سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2022ع

باب:

صفحو:2 

ٻڍو خان قاصر لغاري

ٽنڊوالهيار

 

 

 

سير اگهم ڪوٽ

سرزمين سنڌ جي سيني ۾ سندس پراڻي تهذيب ۽ تمدن جا ڪافي ذخيرا سمايل آهن، بيوفا وقت جي گردش جي ڪري ڪيترا شهر آباديون ۽ واهڻ ڦٽي قبرستان بڻجي ويا ۽ انهن مان ڪيترا آثارِ قديمه اڄ به يادگار طور دل کي راحت بخشيندڙ آهن.

افسوس جو بي توجهي جي ڪري اهي عظيم يادگار تاريڪيءَ جي خاموشيءَ ۾ مضمر ٿي هميشه لاءِ ختم ٿيندا ٿا وڃن. اهڙين قديم بستين مان اگهم ڪوٽ به هڪ آهي، تاريخي لحاظ کان اگهم ڪوٽ جو هيءُ ڦٽل شهر تمام پراڻو آهي. چچنامه ۾ لکيل آهي ته جڏهن راجا ڏاهر جي پيءُ چچ برهمڻ سنڌ جي ٻڌ ڌرم راجا راءِ سهاسيءَ کي چالبازيءَ سان ختم ڪري سنڌ مُلڪ تي قبضو ڪيو هو، تڏهن اگهم ڪوٽ تي راجا اگهم لوهاڻو راڄ ڪندو هو. سنه
93 هجريءَ ۾ محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ته ان وقت اگهم ڪوٽ جو شهر نهايت اوج تي هو ۽ اسلامي فوجن ديبل بندر هٿ ڪرڻ کان پوءِ اچي هن شهر تي قبضو ڪيو، انهيءَ کان پوءِ محمد بن قاسم سپاهه سميت سنڌ جي اترين علائقي ڏانهن روانو ٿي ويو.

هن وقت مڪاني ماڻهو اگهم ڪوٽ کي اگهاماڻو ڪري ڪوٺيندا آهن.

وڏن کان روايت آهي ته هيءُ شهر ٻن پيءُ پُٽن جي نالي سان سڏبو آهي يعني اگهام نالو پيءُ جو ۽ ماڻو نالو پٽ جو (والله اعلم) اگهم ڪوٽ جو هيءُ عظيم خاموش شهر تعلقي ماتلي ۾ ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو غلام علي روڊ کي نزديڪ اولهه طرف ٻه فرلانگ کن پنڌ تي آهي.

روڊ کي ڇڏي جڏهن اگهم ڪوٽ جي ڦٽل شهر ڏانهن وڃبو (جيڪو سينئر مقام جي صورت ۾ آهي) ته مقام جي اوڀر طرف لڳ هڪ ڦٽل واهه (ڍوري) جا نشان آهن چون ٿا ته اهو ڍورو ڪنهن سمي سائو درياء جي هڪ ڇاڙهه هو ۽ ٻاراهو وهندڙ هو.

سنڌو درياء هميشه پنهنجا وهڪرا بدلائيندو رهيو آهي، درياء جي رخ بدلجڻ جي ڪري انهيءَ مذڪوره ڍوري به آهستي آهستي صرف سانوڻ جي مند ۾ وهندڙ واهه جي وڃي شڪل اختيار ڪئي اهو ڍورو جنهن کي بگهياڙ ۽ سرفراز به سڏيو ويندو هو ۽ اگهم ڪوٽ کان اُتر کان ڏکڻ طرف وهندو هو.

سال 1932ع ۾ نون واهن جي نڪرڻ کان پوءِ هي ڍورو هميشه لاءِ ڦٽي ويو.

ڍوري مان لنگهي سڌو نهار ڪبي ته هڪ عاليشان ۽ نئين مرمت ٿيل مقبري تي نظر پوندي اهو مقبرو اولياءَ حضرت شاهه عبدالمجيدؒ جو آهي، جنهن کي عام طرح سان شاهه مجيد ڪوٺيو ويندو آهي، مقبري جي ڏکڻ طرف اڏاوت ٿيل ڪچيون جايون آهن، جيڪي فقيرن جا اوتارا آهن.

هر مهيني جي چوڏهين تاريخ سٺو ميلو ٿيندو آهي جتي اوري پري جا معتقد ماڻهو حاضري ڏيڻ ۽ زيارت ڪرڻ لاءِ ايندا آهن ۽ مولود جي پڻ محفل ٿيندي آهي.

اوتاري جي احاطي ۾ هڪ نلڪو پڻ لڳل آهي، نلڪي جو پاڻي ساڪرو چهرو آهي ۽ ڦٽن ڦرڙين وارا بيمار ماڻهو ان کي لڪيءَ جي پاڻيءَ وانگر استعمال ڪندا ۽ وهنجندا آهن.

مالڪ محبوب جي قدرت آهي ۽ ڪيترا مريض پڻ شفاياب ٿيا آهن. اوتاري کان اُتر طرف لڳ مسجد به آهي. سامهون ٿلهي تي اولياء صاحب شاهه عبدالمجيد جو مقبرو آهي مقبري جو دروازو ڏکڻ طرف آهي ۽ سندس اڳيان سيمينٽ سان پڪو ٿيل احاطو به آهي.

سال 1968ع کان اڳ هن مقبري ۾ وڃڻ ۽ زيارت ڪرڻ به ڊپ ٿيندو هو ڇو ته مقبري جون ڀتيون ڏکڻ ۽ اوڀر طرف واريون بلڪل ڪِريون پيون هيون ۽ گنبذ به صرف ٻن ڀتين جي آڌار تي زبون حالت ۾ بيٺل هو ۽ اندر ڪِن ڪچرو پيل هوندو هو.

اسان جا وڏا ڳالهه ڪندا آهن ته اٽڪل 50 کن ورهيه ٿيندا جو مقبري جون ٻه ڀتيون برسات ۾ ختم ٿي ويون هيون ۽ گنبذ انهيءَ زبون حاليءَ ۾ باقي ٻن ڀتين تي بيٺو رهيو، سال 1968ع ۾ رب ڪريم ڳوٺ گلاب لغاري جي هندو سيٺ کي توفيق ڏني ۽ مسلمان معتقدن به گڏجي مقبري جي مرمت جو ڪم شروع ڪرايو ۽ نئين مرمت جي ڪري مقبرو هاڻي تمام عاليشان ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڇهه تربتون آهن. روايت موجب اولهه پاسي واري تربت شاهه عبدالمجيد جي آهي ۽ ٻيون مزارون سندس پوين فقيرن جون آهن.

شاهه عبدالمجيد جي زيارت ڪري اوڀر ۽ اُتر طرف اچبو ته تمام وڏا وڏا دڙا ڏسڻ ۾ ايندا.

انهن دڙن ۾ هينئر ڪافي شگاف پئجي ويا آهن، جيڪڏهن غور سان ڏسبو ته انهن ۾ ڪٿي ڪٿي زمين جي سطح کان اَٺ ڏهه فوٽ مٿي ڪوئلي ۽ ڇار جا به ٽي تهه ڏسڻ ۾ ايندا ٿي سگهي ٿو ته ڀنڀور وانگر هتي به آبادين جا ٻه ٽي دور آيا هجن.

وڏا ڳالهه ٿا ڪن ته پراڻي پاڻي جي زماني ۾ ماڻهو انهن دڙن کي کوٽي مٽي اُٺن تي کڻي زمين ۾ ڀاڻ طور وجهندا هئا هڪ همراهه دڙي کي کوٽي رهيو هو ته اندران ڪنجهي جون ست سٿيل ٿالهيون نڪتيون ۽ ايترو ته سڙي ختم ٿي ويون هيون جو فقط هٿ لڳائڻ سان ختم ٿي ويون. دڙن کي کڏا پئجي وڃڻ سبب هن وقت به منجهانئن قسمين قسمين مٽيءَ جا ٺڪر ڀڳل ٽٽل حالت ۾ ٻاهر ڏسڻ ۾ ايندا جن مان ڪاشيءَ جا ٿانوَ، ٺڪر جي چاڏين جا ٽڪر، چلم ۽ حُقي جا ٽڪرا، ٻارن جي راند جا اُٺ ۽ مٽي جا پڪل بلور، جنڊيون، ڀتر جون ڀڳل چڪيون، ڪوڏا ۽ ڪوڏيون مطلب ته اگهم ڪوٽ ۾ ٺڪر جو تمام ڪثرت سان رواج هو سڀ کان جنڊين جا ٽڪر تمام گهڻا ڏسڻ ۾ ايندا.

انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڍوري ۾ پاڻي جام هئڻ سبب هتي ساريون تمام گهڻي انداز ۾ ٿينديون هيون، جيڪا هن علائقي جي خاص پوک هئي.

