بهادر ٽالپر
بدين
هڪ ٻُڍڙي جو خواب
کنوڻ جي چمڪاٽ سان مينهن شروع ٿي ويو ته ٻُڍي شخص
لُوهه پاتي رات جهڙي ڪاري ڪٺ جهوپڙيءَ ڏانهن....
جنهن کي کنوڻ رکي رکي ائين روشن ڪري رهي هئي، ڄڻ
ڌرتيءَ تي ڪنهن ڪڪر جو منظر پيش ڪندي هجي....!!
اوچتو آڪاس ۾ ڌماڪو ٿيو ته ٻُڍڙي جا ٻڌڻ وارا
پيرسنيءَ سبب سُن ٿي ويل حواس وري سجاڳ ٿي
ويا....! هن پنهنجا ٻئي هٿ ائين ڪنن تي ڏنا.... ڄڻ
آذان جو وقت ٿي ويو هجي...!! ٻڍڙي ڪنهن سمي پنهنجي
پوٽي جي ڪنن ۾ آذان ڏني هئي..... ته کيس ورندي رات
خواب ۾ خدا آيو هو.... ۽ کيس چيو هئائين: ”تنهنجي
جواني ۽ تنهنجي پٽ جي جواني انهي آذان جي نالي ڪئي
وئي آهي......۽ تمام جلد اوهان کي ان جو اجورو ڏنو
ويندو....!!“ ٻُڍي پنهنجا ٻيئي هٿ ڪنن تان لاٿا ته
ڏٺائين هٿن جي سڀني آڱرين ۾ رنگبرنگي منڊيون جرڪي
رهيون هيون.... ۽ کنوڻ جي چمڪاٽ سان ويتر وڌيڪ ٿي
چمڪيون....!!
ٻُڍو جهوپڙيءَ جي داخلي گهٽيءَ جي اندران کنوڻ کي
ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.... اڳي هُو
کنوڻ کي ڏسندو هو ته اکيون پورجي وينديون هئس....
پر هن ويل هُو پوري قوت سان کنوڻ جو مشاهدو ڪري
رهيو هو.... جنهن مان ڪڪر ماڻهن جيان سروٽيون کڻي
کيس ڏسي رهيا هئا...! هُو جيتوڻيڪ ڪيترن ئي ماڻهن
سان ملاقات جو متمني هو... پر اتفاق سان سندس
جهوپڙي اهڙي ويرانيءَ ۾ هئي... جتي فقط پکي پکڻ،
جيت جڻيا ۽ ٻيا جانور اچي وڃي ٿي سگهيا.... البت
اتان ڪنهن انسان جو گذر نه ٿي ٿيو....! ٻڍڙي وري
پنهنجي پاسي واري کيسي مان سندس پوٽي پاران ڏنل
آرسي ڪڍي کنوڻ جي چمڪاٽ تي پنهنجو چهرو ڏٺو....
سندس چهري تي آسماني نور چمڪي رهيو هو...! هُو
آئيني ۾ پنهنجو پاڻ سان مرڪي ان خواب کي ياد ڪري
رهيو هو.... جنهن ۾ خدا وٽس آيو هو.... ۽ کيس
بشارت ڏني هئائين.. هُن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي
ويا... کنوڻ جي چمڪاٽ سان ڪڪرن به ساڻس گڏ روئي
ڏنو....!! اوچتو جهوپڙيءَ کي برساتي طوفان اڏائي
الائجي ڪٿي کڻي ويو..... ۽ ٻُڍي جون اکيون اتي جو
اتي پر ٻُڍڙي جو خواب ڪيترائي ورهيه پوئتي رهجي
ويو......!!!
مير سجاد اختر ٽالپر
ٽنڊو جان محمد
ٻه ڪهاڻيون
(1) ڪُنڍي
سليم پنهنجي ڪئبن کي بند ڪري، عشاءَ جي نماز
باجماعت پڙهي، پنهنجي گهر آيو ته صفوران بجليءَ جو
بل هٿ ۾ ڏيندي چيو ته:
”اِجهو رهيل باقي جيڪا ڪسر هُئي سا انهن پوري
ڪئي..“
سليم بجليءَ جو بل ڏسي پريشان ٿي ويو.
”مار! هيءُ ته تمام گهڻو آهي...... اهڙي ڪهڙي اسان
وٽ اٽي جي چڪي پئي هلي......؟“
بل کي بار بار ڏسڻ کانپوءِ سليم پنهنجيءَ زال کي
چيو.
زالهنس، مڙس جي ماني کڻي اڳيان رکندي چوڻ لڳي ته:
”ڏس نه..... ٻه ٽي سيور، هڪ پنکو ۽ پاڻيءَ جي موٽر
جو بل 30000 هزار روپيه..... ظُلم آهي يا
نه.......!!؟“
سليم گلاس جي پاڻيءَ سان هٿ ڌوئيندي وراڻيو:
”صُبح يادگيري سان مونکي ڏجين ته آفيس ۾ وڃي ڪو
فرياد ڪريان،“
صفوران سامهين کٽ تي ويهندي چيو:
”پوءِ ڪيئن ڪنهن جي حوالي ڪندين......؟“
سليم، صفوران ڏانهن نهاريندي چيو:
”نيڪ بخت، جي ڪئبن جي ڪندس ته هي واپڊا وارا ڪئبن
ئي وڪڻائي ڇڏيندا، پهرين هنن مان جان ڇڏايون، پوءِ
ڪيئن جي ڪريون ٿا....“
ٻئي زال مُڙس، بِل جي ڪري پريشان ٿي پيا هئا، سليم
ٻئي ڏينهن فجر پڙهي، قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري، نيرن
ڪري، پهرين فُرصت ۾ بس تي چڙهي، اچي واپڊا آفيس
پهتو. سامهون سامهون وڏن اکرن سان ”ڪمپلين سينٽر“
لکيل نظر آيس، سِڌو ان ۾ گهڙي ويو ته اُتي ٻه
همراه چانهه بسڪٽ کائڻ ۽ گپ شپ ۾ مصروف نظر آيس.
”سر، مُنهنجو بِل غلط آيو آهي، سو دُرست ڪرائڻو
آهي.“
سليم ميز وٽ بيهي چيو.
انهن همراهن مان هڪ ڄڻي سليم کي گهوريندي چيو:
”صاحب اڄ آيو ڪونهي، موڪل تي آهي، سُڀاڻي اچجان.“
سليم وراڻيو:
”سر، پري کان آيو آهيان، اوهان ئي ڪُجهه مهرباني
ڪريو.......“
ساڳئي همراه سليم کي ڇڙٻيندي چيو:
”هڪ ڀيرو ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچئي ڇا.....؟...
هينئر هل، صبح جو اچجان.“
سليم مايوس ٿي ٻاهر نڪري آيو، سليم ائين هفتو کن
آفيس جا چڪر ڪاٽيندو رهيو ۽ آفيس وارا ڪو نه ڪو
بهانو ڪري هن کي ٽرڪائيندا رهيا، اتي ويٺل پٽيوالي
سليم کي هفتي کان چڪر ڪاٽيندي ڏٺو ته هڪ ڏينهن
چيائينس:
”ڳالهه ٻُڌ ڀائو، بل تنهنجو گهٽجي ويندو، ڪجهه
خرچي پاڻيءَ جا پيسا لڳندا پوءِ آئون ڄاڻان، آفيس
ڄاڻي.“
سليم ڳالهه ٻُڌي هيڪر ته تعجب ۾ پئجي ويو، حيرت ۽
ڏُک گاڏڙ لهجي ۾ چيائين:
”يار جي پيسا هجن ها ته هيترا چڪر آفيس جا ڇو
ڪاٽيان ها.....؟ پر آئون ناحقي بل ڇو ڀريان جڏهن
ته مون ايتري بجلي ساڙي ئي ڪونهي....“
چوڪيدار هن جي ڳالهه ٻُڌي، پنهنجا ڪلها اُچڪائيندي
وراڻيو:
”ڀائو پوءِ تنهنجي مرضي، اها آفيس ۽ تون......!“
سليم جي گهڻي تنگ ڪرڻ سبب، وپڊا آفيس جي ايل ايس،
ٻن لائين مينن جي انسپيڪشن ٽيم ٺاهي، هن جي گهر
ڏانهن رواني ڪئي، جنهن رپورٽ ڏني ته ميٽر خراب
آهيس ۽ گهر ۾ توَڻ بجلي جي چلهي تي ٿو ڪري.
