محبوب
علي محبوب ڏيپر
ميهڙ
گيت
هي شهر محبتن جو آهي ڄام شورو،
ڀلا ريس تنهن سان ڪندو ڇا بٺورو.
هتي يونيورسٽي ۽ علمي ادارا،
هتي رخشا ريلون ۽ موٽر پيجارا،
هر ماڻهو هتان جو آهي گهه ڪٽورو.
ٿڌيون هت هوائون نظارا وڻي ويا،
چهرا چنڊ جهڙا منهنجي دل کڻي ويا،
هتي جهومي جهومي ڳايو ڪن ٿي مورو.
نظر مون ڦيرائي جاڏي ڀي ڏٺو ٿي،
مولا ڄاڻي مون کي انهي ڄڻ ڪٺو ٿي،
پري ٿئي نظر کان پوي دل جو دورو.
منهنجو گهر ڪکن جو هتي محل ماڙيون،
اسان ٻهراڙي جا سادا جيڪو آڻيون سو چاڙهين،
هي ملن پائي ڀاڪر اهو ڀي تن جو ٿورو.
هن وستي جو واحد ڀلو ڀاڳ ڪيو آ،
ڇڏي ڳوٺ پنهنجو هر ڪو هت پيو آ،
هتي نئي سج نئو ٿو ٿئي قرب ڪورو.
ڏسيو دل ’ڏيپر‘ جي اهوئي ته رايو،
ڇڏي ’محبوب‘ ميهڙ هتي نيٺ آيو،
ٻڌايوسون ڏيهه کي اهو ڏئي مشورو.
ذوالفقار علي هالار
ڪوٽڙي
سڏ
اچو، يار اچو،
گڏجي اڏيون پيار ننگر،
جتي نه هجي ڪو فڪر.
جتي تعليم عام هجي،
بي علمي جو، جتي نه ڪو هجي ذڪر
جتي هرڪو هنرمند هجي،
جتي نه هجي بيڪار ڪو.
جتي هجن حاذق حڪيم،
نه هجي جتي بيمار ڪو
اچو، يار اچو، گڏجي اڏيون پيار ننگر
جتي هجي ’سک ڀريو سنسار‘،
اها التجا ڪري پيو ’ذوالفقار‘
’هالار‘ جو سڏ سڻو
سڏ ڪو ورنايو.
حافظ عبيدالله ميراڻي
روهڙي
غزل
ساري دنيا کي مولا تون ئي پيو هلائين
ٿيندو ايئن ئي آهي جيئين خدا تون چاهين
مالڪ جهان جو تون مخلوق ڀي تو خلقي
ساري سنڀاري سڀ کي روزي پيو رسائين
ڪک پن به ناهي چرندو تنهنجي امر سوا ڪٿ
جيڪو وڻئي تون ٺاهين جيڪو وڻئي تون ڊاهين
جڏڙا جيارين جڳ م تندرست ڪي ٿو مارين
رلندن کي شاهي بخشين ۽ شاه ٿو پنائين
طالب فضل جا آهيون بدڪار تنهنجا بندا
ڪر ڪو ڪرم اسان تي قادر ڪريم آهين
ڪنهن کي دنيا م شهرت ڏيئي سڪون فرحت
ڪن کان وري سدائين پاهڻ پيو پهائين
ڪي ٿا طعام کائن اعلى قسم جا هردم
ڪن کي رکي ڳڀي لئه دردر پيو رلائين
ڪن جون ٻچن سان جهوليون مولا ڀري ڇڏين ٿو
ڪافي بندن کي تون ٿو اولاد لئه سڪائين
تعريف تنهنجي دل سان لکندو پيو ميراڻي
حافظ عبيد تنهنجو تون آهين ان جو سائين
محمد
يوسف سولنگي
ڪوٽ
غلام محمد
غزل
عاشقيءَ تان هٿ کڻڻ آسان ڪونهي ايترو،
دل لڳي تان هٿ کڻڻ آسان ڪونهي ايترو.
هن خودڪشي ڇو ڪئي سمجهڻ ته سولي ڳالهه نه،
زندگيءَ تان هٿ کڻڻ آسان ڪونهي ايترو.
دلربا درش ڪرائي درد دل جا دور سڀ،
ان خوشيءَ تان هٿ کڻڻ آسان ڪونهي ايترو.
يار جون خبرون لکي هر وار ’يوسف سولنگي‘،
شاعريءَ تان هٿ کڻڻ آسان ڪونهي ايترو.
