سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: محبت جي راهه تي

باب:

صفحو :11

”ڳالهه ٻڌ، مڊگائوڪر هتي آئي هئي. بزدل، جنهن تنهنجي جان بچائي، ان سان تو ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. هي چارئي مهينا تو ديوانن وانگر بمبئي جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ٺوڪرون کاڌيون آهن. نيٺ تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ ڏس، ڪنهن سان ته دل جو دک سور اور. پنج ئي آڱريون برابر ڪينهن. مون تي اعتبار ڪر؛ تنهنجي اندر جي ڳالهه منهنجي دل جو راز رهندي- تنهنجو قسم!“

حامد پنهنجون ڳوڙهن ڀريل اکيون مٿي کنيون ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”ڪجهه به ڪينهي، دوست آءٌ وڏيءَ الهجن ۾ آهيان. توکي ڇا ٻڌايان. تنهنجي سيني ۾ پٿر جي دل آهي. چڱو، چانهه جو آرڊر ڏيئي اچ، ته ويهي ڳالهيون ڪريون.“ حامد هڪ ڊگهو ساهه کڻندي، مٿيان جملا وڏيءَ مشڪل سان ادا ڪيا. پارٽنر چانهه کڻائي آيو ته ڪوٺي خالي پيئي هئي، ۽ حامد الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو.

حامد ڪوٺيءَ مان نڪري هاسٽل جي پٺ ورتي. پوليس ڪوارٽرن ۽ اسپتال جي وچان لنگهي، ڌوٻي تلاءُ جي چؤ واٽي وٽ بيهي، وائڙن وانگر نهارڻ لڳو. چؤواٽي وٽ ڪافي رش هئي: ماڻهو، موٽرون، بسون، ٽرامون، سائيڪلون، سڀيئي تيز تيز پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن منزل ڏانهن وڃي رهيون هيون. ۽ حامد، هڪ بي منزل مسافر وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو، ڌوٻي تلاءَ جي چؤواٽي وٽ اچي پهتو. هو سواءِ ڪنهن فيصلي جي وائڙن وانگر بيهي رهيو. هن ائين ٿي محسوس ڪيو ته هي چؤڌاري وڏا وڏا محل، ماڙيون، رستا، مطلب ته هر چيز کيس گهوري رهي هئي. حامد گهٻرائجي، جلدي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. خيالن ئي خيالن جي دنيا ۾ هن کي ياد آيو ته ”پارٽنر چانهه وٺي آيو هوندو. مون کي نه ڏسي ڇا سمجهيو هوندائين. اڄ ته هو وڏو همدرد نظر اچي رهيو هو- مطلبي، مڪار ۽ خود غرض........ آءٌ اڪيلو آهيان. مڊگائوڪر روم تي ڇا جي لاءِ آئي هوندي؟ پارٽنر هن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون هونديون.... دل جو درد ۽ ان جو درمان ڪير ٿو ڪري! ڪير ڪنهن جو همدرد آهي! پارٽنر ڳوٺ تار ڪئي ته ڇا ٿيندو. ماءُ سان ڪهڙو انجام ڪري آيو هوس. هتي اچي مون کي ڇا ٿي ويو آهي؟ مون کي ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو جو ايلفنٽا ويس. مون کي مندر جي مٿان ڪير هيٺ کڻي آيو. مڊگائوڪر جي هٿن ۾ ئي مري وڃان ها- سڀيئي مون تي چٿرون ڪن ٿا. آءٌ چريو ٿي ويندس. آءٌ واقعي ديوانو ٿي ويو آهيان.....“

فوٽ پاٿ جي ڀرسان موٽرون فرڙاٽ ڪندي لنگهيون، ته حامد جي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. هو چؤواٽو اڪري، اولهه طرف روانو ٿيو، تان چرني روڊ وٺي تيزيءَ سان هلڻ لڳو. ميل کن پنڌ ڪري چرني روڊ باغ ۾ گهڙيو. اتان چرني روڊ اسٽيشن جي دروازي تي بيهي، ٽڪيٽ واريءَ دريءَ ڏانهن نهاري، پوئتي موٽيو ۽ وري ساڳيو رستو وٺي هلڻ لڳو. هلندي، اوڀر پاسي ڏانهن ڏسندي، ٻئي رستي تي لڙيو، جتان اچي گرگام روڊ تي پهتو. گرگام روڊ تي ڪلهي گس هئي- هڪ طرف بسون ۽ ٽرامون ته ٻئي طرف ماڻهن جو هجوم. ٽرئفڪ ۽ ماڻهن جو ميل جليل آواز قيامت کان گهٽ ڪين هو. حامد بيهي بيهي هڪ بس ۾ چڙهي پيو. هو اڃا ويٺو ئي مس ته بس ڪنڊيڪٽر اچي مٿان بيٺس: ”بابو ٽڪيٽ، ڪٿي لهندا؟“ حامد ڇرڪ ڀريندي ورندي ڏني، ”آخري بس اسٽاپ.“ هن پسئن ڪڍڻ لاءِ سوٽ، قيمص ۽ ڪوٽ جي مڙني کيسن ۾ هٿ وڌو. شايد هن جي ڪنهن به کيسي ۾ پئسا ڪونه هئا.