بس پوءِ ڇا.....؟ هاڻي واپڊا وارا سليم کي چور
ٺاهي بيهه رهيا، هيءُ دانهون ڪندو رهجي ويو ته
ميٽر صحيح هو، هڪدم ڪيئن خراب ٿي ويو پر هن جي
ڳالهه ڪير ٻُڌڻ لاءِ تيار ڪونه هو، هي دانهن کڻي
ايڪسئين آفيس پهتو ته پٽيوالي، صاحب جي آفيس اندر
وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. اندران ڳالهائڻ جو آواز سليم
کي صاف ٻُڌڻ ۾ پئي آيو
پهريون همراه جو آواز:
”سائين، ڄٽ جي پُٽ اصل مٿو کائي ڇڏيو، هر ٻئي
ڏينهن بِل کنيو ڀڳو اچي، مون به ٺوڪي بجلي جو هيٽر
هيومانس....“
ٻئي همراه جو آواز:
”سائين حمزه فلورمِل وارا يونٽ ڪٿان ته پورا ڪرڻا
آهن نه.....“
صاحب جو آواز:
”چڱو ڪيو جو سڌو ڪيوس، اڃان ٻه چار شيون ٻيون به
ٺوڪي ڇڏيوس ها، هلائي ڪئبن ٿو خواب ڏسي ٿو رئيسن
وارا......“
سليم وڌيڪ اُتي بيهي نه سگهيو، ايڪسئين آفيس مان
جيئن ٻاهر نڪتو ته سندس ڪلاس فيلو ارباب گڏجي ويس.
”اڙي سليم...! تون هتي..“
ارباب سليم کي ڀاڪُر پائيندي چيو.
سليم پنهنجو سنگتي ڏسي، اصل روئي پيو.
”يار، هي ظُلم مون سان ڪيو اٿن ۽ داد فرياد ته پري
جي ڳالهه، مورڳو مون تي بجلي جا هيٽر هڻي ڇڏيا
اٿن..“
ارباب بِل هٿ ۾ کڻندي چيو:
”هي بِل ته آئون ڪيئن نه ڪيئن ڪري، ختم ڪرائي
ڇڏيندس، پر هڪ ٻه مهينو ڇڏي وري اِن کان به وڌيڪ
بِل مٿي ۾ هڻي ڇڏيندئي...“
سليم ويچارڳي ۾ وراڻيو:
”پوءِ......!!“
ارباب هُن جي ڪُلهي تي هٿ رکندي چيو:
”يار تون آهين نيڪ نمازي ۽ اشراف ماڻهوءَ، سو
توکان اهو ڪم ڪونه پُڄندو، جيڪو آئون چوندس“
سليم مايوس ٿي وراڻيو:
”پوءِ به ادا.....؟“
ارباب مُرڪندي چيو:
”هتي جي لائين مينن سان پنهنجي مٿو مٿي سان يار
باشي آهي، سو جي تون ميٽر ڪٽرائي ڇڏئين ته ڀلو
اٿئي..“
سليم حيرت مان وراڻيو:
”پوءِ ته لائيٽ ئي ڪٽجي ويندي ادا....“
ارباب کلندي چيو:
”وڏو ڪو ڀوڪ آهين سليم.... ميٽر ويو ته ڇا ٿي
پوندو، تُنهنجي لائيٽ ڪانه ڪٽبي...“
سليم حيرت وچان ارباب کي نهاري رهيو هو.
”.... تنهنجي گهر مٿان ئي بجلي جون تارون وڃن
پيون، هڻ ڪُنڍي، باقي جيڪو لائين مين ايندو سو
توکي ڪُجهه ڪونه چوندو بس انهن جي خرچيءَ جا چار
پنج سو رُپيا مون کي هر مهيني ڏيندو ڪجين...بس
...!“
سليم، ارباب کان پري هٽندي وراڻيو:
”ارباب، اها ته چوريءَ ٿي......!“
ارباب وڌيڪ ڪُڇيو ڪونه.... بجلي جو بِل سليم کي
واپس ڏيندي وراڻيو:
”سليم يار، ڪلاسي هُئين، تنهنڪري تُنهنجي ڀلائيءَ
لاءِ پئي چيم جي دل نٿي وارو کائي ته ٺهيو پوءِ
ڪوشش ڪندو رهه، من آفيسرن کي رحم پوي...“
سليم بِل کڻي واپس هليو آيو، مهينو کن مٿو هڻندو
رهيو، پر وريو سريو ڪُجهه به ڪونه الٽو سليم جي
بجلي ئي ڪاٽي ويا. نيٺ سليم پنهنجي گهر جي ڇت تي
چڙهي، گهر جي مٿان ويندڙ بجلي جي تارن ۾ پنهنجن
ڏڪندڙ هٿن سان، بانس جي ذريعي ڪُنڍي هئين ۽ درياهه
پيسا ارباب کي ڏيڻ شروع ڪري ڏنا.
(2) چريو
هُو فضلو چرئي جي نالي سان پوري علائقي ۾ مشهور
هو، هُن جو نه گهر هو نه گهاٽ.....، هُن لاءِ
ڏينهن ۽ رات ۾ ڪو فرق نه هو، سڄو ڏينهن پوري
علائقي ۾ گُهمندو وتندو هو، جتي ٿڪي، آُتي سمهيو
پوي، الائي ڪيترن ڏينهن کان وهنتو ئي ڪونه هو،
گَرو، گدلو ٿيو پيو گهمندو هو، ڪنهن ماني ڏني ته
کائي وٺندو هو جي نه، ته ٻه ٻه ڏينهن وتو بکيو
هلندو، گهُرڻ جي عادت ئي ڪونه سِکيو يا شايد ايترو
حواس ئي ڪونه هُئس. ماڻهو هن کي تنگ ڪرڻ لاءِ،
سگريٽ پيءُ، هُن ڏانهن اُڇلائيندا هُئا. هو دُکيل
سگريٽ کي ڏسي دانهون ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو هو ته
”سڙي ويندو... سڙي ويندو... الله فضلو سڙي
ويندو... سڙي ويندو...“ ۽ وٺي ڀڄندو هو ۽ ماڻهو
رونشي ۾ اچي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا هُئا.
جڏهن ته سڀني وڏڙن واتان ٻُڌي رکيو هو ته فضلوءَ
جو گهر باههِ لڳڻ سبب سڙي رَک ٿي ويو هو، انهيءَ
باهه ۾ هن جا والدين ۽ سندس جي ننڍي ڀيڻ سڙِي مري
ويا هُئا، ماڻهن همت ڪري فضلو کي بچائي ورتو هو،
جيڪو خاموش ٿيو اکيون ڦاڙي ڦاڙي گهر کي سڙندو
ڏسندو رهيو، اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن فضلو وري
ڪڏهن سُرت ۾ نه آيو، اها خبر هوندي به ماڻهو رونشي
طور هن کي تنگ ڪندا هئا. فضلو ڌريو گهڻو ڪري شهر
کان ٻاهر ئي رهندو هو. پر پيٽ مجبورن هن کي شهر ۾
گهلي ايندو هو هن کي شهر ۾ ننڍڙا ٻار ڏسي، هن جي
ڪڍ لڳندا هُئا ۽ زور زور سان پيا چوندا هُئا ته
”فضلو چريو مت کريو.... فضلو چريو مت کريو....“ ،
فضلو ٻارن جي انهيءَ رونشي تي وتو کلندو هو، ڪٿان
خدا ڪارڻ ماني ڀور مليو ته اهو کائي وري جهنگل ۾
اَلوپ ٿي ويندو هو، فضلوءَ کي ٻارن کان وڌيڪ وڏن
کان ڀوءُ ٿيندو هو.
جيڪي هن تي چٿرون به ڪندا هُئا ۽ اڌ دُکيل سگريٽ
به اُڇلائيندا هُئا، شهر جو مايون، ڊپ ڏيندي
چونديون هيون ته فضلو چريو آدم خور آهي ۽ ننڍن
ٻارن کي جهنگ ۾ کڻي ويندو آهي ۽ اُتي کائي ڇڏيندو
آهي، تنهنڪري ٻارڙا گهڻو تڻو فضلءَو کان پري ئي
رهندا هئا، پر ٻار وري به ٻار نه....... سڄي پاڙي
جا ٻار گڏجي پوءِ هن تي رڙيون ڪندا هُئا ۽ هي پيو
کلندو هو.