ڪاشيءَ ۽ ٺڪر جي ٿانون تي عاليشان گلڪاري ٿيل آهي ۽ ڪم به اهڙو ته سچو ۽ عمدو ٿيل آهي جو اڄ به انهن ڪاشيءَ جي ٽڪرن کي ڏسي ائين ٿو معلوم ٿئي ته هي ٿانوَ ڪلهه جا ٺهيل آهن ۽ ڪلهه ئي ڀڄي پيا آهن.

خاص طور برسات جي موسم ۾ انهن دڙن مان عجيب و غريب قسم جون شيون ماڻهن کي هٿ اينديون آهن، جن کي ڏسي ماڻهو اچرج ۾ پئجيو وڃي، بنده پڻ هڪ ڏيئو ڏٺو هو، جيڪو تمام خوبصورتيءَ سان ٺهيل هو ۽ بلڪل صحيح سلامت هو ۽ ان کي پوءِ ڳوٺ جي مسجد شريف ۾ ٻاريو ويو.

ڏيئي جي شڪل صورت موجوده ڏين کان بلڪل مختلف آهي. اندر تيل وجهڻ واري هنڌ خانا ٺهيل هئا جن خانن مان سوراخن وسيلي وٽ کي اماڻڻو پوندو هو ڏيئي جي روشني تمام سٺي هئي.

دڙن جو معائنو ڪري شاهه عبدالمجيد جي مقبري کان اُتر طرف وڃبو ته جامع مسجد ڏسڻ ۾ ايندي جيڪا پڻ مٿاهين جڳهه تي آهي. جامع مسجد جي احاطي کي ٻاهران ديوار آيل آهي، اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڏکڻ ۽ اوڀر کان صدر دروازا آهن.

مسجد ۾ اندر وڃبو ته معلوم ٿيندو ته ڏکڻ طرف احاطي ۾ مدرسي جي جڳهه ڏسڻ ۾ ايندي، سنڌ جي ٻين قديم شهرن وانگر اگهاماڻو به ديني تعليم جو وڏو مرڪز هو، جتي ڪيترائي بزرگ عالم فاضل تعليم ۽ تبليغ اسلام ۾ هر وقت مشغول رهندا هئا.

مسجد جي احاطي وارو اڀرندو دروازو جيڪو هينئر به سلامت حالت ۾ آهي ۽ جنهن تي اذان (بانگ) ڏيڻ لاءِ چاڙهيون ٺهيل آهن، جڏهن انهيءَ بانگي تي چڙهي چؤطرف نظر ڊوڙائبي ته اٽڪل 200 کن ايڪڙن ايراضيءَ تي ڦٽل شهر جو نظارو ڏسڻ ۾ ايندو.

جامع مسجد ۽ سندس احاطي واري پيڙهه مضبوط پٿر جي ٻڌل آهي، چون ٿا ته اهي پٿر جهنڊي پاتڻي جي تائين (ڍوري) ۾ ٻيڙين تي ايندا هئا ۽ پوءِ شهر تائين اُٺن وغيره تي کڻي ايندا هئا.

ديوارن جي پتڻ پيڙهه تمام اونهي رکيل آهي ۽ ويڪر 3 فوٽ کن ٿيندي. مسجد شريف جي اڳيان ورانڊو آهي ۽ مسجد کي ٽي دروازا آهن هن وقت صرف ٻه ڀتيون اولهه ۽ اوڀر واريون موجود آهن.

ڪجهه سال اڳ اُتر ۽ ڏکڻ وارا پاسا به سلامت هئا مگر لالچي ماڻهن پئسن جي ڳولا ۾ ڀتن جي ڀر ۾ مسجد جي اندر کڏا کوٽيا، انهيءَ ڪري ديوارون ڪمزور ٿي وڃي پٽ کي لڳيون. مسجد جي ڊيگهه چاليهه فوٽ ۽ ويڪر پنجويهه فوٽ کن ٿيندي، اولهه واري سلامت ڀت ۽ عاليشان پٿر جو محراب ٺهيل آهي ۽ جنهن تي تمام سهڻي ۽ سادي گلڪاري ٿيل آهي.

محراب جي ٻنهي پاسن ۾ پاين وانگر ننڍا ٿنڀا ٺهيل آهن، جيڪي محراب جي حسن کي دوبالا ڪيو بيٺا آهن. محراب جي مٿان حاشي ۾ عربي ۽ فارسيءَ ۾ عبارت لکيل آهي.

عبارت جو ترجمو هن ريت آهي:

(1)      فرمايو الله تعاليٰ ۽ پوءِ پوڪاريو ملائڪه ۽ اهو بيهي نماز پڙهي رهيو هو. محراب ۾ اي رب منهنجا قبول ڪر. اسان کان تحقيق تون ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين.

(2)    يا خدا مهابي شفاعت ڪندڙ مخلوق جي همت ڏجائن ساري جهان کي.

(3)    هڪ مسجد آهي ڪافي عزت واري جو هميشه انهيءَ ۾ عزت ۽ فرحت آهي.

(4)    زماني جي بادشاهه کان پوءِ پراڻي ٿي چڪي آهي، جنهن کي تعمير ڪئي، منهنجي اولاد هميشه لاءِ.

(5)     ڪريمڏنه اسحاق پڻ محمّد آهي اسماعيل ۽ طيب احمد ۽ ڪرامت آهي.

(6)     ڪم ڪيو استاد اسان جي جيڪو ذات جو ڪيريه آهي.

ابوطالب ڪاريگر سُٺو سنگتراش آهي.

(7)     عاجز چيو تاريخ جي باري ۾ بنا تڪليف جي جو گڏ ڪندڙ جهان کي جنت ۾ آهي.

فارسي عبارت جي آخري فقري يعني ”جامع جهاياني جنتي“ مان مسجد شريف جي راس ٿيڻ جو سن ابجد جي حساب موجب 657 هجري نڪري ٿو.

مسجد جي ڇت لاءِ گنبذ وغيره جو ڪوبه نشان ڪونهي. وڏي عمر جا ماڻهو هن وقت به ڳالهه ٿا ڪن ته 60 کن ورهيه اڳ اسان مسجد اندر ڪاٺ جا شهتير پراڻي حالت ۾ ڪِريل ڏٺا هئا، جن تي عاج جا ڦُندڻ لڳل هئا ۽ هينئر به دروازن مٿان ڪاٺ لڳل ڏسڻ ۾ ايندو.

اولهه واري ڀت ۾ پراڻي طرز تي هوا لاءِ منگهه ٺهيل آهن، فرش جون به اڃا چند سِرون بلڪل سلامت آهن جيڪي عمده ڪاشيءَ جون ٺهيل آهن.

ڪمال ته ڏسو ته صديون گذرڻ کان پوءِ به اڃا تائين رنگ سلامت اٿن. مسجد ۾ فرش ختم ٿي وڃڻ ڪري اندر پيڙهن جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا، شايد مسجد پهريائين ننڍي ٺهيل هئي ۽ پوءِ وري وڌائي کيس ضرورت مطابق ٺاهيو ويو، غور ڪري ڏسبو ته سڄو ڪم تمام مضبوط ۽ عاليشان ٿيل آهي، مگر بيوفا وقت جي رفتار هر شيءِ کي زوال ڏانهن ڌڪيندي رهي ٿي.

هن مسجد جي معائني ڪرڻ کان پوءِ دڙن مان لنگهي اوڀر طرف سڏ پنڌ تي نهار ڪبي ته هڪ ٻي مسجد جا نشان هڪ مٿاهين هنڌ تي ملندا، مٿي چڙهي وڃڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو ته ڪابه ڀت سلامت ڪانهي، اوڀر طرف هڪ ننڍي کوهه جا نشان ملندا، جنهن ۾ مٽي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. مسجد جي پاسي ۾ جيڪي پيڙهن جا نشان ڏسجن ٿا تن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتي به ڪو مدرسو وغيره هو، هي مسجد وتائي فقير جي سڏجي ٿي، ۽ وتائي فقير جي اها مسجد مشهور آهي. هن مسجد کان پوءِ وري اُتر طرف اچبو ته دڙن ڀڙن جو البت دنگ اچي ويندو ۽ هن جاءِ تان اولهه اوڀر طرف هڪ پئنتل ڏسڻ ۾ ايندي، جيڪا ڍوري تائين آهي اهو وتائي فقير جو گهيڙ سڏجي ٿو. هن وقت انهيءَ جاءِ تان واٽر ڪورس آهي. چون ٿا ته اهو به ڍوري مان نڪرندڙ هڪ واهه هو جيڪو شهر جي وچ مان وهندو هو، ۽ جنهن کي گاندريو واهه ڪري سڏيندا هئا. مقام جو سير ڪندي واٽر ڪورس کان ٿورو اُتر طرف روانو ٿبو ته هڪ ٻي مسجد ڏسڻ ۾ ايندي. منجهس اندر وڃڻ خطري کان خالي ڪونهي، بلڪل زبون حال آهي. پيهي وڃڻ سان پتو پوندو ته اها ٽن گنبذن واري مسجد آهي، هن وقت فقط وچ وارو گنبذ سلامت آهي ۽ پاسن وارا گنبذ به ختم ٿي ويا آهن. هن مسجد جي پيڙهه به بلڪل مضبوط آهي.