حامد هڪ ڏينهن پنهنجي دستور خلاف سبحاني هاسٽل جي ڪمري ۾ ويٺو هو. هن جي اڳيان هڪ نامڪمل تصوير پيئي هئي. هو بيخوديءَ جي عالم ۾ رنگ کڻي، لڳائي، پٺتي هٽي، وري ويجهو اچي تصوير کي ٺاهڻ لڳو- سمنڊ جو ڪنارو، جهاز، ٻيڙيون، جبل، پيچرو، آسمان، ڪڪر، مرد ۽ عورتون. ايتري ۾ هن جو پارٽنر حامد جي ڄاڻ کان سواءِ اندر لنگهي آيو. هن ايندي گنڀير آواز ۾ چيو، ”پارٽنر، لاجواب شاهڪار! رنگن جو عجيب ۽ حسين ميلاپ، حقيقت جي بينظير پيشڪش. پر هيءُ نظارو ته ڏٺل وائٺل پيو ڀانئجي. ها، اهو ته سچ پچ ايلفنٽا جي غارن وارو منظر آهي.“ حامد جي چهري تي خوشيءَ جي لهر اڀري آئي. هن جا ڪن ڳاڙها ٿي ويا. هن جون اکيون ڏيئن وانگر ٻرڻ لڳيون. هن تصوير کي ڇڏي پارٽنر جي ويجهو آيو ۽ حسرت ڀرئي آواز ۾ چوڻ لڳو، ”پارٽنر، ڏس تو مون سان ڪهڙو واعدو ڪيو هو. انهيءَ باري ۾ ڳالهيون ڪري، منهنجن زخمن تي لوڻ نه ٻرڪ.“

”معاف ڪر حامد، تنهنجي تصوير جو ڏوهه آهي؛ ههڙو شهپارو ڏسي، آءٌ ان جي ساراهه کان رهي نه سگهيس. مون کي مهرباني ڪري معاف ڪر.“

ڪوٺيءَ جي دروازي تي اڻ ڄاتل آواز آيو، ”آءٌ اندر اچي سگهان ٿو؟“ هو ايندي شرط تصوير جي ڀرسان اچي بيهي رهيو ۽ ان تصوير کي ڏسندو رهيو، حامد ۽ سندس ساٿي حيرت مان هڪٻئي ڏانهن نهاري، نگاهن ۾ هڪٻئي کان سوال ڪري رهيا هئا، ’هي ڪير آهي؟ تصوير جي ڀرسان ڇو بيٺو آهي؟ هي ڪهڙي ڪم سان آيو آهي؟‘

”ساڳيو هوبهو انهيءَ ڏينهن وارو نظارو. ڪمال ڪري ڇڏيو اٿئي! ايلفنٽا وارا غار!“ اجنبي ائين چئي، وڏيءَ گنڀيرتا سان تصوير ڏانهن نهارڻ ۾ گم ٿي ويو. رکي رکي وري چوڻ لڳو. ”منهنجو نالو گوبند آهي.“ هنن ٻنهي ڄڻن سندس آجيان ڪئي. گوبند ويٺو ته حامد چيو، ”مهرباني ڪري پنهنجو احوال ٻڌاءِ.“

”هائو، انهيءَ لاءِ ته آيو آهيان،“ گوبند ورندي ڏني.

”حامد وڏيءَ اٻهرائي سان پڇيو، ”اوهين ڪهڙو ڌنڌو ڪندا آهيو؟“

”منهنجو ڪاليا ديوي روڊ تي چمڙي جو دڪان آهي. اصل پنجاب جا آهيون، پر آءٌ ڄائو نپنو بمبئيءَ ۾ آهيان.“ حامد وڌيڪ حيرت ۾ پوندي، دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو، ’آخر چمڙي جو واپاري هتي هاسٽل ۾ ڇو آيو آهي؟‘ گوبند وهيءَ چڙهيل ڪرڙوڍ هو، پر ڪپڙي لٽي ۾ ٺهيل ٺڪيل ۽ مضبوط جسم وارو  نظر اچي رهيو هو.