پر ٻن ڏينهن کان ماڻهن کان فضلو وسري ويو هو، سڀ
عارب جي ڌِيءَ زينب جي ڳولا ۾ لڳل هُئا، ٻن ڏينهن
جي مسلسل ڳولا کانپوءِ هنن کي پاڻي جي ڪچي تلاءُ ۾
ڪٽي ۾ بند ٿيل لاش هٿ آيو ته سڀ سڀ توبهه توبهه
ڪرڻ لڳا، هر ڪنهن جي وات تي اهو سوال هو ته هن
معصوم سان ائين ڪير ٿو ڪري سگهي ته اوچتو سانوڻ رڙ
ڪندي چيو ته :
”اهو ڪم فضلو چرئي جو آهي....؟“
حميد به خدشو ظاهر ڪندي وراڻيو ته:
”هائو، بروبر سانوڻ سچ پيو چئي ٻه ڏينهن ٿيا آهن
جو فضلو چريو شهر ۾ نظر ئي ڪونه آيو آهي...!!“
بس پوءِ ميڙ سڄي ۾ هائو هائوڪار پئجي ويئي ۽ سڀئي
فضلو چرئي جي ڳولا ۾ وهراڙو ڪري نڪري پيا، هنن کي
فضلو چرئي کي ڳولڻ ۾ ڪا پريشاني ئي ڪونه ٿي، هُو
عارب واري پڪي واٽر تان پاڻي پيءَ رهيو هو، فضلو
هيڏو ميڙ پنهنجي طرف وڌندي ڏٺو ته رڙيون ڪري ڀڳو.
”....سڙي ويو...... مري ويو..... الا ڙي فضلو سڙي
ويو..... سڙي ويو.....“
جيئن فضلو ڀڳو ته وهراڙي ڊوڙي گهيري ورتس ۽ شروع
ٿي ويس مارڻ، فضلو اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندو رهيو ته
سڙي ويو... فضلو مري ويو..... پر سندس دانهون ڪنهن
به ڪونه ٻڌيون ڄڻ سڀ هڪدم ٻوڙا ٿي ويا هجن، بس
ڪنهن لٺيون ٿي هنيون ته ڪنهن لتون، ڪنهن سروٽا ٿي
هنيا ته ڪنهن ٿڏا..... هُو چڱي دير تائين فضلوءَ
کي ماريندا رهيا، هن جون رڙيون بند ٿي چڪيون
هنيون، هيڏو گوڙ ٻُڌي، پريان بيٺل ڌنار به ميڙ
اندر گهڙي آيو ڏسي ته سڀئي فضلو چرئي کي مارين
پيا، هن پنهنجي ڀر واري همراه کان پڇيو:
”اڙي هن ويچاري کي ڇو پيا ماريو....؟“
همراه ڌنار جي ڳالهه ٻُڌي اصل ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿيندي
وراڻيو:
”اڙي توکي خبر ڪونهي ڇا...؟ ..... هن عارف جي
نياڻيءَ کي ماري ڇڏيو آهي.....!“
اها ڳالهه ٻُڌي ڌنار به ميڙ سان گڏ جي پيو، ان مار
ماران ۾ فضلو چرئي جو روح الائي ڪنهن مهل پرواز
ڪري ويو، پر ميڙ سندس لاشي کي به لٺيون ۽ ٿُڏا
هڻندا رهيا، جڏهن پڪ ٿين ته فضلو مري ويو آهي، ته
تڏهن وڃي ٿڌا ٿيا.
ڌنار وراڻيو:
”ڀيڻسان چريو ٿيو اسان کي پئي چريو ڪيائين...“
سڀني ڌنار جي ڳالهه ۾ هائو ۾ هائو ملائي.
ڌنار وري وراڻيو:
”اوهان هن کي ائين ڪندي ڪٿي ڏٺو...؟“
”اڙي ڏسڻ وائيسڻ ڇا جو.... ٻه ڏينهن اڳ عارف جي
نياڻي گم ٿي ويئي هُئي ڳولا ڪئيسين ته گلاب واري
ڪچي تلاءُ ۾ ڪٽي ۾ ٻڌل لاش مليو، اسان کي پڪ ٿي
ويئي ته اهو ڪم فضلو چرئي جو ئي آهي...“
ڌنار حيرت وچان سڄي ميڙ کي ڏسي وري فضلو چرئي جي
لاش ڏانهن ڏٺو، جيڪو رتو رت هُئو، هڏ گڏ ڀڳل هئا.
ڌنار ميڙ ڏانهن نهاريندي وراڻيو:
”ادا رات منهنجي ٻڪري وڃائجي ويئي هُئي اُن جي
ڳولا پئي ڪيم ته مون ڏٺو ته اهو ڪٽو ته رات انڌاري
ٿيڻ وقت ڪاڪي عارف جو گهاٽو سنگتي بخشل اُڇلي ويو
هو، هيءُ ته ويچارو ٻن راتن کان اسان واري ڳوٺ جي
کاڻ وٽ ويٺل هو.“
انور ابڙو
ڪراچي
بابا هاڻ مون کي ڳولي نه سگهندو!
هڪ ڏينهن سج لَٿي مهل جو سبحان کي آفيس مان گهر پهتي ڪي پنج ڏهه منٽ مَس ٿيا
هئا ته سندن گهر جو دروازو کڙڪيو. هن جيئن وڃي
دروازو کوليو ته، سامهون پينٽ شرٽ ۾، پوري پُني
قد، سانوري رنگ ۽ ويهن ايڪيهن سالن جي عمر جو هڪ
نوجوان بيٺو هو. هن ان کي سلام ڪيو. ان کان ٿورو
وٿيرڪو، موٽر سائيڪل جي ڀرسان نقاب پاتل هڪ ڇوڪري
به بيٺي هئي. سبحان ان کي به سلام ڪيو. هو اردو
ڳالهائيندڙ هئا ۽ اصل ۾ ڪورنگيءَ جي ضياءَ
ڪالونيءَ جا رهاڪو هئا، جڏهن ته سبحان جو گهر
ڀٽائي ڪالوني ۾هئو.
سبحان ڇوڪري کان پڇيو: ”ادا، ڏيو خبر... ڪيئن، خير ۾ اچڻ ٿيو آهي؟“
”اسان کي مسواڙ تي گهر کپي،“ ڇوڪري
وراڻيو.
سبحان پنهنجي گهر کي پارٽيشنس ڏياري ان مان ٻه ننڍا گهر ٺهرايا هئا، جن مان
هڪ مسواڙ تي ڏنل هو، جڏهن ته هڪ ننڍو گهر اڃا خالي
پيو هو.
سبحان کانئس پڇيو: ”اوهان ڪير آهيو ۽ ڪٿان آيا آهيو؟“
ڇوڪري ٻڌايو: ”اسان اوهان سان ڪوبه ڪوڙ نٿا ڳالهايون. منهنجو نالو جاويد
آهي- ۽ هن جو نالو ندا آهي. اسان ضيا ڪالونيءَ ۾
رهندا آهيون. اسان پيار جي شادي ڪئي آهي. بابا گهر
اچڻ نٿو ڏي، انڪري اسان کي رهڻ لاءِ هڪ ننڍڙو گهر
گهرجي. اسان اوهان واري گهٽيءَ ۾ جيڪو دڪان آهي،
ان جي مالڪ کان مسواڙ جي گهر لاءِ پڇيو، جنهن
اوهان جو ڏس ڏنو، سو اوهان وٽ آيا آهيون. اسان
ڪجهه ٻين ماڻهن وٽ به ويا هئاسين، پر جڏهن اسان
انهن کي ٻڌايو ته، اسان پنهنجي والدين جي مرضيءَ
بنا شادي ڪئي آهي ته، هنن اسان کي گهر ڏيڻ کان
جواب ڏيئي ڇڏيو.“
نوجوان هڪ ئي ساهيءَ ۾ پنهنجي پيارَ- ڪهاڻي ۽ گهرَ جي ضرورت ٻڌائي ويو.
سبحان کي مٿن رحم اچي ويو ۽ هِن اُن ئي لمحي فيصلو ڪري ورتو ته، هو کين ضرور
گهر ڏيندو. هنن پسند جي شادي ڪري ڪو ڏوهه ناهي
ڪيو. جيڪڏهن والدين جي مرضيءَ سان شادي ڪن ها ته،
بهتر هو، پر هاڻي جيڪڏهن سندن شادي ٿي چڪي آهي، ته
پوءِ کين پناهه ڏيڻ گهرجي.