مذڪوره مسجد کان اُتر طرف هڪ ننڍو مقبرو ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن کي عام طرح مڪاني ماڻهو پير پوٽن يا قادري پيرن جو قبو ڪري چوندا آهن.

اگهم ڪوٽ جا قادري پير علمي ادبي خزاني ۽ خدمت خلق جي ڪري هنڌ سنڌ ۾ مشهور آهن، جن مان حضرت شاهه لطف الله قادريؒ هڪ نهايت زنده دل صوفي درويش ٿي گذريو آهي.

شاهه لطف الله قادري سنڌيءَ ٻوليءَ جو عظيم شاعر ۽ اديب پڻ هو.

مذڪوره قادري پيرن جو مقبرو بلڪل زبون حال آهي. اندر ٽي تربتون آهن، نالن وغيره جي ڪابه خبر ڪانهي، فرش پٿر جو ٻڌل آهي، هن قبي جي زيارت ڪري اُتر طرف نهاربو ته اگهم ڪوٽ جي مشهور معروف اوليا مخدوم محمّد اسماعيلؒ سومري جو عاليشان مقبرو ڏسڻ ۾ ايندو. صديون گذرڻ کان پوءِ به بنا مرمت جي هڪ شاندار صورت بڻيل آهي، مٿاهين ٿلهي تي هئڻ ڪري نظارو پڻ سٺو آهي.

چون ٿا ته مقبرو ۽ پاسي واري مسجد مخدوم اسماعيل پنهنجي حياتيءَ ۾ پاڻ ٺهرايا هئا. (والله اعلم) مخدوم صاحب جي درگاهه ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڏکڻ طرف کان گنبذ واري دروازي مان لنگهڻو پوندو آهي.

دروازي جي مٿان حاشي ۾ ڪاشيءَ جي سِرن تي هيءَ فارسي عبارت لکيل آهي جيڪا صديون گذرڻ ڪري به صاف پڙهڻ ۾ اچي ٿي:

عبارت:

چراغ مسجد و محراب منبر، ابوبڪر عمر و عثمان حيدر،

چراغ مسجد و محراب، محمد و علي و فاطمه شبير شبر.

طلب زدڪه مخدوم اسماعيل مراد بهر مرادڪه آئي به مطلبه برسي اين درگاهه آنجا هست“ ڪه ظاهرو باطن چه قبه اينست ڪه تابه قيامت زنور حق آباد سال وفاتش ز فاضلي پرسيده“ جواب دادڪ ظل الله هست.“ دارم ياد تاريخ چهاردهم ماهه ذوالحج 996هجري.

ترجمو فارسي عبارت:

طلب ڪر جو مخدوم محمد اسماعيل وٽ جنهن مراد لاءِ ايندين مطلب کي پهچندين، هي درگاهه شريف اها جاءِ آهي، جو ظاهر ۽ باطن اگرچه قبه آهي مگر قيامت تائين الله جي نور کان آباد آهي، سال هن جي وفات جو فاضل کان پڇيم جواب ڏنائين ظِلاالله آهي معنيٰ الله جي رجعت جو سايو آهي، ياد رکيم تاريخ 14 مهينه ذوالحج 996هه.

مذڪوره دروازي مان لنگهبو ته ٻن پڪين ديوارن جي وچ ۾ هڪ گهٽيءَ مان هلڻو پوندو، ڀتيون پنج فوٽ کن اوچيون ٿينديون. ٿورو اڳتي هلي درگاهه شريف ۾ داخل ٿبو، مقبري جو دروازو ڏکڻ طرف آهي ۽ ساڳئي طرف کان عاليشان هڪ گنبذ واري* مسجد به آهي جنهن کي اولهه کان سواءِ ٽنهي طرف دروازا آهن مسجد لڳ اوڀر طرف مدرسي جا پڻ نشان آهن.

چون ٿا ته انهيءَ جاءِ تي ويهي اولياء صاحب درس و تدرسي جو ڪم ڪندو هو.

مقبري توڙي مسجد جي اڳ واري حصي ۾ ڪاشيءَ جو تمام عاليشان ڪم ٿيل آهي، جيڪو ڪاريگرن جي قابليت ۽ ايمانداري جي ساک ڀري ٿو، جهڙوڪ ڪاريگر هن ڪم تان ڪالهه رخصت ٿيا آهن، مگر افسوس جو متولين جي بي توجهيءَ جي ڪري هاڻي هيءُ سمورو ڪم آهستي آهستي ختم ٿيندو ٿو وڃي، مقبري ۾ اندر چار تربتون آهن، مٿانئن پڃرو ڪونهي، روايتن موجب اولهه پاسي واري تربت مخدوم محمّد اسماعيل جي پوٽي ابوالقاسم جي آهي ۽ ان کان اوڀر لڳ واري تربت مخدوم محمّد اسماعيل ۽ باقي به تربتون سندس فرزندن مخدوم حامد الله ۽ مخدوم يحييٰ جون آهن، جيڪي وڏا عالم ۽ فقيهه ٿي گذريا آهن ۽ ٻاهران احاطي ۾ سندن پوين جون تربتون آهن.

مقبري جي اندر به سادي مگر من موهيندڙ گلڪاري ٿيل آهي، هن مقبري ۾ به صفائي ۽ مرمت جو ڪوبه بندوبست ڪونهي، مگر جڏهن اندر داخل ٿبو ته قلب کي راحت ۽ خوشبوءِ محسوس ٿيندي.

مخدوم صاحب سنڌ جو ناميارو اوليا ٿي گذريو آهي، سنڌ جا ٻيا به ٽي مشهور بزرگ مخدوم آدم ٺٽوي، مخدوم نوح ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو سندس همعصر هئا.

هڪ راويت موجب ته مخدوم صاحب پاڻ اصل ٻئي هنڌ ڪڇ جا رهاڪو هئا ۽ حج جي ارادي سان سفر تي نڪتا ته آگهاماڻي جي پراسرار علمي ۽ ديني رونق ڏسي تبليغِ دين جي لاءِ هن شهر ۾ سڪونت پذير ٿيا.

مخدوم صاحب جي هٿ تي ڪيترن ئي ماڻهن بيعت ڪئي، ۽ ڪيترا غير مسلم اسلام تي اچي مسلمان ٿيا، انهن مان سنڌ جو مشهور اولياء وتايو فقير به شامل آهي، وتايو فقير اصل هندو کتري هو ۽ عمرڪوٽ جو رهاڪو هو، ڪنهن بهاني سندس مائٽ اچي اگهم ڪوٽ ۾ ويٺا جتي عيال سميت مسلمان ٿيا ۽ وتائي فقير جو نالو شيخ طاهر رکيائون، مگر پاڻ اصلوڪي نالي سان مشهور آهي.

وتايو فقير به مخدوم محمّد اسماعيل جي پوين جي شاگردن مان هڪ آهي جيڪو هن فيض جي چشمي مان فيضياب ٿيو، سندس هرهڪ نقل ۽ گفتو معنيٰ ۽ سلوڪ جو موتي آهي، سندس مزار ٽنڊوالهيار کان اولهه طرف ٽن ميلن جي پنڌ تي حيدرآباد روڊ تي ”قبي“ ڳوٺ وٽ آهي.

سنڌ جي مختلف حصن ۾ وڏن شهرن ۾ مخدوم صاحب جا هن وقت به معتقد موجود آهن، جيڪي هميشه حاضري، ڏيڻ زيارت ڪرڻ ايندا آهن.

اولياء جا مجاور ميان صاحب جيڪي مقام کان اوڀر طرف ويٺل آهن، تن کي به سنڀاليندا آهن، هر سال چيٽ مهيني جي 27 تاريخ شاندار ميلو به لڳندو آهي، جنهن تي پري اوري جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿين ٿا. پنجاهه کن ورهيه اڳ مخدوم محمّد اسماعيل جي پوين مان مخدوم فتح محمد هر سال ذوالحج مهيني ۾ اولياء صاحب جو عرس ڪندو هو، مگر ان جي فوت ٿيڻ کان پوءِ اها رسم ختم ٿي ويئي، شايد هن وقت مخدوم صاحب جي پوين مان ڪوبه ڪونهي نه ته ضرور بزرگ تي ڀيرو ڪن ها.

