ڳجهارت
اڄ جڏهن خليل صاحب سان مليس، ته هو ڏاڍو خوش هو.
ايراني هوٽل تان اسپيشل چانهن، ’ڪريون اي‘ سگريٽ ۽
پان گهرائي، هن مون کي خيال ۾ وجهي ڇڏيو. آءٌ
ويچارڻ لڳس ته اڄ ڪو خاص معاملو ضرور آهي. مون کي
خبر هئي ته خليل ويچارو ٻچڙيوال ۽ سرڪار جو معمولي
ملازم آهي، ڇڪي تاڻي پيو پنهنجيءَ مان پنهنجو ڪندو
آهي. هو حد کان وڌيڪ ايماندار هو، ۽ پنهنجي فرض
ادائيءَ ۾ ڪڏهن به ڀلجي ڪا ڪوتاهي ڪانه ڪئي
هئائين. آفيس ۽ گهر- انهن ٻنهي جاين کان سواءِ هن
جو ڪو ٻيو ٺڪاڻو ڪونه هو.
نهٺو نماڻو وري اهڙو هو، جو سڄي ساريءَ آفيس ۾
هوئي هڪ اڪيلو ملازم هو، جو پنهنجي ڪم سان گڏوگڏ
ٻين سست ۽ نٽائيندڙ ملازمن، هيڊ ڪلارڪ، اڪائونٽنٽ
۽ پنهنجن آفيسرن جو به ڪم ڪندو رهندو هو. سچ پچ ته
هو اڪيلي سر سڄيءَ آفيس کي کنيو بيٺو هو. انهيءَ
ڪري هو اڪثر هڪ نه ٻيءَ ڳالهه ۾ هميشه مصروف ۽
رُڌل رهندو هو. هن جا ٻيا دوست وقت کان اڳ ۾ ئي
آفيس کان کسڪي ويندا هئا، پر هو هميشه پڇاڙي ڪري
پوءِ اٿندو هو. اٿندو ته ڪونه هو، پر اٿاريو ويندو
هو. نائڪ اچي کيس چوندو هو، ”خليل صاحب، هاڻ اٿو،
سڄي مخلوق اٿي ويئي آهي، اوهان جي ڪري مون کي دير
ٿي ويندي. صاحب کي ڪاغذ پهچائڻا آهن، مهرباني ڪري
هاڻي هلو.“ خليل صاحب لاچار اٿي، پنو پنو کڻي،
دستي ٺاهي، ڪڇ ۾ وجهي، گهر ڏانهن رخ رکندو هو.
اهڙيءَ ريت صبح جو وري پنهنجي دستور موجب آفيس جي
ڪرسيءَ تي موجود هوندو هو.
هن چانهن ٺاهي، ڪوپ مون ڏانهن وڌايو. چانهن جو ڍڪ
ڀري، مون هن کان پڇيو، ”خليل صاحب، ڏيو خبر، ڪهڙا
حال آهن؟“
”تڏهن چانهن پوي کڏ ۾،“ مون ڪوپ رکندي هن کي چيو،
”پهرين اها خوشخبري ٻڌاءِ، ته پوءِ چانهن پيان.“
”نه زوراور، چانهن ٺري ويندي.“ هن بهانو ٺاهي جواب
ڏنو. ”تڪڙا ته ڪونه آهيو. چڱو، چانهن پيو. اڄ
اوهان سان ڪي رازداريءَ جون ڳالهيون ڪرڻيون آهن.“
مون نهاريو ته واقعي هن جي چهري تي ڪا رازداري
جهلڪا ڏيئي رهي هئي.
