي پوءِ اُتي اڳوپوءِ آرام
ڪجانءِ!“
اڙي اڙي! هن جي منهن مان رڙيون نڪتيون.
زرينه جو هڪ پاسو هيٺ لڙي پيو، رڪشي وارو ڊپ ۾
وٺجي ويو. گهٽيءَ جي ٻئي پاسي کان آخري گهر مان
هلڪي روشني اچي رهي هئي، ۽ گهڻا ماڻهو رستي جي وچ
۾ گِلم تي ويٺل هئا. هن
هڪ ننڍڙي ڪچي گهر وٽ اچي رڪشي کي بيهاريو.
”ڪير آهي؟“ هڪ ماڻهوءَ هن کي ڏسندي چيو ته،
رڪشي واري ڊپ واري ڪيفيت ۾ ٻڌايو ته هيءُ عورت
اسٽيشن تان چڙهي آهي.
اڙي هيءَ ته زرينه آهي! هڪ ماڻهوءَ حيرت وچان هن
کي سڃاڻندي چيو.
ڪير زرينه؟
اڙي هيءَ ته ميرل جي زال آهي، جنهن جي مرڻ تي اسين
گڏ ٿيا آهيون.
جڏهن زرينه جا ۽ ميرل جا کٽولو قبرستان ڏانهن کڻي
ٿي ويا ته هڪ ماڻهو ٻئي کي چئي رهيو هو.
ڪهڙي نه بي حس هئي هيءَ عورت مڙس تڙپي تڙپي مري
ويس پر هن ڪٺور عورت ڪڏهن به نه سوچيو ته پنهنجي
بيمار مڙس کي ڪڏهن منهن اچي ڏيکاري، الائي ڪيترو
عرصو ڪٿي وڃي گذاريائين.
اڳيان وڌندي ٻئي ماڻهوءَ چيو توبهه توبهه ڪهڙو
زمانو اچي ويو آهي.
حسيب ناياب منگي
شڪارپور
ٻه
ننڍيون ڪهاڻيون
(الف) تنبورو
هُن جي معصوم چهري، تان جيڪو هاڻي مرجهائجي چُڪو
هو، ڳوڙها قطارون ڪندي وهي رهيا هئا، گذريل
ستاويهن ڏينهن کان اِهو معمول بڻجي چُڪو هو ته
هوءَ روز راتَ جو روئي سمهندي هئي. اڄ به بستري تي
ليٽي هوءَ شيريءَ سان گذاريل پيار ڀريون گهڙيون
ساري پئي....”شيري جڏهن ساڻ هوندو هو ۽ ڪنهن ڳالهه
تان روئندي هئس ته شيري تڙپي اٿندو هو، هُو منهنجي
ڳلن تان ڳوڙها اگهي تسلي ڏيندو هو، ميوزڪ سٽي هال
هجي يا آئيس اسڪيٽنگ تي وڃڻ، ڪيئن نه گڏجي خوشيءَ
کي ڀاڪر ۾ ڀريندا هئاسون، اسان ٻنهي جون ٻانهون هڪ
ٻئي جي ٻانهن ۾ هونديون هيون ۽ زندگي جا مزا ماڻي
گڏ جيئڻَ واري ڏاڪڻ جا ڏاڪا کل ۽ خوشيءَ سان چڙهڻ
سکي رهيا هئاسون، ته قسمت جي وڄ اسان مٿان اچي
ڪڙڪي پئي، هئه! قسمت سان به ڪي مون مندايون ڪيو
هيون جو عين ان وقت دوکو ڏئي وئي. جڏهن شيريءَ سان
ٿي ويندڙ محبت واري تعلق کي شادي جي رشتي ۾ تبديل
ڪئي هيس.“
شيريءَ کي ياد ڪندي ننڊ جو جُهوٽو ٿو لڳي وڃينس،
هُن جي خواب ۾ اڄ به عجيب ميوزڪ جو آواز اچي ٿو،
هر روز جيان اڄ به خواب ۾ پئي ٿي سوچي:
”هي ڇا آهي؟ ههڙي ميوزڪ ته حادثي کان اڳ ڪانه ٻُڌي
هئم، الله!! ايڏو سُڪون! ايڏي گهري ڪشش!!! واهه!
