ازبيلا منهنجي ڀرسان هئي. نڪو وهم، نڪو گمان.....
برسٽل شهر ۾ هڪ چانهه پارٽيءَ جي موقعي تي. نه
ڄاڻان ڪٿان ۽ ڪيڏيءَ مهل هوءَ اچي منهنجي ڀرسان
ويٺي. مون اکيون مهٽي، پاڻ کي چُهنڊڙي هڻي، هن کان
پڇيو هو: ”يا الاهي! هيءُ خواب آهي يا حقيقت،
مئڊم، گستاخي معاف.“ مون ڏانهن هٿ وڌايو، ۽ کيس
ٻڌايو: ”آءٌ پرديسي، پورب جو رهاڪو آهيان. توهين
پنهنجو تعارف ڪرايو.“
مجلس دستور مطابق هن به پنهنجو هٿ منهنجي هٿ سان
ملايو. هن جا هٿ گلاب جي پنکڙين وانگر نازڪ ۽ ريشم
کان وڌيڪ نرم هئا. هن ٻڌايو: ”منهنجي ملڪ جو نالو
اٽلي آهي.آءٌ مِلان شهر ۾ رهندي آهيان. ڪئمبرج ۾
پڙهندي آهيان. برسٽل گهمڻ آئي آهيان. منهنجو نالو
ازبيلا آهي.“
هن جي آواز ۾ ڪنهن ازلي ساز جو سحر آلود سوز سمايل
هو. ”توکي خبر آهي، ازبيلا..... ازبيلا ته اسپين
جي پريچهره شهزاديءَ جو نالو آهي. اي اسپين جي
شهزادي، تو وري ٻيهر جنم ورتو آهي ڇا؟“
هن شوخيءَ سان چيو، ”هن کان پوءِ هاڻي پاڻ شهزادي
هئڻ جي دعوا ڪندين. پر اڄوڪي زماني ۾ شهزادا ۽
شهزاديون مري چڪا آهن. مون کي اهڙي نسبت پسند
ڪانهي. هروڀرو ڪنهن کي پڏائڻ ڪو اخلاق آهي!“
”معاف ڪجو، مئڊم، مون کان غلطي ٿي. آءٌ پنهنجا چيل
اکر واپس ٿو وٺان.“ ۽ پوءِ مون آهستي آهستي چيو،
”پر هي تنهنجا چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ جهڙا وار،
مست ۽ معصوم اکيون، ڪشيل ڪمان وارا ڀرون، سُرخ
مرجان جهڙا چپ- شهزادي ته تنهنجي در تي ٻانهي به
ڪين سونهي. تون ته آسمان جي اپسرا ۽ ڪوهه قاف جي
پري آهين. ڇا، تون.........“
مون اڃا ڪجهه وڌيڪ چوڻ ٿي چاهيو، پر هن پنهنجو هٿ
وڌائي منهنجي وات تي رکيو ۽ چيائين، ”بس، بس، مون
کي بيوقوف ٿو بنائين. ڏاڍو چالاڪ ٿو ڏسجين، ٻٽاڪي!
منهنجو نه ته ٻين جو، جيڪي هيترا سارا پنهنجي
چوڌاري ويٺا آهن، تن جو خيال ته ڪر. ٻيا ٻڌندا ته
ڇا سمجهندا، ڇا چوندا؟“
مون بلڪل هوريان هوريان چيو، ”ٻيا ٻڌندا ته ڇا
سمجهندا ۽ ڇا چوندا.... چوندا ته آهي ڪو ديوانو.