غزل
بيوفا مان هٿ ڪڍان، پر پيار مون کي روڪيو،
پوءِ الئه سرندي به نه، ويچار مون کي روڪيو.
مون نڀائڻ ناز سمجهيو، خوب ٿي خاموش بس،
جيت آخر جيت آهي، هار مون کي روڪيو.
ڪونه ٿينداسين جدا، پلپل چيوسين پيار مان،
پوءِ هتي هر حال ۾، اقرار مون کي روڪيو.
مون ڪهاڻيون ڪئين قصا، ور ور وفائن جا ٻُڌا،
’سولنگي يوسف‘ اکر اُن، يار مون کي روڪيو.
عبدالقادر کٽي
ميرپور بٺورو
نظم
ڍولڻ ڇڏ ڍِلايون، ڀورل ڪر ڀلايون،
نئون سال آيو، اچ نوان پيچ پايون.
لڳي
ھير
ھرجاءِ
ھلي
ھٻڪاري،
چيھن لائي چڻ ڀڻ اڄ چمن ۾ چؤڌاري،
موتيي مکڙي گئوچي ٿي گلن منجھه گلزاري،
ٻاٻيھل به
ٻَولي ڪئين ٻوليون
ٻڌايون،
نئون سال آيو اچ نوان پيچ
پايون.
تتر طوطا طوطيون تاڙن منجھه
تنوارون،
ڪبوتر ڪانگ قمري ڪوئل جون ڪوڪارون،
ڪڻڪي ڪونجن جون لنگھيون ڪئي قطارون،
مِٺو مور مينا وھين منجھه
واڌايون،
نئون سال آيو اچ نوان پيچ
پايون.
خوشيون کيرون گھر گھر الحمد وائي،
ڀلا ڀاڳ ڀانئيان ڀلي ڪئي
ڀلائي،
موٽي آئي محبت ويئي ڪل ڪچائي،
مبارڪ مبارڪ ويون ڪل ڪچايون،
نئون
سال
آيو
اچ
نوان
پيچ
پايون.
اٿن
ٿا
اندر
مان
اولاڻ
تون
اچ،
روئن
نيڻ
تولئه
نماڻا تون اچ،
سواءِ
تنھنجي آھيون ويڳاڻا تون اچ،
نه
ڪر جاني جيئري تون ايڏيون جدايون،
نئون
سال آيو اچ نوان پيچ پايون.
گلن منجھه
گلزاري پر گلبدن تون آئين،
ٿي چانڊاڻ چؤڏس پر چندن تون نه
آئين،
دائم ڪئين ٿيا دلبر پر در عدن تون نه
آئين،
اٺئي پھر تولئه اکيون منھنجون آليون،
نئون سال آيو اچ نوان پيچ
پايون.
تنھنجا ٻول ٻڌڻ لئه
ٻرن روز ٻيرا،
منھنجا محل تنھنجي مرھم ڪيا ھي ميرا،
ڪريو ڪي فضل جا ھن فائق تي ڦيرا،
ويٺا ڪانگ قاصد اوھان لئه
اڏايون،
نئون سال آيو اچ نوان پيچ
پايون.
کڻين خيال ويٺين ڇو
’کٽي‘
تان خدارا،
ڪريون
پيا
’قادر‘
کان اوھان ڇو ڪنارا،
پسايو پيارا اچي نت
نظارا،
اچو تان اڱڻ ھي اوتارا
وسايون،
نئون سال آيو اچ نوان پيچ
پايون.
اعجاز ڀاڻيپوٽو
ٽالهي
غزل
ٽٽي دل ته ٽُڪرا ميڙي نه سگهندين،
جي وکري وياسين سهيڙي نه
سگهندين.
ائين نه ٿئي جو هٿن مان وڃون پوءِ،
ڪندين ڏاڍي ڳولها ووڙي نه سگهندين.
جدائي هي جيون جنجهوڙي
ڇڏيندئي،
قصا دل لڳي جاپوء ڇيڙي نه سگهندين.
اسان کان سواءِ پيو زمانو ڏنگيندئي،
آهي جڳ اتالو تون جهيڙي نه
سگهندين.
نانگن جو ڏنگيل آ نوڙي کان ڊڄندو،
نيڻن ۾ ننڊ پوء پکيڙي نه سگهندين.
وڃايو
انهن کان قدر منهنجو پُڇ تون،
هي
’اعجاز‘
دل مان اُکيڙي نه سگهندين.