آءٌ جلدي جلدي چانهن پي پوري ڪري، سوالي نگاهن سان
هن ڏانهن نهارڻ لڳس. هن جلدئي پُڙي کولي، پان ڪڍي
مون کي ڏنو. پان ورتم ته سگريٽ پيش ڪيائين. پان
وات ۾ وجهي، سگريٽ دکائي، آءٌ وري هن کي ڏسڻ لڳس
ته هن اڳرائي ڪري وري چيو، ”ڀلي سگريٽ پي پوري
ڪريو، آءٌ ڪيڏانهن ڀڄي ڪونه ٿو وڃان.“
سگريٽ، پان، چانهن- آخر ڪهڙيون رازداريءَ جون
ڳالهيون آهن، جن لاءِ خليل صاحب کڻي ايڏي ڊيگهه
ڪئي آهي. آءٌ سگريٽ ڇڪيندي سوچڻ لڳس. خليل صاحب جي
گهر ۾ اميدواري هئي. چار ٻار اڳيئي هئا. اڄڪلهه
سفيد پوش ماڻهوءَ جي لاءِ ڪهڙي رازداريءَ جي ڳالهه
ٿي سگهي ٿي. شايد هن کي ڪو عهدو مليو آهي. شايد هن
کي پنهنجي وڏي ڇوڪريءَ جي شادي ڪرڻي آهي، يا هن کي
ڪنهن نئينءَ لکپڙهه ۽ اسڪيم جو نقل ڏيکارڻو آهي،
يا هن جي گهر واري بيمار آهي. هن جا مائٽ ته هن
کان ڪونه رسي ويا آهن؟ هن کي پسئن جي گهرج ته
ڪانهي؟ راشن، گيهه ۽ کنڊ جي ضرورت ته ڪانه اٿس،
وغيره، وغيره. پر اهي مسئلا ۽ ڳالهيون ته هن من
کان ڪڏهن به ڳجهيون ڪين رکيون هيون. هو مون سان
ڪافي گهرو هو. هن جي سادگيءَ ۽ شرافت ڪيترائي ڀيرا
مون کي هن جي مدد ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هو.
هن کي مون ڪيترائي دفعا صلاح ڏني هئي ته هروڀرو ڇو
ٿا پاڻ کي آفيس جي ڪم ۾ ماريو. آمدنيءَ لاءِ ٻي
ڪوشش ڇو نٿا ڪريو. وڌيڪ امتحان ڏيو. ڇو نٿا
ڇوڪريءَ کي ڪٿي ڪا نوڪري وٺي ڏيو. رات جو ڪنهن کي
ٽيوشن ڏيئي، ڇو نٿا پنهنجي آمدني وڌايو. ڪٿي ڪنهن
سان گڏجي واپار ڇو نٿا ڪريو. پر هو مون کي هميشه
”زوراور، ڪجهه گذري ويو آهي، باقي گذري ويندو،“
چئي چئي، چپ ڪرائي ڇڏيندو هو. آءٌ هن جي صداقت تي
اڻپورين ضرورتن تي ارمان ڪندو، خاموش ٿي ويندو
هوس.
تڪڙا سوٽا هڻي، مون ذري گهٽ سگريٽ کي ساڙي ڇڏيو
هو، ته خليل صاحب پنهنجي خاموشي ٽوڙيندي چيو،
”زوراور تنهنجي روز روز جي نصيحت نيٺ هڻي وڃي هنڌ
ڪيو. هاڻ مون کي ڪابه ڳڻتي ڪانه آهي. پورا نوي
هزار رپيا مون کي ملندا! منهنجي دل ائين ٿي چوي ته
هاڻ منهنجون سموريون پريشانيون دور ٿي وينديون،
ڏکيا ڏينهن گذري ويندا ۽ سکن جون ساعتون اچي رهيون
آهن. پئسو آهي ته دنيا ۾ سڀڪجهه آهي. دولت آهي ته
مانُ، مرتبو ۽ عزت به آهي. بکئي کي ڪير ٿو پڇي!
مون خواب لڌو آهي. منهنجا خواب هميشه سچا نڪرندا
آهن.“
”ڀلا ڪهڙو خواب ڏٺو اٿو؟ مون کي به ته ٻڌايو.“
”هاڻي ٻڌو، ڇا ڏسان: هڪ وڏي شهر ۾ آهيان. شهر جون
جايون ۽ عمارتون سڀ وڏيون، ڄڻ ته آسمان سان چوٽيون
ٿي گٺن. منجهن دريون ۽ دروازا بلڪل گهڻا هئا. سڀني
درن ۽ درين مان روشني ڏسڻ ۾ پئي آئي. شهر جي بازار
جا دڪان، کنڊ، ڪڻڪ ۽ گيهه سان ڀريل ۽ ڀرپور هئا.
