سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2022ع

باب:

صفحو:19 

تاج محمد ’تاج‘ هاليپوٽو

شادي پلي

 

 

 

سيف الله ’خالد‘ يوسفاڻي

         (حلقهء معمور جي ادبي گلدستي جو هڪ سهڻو گُل)

سنڌ جي صوفي بزرگ شاعرن جي تعليمات جو ئي اهو اثر آهي جو اڄ هن پُر آشوب دور ۾ به سنڌ جي شعراءِ ڪرام جو هڪ ڪثير طبقو پنهنجي شعر وسخن ۾ چڱائي جو پيغام ڏيندي نظر اچي ٿو، حمد، نعت، هدايت، نصيحت، محبت ۽ انسانيت جي بي لوث خدمت سندن شاعريءَ جا اهم موضوع رهندا آيا آهن. ناري پَٽَ ۾ به ڪافي باڪمال شاعر ٿي گذريا آهن جَن جي شاعري ساههَ ۾ سانڍڻ جهڙي آهي ماضي قريب ۾ محمد عمر معمور يوسفاڻي صاحب به نالي وارو شاعر، اديب ۽ تاريخدان ٿي گذريو آهي. پاڻ لطيفيات ۽ لوڪ ادب جو يارکو لوڪ داستانن جو ڄاڻو ۽ هَڪ بهترين سگهڙ پڻ هو جنهن پنهنجي استادانه صلاحيتين ۽ فراخدليءَ سان ڪافي نومشق اُڀرندڙ شاعرن ۽ اديبن جي اصلاح ۽ تربيت ڪري کين ادبي دنيا ۾ روشناس ڪرايو معمور صاحب پنهنجي اولاد جي به بهترين تربيت ڪئي ۽ کين اعليٰ تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ ۾ ڪابه ڪثر ڪونه ڇڏي، معمور صاحب جو ٻيو نمبر فرزند اسد جمال صاحب ڊاڪٽري شعبي سان وابسته آهي سندن ٻيا فرزند درس و تدريس جي شعبي سان وابسته رهيا آهن. تازو وڇڙي ويل معمور صاحب جي ٽيون نمبر فرزند سيف الله ”خالد“ ڊرائنگ ٽيچر طور احسن طريقي سان پنهنجون تعليمي ذميواريون سرانجام ڏنيون. خالد يوسفاڻي صاحب 4 جون 1961ع تي معمور يوسفاڻي صاحب جي گهر جنم ورتو. پرائمري تعليم کان پوءِ ڇهون، ستون ۽ اٺون ڪلاس پاڻ مڊل اسڪول حاجي محمد عالم پليءَ ۾ پڙهيا، جتي کيس مولانا ادريس جوڻيجو ۽ الله بچايو مشتاق آريسر جهڙا عالم ۽ استاد نصيب ٿيا. وڌيڪ تعليم عمرڪوٽ هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج مان حاصل ڪيائون. سندن زندگيءَ جا ڪافي مُثبت رخ آهن جيترو پاڻ هڏڪاٺ ۾ جانٺو جوان ۽ شڪل شبيهه ۾ خوبصورت هو اوتروئي سندس شخصيت به شاندار هئي. والدين جي خدمت ڪندڙ وڏن ڀائرن جو بيحد احترام ڪندڙ پاڻ کان ننڍي عُمر جي ڀائرن توڻي ٻين رشتيدارن تي شفيق ۽ مهربان هئا. تحمل و صبر سان زندگي بسر ڪرڻ وارو گُڻ کين وڏن کان ورثي ۾ مليو هو. گهٽ گفتگو ڪندڙ گهرو فڪر ۽ دور رس نگاهه رکندڙ خوبين جو مالڪ هو. هو راڄ برادريءَ ۽ سنگت ساٿ ۾ مهل موقعي تي به اڪثر خالد صاحب ئي ويندو هو، سندس ٻيا ڀائر پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم سڀئي ڪندا هئا. سيف الله صاحب انهن معاملن ۾ وڌيڪ سرگرم هو ۽ هن ڪم ۾ کيس وڏي ڀاءُ حاجي حزب الله جي سرپرستي حاصل هئي، شخصيت جي پرک جو هڪ معيار گڏ سفر ڪرڻ به آهي. مون ته ساڻن هڪ ڊگهو سفر ڪيو ۽ هُو بهترين هم سفر ثابت ٿيا هئا سندن دوستيءَ جو حلقو نهايت وسيع هو. ڪافي نالي وارا ماڻهو خالد صاحب جي دوستيءَ جي حلقي ۾ شامل هئا جيڪي سندس گهڻي عزت ڪندا هئا سنڌي ٻوليءَ سان پيار سنڌ جي ثقافت و تهذيب جو پرچار به سندس زندگيءَ جو شيوو هو. سنڌ جون رانديون ملهه ملاکڙا ۽ مچ ڪچهريون نه صرف سندس دلچسپين جو حصو هئا مگر ڪن راندين جي ڄاڻ ۾ گهڻن کان سوايا ۽ سرس هئا. پاڻ بهترين ڪمپيئر طور به سڃاتا ويندا هئا، ڪيترن اسٽيج پروگرامن جي ڪامياب نموني ڪارروائي هلائي داد حاصل ڪيائون، لفظن جي جادوگري الڳ فن آهي ڪنهن به موضوع تي في البديهه ڳالهائڻ وڏي ڪمال جي ڳالهه آهي. ڪن ڪن ماڻهن جي سيني ۾ ڄاڻ جو درياء موجزن هوندو آهي. ملهه سنڌ جي سدا خوبصورت راند آهي سنڌ جي ڪُنڊَ ڪڙڇ ۾ کيڏي ويندڙ هيءَ راند هنڌين ماڳين مشهور آهي، ملاکڙو متل هجڻ، ٻانهين کان ٻاهر ڪرڻ، سندرو ٻڌڻ، ٻک ۾ نه اچڻ ۽ ملاکڙو ماري وڃڻ هن راند جي اصطلاح جي جملن مان چند مثال آهن. ملهه هڪ جسماني پهلوانيءَ جي راند ضرور آهي پر جسماني سگهه سان گڏ ملهه جي انگن جي ڄاڻ تمام ضروري آهي. ملهه راند ۾ ڪي ملهه هن راند جي اصولن جي خلاف ورزي ڪري ڪُپت به ڪندا آهن راند جا ماهر جيڪي امين به هجن ٿا پوءِ فيصلو ڪندا آهن اهڙي ڪُپت تان بعضي جهيڙا ٿيندي به نظر آيا آهن. صوفي فقير ۾ سالياني ميلي جي موقعي تي ملاکڙو به منعقد ٿيندو آهي سيف الله خالد صاحب سندس دوست صوفي فقير جي معزز شخصيت صوفي محمد رفيق صاحب جي اصرار تي سالن جا سال صوفي فقير ۾ ٿيندڙ ميلي جي ملاکڙي جي ڪمپيئرنگ ڪئي ۽ انهي ڪارروائي کي ڪاميابيءَ سان هلايو. ملهه راند جي هر پهلو کان کين واقفيت هئي جنهن جو برملا اظهار ڪمپيئرنگ دوران ڪندا هئا جنهن جو اعتراف ميلي ۾ شريڪ ٿيندڙ ملهن کي محبت سان ڪرڻو پوندو هو ۽ کيس داد ڏيندا هئا اگر سيف الله خالد جي جاءِ تي ڪنهن ٻي ڪمپيئر جي تجويز زير- غور ايندي هئي ته ملهه پهلوان مشترڪ طور اهڙي تجويز کي رد ڪري ڇڏيندا هئا. 2010ع ۾ جڏهن غلام اڪبر لغاري صاحب ڊي.سي.او عمرڪوٽ هو. تنهن عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ عمرڪوٽ سيمينار ڪرايو. جنهن ۾ هڪ رات لوڪ فنڪارن ۽ سگهڙن جو پروگرام هو. هن پروگرام جا انچارج ڊاڪٽر اسد جمال پلي ۽ حاجي انور علي راڄڙ هئا. ڊاڪٽر اسد جمال جي مشوري سان ئي انهي رات انهي لوڪ رس نشست جي ڪارروائي مون هلائي هئي منهنجو معاون ۽ سهڪاري ڪمپيئر سيف الله خالد صاحب هو. ڪافي اسٽيج پروگرامن جي ڪارروائي سيف الله هلائي ۽ ڪاميابيءَ سان هلائي داد وصول ڪيو. چند سال پهرين شادي پلي هاءِ اسڪول جي استادن ۽ شهرين طرفان شادي پليءَ ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ هڪ پروگرام ڪيو ويو جنهن ۾ اڳوڻو وفاقي وزير ۽ نامور شخصيت پير آفتاب حسين شاهه جيلاني تڏهوڪي ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن شفيق احمد مهيسر صاحب، حيدرآباد کان آيل اديبن ۽ شاعرن جي وفد ۽ تر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي. پروگرام جي ڪارروائي سيف الله خالد هلائي هئي هر شخصيت جي سڃاڻپ ۽ سندس تعارف ڀرپور نموني پيش ڪيائين، جنهن کان متاثر ٿيندي پير آفتاب حسين شاهه جيلاني جن کي به ڪجهه ڪلمات چوڻا پيا. اهو خالد صاحب جي ڄاڻ جو کُلي دل سان اعتراف هو. سيف الله ”خالد“ جي شاعري، نثر نويسي ۽ علم و ادب سان سندس چاهه بابت تفصيلي طرح ڪنهن الڳ مقالي ۾ لکي سگهجي ٿو. هن مختصر مضمون ۾ به سندس ڪجهه ادبي سرگرمين جي پچار ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو، سيف الله ’خالد‘ جو سڄو خاندان ئي، علم و ادب سان وابسته هو. سنڌ جي نامور عالمن، اديبن، ۽ شاعرن هن خاندان ۾ جنم ورتو، جنهن جو تفصيلي تذڪرو لکتن ۾ موجود آهي. سيف الله صاحب انهيءَ علمي ادبي ماحول ۾ اک کولي سندن گهر جو وڏو ئي سندس ادبي استاد هو. سيف الله ”خالد“ صاحب طِرز غزل گو شاعر طور ۽ في البديهه طرحي شاعر طور ته ادبي حلقن ۾ سڃاتو ويندو هو، مگر پاڻ شاعريءَ جي ٻين صنفن تي به ڪامياب طبع آزمائي ڪيائين. سندس شاعريءَ جي ڇڏيل ذخيري ۾ اردو شاعري به شامل آهي، جيڪا بهترين شاعري چئي سگهجي ٿي، پاڻ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي ڪلام جو به پارکو هو. سنڌ جي لوڪ ادب سان کيس بيحد پيار هو. لوڪ ادب جي ڪن صنفن تي طبع آزمائي به ڪئي اٿس رسالو ڳجهارت تي به سندس طبع آزمائي ٿيل نظر اچي ٿي. لوڪ ادب جي ڏهسنامي کانسواءِ هڪ دفعي موبائيل فون تي ٿيل مون سان گفتگو ۾ اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو هئائين ۽ مون سان مشاورت ڪئي هئائين ته ڳجهارت جي مختلف پاين تي لفظ گڏ ڪري مضمون ڇپائجن. هڪ ملاقات ۾ ڪچهري دؤران سندس وڏي ڀاءُ حاجي حزب الله ”ڪمال“
صاحب جنهن کي معمور صاحب جي وفات کان پوءِ خانداني سرپرست جي پڳ به ٻڌرائي وئي هئي“ مونکي ٻڌايو ته اسان ڀائرن ۾ نه صرف شاعر بهترين پر نثر نويس به سيف الله تمام سٺو آهي. سندس توجهه شاعريءَ طرف گهڻو رهيو. انهي مان بخوبي اهو معلوم ٿيئي ٿو ته خالد صاحب هرفن موليٰ شخصيت جو مالڪ هو، سندس ادبي سرگرمين جو آغاز طالب علميءَ جي زماني کان شروع ٿيئي ٿو جنهن جو ثبوت سندس والد صاحب جي تحرير مان پڻ ملي ٿو. معمور صاحب جي مقالن تي مشتمل هڪ ڪتاب ”ٿرپارڪر جو مطالعو جي عنوان سان تازو سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان شايع ٿيو آهي. انهي ڪتاب جي صفحي نمبر 193- 192 تي معمور صاحب جن لکن ٿا ته 1978ع ۾ ڏيپلي جي محمد عثمان ”اديب“ جو ’سڏونت سارنگا‘ شايع ٿيو ۽ ان ئي سال عمرڪوٽ جي شاگردن سيف الله ”خالد“ ۽ رميش ڪمار ناشاد عمرڪوٽ ۾ ٻارڙا پبليڪيشن قائم ڪئي جنهن هن وقت تائين چار سٺا ڪتاب ”گلڙن رنگ لاتو“، ”وليون وڻ ڦلاريا“، ”جي تو بيت ڀانئيا“ ۽ ”جيڪي آهي اڄ“ شايع ڪيا آهن. ننڍي کنڊ جي مشهور عالم ۽ اِنشاپرداز اديب حضرت مولانا ابوالڪلام ”آزاد“ جي اردو ڪتاب جو سنڌي زبان ۾ سيف الله ”خالد“ ترجمو به ڪيو آهي. جيڪو ڪتاب ”انسانيت موت جي دروازي تي ”جي نالي سان شايع ٿي چُڪو آهي. اهو ترجمو به پاڻ صوفي محمد رفيق صاحب جي بيحد اصرار تي تي ڪيائين. سيف الله ”خالد“ سٺو تجزيه نگار به هو. عمرڪوٽ ضلع سان تعلق رکندڙ ڀلوڙ شاعر قاضي عبدالرحمان هاليپوٽو مرحوم جي شاعريءَ جي پهرئين ڪتاب ”ديوان قاضي“ تي خالد صاحب ڀرپور علمي تجزيو ڪيو آهي، جيڪو مذڪوره ڪتاب ۾ پڙهي سگهجي ٿو. سنڌ جي تمام وڏي شاعر غالب سنڌ فيض بخشاپوري جي شعري مجموعي ڪُليات فيض تي پاڻ جيڪو تجزيو ڪيو اٿن اهو تجزيو سندس ماهر تجزيه نگار هجڻ تي دلالت ڪري ٿو ۽ علمي ادبي حلقن ۾ خالد يوسفاڻي صاحب جي انهي تحرير کي پسند ڪيو ويو آهي، پاڻ سندس والد تي ترتيب ڏنل ڪتاب ’جيڏو سجَ سُهاءُ‘ ۾ پڻ معمور صاحب تي عاليشان تاثر لکيو اٿن. اهڙي طرح پاڻ ٻين ڪتابن ۽ شخصيتن تي به ڪافي پنهنجا تاثرات لکيا اٿن، جيڪي پڙهي سندس ڄاڻ ۽ قابليت کي داد ڏئي سگهجي ٿو. ٻي جي بهتر علمي راءِ کي جلد قبول ڪندو هو ڌيمي ڌيمي انداز ۾ معنيٰ خيز ۽ پُر اثر گفتگو ڪندو هو هٺ ڌرمي ۽ انا پرستيءَ کان ڪوهين ڏور هو. اڄڪلهه ڪٿي ڪٿي خود ثنائي جو آزار به وڌي ويو آهي، پر اسان جو هي ماٺيڻو دوست سادگي، نهٺائي ۽ صُلح پسندي جو مجسمو هو ڪنهن داناء جي قول جو مفهوم آهي ته ڪي ماڻهو گهڻو ڪجهه هجڻ جي باوجود ڪجهه به نه نظر اچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. خالد صاحب ۾ گهڻيون خوبيون هيون، پر انهن جو هن پنهنجي زبان سان اظهار نه ڪيو اها خوبي ڪنهن جي معتبر هجڻ جو دليل آهي.