غزل
آيو جو عشق اوڏو،
ماڻا ڇڏي ڏناسين،
ڀٽڪون پيا رهگذر ۾،
ڀاڻا ڇڏي ڏناسين.
هڪ يار ٿيو آ ذريعو ٻي يار سان ملڻ جو،
هئا ته هزارين راڻا،
راڻا ڇڏي ڏناسين.
هُو
خاص آهي جيڪو،
آخر ڪڏهن ته ملندو،
هر عام سان ملڻ جا ٽاڻا ڇڏي ڏناسين.
سنڌ کي کپن ٿا جوڌا بزدل جي ناهي جاءِ،
ڪمزور سُسُت سنگتي،
ساڻا ڇڏي ڏناسين.
’اعجاز‘
ڀُري آ ويندو گُذران ڏسي غريبي،
سُڳداسي دال چانور، چاڻا ڇڏي ڏناسين.
رمضان ميمڻ
مڪلي- ٺٽو
غزل
زندگيءَ جي درد جو درمان آهي زندگي،
زندگيءَ جو مرتبو ۽ مان آهي زندگي.
خواهشن جي اهميت تي سوچجي ٿو جيڪڏهن،
هڪ وڏو اعزاز ۽ احسان آهي زندگي.
هڪ طرف مون کي لڳي ٿي هوبهو پٿرن جيان،
ٻي طرف ياقُوت ۽ مرجان آهي زندگي.
شهر واهڻ عشق جو اعلان آهي زندگي،
حُسن جي تشهير جو سامان آهي زندگي.
قاتلن جي وستين ۾، نفرتن جي ويس ۾،
رحم آهي پيار ۽ رحمان آهي زندگي.
زنده هوندي ڀي رهون ٿا هم نشين! مُردن جيان،
زندگيءَ کان تنهنڪري نالان آهي زندگي.
زندگيءَ جو پوءِ ئي ’ميمڻ‘ ڪري ٿي حق ادا،
جي درنده ناهي پر انسان آهي زندگي.
برج لال بيوس
دادو
غزل
تون سدائين رهه مون سان گڏ لالڻ،
تون سدائين ويهه مون سان گڏ لالڻ.
توکان سواءِ رهي ڪونه سگهان پرين،
تون ته رک هي موهه مون سان گڏ لالڻ.
دل جي به تمنا اها هيءَ آهي،
آهي هيءَ اڄ واه مون سان گڏ لالڻ.
آ نه منهنجو ها پرين تو ۾ اڄ مَنُ،
آهي هي به ته ساهه مون سان گڏ لالڻ.
پل به پل پل ڌار نه تون ٿي مون کان،
تون سدائين رهه مون سان گڏ لالڻ.
پياڪ آهيان پيار تنهنجي جو جاني،
تون سدائين رهه مون سان گڏ لالڻ.
سيد فخرالدين شاهه
سوڀارو- مِٺي
غزل
اسان جون عرش تي اوجهون خدا ويجهو وڃن پيئون،
ڪرڻ اسلام کي زنده ڪفن سر سان ٻڌن پيئون.
مجاهد مرد آهيون ۽ هڻون ٿا حيدري نعرو،
اسان جا تيز تلوارون، برابر بت ڀَڃن پيئون.
اسان خالد، اسان طارق اسان ئي ابن قاسم ٿي،
اسان کان دشمنانِ دين جون دليون ڪنبن پيئون.
اسان محمود غازي ٿي ڏني شهه سومناتين کي،
ڪرڻ برباد باطل ڪاڻ شمشيرون سِڪن پيئون.
سان فارقي ’فخرالدين‘، اسان سلطان ايوبي،
اسان جي عدل جون ڳالهيون جهانگيري هلن پيئون.
غزل
وياسين جي وڇڙي، نه موٽي ملياسين،
جتي تو ڇڏيو هو، اتي ئي رهياسين.
سفر زندگي جو اڌورو اڌورو،
نه تنهنجا ٿياسين نه پنهنجا رهياسين.
سڀئي سانگا ٽوڙي، اسانگا پلياسين،
تڏهن حال پنهنجا وڃائي ڇڏياسين.
ڏٺوسين مزو ملڪ تنهنجي ۾ ناهي،
ڇڏي شهر تنهنجو اجها ٻيا اڏياسين.
’فخرالدين‘ اهڙي فراقن ڦٽي دل،’
مري جي، مري جي، مري جِي بچياسين.