عجيب عجيب شين جا انبار لڳا پيا هئا. موٽرون بي
انداز هيون، جي هلي رهيون هيون. مٿي آسمان ۾ هوائي
جهاز به لامارا ڏيئي رهيا هئا. ڏاڍو گوڙ ۽ گهمسان
هو. پر عجيب جي ڳالهه اها هئي ته ڪوبه ماڻهو نظر
ڪونه ٿي آيو! موٽرون خودبخود هلي رهيون هيون. دڪان
خالي، رستن ۽ گهٽين ۾ ڪوبه انسان ڪونه هو. آءٌ سڀ
ڪجهه ڏسندو ۽ هلندو پئي ويس ته سامهون هڪ وڏي
محلات جهڙي جاءِ نظر آئي. سامهون ان جو وڏو دروازو
کليل هو. اوچتو آواز ٻڌم........ ڪو مون کي سڏي
رهيو هو: ’هيڏانهن اچو، هيڏانهن اچو!‘ آءٌ بيهي
رهيس، ۽ جاچڻ لڳس، ته وري آواز آيو، ’اندر لنگهي
اچو، اوهان جو انتظار ٿي رهيو آهي. مون ڪنڌ ورائي
آسپاس نظر ڦيرائي ته سڄو سارو شهر الائي ڪيڏانهن
گم ٿي ويو هو. اوچتو محسوس ڪيم ته ڪا ازغيبي طاقت
مون کي دروازي ڏانهن ڇڪي رهي آهي، ۽ آءٌ پاڻيهي
پاڻيهي ڇڪيو ۽ گهلبو ان محلات جي دروازي ڏانهن پيو
وڃان. اندر دروازي وٽ پهتس ته ڪونه، ته دروازو
چيچاٽ ڪري بند ٿي ويو........“
”نهايت نرالو خواب هو، خليل صاحب!“
”تڏهن ته مون کي به ڀروسو ٿي ويو آهي. بس، نوي
هزار ڄاڻ ته مليا. باقي ٿورن ڏينهن جو مدو آهي!“
”معاف ڪجو، خليل صاحب، ڀلا انهيءَ رات ڇا کاڌو
هُئوَ.“
”ان رات دال کاڌي هيم.“ ”ته پوءِ ڳالهه بلڪل صاف
پئي آهي. هيءَ سڀ انهيءَ دال جي ڪرامت آهي، جا پيٽ
۾ اُڀامي، دماغ تائين وڃي پهتي هئي!“ مون چرچو
ڪيو.
خليل سواءِ ڪنهن شڪ شبهي جي چيو ته ”ڇا، خوابن جي
ڪابه حقيقت ڪانهي؟ موجوده دور ۾ علم نفس جي ماهرن
جي تحقيق مان جيڪي نتيجا نڪتا آهن، انهن کان ڪوبه
پڙهيل ماڻهو انڪار نه ٿو ڪري سگهي.“
خليل صاحب جي عقيدي ۽ بحث کي ٽارڻ لاءِ، لاچار،
چانهن، پان ۽ سگريٽ جي رشوت کان پوءِ، نفسياتي
اصول کي سامهون رکندي، هن کي راضي رکڻ لاءِ ، مون
کي اهو سڄو خواب ضرور ٻڌڻو ئي هو، نه ته هو ناراض
ٿي وڃي ها. مون کي پنهنجي دوست کي رنج ڪرڻو ڪونه
هو، تنهنڪري چيو مانس، ”معاف ڪجو، خليل صاحب،
اوهين بلڪل ٺيڪ ٿا چئو. چڱو، ٻڌايو ته اڳتي ڇا
ٿيو؟“
خليل صاحب چوڻ لڳو ته ، ”هائو، پوءِ اندر ڇا ٿو
ڏسان ته وڏو باغ لڳو پيو آهي، جتي هزارين قسم جا
رنگا رنگي پنن وارا ٻوٽا هئا. انهن ٻوٽن جي چوٽين
تي نهايت نفيس ۽ نازڪ انڊلٺ جهڙا شفاف گل موجود
هئا، جن مان نهايت وڻندڙ قسم جي خوشبوءَ نڪري رهي
هئي. سيڪنڊ سيڪنڊ کان پوءِ خوشبوءِ بدلبي ٿي رهي.