وڏا نه ڪري وڏائي، وڏا نه ٻولي ٻول،

هيرا ڪب نه ڪهي، مُک سين لاک همارا مول.

سيف الله ”خالد“ جي شاعري تجنيس حرفي ۽ ٻين شاعرانه خوبين سان ته لبريز آهي مگر شعر ۾ سندس تخيل جي پرواز نهايت بلند آهي سندس شاعري وڻندڙ ۽ دل جي تارن کي ڇيڙيندڙ آهي سندس ڪي غزل زخم خورده بيتاب دل جي درمندانه دانهن مثل آهن. جيڪي مصنوعي لفاظي کان آجا شاعر جي اندر جو آواز آهن. بحروزن جي باريڪين جي ڄاڻ رکندڙ اسان جو هيءُ شاعر، دوست علائقي جي همعصر شعراء ۾ پنهنجي شاعريءَ ۾ الڳ مقام رکي ٿو. مشاعرن جي محفلن ۾ استاد شاعرن کان کيس داد ملي چُڪو هو.  خصوصاً جن استاد شاعرن کيس داد ڏنو انهن ۾ جناب ولي سروري، فيض بخشاپوري، اسحاق اثر، پير عطا سرهندي، مخدوم جميل الزمان، پير مجدد سرهندي شامل آهن. سندس همعصرن ۾ زاهد ڪنڀار، مخلص چانڊيو، فدا چانڊيو، رسول بخش تميمي، وسيم سومرو ۽ سندس مداح رهيا آهن. ڏک سک زندگيءَ جو حصو آهن دنيا دم گذر جو ماڳ آهي. هن دورنگي دنيا ۾ مڪرو فريب جا ڄار وڇايل آهن زندگيءَ کي صبر و شڪر سان گُذارڻ وهيو واپريو سو وساري ڇڏڻ به ڪن مرد مجاهدن ۽ اعليٰ ظرف وارن جو شيوو آهي. خالد جون هيءُ سٽون انهيءَ بيان ڪيل پس منظر جون ترجمان آهن.

زندگي بسر ٿيندي رهي، جيئن به گذري گذر ٿيندي رهي.

هيءَ حياتي مختصر آهي موت جو مقرر وقت آهي اجل اڳ پوءِ نه ٿيئي رَتي نه کٽي رزق منجهان، محبوب جي آمد ۽ سندس ديدار فرحت آثار عاشق بيقرار جو سرمايو آهن ديدار جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ نينهن جو نهوڙيل نيم بسمل پکيءَ وانگر تڙپندو آهي ۽ اها تمنا به ڪڏهن ڪندو آهي ته ايتري زندگي هِجي جڏهن پِرين اڱڻ تي پير پائي ته کيس آرزو مند اکيون ڏسي سگهن پوءِ ڀلي پساه پورا ٿين، پر سندس پنهنجي وس ۾ ڪجهه به ڪونهي خالد يوسفاڻي جون هي سٽون اهڙي ڪيفيت جو اظهار آهن.

يا رب ڪي ٻه- ٽي چار گهڙيون ٻيون به جيئڻ ڏي،

ڪجهه تيل بچيل آهي ڏياٽين ۾ ٻرڻ ڏي.

مون هُنَ کي ڏسڻ جو آ قسم کاڌو اي موليٰ،

هِن موتَ کي سمجهاءِ صنم کي ته اچڻ ڏي.

عاشق کي محبوبَ جي هر ادا پياري هوندي آهي، دلربائي ۽ انگڙائي، دلڪشي ۽ دلفريبي، رسڻ ۽ پرچڻ، ناز ۽ انداز دراز زلف ۽ لبن جي لالي اهي هن مگن ڪندڙ حسناڪيءَ جا روپ آهن. مرگهه نيڻن جي نشن ۾ مخمور ٿيڻ ۽ مڌ ڀريل عجيب جي اکين جي پيالن مان سُرڪيون چکڻ جي ڳالهه خالد واه جا ڪئي آهي.

دلبر جي ديد جا جي، پيالا چکين ڏسين،

جيڪر پڇين به ڪينڪي ساقي شراب کي،

رَخ تان هٽاءِ ٿورڙو دلبر نقاب کي

پنهنجن کان پردو ڪهڙو ڇڏي ڏي حجاب کي

شڪوه شڪايتون ۽ محبت جون ميارون ۽ ڏکن جا ڏورايا به شاعريءَ جي خوبصورتيءَ جو حصو آهن سائين عباس علي شاهه چيو ته:

دل واري دلبر کي ڏوراپا به ڏبا،

هوندا حرفَ حسابَ جا ته محب مڃيا.

ڪي عاشق ديواني دل کي تسلي ڏيندي محبوب کي محبت جون ميارون به ڏيندا آهن مگر سندن دِلِ ۾ دلربا لاءِ محبت جا درياء موجزن هوندا آهن اهڙن پريت جي پيچن ۽ دلبريءَ جي اندازن کي پنهنجي اَسلوب ۾ بيان ڪيو آهي.

جتان واپس وري آيس، وري ويندس ته ڇا ٿيندو،

اجايو ڪنهن جي يادن ۾ ڳري ويندس ته ڇا ٿيندو،

جَنينن کي منهنجي چاهت جو ذرو احساس ئي ڪونهي،

اُنهن ماڻهن جي لئه روئندي مري ويندس ته ڇا ٿيندو.

خالد يوسفاڻي صاحب جي شاعريءَ جا گونا گون پهلو آهن. فني ۽ فڪري لحاظ سان سندس شاعري گهڻين خوبين جي حامل آهي. مٿي اهو احوال اچي چڪو آهي ته پاڻ لوڪ صنفن تي به طبع آزمائي ڪئي اٿس جنهن کي ڪامياب ڪوشش قرار ڏئي سگهجي ٿو. لوڪ ادب ۾ سينگار شاعري هڪ اهم صنف آهي فني ڪاريگري، ٻولين جي ڄاڻ توڻي شاعرانه ذهن جي اعليٰ صلاحيت رکندڙ سگهڙ شاعر کان علاوه سڀڪو شاعر هن صنف طرف پير پائي ڪونه سگهندو. سينگار شاعري اڪثر اسان کي بيت جي صورت ۾ ملي ٿي. پر شاعريءَ جي ٻين صنفن ۾ به داناءُ شاعرن سينگار جي موضوع تي طبع آزمائي ڪئي آهي. خالد يوسفاڻي صاحب سينگار جي موضوع تي هڪ نظم لکيو، جنهن جا ڪي بند هڪ شاهڪار نظم جي حيثيت رکن ٿا، جنهن ۾ حُسن و سينگار جي دلڪش نظارن جو جڙاءُ مَنَ کي موهيندڙ آهي انهي نظم مان چند سٽون پيش ڪجن ٿيون.

ڪُلهن سر وارَ واسينگن جيان دلبر وِهاريا تو،

وکيري ڪيس ڪارا بادلن وانگر بيهاريا تو،

ڌوئي ڌُوپي ڌمالي ڏاه لئه ڏِنگا ڏيکاريا تو،

ورائي سينڌ وِچَ مان واهه جا سهڻا سنواريا تو،

نماڻا ناز پرور ناز نخرن سان نِکاريا تو

اُتر جي پار کان ڪارا ڪڪر ڄڻ ڪي اُٿياريا تو،

ڏئي جهٽڪا ڏِنگا ڏوڙا وري پُٺِ تي جو واريا تو،

ڪلا ڌاري ڪُلهن ڇوڙي، ڪئين مهجور ماريا تو،

قيامت خيز ڪارا، ڪاڪلِ خمدار ڇا چئجن،

سڄڻ جي سونهن ۽ سهڻل سندا سينگار ڇا چئجن.

سندس هيءَ خوبصورت سينگار شاعري جو بيت جڏهن کاهيءَ جو نياز مري ڪچهري ۾ ياد پڙهي ٿو ته ويٺلن جي واتن مان واه واه جا گل ڇڻندا رهن ٿا.

سيف الله کي علم موسيقي تي به وڏي مهارت هئي. سٺو ڳائي سگهندو هو، عهدِ جواني ۾ سندس سوٽَ حمزو شائق جي باري ۾ مولود به پڙهندو هو. راڳداري جي سڀني رمزن کان آگاهه هو. سندس ڪجهه اهڙا ڪجهه پروگرام محترم فيض کوسو صاحب KTN لاءِ رڪارڊ پڻ ڪيا ۽ نشر ٿيا، سٺي اَهَلَ (Mimcry) به ڪري سگهندو هو، ۽ هارمونيم به وڄائيندو هو.

خالد يوسفاڻيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات 15 جنوري 1981ع ۾ جُهڏي شهر ۾ هڪ مشاعري جي محفل ۾ ٿي هئي تنهن کان پوءِ ساڻس ملاقات جو سلسلو جاري رهيو. ساڻس غالباً آخري ملاقات 13 فيبروري 2020ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ۾ سگهڙن جي هڪ پروگرام ۾ ٿي هئي. لڳ ڀڳ چاليهه ساله رفاقتن جو اهو سلسلو زندگيءَ جي هڪ خوبصورت باب طور تاحيات ياد رهندو. سنڌ ڌرتيءَ جو هي بهترين شاعر، اديب ۽ هڪ سلڇڻو انسان اسان کان 10 نومبر 2021ع تي وڇڙي ويو ڌڻيءَ دَر دعا آهي تو خداوند ڪريم سندس مغضرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس عطا ڪري ”آمين“

سندس ننڍن ڀائرن محمد اقبال، عبدالمالڪ، ڪرم الله، مولوي عبدالحميد، احسان الله ۽ سندس وڏي فرزند عمران خالد مون کي ٻڌايو ته ادا تاج محمد اسان کي ته سيف الله جي حيثيت جو اندازو تڏهن ٿيو جڏهن سندس دوستن جو تمام وڏو تعداد سندس جنازه نماز ۾ شريڪ ٿيو ته اسين حيران ٿي وياسين ته سندس ايڏي وڏي ڄاڻ سڃاڻ هئي. سندس ڪجهه دوست ته ديوانن وانگر روئي رهيا هئا. چاليهي تائين ڪيترائي دفعا گهويون گهمرا ڪري اسان کي حوصلو ڏيندا رهيا. تمام گهڻن دوستن سوشل ميڊيا تي ’سيف‘ تي شاعري به ڪئي ۽ مضمون ۽ تاثر لکيا. سندس ياد ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تعزيتي ادبي ميڙاڪا ڪيا ۽ اڃان به ميڙاڪن جو سلسلو جاري آهي، اسين سندن اِهي ٿورا ڪيئن لاهي سگهنداسين.