سبحان نوجوان کي چيو: ”اچو اندر، ڊرائيونگ روم ۾ اچي ويهو.“
هُو
سبحان جي گهر جي اندر جيئن ئي داخل ٿيا ته، سبحان
جي گهرواري راڻي به گهر جي هڪ ڪمري مان نڪري صحن ۾
آئي، جنهن کي سبحان چيو ته: ”هن ڇوڪريءَ کي اندر
ويهاريو ۽ چانهه ٺاهي هن اديءَ کي به پياريو ۽
اسان ڏانهن به موڪليو.“
راڻيءَ، ندا کي وٺي گهر جي هڪ ٻي ڪمري ۾ وڃي ويهاريو، جڏهن ته سبحان جاويد
کي وٺي ڊرائنگ روم ۾ ويو، جتي سبحان، جاويد کي
تسلي ڏيندي چيو ته:”اوهان گهٻرايو نه... ائين
سمجهو اوهان ڄڻ پنهنجي گهر ۾ آيا آهيو... منهنجو
هڪ ڪمري وارو گهر خالي آهي، سو ان جون چاٻيون
هينئر ئي اوهان کي ڏيون ٿا... رات جي ماني به اسان
جي کائجو... پوءِ باقي معاملن کي ڏسنداسين.“
جاويد جي چهري تي خوشيءَ جو تاثر اُڀريو ۽ هُن سبحان جو ٿورو مڃيندي آهستي
کانئس پڇيو: ”مسواڙ ڪيتري وٺندا؟“
سبحان ساڻس ڀوڳ ڪرڻ واري انداز ۾، کِلندي چيو: ”اوهان گهڻا پئسا گهران کڻي
ڀڳا آهيو؟“
جاويد، لڄاري انداز ۾ مرڪندي وراڻيو:
”خالي هٿين؟“
سبحان وري کانئس پڇيو: ”ڪا نوڪري وغيره ڪندو آهين؟“
”ها، ڪورنگي انڊسٽريئل ايريا ۾ هڪ فيڪٽريءَ
۾ ڪم ڪندو آهيان.“
”چڱو، توهان پاڻ جيتري به مسواڙ ڏيئي
سگهو، اوتري ڏجو... في الحال سامان کڻي اچي رهو...
باقي اهي معاملا پوءِ ڏسي وٺنداسين.“
”سامان ٻيو ته ڪوبه ناهي، بس ڪجهه ڪپڙا
آهن، جيڪي مون پنهنجي ماسات جي گهر رکيا آهن، اُهي
کڻي ٿو اچان.“ جاويد وراڻيو.
”ٺيڪ آهي..“ سبحان چيو.
”ڀلا ڪو ايڊوانس وغيره؟“ جاويد ٿورو
هٻڪندي سبحان کان پڇيو.
”اوهان کان ڪوبه ايڊوانس نه وٺبو....“
سبحان جي جواب تي جاويد وري سندس ٿورو مڃيو.
ان دوران سبحان جو ننڍو پٽ چانهه، بسڪوٽ ۽ پاڻي کڻي آيو. چانهه پيئڻ کانپوءِ
سبحان هنن کي وٺي وڃي مسواڙ واروگهر ڏيکاريو، جيڪو
جاويد کي پسند آيو.
ان بعد سبحان کيس پنهنجي گهران هڪ بسترو ۽
رڌپچاءُ جي
ڪجهه سامان ڏيڻ سان گڏ پنج هزار رپيا به، اهو
چوندي کيس ڏنا ته: ”جيستائين توهان کي پگهار ملي،
تيستائين هنن مان گهر جو خرچ هلائجو... پوءِ ٿورا
ٿورا ڪري اهي پئسا واپس ڪجو...“ سبحان وڌيڪ کيس
اهو به چيو ته: ”هونئن ته هن گهر جو ڪرايو گهٽ ۾
گهٽ ڇهه هزار رپيا آهي، پر اوهان چار هزار رپيا
ڏجو. گيس ۽ بجليءَ جو بل اسان ڀرينداسين.“
جاويد ڏاڍو خوش ٿيو. سندس دماغ تان ڄڻ وڏو بار لهي ويو.
ان بعد سبحان گهر وڃي پنهنجي گهرواري راڻيءَ کي چيو ته: ”هِن اديءَ کي
بسترو، ۽
رڌپچاءُ
جو سامان ڏيو. ۽ پوءِ کين پنهنجي گهر ڇڏي اچو....“
سبحان نداکي اهو به چيو ته: ”ڀيڻ، اوهان ڪنهن به
قسم جي ڳڻتي نه ڪيو... هن گهر کي پنهنجو گهر
سمجهجو... جيڪا به شئي کپيوَ، اها
بغير ڪنهن به تڪلف جي، راڻيءَ کان گهري
وٺجو....“
ڇوڪريءَ ڪنڌ هيٺ ڪري چيو،”مهرباني ادا.“
ان کانپوءِ جاويد پنهنجي گهرواريءَ کي ٻُڌائي، پنهنجي ماسات جي گهران پنهنجو
سامان کڻڻ ويو، جڏهن ته راڻيءَ، ندا کي ضروري
سامان کڻائي سندس نئين گهر ڇڏي آئي.
ندا هاڻي سبحان جي گهر جي ڄڻ ته ڀاتي بڻجي وئي هئي. صبح جو جيئن ئي سبحان
پنهنجي ڊيوٽيءَ تي ۽ جاويد فيڪٽري ويندو هو ته،
ندا راڻيءَ وٽ اچي ويهي رهندي هئي، جتي نيرن به
ڪندي هئي، ته سبحان جي ٻن ننڍڙن ٻارن کي سنڀاليندي
به هئي. هوءَ ڪچهريءَ جي مورِ هئي. هاڻي هيءَ
سبحان سان ڳالهائڻ ۾ به ڪو جحاب نه ڪندي هئي.
سبحان کي ڀاءُ جيان سمجهندي هئي. سبحان پڻ کيس ڀيڻ
جهڙو رتبو ۽ عزت ڏيندو هو.
ندا هاڻي هنن سان ڀوڳ به ڪرڻ لڳي هئي، ته راڻيءَ سان گهر جي ڪم ڪار ۾ ٿورو
هٿُ به ونڊائڻ لڳي هئي. ان سان گڏ سبحان جي سندن
ننڍڙن ٻارڙن کي به کيڏائيندي ۽ سنڀاليندي هئي.
جاويد رات جو دير سان فيڪٽريءَ
مان واپس گهر ايندو هو، ڇاڪاڻ جو شاديءَ کانپوءِ
هن اوور ٽائم به ڪرڻ شروع ڪيو هو ته جيئن گهر جو
خرچ پکو پورو ڪري سگهي.
هڪ ڏينهن ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ندا، راڻيءَ کي پنهنجي هيءَ ڪهاڻي ٻڌائي:
”جاويد منهنجو سئوٽ ٿئي. هو پنهنجي پيءُ ماءُ کي
اڪيلو اولاد آهي. هن جو بابا سندس شادي پنهنجي
ڀاءُ جي ڌيءُ سان ڪرائڻ پيو چاهي، پر جيئن ته اسان
گڏ زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو، سو جڏهن
جاويد پنهنجي بابا کي اها ڳالهه ٻڌائي ته، هُن
سندس ڳالهه نه مڃي. ان کانپوءِ اسان وڃي ڪورٽ
ميئريج ڪئي. شاديءَ کانپوءِ اسان ٻه ڏينهن پنهنجي
هڪ ماسات جي گهر ترسيل هئاسين. ان کانپوءِ هُن
اسان کي پاڻ وٽ وڌيڪ رهائڻ کان جواب ڏنو، جنهن بعد
اسان هِتي اوهان وٽ اچي رهياسين.“
ندا راڻيءَ کي اهو به ٻڌايو ته: ”جڏهن مان ننڍڙي هوندي هئس ۽ جڏهن بابا سان
ڪنهن ڳالهه تي ناراض ٿيندي هئس ته مان گهر ۾ کَٽ
جي هيٺان يا گهر جي ڇِتِ تي يا چاچن جي گهر لِڪي
ويندي هئس... پر پوءِ به بابا يا امان مون کي ڳولي
وٺندا هئا.... پر هاڻي،“ هُن روئڻهارڪي آواز ۾
چيو،”هُو مون کي ڳولي نه سگهندا.“ ائين چئي هوءَ
اچي روئڻ ۾ شروع ٿي. راڻيءَ کيس وڏي مشڪل سان چپ
ڪرائي.
