سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: محبت جي راهه تي

باب:

صفحو :1

محبت جي راهه تي

ع.ق.شيخ

ناشر جو نوٽُ

ع. ق. شيخ، عام طرح، آرٽسٽ جي حوالي سان مشهور آهي. سندس ٺاهيل ڪي شاهڪار تصويرون سنڌي ادبي بورڊ جي ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل آهن ۽ انهيءَ ڳالهه جي نشاني آهن، ته پاڻ ڪيڏو نه وڏو مصوّر هو.

پر، سنڌي ادب ۾ به سندس دلچسپي، مصوريءَ کان گهٽ ڪانه هئي. پاڻ سٺو نثر نويس هو. خاص ڪري فِڪشن سٺو لکندو هو. ورهاڱي وقت سنڌ ۾ جيڪي چار چڱا فنڪشن لکندڙ پيدا ٿيا، هو انهن مان هو. سندس ٻه ٽي ڪتاب ”کهه ۽ کٿوري“، ”تاريخ اسلام“، ۽ ”داستان اندلس“ مشهور آهن.

ع. ق. شيخُ، ڀليءَ ڀت ڄاڻندو هو، ته سنڌ وڏيرن جو ملڪ آهي. جن جا شوّنقَ ۽ شُغُلَ، رڇَ تي ڪتن جي بَڇَ، ۽ ڪُڪَڙَنِ جي ويڙهه آهن. يا وري ڪڃريءَ جو گانو. اهڙي معاشري ۾ ڪنهن به ننڍي يا وڏي مصوّر جو جيڪو قدر ٿيندو، سو، هرڪو سمجهي سگهي ٿو. تنهنڪري ع. ق شيخ، ڊگهي نظر ڪري، پنهنجي پيٽ گذر لاءِ، سرڪاري نوڪريءَ جو سهارو ورتو. عمر جو چڱو عرصو ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد سان واسبته رهيو.

ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين، سنڌ جي قديم تعليمي درسگاهه آهي. انگريزن جي قائم ڪيل آهي. سنڌ ۾ ٿورڙين تاريخي درسگاهن جو مرتبو ان جيڏو آهي. سنڌ جا وڏا وڏا عالمَ ان جا پرنسيپال ٿي رهيا آهن. ڪنهن زماني ۾، سائين محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ مولانا گرامي صاحب به ٽريننگ ڪاليج فارمين سان، بطور استاد، وابسته هوندا هئا. ع. ق. شيخُ، سنڌ جي روشن خيال اديبن جي حلقي سان سائين محمد ابراهيم جويي جي معرفت ئي متعارف ٿيو.

ٽريننگ ڪاليج ۾ ملازمت واري زماني ۾ کيس وڌيڪ سکيا لاءِ سرڪاري طرح ولايت وڃن جو موقعو مليو. غريب ماڻهوءَ لاءِ ولايت جو چَڪَرُ ڄڻ ته خواب آهي! سو، شيخ صاحب جڏهن ولايت مان ٽريننگ پوري ڪري موٽي آيو. تڏهن ڪو زمانو ته پنهنجن يارن دوستن کي اتان جا احوال، مزا وٺي، ٻڌائيندو هو. هڪ دفعي، مون کي خاص دعوت ڏئي، گهر سڏيائين، ۽ ولايت واريءَ رهائش جي زماني جي ڊائري پڙهي ٻڌايائين، جا چڱو موچارو ڪتاب هئي. هن ڪتاب ۾، ”هڪ رات“ عنوانو هيٺ لکيل احوا، شيخ صاحب جي انهيءَ ئي ولايت جي دوري جو هڪ داستان آهي.

ع. ق. سيخ طبيعت جو ماٺيڻو ۽ يار ويس ماڻهو هو. سنڌي محاوري موجب، سفيد پوش ۽ نجُ اشراف ماڻهو هو، جنهن جي نيڪي هرڪو ڪندو، نِندا ڪير ڪونه ڪندو. هن هڪ باشعور انسان وانگر، پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت ڏانهن توجهه ڏنو. هي ڪتاب سندس نياڻيءَ محترمه نجمه شِخ جي ڪوشش سان ئي شايع ٿي رهيو آهي، ۽ ان ڳالهه جي ثابتي آهي، ته جيڪي والدين، پنهنجي اولاد جي صحيح تعليم ۽ تربيت ڪن ٿا، تن جو اولاد وڏو ٿي، نه فقط پنهنجن پيرن تي بيهي ٿو، پر، پنهنجن نيڪ عملن جي ڪري، والدين لاءِ عزت ۽ آبروءَ جو باعث ٿئي ٿو.