گُلُ ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽِين،

سهسين سورٺ جهڙيون اُڀيون اوسارين،

چوٽا چارڻ هٿ ۾ اسير سينگاريو ڏين،

ناريون نا ڪرين، راڄا رات رمگيو.

”شاههؒ “

 

الياس عشقي/صائمه يوسف بلوچ

حيدرآباد

 

 

 

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ عورت جو ڪردار

 

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت ڪردارن کي اهميت ڇو ڏني وئي آهي؟ ان موضوع تي اڳ به گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، جنهن ۾ اڪثريتي هندو ليکڪن، جيڪو ڪجهه لکيو، ان جو ورجاءُ آهي. ان جو مکيه سبب اهو رهيو هوندو ته سماج ۽ شاعريءَ ۾ عورت جو ڪردار پراسرار رهيو آهي يا هوءَ سراپا خير آهي يا مجسمهء شر يا هڪ راز، جيڪي کيس ’مجسمهء شر‘ (برائي جي ديوي) سمجهن ٿا، انهن جو چوڻ آهي ته:

’زن نو کن اي دوست در هر بهار

که تقويم پارينه نايد به کار‘

انهن جي نظر ۾ عورت صرف شر ئي نه بلڪ تفريح ۽ جنسي خواهشن جي پورائي جو ذريعو آهي ۽ جن ماڻهن وٽ هوءَ فرشته صفت انسان آهي، اهي هيٺين راءِ رکن ٿا:

’زنِ نيک و فرمان بر و پارسا

کند رَد درويش را پادشا‘

ترجمو: ’عورتن جي برائي نه ڪريو، عورتون ته مردن جي کاڻ آهن. سڀ مرد، عورتن مان ئي جنم وٺندا آهن. دهرو ۽ پرهلاد جھڙا فرشته صفت انسان به عورتن ئي پيدا ڪيا آهن.‘ اصل ۾ هيءُ عورت بجاءِ انساني فطرت جي تقاضا آهي، جنهن کي مرداڻي سماج ۾ اهڙي طرح ظاهر ڪيو ويو آهي جو انسان ان تضاد ۽ اهڙي تعلق/ويجهڙائپ کي مٽائڻ جي ئي ڪهاڻي آهي. ”خير ۽ شر“، ”ڪاري ۽ اڇي“ جو اهو تضاد انسان جي باطن/اندر ۾ هلندو ٿو رهي/ هلندڙ آهي ۽ ان جي مدد سان ئي معاشري جي شڪل جڙي ٿي. اهو تضاد ئي بهترين/سٺو ادب خلقڻ جو سبب بڻجي ٿو ۽ جديد تشڪيل جو ضامن هجي ٿو.

ادب، سٺا ۽ خراب ڪردار معاشري مان وٺي، انهن کي زندگي ڏئي معاشري کي واپس ٿو ڪري، ان عمل ۾ نيڪ ۽ بد ٻنهي قسمن جا ڪردار هجن ٿا ته جيئن ادب جو پڙهندڙ سچن ۽ ڪوڙن جي پرک ڪري سگهي. اديبن، شاعرن جي فن ۽ فڪر مان سوچ جا وهڪرا ڦٽن ٿا، اهوئي ادب جو ڦهلاءُ آهي. نيڪ ۽ بد جي وچ جنگ/ميلاپ ۽ نتيجي جي صورت ۾ ذهن ۾ چوٿون خيال پڙهندڙ جي ذهن ۾ اڀري ٿو.

دنيا جي هر ادب ۾ عورتن جا ڪردار ملن ٿا، پر عام طور انهن ڪردارن جي حيثيت اشاراتي آهي، جڏهن ته سنڌي شاعريءَ جي روايت جي اعتبار کان شاهه لطيف ۽ رسالي جا ڪردار تمثيلاتي نه، ته نيم تمثيلاتي ضرور آهن. ڏسڻو اهو آهي ته اهي يا ته نيم تمثيلاتي (Allegorical) آهن يا علامتي (Symbolical). ان ڪري ته تمثيلاتي ڪردار اڳ مروج قصن ۾ موجود ديوتائن جي صورت ۾ ادب ۾ گهڻا عام آهن. شاهه جي عورتاڻي ڪردارن ۾ ڪا خاص عورتاڻي صفت يا ڪمزوري اهڙي ريت شامل ٿيل آهي، جو سندس خوبي يا ڪمزوريءَ کي ڌار نٿو ڪري سگهجي. سندس ڪلام ۾ آيل عورت (عورتاڻا) ڪردار ايتريقدر سگهارا آهن، جو انهن جي ڀيٽ ۾ مرد ڪردارن کي نه گهڻي اهميت ڏني وئي آهي ۽ نه ئي مرد ڪردارن بابت ايتري سنجيدگيءَ سان سوچيو يا مطالعو ڪيو ويو آهي. شاهه جي تخليق ڪيل مرد ڪردارن ۾ ڪوبه ڪردار منفي ناهي. هر ڪردار، انساني صفتون رکندڙ آهي، پر شيڪسپيئر جي ڪردارن وانگر انهن ڪردارن جي تصويرڪشي ڪنهن معمولي انساني ڪمزوري سبب ٿي/ٿيل آهي، ڪو معمولي شڪ جو شڪار ٿيو ته ڪنهن محبوب جي اعتماد ۽ اڻڄاڻائي جو اثر دل تي کنيو، ڪو پنهنجي حاڪميت ۽ اقتدار سبب مار کائي ويو ته ڪو ساڳئي اقتدار سبب پنهنجو پاڻ ۾ هڪ مثال بڻجي ويو. ڪو، پنهنجن جي دوکي ۽ دولاب جو شڪار ٿيو ته ڪو خانداني دشمني جي ور چڙهي ويو، ڪو پنهجي لاعلميءَ جو ته ڪو بيرحم وقت جو، ڪنهن ڪردار کي وري بخشش جي جذبي داغدار ڪري ڇڏيو نه ته هر هڪ شخص (ڪردار) پنهنجي عشق ۾ سچو ۽ پرعزم هو. ليڪن عورت ڪردارن جي عظمت اڳيان مرد ڪردار مڪمل طور اڀري نه سگهيا، ائين ناهي ته عورتاڻا ڪردار ڪمزورين کان آجا هئا، ڪمزوريون انهن ۾ به ڏسجن ٿيون، پر انهن ڪمزورين اڳيان هٿيار ڦٽا نه ڪيا ۽ ان ئي سبب جي ڪري سندن موت کين زندهه رکيو آهي. شاهه جي انهن عورت ڪردارن تي نظر وجهڻ ۽ انهن جي تجزئي کانپوءِ ئي هيءَ ڳالهه بامعنيٰ ٿيندي.

(1) سسئي: سنڌ کان پنجاب تائين هن ڪهاڻيءَ کان هر شخص واقف آهي، سسئي، شاهه جي ڪلام جو خاص موضوع آهي. تفصيل ۾ وڃڻ بجاءِ مختصراً اهو ٿا ڏسون ته شاهه هن ڪردار ۾ عورت جي ڪهڙي خوبي يا صفت کي اهميت ڏيندي، هن ڪردار ذريعي اڀاريو ۽ ان ۾ بي مثل معنويت پيدا ڪري ڇڏيائين.

ڪيچ مڪران جي شهزادي پنهون، نرم ۽ نازڪ خوبصورت عورت سسئيءَ سان شادي ڪئي. هڪ رات جڏهن هوءَ اگهور ننڊ ستل هئي ته پنهونءَ جا ڀائر کيس جام (شراب) پيئاري، بيهوشي جي حالت ۾ اُٺ تي ٻڌي کڻي ويا. سسئي صبح جو سجاڳ ٿي ته ننڊ کي پنهنجي غفلت سمجهندي، پنهونءَ جي تلاش ۾ پنڌ ئي پنڌ ڪيچ مڪران جو رخ ڪيائين. جهنگ، برپٽ، ريگستان ۽ جبلن تان لنگهندي، محبوب جي تلاش ۾ مڪران طرف هلندي رهي. رستي ۾ ڌنار جي مٿس بري نظر پوڻ تي حادثي جو شڪار ٿي. هوڏانهن هوش ۾ اچڻ بعد پنهون واپس ٿيو ته سسئي بجاءِ سندس قبر ڏٺائين. سسئيءَ جو ڪردار، سنڌي شاعريءَ ۾ جستجو ۽ تلاش جي علامت بڻيل آهي. رسالي ۾ سسئي، پنجن سرن؛ ديسي، آبري، حسيني، معذوري ۽ ڪوهياري ۾ ڳايل آهي.

ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن، ڏکن آئون ڏڌي جن

پڇان پير پنهونءَ جو، ويهان وک وڌي؛

لکئي آئون لڌي، نات پٽن ڪير پنڌ ڪري.

 (ديسي، داستان- 1، بيت 2)

 (2) مومل: هيءُ ڪردار ڏند ڪٿائي ماحول مان اڀريل ڏسجي ٿو. مومل اڻڄاڻائيءَ ۾ پنهنجي هٿان پيءُ جي وڃايل دولت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاڪ محل جوڙي ٿي، محل جي چؤطرف جادوئي فضا ۽ اکين جو دوکو هجي ٿو، جنهن کي ڪو به دولتمند پار ڪري کيس حاصل ڪري سهگي ٿو. سوين شهزادا آيا ۽ فقير ٿي ويا. مومل ۽ سندس ڀيڻ سومل، خوبصورتيءَ ۾ الڳ واکاڻ رکندڙ هيون. مومل جي سونهن جي هاڪ ٻڌي ڪيترائي طالب کيس حاصل ڪرڻ لاءِ آيا، جن مان راڻو مينڌرو به هڪ هو. راڻو، عقلمند ۽ مومل جو سچو عاشق هو. هن ڪاڪ محل جي طلسم کي پار ڪري مومل کي حاصل ڪيو ۽ ساڻس گڏ آرام سان زندگي گذارڻ لڳو. راڻو، روز رات جو مومل سان ملڻ ايندو هو. مومل جي ڀيڻ سومل انتهائي شوخ هئي. هڪ رات راڻي کي اچڻ ۾ دير ٿي ته سومل، مرد جو ويس پهري (راڻو بڻجي) مومل سان رهاڻ ڪرڻ لڳي، رهاڻ ڪندي کين ننڊ اچي وئي. راڻو جڏهن ڪاڪ محل پهتو ته مومل کي ڪنهن غير مرد سان ڏسي واپس هليو ويو ۽ وٽس ڪڏهن واپس نه آيو. هزار ڪوششن باوجود مومل پنهنجي محبوب (راڻي) سان نه ملي سگهي ۽ فراق ۽ غم ۾ ئي مري وئي. مومل غلط فهميءَ ۽ جدائيءَ جي علامت آهي. هڪ سادي، خوبصورت ۽ جدائي (فراق) جي ماريل عورت جي علامت آهي. هيءُ داستان مقامي راڳ راڻي ۾ ڳايو ويندو آهي. هن جو تت، مقصد جي حاصلات ۾ موت آهي. مومل، پنهنجي پاڻ ۾ هڪ اهڙو واحد ڪردار آهي، جنهن جي غم جھڙي معنويت ۽ گهرائي ٻئي ڪنهن به ڪردار ۾ ڪونهي.

ڪتين ڪر موڙيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي؛

راڻو رات نه آئيو، ويل ٽري ويئي؛

کوءِ سا کاڻي راتڙي! پِريُن ري پيئي؛

مون کي ڏنءُ ڏيئي، وڃي ڍوليو ڍٽ قراريو.