هوا ۾ شراب جو هلڪو هلڪو خمار هو. آءٌ مست ۽ مخمور
ٿي ويس ته سامهون هڪ وڏو حوض ڏٺم. جنهن ۾ ڳاڻيٽي
کان ٻاهر ڦوهارا هئا. هر هڪ ڦوهاري مان چمڪندڙ
پاڻي آسمان تائين اُڇلجي رهيو هو. اهو پاڻي هيٺ
ڪرڻ شرط هيرن جواهرن ۾ تبديل ٿي پئي ويو. پر حوض ۾
ڪرندي ڪرندي، اهي هيرا ۽ جواهر حوض جي تري ۾ هڪٻئي
مٿان سٿبا پئي ويا. انهن جي ڪرڻ ڪري هڪ قسم جو
آواز پيدا ٿي ٿيو. اهو آواز ڄڻ ته ڪو الستي ساز
هو- ڄڻ ته ڪو ستار جو ماهر پنهنجي فن جي ڪمال جو
انتهائي مظاهرو ڪري رهيو هجي..... اڳتي وک وڌايم
ته پاڻ کي تمام هلڪو محسوس ڪرڻ لڳس. ايتري ۾ ڇا ٿو
ڏسان ته آءٌ آسمان ۾ اُڏامان پيو. اُڏامندي
اُڏامندي، هيٺ ڌرتيءَ ڏانهن کڻي نهاريان ته نهايت
حسين ۽ نوجوان عورتون ٽولن جا ٽولا ڪريو بيٺيون
آهن. هر هڪ عورت وٽ ستار جهڙو ساز هو. هو اهي ساز
وڄائي ڳائي، نچي نچي، مون کي هيٺ اچڻ لاءِ اشارا
ڪري رهيون هيون. انهن جو حسن ۽ رنگ روپ، هار ۽
سينگار، راڳ ۽ سندن ساز جا نغما، بس جادو هئا
جادو- بيان ڪرڻ کان ٻاهر! اهڙي طلسم کي ويجهو ڏسڻ
لاءِ ڪنهن جي دل نه چاهيندي. آءٌ هڪدم هيٺ لهي آيس
ته منهنجا پير هڪ سخت شيءِ سان وڃي لڳا.... ڇا ٿو
ڏسان ته هڪ شيشي جو گنبذ آهي. ٽپ ڏيئي هيٺ لٿس.
شيشي جو گنبذ بلڪل بند هو. منجهس ساون نوٽن جا
بنڊل هئا، جن سان اهو سڄو سارو ڏٽيل هو. آءٌ ان جي
چوڌاري هلڻ لڳس ته من ڪٿان ڪو منجهس دروازو هجي.
تون اعتبار ڪونه ڪندين ته اتي توکي ۽ سائين حاجن
شاهه کي ڏٺم. هن جي هٿ ۾ هڪ وڏي آدم قد ڪنجي ڏٺيم.
توهان اشارا ڪيا. جيئن آءٌ ويجهو ٿيس، تيئن آواز
ٻڌم ته ’ٻيڙائي پار!‘ پر اوڏيءَ مهل سائين حاجن
شاهه جي بدران اها ڪنجي تنهنجي هٿ ۾ هئي..... تو
چيو، ”خليل صاحب، آءٌ تنهنجي ڳولا ۾ هوس. هان،
هيءَ پنهنجي امانت وٺ، هي هتان دروازو اٿئي. سائين
حاجن شاهه جو سنهن، وڃ، جيڪي وڻئي سو کڻ.“ مون
توکان ڪنجي ورتي، ۽ گنبذ جو دروازو کولي، اندر وڃي
اهي بنڊل کڻڻ لڳس. اهي ڪافي ڳرا هئا، تنهنڪري رڳو
هڪڙو ئي بنڊل کڻي سگهيس. ٻاهر نڪتس، ته جيئن توکي
سڏ ڪري تنهنجي مدد سان ٻيو به بنڊل کڻا، ته تون
غائب ٿي وئين. وري پوئتي ڏٺم ته اهو گنبذ، اهو
محل، اهو باغ، اهو طلسم، سڀڪجهه گم ٿي ويا.“
”۽ اهو نوٽن وارو بنڊل؟“ مون پڇيو.