مخدوم صاحب جي درگاهه کان ڏکڻ طرف هڪ ڪچي ٿلهي تي اوليا صاحب سيد ڏتي جي مزار آهي جيڪو پڻ وقت جو درويش ٿي گذريو آهي، سندس پويان اڃان تائين چنبڙ شهر جي ويجهو ديهه ميران خوري ۾ رهن ٿا.

مذڪوره سيد جي زيارت ڪري مخدوم صاحب جي مقبري جي لڳ اولهه طرف اچبو ته هڪ زبون حال قبر ڏسڻ ۾ ايندي، چون ٿا ته اها تربت اولياء مخدوم صاحب جي مريد ڪوريءَ جي آهي جيڪو فقير هڪ مجذوب درويش هو، ساڳئي جاءِ تي هڪ پٿر به پيل آهي، معلوم ٿئي ٿو ته اهو ڪنهن قبر جو مٿيون حصو آهي، انهيءَ پٿر تي فارسيءَ ۾ هن طرح عبارت لکيل آهي:

”تاريخ فوت بيبي ماهم غره شعبان روز دوشبنه“ بوقت نماز ظهر سنه 170 (170هجري)“

غور ڪري ڏسبو ته 170هجريءَ واري دؤر ۾ هتي عربن جي حڪومت هئي، شايد ان وقت به عربي سان گڏ فارسي زبان به رائج ٿي چڪي هئي تان جو انگريزن 1843ع ۾ جڏهن سنڌ فتح ڪئي تڏهن به سنڌ جي سرڪاري زبان فارسي هئي، مٿئين فارسي عبارت جو ترجمو هن طرح آهي ته: تاريخ وفات بيبي ماهم مهينه شعبان ڏينهن سومر وقت نماز اڳين 170هه. ٻي طرف اهو به گمان آهي ته هيءَ سال 1170هه تحرير ٿيل آهي جنهن جي پهريون انگ (1) ڊٺل ٿو ڀانئجي، هن وقت بيبي صاحبه تي پڻ چوکنڊي تعمير ٿيل آهي.

مخدوم صاحب جي درگاهه کان ڏکڻ اوڀر طرف ڪچيون ڀتيون ڏسڻ ۾ اينديون، ان کي مخدوم جو اوتارو چيو وڃي ٿو، ڇت تي ڪجهه ڪاٺ به پيل آهي، باقي ڀتيون وغيره حالات ذار ۾ پهچي چڪيون آهن.

ڏسڻ مان معلوم ٿيندو ته اوتارو شهر جي ڦٽي وڃڻ کان پوءِ ضرورت پٽاندر ٺاهيو ويو هو ۽ ساڳئي جاءِ مخدوم فتح محمد به اچي خيرات وغيره ڪندو هو ۽ ان وقت اوتارو اڏيل ۽ رونقدار هو، اوتاري جي ڀر ۾ هڪ مسجد به آهي جنهن کي پتڻ واري مسجد ڪري ڪوٺين ٿا ديوارون گهڻيون ختم ٿي چڪيون آهن، البت اوڀر طرف واري ديوار سلامت آهيس، شايد هن جاءِ تان ڍوري جو پتڻ هو، تنهنڪري پتڻ واري هيءُ مسجد مشهور آهي.

هن مسجد کان اُتر طرف اچبو ته هڪ ڪهنو کوهه آهي جنهن ۾ هن وقت به پاڻي ڏسڻ ۾ ايندو پاڻي به مٺو آهي، مگر حفاظت نه هئڻ ڪري سِرون وغيره نڪري ويون آهن، هيءُ کوهه به مخدوم اسماعيل جو سڏجي ٿو. کوهه جي پاسي ۾ عيدگاهه جا پڻ نشان ملن ٿا، جتي بئراج کان اڳ اوري پري جا ماڻهو گڏ ٿي اچي عيد نماز پڙهندا هئا، اهو اجتماع عام ماڻهن جي محبت جو هڪ وڏو ثبوت هو. مگر هينئر اها محبت ڪانهي حسد جي ڪري هن وقت هڪ پاڙي ۾ نماز پڙهڻ لاءِ الڳ الڳ جماعتون ٿين ٿيون.

اهي نظارا ڏسي اُتر طرف اچبو ته هڪ ننڍي ڀت ڏسڻ ۾ ايندي ۽ منجهس ڄار جو وڻ پڻ نظر ايندو، جتي ڳوٺ پاهڙ لغاري جي بخاري سيدن جون تربتون آهن، انهن ساداتن مان سيد فقير محمد شاهه بخاري وفات 1229هه وقت جو هڪ وڏو اولياء ٿي گذريو آهي. جنهن جو بيان ڪتاب تحفة الڪرام ۾ پڻ آيل آهي، سندس عزيزن جو اولاد اڃا اگهم ڪوٽ جي ويجهو ڳوٺ پاهڙ لغاري ۾ رهن ٿا. جن ۾ سيد ولي محمد شاهه، سيد حسن شاهه، حاجي شاهه محمد شاهه، سيد وڏل شاهه معروف شخص آهن. هيءُ زيارت ڪرڻ کان پوءِ سامهون هڪ زبون حال مقبرو ڏسڻ ۾ ايندو. جنهن جو گنبذ 1964 واري برسات ۾ ڪِري ويو آهي، اهو قبو سعيد خان مندواڻي بلوچ جو آهي، جيڪو ميرپورخاص ۽ حيدرآباد جي ميرن جي هڪ گهرو جنگ سال 1929ع ۾ مارجي ويو، سعيد خان کي مير صاحبن جو صوبو چوندا آهن، سعيد خان ميرن جو ڪمانڊر هو ۽ مير صاحبان جو مٿس تمام گهڻو اعتماد هو.

سعيد خان مندواڻي بلوچ هڪ لڙائيءَ ۾ مارجي ويو، جيڪا وَل جي نالي سان مشهور آهي، ۽ پوءِ مير صاحبن هن وفادار سپهه سالار ۽ بهادر جوان تي قُبو ٺهرائي ڇڏيو، سندس خاندان جا پويان اڄ به ڳوٺ نصير خان مندواڻي ۾ آباد آهن، جن ۾ ڳوٺ جو چڱو مڙس رئيس نصير محمد خان مندواڻي بلوچ سابقه ايم.ايل.اي هڪ نهايت سخي مرد معروف مشهور شخصيت هو، جيڪو 10 محرم الحرام 1411هه مطابق 2 آگسٽ 1990ع بروز خميس تي وصال ڪري ويو.

مذڪوره ڳوٺ اگهم ڪوٽ کان اُتر طرف ٻن ميلن کن پنڌ تي واقع آهي، سعيد خان مندواڻي جي قبي کان سامهون ڏکڻ طرف هڪ چوديواري آيل آهي، جنهن ۾ مندواڻي خاندان جي معزز شخصيتن جون تربتون آهن.

سعيد خان جي قبي کان سڌو اولهه طرف هڪ ٻيو مقبرو آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن اولهه توڙي اُتر کان به ڊٺل نظر ايندا، شايد اهي به مقبرا هئا مگر ايام لنگهي وڃڻ ڪري وڃي پٽ پيا. مذڪوره درگاه شريف قريشي پيرن جي سڏجي ٿي. هڪ روايت موجب ته اهي پير سڳورا مُلتان جا آهن ۽ ٻئي روايت موجب ته اهي ٺٽي جا هئا پوءِ اچي اگهم ڪوٽ ۾ رهيا. (والله اعلم) هيءُ مقبرو به زبون حال آهي گهڻو وقت اڳ تر جي هڪ سخي مرد مرحوم رئيس مير محمد خان مندواڻي موجوده نصير محمد خان مندواڻي جي والد) البت دروازي وغيره جي سٺي مرمت ڪرائي هئي.

مخدوم محمد اسماعيلؒ جي مقبري کان اُتر طرف تقريباً هڪ سؤ قدمن جي فاصلي تي سندس نياڻي بيبي عائشه جي هڪ وڏي ڪچي ٿلهي تي چؤڪنڊي ٺهيل آهي، جيڪا زمين کان اندازاً 12 يا 13 فوٽ مٿي آهي ۽ اُن ۾ ڪنهن به وڏي مرد يا ڇوڪراڻي ٻار يا پيٽ واري عورت کي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڪونهي. ڇو ته هيءُ پرهيزگاري جو اعليٰ مقام آهي.