گوبند، حامد جي حيرانيءَ کي سمجهندي وڌيڪ ڳالهائڻ لاءِ تيار ٿيو، پر ڪا مجبوري کيس زبان کولڻ کان بيوس ڪري رهي هئي. نيٺ هن جي همت پنهنجي دل جي اظهار ڪرڻ تي آمادهه ٿي، ۽ چوڻ لڳو، ”حامد، توکي تعجب ٿيندو آءٌ ڪا پراسرار شخصيت نه آهيان. منهنجي زندگي ۾ هڪ حادثو ٿيو.........“ گوبند اڃا ڳالهائڻ ٿي چاهيو ته حامد جي پارٽنر هن جي سلسلي ڪلام کي ڪٽيندي، اٻهرائيءَ مان چيو، ”توکي چندو يا خيرات ته ڪانه گهرجي؟“ ”نه نه، آءٌ ڪو چندي باز يا پينو فقير ڪونه آهيان. آءٌ پاڻ ضرورتمندن کي دل ڏيئي سگهان ٿو.“

”پارٽنر، هن کي ڳالهائڻ ڏي.“ حامد پنهنجي ساٿيءَ کي ٽوڪيندي چيو. ”معاف ڪجو، مسٽر گوبند! منهنجو دوست نهايت اٻهرو آهي.“ ”ته پوءِ هن تي ڪا ميار نه آهي. دوست آءٌ هڪ اهڙي حادثي جي سلسلي ۾ اوهان وٽ آيو آهيان، جنهن منهنجو هوش حواس مون کان ڦري ورتو آهي. چئن مهينن کان وڌيڪ عرصو ٿيو ته آءٌ انهيءَ چڪر ۾ آهيان. حامد، توکي ياد هوندو آچر جو ڏينهن، سيپٽمبر جي ستين تاريخ، آرٽ ڪاليج جا شاگرد ايلفنٽا جي مندر ۾ هئا. اوهان جي ٽولي مٿي گهمي رهي هئي، آءٌ به مٿي هوس. شاگردن کي ڏسي، مون کي پنهنجو زمانو ياد آيو. آءٌ پري پري جو نظارو ڏسندي پنهنجين يادگرين ۾ گم هوس ته هڪ ڇوڪري کي مکين جي ماناري تي پٿر اڇلائيندي ڏٺم. مون رڙ ڪئي. هو شرير پٿر اڇلائي، ڊوڙي اڳين ويندڙ شاگردن ۾ گڏجي ويو..........“

”تڏهن تون انهيءَ ڏانهن اتي ئي هئين؟“ حامد، گوبند کان حيرت مان سوال پڇيو.

”هائو، تون سڀني جي پويان هئين. ماکيءَ جي مکين جي ٻنڌ ٽٽي پيئي هئي. اهي مانارا ڇڏي توتي اچي ڪڙڪيون. تنهنجي ٽولي توکان بي خبر هيٺ لهي مندر ڏانهن رواني ٿي، ۽ تون بي هوش ٿي ڪري پئين. آءٌ اهو سڀڪجهه ڏسي رهيو هوس. مون توکي بچائڻ لاءِ سوچيو ۽ هڪدم ڊوڙي جبل تان هيٺ لٿس. سوچيم ته هيٺ اطلاع ڏيان. مندر جي دروازي وٽ چوڪيدارن کي مدد لاءِ منٿ ڪيم، پر ڪنهن کي به قياس ڪونه پيو. نيٺ گهڻين منٿن کان پوءِ، هنن کان چادر وٺي، توکي ويڙهي ڪلهي تي کڻي هيٺ مندر ۾ آيس، ۽ آرٽ ڪاليج جي شاگردن کي سندن امانت حوالي ڪيم. پوءِ ته سڀيئي حلقو ٻڌي بيهي رهيا ۽ آءٌ هٽي پري ٿي بيهي رهيس. هڪ ڊگهن وارن واري مرهٽي ڇوڪري توتان...........“

”گوبند، گوبند، تڏهن منهنجي حياتيءَ بچاڻڻ وارو تون ئي آهين؟“ ائين چئي، حامد ڊوڙ پائي گوبند کي چنبڙي پيو. هو ڏڪندڙ ۽ ٿورائتي آواز ۾ چوڻ لڳو، ”گوبند، تو ئي مون کي زندگي ڏني آهي. تو مون تي وڏو احسان ڪيو آهي. هيترو وقت ڪٿي هئين؟ آءٌ تنهنجو احسان عمرڀر وساري نه سگهندس ۽ تنهنجي احسان جو عيوضو.........“ گوبند جي اکين مان ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ هو به حامد کي ڀاڪر پائي چنبڙي پيو. ان وقت هو اهڙا ٻه ڀائر پئي نظر آيا، جي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ اوچتا مليا هجن. گوبند جو نڪ ۽ اکيون حامد جهڙيون ئي هيون.