ع. ق. شيخ جي هن ڪتاب ۾ دلچسپ خاڪا، ڪهاڻيون، يادگيريون، تاثرات—سڀ ڪجهه موجود آهي. ٻه سؤ پندرهن صفحن جو هي ڪتابُ، ايڏو ته سهڻو لکيل آهي، جو ائين کڻي چئجي، ته انگريزي محاوري موجب :This boob is worth its weight in gold هي ڪتاب سچ پچ سون ۾ تورڻ لائق آهي.

ع. ق. شيخ پورهيت ڪلاس ۾ پيدا ٿيو هو. اهڙا ٻارُ پينگهي مان پٽ تي لهي پنڌ ڪرڻ سکندا آهن، ته هلڪو سلڪو ڪم ڪرڻ لڳندا آهن. غريب جو ٿيا. سو، ع. ق شيخ به سچي عمر، هڪ پورهيت وانگر گذاري، پر، سندس اندر ۾ جيڪو آرٽسٽ ۽ اديب هو، اهو سڄي عمر خواب ڏسندو رهيو. هونئن ته هر انسانُ اڌ عمر ننڊ ۽ اڌ جاڳ ۾ گذاريندو آهي. پر، آرٽسٽ ۽ اديبَ، ته سڄي عمر، پنهنجا پنهنجا خواب اکڙين ۾ کڻي، گذاريندا آهن. نه رڳو اييترو، پر، هو ڏکن جا ڏينهن ۽ سورن جون راتيون، انهن ئي خوابن جي سهاري گذاريندا آهن. ڀائيندا آهن ته ڪڏهن ته سندس خواب سچا ٿيندا، ڪڏهن ته آسمان ۾ ڀورا ڀورا ڪَڪَر وسڻ جا ويسَ ڪري ايندا.

هن ڪتاب کي ’بين السطور‘ (IN BETWEEN THE LINES) پڙهبو، ته منجهس ورق، ورق، تي، ع. ق. سيخ جا خواب، انگورن جي ولين ۾ رَسُ ڀَريَلَ، ساون ۽ ناسي رنگ جي ڇڳن وانگر پري کان نظر ايندا. شيخ صاحب وڏو آرٽسٽ هو. کيس خبر هئي ته جڏهن انگورن جا ڇڳا رسبا آهن، ۽ پچندا آهن، ته انهن مان رنگ ڪڏهن ۽ ڪيئن مٽبا آهن، سو، هن پنهنجي قلم کان ڪمال ڪاميابيءَ سان آرٽسٽ جي برش وارو ڪم ورتو آهي.

ع. ق. شيخ جا سڀ خواب سچا ٿيا، يا ڪوبه ڪونه ٿيو، سو کيس ئي معلوم هوندو. شيڪسپيئر دنيا جي بي ثباتيءَ جو ذڪر ڪندي چيو هو ته، ”اسان فاني انسانن جي زندگي ڪنهن اهڙي خمير مان جڙيل آهي، جيڪو خواب وانگر آهي.“

تاهم، ع. ق. شيخ جي ذِهَن، هن ڪتاب ۾ جن ڪردارن جا نقش چٽيا آهن، سي، خيالي ڪونه آهن. نه وري اسان جي آسپاس گهمندڙ ڦرندڙ انسانن کان مختلف آهن، بلڪ هوبهو انهن جا عڪس آهن. فرشتو، ڦلٽو صاحب، ۽ گلو بادشاهه، انهن جا جيئرا جاڳندا مثال آهن.

ع. ق. شيخ جي لکڻيءَ ۾ هڪ قسم جي فطري سادگي ۽ رواني آهي. سو، سندس هر تحرير، پڙهندڙ جي ذهن تي نقش وانگر چٽجي وڃي ٿي. ان لحاظ کان ڏسبو، ته هي ڪتابُ، سنڌي ادب ۾ بلاشبه هڪ قابل قدر اضافو تسليم ٿيندو.