”اهو، اهو ته مون وٽ هو. مون نوٽن کي ڳڻڻ شروع
ڪيو. ڳڻيندي ڳڻيندي ڀلجيو وڃان. جيئن تيئن ڪري،
ڪافي وقت کان پوءِ، اهي نوٽ ڳڻي پورا ڪيم. اهي
پورا نوي هزار هئا! خواب ته اڃا وڏو آهي، پر جاڳڻ
کان پوءِ جيڪي هينئر توکي ٻڌايو اٿم، سو چڱيءَ طرح
دل تي نقش ٿي ويو اٿم، باقي ٻيو سڀ وسري ويو اٿم.“
”خليل صاحب، پوءِ منهنجو حصو ڪٿي آهي؟ ڪنجي ته مون
ئي اوهان کي ڏني هئي!“
”زوراور آهين، نوي هزار ملندا ته اڌواڌ ڪنداسين.
خدا ڪري، خواب سچو نڪري! ’دولت‘ رسالي جي آڏو اکري
ڳجهارت حل ڪري رکي اٿم. فقط توسان صلاح ڪري، پوءِ
اهو حل موڪلڻو اٿم. نوي هزار رپيا آهن. منهنجي دل
ٿي چوي ته پهريون انعام ضرور مون کي ئي ملندو.
منهنجي زال به ائين ٿي چوي، خواب به لڌو اٿم.
منهنجو خواب ڪڏهن به ڪوڙو ڪونه نڪرندو آهي.“
خليل صاحب، توهين ته ڪي ڀورڙا آهيو. اها آڏ اکري
ڳجهارت ته جُوا آهي، ٺڳي آهي، ترقي يافته زماني جو
ترقي يافته فريب آهي. اوهان جهڙو سمجهو ماڻهو،
اوهين ڪيئن هن ڪوڙڪيءَ ۾ اچي ڦاٿا آهيو؟“ مون کي
هن تي رحم اچي ويو. دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيم ته اهو
وهم وارو اُٺ هن جي مٿي مان ضرور ڪڍڻ کپي.
ٻه منٽ خاموش ٿي، هو وري چوڻ لڳو: ”قسمت سان ڪنهن
جي به ريس ڪانهي. بخت ڏئي ڀيڙو ته دال مان سيرو.
چاليهين نمبر واري آڏ اکريءَ ڳجهارت جا پورا اسي
هزار........ ها، توهين به ته کيس سڃاڻو. منهنجي
پاڙيسري پناهه محمد کي مليا آهن. اها ڳالهه ڪا لڪل
ڪانه آهي. جي انعام پناهه محمد کي ملي سگهي ٿو، ته
خليل ڪهڙو گناهه ڪيو آهي! مون کي يقين آهي، مون کي
خاطري آهي، ته اهو هيلوڪو انعام مون کي ئي ملندو.“
”خليل صاحب، تو وارو عقل ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي؟
هت قسمت جو ته ڪو سوال ئي ڪونهي. انهن ڳجهارتن
وارا انعام ڪيترو ٿا ورهائين، پاڻ ويٺي ويٺي ڪيترو
ٿا ڪمائين. ان کان سواءِ، ڪيتري خاطري آهي ته
هروڀرو اهو انعام توکي ئي ملندو. انهيءَ ڳجهارت جي
ڀڃڻ ۽ حل ڪرڻ وارا تو جهڙا هزارين اٻوجهه ٻيا به
آهن، جي انهيءَ ڄار ۾ ڦاسيو، هر هر هرکيو پيا شامل
ٿين. تنهن کان سواءِ، جي اهي پئسا هرهڪ کي ملن ته
هوند ڳجهارتن هلائڻ وارن جو ڏيوالو نه نڪري وڃي!“
”ايترو ته آءٌ به سمجهان ٿو. پر هيءَ لاٽري يا
سُورتي ڪانهي. هت ته سمجهه ۽ عقل جي کيڏ آهي، جنهن
جا جوڙيل جوابي لفظ ٺيڪ هوندا، ان کي اهو انعام ته