(سر مومل راڻو: داستان 4، بيت 3)

(3) ليلا: ليلا هڪ سادي مزاج جي معصوم عورت ۽ سراپا محبت آهي. هوءَ راجا چنيسر جي راڻي ۽ محبوبا آهي. کيس پنهنجي عشق تي حد کان وڌيڪ يقين آهي، معصوميت، انساني همدردي ۽ زيورن سان بيپناهه دلچسپي/شوق سبب هوءَ بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي هڪ چالاڪ دشمن عورت جي چوڻ تي هڪ غلط قدم کڻي ٿي. ليلا، هڪ نَوَ لکي هار کي حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجي ور راجا چنيسر کي هڪ رات لاءِ ان عورت جي حوالي ڪرڻ تي راضي ٿي وڃي ٿي. ليلا جي اهڙي عمل سان چنيسر کي تمام گهڻو ڏک ٿو پهچي ۽ هُو کيس هميشه لاءِ ڇڏي، نه ختم ٿيندڙ فراق ۾ مبتلا ڪري ٿو ڇڏي ۽ هوءَ انهي ئي غم ۾ مري ٿي وڃي. ليلا، عورت جي فطري ڪمزوري، سادگي ۽ هار سينگار جي شوق ۾ ورتل عورت جي مثل آهي، جنهن ۾ عورتپڻو سنڌي عورت جي سادگي، محبت ۽ سٻاجهائپ جي علامت/سڃاڻپ آهي.

شاهه جي داستانن ۾ هيءُ هڪ اهڙو انفرادي مثال آهي، جنهن جو لوڪ ادب ۾ ڪو جواب ڪونهي. هن کي شيڪسپيئر جي ڊرامي هيملٽ جيان ڪهاڻي اندر ڪهاڻي (story within story) جھڙي حيثيت حاصل آهي، پر اها هيملٽ وانگر ڪهاڻي جو حصو ناهي. ها پر جيڪا عورت، ليلا جي عبرتناڪ انجام جي ذميوار آهي اها عورت ڪؤنرو، پنهنجي خوبصورت ڌيءَ موکيءَ سان گڏ ڪراچي ويجهو هڪ رستي تي پنهنجي ماءُ لاءِ دولت ۽ شهرت حاصل ڪندي آهي. هيءُ به سنڌ جي هڪ مشهور لوڪ ڪهاڻي آهي، جيڪا ’موکي ۽ متارا‘ جي نالي سان مشهور آهي.

هُئينءَ ته هوشيار، ڪَلَ به هيئي ڪانڌ جي؟

تو ڀانيو موچاري ٿيان، ڳچيءَ پائي هارُ!

ڪانڌ ڪوڙيءَ جو نه وڻي، سئين ڀتين سينگارُ؛

وهم لهي وينجهار، دليون پرکي داسڙو.

(سُر ليلا چنيسر: داستان 2، بيت 2)

(4) موکي: هيءُ خوبصورت واپاري ڪردار آهي، جنهن جي اندر جي عورت زندهه آهي. سندس حسن ۽ اخلاق سبب هنڌين ماڳين سندس مئڪدي جي هاڪ آهي ۽ پري پري کان ماڻهو سندس مئخاني تي ڪَهي ٿا اچن. موکي، هوبهو پنهنجي ماءُ جھڙي آهي، پر سندس دل، ماءُ جي دل جيان حاسد ۽ مڪار ناهي. هوءَ مئخاني ۾ ايندڙن جي دل موهي ٿي ۽ واپاري اخلاق/طور طريقن کان به چڱي ريت واقف آهي. سندس مئخاني ۾ ڪي اهڙا سورما به اچن ٿا، جيڪي سال ۾ هڪ ڀيرو سندس مئخاني تي اينداهئا، جن جي سورهيائي، دليري جا هر هنڌ چرچا آهن ۽ اهي شڪل شبيهه ۾ سدا ملوڪ ۽ بهادر ٿا ڏسجن. مئڪدي ۾ موجود ٻيا ماڻهو ساڻن نٿا ٺهن، پر موکي مٿن خاص توجهه ڏيندي آهي. هو، کيس وڻن به ٿا ۽ سندس بهترين گراهڪ به آهن. اهي سورما به موکيءَ کي پسند ڪن ٿا ۽ کين به هن جو انتظار رهندو آهي. اهو انتظار غالبن عشق جي مٽيل صورت آهي، پر کيس ان جو ڪو احساس ڪونهي. هڪ ڏينهن هُو (متارا) اچن ٿا ته موکي معمول مطابق تازو مٽ کولي کين شراب/جام پيئاري ٿي، جيڪو کين تمام گهڻو پسند اچي ٿو.  ۽ هو موکيءَ کي چون ٿا ته اهڙو جام هن، کين اڳي ڪڏهن ڇو نه پيئاريو. موکيءَ کي خبر هئي ته شراب اهو ئي ساڳيو آهي ۽ ان جي ذائقي ۾ ڪو غير معمولي فرق نه هئڻ گهرجي. متارن جي جام پي، مئخاني مان وڃڻ بعد هن جڏهن مٽ جو ڍڪ لاهي ڏٺو ته کيس ان اندر هڪ مئل نانگ نظر آيو، جنهن جي زهر سبب شراب ۾ ڪا اهڙي ڪيفيت/اثر پيدا ٿي ويو، جيڪو متارن کي گهڻو وڻيو. موکيءَ کي شديد افسوس ٿيڻ لڳو ته کيس خبر نه هئي ته هوءَ پنهنجي گراهڪن کي شراب نه بلڪ زهر پيئاري رهي هئي. ان واقعي کانپوءِ کيس يقين ٿي ويو ته زهريلي شراب پيئڻ ڪري هو سڀ مري ويا هوندا، اهو خيال اڪثر ڪري موکيءَ کي اداس ڪري ڇڏيندو هو، پر هڪ ڏينهن اوچتو متارا سندس مئخاني تي اچي پهتا، کين ٻيهر پنهنجي مئڪدي تي ڏسي موکي جي تعجب سان گڏ خوشيءَ جي انتها نه رهي. متارن ايندي ئي انهي جام جي فرمائش ڪئي، جيڪو هو هتان آخري ڀيرو پي ويا هئا، موکيءَ کين نوان نوان مٽ کولي تازو جام آڇيو، پر سندن اصرار وڌندو ويو ته ”موکي پروڪو پيار“ ۽ هو ناراض ٿيڻ لڳا ته موکي خوف وچان کين اصل ڳالهه ٻڌائي ڇڏي. روايت آهي ته اها ڳالهه ٻڌي هو مري ويا ۽ ائين موکيءَ کي سڄي زندگي سندن موت جو ڏک، افسوس رهيو، سنڌي ڪلاسيڪل شاعري ۾ موکيءَ، غير معمولي طور خليق ۽ همدرد عورت جي علامت آهي، جنهن جي منهن تي حسن، عشق، خوشي ۽ ندامت جا تاثر نمايان ملن ٿا.

سري ڪين ڪيون، ويڻ موکيءَ جي ماريا

ڪو جو سخن ڪلال جو، پتي تي پيون!

تهان پوءِ ٿيون، مرڻ متارن کي!

(سر يمن ڪلياڻ: داستان 4، بيت 14)

(5) سورٺ: راڻي سورٺ، پنهنجي ور راجا ۽ ڏياچ جو پاڇو آهي. هيءَ هر وقت نه صرف پنهنجي راجا سان گڏ رهندي هئي، بلڪ سندس شوق ۽ پسند، ناپسند پڻ راءِ ڏياچ جھڙي هئي. ٻئي موسيقيءَ جا شوقين/ڄاڻو ۽ ڳائڻن جا سرپرست ۽ قدردان هئا. شرافت، بهادري ۽ ٻين انساني صفتن ۾ راجا راءِ ڏياچ جي پري پري تائين هاڪ هئي. سورٺ جو پنهنجي ور سان عشق، ذهني، روحاني ۽ جذباتي  سطح تي هڪ سچو عشق هو. هوءَ رڳو خوشين ۽ سکن ۾ نه بلڪه مصيبت ۽ غمن ۾ به پنهنجي عشق ۾ ثابت قدم رهي. هن داستان جو تت هي آهي ته: راءِ ڏياچ جي هڪ رقيب (دشمن) راجا انيراءِ، موسيقيءَ سان سندس عشق/ محبت جو فائدو وٺي هڪ لالچي ماهر موسيقار کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته هُو جهونا ڳڙهه وڃي اتان جي حاڪم راءِ ڏياچ جي محل ٻاهران پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ته راجا راءِ ڏياچ ۽ راڻي سورٺ، کيس جلد اندر گهرائي کانئس موسيقي ٻڌندا ۽ لطف اندوز ٿيڻ بعد حسب عادت ڪجهه (انعام) گهرڻ لاءِ چون ته تون (ٻيجل) چئجان ته جيڪو آئون گهرندس سو توهان ڏئي نه سگهندؤ. راءِ ڏياچ پنهنجي قول جو پڪو آهي، جيئن ئي توسان واعدو ڪري ته تون چئجان ته ’اي راءِ ڏياچ، مون کي تنهنجو سِر کپي ۽ پوءِ راءِ ڏياچ پنهنجو واعدو ضرور پاڙيندو. سو هن داستان ۾ ائين ئي ٿيو، جڏهن ٻيجل رٿيل منصوبي مطابق راءِ ڏياچ کان سندس سِر جي گهر ڪئي ته هن کيس چيو ته توکي نااميد نه موٽائيندس ۽ تون ڪنهن جي چوڻ تي هتي آيو آهين؟ سا حقيقت پڻ مون کي معلوم ٿي وئي آهي. راءِ ڏياچ محل اندر وڃي راڻي سورٺ کي سڄي حقيقت ٻڌائي، هوءَ پنهنجي ور جي مزاج کان چڱي ريت واقف هئي ۽ کيس اجازت ڏيندي چيائين ته راءِ ڏياچ کي پنهنجو قول پاڙڻ گهرجي ۽ واعدي خلافي جو داغ پنهنجي ڪردار تي لڳڻ نه ڏئي. جنهن بعد راجا راءِ ڏياچ ڪٽاريءَ سان پنهنجو ڪنڌ ڪپي هڪ ٿال ۾ رکرائي دشمن ڏانهن موڪليو. سورٺ پنهنجي ور سان گڏ سَتي ٿي وئي، سورٺ به فن لاءِ وڏيءَ کان وڏي قرباني ڏيڻ لاءِ مشهور آهي. هيءُ داستان راڳ ’سورٺ‘ ۾ ڳايو ويندو آهي ۽ هن داستان ۾ سورٺ راءِ ڏياچ واعدي نڀائڻ خاطر هر قرباني ڏيڻ جي علامت سمجهي وڃي ٿي.

محلين آيو مڱڻو، کڻي ساز سري؛

لڳي تند تنبير جي، پيا ڪوٽ ڪري؛

هنڌين ماڳين هوءِ ٿي، تنهنجي ٻيجل! دانهن ٻري؛

سِسِي تنهن سلطان کان، اچي گهوٽ گهري؛

جهوناڳڙهه جهُري، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾.

(سر سورٺ، داستان 3، بيت 3)

(6) نوري: مهاڻن جي خاندان سان تعلق رکندڙ نوريءَ جو ڪردار سنڌ ۾ مثالي ڪردار جي حيثيت ٿو رکي، ڌپ ۽ گدلاڻ ۾ رهندڙ نوري حسن ۾ سراپا نور هئي. تنهن وقت جي حاڪم (صلاح الدين) ڄام تماچي کيس ڏٺو ته مٿس عاشق ٿي پيو ۽ سندس خاندان وارن کان نوريءَ جي ٻانهن گهري، ساڻس شادي ڪري پنهنجي پٽ راڻي بڻايائين. هونئن ته ڄام تماچيءَ جون ٻيون به ڪيتريون ئي راڻيون هيون، پر هوءَ سڀ کان وڌيڪ محبت نوريءَ سان ڪندو هو. نوريءَ جي سادگيءَ ۽ نياز نوڙت ۾ سندس ڪو جواب/برابر نه هو، کيس هڪ لمحي لاءِ به اها ڳالهه نه وسرندي هئي ته هوءَ مهاڻن جي خاندان مان آهي. ڄام تماچي، سندس ۽ خاندان مٿان جيڪا مهرباني ڪئي آهي، ان سان سندس حقيقت نٿي مٽجي سگهي. سندن اها نوڙت ئي هئي جنهن جي ڪري ڄام تماچي، کيس بي پناهه ڀائيندو هو، هن، هڪ خوبصورت ٻيڙي ٺهرائي، جنهن ۾ هوءَ خاص طور نوريءَ سان گڏ ڪينجهر ڍنڍ جو سير ڪندو هو. ڪينجهر جي ڪپ تي مهاڻن جا گهر آباد هئا، جن تي ڄام تماچي جون خاص مهربانيون هونديون هيون. سنڌي شاعريءَ ۾ نوريءَ جو ڪردار عاجزي ۽ نهٺائي وارو آهي، نوريءَ جي نياز نوڙت سنڌ جي ٻاجهائپ جي علامت بڻيل آهي.