گوبند رومال ڪڍي اکيون اگهيون ۽ پاڻيءَ جي گهر ڪئي. هو پاڻي پي وري شروع ٿي ويو. ”هڪ چڱي انسان جو ڪم آهي ته سواءِ ڪنهن لالچ جي نيڪي ڪري. چڱو ڪم ڪنهن به غرض سان ٿيو ته اها نيڪي نه آهي. مون توتي احسان ڪونه ڪيو پر، آءٌ هيترو سارو عرصو جو توکي گڏجي نه سگهيس، سو به انهي خيال سان ته متان ڪٿي نيڪي بديءَ ۾ نه تبديل ٿي وڃي؛ آءٌ اڄ فقط انهيءَ ڪري تو وٽ آيو آهيان، مون جيڪو احسان ڪيو، تنهن جو عيوضو نه پر پنهنجي دل جو تو وٽ درد کڻي آيو آهيان ۽ توکان ساڳيءَ نيڪيءَ جي بيک گهرڻ آيو آهيان“ ائين چئي، گوبند ايزل تي پيل تصوير کي خاموش نگاهن سان ڏسندو رهيو.

”مون کي جلد ٻڌاءِ! جنهن مون تي ايڏو احسان ڪيو، تنهن لاءِ آءٌ ڪهڙي قرباني ڏيئي سگهان ٿو. گوبند منهنجو واعدو آهي، تون دل جي ڳالهه ڪر آءٌ توتان پنهنجو ساهه به گهوري ڦٽو ڪندس“ حامد ايترو ۽ اهو سڀڪجهه جذبات ۾ چئي ويو.

مون کي اها ئي اميد تو وٽ گھلي آئي آهي“، گوبند قدري خوش ٿيندي چيو ”انهيءَ حادثي ۾ خبر ناهي ڪيئن.... اها، آءٌ پنهنجي دل ڦرائي ويٺو آهيان. آءٌ بي قرار ۽ بي چين آهيان. خبر ناهي مون کي ڇا ٿي ويو آهي....“  گوبند جو آواز جيئن پوءِ ڳرو ٿيندو ويو. آخر هن  ڳنڀر ٿيندي وراڻيو: ”حامد، مون کي احساس آهي ته اوهان ٻئي پاڻ ۾ محبت ڪريو ٿا. تون مسلمان آهين، ۽ هوءَ هندو آهي- پيار ۾ دين ڌرم ڇا جو؟ پر، هي دنيا وارا محبت ۾ هميشه رڪاوٽون وجهندا رهيا آهن. تنهنجي مائٽن ۽ هن جي مائٽن کان اڳ، دين ۽ ڌرم جا رکوالا اهو رشتو قبول ڪين ڪندا. اوهان ٻنهي جي وچ ۾ بي انداز مجبوريون آهن- اهي ئي منهنجو سهارو آهن. مون ٻڌو آهي ته تنهنجي شادي به ٿيل آهي. مون پنهنجي سر ڪافي ڪوشش ڪئي آهي- دادر ۾، هن جي چاچي جي اسپتال ۾ مريض ٿي داخل ٿيس. هن سان ويجهي ٿيڻ جي ڪوشش ڪيم، پر اتان لا علاج ٿي تو وٽ آيو آهيان. هاڻي فقط تون ئي منهنجو مسيحا بنجي سگهين ٿو. منهنجي احسان جو عيوضو نه، پر پنهنجي نيڪيءَ جو عظيم مثال قائم ڪري ڏيکار،“ ائين چئي، گوبند نهايت خاموشيءَ سان حامد جي پيرن ڏانهن نهارڻ لڳو.