مستن تي ڪهڙي ميار. ازبيلا، توکي خدا پنهنجي هٿن
سان پاڻ ٺاهيو آهي.“
”شرير ڇوڪرا،“ هن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو: ”تون هر نئين
ڇوڪريءَ کي ائين ئي چوندو هوندين.“
هن جون اکيون عجيب خمار سان جهرڪڻ لڳيون. مون سهي
ڪيو ته هوءَ ظاهري طور ناراض ٿي رهي آهي. چانهه
پارٽيءَ ۾ سوين ماڻهو هئا، پر آءٌ ۽ ازبيلا سڀني
کان بي نياز، هر ڪنهن کان بيخبر، هڪٻئي سان دلين
جو حال احوال اوريندا رهياسين. محفل برخواست ٿي
ويئي، هرڪو ٽڙي پکڙي ويو، پر انهيءَ رات آءٌ هڪ
بجي ازبيلا کان جدا ٿيو هوس.... آءٌ الائجي ڇا ڇا
ياد ڪري رهيو هوس، ته هاسٽل- وارڊن جي اچڻ جو آواز
ٻڌم.
تصورات جي طلسمي طوفان ماٺو ٿي ويو. منهنجي سامهون
هيٺ، پرڀرو، هڪ مروٽيل سروٽيل پَنو پيو هو. جان
کڻي کولي ڏسان، ته مٿس ڪجهه ازيبلا جا لکيل اکر
نظر آيا. اهو ساڳيو پنو هتي پهچڻ وقت منهنجي ئي
هٿن ۾ هو. انهيءَ تي ازبيلا جي ائڊريس هئي. پر
شايد بيخوديءَ جي عالم ۾، خبر ناهي ڇو ۽ ڪيئن پني
جي اها حالت ٿي. مون اهو پنو کولي سڌو ڪري، کڻي
ميز تي رکيو ۽ پوءِ آءٌ اڪيلو ئي اڪيلو ازبيلا جي
ڪمري مان ٻاهر نڪري آيس.
موکي ۽ متارا
”جا ڀُون پيرين مون، سا ڀُون مٿي سڄڻين،
ڌِڱ لَٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون،
ڏيهه مڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چئي.“
(لطيف)
وائي
تان تون ويهه سَنبهي ساٿي، ميان پانڌي، ميان
ڪاڪ هلبو ڪڏهين!
لکين لڊوڻيان مَڻي، مٿي واٽ ويا ٿِي، ميان.....
ڪاڪ هلبو ڪڏهين!
(لطيف)
راوي
انسانن کي ازل کان وٺي ورثي ۾ عشق ۽ محبت کان وڌيڪ
ڪا اعليٰ ۽ افضل نعمت عطا ڪانه ٿي آهي. جيڪي به هڪ
واريءَ انهيءَ دولت سان نوازيا سي تاقيامت تونگر.
وقت ۽ حالات تبديل ٿيندا رهن ٿا، دنيا جو ذرو ذرو
۽ هرڪا شيءِ بي بقا ۽ فاني آهي، پر عشق جي انتها
ڪانهي ۽ ڀلي صديون گذري وڃن ته به انهيءَ جي ابتدا
به ڄڻ هاڻي ۽ هينئر ٿي آهي. قدرت جي ڪاريگر جي هن
ڪمال جي ڪهڙي اپٽار ڪجي! سندس راز ۽ رمزون جيتريون
ٿيون پروڙجن اوتروئي حيرت ۽ حسرت ورايو وڃي.
پنهنجا ڳجهه پاڻ ڄاڻي پاڻ سنڀالي.
تقدير جي اڳيان تدبير بيوس ٿيو پوي. عقل جا حيلا
وسيلا، بيڪار ۽ بي سود ٿيو وڃن. بي رنگ ڪهڙا رنگ
رچائي ڇڏيا آهن! رچي جي ريٽو ٿيا سي ڪنهن نه جهليا
۽ ڪنهن نه پليا. اهي پنهنجي منزل ڏانهن ازخود ڇڪبا
۽ وڌندا ٿا رهن. عقل، مت، شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.
مجاز جي ميدان ۾ وک وک تي رڪاوٽون ۽ رنڊڪون، ته به
آسائتا برسر ڪندا هلندا ئي ٿا رهن. سر جو سانگو ڇا
جو. بس هڪڙي تن ۾ تار، ويهڻ وهه ٿيو پوي. نا اميدي
ڇا جي، هو سوز ۽ ساز ۾ سڙهندا، لڇندا وتن، پر نڪي
ڪڇن نڪي پڇن. سوريءَ تي سڏ ٿئين ته هليو وڃيو سر
اڏيءَ تي ڌرين. ۽ مري پوءِ ماڻين جانب جو جمال.