تهڙو ڪنجهر ڪين ٻيو، جهڙي سونهن سندياس؛

مَڏَ، مياڻيون، مڪڙيون، مڙئي معاف ٿياس؛

مورڇل مٿانس، اڀو تماچيءَ تي هڻي

(سُر ڪاموڏ: داستان 1، بيت 15)

 (7) مارئي: مارئي، ٿر جي ريگستاني مارن جي هڪ خوبصورت ڇوڪري هئي. سندس تعلق هڪ غريب ۽ مفلس گهراڻي سان هو. مارئيءَ جي سونهن جو چرچو سڄي ٿر ۾ عام هو.

وقت جي راجا عمر سومري کي جڏهن سندس حُسن جي هاڪ بابت خبر پئي ته کيس حاصل ڪرڻ لاءِ مارئيءَ جي ڳوٺ ڪاهي ويو. خانداني روايت مطابق مارئيءَ جو سڱ، خاندان جي هڪ شخص ’کيت‘ سان طئه ٿيل هو. بادشاهه عمر جڏهن سندس ڳوٺ پهتو ته کيس سرتين سان گڏ پاڻي ڀريندو ڏسي موقعي کي غنيمت ڄاتو ۽ کيس زبردستي کڻي گهوڙي تي ويهاري عمرڪوٽ قلعي ۾ وڃي قيد ڪيائين. جتي کيس قيمتي لباس، زيور، بهترين ماڙين/ ڪمرن ۽ ٻين آسائشن ۾ رکيو ويو، پر مارئيءَ جي من ۾ ملڪ ۽ مارُن جي اُڪير سانڍي هئي سو هيءَ ڳوٺاڻي عورت ايتري آؤ ڀڳت ڏسي گهٻرائجي وئي. عمر پاران آڇيل قيمتي لباس، بجاءِ پنهجي اباڻي وڳي ۽ لوئيءَ کي ترجيح ڏني. عمر جي قيد ۾ هوندي هوءَ پنهنجي اباڻن ڪکن ۾ واپس وڃڻ لاءِ ٻاڏائيندي رهي ۽ چوندي رهي ته اي عمر! مون کي تنهنجا محل، لباس ۽ تيل ڦليل بلڪل نٿا وڻن، هتان  جون عورتون نٿيون ڀائين، مون کي، منهنجي سرتين ۽ مارن ڏانهن وڃڻو آهي. بادشاهه عمر گهڻي ڪوشش ڪئي ته مارئي، شاهي ماحول سان رلي ملي وڃي ته جيئن عمر کيس پنهنجي پٽ راڻي بڻائي، پر مارئي ڪوٽ جي ڳڙکين مان پنهنجي علائقي ڏانهن پئي نهاريندي هئي. پنهنجي مارن کي ايندو ڏسي خوش ٿيندي ۽ سمجهندي هئي ته شايد سندس مارو کيس آزاد ڪرائڻ لاءِ پيا اچن، پر غريب ۽ مسڪين مارو، حاڪم وقت سان مهاڏو اٽڪائڻ جي جرئت نٿي ڪري سگهيا. هوڏانهن عمر سومري کي جڏهن يقين ٿي ويو ته مارئي محل ۾ سندس مرضي مطابق رهڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿيندي ته هن کيس اباڻن ڪکن ڏي واپس موڪلي ڇڏيو. مارئيءَ جو ڪردار وطن ۽ مارن سان محبت ۽ قوميت جي علامت آهي. حُب الوطنيءَ جو درس ڏئي ٿو، شاهه لطيف هن ڪردار ۾ مارئيءَ کي قومي اڳواڻ طور علامت بڻائي پيش ڪيو آهي.

چُرَن، چڻڪن چت ۾، رهيا اندر روح؛

اُٺي ويڙا اُڪِري، مارو مٿي موهه؛

ويرون ولوڙڻ جون، ساريان گهڻو صُبُوحَ؛

وَرُ سي کارا کوهه، سِنجَيم جي ساڙيهه جا!

(سر مارئي: داستان 8، بيت 4)

(8) ٻاگهي: هيءَ هڪ حاڪم خاندان جي جرئت مند مگر مظلوم عورت جو ڪردار آهي، جنهن جا ٻئي ڀائر وراثت جي سلسلي ۾ جنگ ڪن ٿا. ٻاگهي اصل حقدار جي حمايت ڪري ٿي. هوءَ سڀ ڪجهه ڏسي ٿي، پر ڪنهن کي سمجهائي نٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته عورت هئڻ ناتي کيس ان ڳالهه جو حق ڪونهي. باوجود ان جي هوءَ دليءَ طور حقدار جي حامي آهي، سندس ڀاءُ چنيسر لالچ ۽ خودغرضي سبب دشمن سان ملي جنگ ٿو ڪري، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي ڀاءُ دودي کي وڙهندي ۽ مرندي ڏسي ٿي. جنگ دوران به ٻاگهي غيرت ۽ پنهنجي عزم تي اٽل رهي ٿي. انهن صفتن جي ڪري ئي کيس سنڌي ادب ۾ منفرد مقام حاصل آهي. جنگ کانپوءِ هي خاندان جي ٻين عورتن سميت سام جي پناهه ۾ اچي ٿي، جتي کيس عزت ۽ مان سان رکيو وڃي ٿو.

 (9) مهر راڻي: ننڍي کنڊ جي هندو گهراڻي سان تعلق رکندڙ هيءُ ڪردار مظلوميت جي علامت آهي. هن داستان جو مختصر احوال هن ريت آهي ته ڦلاڻي خاندان جو ڌاڙيل سردار، مهر راڻيءَُ جي خاندان طرفان شادي/سڱ لاءِ انڪار تي مٿن حملو ڪري، فاتح جي حيثيت سان مهر راڻيءَ کي کڻي ٿو وڃي. هو خوشي وچان ڏونڪا وڄائيندو پنهنجي قبيلي طرف ايندو آهي. سندس شمار سنڌ جي ڏهن ڏاتارن ۾ ٿئي ٿو، جن جي در تان ڪو سوالي هٿين خالي نٿو وڃي. کيس پنهنجي فتح ڪيل زال سان تمام گهڻي محبت آهي ۽ کيس حاصل ڪرڻ تي فخر پڻ آهي. ساڳي محبت مهر راڻيءَ کي به لاکي ڦلاڻي سان آهي. اوچتو هڪ سوالي لاکي ڦلاڻي وٽ حاضر ٿي مبارڪ ڏئي ٿو، لاکو ساڻس واعدو ٿو ڪري ته هُو کانئس جيڪو ڪجهه به گهرندو سو کيس ملندو، هو سوالي، لاکي کان مهر راڻيءَ جي ٻانهن ٿو گهري، لاکو پنهنجي قول ۽ فعل جو پڪو هو، تنهن مهر راڻيءَ کي غريب سواليءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي مهر راڻي به ان کي پنهنجي قسمت جو لکيو سمجهي صبر ٿي ڪري ۽ راضي به رضا آهي، جنهن کي بخشي وئي، تنهن سان هلي وئي.

 (10) ڍول مارو: مارو هڪ نوجوان، زندهه دل ۽ امنگن ڀريل عورت جو ڪردار آهي. هيءُ هڪ حاڪم گهراڻي جي غير معمولي حسين عورت آهي ۽ ڀرپور زندگي گذارڻ جو ارادو رکي ٿي. سندس پيءُ، ننڍپڻ ۾ سندس شادي پنهنجي دوست جي پٽ ڍول سان ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ٻئي پاڻ ۾ واعدو ڪن ٿا ته اها ڳالهه راز رهندي ۽ جڏهن ٻئي بالغ ٿيندا ته کين اهو راز ٻڌائي مارو کي رخصت ڪري ڇڏبو. ڪنهن طرح اهو واقعو نظرانداز ڪري ڍول جي شادي ٻي عورت سان ڪري ڇڏجي ٿي. ڍول جي ٻي زال کي ننڍپڻ ۾ ٿيل سندس شاديءَ بابت علم ٿي وڃي ٿو پر هوءَ نه رڳو ڍول کي ان حقيقت کان بي خبر ٿي رکي، بلڪ مارو طرفان ايندڙ قاصد کي به ساڻس ملڻ نٿي ڏئي. مٿان وقت جي ستم ظريفي اها ته ٻنهي (ڍول مارو) جا پيئر وفات ڪري وڃن ٿا. هڪ ڏينهن مارو کي سندس پيءُ جو هڪ رازدار، ٻانهي ڍول سان ٿيل سندس شادي جي سڄي حقيقت ٻڌائي ٿي ڇڏي. مارو، ڍول کي اطلاع ڏيڻ لاءِ هر جتن ٿي ڪري، کيس قاصدن هٿان پيغام ٿي موڪلي ته هوءَ سندس نالي سان منسوب آهي، سندس عزت آهي، هوءَ اچي کيس وٺي وڃي پر ڍول جي زال/راڻي ساڻس ڪنهن کي به ملڻ نٿي ڏئي. جذبن ۽ احساسن جي لاهن چاڙهن ۾ هوءَ غمي ۽ خوشيءَ جي ڪيترن ئي دورن مان گذري ٿي، مگر حوصلو نٿي وڃائي. آخرڪار ڍول کي حقيقت جو علم ٿئي ٿو ۽ هوءَ ساڻس ملي، کيس پنهنجي راڻي بڻائي ٿو ڇڏي.

اصل ۾ هي واقعو گواليار جو آهي، جتي ڍول رهندڙ هو. مقامي حالتون تبديل ٿيون ته کيس گواليار ڇڏي راجسٿان وڃڻو پيو، جتي هن ڍونڍار جي ريگستاني علائقي ۾ امير (آمير) جي جابلوئي علائقي جي ميتا قوم جي راجا سان جنگ ڪندي اهو علائقو فتح ڪيو، اها ئي رياست پوءِ ”جئپور“ جي نالي سان سڏجڻ لڳي. هي ڪهاڻي راجسٿان جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڳائي وڃي ٿي. وچ هندستان، گجرات، سنڌ ۽ پنجاب تائين جي عوامي شاعرن هن داستان کي مختلف وقتن ۾ ڳايو آهي.

هن داستان لاءِ چيو وڃي ٿو ته اصل ڪهاڻي ڪشلاب نالي ڪنهن شاعر راجسٿاني دوهن ۾ لکي، عوامي ادب ۾ سندس سڃاڻپ/شهرت ڪشلاب نالي سان ٿئي ٿي. هونئن سندس اصل نالو ڪشل لاڀ (Kushal Labh) هو. راجسٿاني ادب ۾ دوهي کي ”دوها“ چوندا آهن ۽ هي لوڪ داستان ’ڍولا مارو دوها‘ جي نالي سان عام مقبول آهي. علائقائي ڪهاڻيون دوهي (ڪلاسيڪل شاعري جي صنف، جنهن جي ٻنهي سٽن جي آخر ۾ قافيو ايندو آهي) جي وزن ۾ ٿينديون هيون/ آهن. ڍول مارو داستان جي شهرت پڻ ان ڪري وڌيڪ آهي، پر ڳائڻن هن داستان کي دوهي کان علاوه ٻين صنفن ۾ به ڳايو آهي. هيءُ داستان سنڌ ۾ به تمام گهڻو مشهور آهي ۽ لوڪ ادب جي نامور محقق/ماهر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن داستان کي مختلف روايتن مان گڏ ڪري ٻن جلدن جي صورت ۾ شايع ڪيو آهي. هن داستان ۾ مارو هڪ زنده دل ۽ بهتر زندگي گذارڻ جي آرزو رکندڙ عورت جي علامت آهي. هن داستان بابت ڪجهه بيت شاهه لطيف جي ڪلام ۾ به ملن ٿا.

 (11) سهڻي: سهڻي هڪ منفرد ۽ عجيب غريب ڪردار آهي. هيءَ هڪ شادي شده عورت آهي، جيڪا غير مرد سان عشق ٿي ڪري ۽ روز درياهه ۾ ٽپي ٻئي پار ساڻس ملڻ ٿي وڃي. سهڻي هڪ دِلي ذريعي درياهه پار ٿي ڪري، جيڪو عام وسيلو آهي. اخلاقي اعتبار سان ڏٺو وڃي ته هوءَ مجرم ۽ سماج جي منهن تي هڪ ڪارو داغ آهي پر سندس ڪردار شاعري لاءِ ڄڻ سهاڳ بڻجي ويو آهي. هن ڪردار کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ ڌوئي پاڪ ۽ صاف ڪري ڇڏيو آهي. بيشڪ صوفياڻي شاعري خراب لفظن ۽ خراب ڪردارن کي ڌوئي صاف ۽ پاڪيزه ڪري ٿي ڇڏي.

