سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: محبت جي راهه تي

باب:

صفحو :9

سوال؟

زينو: (سس کي مخاطب ٿيندي) امان ڏسين ٿي، اڄ به پٽهين اڃا ڪين موٽيو آهي. سج ڪاپار تي چڙهي آيو آهي. اجها ٿي ٻپهري لڙي.

ساران: هائو، چوين ته سچ ٿي. ماني به ته کائي ڪين ويو آهي. مٿان جهولو ۽ گرمي، چيائين پئي ته بس اجهو ٿو موٽي اچان. ڪلاڪ ڏيڍ جو ڪم آهي، سيٺ اڄ ٽيڻا ماڻهو ڪم تي گهرايا آهن.

زينو: مون سان پاڻ ساڳي ڳالهه ڪئي هئائين. هميشه کان جمعي جي ڇوٽي ڪندا آهن. مزدوريءَ جي لالچ ۽ نماز کان اڳ ۾ موڪل جي آسري تي هليو ويو.

ساران: سيٺ جي ٽماڙ واري جاءِ، خبر ناهي ڪهڙي وٺ وٺان اچي لڳي اٿس، سڄو سڄو ڏينهن پاڻ پيرن ڀر بيٺو آهي.

زينو: پاڻ بيٺو آهي، تڏهين ته ٻن مهينن ۾ جاءِ جڙي راس ٿيڻ تي آهي، باقي رڳو هڪڙيءَ ڀت جون درزون رهيل آهن، ائين پئي چيائين!

ساران: ستون ڏينهن ٿيو اٿس ته جو جهڙيءَ مانيءَ واري ڳنڍ هتان ٻڌيو کڻيو وڃي، اُهڙي شام جو ورايو واپس کنيو اچي! پيٽ خالي، ڪم ڪيئن ٿو اُڄهيس؟ تو الاجي ڇا ڪيو اٿس، چي ”ڪنوار سان گڏجي ماني نٿو کان ته وڻي ئي نٿي.“

زينو: (ٿورو شرمائجي) الا! مون کي ڪهڙي خبر! پٽ ته تنهنجو ئي آهي، توئي ته کيس اهڙي پٽي پڙهائي هوندي!

ساران: هائو رمضو آهي ته منهنجو پٽ، پر توسان پرڻائي توکي جو ڏيئي ڇڏيو اٿم. دل تي هٿ رکي ڏس، هاڻي ته ماءُ ٿي آهين، پنهنجو پٽڙو ٿيو اٿئي، ڇو سڄو ڏينهن ڇاتيءَ سان لڳائي ويٺي آهينس!

زينو: ڇاتيءَ سان نه لڳايانس ته اڇلائي ڇڏيانس. چاليهه ڏينهن ته مس گذريا آهن......

ساران: هاڻي پاڻهي خبر پونديئه- منهنجو رمضو آهي ته چاليهن سالن جو پر آءٌ ڀانيان ٿي ته ڪالهوڻي ڪالهه ڄڻيو اٿم.

زينو: خدا ڏينهن ڏئيس، وٺي ڏسجانءِ. منهنجو پٽ جوان ٿيندو، مُڇن جي ساوڪ اينديس ته ميندي لڳائي، وني ڏيئي ٽولي ڇڏيندي سانس، ٽولي! تو وانگر آرو ڪين ڪنديسانس. هيڏي عمر آندي اٿئي، مٿو اڇو ٿي ويو اٿئي، ته به اويل سويل پيئي نهارينس.

(زينوءَ جو ننڍڙو روئي ٿو، ۽ هوءَ چولو مٿي ڪري ٿڃ ڌارائيس ٿي.)

ساران: ڪتو، ڪتو، ڏس ته سهي ماريو ٺهي جڙي پلٿي ماري اچي ويٺو آهي- نڪو ٻاهر نپٽا! هتي اندر اچي ويٺو آهي سهڪڻ ۽ ڄڀ ڪڍي لڙڪائڻ! اما زينو هڻينس اها ڀر واري سؤنٽي، مئو جاءِ ٿو خراب ڪري.

زينو: پر امان، هي پاڻ وارو موتي ته آهي، ٻاهر گرميءَ ۽ جهولي تنگ ڪيو اٿس، تڏهن لنگهي آيو آهي اندر (زينو جو ڇوڪرو هنج ۾ روئي ٿو. هوءَ نراڙ تي پگهر اگهندي، چوي ٿي.) اڄ ته جنسي دوزخ ٿي پيو آهي، جهڙي ڪا بٺي پئي ٻري. ننڍڙي کي وهنجاري ٿي اچان.

