ممونءَ چيلهه تي هٿ رکيو، ٽائر کي ڪاوڙ مان ڏسي
رهيو هو. ڄڻ چئي رهيو هجي ته ’رستي ٺاهڻ وارن جي
اهڙي تهڙي، نوان نڪور ٽائر ڦاڙيو ڇڏي.....‘ هن
چيلهه کان هٿ هيٺ ڪري موٽر جي مشين وارو پاسو
کوليو ۽ ذري پرزي کي جانچيندي فيصلي واري اواز ۾
چوڻ لڳو ته سائين ٽائر ته مون وٽ ٻيو به آهي. پر
مشين جي مرامت ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ ضرور لڳي ويندا، ترسو
ابي ٿو ڪري وٺان. حيدرآباد هاڻي رڳو هڪ سؤ ميل وڃي
رهي آهي.“
اسين ٽيئي ٽٻيءَ ۾ پئجي وياسين ته ڇا ڪريون ڇا نه
ڪريون. هيءُ رستو صفا سڃو هو. حيدرآباد جلد پهچڻ
لاءِ ڪنهن به سواريءَ جو آسرو ئي ڪون هو. البت
رستي جي ساڄي پاسي آبادي هئي. ٻاجهر سنگن سان
جنجهي پئي هئي ۽ پريان پيهي تي ڪو کانڀاڻيءَ سان
جهار هڪلي رهيو هو. رستي جو کاٻو پاسو بلڪل بربٽ
لڳو پيو هو. جهاز وارو مڙس لهي، سڌو اسان ڏانهن،
ويجهو اچي بيٺو. چياين، ”سلام عليڪم. ڀائي ڀلي ڪري
آيا.“ اسان ٽنهي وعليڪم اسلام چيو. اسان چيو. اسان
مان هڪڙي کانئس پڇيو ته ”ادا هيءَ ٻني ڪنهن جي
آهي. نالو ڇا اٿئي؟“ ”سائين ٻني ته منهنجي آهي.
نالو پنهون اٿم..... پر سائين اوهين شهر جا ماڻهو
هتي قسمت سان آيا آهيو. رستي تي نٿا ٺهو، مون
پيهيءَ تان موٽر جو رنگ پي ڏٺو...... خدا خير ڪندو
پريان اوطاقڙي به آهي..... جيسين موٽر تيار ٿئي،
توهين اتي هلي ٿڪ ڀڃو.“ (اختر، اڪبر کان پڇيو ته
”ڪهڙو خيال آهي؟ خيال نيڪ آهي. هلو ته هلي نظارو
به ڪريون ۽ جيسين موٽر ٺهي.....)
”ممون، اسين هن همراهه سان هلون ٿا.“ مون واچ
ڏانهن نهاريندي چيو، ”ممون“، ڇهه ٿا لڳن ۽ رات پوڻ
کان اڳ ۾ هتان نڪري هلون. ڪيئن سچي ٻڌاءِ!“ ”سائين
الله ۾ آسرو آهي. توهين ڀلي هلو. موٽر تيار ڪري
اوهان کي اطلاع ڪندس.“ شام جو پويون پهر هو، سج
لهڻ ۾ اڃا ڪجهه دير هئي. پر ڏينهن لڙي ٿڌو ٿي چڪو
هو. پنهون اسان کي ٻنيءَ جي وچان وٺي پئي هليو.
ٻاجهر ۽ اُٻس جي هڪ وڻندڙ خوشبوءِ اسان کي وڪوڙي
ويئي ۽ اڳيان پنهون چپ چاپ هلندو پئي ويو، ته ڪي
پکي ڀڙڪو کائي اڏامي ويا. اڪبر پڇيو، ”پنهون، اهي
ڪهڙا پکي هئا؟“ پنهونءَ فقط ايتري ورندي ڏني ”اهي
ٻاٽيڀڙ آهن. ٻاجهر جو ٻور پڪو ٿيڻ تي آهي ۽ اهي
اَنَ جا ويري آهن.“
ٻني پوري ٿي ته سامهون هڪ نار ۽ ان جي ڀرسان
ڇاپراڻيون ڇنو نظر آيو. ڇني جي مٿان ست گلي ۽
توريءَ جي ول جهنجهيل هئي. پريان هڪ ڪشادو باغ.
ترتيب وار ڇٻر جا زمردي ٻارا.پنهونءَ سڌو ڇني
ڏانهن رخ ڪيو. ويجهو پهتاسين، ته ڪچي پٽ تي ڇڻڪار
جي واس اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. اسين اتي پيل کٽن تي
ويٺاسين مس، ته سامهون هڪ پير مرد ايندي نظر
آيو.هو باغ واري پاسي کان نڪتو هو. پريان، تمام
پريان، شايد ڪو ڳوٺڙو هو. نار ۾ ڍڳو ٻڌل هو، جيڪو
اسان کان لاپرواهه پئي ڦريو. کوهه جي شفاف پاڻيءَ
جي هلڪي گڙگڙاهٽ جو ڇمڪار، ڍڳي جي ڳچيءَ جي چڙي جو
مٺو آواز، ۽ هڪ پاسي نسريل ٻاجهري ۽ سامهون طلسمي
باغن جي ٿڌي صاف ۽ پاڪيزه فضا..... اسين ٽيئي ڪنهن
هوش ربا سرزمين جي طلسمي دنيا ۾ ڄڻ سراپجي ۽ منڊجي
ويا هئاسين. سجُ دور اولهه پاسي ٽامڻي ٽانڊن جو
ويس ڍڪي ڪنهن فنڪار وانگرافق ۾ گلاب جي ورکا ڪري
رهيو. شفق جي سرخ لالاڻ زمين کي ڄڻ مينديءَ رتڙو
ڪري رهي هئي. ته هو پير مرد، پريو مڙس، السلام
عليڪم چئي اسان ڏانهن ويجهو آيو. هن جي ميري ٽِڪنِ
واري ٽوپي هن جي هٿن ۾ هئي. منجهس ڪا شيءِ هئي.