جڏهن شام جو راڻيءَ هنن جي اها ڳالهه سبحان کي ٻڌائي ته هُو به ڏکارو ٿي ويو.
ٻن مهينن کانپوءِ جڏهن جاويد کي پنهنجي ماءُ جي گهڻي سِڪ لڳي ته هو اُن سان
ملڻ ويو. ماڻهس کيس ڏسندي، روئندي اچي چنبڙي.
جاويد جي به اکين مان ڳوڙها وَهي پيا. ان وقت گهر
۾ سندس والد به موجود هو. هي ڊڄندي ڊڄندي ان سان
به سندس ڪمري ۾ وڃي مليو. هُو خاموش هو.
هُن کيس ڪجهه به نه چيو. ماڻهس روئندي کيس چيو:
”ٻچا، جيڪو به ٿيو، غلط ٿيو يا صحيح ٿيو، بس هاڻي
پنهنجي گهر موٽي اچ.“
جاويد
ندا کي اچي اها سموري ڳالهه ٻڌائي، جنهن چيس ته:
”هاڻي گهر جيڪو ڇڏيو آ سو ڇڏيو آ..... واپس نه
هلنداسين... اسان کي هاڻي پنهنجي لاءِ سڀڪجهه پاڻ
ئي ڪرڻو آهي.... ها، باقي، چاچيءَ جن سان ائين
ڪڏهن ڪڏهن ملڻ هلنداسين پيا.“
جاويد سندس ان ڳالهه سان اتفاق نه ڪندي واپس پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر هلڻ
لاءِ مٿس زور ڀريو، جنهن تي ندا چيس: ”تون ته
پنهنجي پيءُ ماءُ کي مُنهن وڃي ڏيکاري آئين، مان
پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڪهڙو هلي مُنهن ڏيکارينديس.“
هوءَ روئي پئي.
پوءِ هنن فيصلو ڪيو ته هُو
رهندا الڳ، پر پنهنجي پيءُ ماءُ سان هڪ نه ٻئي
ڏينهن پيا ملندا. ان فيصلي بعد هُو پنهنجي پنهنجي والدين سان ملڻ لاءِ ويا.
ڊاڪٽر رضا چانڊيو
ٽنڊوڄام
معجزو
اوسي پاسي کان اوڙي پاڙي وارا چڱا مَٺا سڀ رئيس
علڻ خان جي اوطاق تي گڏ ٿيل هئا، سڄو بنگلو ماڻهن
سان سَٿيل هو، پير رکڻ جي جاءِ نه هئي. هرطرف
ٽوپيون، اجرڪ ۽ بوسڪيءَ جا پٽڪا ڏسڻ ۾ پئي آيا.
چڱا مُڙس صوفن ۽ ڪرسين تي ۽ هاري ناري، غريب غربو،
پٽ تي وڇايل ڳاڙهي قالين تي ويٺل هئا، سامهون رئيس
علڻ خان جي، خاص ويهڻ واري جاءِ خالي پيل هئي.
رئيس علڻ خان، تَر جو مشهور زميندار هئڻ سان گڏو
گڏ تڏي جو مڙس ماڻهو آهي. هروقت اوطاق مهمانن سان
ڀريل هوندي اٿس. عدل ۽ انصاف جا فيصلا ڪرڻ ۾ مشهور
آهي. فيصلو ٻڌائڻ ۾ دير نه ڪندو آهي پنهنجي يا
پرائي جي ان معاملي ۾ سفارش نه ٻڌندو آهي انڪري
اڪثر فيصلا هن جي اوطاق تي ٿيندا آهن، ٻئي ڌريون
نه رڳو فيصلو مڃينديون آهن پر سدائين لاءِ ويڇا
وساري، پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي وينديون آهن.
... اڄوڪي فيصلي لاءِ ماڻهن جا مختلف خدشا ۽ ويچار
هئا هرڪو پنهنجا اندازا لڳائي رهيو هو، جيترا وات
اوتريون ڳالهيون... ڪي چون پيا ته سانوڻ خان رئيس
جو جاني دشمن آهي، رئيس جي ڪابه ڳالهه ڪونه
مَڃيندو... رئيس کي ڇوڪري ڏيڻي پوندي... ڪي چون
پيا ته جي ڇوڪري واپس ٿي ته ... کيس رات ئي ماري
ڇڏيندا... ائين رئيس ڪرڻ ڪون ڏيندو... جهيڙو ٿيندو
ماڻهو مرندا... الاءِ ڇا ٿيندو...؟!.
رئيس علڻ خان اڃان گهر آهي، سوچ ويچار ۾ مُنڌل
آهي... ان فيصلي ۾ خود کي به جھڙوڪر ڌُر پيو
سمجھي... ڪيئن ڪري جو نياڻيءَ جي زندگي به بچي پوي
۽ معاملو به سُلجھي وڃي... ٻاهر ورانڊي ۾ اڪيلو
ويٺل آهي. ”ڇاٿا سوچيو... ڪريوس مائٽن جي حوالي...
ڀلي ڪَنس پورو... ڪهڙو چڱو ڪم ڪيو اٿس.. جو توهان
ويٺا ڳڻتيءَ ۾ ڳرو... مون ته اُن ڏينهن ئي توهانکي
چيو هو ته توهان پرائي مصيبت پنهنجي ڳيچيءَ ۾ نه
وجھو... پر توهان منهنجي ٻڌندا ڪٿي آهيو... توهان
سدائين لڳندا آهيو... پنهنجي ملوڪزادي وڏي گهر
واريءَ جي چوڻ ۾ - پوءِ سدائين مٿي کي هٿ ڏيو ويٺا
هوندا آهيو... توهان جي مرضي“...
رئيس جي ننڍي گهر واري ڪاوڙ ۾ چوندي اندر هلي وئي.
ايتري ۾ کيس ڪمدار جو فون آيو ته سائين ايس.پي
صاحب ۽ ڇوڪريءَ جو پيءُ سانوڻ خان اچي ويا آهن. ۽
مُرشد سائين ڀورل شاه بادشاه به پهچي ويو آهي.
توهان جلدي اچو سڏين پيا... ۽ ها سانوڻ خان کي
تمام گهڻي ڪاوڙ آهي. مونکي ته هٿ به ڪون ڏنائين...
ڪاوڙ ۾ گهوريندو وڃي صوفي تي ويٺو.
”تون مهمانن جي خاطر توازه ڪر... مان اچان ٿو“
رئيس وراڻيو.
رئيس اوطاق طرف ايندي... جيئن ئي وڏي حويليءَ وٽان
گذريو، جيڪا اوطاق جي ڀر ۾ ٺهيل آهي ته سندس وڏي
گهر واري پيرن تي ڪري پيس، رئو لاهي پيرن تي
وڌائين ۽ ايلاز ڪندي چيائيس ته
”سائين
رحم ڪجو... نياڻي بي قصور اٿئو... نياڻي واپس نه
ڪجو، نه ته کيس ماري ڇڏيندا.“
”يا الله تون مهنجي مدد ڪجانءِ“ چئي... وڏي گهر
واري کي ٻانهه کان وٺي اُٿاريائين... ۽ تڪڙو تڪڙو
اوطاق طرف وڃڻ لڳو وڏي گهرواري کيس ڏسندي رهجي
وئي-!!.
دريءَ مان آسيه کين پاڻ ۾ ڳالهائيندي ۽ رئيس جي
وڏي گهر واريءَ کي منٿون ۽ ايلاز ڪندي ڏسي ورتو...
هي سڀ چٽو ٻڌي ته نه سگهي پر کيس ايترو اندازو
ضرور ٿيس ته ڳالهه سندس جي هئي... شايد اڄ منهنجي
زندگيءَ جو فيصلو ٿيڻ وارو آهي... هن کي رئيس جي
وڏي گهرواريءَ ۾ تمام گهڻي اميد هئي ۽ کيس اهو
آسرو هو ته وڏيري کي منهنجي لاءِ ضرور چوندي...