ساران: (پنهنجي سر) پنهنجي آنڊي جي ڪيئن نه ڇڪي آئي اٿس؛ هلي آهي کيس وهنجارڻ. منهنجو ٻچڙو اُس ۾ پيو ڳهي ۽ مزوري ڪري- دستگير جي ڪا وٺ پئين! جمعي جو ڏينهن، ههڙي گرمي، ههڙو جهولو، پوءِ به ڪم! جانورن تي به ڪهل ڪبي آهي! هي سيٺيون، شل قيامت ڪاري ٿئينِ.

زينو: (پري کان پٽ کي وهنجاريندي) اما هي ٻاهرئين مٽ وارو پاڻي ته ڪوسو ٿي ويو آهي، اتان اندران دلي مان نه گلاس ڀري اچين!

(ساران اندران گلاس ڀري وڃي ٿي ٻارڙي جي مٿان آهستي آهستي ڪري پاڻي هاري.)

زينو: دل ۾ نه ڪرين، هڪڙو ٻيو ڪم چوانءِ!

ساران: آءٌ ڪا ٿورو ئي تنهنجي نوڪرياڻي آهيان. مون کي ته ڪابه ڳالهه ڪانه ٿي اُچهي. بس اهائي ڳڻتي اٿم ته پٽم ڪيڏيءَ مهل ٿو اچي ماني کائي.

زينو: (پٽ کي گنديءَ ۾ ويڙهيندي) پوءِ ڀلا کيس ڇو نٿي وٺي اچين.

ساران: تون به گڏجي هل نه، ڇوڪري کي چولڙو پاراءِ ته گڏجي هلون.

زينو: ڳالهه ته واهه جي ٿي ڪرين، بس ٻيڪڙي اچ در کي. (ڪُتي کي) موتي! موتي! نڪر ٻاهر!

(سس ۽ نُنهن ڳالهيون ڪنديون، سيٺ واريءَ جاءِ ڏانهن هلن ٿيون.)

زينو: ڀلا پٽهين پاڻ تي ڪاوڙبو ته ڪين؟

ساران: آءٌ جو توسان گڏ آهيان، مزال آهي، جو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي. جي گوڙ ڪيائين ته هي ڏسين ٿي ٿڦڙ، وهائي ڪڍندي مانس.

زينو: امي، ائين ته نه چئو، ننڍڙو ته ڪونهي.

ساران: وڏو هوندو ته ٻين جي لاءِ، پورا ڏهه مهينا پيٽ ۾ سانڍيو اٿمانس. ماءٌ سان ٿوروئي منهن ڏيندو.

زينو: اهو ته آءٌ به مڃان ٿي، پر وات مان وائي ته چڱي ڪڍجي.

ساران: کير پي ڄڻيو اٿمانس، ڏسجئين ويٺي، پاڻ کي پري کان ڏسي سهي.................

زينو: بس بس، گهڻو نه پڏائينس.

ساران: اما، اڃا گهڻو پنڌ آهي، منهنجا ته پير ٿا پڄرن مٿو ٿو سڙي.

زينو: هاڻي اچي پهتا آهيون. جهولي به هانيون ڪري ڇڏيون آهن.

ساران: ننڍڙي کي ته چڱيءَ طرح ويڙهه، متان ڪٿي لهس نه اچي وڃيس.

زينو: هو ڏس! او، اها، سامهين جاءِ! پٽهين مٿي، او..... اهو..... ڏائيءَ ڪنڊ وٽان، بنهه چوٽيءَ تي، تغاري پيو لاهي.

ساران: مون پوڙهيءَ کي ته ڏسڻ ۾ ڪجهه ڪين ٿو اچي. بچي شل؛ گهوري وڃانس!

زينو: موتي، موتي، ڊوڙ پنهنجي ڌڻيءَ وٽ، توکي ڏسي من هيڏانهن لؤڻو هڻي.

(زينو ننڍڙي ڇوڪري کي ٿورو مٿي ڪري، نِوڙي پٿر کڻي جاءِ واري پاسي اڇلائي ٿي، ڪتو پڇ لوڏي اوڏانهن لُوهه ٿو ڪري.)

ساران: چري، هي وري ڇا ٿي ڪرين! مڙسهين ڇا سمجهندو، پاڻ به ايڏانهن هلون پيئون.

زينو: بس پهچي ته ويون آهيون.

ساران: هائو، هائو، هاڻي ته آءٌ ڏسان پئي، اهو چوٽيءَ تي بيٺو آهي نه- ابول! منهنجو ته مٿي نهاريندي مٿو ٿو ڦري. (ڪتو ڀؤڪندو موٽي ٿو اچي.)