ڀرسان اچڻ تي اسان ڏٺو ته هن جي صحت مند چهري تي
زماني ۽ وقت جا هلڪا نشان.... ليڪا ۽ گهنج..... هن
کي بگاڙڻ جي بدران بزرگي عطا ڪري رهيا هئا. هن جي
اکين ۾ ازلي نور جي چمڪ هئي. گوڏ ٻڌل. موڪري ۽
اگهاڙي ڇاتي، مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وکريل وار، اجاريل
چانديءَ جي تارن وانگر چمڪي رهيا هئا- هن ٽڪن
واريءَ ٽوپي مان اسان کي ٽانگر جي گلن جي مٺ مٺ
ڏني، تنهن کان پوءِ جلدي وري هڪ گلاب جو گل
ڏنائين. ٽانگر جي خوشبوءِ سان ڇنو واسجي ويو. گلاب
جا گل ته هر ڪنهن ڏٺا آهن. پر اهڙن رنگن جا گلاب“
ڪارو، وانڱڻائي ۽ رتول ڳاڙهو“..... اسين حيران ٿي
وياسين. هو هيٺ منجيءَ تي ويهي پڇڻ لڳو، ”جيءُ
سائين، خير جون خبرون چارون ڏيو!“ ”جيءُ“ اختر
چيو، ”هن رستي جي ڇيڙي تان نڪتاسين، ويا هئاسين
رئيس وٽ، حيدرآباد پئي موٽياسين ته موٽر خراب ٿي
پئي. پنهونءَ ڇڪ ڪئي، هتي پهتاسين، موٽر ٺهندي ئي
جوڳي رمتا ڀلا.“.... چاچا.... اسين .... ائين
سمجهه ته مسافر آهيون.“..... ”ابا...... برابر هن
دنيا ۾ هرڪو مسافر آهي، هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.“
پنهونءَ ٻڌايو، ”سائين چاچي جو نالو پيرل آهي.
(ڌڻيءَ جو ڏنو سڪي هوس. پر هاڻي.... هيءُ اڪيلو) ۽
اهو ڀر وارو باغ سندس سڀڪجهه آهي. ڏسو ته هن بربٽ
۾ اڪيلي سر.... پيرل پورن پنجاهن سالن کان پنهنجو
هيءُ بهشت ٺاهيو آهي. ڏسو ته ڇا ڇا نه رکيو اٿس!“
چاچو پيرل نهاري ته اسان ڏانهن رهيو هو، پر هن جون
نظرون ۽ نگاهون ماضيءَ جي خلاف ۾ الاجي ڇاکي ڳولي
رهيون هيون. پنهونءَ چيو ”سائين باغ ضرور ڏسو.“
اسين ازخود اٿي بيٺاسون. اڳيان پيرل ۽ پٺيان اسين،
باغ جي وچ ۾ بيهي پيرل چيو. ”سائين، اوهين ٿيا
هلندا مسافر..... ڏسڻ ۽ ڪري ڏيکارڻ ۾ وڏو فرق آهي.
هن باغ جي ڇٻر ڏسو، غاليچو آهي نه، هتي هر قسم جو
گل موجود آهي. چميا، چمبيلي، موتيو، مگرو.....
نرگس، سوسن ۽ گينڊو ۽ گلاب ته هر رنگ جو اوهان کي
هتي، هن ملڪ ۾ نه ملي يا ڏسڻ ۾ نه اچي ته منهنجو
نالو پيرل ڪونهي...... اڪبر پيرل جي ويجهو اچي
چيو. ”چاچا ڪمال آهي..... آخر تون هيءُ
سڀڪجهه..... هيترو ڪشالو....... ڇاجي لاءِ ۽ ڪنهن
جي لاءِ پيو ڪرين.....“ سائين اهو هڪ وڏو داستان
آهي. مون دنيا ۾ رهي سک به ڏٺا ۽ ڏک به ڏٺا....