حسين هر ڪنهن کي هرکائي. جنهن ڪجهه ڏٺو، تنهن کان
سڀ ڪجهه وسريو. لاڳاپا لاهيو، نڪريو پون. دنيادار
کلندا رهن، ڀلي پيا جک مارين، پر جن مشاهدو ماڻيو
سي سدائين ساوا. ماڻهو انهن کي وساري ڇڏين پر
تاريخ انهن کي سيني سان سانڍيندي ٿي رهي. اهائي ته
دنيا جي دولت آهي ۽ اها ئي ته اسان جي امانت آهي.
ڪير آهي، جو هن امانت ۾ خيانت ڪري؛ هر ڪنهن کي
عقيدي سان احترام ٿو ڪرڻو پوي. عشق جا قائدا
پنهنجا ته ان جا نبيرا ۽ فيصلا به پنهنجا.
سسئي وندر، پٻ ۽ هاڙهي جي واٽ تي پير پٿون ڪري
مئي؛ چنسير وڇوڙي بعد ليلا سان مليو ته دم ڏنائين؛
سهڻي درياهه ۾ لڙهي ويئي، ته مومل مينڌرو هٿ ڪري،
وڃائي ۽ وري ڳولي به وڃي ڏاگهه چڙهي. اڄ نه سسئي
آهي ۽ نه ليلا، نڪي سهڻي آهي نه مومل، پر جيسين
اسان جي سرزمين، جيسين اسان جو وطن ۽ جيسين اسان
جا انسان جيئرا آهن، تيسين سسئي، سهڻي، ليلا ۽
مومل کي ڪير وساريندو؟ اهي هستيون ته تاقيامت امر
رهنديون. ۽ اُهي سندن ڳالهيون ته هميشه ڳائبيون
رهبيون.
چون ٿا ته ڪنهن سمي راجا نند، گجر قوم جو سردار،
ميرپور ماٿيلي جو حاڪم هو. هن راجا پنهنجو خزانو
هڪ ڪرامتي ڏند جي مدد سان درياهه جي وچ ۾ ڪٿي
لڪائي ڇڏيو. هڪ حرفتيءَ کي اها خبر پئجي ويئي.
راجا نندُ شيل شڪار تي ٻاهر اسهيو، ته هن پٺيان
محل جي دروازي تي فقيرُ ٿي اچي ٻاڪاريو. محل جون
ٻانهيون ڊوڙي آيون، خيرات ڏنائونس ته وٺي ئي نه،
چي ”آءٌ“ راڻيءَ سان حال اوريندس ۽ ان کان ئي دان
وٺندس.“ ۽ وري زور زور سان صدائون ڪيائين. راڻي
اچي ئي اچي تنهن کان اڳ مومل وڌي اچي فقير کان
پڇيو ته ”توسان ڪهڙي ماجرا آهي!“ فقير ڏند لاءِ
سئن هنئي. مومل کي سجهي آيو، سو ڪرامتي ڏند ڳولي
ڦولي اچي فقير جي جهوليءَ ۾ وڌائين. فقير دعائون
ڪندو رمندو رهيو، ۽ راجا جو سارو خزانو ٻهاري هليو
ويو.
راجا نند شڪار تان موٽيو. ڏند ساريائين، ڳوليائين،
پر هجي ته ملي! نيٺ خبر پيس، ته مومل تي ڪاوڙجي
پيو، راجا جي ڪاوڙ آڏو، توڙي جو مومل سندس ڌيءَ
هئي، مومل جي حيثيت خير ڪا هئي، پر مومل جي ڀيڻ
سومل وچ ۾ پَئي قصي کي ٺاهيو ۽ اها ذميداري پاڻ
کنئي ۽ پيءُ کي اِئين چئي ريجهائين ته اُهو خزانو
اوهان مون کان لهڻو!“
مومل ۽ سومل پوءِ سوچي ويچاري هڪ رٿ تيار ڪئي. هنن
جيسلمير جي ڀرسان لڊاڻي شهر ۾ رهي، ڪاڪ تي عجيب
غريب طلسمي محل اڏايو. جڏهن سڄو ٽڪساٽ تيار ٿيو،
تڏهن اوري پري هوڪو ڏياريائون ته جيڪو به جوان
محلات ۾ اچي مومل جي ديوان خاني واريءَ کٽي تي
ويهندو، سو مومل ماڻيندو. مومل ته هونءَ به سونهن
۽ سوڀيا ڪري ملڪان ملڪ مشهور هئي، ويتر جو پڙهو
ڏنو ويو تنهن هڻي وڃي هنڌ ڪيو.