سنڌي ادبي بورڊ،

حيدرآباد.                              غلام رباني آگرو

20-8-1998ع

ع. ق. شيخ  جي باري ۾ تاثرات

 

ع. ق. شيخ صاحب جن ٿر جي هڪ ننڍڙي پراڻي ڳوٺ گڊڙي ۾ 8 مارچ 1914ع ۾ ڄاوا. سندس والد، عبدالقادر شيخ صاحب جن، متقي، پرهيزگار، استاد، عالم، فاضل ۽ حڪيم هئا. اُنهن جي صحبتن جي نظر فيض اثر هيٺ پاڻ ديني ۽ دنياوي تعليم حاصل ڪيائون. ڪجهه مدرت ٽنڊي سومري ۾ ۽ پوءِ ٽنڊي الهيار ۾ به سندن تعليم ۽ تربيت ٿي. ننڍي هوندي کان وٺي سندن لاڙو فن ۽ ادب سان گهڻو هو. پهريائين پهريائين ڪيئي ڪتاب پنهنجي والد صاحب جن جا پڙهيائون، ۽ پوءِ سنڌيءَ توڙي انگريزيءَ ۾ ابتيون سبتيون ليڪون ڪڍڻ ۽ رنگن سان چِٽ چِٽڻُ، سندن ننڍپڻ جو ذوق هو، شيخ صاحب جي هِن ذوقَ سندن زندگيءَ ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪيو. ۽ کين مصوريءَ جي دنيا ۾ هڪ اعليٰ مقام مليو.

آرٽ کي سکڻ ۽ آرٽ کي پرکڻ هرڪو نٿو ڪري سگهي. هِن ميدان ۾، فنڪار تڏهن اعليٰ مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، جڏهن ليڪن مان اوري ڪوري پنهنجي اندر جي اُڌمن، احساسن ۽ جذبن کي، مختلف رنگن جي چِٽن سان، تخليق جي صورت ۾، دنيا آڏو پيش  ٿو ڪري، ۽ پوءِ ئي هو وڃي پاڻ کي صحيح معنيٰ وارو ۽ صحيح مقام وارو فنڪار سڏائڻ جهڙو ٿئي ٿو.

ع. ق. شيخ صاحب جن فن جي دنيا ۾ اهڙي ئي درجي ۽ اوچائيءَ تي رسيل  ۽ سرفراز ٿيل هئا.

ع. ق. شيخ اديب آهي ۽ مصور به. هو افسانن جو خالق آهي. سندس سنڌي افسانن ۾ حقيقت نگاريءَ کان ڪم ورتل آهي.

ع. ق. شيخ جن کي ساڳئي وقت ڊزائين ۾ مهارت حاصل هئي. سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻين ڪيترن ادارن جي ڪتابن ۾، ۽ خاص طرح مهراڻ رسالي ۾ پيش ٿيل ڊزائينون، ع. ق. شيخ جي فني ڪاريگريءَ جو ثبوت آهن.

هن ”کهه کٿوري“، ”نازو“، ”تاريخ اسلام“، ”داستان اندلس“ جهڙا ناياب ڪتاب پڻ لکيا. زيرنظر سندن ڪتاب ”محبت جي راهه تي“ سندن مختصر افسانن جو مجموعو آهي.

ع. ق. شيخ کي بحيثيت استاد جي هڪ آئيڊيل ستاد جي روپ ۾ به ڏسي سگهجي ٿو. پاڻ فن جي تعليم ۾ وڏي مهارت رکندا هئا. فن متعلق شاگردن کي سمجهاڻي انگريزيءَ ۾ توڙي فارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾، واضح طور ڏيئي سگهندا هئا، ۽ اِن دائري ۾ وڏيءَ شخصيت جا مالڪ استاد به سندن برابري نه ڪري سگهندا هئا.

جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي شوخ نه هوندو هو، ته پاڻ انهيءَ کي شفقت، پيار ۽ محبت سان ڪم ڪرڻ تي همٿائيندا هئا. کين پڙهڻ جون نصيحتون ڪندا هئا، صلاحون ڏيندا هئا، ۽ اڳتي وک وڌائڻ جي تلقين ڪندا هئا.

ع. ق. شيخ جي اعليٰ شخصيت ۽ بلند ڪرادر تي جيترو لکجي اوترو گهٽ آهي. هو يارن جو يار، ٻارن جو ٻار، جوانن جو جوان ۽ پوڙهن دوستن جا پڳ مٽ يار هئا.