ايڏي سِڪ ۽ ڇڪ! ڇا اهو ساز شيري ته نٿو وڄائي؟“
اهو سوچيندي ئي جاڳي پوي ٿي، اکيون ڇا کولي ته سج
جا روشن ڪرڻا هُن جي ڪمري واري دريءَ تي پهچي چُڪا
هئا، جاڳي پوي ٿي ۽ فريش ٿي ماءُ ۽ پيءُ وٽ اچي
ٿي.
پڻس جيڪو اڳ ئي هُن ۽ شيريءَ جي محبت جو مخالف هو،
سو پڻ ڌيءَ جي گول ۽ خوبصورت چهري ڏانهن نگاهون
کڻي نهاري ٿو ته روئي پوي ٿو. ماءُ ڌيءَ کي ڀر ۾
ويهاري چوي ٿي ته ”ردا! ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ شيريءَ
جي اُها ئي وهي هئي، هُن جي نصيب ۾ ٻاويهن سالن جي
عمر ۽ تنهنجي نصيب ۾ ساڻس ڇهن سالن جو ساٿ لکيل
هئو. قسمت جا فيصلا به ڀلا اڄ ڏينهن تائين ڪي ٽري
سگهيا آهن ڇا؟ جو هاڻي ٽري وڃن ها، شيري زنده هجي
ها ۽ تون پنهنجي محبت کي ماڻي خوش گذارين هان.“
ٻاجهه ڀريو هٿ ردا جي مٿي تي ڦيرائي پڻس چوي ٿو ته
”تون ته منهنجي جيئڻ جو سهارو ۽ منهنجي جگر جو
ٽُڪڙو آهين. مون کي توتي ناز آهي، ڌي! ايڪويهن
سالن کان هتي نيويارڪ ۾ آهيون، هتان جي ماحول ۾
رهندي تو منهنجي هر پابنديءَ جي اکيون پوري اطاعت
ڪئي، دين، دنيا ۽ ها! هي ڏس تو ته اڄ به اڇي شلوار
تي اجرڪ جو چولو پهريو آهي. تو ته هتي اسان سان
پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿي ڳالهائين. مان سمجهي ٿو
سگهان ته هن وقت تنهنجو اندر رت جي ڳوڙهن جي ڇولين
کي برداشت ڪندو هوندو. مهينو اچي ٿيڻ تي آهي، هاڻي
غم جي پهاڙ تان خوشيءَ جي زمين تي قدم رکي هلڻ
سِکي وٺ.“ ردا پيءُ جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ پنهنجي
اکين مان نيرن کي وهڻ کان روڪي نٿي سگهي، هُن کي
اڄ ماءُ ۽ پيءُ اڳيان ڳالهائڻ جو بهترين موقعو
مليو هو سو کين ٻڌائڻ لڳي ٿي ته ”مون شيري جي روڊ
حادثي ۾ فوت ٿيڻ کانپوءِ جيتري دير به اک هنئي آهي
تنهن ۾ اهڙي ميوزڪ کي وڄندي پئي ٻڌان جا اڳ ڪڏهن
ٻُڌي نه اٿم، سا ميوزڪ مون کي سڀني کان منفرد ۽
سُڪون بخشيندڙ لڳي رهي آهي.“
ماءُ ۽ پيءُ هن جي خواب واري اشاري کي سمجهندي سنڌ
هلڻ جو زور ٿا ڀرين، ردا روئي چوي ٿي ته ”شيريءَ
جي جدائيءَ منهنجي وجود کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. هڪ
وڇوڙو سَٺو نٿو ٿئي، وري شيريءَ ۽ پنهنجي جنم
ڀوميءَ کي ڇڏڻ وارو امتحان! مون مٿان قيامت ڇو ٿا
برپا ڪيو“؟
پيءُ ۽ ماءُ آڏو گهڻو ئي ٻاڏائي ٿي، پر پيءُ جي
اڳيان هڪ نٿي هليس، ماءُ کيس سمجهائي چوي ٿي
ته”پنهنجي اباڻي ديس جي زمين تنهنجي ڏکاري جيون
لاءِ آٿت جو سبب بڻجندي. اسان به تنهنجي ڪري وطن
جي مٽيءَ تي ڪجهه گهڙيون گذاري وٺنداسين.“
ردا جي رضامندي ڏسندي، سنڌ اچڻ لاءِ تياري ۾ لڳي
ٿا وڃن ۽ سنڌ پهچڻ شرط ردا کي ناناڻن ڏاڏاڻن ڏانهن
وٺي وڃڻ کان پهرئين ماءُ ۽ پيءُ ڀٽائيءَ جي نگريءَ
تي وٺي ٿا اچن، سنڌين جي سدا حيات شاعر جي درگاهه
تي پهچي ڇا ڏسي ته ڀٽائيءَ جا فقير تنبورو وڄائي
رهيا آهن، حيران ٿي پيءُ جي ٻانهن کي زور سان پڪڙي
چوي ٿي.