آءٌ جيئرو ئي انهيءَ ڪري آهيان،جو شونق سان محنت
ٿو ڪريان. هيءُ کوهه، اهو ڍڳو، هن باغ جو هر هڪ
ٻوٽو، گل ۽ وڻ وڻ سان منهنجون يادگيريون ڳنڍيل
آهن....“ ائين چئي، پيرل وري اڳتي هلي بيهي چوڻ
لڳو ”هيءُ وڻ ڏسو ٿا.... سڃاڻو- توهين شهر مان آيا
آهيو..... مون وٽ ديس بديس جا وڻ آهن. اهي هتي
ڪيئن آيا ۽ ٿيا... پنجاهه سالن جي محنت آهي. هي
ڏسو املداس، ڪچنار، چڪو، جٽڪ فروٽ، بادام، گل مور،
آنوارا ۽ اکڙوٽ..... هُنن انبن جو هر ڪنهن وڻ ۾
چاليهه يا پنجاهه قسمن جا انب ٿا ٿين.....“ سو وري
ڪيئن.....! بيروءَ منهنجي اڻڄاڻائيءَ تي خوش ٿيندي
چيو، ”ابا اها سولي ڳالهه آهي. انب جي شاخن ۾ قلم
هڻبو..... پر مون کان پڇ ته هتي اکروٽن ۽ بادامن
جا وڻ ڪيئن ٿيا؟“ آءٌ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويس ۽ سوچڻ لڳس
ته هن اڪيلي شخص.... ڪيڏيون نه محنتون ڪيون
هونديون! اختر ۽ اڪبر وائڙن وانگر باغ جي ذري ذري
تي نظر ڦيرائي رهيا هئا.... ته پيرل چيو، ”ابا
محنت سان هيءَ زمين سوني ٿي سگهي ٿي.“
.... سج لهي چڪو هو، اوندهه وڌندي ٿي ويئي ۽ الاجي
ڪٿان ۽ ڪيڏيءَ مهل ممون اتي اچي بيٺو هو. هن چيو
”سائين، موٽر تيار آهي. هلو رات پئجي ويندي.“ ۽
اسين ٽيئي دوست باغ تي آخري نظر ڦيرائيندي.
پنهونءَ ۽ پيروءَ کان موڪلائي، اچي موٽر ۾
ويٺاسون.
ايڏو عظيم.....!؟
چوندا آهن ته جيل جي دنيا ئي نرالي آهي. هوندي ته
پوءِ ڇا؟ ”ڇو ۽ ڇا“ جا اکر ته انسان کي ازل کان
عطا ٿيل آهن...... پر وري جيل جا سپاهي، ننڍو
عملو، وڏا آفيسر، تن جي ڪهڙي واکاڻ ڪجي.....! ضرور
نرالا ئي هوندا.... هن جيل ۾ اٽڪل ٽن هزارن کان
مٿي قيدي هوندا. قيدي به ته انسان آهن، جيڪي جيل ۾
رهن ٿا. اهي انسان سڀئي گنهگار آهن. ضرور ڪو انڌو
ابتو ڪم ڪيو هوندائون. واقعي سڀ مجرم آهن ۽ ڏوهاري
آهن. چوندا آهن ”سيد سپاهي غضب الاهي“ پر جيل جو
سپاهي، تنهن جو اندازو رڳو هڪ قيديءَ کي ئي نصيب
آهي، ٻيا اڇا اجرا انسان سڀئي انهيءَ حقيقت کان
محروم آهن. آءٌ ته سچ پچ هڪ قيدي آهيان- اهو قيدي،
جو هڪ وڏي الزام هيٺ اندر آيو آهيان. وڏو گنهگار
آهيان. پر هن دنيا ۾ ڪهڙو اهڙو انسان آهي، جو
گنهگار نه آهي. ڪير آهي جو پاڻ کي سَتي جَتي ٿو
سمجهي! گناهه ۽ ثواب ته مسئلا آهن پرهيزگارن جا-
ڇڏي ٿا ڏيون ان ڳالهه کي.
مون کي ڦري لٽي فقير ڪري هٿين خالي اندر اماڻي
ڇڏيائون. پر جڏهن منهنجو ساٿي ۽ دوست ساڳيءَ تهمت
۽ ساڳئي ڏوهه ۾ اندر آيوته وڏي مان شان سان اندر
آيو. صوبيدار صاحب ۽ هو اڳيان اڳيان گڏ پاڻ ۾ ۽-
پريان سپاهي- پهرين ته سمجهيم ته اهي سڀ گهمڻ آيا
آهن، پر مون کي ته اڳئي ٻڌايو ويو هو ته يعني
منهنجي دوست جا به وارنٽ هئا، سو اُن کي پاڻ سان
ڏسي خوش به ٿيس. صوبيدار مرڪي چيو ته ”هاڻي ته
جوڙي ٿي. مزي سان گذرندي.“ واهه واهه! مزي سان
گذرندي جيل ۾! دل ۾ چيم.
صوبيدار صاحب ڏٺل وائٺل پئي معلوم ٿيو. هو وجهه
ملندي ئي اسان وٽ ايندو هو ۽ دلداريون ڏيندو هو.