مخدومؒ جي مقبري جي اُتر طرف چند قدمن تي مرحوم پير حُسين شاهه جيلاني ڍوري واري جي درگاهه آهي جيڪو قادري سلسلي جو وڏو پير ٿي گذريو آهي. سندس ئي پاڙي ۾ سندس ئي خاندان جون سوين قبرون آهن. جن کي چؤڌاري پڪو ڪوٽ آيل آهي تربتون پڪيون ٺهيل آهن مگر ڪنهن تي به ڪتبو نه آهي.

اولياء مخدوم اسماعيل سومري جي هٿ تي ڪيترا غير مسلم هندو به بيعت ڪري مسلمان ٿيا، جن ۾ پري کان آيل ويڌو ۽ ماڻڪ به مسلمان ٿيا، جيڪي پَٽ جو واپار ڪندا هئا، سندن اولاد پاٽولي سڏجي ٿو، پاٽولي ٽنڊي الهيار ۽ حيدرآباد وغيره شهرن ۾ اڄ به موجود آهن.

سال 2001ع ۽ 2002ع ۾ محترم روشن عيساڻي پاٽولي جيڪو انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ سيشن جج هو تنهن مخدومؒ جي درگاهه ۽ مسجد شريف جي سهڻي مرمت ڪرائي آهي، درگاهه جو سڄو اڳيون احاطو ٿلهو سنگمرمر سان سينگاريو ويو آهي.

هن وقت اگهم ڪوٽ جي آثارن کي محڪمه اوقاف پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي، اميد ته بچيل قديمِ آثارن کي محفوظ ڪري صدين جي هن تاريخ کي زندگي بخشي ويندي. محڪمي طرفان هتي ڪجهه ملازم پڻ رکيا ويا آهن. حڪومت طرفان جيڪڏهن 1500 سؤ سالن کان مٿي تاريخ رکندڙ هن برباد ڪيل شهر جي کوٽائي ڪرائي وڃي ته هڪ تمام وڏو تاريخي خزانو ملڻ جي اُميد آهي.

ممتاز بخاري

سکر


 

ميٽافڪشن Metafiction ڇا آهي؟

 

اڄوڪي دور جي ادب ۾ ميٽافڪشن هڪ اهڙو اسلوبي بيان آهي، جنهن سان ادب پنهنجي اوائلي سڃاڻپ سان هاڻوڪي فن ۾ جڙي ويو آهي. ادب، آرٽ ۽ ٻين مضمونن ۾ عام طور ۽ تنقيدي نگاهه سان ميٽا جي حوالي سان ميٽافزڪس، ميٽافزيڪل، ميٽافر وغيره جهڙن اصطلاحن جو ذڪر تمام گهڻو ڪيو ويندو آهي. ان ڪري ميٽافڪشن تي اچڻ کان اڳ ميٽا جي حوالي سان ڪجهه اصطلاحن کي سمجهڻ ضروري آهي. جيتوڻيڪ انهن مان ڪن جو واسطو فلسفي يا سائنس جي علمن سان آهي، پر جڏهن گڏيل مواد جي ڳالهه ايندي ته انهن کي سمجهڻ ضروري آهي ۽ ٻيو ته ادب جو واسطو سمورن علمن سان پئي ٿو، ان ڪري انهن جو هڪ ٻئي سان سڌو يا اڻ سڌو واسطو جڙيل رهي ٿو.

ميٽا Meta

ميٽا جو مطلب اهو آهي ته مواد پنهنجو پاڻ بابت ڪا ڳالهه ڪري يا بيان ڪري ان کي ميٽا چئبو آهي. آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ ۾ ميٽا جي معنيٰ ’پاڻ يا پنهنجي صنف بيان ڪرڻ‘ آهي. هونئن ميٽا يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ’کانپوءِ يا وس کان ٻاهر‘ آهي. هڪڙو مثال هي آهي ته:  ’انگن بابت انگ‘ اهو ميٽا اظهار آهي. ان کي ڊيٽا ميٽا چئبو يعني ڊيٽا بابت ڊيٽا. ميٽا جو مطلب اهو به آهي ته ڪنهن به شئي يا ڳالهه کانپوءِ ڇا.

ميٽا فزڪس/ ميٽافزيڪل Metaphysics/ Metaphysical

هونئن ته فزڪس سائنس جي هڪ اهم شاخ آهي ۽ اهو رفتار، ڇڪ، بجلي، آوازن، لهرن، مشينن، ايٽمن جي بناوٽ وغيره جو علم آهي. جيئن مٿي پاڻ ميٽا جو هڪ مطلب ’کانپوءِ‘ ڏنو آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا موجب ميٽا فزڪس جو مطلب ’فزڪس کانپوءِ‘ آهي. ميٽا فزڪس جي تعريف گهڻي ڀاڱي هن طرح آهي: ’هيءَ فلاسافي جي هڪ شاخ آهي جيڪا پهرين سبب ۽ حقيقت جي نوعيت کي اپٽاريندي آهي.‘ ڪجهه لغتن ۾ ان جو هڪ ٻيو مطلب، ’دماغ/ ذهن ۽ معامري، مادي ۽ خاصيت، امڪان ۽ حقيقت ۾ تعلق جاچڻ‘ آهي.

ميٽا فزيڪل فلاسافيڪل خيال آهي. گهڻي ڀاڱي شاعراڻي ادب ۾ هوندو آهي، اهو عقلي به هوندو آهي ته ’هجڻ‘ کان اڳتي وارين شين تي به خيال آرائي ڪندو آهي. خدا جي هجڻ بابت سوال اٿارڻ واري فلسفياڻي فڪر اپٽارڻ به ميٽافزيڪل ۾ اچي ٿو.

ميٽافر Metaphor

ڪنهن به صنعت Figure of Speech ۾ ڪنهن لاءِ ڪا ٻي سڌي مشابهت ڏيڻ ميٽافر آهي. جي ڪنهن کي چالاڪ ڏيکارڻو آهي ته ان لاءِ سڌو چئجي ته هُو ڪانءُ آهي اهو ميٽافر آهي جي چئجي ته هُو ڪانءُ وانگر سياڻو آهي ته اها تشبيهه سڏبي. ٻيو مثال هُو شينهن آهي. چئبو ته هو شينهن وانگر طاقتور آهي ته اها تشبيهه چئبي. ميٽافر وانگر ادب ۾ استعارو ۽ مبالغو به هوندو آهي جن کي پرسونيفڪيشن Personification هائپربول Hyperbole چئبو آهي انهن کان ميٽافر Metaphor ڪيئن ادب ۾ مختلف ٿي سگهي ٿو.

ميٽانويا Metaneo

ڪا ڳالهه ڪندي اوچتو بيان بدلائڻ کي ميٽانويا چئبو آهي. جيئن، ”مان توکي قتل ڪندس.“ جي جاءِ تي بيان مٽائي چيو وڃي. ”توکي سزا ملندي.“ ان کي آڪسفورڊ ادبي ڊڪشنري ۾ A beyond language چيو ويو آهي.