ميرزا دبير
حيدرآباد
نعت
توتي صلوات و سلام الله تا روزٖ پَسين،
رحمة للعالمين يا رحمة للعالمين.
صاحبٖ يٰسين و طٰه قُل ڪفيٰ و اِنما،
شافع ِ روزٖ جزا آهين شفيع المذنبين.
رهنما و مقتدا و پيشوا بحرٖ عطا،
ٿا رهن تنهنجا سلامي انبيا و مرسلين.
خلق خالق جا ڪئي تخليق آهي خلق ۾،
تنهنجي ئي صدقي ۾ اي محبوب رب
العالمين.
عرش پهرين، معليٰ ٿي ويو ان وقت کان،
تو قدم پنهنجا رکيا ان تي جڏهن سلطان
دين.
جِنَ ۽ انسان، مَلَڪ، غِلمان سان
مخلوق سڀ،
تنهنجي دَر آهي سوالي سر نوائي
باليقين.
صاحبٖ شَقُ القمر شمس الضحيٰ
بدرالدجيٰ،
تون ئي انوارٖ هُدا تون ئي هدي
للمتقين.
تنهنجا نيڻن ٺار زهرا و علي ابنا
هُما،
تنهنجي مدح و منقبت ۾ آهي قرآنٖ مبين.
رحم ڪر تون، رحم ڪر تون، رحم ڪر تون،
رحم ڪر،
خاص رب العٰلمين يا رحمة للعالمين.
مدح خوان تنهنجو ’دبير‘ اُن تي بحقٖ
فاطمه،
هڪ نگاھٖ لطف ڪر هڪ هڪ دعا اُن جي سُڻين.
ڊاڪٽر رضي محمد ’رضي‘
ترجمو: اسد ’جمال‘ پلي
عمرڪوٽ
غزل
’ڪمڪ‘ طلب هئي هيءَ دل، حلقئه گمان ۾ هئي،
جُهڪيو جو سِرُ ته پوءِ، معبود جي امان ۾ هئي.
نجات بنجي اُها ڳالهه، اوچتو ڪٿان ٿي عيان،
نه منهنجي قلم ۾ جيڪا، نه ئي بيان ۾ هئي.
خدا کان، مون کان سوا ٻيو، نه ڪجهه هئو موجود،
هڪ هستي وجود جي احساس سان درميان ۾ هئي.
عدم سان ناهي تعلق جو، هن وجود جي مِٽي،
نمودِ ذات کان پهرئين ئي داستان ۾ هئي.
جلاوطن جو ٿيس، حلقئه اطاعت مان،
سندم سنڀال تڏهن ڀي، حلقئه امان ۾ هئي.
خوشي جا، پير پَڻِيَن واري کي، هئي صحرا ۾،
نه هئي سا ڍنڍ ڪناري، نه سائبان ۾ هئي.
هئا زير پا، محمدصه جي، لعل گوهر و
تاج،
سندئي حبيب جي عظمت، عجيب شان ۾ هئي.
انهي کي خوفِ عذابِ و ثواب، گهٽ هئو ’رضي‘،
رضائي رب ۾ مگن دل، عجب ڌيان ۾ هئي.
غزل
جهڪيس جڏهن به، هاديِ ذيشان جي طرف،
ناڪاميون ڦري ٿيون، امڪان جي طرف.
سمجهڻ کان اڳ ۾، دعويٰ اُلفت فضول آ،
سُڃاڻي رسولصه، پوءِ اچو ان شان جي
طرف.
ڪيئن ٿا وڌي سگهن هي، سندئي پوئلڳ سچا،
علم و هنر کان عاري، هيجان جي طرف.
ٻئي گس لڳن هلڻ ۾، هڪ جهڙا ٿا صفا،
آل نبيصه طرف يا قرآن جي طرف.
چوڪس ٿيو آ، حڪم الاهي تي جبرئيل،
نيڻن مان لڙڪ لڙيا، دامان جي طرف.
جيسين نه علم و عقل ۽ انصاف آهِ گڏ،
سوچي ٿو ڪيئن، نبيصه جو نيشان جي
طرف.
پهرين دل و دماغ آ، ڏيکاري راهِ حق،
پوءِ هو هليو، اوهانصه جي عنوان جي
طرف.
بيعيت هو ڇا ڪندا، جي هلندا هئا هر گهڙي،
آڱر جهلي، ناناصه جي، قرآن جي طرف.