بحيثيت پيءُ پاڻ محبت جا ڀنڊار هئا. سندن پگهار گهٽ هو، پاڻ اُن گهٽ پگهار مان اولاد کي پاليائون، ڀائٽين، ڀاڻيجن ۽ پنهنجن متن مائٽن ۽ پنهنجين نيانين کي خوب پڙهايائون ۽ اعليٰ مقام تي پهچايائون. انهن مان ڪي پروفيسر، ڪي ڊاڪٽرياڻيون، ڪي ماستر ته ڪي ماسترياڻيون ٿيون. ۽ انهن کي پڙهائيندي، نصيحتن جا گرفتا ٻڌائيندا هئا، جي دل ٺاريندڙ هئا. پاڻ اڪثر پنهنجين نياڻين کان صلاحون وٺندا هئا. ۽ ائين سڀني نياڻين ۽ پٽن کي پيرن تي بيهڻ سيکاريائون ۽ انهن منجهه خوداعتمادي پيدا ڪيائون. پاڻ وسيع نظر رکندا هئا. پاڻ هميشه سچ ڳالهائڻ، محنت ڪرڻ ۽ پڙهڻ جي تلقين ڪندا هئا، ۽ هميشه چوندا هئا ته ”پڙهو ۽ لکو، نه ته توهين هڪ ڪني پاڻي جي دُٻي وانگر ٿي ويندا“، پاڻ تمام حساس، نازڪ طبع، نفاست پسند ۽ وڏي جگر ۽ دل وارا هوندا هئا.

گهر ۾ ڪي به مهمان ايندا هئا ته ڪڏهن منهن ڪونه گهنجائيندا هئا. افسوس آهي، جو سندس ناياب ڪتابن جي وري اشاعت نه ٿي آهي، جهڙوڪ ”تاريخ اسلام“، ”داستان اندلس“، ”نازو“ ۽ ”کهه کٿوري“ وغيره صد افسوس ته سندن دوستن ته اِن ڏِس ۾ ڪجهه نه ڪيو، پر سندن شاگردن به کين وساري ڇڏيو.

19- آگسٽ، 1998ع     نسيم شيخ

سٽاءُ

1- حيدرآباد- ڊسمبر 1947ع                            

2- نازو                                           

3- هڪ شام- هڪ رات                         

4- ريل ۽ زندگي                                 

5- مهمانن جا بهانا                                     

6- پريشان انسان                                

7- لکيل جواب                                  

8- ڳجهارت                                     

9- سوال                                          

10- محبت جي راهه تي                         

11- آسرو                                         

12- ڦلٽو صاحب                                 

13- فرشتو                                               

14- حسرتن جو ڦيرو                             

15- هڪ رات                                    

16- موکي ۽ متارا                                       

17- گلو بادشاهه                                 

18- برپٽ ۽ بهشت                                     

19- ايڏو عظيم!                                 

20- ابابيل                                               

21- ڦلٽو صاحب جي واپسي                    

22- وڏو صاحب                                 

23- عورت                                               

24- طوفانِ محبت                                       

25- گهر يا بنگلو؟                                       

26- انجام شڪني                                      

27- بهار                                        

28- چورايل خط                                 

29- اسين ٻيئي                                 

30- رڪشا وارو                                  

31- اها رات                                      

32- تون وساري ڇڏ                             

33- لاش                                        

34- قرباني ڀيٽا                                 

حيدرآباد- ڊسمبر 1947ع

 

”حيدرآباد، حيدرآباد ڪٿي آهي، يار؟ مارواڙ آهي مارواڙ!“

شاهي بازار وٺيو پئي ويس ته مٿيون پڙلاءُ منهنجي ڪنن تي پيو. پڙاڏي وانگر اهو آواز دل ۽ دماغ تي اوٽ موٽ ڪرڻ لڳو، نامعلوم خوف لامارا ڏيڻ لڳو، جهڙو ڪجهه ٿيڻ وارو هجي. بي آرامي وڌندي رهي. خيال پکڙبا ويا، ارادا ۽ جذبا هستيءَ جا، جوانيءَ جا، معصوم محبت جي جنت جا، تصور جي دنيا مان ڦيرا پائيندي حقيقت جو روپ وٺڻ لڳا، پاڻهي ئي پاڻهي چپ چُريا ۽ ازخود زبان مان اکر نڪتا: ”حيدرآباد، حيدرآباد ڪٿي آهي يار!“