ميٽافڪشن Metafiction

ميٽافڪشن Metafiction اصطلاح ڪو گهڻو پراڻو ناهي. ويهين صديءَ ستر واري ڏهاڪي ۾ استعمال ٿيڻ شروع ٿيو ۽ ايڪويهين صديءَ جي ادبي ڌارائن ۾ اهو افسانوي ادب جي نثري فارم توڙي اسلوب ۾ اهم حيثيت ڪري ويو آهي. ڇو ته هي هڪ شعوري طور بيان ٿيندڙ افسانوي ادب آهي، جنهن ۾ بيان ڪندڙ يا وري ڪردار کي خبر هوندي ته اهي به ان بيان ٿيندڙ نثر جو حصو آهن ۽ هو ان ڳالهه کي مڃيندو آهي ته هي بيان افسانوي ڪهاڻي ئي آهي ۽ هو ڪڏهن ٻاهرين ۽ اٽل حقيقت جي دعوا ڪندي نظر ناهي ايندو. ليکڪ john Wolfgang Roberts پنهنجي مقالي Metafiction: An Introduction on Dramatizing the Boundaries of Social Discourse ۾ لکي ٿو: ”لفظ ميٽا فڪشن وليم ايس گاس William S Gass 1978ع ۾ پنهنجي هڪ مقالي Philosophy and the form of Fiction ۾ ڪتب آندو.“ سندس خيال آهي ته ان بعد ڪيترن ئي ٿيورسٽ اهو اصطلاح استعمال ڪيو آهي. هن وقت جديديت کانپوءِ واري افسانوي ادب جي بيان جي فارم ۾ اهم حيثيت اختيار ڪري ويو آهي ۽ ڪو امڪان ناهي ته هي اڳتي هلي هڪ ڌارا يا لاڙو به بڻجي وڃي. وليم ايس گاس هجي يا پيٽريشياوا توڙي ادب جا مختلف انسائيڪلوپيڊيا هجن انهن موجب ميٽافڪشن جيفري چاسر جي چوڏهين صديءَ جي ڪم The Canterbury Tales، سترهين صديءَ جي منڍ ۾ لکيل سروانتيس Miguel de Cervantes جي ناول Don Quixote ”ڊان ڪيهوٽي“، لارنس اسٽرين Laurence Strene جي ارڙهين صديءَ جي ڪم The Life and opinion of Trastam Shaandy. Gentelman ۾ به ملي ٿو. ويهين ۽ ايڪويهين صديءَ ۾ به جان بارٿ جي 1960ع کانپوءِ آيل ڪهاڻين جي مجموعي Lost in the Fun House، مارڪ زيڊ ڊينيلو سڪ Mark Z. Danielewsk جي ناول House of leaves ۾ به ملي ٿو. عربي ٻوليءَ جي ناول نگار يوسف المحيميد جو ناول ”لغط موتي‘ جيڪو انگريزي ۾ The Dead’S Gossip جي نالي سان ڇپيو آهي، اهو ميٽافڪشن فارم جو ڀرپور ناول آهي. ميٽا فڪشن جي ٿيوري تي ڪم ڪندڙ وليم ايس گاس جي ناول Willie Master’s Lonesome Wife۾ به ميٽافڪشن آهي. جيڪڏهن سنڌي ادب جي ڳالهه ڪبي ته سنڌي ٻوليءَ جو افسانوي ادب به ڳالهه ڪرڻ واري طرز يا وري آکاڻي جي بنياد تي بيٺل آهي. ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي پهرين طبعزاد ناول ’دلوراءِ‘ (ليکڪ مرزا قليچ بيگ) ۽ اڻسڌي طرح آندل ميٽافڪشن ملندو ته ’جهان آرا‘ (عبدالرزاق عبدالسلام) ۾ به اڻسڌي طرح استعمال ٿيل ملندو. علي بابا جي ناول ’موهن جو دڙو‘ ۾ سڌي ريت ملندو. سنڌي ٻولي جي سنڌ ۽ هند ۾ لکيل افسانوي ادب ۾ سڌي طرح توڙي اڻسڌي طرح ميٽا فڪشن موجود هوندو آهي.

ميٽافڪشن اهڙو افسانوي ادب آهي جيڪو پنهنجي افسانويت کي پاڻ ئي اظهاري ٿو. بيان جو جيڪو شعوري اسلوبي طريقو استعمال ٿيندو آهي ان جي بيان ڪندڙ کي بيان وسيلي ئي خبر پوندي آهي ته اهو ناول يا ڪهاڻي جو حصو آهي ۽ اهو بيان، جيڪو ڪهڙي به افسانوي صنف ۾ هجي، افسانوي آهي. ۽ جيڪڏهن بيان ڪندڙ ڪردار پاڻ ڪردار آهي ته ميٽافڪشن واري ادب ۾ هُو شعوري طور ان ڳالهه کان آگاهه هوندو آهي ته هُو ان جو حصو آهي. ميٽافڪشن فارم ادب ۾ ناول سان گڏ ڪهاڻي، ڊرامي ۾ به آهي ته فلم يا مووي جي اسڪرپٽ ۾ شامل هوندو آهي. جڏهن ته ڪجهه شاعريءَ ۾ به ميٽافڪشن نظر اچي ٿو، جنهن کي عام طور ته جديديت کانپوءِ واري ادبي رويي جو هڪ عنصر سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن وڌيڪ سمجهڻ لاءِ ڳالهه سولي ڪجي ته افسانوي ادب جي ڪنهن به صنف ۾ بيان ڪندڙ به قبول ڪري ۽ يا وري اها صنف به پنهنجي افسانويت قبول ڪري ته ان کي ميٽافڪشن ادب چئبو. ان سلسلي ۾ پيٽريشاوا Particle waugh جي 1984ع ۾ ڇپيل ڪتاب Metafiction The Theory and Practice of self- Conscious fiction جي 2001ع واري اي لئبري ايڊيشن موجب:

“Metafictional novels tend to be constructed on the Principle of a Fundamental and Sustained opposition: the Construction of a Fictional illusion (as in traditional realism) and the laying bare of that illusion. In other words, the lowest common denominator of metafiction is simultaneously to create a fiction and to make a statement about the creation of that fiction.”

”ميٽافڪشنل ناولن جي اڏاوت هڪ بنيادي ۽ پختي مخالف تي رکي ويندي آهي: ڪنهن خيالي وهم جي اڏاوت (جيئن روايتي حقيقت نگاري) ۽ ان وهم کي ظاهر ڪرڻ آهي. ٻين لفظن ۾، ميٽافڪشن جو مطلب اهو آهي ته هڪ ئي وقت افسانوي ادب تخليق ڪرڻ ۽ ان افسانوي ادب جي تخليقيت جي باري ۾ ڪجهه بيان به ڪرڻ.“

عام طور پاڻ وٽ عرب دنيا سان لاڳاپيل جادوئي آکاڻين جو ڪتاب ’الف ليليٰ‘ يا وري  ’هزار داستان‘ جي نالي سان مشهور آهي. اهي داستان صدين کان ٻڌائڻ واري رستي وسيلي اڻ کٽ سفر تي رهيا آهن. جنهن حصي ۾ پهتا آهن اتان جو رنگ به انهن ۾ رلجي ويو آهي. سنڌ ۾ به ان جا نج اهڙا ڪجهه داستان به رهيا آهن. اڄ جي ادبي دنيا ۾ هر ڪوئي ان ڳالهه کي مڃڻ لڳو آهي ته انهن داستانن جي بيان واري فارم يا اڻت ۽ ٽيڪنڪ هرطرح جي افسانوي ادب کي متاثر ڪيو آهي خاص طور تي ان جي فارم ۽ ٽيڪنڪ کان سواءِ جادوئي حقيقت نگاري، سماجي حقيت نگاري ۾ لکيل ادب جي بيان Narration گهرو اثر ورتو آهي. ٻي وڏي ڳالهه ته ميٽافڪشن وارو فارم يا ٽيڪنڪ به انهن داستانن/ آکاڻين ۾ موجود آهي جيڪا ويهين ۽ ايڪويهين صدين جي افسانوي ادب جي تجربي ۾ تمام گهڻو رهي آهي. هن اسلوبي فارم سان افسانويت ۽ حقيقي بيان جڙي ويندا آهن. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو ته ميٽافڪشن سڌي ۽ اڻسڌي طرح موجود آهي. جيڪڏهن سڌي طرح جي ميٽا فڪشن جي بيان جو مثال ڏبو ته اهو ڪنهن ناول، ڪهاڻي يا افسانوي ادب جي ڪهڙي به صنف ۾ هوندو هن طرح جو هوندو آهي:

”هي ڪهاڻي جيڪا توهان پڙهي رهيا آهيو، ان واقعي جو تعلق ان وقت سان آهي جڏهن 2010ع واري ٻوڏ هاڃا ڪندي ٿي وئي.“

يا

”مون جڏهن هي آفيس جوائن ڪئي هئي ۽ هوءَ مون وٽ هڪ سائل طور آئي هئي، توهان جي سامهون آيل هي ڪهاڻي ان ڏينهن کان شروع ٿي هئي.“

جيڪڏهن پاڻ اڻسڌي طرح واري ميٽافڪشن جي قسم جو مثال ڏينداسين ته اهو اسان کي مرزا قليچ بيگ جي 1888ع ۾ ڇپيل سنڌي ٻوليءَ جي پهرين ناول ’دلوراءِ‘ جي ڇهين باب ۾ هن ريت ملي ٿو:

”هاڻي وزير جي پٽ جهان بيگ جو احوال ڏجي. جڏهن هن کي ٻڌڻ ۾ آيو ته دلوراءِ تصويرون گهرايون آهن، سڀ کان تڪڙو ٿي، پنهنجي تصوير ڪڍائي، ماءُ کي ڏنائين.“

ناول جي هن بيانيئي جو پهريون حصو، ”هاڻي وزير جي پٽ جهان بيگ جو احوال ڏجي....“ اڻسڌي طرح سان ميٽافڪشن آهي جنهن ۾ شعوري طور بيان اڻسڌي طرح موجود آهي.