مونجهارا زندگي جا ’رضي‘، جڏهن ٿا اچن،
ان دم ئي اک کڄي ٿي، فرمان جي طرف.
ڇورو ڇنو، ميرو چولو، ڦاٽل پٽڪو، اَن لپ ڪانه، جو شي وٺي. ٻيا
ٻار جهول ڀريو،
چُوس چُوس
ڪيو، گـُگهـِڙا وٺيو، پيا پُورائيندا
هئا. هي اڪيلو، مٿي تي ٻانهن رکيو، اکيون
ڦاڙيو، بيٺو ڏسندو. ٺڪر جو جنڊ، ٺڪر جي گاڏي،
ٺڪر جو اُٺ، ناڪيليءَ سان. دل چوندي هيس ته هٿ
لائي ڏسان. پر ڪير ٿو ڪنهن کي هٿ لائڻ ڏئي. نڪ
جي چوٽڙي ڳاڙهي ٿي وينديس. وٺي هڪ پاسي ڀڄندو.
ڪنڊ ۾ منهن ڪري، پٽ تي ليڪا پائيندي، پيو
چَپَ ڪڍندو ۽ سنگهه اُگهندو.
سـِڪي سـِڪي، رانديڪو چورايائين. سانڍيو پيو سانڍيندو هوس. لِڪي
لِڪي راند ڪندوهوس، وري لڪائيندو هوس. ننڍڙو
ڪافور جو گڏڙو، وڏين اکين سان. ڄڻ ته ڀاءُ
هوس. ڪيئن ته پڻس کسي ورتس! سڏڪا ڀريندي
ڀريندي، مار کائيندي کائيندي ٽپا ڏيئي ڏيئي،
رانديڪو ڇڏائڻ جي ڪيائين. ويچارو گڏڙو پڻس جي
پيرن هيٺان چيڀاٽجي ويو. هن ڏاڍيون رڙيون
ڪيون. پيءُ کي ”حرامي“ به چيائين. پڻس لتون به
هنيس. ان ڏينهن ڏاڍو رنو. ڀڳل گڏڙو کڻي،
پنهنجي منهن وري به رنو.
ٽُڪرڙا
ميڙي، اڳڙيءَ ۾ ويڙهي، پاري ۾ وجهي ڇڏيائين.
ڏينهن اهو ٿيو وري نه رنو.
پيءُ ته ڏٺي نه وڻندو هوس. ڀلا لڱن جو ڪهڙو ٽڪر هوس، جنهن تي
پڻس جا پادر نه وسيا هئا. وڏو ٿيو، ته لٺ کڻي
کنيائين. چي، ”متان آيو آهين!“ پڻس سمجهي ويو؛
وري نه ڪڇيو. ٻين ماڻهن سان ته ازلي وير هوس.
ڀلا ڪير ساڻس چڱيان هليو هو!
اندر ۾ ڌڪار جون ڀريون؛ ساهه ساهه سان نفرت ڦوڪون ڏيئي نڪرندي
هيس. ماڻهن کي ماريندي، ڦريندي، چيچلائيندي،
ڪجهه خيال نه ٿيو هوس. ”ساڻس ڪو گهٽايو
هئائون!“ نفرت سان ٽمٽار؛ ڪيتري به ڪڍي، ته به
اوتري جي اوتري؛ نه گهٽجي، نه وڌي.
کيس هڪ ڪتو هو. گـُلر ڪري پاليو هئائين. اهو مئو، ته روئي ويٺو.
هڪ وار جهلجي پيو. گهلي آيس ٿاڻي تي. اڃان
ڪچو هو. ڊڄي ويو. چي، ”الله سائين هي ڀيرو
ڇڏاءِ، ته توبهه ڪيم!“ پر جڏهن کيس مرچ وڌائون
۽ مـُٽ پياريائون، تڏهن ڊپ لهي ويس. اهوئي هڪ
ڀِرون هيٺ، اک چنجهي، ٻيو ڀرون مٿي.
پوءِ ته ڪئين ڀيرا جهليو، لوڏو ئي نه اچيس. اک
کڻيو نهاري، ته ساهه سڪيو وڃي. جهڙي تهڙي
پوليس آفيسر جي ڇاتي نه ٿئي، جو ڪجهه چويس.
جمال ابڙي
جي افساني ”بدمعاش“
مان رسالي ’مهراڻ‘ 3/1956ع تان کنيل
|