اڳيان هڪ ڪاري شيرواني ۽ جناح ٽوپيءَ سان ماڻهو وڃي رهيو هو. سامهون برقعن سان، منهن کليل عورتن جو ٽولو اچي رهيو هو، پاسي کان ”هلو سائين هلو!“ جي بي ڊوليءَ ۽ پرائيءَ رڙ واڪو ڪيو، چار ٿڪل پناهگير ڪٻٽ کڻي وڃي رهيا هئا.

“”هلو سائين هلو“ سنڌيءَ ٻوليءَ جا اکر آهن، پنهنجي ٻوليءَ جا اکر ٻڌي ڪير رنج ٿيندو؟ پر منهنجي سيني تي اهي اکر ائين ڪريا، جيئن زمين تي آسمان ڏانهن اڇلايل پٿر واپس ڪرندو آهي. پاسن کان ماڻهو وڃي رهيا هئا، ڪلها ڪلهي سان هڻندا. هيءُ اجميري آهي، هو ڪاٺياواڙي آهي، هي گجراتي آهي ۽ هو جوڌپوري ــــ ٿڪل، بيمار، ضعيف، ڏٻر، بي رونق، گدلا ۽ بي روح، سڀيئي جهڙا سڪل ڪرڙ جا لتاڙيل ڊنگر. شاهي بازار، رستو ساڳيو ئي هو، گنڀير، بردبار، رازدان، پرخاموش.

ها، ته هينئر وري هڪ پلنگ وڃي رهيو هو. پلنگ نه هو، جهڙو ڪنهن جو تابوت، جنهن سان هزارين ارمان ۽ ڪروڙين حسرتون به گڏ واويلا ڪري رهيون هيون، سي به لڪل اڪيليون، بي سرو سامانيون، مجبوريون ۽ مايوسيون- اُهو وياڪل منظر پيش ڪري رهيون هيون، جهڙي طرح سرءُ ۾ گلشن جي آبادي، جوانيءَ جو خمار، اوجاڳي جون راتيون، آسمان جي هيرن جَڙيل چادر هيٺان الفت جون آکاڻيون، شوق، جون شرنائيون، ارواحن جون شادمانيون، عيش عشرت جو تخت، ڪنهن پري چهري جو بخت، ائين تڙجي رهيو هو، جيئن ڪنهن شاهوڪار جي درتان ڪتو يا بکايل فقير.

اهي عورتون، وائڙن وانگر وڌنديون ويون، سندن برقعا اهڙا هئا، جهڙيون چاڪين جون جوريل چادرون، لهساٽيل، ڦڪا ڦڪا منهن، پراڻي ڦاٽل رليءَ جهڙا وات، ڪَٿي ۽ چُوني جا ساڙيل چپ، ڪٽيل ۽ ڪاراٽيل ڏند، لڙڪيل سينا، هڏن جا پڃرا، جهڙا ڪنهن قبرستان جا اوڳاريل مردا ڪفن مٿي تي کڻي نڪتا هجن. پاسي کان هڪڙو اهڙو ماڻهو نڪتو، جو چئي نٿو سگهجي ته ڪٿي جو هو. مارواڙي پٽڪو، پنجابڪي گوڏ، صاحبلوڪي واسڪوٽ ۽ هڪڙي ڪن ۾ واليءَ جهڙو ايرنگ لٽڪي رهيو هوس. ويجهو بلڪل آواز آيو، ”مڇلي ڪاشامي ڪباب، پيسه پيسه“ جان کڻي ڏسان ته هڪ پيرسن اوڪڙو ٿيو، ڪنڌ گوڏن ۾ هنيو، هوڪو به پيو ڏئي ۽ اڳيان تڙ جهڙين ٻانهن سان رکيل ٿالهه تان مکيون به پيو هڪلي. هن مٿي نهاريوئي ڪونه ٿي. سندس ميري پتلون ۽ گري ٽويءَ تي مکين آرام پئي ورتو. ٿالهه ۾ مرچن کان ڳاڙهي ٿيل تيل ۾ ڪبابَ، گٽر ۾ گڏ ٿيل گند وانگر نظر اچي رهيا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com