فرمائش تي بسڪوٽ، سگريٽ، ڪپڙا لٽا گهرائي پيو
ڏيندو هو. شڪل جو سانورو، قد جو ڊگهو بت ۾ ڀريل ۽
چهرو پروقار، صوبيدار واريءَ ورديءَ ۾ ۽ مٿان
ڳالهائڻ ۾ مٺڙو مٺڙو، بس جيءَ ۾ جايون ڏجنس. اسين
سندس اچڻ جو انتظار ڪندا هئاسين ۽ دل ئي دل ۾ سندس
ساراهه ڪندا هئاسين. اسين چوندا هئاسين واقعي هو
صوبيدر ۽ سو به جيل جو صوبيدار، ته آهي، پر هڪ
دردمند دل رکندڙ فرشتو ۽ هڪ عظيم انسان ئي آهي. هن
جي لاءِ ڪيئن نه دل ۾ عزت پيدا ٿئي. جڏهن خبر پيس
ته جيل جي ماني اسان جا لاهه ڪڍي ڇڏيا
آهن، ته يڪدم ڊاڪٽر کي موڪليائين. ڊاڪٽر مريضن وارو کاڌو عطا ڪيو. ٻين قيدين
کان ڌار ڪري هڪ بهترين وارڊ ۾ رکيائين. انهيءَ
وارڊ جا چارئي پاسا کليل هئا. مانيءَ کان پوءِ
وهنجيو سنهجيو، هار سينگار ڪيو، ويٺا نَوَٽِڻ
کيڏندا ۽ يٽ هڻندا ۽ ٻيڙيون ساڙيندا هئاسين. هڪ
دفعي ته دوست ائين به چئي ڏنو، ”واهه مولا، تنهنجي
مهرباني، ههڙا صوبيدار ۽ اهڙو جيل هجي، ته رڳو
پوءِ هڪ ٻي مهرباني ڪن، جو مصوريءَ جو سامان ڏين
ته پوءِ، ته پوءِ، يا عمر ڀلي هتي ويهاريو ويٺا
هجن! تاقيامت ويٺا هونداسين.“ انسان کي کپي به ڇا؟
ماني، اجهو ۽ زندگيءَ جو تحفظ، سو اهو
سڀڪجهه اسان کي جيل ۾ حاصل هو. کير پيئندا هئاسين،
انب ملندا پيا هئا. ڊبل روٽي ۽ چانهه. هن جي
مهربانين ۽ نوازشن جو تفصيل ڪهڙو ڏيئي ڪهڙو ڏيان.
نيٺ به ته هو هڪ سرڪاري ملازم آهي ۽ سوبه جيل جو
صوبيدار.
هو ڪنهن ڪنهن وقت هيڏي هوڏي نهاري پوءِ آهستي
آهستي چوندو هو، ”خبر اٿو آءٌ ڪيڏو جوکم کڻي رهيو
آهيان. توهان جي ڪري سڀني جي اکين ۾ آهيان. هتي
اچي ۽ پهچي هر هڪ قيدي، سپاهي، جمعدار، صوبيدار،
ڊپٽيءَ کان ويندي سپرنٽينڊنٽ تائين وات ڦاڙيو ويٺا
تڪين ته ڪڏهن ٿي ڪا موٽي مرغي هٿ اچي. ڦر مار
اهڙي، جو الامان! قيديءَ جي سٿڻ ڪنهن کي وڻي ته
لهرائي وٺندس. انهيءَ کان سواءِ چغل خوري ۽ چمچه
گيري. هتي هرڪو پيو هڪٻئي تي سڙندو پوسرندو آهي. ۽
جيئن ئي ڪنهن کي وجهه مليو ناهي، ڌڪ هڻي پنهنجو ڀڀ
ڀري ڇڏيدنو ۽ پوءِ مڇون مروڙي بنان اوڳرائيءَ جي
سڀڪجهه هضم ڪري ويندو. پر پاڻ، توهين ته دوست
آهيو، توهان قسمت سان هتي آيا آهيو. دوستيءَ ۾
نوڪري ڇا، جي سر هليو وڃي ته به ڪجهه
ڪينهي.......“
صوبيدار صاحب جون اهي ڳالهيون تعجب ۾ وجهي ڇڏينديون هيون، ۽ ٻئي پاسي هن جي
لاءِ اسان جي دل ۾ وڌيڪ عزت ۽ عقيدت پيدا ٿيندي
هئي. هو اسان وٽ ڪڏهن ته ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا ايندو
هو، يا ته وري ڏينهن جا ڏينهن گم ٿي ويندو هو. ۽
پوءِ وري موٽڻ تي خبر پوندي هئي ته هو موڪل تي هو
يا ٻاهر ڊيوٽيءَ تي ويو هو.
جيل ۾ وڏي جٺ ٿيندي آهي ٻيڙين يا سگريٽ پيئندڙن
کي. ٻيڙين سگريٽن جي اجازت آهي پر ماچيس تي بندش.
پوءِ شل نه موالين جون ٻيڙيون کٽن يا ماچيس کٽي.
جيل ۾ ماچيس لڪ چوريءَ ۽ رشوت تي ايندو آهي. جيڪو
غريب هوندو بس تنهن جو الله واهي. هڪ ڏينهن اهو
صوبيدار صبح جو سويلو آيو. آءٌ نلڪي تي وهنجي رهيو
هوس. هن مون واري دوست سان پاسي تي پئي ڳالهايو ته
وارڊن، دروازن بند ڪرڻ وارو قيدي، مون وٽ آيو. چي
”توهان جي سامان رکڻ وارو پلاسٽڪ جو ڇٻو ڏيو.