”بابا هي ته اُهو ئي راڳ آهي جيڪو مون کي خواب ۾
سڪون ۽ قرار بخشيندو هو. بابا! هاڻي سنڌ کان پري
نه هلنداسين!!!“
***
(ب) جواب
انگريزي ادب ۾ ايم. اي جوا متحان پاس ڪري ڳوٺ موٽي
رهيو هو ته ڪوچ ۾ ويهڻ شرط ئي اُن موضوع کي ٻڌائين
ته باهه پاڻي ٿي ويو، يونيورسٽي، هوٽل، ڪمري ۽ ٻين
جاين تي ساڳئي موضوع واري گفتگو ٻڌي ڪَڪِ ٿي چُڪو
هو. اخبارون به سرخين ۽ اليڪشني مهم جي اشتهارن
سان سجيل هيون، هرڪو پنهنجي من پسند اميدوار جا
گيت ڳائي رهيو هو، ڪوچ ۾ ماڻهو هڪ ٻئي کي ٻڌائن
پيا ته ماڻهو جلسن ۾ ڪيئن نه روڊن رستن تي ٺينگ
ٽپا ۽ گهر گهر وڃي ميڙ منٿون ڪن ٿا.
عذرخواهيون ۽ دعوتون ته عام آهن، پر رٺل ماڻهن جون
فهرستون تيار ڪري کين پرچائي مڃرائڻ وارن ڪمن ۾ به
اميدوارن جا خاص ماڻهو ڏينهن رات محنت ڪري رهيا
هئا. مرسلين کي پڪ هئي ته هُو ڪو اڪيلو نه آهي،
اهڙا گهڻا ئي هوندا جيڪي اِن ماحول کان بيزار ويٺا
هوندا، پر هنن تعريف ڪندڙ ماڻهن کي جواب ڏيڻ سڀ جي
وس جي ڳالهه نه آهي. مرسلين پنهنجي ڳوٺ آباد پور
جو، وڏيري کانپوءِ ايم. اي پاس شخص هو. پڻس پورهيو
ڪري، ماڻس رليون سبي کيس ان ماڳ رسايو هو. پيءُ ۽
ماءُ جي خوابن جي تعبير بڻجي جڏهن ڳوٺ اچي رهيو هو
ته من اندر ۾ ڳوٺ جي سَون اجڙيل روحن کي سُڪون
بخشڻ جا خواب ڏسي رهيو هو، ڳوٺ لٿو ته ڳوٺاڻن جا
هُجوم سندس آجيان لاءِ اچي پهتا هئا. کلندي، سندس
آجيان ڪئي وئي، گهر آيو ته ماءُ جي اسرار تي سمهي
پيو، ننڊ مان اٿيو ته ڳوٺ وارن کي وڏيري جي اچڻ
لاءِ آتو ڏٺائين، وڏيرو اليڪشن ويجهي هئڻ ڪري
پنهنجي حمايتيءَ کي ووٽ ڏيارڻ لاءِ اچي رهيو هو.