حامد جي پيرن هيٺان ڄڻ ٽانڊن جو مچ ٻرڻ لڳو. هن سختي بي چينيءَ جي حالت ۾ اتان اٿيو ۽ طوفان ۾ وڻ جي ڪمزور شاخ وانگر هيڏي هوڏي ڪوٺيءَ ۾ ڦرڻ لڳو. هن جي چهري تي مختلف احساس دونهين جي ڪاراٽ جيان وڌڻ ۽ هٽڻ لڳا. بي خبريءَ جي عالم ۾ هو هٿ مهٽي مهٽي ڇت کي تڪڻ لڳو، ۽ پوءِ هڪ شعلي وانگر ڏڪي ڏڪي، اکيون پوري بيهي رهيو- خاموش بي جان، جهڙو رک جو ڍير، گوبند، جيڪي هڪ شمع تي ٻه پروانا هئا، تن جي حسرتناڪ آئيندي تي سوچي رهيو هو. وقت گذرندو ويو. نيٺ حامد اکيون کوليون، هو ڄڻ سالن جي ڪنهن پراڻيءَ قبر مان اٿي کڙو ٿيو هو. هن وڏي همت سان گوبند کي مخاطب ٿيندي چيو، ”منهنجي اندر ۾ جهاتي پاءِ، ڪاش، تون ڪجهه ڏسي سگهين ها ته هوند اڄوڪي سزا مون کي هرگز نه ڏين ها- پر تنهنجو ڪهڙو قصور، تون پاڻ مجبور آهين. چڱو هاڻي وڃ، ايندڙ آچر تي صبح جو ستين بجي مون وٽ اچج ته توکي مڊگائوڪر وٽ وٺي هلندس.“ جواب ٻڌندي گوبند سواءِ ڪنهن چون چرا جي ڪوٺيءَ مان نڪري ٻاهر هليو ويو.

ايندڙ آچر جي وچ ۾ پورا ست ڏينهن هئا. اهي ست ڏينهن حامد واسطي قيامت کان گهٽ ڪين هئا. هو ڪباب وانگر نااميديءَ جي آڙاهه ۾ کامندو، جلندو ۽ سڙندو رهيو. اڪيلي سر هو اهو سڀڪجهه سهندو رهيو- هن جو پارٽنر ڳوٺ ويل هو، تنهنڪري هُن کي هن حالت ۾ ڪو بني بشر ڏسي ڪين سگهيو. ڇنڇر جي شام جو حامد شهر ڏانهن ويو. هن جي قدمن ۾ مضبوطي ۽ نگاهن ۾ وڏو اعتماد هو. هو ڪلاڪ کان پوءِ موٽي آيو ۽ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ اچي سمهي رهيو. هو شايد ڪو فيصلو ڪري چڪو هو.

آچر جي ڏينهن پوري يارهين بجي دادر جي هڪ عاليشان سانتيڪي بنگلي ۾ حامد، گوبند، ۽ مڊگائوڪر، ٽيئي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا. اهڙيءَ ريت هر آچر تي ڳالهيون ٿينديون رهيون. چار آچر ائين ئي گذري ويا. پنجين آچر تي دستور مطابق هنن جون پاڻ ۾ محبت ۽ پيار جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته، مڊگائوڪر شوخي ۽ شرارت جي نگاهن سان ٻنهي کي ڏسندي ڏسندي، پنهنجي ساڙهيءَ کي ڦاڙيو.

”ساڙهيءَ کي ڇو ٿي ڦاڙين؟“ گوبند رڙ ڪئي. ”چري، ههڙي قيمتي ساڙهي برباد نه ڪر!“ حامد جي هن هٿن کي جهليو، مڊگائوڪر مرڪندي نهايت موهيندڙ آواز ۾ چيو، ”اڄ اوهان ٻنهي جي دانائيءَ جي خوشيءَ مان چري ٿي پيئي آهيان،“ پوءِ هن ساڙهي جي پلئي مان ٻه ريڙون ڦاڙي، حامد ۽ گوبند جي ڪراين ۾ پنهنجي نفيس ۽ نازڪ هٿن سان رکڙيون ڪري ٻڌي ڇڏيون.

دوست اها ڪهاڻي اڃا پوري ڪانه ٿي آهي ۽ نڪا ٿيندي. قدرت هن دنيا ۾ قدم قدم تي حسن ۽ سونهن جا رنگ محل جوڙي ڇڏيا آهن. هر ڪنهن محل ۾ ڪانه ڪا حسينه، ڪا نه ڪا شڪيله ۽ ڪانه ڪا محبوبه، ڪنهن نه ڪنهن جو انتظار ۽ اوسيئڙو ڪري رهي آهي. پيار ۽ پريت ۾ دلين جا سودا ٿيندا ئي رهندا. پر اڄ جو سمجهو ۽ سياڻو سوداگر، حالات ۽ حقيقيت کان منهن موڙي، بنهه گهاٽي جو واپار ڪيئن ڪندو؟

 

آسرو

ڊسمبر مهيني جون پويون تاريخون، ۽ سيءُ به چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان! صبح کان ئي جهڙالو هو، ۽ سرد هوا جا سوساٽ. ٻپهري لڙي ته سيءُ ويتر وڌي ويو. شام جو علي اڪبر اچي گهر تي سڏ ڪيو. ٻاهر نڪتس ته چيائين، ”تيار ٿي اچو ته هوٽل تي هلي چانهه پيئنداسين، ۽ ڳالهين جا چار چونڪ به ڪنداسين.“ آءٌ تيار ٿي آيس، ۽ اسان ٻنهي هوٽل ڏانهن رخ رکيو.