زينو: هيترا سارا مزور! مار، امان پٽهين پاڻ کي ڏٺو آهي.

ساران: هيڏانهن نهاري ته پيو.

زينو: هو ڏس! هٿ سان اشارو ڪري رهيو آهي.

ساران: ڇا ٿو چوي؟

زينو: چوي ٿو اتي ترسو، اجهو ٿو اچان.

ساران: ڀلا تون به ته سڏ ڪرينس.

زينو: هائو، هائو.

ساران: اڃا لهي ته ڪونه ٿو.

زينو: ڀلا وچ ۾ ڪم ڇڏي ڪيئن ايندو. هو پريان سيٺ جو بيٺو آهي.

ساران: سيٺ هوندو پنهنجي لاءِ، منهنجو ته هاڻي گرميءَ کان هانءُ ئي ٿو ماندو ٿئي. ننڍڙو مون کي ڏي. آءٌ ٿي ويجهو وڃانس.

زينو: هان وٺ،. پر ڏاڪڻ کان پري ٿي. بيهجانءِ- اُس کان ته ڍڪينس........

رمضو: (مٿان ڪاوڙ مان رڙ ڪري ٿو) امان! امان! هي ڇا ٿي ڪرين، ننڍڙي کي اُس لڳندي.....پري ٿي..... ڍڪينس..... پاڇولي ۾ بيهه، هٽي وڃ، پري ٿي!

ساران: (ڏاڪڻ جي ڀرسان اچي) نه ته، ڀلي ته گرمي لڳيس، توکي گرمي ڪانه ٿي لڳي- لهي هيٺ اچ، هيٺ لهي آ.

رمضو: امان، امان! الله جي نالي، اُستاد، استاد آءٌ لهان ٿو. آءٌ وڃان ٿو.

(تڪڙ ۾ رمضوءَ جو پير ترڪي ٿو ۽ ٽماڙ تان ڪلٽي کائي اچي پٽ تي ڪِري ٿو.)

ساران: آءٌ مري ويس، گهوڙا!

(ساران اوراٽجي ڪري پئي، ٻارڙو ڌڪ لڳڻ سان ڪيهون ڪرڻ لڳو، زينو ڊوڙي اڳي اچي ٿي ۽ پنهنجي ڇوڪري کي کڻي ٿي، مڙس کي ڏسي اکيون ڦاٽي ٿيون وڃنس، سيٺ اچي ٿو ۽ رمضوءَ جي ڦاٽل اجرڪ سان رمضو کي ڍڪيندي چئي ٿو.)

سيٺ: اِهي رنون هتي ڇو رلي رهيون آهن. پري ٿيو پري ٿيو! شيءِ وڃي ڌڻين کي رسي.

 

محبت جي راهه تي

اڄ سواءِ ڪنهن انتظار جي تنهنجو خط مليو. مهرباني! دراصل تنهنجي خط جو نه، پر توسان ملڻ جو انتظار هو. هن کان اڳ ته ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي، جو تون سواءِ ٻڌائڻ جي هليو وڃين ۽ ميار لاهڻ لاءِ ٻه چار سٽون لکي، صفائي پيش ڪرين، پوءِ معافيءَ جي تقاضا ڪرين. تنهنجي غير حاضري جيتوڻيڪ حيرت جو سبب هئي، پر پوءِ به مون سوچيو ته شام جو وڃي تنهنجي گهران خبر چار وٺندس. ائين ڪريان ئي ڪريان، تنهن کان اڳ تنهنجو خط مليو، تو دوستيءَ ۾ وري به پنهنجو ئي پاسو ڳرو ڪيو- شاباس اٿئي، جو ايترو وقت مليئه ۽ دوستن کي ياد ڪري سگهيو آهين. تو ته هن چوڻيءَ کي به غلط ثابت ڪري ڏيکاريو ته ’عشق ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجهه روا آهي!‘

شڪر آهي، جو تون جنگ جي ميدان ڏانهن ڪونه ويو آهين؛ البت ڪنهن خاص ڪشش جي ڪري ڇڪجي، ٻئي ڪنهن هنڌ وڃي نڪتو آهين- اهڙي هنڌ جتي جي دلڪشي دوستن کان وڌيڪ ۽ سرس پئي ڀانئجي. محبت، سڀني معاملن کان بي نياز ڪيو ڇڏي. پر، اڄ جو انسان جنهن جي سامهون صدين جا سوين انساني تجربا ۽ نتيجا اکين اڳيان آهن. اُهو جنگ جي ڀيانڪ نتيجن کان پوري طرح آگاهه آهي. هو سوچي سمجهي، جنگبازن جي حيواني خواهشن ۽ بد ارادن کي هر ممڪن طريقي سان روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ساڳيءَ ريت عيش ۽ محبت جي سلسلي ۾ پڻ سمجهدار ماڻهو، ڏسي وائسي، اکيون ٻوٽي پنهنجو پاڻ اوڙاهه ۾ ڪيئن اڇلائيندو؟