ايئن ئي ٻيو مثال سنڌي نصاب ۾ رکيل عبدالرزاق عبدالسلام جي ناول ’جهان آرا‘ مان ڏجي ٿو جيڪو پڻ اڻسڌي طرح ميٽافڪشن آهي ۽ ناول جي بلڪل آخري پيرا آهي:

”واه جهان خان تنهنجي همت! جهان آرا به عدم آباد کي آباد ڪيو ويٺي آهي، ۽ هن کي به تنهنجي پرواهه نه آهي: نه تنهنجي جدائيءَ ڪري جلي ٿي ۽ نه تنهنجي بي خياليءَ تي ڪو خيال اٿس. هوءَ نه هاڻي ٻڌي ٿي ۽ نه روئي ٿي: جي سندس تربت تي وڃي سڏ ڪبو ته ڪو به جواب ڪونه ملندو؛ تنهنڪري اي زبان تون خاموش رهه، ۽ اي قلم هاڻي اڳتي هلڻ بس ڪر! وڌيڪ رڙڻ گناهه آهي.“

ميٽا فڪشن جو تجربو ايڇ جي ويلس کان نجيب محفوظ ۽ مارڪيز ويندي حوزي ساراماگو تائين ڪيو ويو ۽ سنڌيءَ ۾ ذڪر ڪيل مثالن کانسواءِ رسول ميمڻ جي ناول ’قالو بلا‘ ۾ افسانوي انداز ۾ بيان وسيلي تاريخ ۽ گذري ويل وقت ۾ پهچي ان جو حصو بڻيل آکاڻين ۾ سندس ڪردار ميٽافڪشن جي سڌي ۽ اڻسڌي طرح اظهارين ٿا. مشتاق شوري، ماڻڪ ۽ رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جي بيان ۾ ڪٿي ڪٿي اڻسڌي بيان وارو ميٽافڪشن ملي ٿو.

فارم ۾ ٻيو ميٽافڪشن جو تجربو ظفر جوڻيجي جي ناول ’اُجهاميو ٻران‘ ۾ نظر اچي ٿو جنهن ۾ هر ڪردار جي ڪهاڻي پوري بيان ٿي وڃي ٿي ۽ انهن ڪهاڻين جي بيان جو ذريعو ۽ ڪردار پنهنجي ڪهاڻيءَ سان اڳتي وڌندا رهن ٿا. ان دوران ناول جي اڻت ۽ ناول جي بيان کي به ناول جي مواد ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جيئن باب 03 ۾ آهي:

”آئون توڏانهن مواد موڪلي وساري چڪو هئس. پر تو به ته ڪا موٽ نه ڏني. گذريل هفتي تنهنجي چٺيءَ سميت ٽائيپ ٿيل ٿهو به مليو آهي. تو مون کي واعدو ياد ڏياريو آهي ته مون هام هئين ته آئون ناول ۾ بيان ٿيل واقعياتي دُرستگيون ڪندس.“

ساڳي ناول جي ساڳي 03 باب ۾ آهي ته: ”هاڻي اچون ٿا تنهنجي مواد تي. تو نوجوانن جي سوچڻ جي انداز کي چڱي نموني نڀايو آهي. باقي ڪردارن جي چونڊ، بيهڪ ۽ ناول جي مواد ۾ سندن حصي پتيءَ بابت توکي سنگيتا ٻڌائيندي.“

’اجهاميون ٻران‘ پنهنجي اسلوب ۽ بيان ۾ ناول جي لکجڻ جي ڪهاڻي به بيان ڪري ٿو ته ان سان گڏ ان ۾ آيل ڪردارن جون الڳ الڳ ڪهاڻيون بيان ڪري ٿو ۽ اهي ناول جي بيان جي اڻت سان ڳنڍجي ان جو حصو بڻجن ٿيون. ايئن هن ناول ۾ سڌي ۽ اڻسڌي طرح به ميٽافڪشن ملي ٿو، خاص ڪري ڪردار ميٽافڪشن فارم بڻائين ٿا.

سنڌي ادب ۾ ميٽافڪشن جو هڪ تُز ۽ سڌو سنئون مثال علي بابا جي ناول ’موهن جو دڙو‘ مان هن ريت آهي. هي ناول هن بيان سان شروع ٿئي ٿو:

”اڄ کان گهڻو اڳي، هزارها ورهيه اڳي، جڏهن هن ڌرتيءَ تي ديوتائن جو راڄ هو. جڏهن سج، چنڊ، باهه، پاڻي نانگن، ٻوٽن ۽ بتن کي پوڄيو ويندو هو، جڏهن هي دنيا هڪ ويران جهنگ هئي، جڏهن انسان جانور هو اهو دنيا جو عجيب دور هو، انهيءَ دور ۾ روشني ئي روشني هئي، انهيءَ دور ۾ اوندهه ئي اوندهه هئي، انهيءَ دور ۾ ٽهڪ ئي ٽهڪ هئا، انهيءَ دور ۾ روڄ ئي روڄ هو، انهيءَ دور ۾ اڻڳڻت خدا هئا، انهيءَ دور ۾ ڪو خدا نه هو.... هيءَ انهيءَ دور جي ڪهاڻي آهي.

هيءَ ڪهاڻي هڪ پيچري کان شروع ٿئي ٿي. هي پيچرو پنجن ندين واري ڏيهه جي هڪ زمين دوز شهر ’هري پايا‘ مان جاري ٿئي ٿو ۽ اڄ کان اٽڪل پنج هزار ورهيه اڳ جي زمين دوز شهر، موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ ختم ٿئي ٿو. هي پيچرا به اسان جي زندگيءَ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. دنيا هڪ وڏي ڪتاب جيان آهي، ۽ هي پيچرا ان تي اکرن جيان جڙيل آهن، جن ۾ ابتدا کان اڄ تائين بيشمار قومن جون ڪهاڻيون دٻالٽ ٿيل آهن. عجيب عجيب، پراسرار، هيبتناڪ ڪهاڻيون، جن کي ٻڌڻ سان بُت جا وار ڪانڊارجي وڃن. هي پيچرو به اسان کي هڪ اهڙي ئي ڀيانڪ ۽ پراسرار ڪهاڻي ٻڌائي ٿو.

تکي هوا لڳي لڳي، پيچري جي ذهن تان ڪن ورهن جي ڌنڌ ۽ ڌوڙ اڏائي، هن جي ذهن ۾ دٻيل ڪيترن پراڻن پيرن جا نشان پڌرا ڪري رهي آهي.“

سنڌي ادب ۾ اها ٽيڪنڪ ان جي شروعاتي لوڪ ادب جي آکاڻي ۽ داستان واري افسانوي ادب کان ئي موجود رهي آهي. علي بابا جي ان شروعاتي حصي کي ڏسبو ته اهو افسانويت ۽ حقيقت جي وچ ۾ تعلق پيدا ڪري ٿو ۽ جيڪو شعوري طور ئي ڪيل هوندو آهي.

ميٽافڪشن جو فارم ڏينهون ڏينهن پڙهندڙ جي ذوق وٽان به ٿيندو پيو وڃي جو ان جو بنياد افسانوي ادب جي داستان جي اوائلي انداز واري بنياد تي ئي رکيل آهي. ان تي تجربو جان بارٿ Lost in the Funhouse جي ڪهاڻين کان وٺي کان وٺي بورخيس به ڪندي نظر اچي ٿو. هتي پرڏيهي ادب مان خورخي لوئي بورخيس جي هڪ ننڍڙي ڪهاڻي جو ڪجهه حصو ڏيون ٿا جيڪا ميٽافڪشن جو هڪ بهترين نمونو آهي. خورخي لوئي بورخيس Jorge Luis Borges جي ’مسئلو‘ A Problem جي عنوان سان اها ڪهاڻي نقاد ۽ ڪهاڻيڪار اظهر نوناري ترجمو ڪئي جيڪا ”روزاني پنهنجي اخبار“ جي هفتيوار ميگزين ”پنهنجو ميگزين“ ۾ 10 نومبر 2019ع تي ڇپي هئي:

”اچو ته فرض ڪيون ته هڪ پني جي ٽڪري تي جيڪو عربي متن موجود آهي اهو ٽوليڊو مان مليو هو ۽ تاريخي رسم الخط پڙهندڙ اهو واضح ڪن ٿا ته اهو متن ان ساڳي سائيڊ همٽ بيننگيلي لکيو جنهن کان سروانتيز ڊان ڪيهوٽي ورتو هو. ان ۾ اسين پڙهون ٿا ته هيرو (جيڪو، هر ڪوئي ڄاڻي ٿو، ته اسپين جي رستن تي تلوار ۽ نيزي سان رلي ٿو ۽ ڪنهن به سبب لاءِ ڪنهن کي به چيلينج ڪري ٿو) کي ڪافي لڙاين کان پوءِ اها ڄاڻ پوي ٿي ته هن ڪنهن ماڻهو کي ماريو آهي. ان درجي تي اچي ٽڪڙا ٽٽن ٿا؛ هاڻي مسئلو گمان يا فرض ڪرڻ جو آهي ته ڊان ڪيهوٽي ڪهڙو تاثر ڏي ٿو.