توهان جو سامان آيو آهي.“ مون خوش ٿيندي چيو هو،
”اندر کوليءَ ۾ پيو اٿئي. سامان لاهي کڻي وڃ.“ آءٌ
وهنجي موٽيس ته صوبيدار صاحب وڃي چڪو هو. آءٌ ڪپڙا
پائي، سگريٽ دکائي، مزي سان پسار ڪرڻ لڳس. نيٺ
ٿڪجي کوليءَ اندر آيس. سامان ڪنڊ ۾ ٽڙيل پکڙيل پيو
هو. ڪلاڪ اڌ گذري چڪو هو. نيٺ پنهنجي ساٿيءَ کان
پڇيم، ”ڀائو، مون وارو ٿيلهو؟- ڇا ڳالهه آهي؟ نڪي
وري ڪو نئون سامان ئي اڃا پهتو آهي.“ هو مون وارو
دوست ٿورو مرڪيو ۽ پوءِ چيائين ته، ”ادا تو وارو
ٿيلهو. ٿيلهو ڪنهن صاحب کي وڻي ويو هو سو سمجهه-
ته بس ڇٽو.“ منهنجي جسم تي ڄڻ وڄ ڪري پئي. نيٺ هوش
آيم تڏهين سوچيم: ’ٿيلهي جي ڪهڙي راس هئي، اهو
پلاسٽڪ جو ٿيلهو قيمت ڪيتري هئس، بس رڳو پندرنهن
روپيا. منهنجي زال شوق ڪري لاهور مان گهرايو هو.
هن هڪ ڏينهن به هٿ ۾ ڪين کنيو هو. بيوقوف ڪٿي جي،
سامان وجهي موڪليو هئائين. خبر ناهي ڇا سمجهيو
هئائين. شايد اهو ئي پاڻ کي پرڀائڻ جي ڪوشش ڪري
رهيو هوس، ته اوچتو منهنجي ڀرسان هڪ وڏو ڌماڪو
ٿيو. منهنجون اکيون خودبخود پورجي ويون. آهستي
آهستي سامهون صوبيدار صاحب جي عظيم سراپا ڏسڻ ۾
آئي. فرق رڳو ايترو هو، جو هن جا اڳيان ٻه ڏند چپن
وٽان ٻاهر سونڊ وانگر لڙڪي رهيا هئا. هن جي
لوندڙين وٽان سنڱ نڪتل هئا. هن جون ٻانهون هيٺ پر
سندن هٿن جي آڱرين جا وڏا وڏا نُنهن زمين کي ڇهي
رهيا هئا! مون چتائي ڏٺو ته هن جي وات جي واڇن مان
رت وهي رهيو هو. اتي هن به مون کي سڃاتو، پر
ڳالهائڻ جي بدران هو ٻڌا ٻڌا ٽهڪ ڏيڻ لڳو...... ها
ها....... هي هي..... هو هو...... ها ها!
ابابيل
صفا! اڇو صبح ٿي ويو هو. ٻاهران انب جي وڻ تي ڪوئل
رکي رکي ڪوڪاري رهي هئي. اولهه پاسي واريون نم جون
ٽاريون ٿڌڪار واريون هوائون ۽ جهوٽن ۾ لڏي لَمي
هيٺ مٿي ٿي ڄڻ ڪنهن کي اشارا ڪري رهيون هيون. اوڀر
طرف سونهري سج جو شعاع پکڙجڻ شروع ٿيو هو. سپاهي
پهريدار ڇهن جا ٺڪاءُ هنيا. اونهاري جي موسم هئي.
صفا صبح ٿي ويو هو. سينٽرل جيل جي کوليءَ جي شيخن
وارو دروازو جمعدار کولي ڇڏيو هو. پر چارئي قيدي
اڃا ننڊ جي نشي ۾ هئا. هو ڪڏهوڪو جاڳيا ته هئا، پر
ڄڻ موڳاٽيل موڳاٽيل هئا، بس ائين ليٽيا پيا هئا.
هڪڙي قيديءَ جون اکيون کليل هيون، باڪي ٽن قيدين
جون اکيون معصوم مکڙين وانگر بند هيون. اوچتو هڪ
مٺڙو چرڙاٽ ٿيو.
چر- چر- رر- سجاڳ قيديءَ رڙ ڪري چيو ”اڙي مٿي تي
ڏسو.“ مٿان ڇت جي هيٺيان ويهن پنجويهن ابابيلن جو
ولر گهمرا ڏيئي رهيو هو. هڪڙو آواز ٻيو قيديءَ جي
رڙ- ٽيئي قيدي اکيون کولي ڏسڻ لڳا. واقعي ابابيلن
جو ولر بلڪل منظم طريقي تي کوليءَ جي اندر طوائف
ڪري رهيا هئا.