ڇاڪاڻ ته پهرئين. ڏينهن ئي هن مونکي آٿت ڏني هئي ۽
سمجھايو هو ته توکان غلطي ضرور ٿي آهي، پر ايتري
نه جو توکي ڪا وڏي سزا ڏجي... وڏيرو انصاف پسند
آهي، منهنجي پيءُ سان ڳالهائيندو... پر منهنجي
پيءُ جي ته مونکي خبر آهي، جي اُن جي حوالي ڪيائين
ته... بابا ته امان سان ملڻ جي به مهلت ڪون
ڏيندو... اڳ ۾ ئي واٽ تي ڪندو پورو...!!“
...پريشانيءَ ۾ ڪمري کي چئوطرف سندس نظرون هيڏانهن
هوڏانهن تڪڻ لڳيون.
سندس سامهون ڀت تي هٿيارن سان ڪي اڪيلا ته ڪي وري
گروپ ۾ ڦوٽو ٽنگيل هئا... هڪڙو رئيس جو گهوڙي تي
اڪيلو ڦوٽو هئو، ڪجھ ڦوٽو جَلسن ۽ جلوسن جا لڳن
پيا... گاڏين تي به الاهي ڦوٽو هئا، وڏيون وڏيون
گاڏيون. ڪي لينڊڪروزر، پيجارو، ۽ ويگو وغيره...
ڏسندي ڏسندي هڪ ڦوٽو تي سندس جون نظرون کُپي پيون
۽ کيس سڃاڻي ورتائين ته اهو ڦوٽو وڏيري جي وڏي پٽ
مشتاق جو آهي... کيس ياد آيو ته هو اڃان ميٽرڪ ۾
هئي ته مشتاق ڪئين ڀيرا سندس سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ جي
ڪوشش ڪئي هئي، پر هن کيس کتو جواب ڏنو هو، سندس
سهيليءَ جي فون تي ڪافي دفعا هن پيار جو اظهار ڪيو
هو جنهن کي هن چال سمجھي هئي ۽ کيس ڪڏهن به هن تي
اعتبار نه آيو هو هڪ دفعي جڏهن فون تي تمام گهڻو
سيريس ٿي ويو هو ته... هن کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي
هئي ته ”اسانجن وڏن جون پاڻ ۾ خانداني دُشمنيون
آهن جيڪي، نڪي نبرنديون، نڪي ٺاهه ٿيندو نه وري
اهو ممڪن آهي، بهتر آهي ته پري ٿي وڃ، بابا کي
الاءِ ڪٿان سُڻس پئي... ميٽرڪ کان اڳتي پڙهڻ ئي نه
ڏنائين... اوچتو کيس آواز ٻڌڻ ۾ آيا... سندس گلو
خشڪ ٿي ويو. ٻه ٽي گلاس پاڻي جا سانده پي وئي...
وري دريءَ وٽ اچي بيٺي، اوطاق واري طرف جي سموري
دري کولي ڇڏيائين، ڪُرسيءَ تي چڙهي ڏسڻ لڳي، پر
اڳيان رڳو ڀِتيون هيون، رکي رکي ڪيڏي مهل مختلف
آواز ڪَنين پيا پئي پر سمجھه ۾ نٿي آيا....“
...رئيس جيئن اوطاق ۾ گهڙيو ته سڀ احترام ۾ اٿي
بيٺا رئيس سڌو وڃي سائين ڀورل شاهه جي پيرن تي هٿ
رکيا... ۽ سڀني کي هٿ ٻڌي، مهرباني چئي ويهڻ لاءِ
چيو... هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي، رئيس،
ايس.پي صاحب،
ڇوڪريءَ جي پيءُ سانوڻ خان،
۽ چئن چڱن کي چيو ته:
”هلو
ته پاسي واري ڪمري ۾ خلاصو ٿي ڳالهائيون...“
...اڃان ويٺائي مس ته ايس.پي صاحب رئيس کان پڇڻ
لڳو ته: ”ڇوڪري توهانکي ڪٿان هٿ آئي.“
”...جيئن
مان دعوت کائي شادي هال مان ٻاهر نڪتس ته پٺيان
فائرنگ ٿي مون اڃان گاڏي اسٽارٽ ڪري بتيون ٻاريون
ته،
ڏٺم ته،
پاسي وري شادي هال جي طرف کان هڪ ڇوڪري ڊوڙندي پئي
آئي، مون سائيڊ واري شيشي مان کيس ڏٺو پئي،
ته هن پويون دروازو کوليو ۽ ويهي رهي، هُوءَ ڊنل
هئي ۽ سڄي ڏڪي پئي، ويهڻ شرط چوڻ لڳي، خدا جي
واسطي مونکي بچايو... هتان نڪري هلو، مون گاڏي
ڊوڙائي اچي کيس گهر پهچايو - ۽ وڏي گهرواريءَ جي
حوالي ڪيو... مونکي صبح جو خبر پئي ته، هيءَ سانوڻ
خان جي نياڻي آهي“.
”...پر اسان کي ته خبر پئي ته گاڏي توهانجي پُٽ
مُشتاق جي هئي- ۽ هيءُ ڪم سڄو توهان جي وڏي پُٽ
ڪيو آهي؟!“
سانوڻ خان چوڻ لڳو.
”ها بلڪل، گاڏي منهنجي وڏي پُٽ جي هئي، هُو اسلام
آباد ويل هو، ٻاهران بيٺل هئي، تڏهن اِها ڪاهي
آيس... اتفاقن ڊرائيور به مونسان ڪونه هُيو ۽ نه
وري گارڊ گڏ هئا...“
”رئيس- ڇوڪريءَ کان پُڇا ڳڇا ڪئي... ڇاٿي چوي“
ايس.پي صاحب چوڻ لڳو. ”مون
پاڻ ته سندس کان ناهي پڇيو... مُناسب نٿي لڳو...
باقي منهنجي وڏي گهر واريءَ سندس کان پڇا ڪئي آهي،
کيس ٻڌايو اٿس ته: مان سهيليءَ جي شاديءَ تي آئي
هيس... اوچتو فائرنگ ٿي سڀ ڀڄڻ لڳا... منهنجي
سهيليءَ جي پيار جي شادي هئي... بابا مونکي جھليو
هو ته مان ان شاديءَ ۾ نه وڃان... پر مان چوري آئي
هيس... ڇاڪاڻ ته منهنجي سهيلي مون کي تمام گهڻو
مجبور ڪيو هو... فائرنگ ۾ گهوٽ مارجي ويو... ۽
منهنجي سهيليءَ کي به هٿ ۾ گولي لڳي... بدحواسي ۽
موت جي خوف کان ڊوڙندي جان بچائڻ خاطر اچي توهان
جي گاڏي ۾ چڙهيس پهريان مون سمجھو ته بابا سائينءَ
جي گاڏي آهي. پر هيءَ گاڏي ته توهان جي هئي...
جڏهن منهنجي گهرواري کيس ٻڌايو ته توکي پنهنجي گهر
ڇڏي ٿا اچون ته ... روئڻ لڳي... ۽ چوڻ لڳي ته
توهان جي پاڻ ۾ پراڻي دشمني آهي... واپس ويندس ته
مونکي ماري ڇڏيندا، ان لاءِ
SP
صاحب مون توهانکي فون ڪري اطلاع ڏنو.“
”اخبار ۾ خبر اٿئي ڇا آيو آهي؟ اڄوڪي پڙهي اٿئي
اخبار...“
سانوڻ خان ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳو.
”ڇا آيو آهي؟ ”اِهيو ئي ته توهان جي پٽ منهنجي
نياڻيءَ کي اغوا ڪيو آهي-“
”سچي ڳالهه اِها اَٿئو، باقي وڌيڪ لاءِ توهان
پنهنجي نياڻيءَ کان پُڇي وٺو“
”اسانجي شيءِ اسان جي حوالي ڪريو، پوءِ اسانجي
مرضي؟. ۽ توهان سڀ اوڙي پاڙي وارا وڏيرا ۽ راڄ
گهرائي منهنجي بيعزتي ڪئي آهي، مان تنهنجيون سڀ
چالون سمجھان ٿو، تون مونکي جُهڪائڻ چاهين ٿو مون
کي تنهنجو ڪوبه فيصلو منظور ڪونهي!“
”جيسين چار چَنڱان ۽ ايس.پي صاحب مونکي لکت ۾
ضمانت نٿا ڏين تيسين ڇوڪري تنهنجي حوالي ڪونه
ڪندس.“ رئيس کيس پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. ”واه
سائين واه شيءِ اسانجي تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟.“
”تون ڀلا سدائين وڙهان وڙهان ڇو ٿو ڪرين... اسان
جا نسل تباهه ٿي ويا آهن... ڪا صلح صفائيءَ واري
ڳالهه ته تون ڪرين ئي ڪون ٿو؟!!“ رئيس کيس
سمجھائيندي چوڻ لڳو.