ٻاهر رستي تي ماڻهو سو ايترا نه هئا، باقي ٽانگا البت هليا پئي. اڃا اڌ رستي تي پهتاسين ته ڀرسان هڪ ماڻهو، ديوانن وانگر رڙيون ڪندو، اڳتي ڊوڙندو ويو. هن جي سٿڻ ليڙون ليڙون هئي، هو اڳڀرو ٿيو ئي ڪونه، ته علي اڪبر چيو، ”اهو اٿئي ’مڪو مست‘، جو هر روز شام جو هن ئي وقت رستي تي ڊوڙندو رهندو آهي.“

”مستن تي ڪهڙي ميار! هنن جي ته دنيا ئي پنهنجي آهي. نڪا اڄ جي ڳڻتي، نڪو سڀاڻي جو فڪر؛ پنهنجيءَ ۾ ئي پورا آهن.“ مون وراڻيو.

اسان جي ڀرسان ٻه – ٽي ٽانگا ٺڪ ٺڪ ڪندا نڪري ويا، ۽ هو مڪو مست، دانهون ڪندو، ڊوڙندو، واپس موٽي رهيو هو. هو بلڪل اسان جي ڀرسان ڊوڙندو اڳتي وڌي ويو. هن جون ٽنگون گوڏن تائين اگهاڙيون، ڏاڙهي کنڊريل ۽ مٿي جا وار بيڊولا ۽ لڙاٽيل هئا. سندس اکيون ٽانڊن وانگر پئي چمڪيون. سندس بي معنيٰ رڙين جا ڪي اکر ”کڻي آئي! کڻي آئي!“ ۽ پوءِ ڪجهه ٽهڪ مون ٻڌا. هو ائين ڊوڙندو ٿي ويو، جيئن هن جي پٺيان ڪو بکايل شينهن ڪاهي پيو هجي. هن جا پير به اگهاڙا هئا. مون ڪنڌ ورائي کيس جانچيو، ته هو موٽي رهيو هو. اسين اڳتي وڌي وياسين.

”ڇا، تون هن کي سڃاڻين ٿو؟، مون پنهنجي دوست کان سوال ڪيو.

”نه نه، مون کي هن جي ڪابه خبر ڪانهي، باقي شام جو هتي هميشه ڊوڙندو نظر ايندو آهي، ۽ ماڻهو کيس مڪو مست ڪري سڏيندا آهن.“

ايتري ۾ اسين هوٽل وٽ اچي پهتاسين، ۽ ڪنڊ واري پان- ٻيڙيءَ واري دڪان تي سگريٽ وٺڻ لاءِ ترسياسين. سرد هوا جي لُري پئي لڳي. مڪو مست به اتي اچي اسان کان ٿورو پرڀرو ٿي بيٺو. هو سهڪي رهيو هو، هن کي بنهه پراڻو ۽ ٻانهن کان ڦاٽل ڪوٽ پيل هو. هن جي قميص بلڪل ميري ۽ ٻيڙن کان سواءِ هئي، جنهن مان سندس گهاٽن وارن سان ڀريل ڇاتي پئي ڏٺي. شايد هو ٿڪجي پيو هو. پان- ٻيڙيءَ واري اسان کي سگريٽ ڏنا، ۽ هن کي سڏ ڪري چيائين، ”مڪو، هان هي سگريٽ وٺ.“ هن فقط زور سان ڪنڌ لوڏي انڪار ڪري ڇڏيو. هن جو منهن مٿي جي وارن سان ڍڪجي ويو. ٻيڙين واري وري هڪ پان مٿي کڻي، مڪوءَ ڏانهن اشارو ڪري چيو، ”ڀلا پان ته کاءُ“. هن ڀيري مڪو مست جوش مان ويجهو ايندي، ٻئي ٻانهون مٿي کڻي، وري انهن کي هيٺ ڇنڊيندي رڙ  ڪئي: ”نه کپي! نه کپي!“ هن پوءِ پنهنجي منهن تان وارن کي پري ڪيو. هن جو سڄو منهن پگهريل هو. هو يڪٽڪ پان واري ڏانهن گهورڻ لڳو. هن جي اکين مان ڄڻ ڪي شعلا ڀڙڪي ٻاهر نڪري رهيا هئا. هو اڃا ٿورو اڳتي پان واري ڏانهن وڌيو، ۽ مون سمجهيو ته بس، هاڻي خير ڪونهي. پان واري ٻئي هٿ ٻڌندي چيو، ”مڪو بابا، معاف ڪريو! مڪو بابا! معاف ڪريو!“ اهي لفظ ٻڌي، مڪو مست هڪ تمام وڏو ۽ ڀيانڪ ٽهڪ ڏنو. الائي، سندس جسم مان يا وات مان، هڪ بدبو جو اُٻارو آيو. هو زمين تي دڙها هڻي، خوفناڪ نموني، تڪڙو تڪڙو، ”ٻلي ٻچا کڻي آئي، ٻلي ٻچا کڻي آئي“ چوندو، ڪوڪرا ڪندو، رستي تي ڊوڙندو هليو ويو.