قيديءَ نمبر پهرئين گهٻرايل آواز ۾ چيو ”سائين،
سائين منهنجا ساٿي اچي ويا آهن. ڪو سبق ڏيون يا
ڪجهه سيکاريون.“ ٻئي قيديءَ چيو، ”ڏسين نٿو پاڻ ۾
سڀ ابابيل گڏ ۽ هڪ ئي ٽولي ۾ آهن.“ ٽئين قيديءَ
چيو، ”رنگ ته ڏسون- ڪارا آهن ڪارا، ڪارو به ڪو رنگ
آهي. پر پيٽ ۽ سينو ته اڇو اٿن- اندر جا ته اڇا
آهن.“ ۽ ”اهو رنگ جنهن کي اوهين ڪارو چئو ٿا، سو
ڪارو نه پر گهاٽڳ نيرو آهي ۽ نيري کنڀن کي جانچي
ته ڏسو، سونهري نه پر مٿن سوني دز جو جڙاءُ ٿيل
آهي. واقعي سندن کنڀن ۾ سونهري شعاع آهن. پر پڇ ته
ڏسون. جهڙا عاج جا جپاني پنکا.“ چوٿون قيدي اهو سڀ
ڪجهه بنا هٻڪ جي چئي ويو.
ابابيل مٿي ڇت هيٺان باقاعدي کنڀڙاٽيون تڪڙيون
تڪڙيون هڻي ڪنهن خاص ترڪيب سان پرواز ڪري رهيا
هئا. ڄڻ ته ڪنهن سائنسدان ننڍڙا ۽ ڦرندڙ راڪيٽ
ٺاهي اُڏاريا هئا. يا تهوري اهي اڏامندڙ ابابيل
وري ائين ئي لڳا جيئن ڪنهن جوهريءَ ڪو ٿڙڪندڙ هيرن
جو هار ڇت هيٺان گولائيءَ ۾ پاٿاري ڇڏيو هو. چر-
ر- چر- چين- چين جو آواز رکي رکي کوليءَ ۾ گونجڻ
لڳو. سڏ ۽ پڙاڏي وارو قصو هو. خبر نه آهي ته هو
قيدين کي خوش ڪرڻ لاءِ نعم سرائي ڪري رهيا هئا يا
ماڳهين ڪنهن تارن واري ساز کي ڪنهن معصوم اوچتو ئي
اوچتو هلڪو ڌڪ هڻي لوڏي ۽ لرزش ۾ آڻي ڇڏيو هو.
عجيب وايومنڊل هو. فضا دم جهلي گهٽجي رهي هئي. چار
ئي قيدي ابابيلن کي ڏسندا ئي رهيا.
ڪا مهل گذري ويئي. ابابيل کوليءَ ۾ چڪر لڳائي رهيا
هئا ۽ چارئي قيدي کين ڏسندا رهيا ته پهرين قيديءَ
چيو، ”اي ابابيلو! ابابيلو توهان فرعون جهڙي ظالم
بادشاهه کي شڪست ڏني هئي قرآن شريف ۾ به توهان جو
ذڪر آهي. توهين پکي ڀلي پار جا ساٿي رهيا آهيون.
مرحبا ڀلي آيا- جيءَ آيا. اسان جي لاءِ ڪهڙو پيغام
آندو اٿوَ. توهين سڀاڳا آهيو. اجهو اسان جي
آزاديءَ جو پروانو پهتو ڪي پهتو. شل اسين چارئي
ڇٽي وڃون..... ڇٽي آزاد ٿي وڃون- آمين آمين.“
ٻئي قيديءَ چيو، ”نوجوان ٺلهو سکڻين دعائن مان
ڪجهه ڪين ورندو توکي، توهين آزاد ائين سولائيءَ
سان ٿي نه سگهندا. آزادي دعان سان ڪنهن به بني بشر
کي اڄ ڏينهن تائين نڪا ملي آهي نڪا ملندي. ڏس
هيءُ.اهي ابابيل سڀئي گڏ آهن. گڏ آهن هڪ آهن.
بابلا ڪٽيءَ جي مجني کي ڪڏهن ڪجهه حاصل ٿيو آهي.
پهريائين سڀئي گڏجي هڪ ته ٿيو. توهان جون ڪيتيرون
جماعتون آهن- ڇو؟ بس، رڳو عهدن، پئسن خرچڻ ۽
اخبارن ۾ ٺلها بيان پيا ڇپيايو ۽ پوءِ پاڻ ۾ ئي
وڙهي هڪ ٻئي جو خانو خراب ڪيو.... آزاديءَ جا
پروانه ٿيو. پنهنجا پراوا سڃاڻو ۽ پوءِ آزاديءَ ۽
وطن ٻئي اوهان جا آهن. پوءِ دنيا جون نعمتون ازخود
اوهان کي عطا ٿينديون وينديون.“
”بس، بس هاڻ اهو واعظ بند ڪر.“ ٽئي قيديءَ چيو،
”هتي نه پبلڪ جلسو آهي نڪو وري ڪا اسٽيج آهي. موقع
پرست اقتدار لاءِ رڳو پيا واجهه وجهو. توهان مطلب
پرست سياستدانن ته عام ماڻهن کي ڌوڪو ۽ فريب ڏنو
آهي. مڪار، توهان ڇا ڪيو آهي. 25- 26 سال گذري ويا
آهن. آهي ڪا اسان جي فقط هڪڙي منظم ۽ سياسي جماعت.