ضرور ملندو. لاٽريءَ ۽ ڳجهارت ۾ زمين آسمان جو فرق
آهي.... پر جي اهو فرق به نه هجي، ته به ڇاهي، مون
خواب ڏٺو آهي. سائين حاجن شاهه ’ٻيڙائي پار‘ جا
اکر چيا آهن، ۽ ڪنجي پڻ ملي اٿم! اعتبار ڪريو،
انهيءَ ڳجهارت جا پوري پندرهينءَ تاريخ انهيءَ
انعام جي تار رستي مون کي خبر پوندي. پهريون
انعام، نوي هزار، پڪ مون کي ئي ملندو. منهنجي دل
چوي ٿي! تنهن کان سواءِ، مون کي ضرورت آهي، مون کي
گهرج آهي. الله سائينءَ کي ڏيندي ڪا ويرم آهي؟
سائين حاجن شاهه ته ٻڏل ٻيڙا تاريا هئا.“
خوش فهميءَ ۽ انڌي عقيدت جي هيءَ حسرتناڪ حالت،
وهم جو سوداءُ ۽ چريائي! مون محسوس ڪيو ته خليل
کان اهي خيال ايترو جلد جدا ٿيڻ وارا نه هئا،
تنهنڪري بحث کي نامڪمل ڇڏي، آءٌ هن کي ڏسڻ لڳس. هو
هڪ اميد، هڪ خواهش نظر اچي رهيو هو. هن جي اکين ۾
غير معمولي چمڪ جهلڪا ڏيئي رهي هئي. آءٌ هن کي ڏسي
مشڪڻ لڳس. ”خليل صاحب، اوهان جي ايمان تي رشڪ ٿو
اچيم. ڀلا انهن ۽ ايترن روپين کي اوهين ڪندا
ڪيڏانهن؟“ مون ائين ئي هن کان بي تڪو سوال ڪيو.
هن جو چهرو معصوم مکڙيءَ وانگر ٽڙي پيو. هن کلندي
چيو، ”زوراور، هت سارو پروگرام تيار آهي. انعام
ايندو چيڪ جي رستي. ايترا پئسا مٽائي جوکم ڪونه
کڻندس. چوري ٿي وڃن، ڪو ڦري وڃيم، تنهنڪري بئنڪ ۾
ڪجهه پئسا جمع ڪرائي، پنهنجي نالي تي حساب ڪتاب
کولرايو اٿم. جيئن چيڪ ايندو، تيئن اهي پئسا اتي
جمع ٿي ويندا. پهرين ۽ منهنجي فوري ضرورت آهي ڪپڙا
۽ پيتيون به نيون وٺڻيون پونديو. اها فضول خرچي
هرگز نه آهي....... منهنجي زال چوي ٿي ته مون کي
رڳو هڪ هلڪو سلڪو هار، ارينگ، چوڙيون ۽ ٻه- ٽي
سادا سودا وڳا ٺهرائي ڏجانءِ. ساري زندگي سڃ تي
گذاري اٿس، هن جي هيءَ مختصر مرضي ضرور پوري ڪرڻي
پوندي. تنهن کان پوءِ، هڪ ريڊئي وٺڻ جو پڻ خيال
اٿم. ريڊئي مان ڪيترا نه فائدا آهن! سائنس جي دنيا
۾ رهندي به دنيا کان ڪيترو نه پرانهون پيا آهيون.
ريڊيو هوندو ته ساريءَ دنيا جون خبرون چارون راڳ،
ناٽڪ وغيره گهر ويٺي ٻڌي سگهبا..... منهنجيءَ زال
جو پوڙهو پيءُ ۽ ماءُ، جيڪي نهايت مسڪينيءَ ۾
پنهنجا ڏينهن پورا ڪري رهيا آهن، تن کي وٺي اچي
پاڻ وٽ رهائيندس. ان کان پوءِ، نج گيهه ۽ کير جيڪو
اسان ورهين کان ڪونه ڏٺو آهي، تنهن جو بندوبست
ڪندس. انسان جو جم هڪ مشين مثل آهي. مشين لاءِ
جهڙو تيل ضروري آهي، اهڙو انسان لاءِ سٺو کاڌو.