علي اڪبر پان واري کان پڇيو، ”ڀاءُ، تون هن مست کي سڃاڻين؟“

”هائو، سائين، هتي جو هرڪو ماڻهو هن کي سڃاڻي. مون کي دڪان تي ويٺي پورا پنج سال ٿيا آهن. هو هر روز، هن ئي رستي ۽ هن ئي وقت ڪلاڪ- ڏيڍ تائين پيو ڊوڙندو ۽ رڙيون ڪندو آهي. بس سائين، چريو آهي. مست چريو، پر آزاري ڪنهن کي ڪونه. هونئن ته هن کي جيڪي ملندو آهي سو وٺندو آهي، پر هن مهل تي ڪنهن کان به ڪجهه ڪونه وٺي. اڄ ٿي آزمايومانس، خدا الائجي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي. درويش آهي، درويش.“

”هي ڪٿي رهندو آهي، ۽ ڪيئن چريو ٿيو؟“ پان واري کان وري مون ٻيو سوال ڪيو. پان واري ٿڌو ساهه ڀريندي چيو، ”سائين، اها خبر مون کي به ڪانهي ته هو ڪيئن چريو ٿيو. شل انسان جي ڪل نه ٿڙڪي! سامهون بلڊنگ ڏسو ٿا نه هيءَ به انهيءَ ۾ ئي رهندو آهي.“

ايتري ۾ مست وري موٽي رهيو هو، ۽ اسين هوٽل ۾ وڃي هڪڙي پاسي واريءَ ڪنڊ ۾ ويهي رهياسين. هوٽل ۾ اندر خاموشي ۽ فرحت لڳي پيئي هئي. آءٌ سوچڻ لڳيس، ’مڪو مست خبر نه آهي ته ڪير آهي؟ هن جا به ڪي مٽ مائٽ هوندا. هو ڇو چريو ٿيو؟ ڇا، هن جو علاج نٿو ٿي سگهي؟ هي به هڪ انسان آهي. هيءَ به ڪا زندگي آهي!‘

بيري چانهه اچي ميز تي رکي. مون واري دوست ڪٽليءَ ۾ کنڊ جو چمچو وجهي، وري ڍڪ ڏنو، اسان کي ٿورو پرڀرو هڪ ڪرڙوڍِ شخص ويٺل ڏسڻ ۾ آيو. هن جي اڳيان چانهه جو ڪوپ رکيل هو، ۽ هن بار بار علي اڪبر ڏانهن پئي ڏٺو. ”هو همراهه هر هر توڏانهن پيو ڏسي!“ مون آهستي آهستي پنهنجي دوست کي ٻڌايو، علي اڪبر هن کي ڏسندي ئي، خوشيءَ مان چيو، ”چاچا حامد علي، هيڏانهن اچو نه!“ هو ڪوپ کڻي اچي اسان سان گڏجي ويٺو. علي اڪبر تعارف ڪرائيندي چيو، ”هي آهي چاچو حامد علي، هن ئي پاڙي جو ۽ هتي جو رهاڪو آهي. هي ڪنهن وقت اسان جي آفيس ۾ ڪلارڪ هو، ۽ هاڻي ته پينشن تي آهي.“ مون مشڪندي ساڻس هٿ ملايو. چاچو حامد علي، علي اڪبر کان آفيس جون نيون نيون خبرون چارون وٺڻ لڳو. مون پاسي واريءَ دريءَ کان ٻاهر نهاريو. مڪو مست اڃا تائين ڊوڙي رهيو هو. ايتري ۾ چاچي حامد علي اوڏانهن نهاريندي چيو، ”سرديءَ جي هير ڪوئيٽا کان آهي.......پر اوهين ڪهڙيءَ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويا آهيو، ماڳهين کڻي ماٺ ڪئي اٿو!“ مون وراڻيو، ”چاچا، اوهان پئي ڳالهيون ڪيون، تنهنڪري گستاخي نه ڪيم.“ منهنجو جواب ٻڌي، چاچي حامد عليءَ هلڪو ٽهڪ ڏنو. اوڏيءَ مهل ٻاهران رڙيون ٿيون- مڪو مست رستي تان ڊوڙندو پئي ويو. علي اڪبر افسوس مان چيو، ”ويچارو مڪو مست!“ مون وراڻيو، ”شل نه انسان ويچارو ٿئي.“ چاچي حامد عليءَ گنڀير ٿيندي چيو، ”شل ڪنهن جو دشمن به ويچارو نه ٿئي. هن مست تي جيڪي ڪجهه ٿي گذريو آهي، سو جيڪڏهن ڪنهن سياڻي سان ٿي گذري ها، ته ان جو حال هن کان بدتر هجي ها.“ هو ائين چئي، خاموش ٿي ويو.“ ”چاچا!“ علي اڪبر چيو، ”پر هن مست جي اوهان کي ته سڄي خبر هوندي؟ اوهين ته هن محلي ۾ ئي رهو ٿا.“