شاهه سائين سهڻيءَ کي، جيڪا رات جو هڪ ڌارئي ماڻهو ميهار سان ملڻ وڃي ٿي، کيس اهڙي عمل باوجود اهڙو پاڪ ۽ صاف ڪري پيش ڪيو آهي، جو سندس ظاهري غير اخلاقي حرڪت طرف ڌيان ئي نٿو وڃي. معاشري جي ڌڪاريل هيءَ عورت پنهنجي منزل/مقصد تائين پهچڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه سوچي ئي نٿي سگهي. سندس ان غير اخلاقي حرڪت سبب سندس پڪي دلي/مٽ جي جاءِ تي هڪ ڪچو دلو/مٽ رکجي ٿو، جيڪو سندس موت جو ڪارڻ بڻجي ٿو ۽ هوءَ طوفاني درياهه جي خطرناڪ لهرن سان جنگ ڪندي درياهي حيوانن جو کاڄ بڻجي جان ڏئي ٿي ڇڏي. هيءُ هڪ اهڙي محبوبا عورت جو داستان آهي، جنهن جي شادي سندس مرضي کانسواءِ ڪجي ٿي، پر هوءَ حالتن سان سمجهوتو نٿي ڪري. هي شاهه جي تخليق ڪيل سهڻي آهي، جنهن کي شاهه لطيف ڌوئي اُجرو ڪري ڇڏيو آهي. سهڻي، مستقل مزاجيءَ سان پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۽ سمجهوتو نه ڪرڻ جي علامت آهي.

سياري سِههَ رات ۾، جا گهڙي وسندي مينهن؛

هلو ته پڇون سهڻي، جا ڪر ڄاڻي نينهن؛

جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار ئي من ۾.

(سر سهڻي: داستان 3، بيت 11)

شاههؒ جي شاعريءَ ۾ اهڙو ڪو مضمون نٿو ملي، جنهن ۾ انهن ڪردارن ۽ سرن جي تشريح نه ڪيل هجي. اڪثر بلڪ گهڻو ڪري مختلف مضمونن ۾ سهڻي کي روح سان تشبيهه ڏني وئي، جيڪا هن دنيا ۽ هن جي رنگينين، آرائشن ۽ آسائشن کي ڇڏي عالم ارواح طرف سفر ڪري ٿي. هيءَ ڳالهه ڪيتري قدر ئي صحيح مقدس ڇو نه هجي، ان سان اختلاف رکي سگهجي ٿو. هر ڪردار جيان ان جي موضوع ۽ روح سان به اختلاف ڪرڻ بهتر آهي. هر ڪردار جو هڪ مقصد هوندوآهي، جنهن جي هوءَ علامت بڻجي ٿو. شاهه جي هر عورت ڪردار ۾ ڪا نه ڪا اهڙي صفت آهي، جيڪا جيڪڏهن ڪنهن به عورت ۾ هجي ته اها هڪ سٺي ۽ مثالي عورت ليکبي. شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ اهڙين يارهن عورتن جي ڪردار کي پيش ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن خوبي سبب منفرد آهن. ڪجهه ڪردارن ۾ هڪ کان وڌيڪ خوبيون به آهن. ان ڏس ۾ هن مضمون جو ليکڪ الياس عشقي لکي ٿو ته: ڳالهه اها آهي ته شاهه جي ذهن ۾ هڪ مڪمل ۽ مثالي عورت جو تصور هو، جنهن جو ملڻ ناممڪن هو. شاهه سائين، عورتن جي سڀني صفتن ذريعي پنهنجي مڪمل ۽ مثالي تصور کي مختلف ڪردارن جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي.“

نوٽ: مضمون ۾ ڏنل شاهه جا بيت ’اينڊرائڊ ائپليڪيشن - راجا ساند (Multi-lingual version 5.0)’شاهه جو رسالو- مرتب: ڪلياڻ آڏواڻي‘ تان کنيا ويا آهن.

ڊاڪٽر اسد جمال پلي

عمرڪوٽ

 

 

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڏهه ساله جشن

 

(58-1968ع)

اڄ هن مضمون ۾ پاڻ جنهن ماضي جي دلپذير داستان جي ياد تازي ٿا ڪريون، اهو هڪ شاندار جشن ۽ پروگرام هو، جنهن جا تفصيل ڪجهه هن طرح هئا ته پاڪستان جي مرڪزي سرڪار سال 1958ع کان 1968ع تائين جي ڏهه ساله ڪارڪردگي تي مشتمل هڪ عوامي آگاهي جو پروگرام ترتيب ڏنو. هن پروگرام جو مطلب اهو هو ته فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي هِن ڏهه ساله دور ۾ ملڪ ۾ ڪهڙا سڌارا آيا ۽ ڪهڙا ڪهڙا اهم ڪم ٿيا، تنهن کي عوام اڳيان ظاهر ڪيو وڃي. انهي عوامي آگاهي واري پروگرام کي مرڪزي حڪومت جي ڏهه ساله جشن جو نالو ڏنو ويو. هيءُ جشن سڄي ملڪ ۾ تمام ڌام ڌوم سان ملهايو، ملڪ جي مختلف ادارن جي ڏهه ساله دور ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا، انهن کي جلسن، اجتماعن ۽ ادبي پروگرامن جي شڪل ۾ منعقد ڪيو ويو، مختلف ادارن طرفان انهن پروگرام جا بروشر ۽ خبرنامه ڇپائي تقسيم ڪيا ويا، مرڪزي سرڪار جي هدايتن تحت هن ڏهه ساله جشن تحت سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي تاريخي ابتدائي ڪارڪردگي تي مشتمل هڪ شاندار جشن بنگله نمبر 3 سول لائين ۾ 14- آڪٽوبر 1968ع تي منعقد ڪيو، جڏهن کان بورڊ جي آفيس ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿي ته اُها آفيس هن بنگلي ۾ قائم ٿي، هيءُ بنگلو قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي ذاتي ملڪيت هو، مگر پاڻ بورڊ کي اهو بنگلو اعزازي طور ڏنائون. ساڳي طرح بورڊ جي آفيس جڏهن اُتان کان امين منزل گاڏي کاتي منتقل ٿي ته اهو 1967ع ۾ قبله سائين جو بنگلو هو جيڪو به پاڻ سنڌي ادبي بورڊ کي اعزازي طور آفيس لاءِ ڏنو هئائون.

 

هن ڏهه ساله جشن ۾ مهمان خاص جناب مسرورحسن صاحب ڪمشنر حيدرآباد هئا. ڪانفرنس ۾ تلاوت ڪلام پاڪ بعد جناب قبله مخدوم زمان طالب الموليٰ صاحب خطبه استقباليه ڏنو ۽ جناب عبدالله خواب حمديه ڪلام پيش ڪيو، محترم غلام محمد گرامي صاحب اردو ۾ بورڊ جو علمي تعارف پيش ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ جي اعزازي سيڪريٽري جناب سيد اسدالله شاهه حسيني صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي شروعاتي تاريخ 1940ع کان ۽ ڪارڪردگي جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي، هيءَ رپورٽ 32 صفحن تي مشتمل آهي، اسان هن تفصيلي رپورٽ مان سنڌي ادبي بورڊ جي قيام کان وٺي ان جي ابتدائي ميمبرن جا تفصيل 1968ع تائين ۽ سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪاري بورڊ ۽ بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ٺهڻ تائين جي تاريخ، ۽ 1968ع تائين بورڊ جي سيڪريٽرين جا نالا، بورڊ جي قيام جا اغراض و مقاصد، بورڊ جا رسالا، آمدني جا وسيلا، مستقبل جو پروگرام ۽ بورڊ جي ضرورتن تائين سڀ احوال مڪمل رپورٽ تان کنيو آهي. جڳهه جي ڪشادگي سبب هيءُ جشن، بورڊ جي آفيس امين منزل بجاءِ هن بنگلي ۾ منعقد ٿيو.

سنڌي ادبي بورڊ جو قيام:

”سنڌ جي“ علمي، ادبي، مذهبي، تهذيبي، تمدني، ۽ ثقافتي ورثي جي اهميت کي محسوس ڪندي، وقت جي حڪومت سنڌ، آگسٽ 1940 ۾، سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ ٺاهيو، جنهن جو چئرمين مرحوم ميران محمد شاهه هو ۽ هيٺيان ميمبر هئا.

1. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي،  2. شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، 3. علامه آءِ. آءِ. قاضي، 4. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، 5. سوڀراج نرملداس فاني، 6. پير علي محمد شاهه راشدي، 7. راءِ بهادر جڳتسنگهه آئلمل، 8. خانبهادر محمد صديق ميمڻ، 9. آغا عبدالنبي خان،  10. ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، 11. مولانا دين محمد وفاني،  12. مولانا محمد عبدالڪريم چشتي

مرحوم عثمان علي انصاري هن بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ديوان لالچند امرڏنومل جڳتياڻي جوائنٽ سيڪريٽري هئا.

1941ع کان 1947ع تائين، هن بورڊ، پنهنجي وس آهر ڪافي خدمت ڪئي. انهيءَ عرصي ۾ مختلف خالي ٿيندڙ جاين تي هيٺين صاحبن، ميمبر جي حيثيت سان ڪم ڪيو.

1. پروفيسر رام پنجواڻي، 2. حڪيم محمد احسن، 3. مخدوم محمد صالح ڀٽي، 4. محمد حنيف صديقي، 5. ديوان گوپيرام رکياڻي

1947ع ۾، حڪومت سنڌ، مٿئين بورڊ جي نئين سر تشڪيل ڪئي، جيئن پيش نظر مقصد ۾ وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن. هن بورڊ جو چيئرمن سيد ميران محمد شاهه مرحوم، وائيس چيئرمن ڊاڪٽر دائود پوٽو مرحوم ۽ سيڪريٽري عثمان علي انصاري مرحوم مقرر ڪيا ويا ۽ هيٺيان ميمبر نامزد ڪيا ويا.

(1) پيرعلي محمد راشدي، (2) خانبهادر محمد صديق ميمڻ، (3) ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، (4) مولانا دين محمد وفائي، (5) مولوي عبدالرزاق، (6) سيد عبدالحسين شاهه موسوي، (7) مخدوم محمد صالح ڀٽي، (8) علاؤالدين سمون، (9) غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، (10) اياز حسين قادري، (11) محمد بخش واصف، (12) آغا تاج محمد

1950ع ۾، وري هڪ ”هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر“ (سنڌي ادب لاءِ اعليٰ اختياري جي ڪاروباري ڪميٽي) مقرر ڪئي ويئي ته مرڪزي صلاحڪار بورڊ جيڪي رٿائون، سنڌي ادب جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ٺاهي، تن کي اها ڪاميٽي عمل ۾ آڻي. ان ڪاميٽيءَ جا هيٺيان ميمبر صاحب ٿيا:

1- وزير تعليم، حڪومت سنڌ- چيئرمن، 2- سيد ميران محمد شاهه- ميمبر، 3- آغا بدرالدين دُراني، 4- شيخ عبدالمجيد سنڌي، 5- سيڪريٽري، محڪمه تعليم، حڪومت سنڌ، 6- سيڪريٽري، محڪمه ماليات، حڪومت سنڌ، 7- ڊئريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ- سيڪريٽري

جولاءِ 1951ع ۾، ڊئريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي بجاءِ، ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري محمد ابراهيم جويو مقرر ڪيو ويو.

ڊسمبر 1951ع ۾، ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ کي ختم ڪيو ويو ۽ ”هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فارسنڌي لٽريچر“ جا ميمبر، سَتن مان وڌائي يارهن ڪيا ويا ۽ ان کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو نالو ڏنو ويو، جنهن نالي سان هي بورڊ، هن وقت تائين موجود آهي.

ان وقت، هيٺيان ميمبر انهيءَ بورڊ تي نامزد ٿيا:

1.    وزير تعليم، سنڌ                          چيئرمن

2.   سيڪريٽري، محڪم تعليم، سنڌ     ميمبر

3.   سيڪريٽري، محڪمه ماليات، سنڌ

4.   ڊئريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن، سنڌ

5.   جي. ايم.سيد

6.   شيخ عبدالمجيد سنڌي

7.   علامه آءِ. آءِ. قاضي

8.   شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو

9.   سيد ميران محمد شاهه

10.             آغا بدرالدين دُراني

11.              ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڊسمبر 1954ع ۾، بورڊ جي نئين سر تشڪيل ڪئي ويئي ۽ حڪومت سنڌ جو وزير اعظم اُن جو چيئرمين ۽ وزير تعليم حڪومت سنڌ جو وائيس چيئرمين ٿيا ۽ هيٺيان صاحب ان بورڊ جا ميمبر نامزد ڪيا ويا:

(1) سيڪريٽري، محڪمه تعليم، سنڌ، (2) ڊئريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن، سنڌ، (3) پيرعلي محمد راشدي، (4) سيد ميران محمد شاهه، (5) آغا بدرالدين دُراني، (6) شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو، (7) علامه آءِ. آءِ. قاضي،  (8) سيد حسام الدين راشدي، (9) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، (10) مولوي خير محمد نظاماڻي

مارچ 1955ع ۾، حڪومت سنڌ، ”سنڌي ادبي بورڊ“ کي هڪ خودمختيار ادارو قرار ڏنو ۽ ان جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ آئين منظور ڪيو. نئين تشڪيل موجب، خانبهادر محمد ايوب کُهڙو، بورڊ جو پريزيڊنٽ، جي.ايم.سيد وائيس پريزيڊنٽ ٿيا ۽ هيٺيان ميمبر نامزد ڪيا ويا:

1- پيرعلي محمد راشدي، 2- آغا عبدالنبي، 3- مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“، 4- الهه بخش سرشار عقيلي، 5- سيد حسام الدين راشدي، 6- مولوي خير محمد نظاماڻي، 7- ڊاڪٽر دائود پوٽو، 8- سيد ميران محمد شاهه.