”صلح توسان قيامت تائين ڪونه ٿيندو“ هي اڃان پاڻ ۾
تکا مٺا ٿيا پئي ته وڏيري جي وڏي پٽ اچي گاڏي
بيهاري... سانوڻ خان فون ڪري هٿيارن سان ماڻهو
گهرائڻ لاءِ چيو... ايس.پي صاحب وائرليس تي وڌيڪ
نفري طلب ڪئي... ماڻهن ڏٺو ته ڄاڻ جھيڙو ٿو ٿئي...
ان لاءِ کسڪڻ لڳا... رئيس جي ماڻهن وڃي مورچا
سنڀاليا... افراتفريءَ وارو ماحول ڏسي... وڏيري جو
پٽ پريشان ٿي ويو. دشمن کي پنهنجي اوطاق تي ايس.پي
صاحب سان گڏ ڏسي پڇڻ لڳو. ”بابا ڇا ٿيو آهي؟!!“
”هڪڙو منهنجي نياڻي کي اغواڪري گهر ويهاريو اٿئو ۽
ٻيو وري پُڇيو ٿا ته ڇا ٿيو آهي؟!“ توکي ڄڻ خبر ئي
ڪانهي پيءُ پُٽ مون سان ڊرامون ٿا ڪريو... توهان
کي شرم اچڻ کپي“ سانوڻ خان ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳو.
”چوين ڇاٿو؟!
– سندس پٽ سانوڻ ڏانهن وڌڻ لڳو ته... سندس پيءُ
کيس زبردستي ويهاريو بابا نه پنهنجو تڏو آهي-“
”پنهنجو تڏو نه هُجي ها ته سمجھايانس ها-“
”پِڻهين سمجھائي ٿَڪو... هاڻ پُٽ ٿو سمجھائي
مونکي؟!!“
”ايس.پي صاحب- چَوينِ شرافت سان منهنجي نياڻي
منهنجي حوالي ڪن، ماريانس ڇا به ڪريان منهنجي
ڇوڪري آهي هنن جو ڇا؟“
”ايئن ته ڪون ڏيندس“ رئيس چوڻ لڳو.
”ڏِيندين ڪئين ڪون؟!“
چار چنڱان ٻِنهين کي سمجھائڻ لڳا ته ٻيلي ڏاها
ٿيو. پاڻ ۾ ٺهي وڃو، پر ٻئي ڪنهن جي ٻڌڻ لاءِ تيار
ڪون هئا- وڏيرو سانوڻ ته صفا هٿن مان نڪتو پيووڃي،
وڙهڻ لاءِ-!!“
ايس.پي ٻانهون ٻڌي کين ويهاريو... ۽ سندن مُرشد
ڀورل شاه کي اندر گهرائي ورتو... ٻاهر ويٺل ماڻهن
۾ بيچيني وڌڻ لڳي... ٽولن جي شڪل ۾ پنهنجي
برادريءَ سان گڏ اُٿي بِيهي رهيا... جن وٽ هٿيار
هُئا سي لوڊ ڪرڻ لڳا...،
حيرانيءَ ۾ آسيا جون بنا ارادي
وري اکيون ڦوٽو جي طرف رکي رکي کڄي ٿي ويون...
سوچڻ لڳي ته ڪلاڪ کن جي مهمان آهيان... ڪهڙو اڃان
تائين مشتاق کي ياد هوندس... دلي طرح وڻندو ته هو
پر... نه نه، هي اسانجا دشمن آهن... هي ڇا پئي
سوچان... وري سندس جي نِڙي خشڪ ٿي وڃي ٿي. ٻه گلاس
پاڻيءَ جا ساندهه... پي ٿي وڃي... خوف ۽ هراس ۾
کيس هڏڪيون اچڻ شروع ٿي وڃن ٿيون... پنهنجي پاڻ کي
سنڀاليندي وري ڦوٽن کي غور سان ڏسڻ لڳي ٿي... هڪ
ڦوٽو جنهن ۾ چيتو هرڻيءَ جي پويان ڊوڙي رهيو آهي ۽
کيس پهچڻ وارو آهي ته هرڻيءَ کي
ٽپو ڏيندي ڏسي ٿي... کيس ائين لڳي ٿو ڄڻ هيءَ هرڻي
هجي... کيس خيال آيو ته هرڻيءَ جيان هتان... ڀڄي
ڇونه وڃان ائين ڪرڻ سان متان بچي به وڃان-!!. ڊوڙي
وڃي دروازي کي سٽ ڏنائين پر
اِهو
ٻاهر کان بند هو... ٻاهران کيس گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو.
جھڙوڪر پيرن جا آواز هن پاڻ ڏانهن ايندي محسوس
ڪيا- کيس ائين لڳو ڄڻ ڄاڻ کيس وٺڻ آيا...وري
ڪنايائين ته آواز بند ٿي ويا... سندس نظرون وري
مشتاق جي ڦوٽو طرف کُپي ٿيون وڃن ۽ کيس ياد اچي ٿو
ته هڪ دفعي فون تي کيس چيو هئائين ته:
”مونکي
معجزن تي اعتبار آهي- کيس سندس مُرشد ٻُڌايو هو ته
مان کيس ضرور ملندس... پر ٿيندو معجزو... اڪثر
سهيليءَ جي فون تي چوندو هو ته هڪ ڏينهن تون پاڻ
مونکي فون ڪري چوندينءَ ته اچ مونکي وٺي وڃ... نه
ته مان پاڻ توڏانهن اچان ٿي...“
اوچتو سندس دروازو کُليو... رئيس جي وڏي گهرواري
نوڪرياڻي سان گڏ سندس لاءِ ماني کڻي آئي هئي...
جيئن هُن سندس مٿي تي هٿ رکي دلجاءِ ڏني تون ڪوبه
فڪر نه ڪر مون رئيس کي چيو آهي. توکي ڪوبه نقصان
پهچائڻ ڪونه ڏيندو. اُن وقت سندس دل چيو ته کيس
ڀاڪر پائي زور زور سان روئي پر الاءِ ڪِيئن پاڻ کي
روڪي وئي هئي. ٿوري دير ته کيس تسلي ٿي، پر ويندي
ويندي جڏهن رئيس جي وڏي گهر واري ٻاهران دروازي کي
قلف لڳايو ته کيس اها پڪ ٿي وئي ته مونکي واپس
ڪندا- اِن لاءِ بهتر آهي ته اڳواٽ خود کي پورو
ڪريان- ڇت ڏانهن ڏٺائين ته پنکو سندس پُهچ کان
ڪافي مٿي هو... وري دل ۾ خيال آيس ته جيڪر ڪا
زهريلي دوا يا نشي جون گوريون هُجن ته کائي
ڇڏيان... ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڳولڻ لڳي.. ڪنڊ ۾
رکيل ڪٻٽ جي هينڊل ۾ هٿ وڌائين ته کليل هو... هر
طرف فائيل پيل هُئا. جاچيندي هڪڙو فائيل سندس کان
هيٺ ڪري پيو... پنا ٺاهي رکيائين پئي ته هڪڙو
ننڍڙو خاڪي لفافو هيٺ ڪري پيو- جانچي ڏٺائين ته
سندس جون ميٽرڪ واريون تصويرون هيون- الاءِ ڪڏهن
مشتاق ڪڍيون هيون... دل ۾ سوچڻ لڳي ته معنى مشتاق
مونسان سچو پيار ڪندو هو- تڏهن ته تصويرون سنڀالي
رکَيون اٿس. کيس وري آواز اچڻ لڳن ٿا- ڪٻٽ بند ڪري
اچي دري وٽ بيهي ٿي...
...مُرشد جي اچڻ کانپوءِ- ايس.پي صاحب کيس سڄي
ڳالهه ڪري ٻڌائي... ۽ کيس عرض ڪيائين ته ”توهان
رئيس علڻ خان کي چئو ته ڇوڪري سانوڻ خان کي واپس
ڪري... سندس نياڻي آهي قانوني طرح هو پاڻ وٽ رکي
نٿو سگهي.“ اڃان هي ڳالهه ٿي رهي هئي ته علڻ خان
کي ڪمدار فون ڪري ٻڌايو ته ”سائين سانوڻ خان جا
ماڻهو سڄي ڳوٺ کي گهيرو ڪري ويا آهن.“ علڻ خان
ايس.پي کي ڪاوڙ ۾ چيو ته ”تنهنجي
پوليس ڪٿي آهي؟!.