ڇو. ڇو. ڏٺا اٿئون توهان جا سياستدان. ڪتي کي ٽڪر
ڀور ڏيوته پڇ لٽڪائيندو. اڄ توهان مان ڪيترا
انهيءَ ٽڪر ڀور ڪري ڪرسيون والاريو ويٺا آهن. بي
شرم ۽ بي حيا-“ ٽئي قيديءَ جون اکيون ڳاڙهيون ٿي
ويون هيون. انهن مان بي انتها ڪاوڙ ڪروڌ ۽ نفرت جو
اظهار پئي ٿيو. هو اٿي ويهي ٻئي نمبر قيديءَ ڏانهن
گهورڻ لڳو. ٻيو نمبر قيدي ماٺ ٿي ويو.
پلڪ به ڪين گذريو ته قيديءَ نمبر ٽئي پاڻمرادو کلي
ڏنو ۽ کلندي چوڻ لڳو، ”ڀائو معاف ڪجانءِ. دل ۾
متان ڪرين. آءٌ نهايت جذباتي آهيان. مصور جو ٿيس.
موڊ ئي خراب ڪري ڇڏيئه، ڏس ڏس ڪهڙا نه سهڻا آهن
اهي ابابيل. سندن سفيد سينا ڪيئن نه پيا جرڪن.
قدرت سندن ڪهڙو نه خوبصورت جسم ٺاهيو آهي. ۽ پوءِ
کيس آزاد فضا ۾ آسمان جي وسعتن ۾ آزاد اڏامڻ جي
اجازت به ڏيئي ڇڏي آهي“..... ۽.... اهي.........“
چارئي قيدي خبر ناهي ڪڏهوڪو اٿي ويهي رهيا هئا.
سڀني ڳالهايو هو. پر چوٿون پيرسن قيدي خاموش سڀني
کي ٻڌندو به رهيو ته هر هڪ ڪنڌ کڻي هن اڏامندڙ
ابابيلن کي پئي ڏٺو- هن چيو. ”يارو، ڳالهيون ته
ڪافي ٿي چڪيون. ڳالهين سان ڳوٺ ڪين ٻڌبا. ڪو قياس
ڪريو. هيءُ نوجوان شاگرد خون جي ڪوڙي ڪيس ۾ چار
سال جيل ڪاٽي چڪو آهي. هيءُ دوست عيرمنظم سياسي
پارٽيءَ جي ليڊريءَ ڪري ٽي مهينا بي دريافتو پيو
اهي“ ۽ اسان ٻئي وطن جا دشمن سمجهايا ويا
آهيون..... پر هي جيڪي بيقصور ابابيل اڻڄاڻائي ڪري
هتي اچي کوليءَ ۾ ڦاٿا آهن. اڻڄاڻائي وڏو عذاب ۽
وڏو گناهه آهي. اٿو پاسن کان ٿي بيهو ته هنن کي
کوليءَ مان ٻاهر ڪڍون. اٿو اٿو. دروزو کليل آهي،
پاسن کان ٿي بيهو.“
هُش هش، هو هو، هلو هلو، وڃو وڃو، چئني قيدين
هوڪرا ڪري- ٻانون مٿي الارڻ شروع ڪيون. ويرم ڪانه
ٿي ته ابابيل ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪتا. پريشان جيڪي
بروقت پوئتي رهيل هئا. پر ابابيل رهجي ويا- اهي
ابابيل- جوڙ تيز تيز ڦرڻ لڳا. پر مجال آهي جو هيٺ
لهن يا ٻاهر نڪرن. چارئي قيدي هوڪراڪري، ٻانهون
الاري ٿڪجي پيا. ويهي رهيا ۽ ابابيل به ڇت جي چيرن
۾ ليڪ گم ٿي ويا.
اهو ابابيلن جو جوڙو پورا ٽي ڏانهن کوليءَ ۾ اندر
ٻين قيدين وانگر قيد هئا. صبح ۽ شام ابابيلن جو
ولر ور ور ٻاهران ورانڊي ۾ چڪر لڳائي لڳائي وري
آزاد فضائن ۾ گم ٿي ويندو هو. کوليءَ وارا ابابيل
به اڪثر کوليءَ جي چيرن مان ٻاهر نڪري اندران ئي
اندران پرواز ڪندا رهيا، پر جنهن وقت به قيدي کين
ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته کنڀڙاٽيون هڻي هڻي
ٿڪجي ڇت جي چيرن واري پناهه گاهه ۾ اجهو وٺندا
هئا. قيدين نيٺ گڏجي صلاح ڪئي. گهڻي بحث مباحثي
کان پوءِ فيصلو اهو ٿيو ته جنهن مهل ٻاهر ورانڊي ۾
ٻيا ابابيل اچن. انهيءَ وقت ڪيئن به ڪري انهيءَ
جوڙي کي ٻآهر ڌڪي ڪڍجي، جيئن نڪرن ته وڃي پنهجي
وڳرن سان ملن.
فيصلي موجب چوٿين ڏينهن جيئن ٻاهر ورانڊي ۾
ابابيلن جو ولر آيو، چئني قيدين هٿن ۾ ٽوال ۽
چادرون ويڙهي کنيون ۽ پوءِ هوڪرا ڪري الرون ڪري
ويڙهيل ٽوال ۽ چادرون مٿي اڇلايون ۽ باقي رهيل
ابابيلن جو جوڙو آزاد به ٿيو ته وڃي پنهنجي وڳر
سان مليو.