ان طرح، آغا تاج محمد ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، بحيثيت نمائندگان سنڌ يونيورسٽي؛ سيڪريٽري، بورڊ آف مئنيجمنٽ ائنڊ ڪنٽرول- سنڌ پراونشل لئبرري ائنڊ ميوزم؛ ڊئريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ- ايڪس آفيشو ميمبر ڪري کنيا ويا.

1957ع ۾، بورڊ جي آئين ۾ ترميم آڻي، مٿين ٻن ايڪس آفيشو ميمبرن جي جاءِ تي هيٺيان ٻه صاحب ميمبر مقرر ڪيا ويا.

1.    ڊئريڪٽر آف ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ڊويزن

2.   انسپيڪٽريس، گرلس اسڪولس، حيدرآباد ريجن

انهيءَ کان ڪجهه وقت اڳ، مولوي خيرمحمد نظاماڻي استعفا ڏني ۽ سندس جاءِ تي عثمان علي انصاريءَ کي نامزد ڪيو ويو. سيپٽمبر 1961ع ۾، اولهه پاڪستان جي گورنر جي حڪم موجب، هيٺيان صاحب، اڳوڻن ميمبرن جي جاءِ تي کنيا ويا.

1.    ڪمشنر، حيدرآباد ڊويزن      چيئرمن

2.   وائيس چانسيلر، سنڌ يونيورسٽي

يا سندس نمائندو  ايڪس آفيشو ميمبر

3.   چيئرمين، بورڊ آف انٽرميڊئيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن ميمبر

4.   ڊئريڪٽر آف ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن

5.   مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

6.   سيد حسام الدين راشدي

7.   سيد ميران محمد شاهه

8.   شيخ علي محمد (ايڊيٽر ”عبرت“)

9.   عبدالغفور ڀرڳڙي

نومبر 1961ع ۾، اولهه پاڪستان جي گورنر، ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن جي جاءِ تي، مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“، تمغه پاڪستان، ميمبر قومي اسيمبلي پاڪستان کي بورڊ جو چيئرمن نامزد ڪيو. هي زرين قدم کڻي، حڪومت گويا بورڊ کي عوام جي حوالي ڪيو ۽ عوام ۾ بورڊ جي حيثيت کي اهميت ڏني. انهيءَ کان علاوه، وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽيءَ کي ميمبر ڪري رکيو ويو. اڳي سندس پاران، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نمائندگي ڪري سگهيو ٿي، تنهن صاحب کي به هاڻ بورڊ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو.

نومبر 1963ع ۾، سيد ميران محمد شاهه وفات ڪئي ۽ سندس جاءِ تي جولاءِ 1964ع ۾، پروفيسر محبوب علي چنا کي ميمبر مقرر ڪيو ويو.

مئي 1968ع ۾، بورڊ جي نئين تشڪيل ڪئي ويئي، جنهن تي هيٺيان صاحب ميمبر نامزد ڪيا ويا:

1.    مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“    چيئرمن

2.   وائيس چانسيلر، سنڌ يونيورسٽي     ميمبر

3.   ڊئريڪٽر آف ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن

4.   آغا عبدالنبي خان عليگ

5.   ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

6.   ڊاڪٽر نبي بخش صاحب قاضي

7.   خديجه خانم دائود پوٽو

8.   عبدالغفور ڀرڳڙي

9.   خانصاحب عبدالله چنا

بورڊ جا سيڪريٽري

1.    محمد ابراهيم جويو -جولاءِ 1951ع کان فيبروري 1961ع تائين

2.   عثمان علي انصاري (اعزازي) -مارچ 1961ع کان سپٽمبر 1961ع تائين

3.   سيد شاهه محمد شاهه                     - آڪٽوبر 1961ع کان سپٽمبر 1962ع تائين

4.   سيد ميران محمد شاهه (اعزازي)   - آڪٽوبر 1962ع کان جون 1963ع تائين

5. محمد ابراهيم جويو (اعزازي)              - جولاءِ 1963ع کان جولاءِ 1967ع تائين

6. غلام رباني (وقتي)

7. ڊاڪٽر سيد اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني (اعزازي) -نومبر 1967ع کان هن وقت تائين.

اغراض و مقاصد

سنڌي ادبي بورڊ، هيٺين مقصدن لاءِ قائم ڪيو ويو.

(1)              سنڌي نثر ۽ نظم جي پراڻن نسخن کي هٿ ڪري، سڌاري، ڇنڊي ڇاڻي ڇپائڻ؛

(2)             پراڻن سنڌي مصنفن جي بيش بها ڇپيل ڪتابن کي وري نئين سر ڇپائڻ؛

(3)             طبعزاد نثر ۽ نظم جا مسودا ڇپائڻ؛

(4)             سنڌي گرامر، سنڌي لغت، لوڪ ادب، افسانا، ڊراما ۽ سنڌ جي تاريخ لکارائي، شايع ڪرڻ؛

(5)              دنيا جي ڪلاسيڪي ادب جي چونڊ ڪتابن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪرائي ڇپائڻ؛

(6)             سنڌي عالمن جا عربي، فارسي ۽ ٻين ٻولين ۾ مختلف موضوعن تي لکيل مسودا، نئين سر شايع ڪرڻ،

(7)             ٻارڙن لاءِ صالح ۽ صحتمند ادب پڌرو ڪرڻ،

(8)             سائنس ۾ نفسيات تي لکيل طبعزاد ڪتاب يا مستند ڪتابن جا سنڌي ترجما ڇپائڻ؛

(9)             سنڌ متعلق، عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتابن جا سنڌي ۽ اردو ۾ ترجما شايع ڪرڻ؛

(10)         تصوف ۽ اخلاق تي ٻين ٻولين مان ترجما ۽ طبعزاد ڪتاب ڇپائڻ؛

مٿي بيان ڪيل پروگرامن مان ڪيترن تي ڪافي ڪم ٿي چڪو آهي. پراڻي دور جي ڪيترن اديبن ۽ شاعرن جي نثر ۽ نظم جا ڪيترائي ڪتاب بورڊ شايع ڪري چڪو آهي.

جديد عالمن جا مختلف فنن، جهڙوڪ علم و ادب، شعر و شاعري، تاريخ، نفسيات، سِيرَ، فلسفه، ناول، افسانه وغيره تي به ڪافي انداز ۾ ڪتاب، عوام جي خدمت ۾ پيش ڪيا ويا آهن—ساڳيو مثال، ٻين ٻولي تان ترجمو ٿيل ڪتابن جو آهي.

سنڌ جي تاريخ کي اَٺن دورن ۾ ورهايو ويو هو ۽ ان جي لکڻ جو ڪم مختلف مورخن جي سپرد ڪيو ويو. انهيءَ اسڪيم هيٺ، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ جو قديم سنڌ تي لکيل پهريون جلد (“Sind-A General introduction”) شايع ڪيو ويو آهي، ۽ ٻيو جلد پريس ۾ آهي. ان طرح مولانا غلام رسول مهر جي اردوءَ ۾ لکيل ”تاريخ ڪلهوڙا“ (2 حصا) شايع ٿي چڪي آهي. باقي ڇهه جلد به عنقريب مڪمل ٿيڻ وارا آهن ۽ اميد ته جلد شايع ٿيندا.

سنڌي گرامر تي هڪ ڪتاب لکجي چڪو آهي، جو عنقريب جديد دور جي تقاضائن موجب، ترميمن ۽ اضافن بعد ڇپايو ويندو.

لوڪ ادب اسڪيم جي نظرداري، بورڊ جي معزز ميمبر، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي ذمي هئي، ۽ هن اسڪيم هيٺ 40 جلد شايع ٿيڻا هئا، جن مان 22 ڇپجي چڪا آهن. 5 جلد پريس ۾ زير طبع آهن ۽ باقي جلدن جو مواد گڏ ٿي چڪو آهي.

سنڌي لغت اسڪيم جو نگران به محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب آهي. لغت جو هڪ ضخيم جلد شايع ٿي چڪو آهي ۽ ٻيو جلد پريس ۾ ڇپجي رهيو آهي

مٿين اسڪيمن تي، موجوده بورڊ جي اراڪين، نهايت سرجوشيءَ سان عمل پيرا ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي؛ ۽ ٻيون ڪيتريون اسڪيمون منظور ڪيون آهن، جن مان ٻه مکيه هي آهن:

(1)   سنڌ جي تهذيب، تمدن، ڳوٺن، شهرن، ذاتين، ڌنڌن، جبلن، نَين، ٻيلن، پکين، مشهور عالمن ۽ اديبن متعلق معلومات افزا ۽ مستند انسائيڪلو پيڊيا شايع ڪرڻ، جنهن جو نالو ”سنڌ جو سونهون“ رکيو ويو آهي.

(2)             سنڌ جي مختلف پراڻي لئبررين ۾ جيڪو سنڌ متعلق مواد آهي، يا سنڌي علماء ۽ ادباء جا جيڪي ڪتاب موجود آهن، تن جون فهرستون تيار ڪري، هٿ ڪري، شايع ڪرڻ. انهن ٻنهي اسڪيمن تي عنقريب ڪم شروع ٿي رهيو آهي.

مٿي ڏنل مختصر تعارف کان پوءِ، هيلتائين،
”سنڌي ادبي بورڊ“ طرفان جيڪي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، انهن جو ذڪر ڪجي ٿو:

(1)              سنڌي ڪتاب 153

(2)             اردو ڪتاب 5

(3)             فارسي ڪتاب 23

(4)             عربي ڪتاب 7

(5)              انگريزي ڪتاب 6

مهراڻ:

        مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن کان سواءِ، بورڊ جي سه ماهي رسالي ”مهراڻ“ جا سالها سال سنڌي علم و ادب، تهذيب و تمدن ۽ شعر و شاعري جي تحقيق، تدقيق ۽ تنقيد جي ذريعي خدمت ڪئي آهي، اها به تحسين جي لائق آهي. هن ئي رسالي جي ذريعي جديد ۽ قديم اصناف سخن کي فروغ ڏنو ويو. جتي ادب لطيف، نظم، آزاد نظم، غزل، رباعيون، مثنويون، قطعا وغيره رسالي جي صفحن جو سينگار بنيا آهن؛ اُتي وايون، ڪافيون، بيت، مداحون وغيره پنهنجي قديم سونهن ۽ سوڀيا سان ”مهراڻ“ کي آراسته ۽ پيراسته ڪري چڪيون آهن. بيمثال تحقيقي مقالا، ڊراما، ناٽڪ، افسانا وغيره به هن رسالي جي افاديت کي اجاگر ڪرڻ ۾ وڏو حصو رکن ٿا. هيءُ ئي رسالو آهي جنهن جي ذريعي نوآموز شاعرن ۽ اديبن جون تخليقون عوام جي ذهنن کي محظوظ ڪن ٿيون، ۽ ڪهنه مشق استاد، محققن ۽ شاعرن جو ڪلام قلبن کي ڪيف ۽ دماغن کي راحت بخشين ٿا.

گل ڦل:

        ٻارن لاءِ رسالو ”گل ڦل“ به ڪيترا سال سنڌ جي سپوت نونهالن لاءِ نصيحت، اخلاقي قدرن، ديني تعليم ۽ دنياوي سمجهه جا سبق ڏئي چڪو آهي.

”سنڌي ادبي بورڊ“ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ تقريباً هڪ لک صفحا ڇپائي عوام جي خدمت ۾ پيش ڪري چڪو آهي، ۽ اها اميد آهي ته انشاءالله تعاليٰ ڪيترا لک صفحا اڃا اوهان جي توجهه جي طفيل حاضر ڪبا.