معنى تون سانوڻ خان جي ونگار پيو وهين- ٺيڪ آهي
مان ڇوڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪندس توهانکي ڪونه ڏيندس“...
۽ علڻ خان
D.G
رينجرز کي فون ڪرڻ لڳو ته منهنجي ڳوٺ کي سانوڻ خان
جي ڏوهاري ماڻهن گهيرو ڪيو آهي. رينجرز جي ڳالهه
ٻُڌي سانوڻ جون مُڇون هيٺ مٿي ٿيڻ لڳيون. ايس.پي
سانوڻ کي ڪن ۾ الاءِ ڇا چيو جو هُن اچي پنهنجا هٿ
مرشد جي پيرن تي رکيا ته علڻ خان کي چئو ته رينجرس
نه گُهرائي توهان منهنجو فيصلو ڪريو- سانوڻ خان کي
خبر هئي ته جي رينجرز آئي ته پاڻ سوڌو هن جا
ماڻهوڏوهاري هئا- اڳ ۾ ئي گهربل هئا- سڀ مارجي وڃن
ها ان لاءِ ٻي ڪاواهه نه ڏسي فيصلي لاءِ راضي ٿيو
۽ فون ڪري پنهنجن ماڻهن کي واپس وڃڻ لاءِ چيائين.
سائين ڀورل شاهه بادشاهه چوڻ لڳو- ”بابا مون
توهانجون سڀ ڳالهيون ٻُڌيون- رئيس علڻ خان مُڙسيءَ
جو ڪم ڪيو آهي هڪ نياڻي کي حفاظت سان گهر وٺي آيو-
اهو اُن جو ڏوهه نه پر سانوڻ خان هُن جو توتي ٿورو
آهي. جي اِها نياڻي ڪنهن ٻِئي جي ورچڙهي ها ته
الاءِ ڇا ٿئي ها... جڏهن صبح جو کيس خبر پئي هُن
نياڻيءَ کي توهان وٽ ڇڏي اچڻ لاءِ چيو پر تنهجي
ڇوڪري راضي نه هئي کيس خوف هو ته تون کيس نقصان
پهچائيندين... وري هن ايس.پي کي اطلاع ڪيو- ۽ سڀني
ڀر پاسي وارن چڱن کي گڏ ڪيو ۽ مونکي به منٿ ڪري
گهرايائين- جڏهن ته منهنجي طبيعت به صحيح نه هئي
مون اچڻ نٿي گهريو، پر سندس ضد جي ڪري اچي حاضر
ٿيس... ڏٺو وڃي ته تنهنجي نياڻي جي به ڪا ايڏي وڏي
غلطي ڪونهي جنهن کي ڪا وڏي سزا ڏجي ائين کڻي چَئجي
ته اِهي اسانجن وڏن ۽ اسان
جون
خود اڳ ۾ غلطيون ٿيل آهن جنهن جو اسانکي حساب ڏيڻو
آهي. علڻ خان کانسواءِ توهان جيڪي چَڱان مڙس هتي
ويٺا آهيو. سڀني جي ڪرتوتن جي مونکي خبر آهي.
توهان ڪيئن پرائيون نياڻيون ڀڄائي شاديون ڪيون،
اهو توهان کي وسري ويو-!!“
”پر مرشد سائين، منهنجي ايڏي رسوائي ۽ بدنامي ٿي
آهي جو مان ڪنڌ کڻڻ جھڙو ناهيان رهيو اخبار ۾ آيو
آهي ته- رئيس جو وڏو پٽ کيس اغوا ڪري ويو آهي. هاڻ
هيءَ نياڻي مونکان ڪير وٺندو؟!“
رئيس جو وڏو پٽ اُٿي بيٺو چوڻ لڳو:
”سائين
بدنامي جي منهنجي ڪري ٿي آهي ته جي سانوڻ خان راضي
هجي ته مان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
سڀئي چڱا مُڙس اُٿي کيس ڀاڪر پائڻ لڳا- ۽ چوڻ لڳا
واهه جھڙو پيءُ تهڙا پٽ!! مرشد مشتاق کي سڏي سندس
ڀر ۾ ويهاريو ۽ پٺي ٺپڻ لڳس- ۽ کيس ڪن ۾ چيائينس
ته ”اڄ شايد معجزو ٿيڻ وارو آهي.؟!“
...سانوڻ
خان جو ڪنڌ جُهڪي ويو، ڪري ته ڇا ڪري، جئين ٿي ڦَٿڪيو
تئين ٿي ڦاٿو ڪُڇي جھڙي ڀت!!
ڪجھ دير لاءِ ته سندس جون متيون مُنجھي ويون،
سوچائين ته ڪا اهڙي چال هلان جو في الحال کين ٿيڙ
ڏئي نڪري وڃان.
مُرشد کيس خاموش ڏسي پُڇڻ لڳو، ”پوءِ بابا ڇا ٿو
چئين، ان کان وڌيڪ توکي ڦاهو کپي ڇا؟.!!
”سائين ان لاءِ منهنجو هڪڙو شرط آهي-“
”وريام منهنجي دنگ واري 50 ايڪڙ ٻني بيٺل ڪمند
سميت منهنجي نالي ڪندو ۽ بدلي ۾ مان سندس 10 ايڪڙ
انبن جي باغ تان هٿ کڻندس. ۽ هن جيڪي مونتي ڪيس
ڪيا آهن، سي واپس وٺندو.“ رئيس علڻ خان چيو:
”مونکي منظور آهي“- منهنجو صرف هڪڙو شرط آهي ته!
ڇوڪري واپس نه ڪندس سڀئي رسمون اتي منهنجي گهر
ٿينديون، شادي 15 ڏينهن کانپوءِ ٿا رکون، سڀني چيو
شڪر الحمدالله-!! مُرشد ٻنهي کي ڀاڪر پارائيا - ۽
مرشد سائين خير جي دُعا گهرڻ لڳو...
... آسيه ڪنائڻ لڳي، پر ڪافي دير کان کيس ڪوبه
آواز ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو، ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن
تکي تکي هلڻ لڳي، کيس ياد آيو ته جڏهن سندس ماءُ
ڪنهن پريشاني ۾ هوندي هئي ته درود پاڪ گهڻو پڙهندي
هئي... اکيون بند ڪري پڙهڻ لڳي... سندس ساهه وچڙڻ
لڳو.... هٿ پير ٺري ويس... وري پاڻي پيتائين...
پيٽ ۾ اچي وٽ پيس... ماني ته دير کان پئي هئي، پر
دل ئي نه پئي چويس، وري دري وٽ اچي بيٺي ڪنائڻ لڳي
پر صفا خاموشي هئي... هيءَ نڪو ويهي پئي سگهي، نڪو
بيهي پئي سگهي، ٽيڪ ڏئي ڪنڊ ۾ پنهنجو پاڻ ڇڏي
ڏنائين.
دُعا پوري ٿي ته هر پاسي کان خوشيءَ جي فائرنگ ٿيڻ
لڳي... وڏيري وڏي گهرواريءَ کي فون تي مُبارڪون
ڏنيون، هن خوشيءَ مان ڊوڙندي وڃي آسيه جو در
کوليو، ڇا ڏسي ته هو ڪُنڊ ۾ بيهوش پئي آهي... کيس
ڀاڪر ۾ ڀري سڌو ڪيائين ۽ منهن تي پاڻي جا ڇنڊا هڻڻ
لڳي... آسيه اکيون کوليون ته حيران ٿي وئي... ڇا
ڏسي ته وڏيري جي وڏي گهر واري کيس هٿن ۽ پيشانيءَ
تي چميون ڏئي رهي آهي - ۽ چئي رهي آهي
”امان
توکي مبارڪون هُجن“
هِن کي سمجھ ۾ نه پيو اچي ته ڪهڙيون مُبارڪون ...
ايتري ۾ مُشتاق جو آواز ڪنين پيس جيڪو سندس ماءُ
کي چئي رهيو هو ته – ”امان مان توکي ڪون چوندو
هُئس ته هڪ ڏينهن معجزو ٿيندو منهنجو مرشد سچو
آهي. منهنجو پيار مونکي گهر ويٺي ملندو امان اڄ
اسانجو ٺاهه ٿي ويو آهي وڌيڪ بابا توکي ٻُڌايو
هوندو...!!.“ |