”هيءُ چريو ڪيئن ٿيو؟“ مون بيتاب ٿيندي کانئس پڇيو:

چاچو حامد علي، سگريءُ دکائي هڪ ڊگهو سوٽو هڻي، چوڻ لڳو، ”آءٌ مست کي سڃاڻان. هن جو نالو مڪو نه، پر مقبول مستري آهي. هونئن به هر انسان جي زندگيءَ ۾ لاهيون- چاڙهيون ضرور اينديون آهن، پر مقبول رڳو ڏک ڏٺا آهن. هو چئن سال جو هو ته سندس ماءُ مري ويئي. ڏهن سالن جو ٿيو ته پڻس به مري ويو. پڻس جو هتي لوهه جو دڪان هو. هو هڪ چڱو خاصو سيٺ هو. پر سندس مرڻ کان پوءِ مقبول جا چاچا ۽ ماما پرائي مال تي اکيون پوري ڳجهن وانگر ڪري پيا. ويچارو مقبول، مائٽن هوندي به ڇورو ڇنو ٿي پيو. کيس ڪنهن به نه سنڀاليو. نيٺ پاڙي جي دين محمد مستريءَ کي خيال ٿيو، هن کيس پنهنجي گهر ۾ رهايو ۽ پنهنجي ڪارخاني تي ملازم ڪري رکيو.“

”پوءِ ڇا ٿيو؟“ علي اڪبر پڇيو.

چاچي پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو، ”ماڻهو چون ٿا ته مقبول مستري رستي تي پنهنجي ملڪيت پوري هئي، ۽ پوءِ اها ڪير چورائي کڻي ويو. ڪي چون ٿا ته هن کي ڪچي قلعي مان لڳت جو حساب ٿيو آهي. ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته هن کي ڪنهن پهتل شخص ’امانت‘ ڏني آهي. پر مون کي ذاتي خبر آهي ته هن نڪا ڪا رستي ۾ پنهنجي دولت پوري آهي، نه هن ۾ ڪنهن غيبات جو ڪو واسو آهي، ۽ نڪي وري ڪنهن وٽان ڪا هن کي امانت ئي مليل آهي. ڪي وري اهي ڳالهيون به ڪندا آهن ته هن وٽ ڪيميا جو نسخو آهي، ۽ هي ٺڳ، ٻاهريون ڏيک ڪريو پيو ماڻهن کي ڀنڀلائي! پر اهي سڀ ڳالهيون ڪوڙيون ۽ غلط آهن.“

”ته پوءِ اصل ڳالهه ڪهڙي آهي؟“ مون پڇيو.

چاچي حامد عليءَ ٻيڙي دکائيندي چيو، ”دين محمد مستري شاهه ڪاريگر هو. هن مقبول کي هر ڪنهن قسم جي مشين جي مرمت جو ڪم سيکاريو. مقبول اهڙو ته سعادتمند ثابت ٿيو، جو دين محمد مستريءَ پنهنجيءَ ڌيءَ کڻي پرڻايس. پوءِ ته هن جوان پنهنجي هنر ۾ گهڻو نالو ڪڍيو. اسان جي گهر جي سامهون بلڊنگ ۾، هڪ جاءِ مسواڙ تي وٺي، جدا رهڻ لڳو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com