هينئر ته اسين الاجي ڇا پيا کائون! گيهه جي عيوض
بناسپتي، ڪڪڙن جو تيل، ڪريم نڪتل پاڻيءَ جهڙو کير،
۽ بوسي جهڙو اٽو کائي کائي اسان جي گهر جو هر هڪ
ڀاتي هڏن جو پڃرو ٿي ويو آهي. کاڌو سڌريو ته هرڪو
پاڻيهي خنڪيءَ ۾ اچي ويندو.... سچ پڇو ته پنج- ڇهه
سال اهڙا گذريا آهن، جو بيماري هڪڙي ڀاتيءَ کي ڇڏي
وري ٻئي کي ٿي وٺي. سرڪاري اسپتالن مان ملي رڳو
پاڻيءَ جهڙي دوا، ۽ خانگي ڊاڪٽر ته مورڳو مريضن
کان الهو تلهو ڦري وٺن!“
”خليل صاحب، پسئن خرچڻ جو پروگرام ته اهڙو ٺاهيو
اٿو، جو پنج ساليءَ رٿا وانگر اسان مان هر هڪ کي
ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. ڀلا باقي پئسا ڪيڏانهن
ويندا؟“
”ادا ڀاءُ، اٽي جو پاءُ سڀڪو ٿو کائي، چڱي ۽ مٺي
جي هر ڪنهن کي پروڙ آهي. پگهار ايترو ٿو ملي، جو
نڪي اورو نڪي پورو.......... انعام ملي ته سائين
حاجن شاهه جي مزار تي ريشمي پڙ چاڙهيندس، ۽ جوڙو
ديڳن جو لاهيندس.“
”بس، سائين حاجن شاهه کي ايتري ۾ خوش ڪري
ڇڏيندين.“
”ڀائو، سائينءَ کي ٿوري پرواهه آهي. هو ته ولايت
جو مالڪ آهي. باس باسي اٿم، سا مڙيئي پوري ڪندس.“
”پوءِ؟“
”پوءِ ڇا؟“ مون اوٻاسي ڏيندي کانئس پڇيو. سچ پچ ته
آءٌ ان مهل ٿڪجي پيو هوس.
هن چيو، ”ادا، پوءِ ڏهن ٻارهن هزارن مان پنهنجي
لاءِ هڪ جهڙو تهڙو گهر به ٺهرائيندس. نوڪريءَ جي
سانگي اباڻا جهڳا به ڇڏي شهر ۾ آياسين. سڄا سارا
پنجويهه سال نوڪري ڪئي اٿم، پر پنهنجو گهر به اڏي
ڪونه سگهيو آهيان. پنهنجو گهر هوندو ته باقي ڏينهن
بي فڪر ٿي گذاربا. پنهنجي گهر کان سواءِ اونداهه
آهي اونداهه!“
”پر دوست، مون کي ته تو صفا وساري ڇڏيو. مون کي ڇا
ڏيندين؟“
”زورآور، توسان ڪي ليکا آهن، جيڪي چوندين سو ڏيندو
سانءِ.“
آءٌ اٿي کڙو ٿيس ته هو به خوشيءَ سان اٿي هلڻ لڳو،
۽ اڳتي هلي هن مون کان موڪلائيندي چيو، ”زورآور
سڀاڻي اهي حلَ رجسٽر ڪري موڪليندس. ايندڙ مهيني جي
پندرهينءَ تاريخ وري ڦيرو ڪجانءِ. سائين حاجن شاهه
جو سنهن ٻيڙائي پار!“
خيرن سان مهينو گذري ويو. پندرهينءَ تاريخ جو
ڏينهن آيو، ۽ گذري ويو. اهڙيءَ طرح ڪيترا مهينا ۽
ڪيتريون پندرهيون تاريخيون گذرنديون رهيون، پر
خليل صاحب کي انعام نه ملڻو هو، سو نه مليو، ڪڏهن
چار چڪون ته ڪڏهن اٺ. هڪ دفعي کيس ٽي رپيا پنج آنا
مليا، ته ٻئي ڀيري ٻه روپيا يارنهن آنا. پر شاباس
آهي هن جي ايمان کي، جو هو پوءِ به برابر پنجن
سالن کان ڳجهارتن جا حل باقاعدي موڪليندو رهي ٿو.
سائين حاجن شاهه جي مزار تي برابر اگربتيون
ٻاريندو آهي، ۽ مون کي به ڳولي ڦولهي، حل ٿيل
ڳجهارتون ضرور ڏيکاريندو آهي- ۽ اڳئي وقت، چانهن
جو ڍڪ به پياري ڇڏيندو آهي. |