مرسلين سڀني ڳوٺاڻن جي، وڏيري جي اچڻ جو ٻُڌي
حيران ٿي ويو، کين چوڻ لڳو ته ”وڏيرو ڪهڙو وري
اسان جي ڏکيءَ سکيءَ ۾ ڪم آيو آهي؟ اسان هن ڀيري
سندس چوڻ تي ووٽ نه ڪنداسين، سالن کان وٺي سندس
چوڻ تي اهڙن کي ٿا ووٽ ڏئي چونڊيون، جيڪي اسان جي
ووٽ سان ايوانن تائين ته پهچن ٿا، پر اهي نه عوام
سان سچا آهن ۽ نه ئي تڪ سان مخلص!“
مرسلين جي انڪار تي سڀ حيران ٿي ويا ۽ وڏي وات
پنهنجي پنهنجي راءِ هن طرح پيش ڪري رهيا هئا:“
”وڏيرو جواب ٻڌڻ کان پوءِ غصي ۾ باهه ٿي ويندو“،
”وڏيري کي ڪير جواب ڏيندو“، ”اسان ته سندس ئي رضا
تي ووٽ ڪندا پيا اچون، فيض جي هن پٽ کي ڪير
سمجهائي؟“
مرسلين ڪُڇيو ته: ”جيڪڏهن سڀ منهنجي سگهه ٿيو ته
مان وڏيري سان ڳالهائي کيس واپس ورائي ڇڏيندس.“
ڳوٺ وارن مٿان خوف طاري هو، مرسلين جي مسلسل همت
ڏيارڻ ۽ تبديليءَ واري ڳالهه تي ڳوٺ وارا ويچار
ڪرڻ لڳا. فرق اهو پيو جو هن ڀيري وڏيري جي اچڻ تي
ڳوٺ ۾ نه ڪا خاص تياري ڪيائون ۽ نه ئي وري ڪا
دلچسپي سندن مُک تي محسوس ڪئي وئي.
سج لٿو، ڄڻ ڳوٺ تان ظلم جي اُس به لهي وئي،
چانڊوڪيءَ چمڪڻ شروع ڪيو ته وڏيرو به آيو، مرسلين
پنهنجي روايتن جو امين بڻجي کيس اجرڪ ۽ ٽوپي
پارائي سندس آجيان ڪئي. ڳالهين ڳالهين ۾ وڏيري چيو
ته: ”وارث ميان کي ووٽ ڏجو، مون کيس زبان ڏني
آهي.“
مرسلين جوش ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، پر هوش کان ڪم وٺندي
وڏيري کي چوڻ لڳو ته ”قبله سائين! توهان جي اچڻ کي
مانُ ڏيندي ڳوٺ وارا هيل تائين ووٽ ڪندا آيا آهن،
پر توهان ته ڳوٺ ۾ ڪا نالي به ٺهرائي ڪونه سگهيا
آهيو. هُو جو توهان جي اکين جو ٺار قريش ڪمدار هڪ
هڪ مٿان چٿرون ڪندو هو، لوڪ اچي دانهيو، توهان ان
کي ته روڪي نه سگهيا آهيو، هاڻ هِنن ڳوٺاڻن مسڪينن
تي حڪم ڇو ٿا هلايو؟ جڏهن پنهنجن وٽ هَليوَ تڏهن
ٻاهرين تي شوق سان حڪم هلائجو. ڳوٺ وارا جنهن کي
چاهيندا ووٽ ڪندا. پنجن سالن کانپوءِ ڳوٺ ڏانهن
لڙي اچڻ لاءِ وڏا وڙ! اڳتي به اچجو، ڳوٺ وارن جي
دل ڪشادي آهي.“ وڏيري جو ڪنڌ جهڪي ويو ۽ ڪپڙا ڇنڊي
جواب ٻُڌي هلندو ٿيو...... |