تون نوجوان آهين. توکي شايد ڪل نه هجي ته جوانيءَ ۽ محبت جڏهن پاڻ ۾ گڏبيون آهن، تڏهن هڪ معصوم ۽ ناتجربيڪار جي دنيا ئي دلجي ويندي آهي. پوءِ دنيا جي ڪابه مخالفت سندن نگاهه ۾ ئي نه هوندي آهي- ڀلا ڪنهن کي نگاهه ۾ آڻينِ به ڪيئن؟ جڏهن تارن جي جهرمر، چنڊ جي روشنائي، گلن جي خوشبوءِ، شمع ۽ پروانو ۽ ٻن سڪايل دلين جي چاهنا، ڪائنات جي سرجڻ کان وٺي اٽل رهيا آهن- فطرت جا هي لازوال پيوند ڪير ٽوڙي سگهيو آهي؟ مذهب، سماج، رشتا، ناتا، قاعدا قانون ۽ وقت جون انڌيون جابر قوتون- هِنن هميشه ساڻن ٽڪرجي، پنهنجا مٿا پئي ڀڃايا آهن.

تُنهنجو ڪهڙو قصور! اها حقيقت جيڪا منهنجي سامهون زبان تي آڻي نه سگهئين، اهو راز جيڪو تنهنجي دل ۾ ته هو، پر چپن تائين پهچي نٿي سگهيو سو آخر ڪيترو وقت ’راز‘ رهي سگهي ٿو! هن خط ۾ به تنهنجي اهائي بيوسي ۽ لاچاري ليئا پائي رهي آهي. لڪائيندي ۽ نه لکندي ۽ نه ٻڌائيندي به مون لاءِ اها هڪ کليل حقيقت بنجي پئي آهي. آءٌ توکي ڪوبه ڏوهه ڏيئي نٿو سگهان. ڪافر آهن اُهي انسان، جن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن سان به پيار ڪين ڪيو آهي. آءٌ هن مسئلي ۾ ڪيئن تنگ نظر ٿيان؟ عشق ۽ محبت جا پانڌيئڙا پنهنجا پير اوري ڪر ته آءٌ انهن جي هيٺان پنهنجون اکيون پَٿاري ڇڏيان!

ٻئي جي دل جي ڪنهن کي ڪل! ڍائي کي بکئي جو ڪهڙو خيال؟ هر هڪ کي پنهنجا مطلب آهن. توکي ڪهڙي فڪر اچي ورايو آهي؛ اهي وسوسا، وساري ڇڏ.

اڄ تنهنجي مختصر خط منهنجي ماضيءَ جا ڳچ وسريل داستان ياد ڏياري ڇڏيا آهن. اچ ته انهن مان هڪ ڪهاڻي توکي به ٻڌايان- اها اکين سان ڏٺل روئداد، جيڪا سالن کان منهنجي يادگيرين جي نگارخاني ۾ ستي پئي هئي؛ اجهو هينئر ڪر موڙي پاسا ورائي رهي آهي- توسان ۽ هن سان ڪيترو نه ٺهڪي ڦهڪي ٿي اچي. گويا اها، شايد اها، ساڳي سون ورني ڪهاڻي آهي، جا تون مان ئي، نئين سر نئون پساهه کڻي، سجاڳ ٿي، سورنهن سينگار ڪري ويهي رهي آهي.

1944ع وارو زمانو هو. باک ڦٽي هئي، بمبئي جي بندرگاهه تي هڪ سانت واري فضا ڇانيل هئي. هوا ماٺي هئي. البت ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مهل ڪناري تي بيٺل ٻيڙيون، رکي رکي، آهستي آهستي هڪٻئي سان ٽڪرجي، جدا ٿي، وري ٽڪرجي رهيون هيون. ٿورڙو ڌنڌ هو. مهاڻن جون ٻيڙيون جيڪي واپس پئي وريون، سي ڪناري ڏانهن وڌندي نظر ٿي آيون. ڪٿي ڪٿي ايڪڙ ٻيڪڙ جل ديوتا جا پوڄاري، سيس نمائي، پوڄا ۾ مگن هئا، ۽ آسپاس ۾ ڪي ٿورڙا ماڻهو هوا خوري ڪري رهيا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com