جيستائين مان سمجهان ٿو ته ٽي امڪان موجود آهن. پهريون ناڪاري آهي. ڪا خاص شئي نٿي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڊان ڪيهوٽي جي فريبي دنيا ۾ موت جادو کان وڌيڪ نرالو ناهي ۽ ان جو ڪو سبب به نه آهي ته هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو جنگ ڪري ٿو يا اهو سوچي ٿو هُو جنگ ڪري ٿو، ڏندڪٿائي جانورن ۽ جادوگرن سان ان کي رڳو هڪ ماڻهو جو قتل پريشان ڪندو.“

بورخيس جي اها ڪهاڻي پينگوئين بوڪس Penguin Books پاران 1999ع واري ايڊيشن ۾ شامل آهي، جنهن ۾ سندس ڪجهه ڪهاڻين جا مجموعا گڏ ڇپيا ويا آهن. سندس انهن ڪهاڻين ۾ ميٽافڪشن ۽ جادو ئي حقيقت نگاري وارو اسلوبي فارم آهي. اهي ڪهاڻيون Andrew Hurley انگريزي ۾ ترجمو ڪيون آهن ۽ ڪتاب جو نالو Jorge Louis Borges Collected Fiction آهي. ان ڪهاڻي A Problem جو انگريزي ترجمي وارو متن به هتي ڏجي ٿو:

“let us imagine that a piece of paper with a text in Arabic on it is discovered in Toledo, and that Paleographers declare the text to have been written by that same cide Hamete Benengeli from whom Cervantes derived don Quixote. In it, we read that the hero (who, as everyone knows, wandered the roads of spain armed with a lance and sword, challenging anyone for any reason) discovers, after one of his many combats, that he has killed a man. At that point the fragment breaks off, the problem is to guess, or hypothesize, how don Quixote reacts.

So far as I can see, there are three possibilities. The first is a negative one: nothing in particular happens, because in the hallucinatory world of don Quixote, death is no more uncommon than magic, and there is no reason that killing a mere man should disturb one who does battle, or thinks he does battle, with fabled beasts and sorcerers.

ايڪويهين صديءَ جي افسانوي ادب مان جيڪڏهن مثال کڻجي ته اهو ادب جو نوبل پرائيز ماڻيندڙ حوزي ساراماگو Jose Saramago جي ناول The Gospel According to jesus Christ مان کڻي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڪيئي سٽون آهن، ننڍڙو مثال هن ريت آهي:

“The most incredible part of our story, however, is yet to come, after the slave Salome accompanies jesus to the cave and leaves him there at his request, Leave me alone between these dark walls, that I may hear my first cry in the deep silence, if echoes can last that long.”

”اڃان، اسان جي ڪهاڻي جو يقين نه ڪرڻ جهڙو حصو اڳتي اچڻو آهي، غلام سيلوم حضرت عيسي سان هن غار ۾ ايندو ۽ هُو سندس ئي هن گذارش تي کيس اتي ڇڏي ويندو ته، مون کي هنن اونداهي ديوارن اندر ڇڏي وڃو، جيئن مان هن گهري خاموشيءَ ۾ پنهنجي پهرين رڙ ٻڌي سگهان، جيئن ان جو پڙاڏو گهڻو وقت گونجندو رهي.“

ناول ۽ ڪهاڻين جي ڪجهه ٽرايولاجين کي به ميٽافڪشن جي فارم ۾ لکيو ويو آهي. جڏهن ته دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ڪيترائي طرز جا ناول ۽ ناويلا به ميٽافڪشن ۾ آهن. سنڌيءَ ۾ اهڙو مثال لعل پشپ جو سوانحي ناول ’لعل پشپ‘ ۽ وينا شرنگي جي مونولاگ اسٽائيل ۾ لکيل ناول ’منهنجا معصوم سڄڻ‘ ۾ نظر اچي ٿو، پر اهڙن ناولن ۾ اڪثر ميٽافڪشن جو اڻسڌي طرح وارو قسم استعمال ٿئي ٿو. اسلوبيت ۾ مزاح ۽ طنز توڙي چٿر واري انداز سان به افسانوي ادب ۾ ميٽافڪشن وارو فارم قائم ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان نقاد ’ڊان ڪيهوٽي‘ جو مثال به ڏيندا آهن. ان ڪري ئي هن فارم ۽ اسلوبيت کي ’جديديت کانپوءِ‘ واري افسانوي ادب ۾ اهميت ڏني ويندي آهي. ڏٺو وڃي ته ميٽافڪشن هڪ اهڙو اسلوب (Style) ۽ فارم بڻجي ٿو، جنهن سان پڙهندڙ، ليکڪ ۽ مواد جو هڪ ٻئي سان تعلق قائم ٿي ويندو آهي، جهڙوڪر اُهي مواد جي سمجهاڻي کي سمجهي ان سان گڏجي ويندا آهن.

فلم يا مووي ۾ به ڪو ڪردار هلندي فلم جي وچ ۾ اچي افسانويت ۾ حقيقت بيان ڪرڻ شروع ڪندو آهي، جيئن اويس حسين ۽ ايم. ايف. حسين جي لکيل هندستاني فلم ’مينا ڪشي‘ ۾ نواب جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار رگهووير وقفي وقفي سان ظاهر ٿئي ٿو ۽ هو ڪردارن، ڪهاڻي ۽ شهرن بابت آگاهي ڏئي مووي جي ڪهاڻيءَ جي افسانويت ۾ حقيقت آڻي ٿو. اهڙي طرح رڪ جافا، امانڊا سلور ۽ ڊيرڪ ڪوئلي جي لکيل اسڪرين پلي واري مشهور انگريزي سائنس فڪشن فلم ”جراسڪ ورلڊ“ Jurassic World کي به ميٽا فڪشن فلم چيو ويندو آهي. هڪ ٻيو بهترين مثال جيڪو وان ڊورمائيل Jeco Van Dormael جي لکيل ۽ هدايتون ڏنل انگريزي ۽ يورپ جي ٻين ٻولين ۾ رليز ٿيل فلم ’نو باڊي‘ No Body آهي. اهڙي قسم جا ڪيترائي ٽي وي ۽ اسٽيج، ويب وڊيوز ۽ اينيميٽيڊ فلمون، دنيا جي سوين ٻولين ۾ ٺهيون آهن، انهن مان ڪيتريون ئي سچين ڪهاڻين يا واقعن يا مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن جي جيون ڪٿائن جي بنياد تي آهن.

 

حوالا سنڌي:

1.       بيگ، مرزا قليچ، ’دلوراءِ‘ (ناول)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 1964ع وارو ايڊيشن.

2.      عبدالرزاق عبدالسلام، ’جهان آرا‘ (ناول)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 2007ع وارو ايڊيشن.

3.      علي بابا، ’موهن جو دڙو‘ (ناول)، سنڌ آر ڪائيوز گورنمنٽ آف سنڌ، 2017ع، ص: 17.

4.      رسول ميمڻ، ’قالو بلا‘ (ناول)، پوپٽ پبليڪيشن. خيرپور ميرس، 2012ع.

5.      ظفر جوڻيجو، ’اجهاميو ٻران‘، ڪويتا پبليڪيشن، 2015ع، ص، 61.

6.      اظهر نوناري، هفتيوار ’پنهنجو ميگزين‘ 10 نومبر 2019ع، ص: 10.

7.      موويز:

1.       مينا ڪشي، ’انڊين هندي مووي‘، رليز سال 2 اپريل 2004ع

Movies References:

1.              Jurassic World, USA English Movie, Released 29 May 2015

2.            No Body, English movie Released on 12 September 2009.

References:

1.              Encyclopedia Britannica (Online)

2.             Oxford Literary Dictionary (Online)

3.             John Wolfgang Roberts, Metafiction: an introduction on Dramatizing the boundaries of Social discourse (Online research Paper)

4.             Patricia Waugh, Metafiction: The Theory and Practice of Self- Conscious Fiction, Taylor $ Francis e- Library, 2001 (First Published in 1984)

5.             Borges, Jorge Louis, Collected Fiction, (Translated by Andrew hurley, Penguin book, 1999, page: 308.

6.             Saramago, Jose, the Gospel According to jesus Christ, A harvest book. Harcourt. Inc, 1993, page, 148- 49.


* مون کي ياد اچي رهيو آهي ته مخدوم صاحب جي درگاهه واري مسجد ۾ محراب مٿان حاشيه ۾ 1228هه (1228هجري) لکيل هو. جيڪو غالباً اگهم ڪوٽ جي تباهه ٿي وڃڻ کان پوءِ مرمت وارو سال هو، مگر حاشيه ۾ هن طرح لکيل هو: ”کُل نفسٍ ذائقة الموت“ 1228هه، هاڻي مسجد جي نئين مرمت کان پوءِ اُهو ميسارجي ويو آهي. (راقم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org