حضرات- اميد ته اوهان محسوس ڪيو هوندو ته اوهان جي هن اداري پنهنجي ٿورڙي عرصي جي ايامڪاريءَ ۾ ڪيترو نه عظيم الشان ڪم ڪيو آهي ۽ پاڪستان ۽ هن علائقي جي ڪيڏي نه قابل قدر خدمت ڪئي آهي. پاڪستان جي مختلف علمي ادارن کانسواءِ، دنيا جي گوشي گوشي مان عالمن ۽ اديبن هن اداري جي ڪارڪردگيءَ تي ڪيترائي تحسيني ۽ تهنيتي خط اسان ڏي موڪليا آهن، جن کي طوالت جي خوف کان هتي پيش ڪري ڪونه سگهيا آهيون.

بورڊ جي آمدنيءَ جا وسيلا:

        بورڊ جي آمدنيءَ جا ٻه ذريعا آهن: هڪ حڪومت جي طرفان گرانٽ، ٻيو ڇپايل ڪتابن جي وڪري مان آمدني. حڪومت جي طرفان نهايت حوصله افزا مدد به ٿيندي رهي آهي ۽ هر سال هڪ لک روپيا گرانٽ به ملندي رهي آهي.

        گرانٽ کان علاوه، بورڊ، ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي طرفان پرائيمر، پهريون، ٻيو، ٽيون، چوٿون ۽ ڇهون سنڌي درسي ڪتاب به ڇاپي ٿو. انهيءَ کان سواءِ بورڊ، سنڌي نصاب لازمي، نائون- ڏهون، يارهون- ٻارهون، سوشل اسٽڊيز (تاريخ ۽ جاگرافي) به ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي طرفان شايع ڪري ٿو. انهن ڪتابن مان به ڪجهه آمدني ٿئي ٿي. ايترو عرض ڪرڻ ضروري  ٿو سمجهان ته هن کان اڳي سمورا سنڌي درسي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ئي شايع ڪندو هو، سرڪار کي ڪابه رائلٽي ڪانه پياري ويندي هئي. ان جو مقصد اهو هو ته هڪ ته بورڊ جي طرفان شايع ٿيل ڪتاب ديده زيب، ڇپائي ۽ بائينڊنگ جو عمدو نمونو هوندو ۽ پروفن جي غلطين کان به پاڪ هوندا، ۽ ٻئي طرف انهن ڪتابن جي آمدنيءَ مان بورڊ وڌيڪ ڪارائتا ڪم ڪري سگهندو. ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ کي بهرحال، اسان کي هر ڪتاب تي مقرر ٿيل رائلٽي به ڏيڻي پوي ٿي ۽ سمورا درسي ڪتاب به اسان کي شايع ڪرڻ لاءِ ڪونه ٿا ڏنا وڃن. اهو اوهان کي يقين ٿو ڏيارجي ته اسان جا ڇپايل درسي ڪتاب هر لحاظ کان ٻين تاجرن جي ڇپايل درسي ڪتابن کان پروفن جي صحت ۽ ڇپائيءَ جي خوبصورتيءَ ۾ بهتر آهن.

اسان کي ٻين علمي ڪتابن مان جيترو انهن جي ڇپائيءَ تي خرچ ٿئي ٿو، انهيءَ کان گهڻو گهٽ آمدني ٿئي ٿي.

فارسي ۽ عربي ڪتابن جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾، مرڪزي حڪومت، بورڊ کي ساڍن پنجن لک روپين جي امداد ڏني، جا رقم ڪتابن جي ايڊٽ ڪرائڻ ۽ ڇپائڻ تي خرچ ڪئي ويئي آهي، ۽ هيلتائين اسان ٽيهه ڪتاب شايع ڪري چڪا آهيون.

مستقبل جو پروگرام ۽ آمدنيءَ جي وڌائڻ لاءِ اُپاءُ:

        جيتوڻيڪ بورڊ سوَن جي تعداد ۾ ڪتاب شايع ڪري چڪو آهي، تڏهن به اسان وٽ سوين نسخا موجود آهن، جن کي شايع ڪرائڻو آهي. ڪيتريون اسڪيمون- مثلاً ’سنڌي‘ ۾ لکيل تبليغي ادب جي اشاعت، ”سنڌ جو سونهون“، ڪتبخانن جي جاچ ۽ ڪتابن جون فهرستون شايع ڪرڻ، عربي ۽ فارسي جي باقي رهيل مخطوطن کي ايڊٽ ڪرائي شايع ڪرڻ- اڃا تشنئه تڪميل آهن، جن تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪافي رقم جي ضرورت آهي. آمدنيءَ جا ته ڪيترا وسيلا ٿي سگهن ٿا:

(1)   بورڊ وٽ ڇپيل ڪتابن جو ذخيرو، جن جي قيمت 907746 رپيا آهي، اُنهن جو نيڪال ڪرڻ.

(2)  محڪمئه تعليم حيدرآباد ريجن طرفان انعام ۽ لائبررين جي لاءِ هر سال ڪتاب خريد ڪيا وڃن. بورڊ جي ڪتابن لاءِ سمورا ڪتاب واپارين جي بجاءِ سڌو سنئون بورڊ جي بُڪ  اسٽال تان خريد ڪيا وڃن، بورڊ جي ڪميشن جي اصول موجب، خود حڪومت کي هڪ لک رپيا خرچ ڪرڻ سان هڪ لک ٽيٽيهه هزارن جا ڪتاب ملندا.

(3)  حيدرآباد ميونسپالٽيءَ طرفان جيئن ٻين علمي ادبي ادارن جي مدد ڪئي ٿي وڃي، تيئن هر سال بورڊ جي لاءِ به گرانٽ منظور ڪئي وڃي.

(4)    سنڌ جون مختلف يونين ڪائونسلون، ٽائون ڪميٽيون ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسلون، پنهنجي لائبريرين لاءِ بورڊ کان ڪتاب خريد ڪن.

(5)     مختلف بئنڪون، خصوصاً نئشنل بئنڪ آف پاڪستان ۽ حبيب بئنڪ لميٽيڊ طرفان هر سال بورڊ کي امداد ڏني وڃي.

(6)    مختلف ڪارخانيدار ۽ مخير حضرات بورڊ جي مالي مدد ڪن.

بورڊ جون ضرورتون

        نهايت افسوس سان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي ته بورڊ وٽ آفيس جي لاءِ توڙي ملازمن جي رهائش جي لاءِ ڪا جڳهه ڪانهي. مرحوم نياز احمد صاحب، سابق ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن جي خصوصي توجهه جي ڪري بورڊ کي لطيف آباد ۾ سَت ايڪڙ زمين ملڻ جو دلاسو ڏنو ويو هو. اها زمين آفيسن جي لکپڙهين ۾ گهٽجي گهٽجي وڃي هڪ ايڪڙ ۽ هڪ گهنٽي تائين پهتي. هاڻ ته انهيءَ جي ملڻ جو به ڪو آسرو ڪونه آهي. اڄ جيڪڏهن لطيف آباد ۾ بورڊ لاءِ ڪجهه زمين اَلاٽ ڪئي وڃي ته اسان جا گهڻا مشڪل حل ٿي پوندا. اميد ته عاليجناب مسرور حسن خان صاحب جن هن ڏس ۾ اسان جي مدد ڪندا.“

شڪريو

          هن تفصيل کان پوءِ سيد اسدالله شاهه حسيني صاحب هن جشن جي انتظامن ڪرڻ تي ۽ ڪامياب ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو آهي. خاص طرح جناب ڪمشنر مسرورحسن صاحب جو جنهن مهمان خصوصي جي حيثيت سان سنڌي ادبي بورڊ جي اراڪين کي شرف بخشيو. سندس ذاتي ڪوشش ڪيترن ئي سرڪاري ادارن خاص طرح يونين ڪائونسلن بورڊ جا ڪتاب خريد ڪيا، ان کان پوءِ علاوه جناب ڪئپٽن عثمان علي عيساڻي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، سابق اي.ڊي.بي.ڊي محترم رسول بخش انڙ ۽ جناب اي.آر ڪاظمي صاحب جو به شڪريو ادا ڪيو.

        بورڊ جي موجوده ميمبرن جنهن فراخدلي ۽ همت افزائيءَ کان ڪم وٺي هن تقريب جي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو، انهي لاءِ جيتري تعريف ڪجي اوتري ٿوري، هن تقريب جو سمورو انتظام ۽ پروگرام، سنڌي ادب جي روح روان، اديبن ۽ شاعرن جي سرپرست عاليجناب مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“، تمغئه پاڪستان، چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ پنهنجو قيمتي وقت صرف ڪري پنهنجي ذمي کنيو، اها سندن خاص نوازش چئبي.

          قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جن نه صرف پنهنجا بنگلا بورڊ جي آفيس لاءِ طويل عرصي تائين، جيستائين ڄام شورو ۾ آفيسون ٺهيون، اعزازي طور پيش ڪيا پر ڄڻ ته هن اداري جي دوام ۽ بقا لاءِ هميشه لازوال قربانيون ڏنيون. پاڻ نه صرف هن سنڌ جي قومي اداري کي پنهنجو ادارو سمجهيائون، پر ان کي هميشه پنهنجو ادارو سمجهيائون. هن اداري لاءِ سندن اولاد جون اهڙيون ئي بي مثال خدمتون آهن، هنن خدمتن جو ٻيو نعم البدل آهي ئي ڪونه.

بورڊ جي معزز ميمبر جناب خانصاحب عبدالله چنه صاحب جي مهرباني جنهن جشن لاءِ شاميانن، نشستن، لائوڊ اسپيڪر ۽ اليڪٽرسسٽي وغيره جو سڄو ڪم پنهنجي ذمي کنيو. مخدوم زاده جناب محمد امين ’فهيم‘ صاحب جن هيءُ سڄو پروگرام رڪارڊ ڪيو ۽ ريڊيو پاڪستان وارن پروگرام رڪارڊ ڪري نشر ڪيو ۽ عوام تائين پهچايو. هنن سڀني جا ٿورا ۽ احسان مڃيا.

محترم حسين بخش خادم سروري موسيقارن ۽ فنڪارن کي تقريب ۾ شامل ڪرڻ جو سمورو ڪم خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏنو. بورڊ جي سڀني اراڪين ۽ ڪارڪنن ۽ تعلقدارن بورڊ جي مختلف علمي ۽ فني شعبن جي سربراهن ۽ سندن مددگارن جو پڻ شڪريو.

”هيڊ آفيس جي اراڪينن مان مسٽر غلام رباني آگرو، عبدالجبار عباسي، محمد رمضان، يارمحمد پنهور، غلام علي شاهه هن جشن جي انتظام ۽ ضروري ڪمن ۾ مدد ڪئي. ”مهراڻ جي ايڊيٽر مولانا غلام محمد گرامي صاحب ۽ سندس سرگرم معاون مسٽر ناشاد دعوتنامن ۽ تقريرن جي ڇپائيءَ ۾ جا مدد ڪئي اُن لاءِ خاص طرح ممنون آهيان.“ سيد اسدالله حسيني صاحب هيءُ شڪريه ادائي جو سلسلو اڳتي وڌايو آهي. اهڙي طرح بڪ اسٽال جي عملي مسٽر محمد امين بلوچ، شوڪت حسين شورو راهي، انور الدين جمالي، احمد خان ميمڻ، نمائش جي انتظام ڪرڻ ۾ دلي تعاون ڪيو. بورڊ جي پريس مان مسٽر علي بخش احمدزئي، مسٽر الهه بچايو، ڪريم بخش، ولي محمد طاهرزادو ۽ ڪمپوزرن ۽ بائينڊرن جون پڻ هن تقريب کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪوششون رهيون.  هنن سڀني جي به تعريف لازمي آهي.

تقريب جي آخر ۾ مهمان خاص جناب مسرورحسن صاحب تقريب کي خطاب ڪندي قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جا ٿورا مڃيا. هُن بورڊ جي سڄي انتظاميه ۽ ڪارڪردگيءَ جي تعريف ڪئي، هُن صاحب بورڊ جي اشاعتي سلسلي ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ لوڪ ادب جي موضوعن تي ٿيل ڪم جي اهميت تي پڻ ڳالهايو ۽ ترجمن جي ڪم جي گهڻي تعريف ڪئي. هن قبله مخدوم صاحب محمد زمان طالب الموليٰ جي بورڊ جي ڪيل خدمتن کي نه صرف ساراهيو، پر پنهنجي طرفان مڪمل تعاون جو يقين پڻ ڏياريو. هن جشن ۾ بورڊ جي ڪتابن ۽ نسخن جي بهترين نمائش پڻ رکي وئي. آخر ۾ هڪ عاليشان ۽ پُرتڪلف مانجهاندي جو پڻ بندوبست هو، جنهن بعد جشن پنهنجي اختتام تي پهتو.

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org