اها ڳالهه هرهنڌ پکڙجي ويئي، ڪيترائي شهزور،شهزادا
۽ سوداگر ڪاڪ ڏانهن قسمت آزمائڻ نڪتا.
مومل ۽ سومل ڪي اڪيليون ڪين هيون. هنن سان گڏ شاهي
محل جو سڄو اٽالو هو- نوڪر چاڪر، نوڪرياڻيون ۽
ٻانهيون پڻ هيون. سڀني کان سرس ته ٻانهي ناتر به
هئي. ناتر نهايت چالاڪ ۽ هر فن مولا هئي، هوءَ ست
پيڙهائتي ٻانهي هئي ۽ محل سراءِ جي هر ڪم ۽ ضرورت
کان نه صرف واقف پر ان ۾ ڀڙ هئي. هوءَ سونهن ۾ به
سرس هئي. کيس پيار توڙي ٽوڪ وچان ’تيرنهن تالي‘ به
سڏيندا هئا. هن جي وصفن جو ڪهڙو وستار ڪجي. هوءَ
هار سينگار ۽ روپ ٻهروپ ڀري پنهجن کي به ڀنڀلائي
ويندي هئي. راڳ ۾ مجرو ته کانئس ڪو سکي! محل جي
عيش عشرت جو سامان، منڌ جي بٺي چِڪائڻ، مٽ ڀرڻ،
وٽيون وارڻ ۽ پيارڻ، ۽ پيش ڪرڻ جو ڍنگ ۽ طريقو هن
جو اهڙو ته هو، جو جنهن هيڪر چکيو سو سدائين
سوالي! انهيءَ کان سواءِ محلات جون ست رڇيون طعام
۽ انهن جي تياري، نظرداري ۽ ورڇ..... محلات جي
اندروني آرائش ۽ زيب زينت سان گڏ نفاست نزاڪت،
ذوق، شوق..... آداب ۽ اطوار.... شهزاديون به هن جي
سنڀال ۽ نظرداريءَ هيٺ پلبيون ۽ وڏيون ٿينديون
هيون. هوءَ هر ڪنهن کي موهي پنهنجو ڪري ڇڏيندي
هئي. پر پاڻ ڪنهن تي موهت ڪين ٿي. کيس هڪ ڌيءَ به
هئي، ڇوڪريءَ جو نالو موکي هو.
مومل کي مجاز جون تارن ۾ تبرون،
هڻي حاڪمن کي، زور ڀريون زبرون
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون.