اڄ چارئي قيدي خوس هئا. پر تعجب انهيءَ ڳالهه جو
آهي ته انهيءَ ڏينهن کانپوءِ ابابيلن جو ولر، وري
وري اچڻ وارو ولر جيل جي کولي ۾ يا ٻاهر وري اصل
ڪين آيو. شايد هنن جي اڻڄاڻائي وارو شعور سجاڳ ٿي
ويو.
ڦلٽو صاحب جي واپسي
ڦلٽو صاحب جي واپسيءَ وارو قصو ڪو ايڏو دلچسپ کڻي
نه به هجي، پر هن جي گم ٿيڻ، يعني گم ٿي وري ظاهر
ٿيڻ، متعلق ڳالهيون غير معمولي ضرور آهن. هن جي
دوستن جو ڪهڙو ڪاٿو ڪجي؟
پر ماڻهن جو منهن ڪوبه بند نه ڪري سگهيو آهي. هر
ڪنهن پنهنجي پر ۾ پئي انومان ڪڍيا...... چي، ”ڦلٽو
صاحب لاڏاڻو ڪري ويو آهي.“ لاحول ولا....
هُن چيو، ”مون کي خبر آهي، ڦلٽو صاحب آبِ حيات جي
ڳولا ۾ نڪتو آهي!“
”نه نه، نه، چاچهنس موٽر وٺي ڏني اٿس، انهيءَ ڪري
دنيا جي سير سفر تي نڪتو آهي،“ سندس هڪڙي ٻئي دوست
ائين ٻڌايو.
”توهان کي ڪهڙي خبر؟ ڦلٽو صاحب لِڪ ڪئي آهي. دراصل هو هتي ئي گوشه نشين ٿي
ويهي رهيو آهي- ياد الاهيءَ ۾ مستغرق. سندس خليفن
ته مريديءَ جو سلسلو به جاري ڪري ڇڏيو آهي....“
ڪنهن وري ائين چيو.
پر اهي ڳالهيون ائين هيون، جيئن ’گنگوءَ جي گوڙ جي خاوند کي خبر.‘
ڏينهن، هفتا، مهينا به نه، پر سالن جا سال ويا گذرندا، پر ڦلٽو صاحب جيئن ته
وڏين خوبين ۽ خصلتن جو مالڪ هو، تنهنڪري وسرڻ ۽
وسارڻ جهڙو ٿي نٿي سگهيو.
نيٺ، هڪڙي ڏينهن، هڪڙي دوست ڦلٽو صاحب جو اکين ڏٺو
احوال آڻي پهچايو. هن ٻڌايو، ”اجهو هينئر هُن سان
ملاقات ڪري، سڌو تو وٽ آيو آهيان، هو هوائي محل
واري بنگلي ۾ ترسيل آهي. سچي پچي ته مرندي مرندي
بچيو آهي. ڪي چوڻا هئس. موٽر جي حادثي ۾ ضربجي پيو
آهي. اهو سڀڪجهه دوستن جي ڪري ئي سهڻو پيس. شاهراه
تي پنهنجي دوست کي موٽر هلائڻ پئي سيکاريائين،
موٽر جو اسٽيئرنگ، قبضي مان نڪري ويس. ڦلٽو صاحب
جيئن پاڻ سگريٽ پئي دکايو ته سامهون ٽرڪ اچي
لانگهائو ٿي. بس عزرائيل به ان ويل ڪا رستي تي
پئٽرولنگ پئي ڪئي- سيکڙاٽ دوست بدحواس ٿي ويو.
موٽر ڪلٽيون کائيندي کائيندي، رستي کان ٻاهر وڃي
کڏ ۾ ڪريو. چار ماڻهو انهيءَ حادثي ۾ مري ويا آهن.
موٽر تباهه ٿي ويو. باقي پاڻ ڦلٽو صاحب.... معجزو
ئي چئبو..... سلامت آهي! معمولي ڌڪ لڳا اٿس. البت
پوليس، ڦلٽو صاحب کي ماڻهن مارڻ جي تهمت هيٺ چالان
ڪيو آهي. پوليس وارن جو اهو الزام پڻ آهي ته
مذڪوره موٽر چوري ٿيل آهي، باقي اهو معاملو تحقيق
طلب آهي ته ڦلٽو صاحب وٽ پاڻ موٽر هلائڻ جو ليسن
الاجي آهي به يا نه؟
”سچي، ڦلٽو صاحب توکي سلام ڏنا آهن ۽ چيو اٿس ته
تنهنجي شهر ۾ ڇپيا آهيون. وڌيڪ مرضيءَ جا مالڪ
آهيو. اوکيءَ ويل، دوستن کي ئي سار سنڀال ڪرڻ
گهرجي.“
اهي ڳالهيون ٻڌي، خوش ٿيڻ جي بدران مون کي ارمان ۽
افسوس ٿيڻ لڳو. تقدير جي اڳيان انساني تدبيرون
ايتريون بيوس ڇو ٿيون ٿين؟ هن هيڏيءَ ساريءَ دنيا
۾، ايترن انسانن جو هئڻ ۽ سندن ڪارناما! حيرت ۽
حسرت کان سواءِ، اسان جي دنيا ۾ باقي ٻيو بچي به
ڇا ٿو؟ |