(شاهه)
ڪاڪ محل، مومل جي ڪري، ۽ ناتر جي حڪمت عمليءَ سبب،
بي باڪ بانڪن ۽ اڻ موٽ شهزورن جو گويا زيارت گاهه
بڻجي ويو. پر ڪاڪ محل حقيقت ۾ ڪوريئڙي جي ڄار کان
به چار رتيون ڪسر هو، جيڪو به ويجهو ويو، سو ڇٽو،
باقي جيڪو اتفاقي بچي نڪتو سو نه دين جو رهيو نڪي
دنيا جو، اهڙي ماڻهوءَ جي حالت ته وڌيڪ خراب هوندي
هئي. مڇيءَ وانگر پاڻيءَ کان ٻاهر لڇي لڇي، ڦٿڪي
ڦٿڪي پاڻهئي پنهنجو انت آڻي، عشق جي آزار مان آزاد
ٿيندو هو. مگر تعجب آهي، جو انهيءَ هوندي به شائقن
جي ڪاڪ محل تي ڪاهه هوندي هئي. پتنگن وانگر سوين
حسن ۽ حرفت جي شمع تي سوخته ٿي جلي خاڪ ٿي ويا،
هزارين حيرانيءَ ۾ هوش وڃائي ويٺا، لکين سڀ ڪجهه
لٽائي فقير ٿي پيا، ڪروڙين ڪونڌر ڪسجي ويا. مومل
هتي ئي قيامت ۽ محشر برپا ڪري ڇڏيو..... سومل
پنهنجي پيءُ ڏي دولت جا انبار موڪليندي رهي ۽ جلدي
شاهي خزانو دولت سان مالا مال ٿي ويو. بادشاهه
’بس‘ جو فرمان جاري ڪيو. پر ڪاڪ تي ته هڻ ۽ کڻ، اڻ
کُٽ ميڙ ۽ ٻهار، وارو معاملو هو ۽ ائين.........
ڪافي سال گذري ويا.
هڪ ڏينهن همير سومرو، عمرڪوٽ جو بادشاهه، پنهنجي
وزيرن جي چوياريءَ سميت شيل شڪار تي نڪتو. ڳچ
ڏينهن کان پوءِ رستي تي ڪنهن بيحال مستاني کي
”مومل.... مومل“ ڪندي ٻاڪاريندو ٻڌائون.... همير
سومري ۽ سندس وزيرن کي مومل جي سڻس ته اڳ ۾ ئي
هئي، پر هُن مستاني جي عجيب آهه و زاري اميراڻي آر
کي هرکائي، ڪاڪ محل ڏانهن روانو ڪيو.
ڪاڪ محل تي پهچي، مانجهين ڀير تي ڏونڪو هنيو، ناتر
نڪري، هنن جي مرحبا ڪئي، واري وٽيءَ تي سڀني ڪوشش
ڪئي. پر مومل جي کٽ تي فقط راڻو مينڌرو ئي وڃي
ويٺو. راڻي مومل ماڻي، ته همير سومري ۽ ٻين وزيرن
جان جي امان پاتي. هنن جا بخت زور هئا. قدرت کي
ائين منظور هو، پر قضا جو فيصلو ڪجهه ٻيو هو. راڻو
مينڌرو همير سومري جو باتدبير وزير هو. پر مومل جي
مامري همير سومري جي دل کي حسد ۽ ايرکا جي باهه
سان ڄري ڇڏيو. هوڏانهن مومل ۽ مينڌري هڪٻئي کي
پنهنجي محبت جي منڊ ۾ منڊي ڇڏيو. ’تون ۽ آءٌ‘ جو
فرق مٽجي ويو. مومل مينڌرو هئي ته مينڌرو مومل
هئي. عشق نه پڇي ذات. عشق جي واردات ئي نرالي آهي.
جيڪي نوازجن سي هميشه حيات.....
همير سومري بادشاهه، عمرڪوٽ وڃي مينڌري ڏانهن قاصد
موڪليا، مينڌري کي حڪومت جي ذميداريءَ جو احساس
ٿيو. هو مومل سان روز رات ملڻ جو واعدو ڪري عمرڪوٽ
موٽي آيو ۽ پنهنجي واعدي تي پورو رهيو. همير سومري
جو اندر اڃا ڪين ٺريو هو. سو کڻي راڻي کي تُرم ۾
وڌائين. مومل اوسيئڙا ڪري ٿڪجي پئي، گهڻا ئي حيلا
وسيلا هلايائين، راڻي ڏانهن پيغامن تي پيغام
پهچايائين. هڪ رات ناتر سومل کي راڻي جو ٻهروپ
ڪرائي مومل وٽ وٺي آئي. سومل پوءِ انهيءَ رات
مرداني ويس ۾ ئي، مومل سان گڏ سمهي رهي. اتفاق سان
راڻو به انهيءَ رات اچي سهڙيو. پري کان ڌاريو مرد
ستل سمجهي، مومل کي ڏهاڳ ڏيئي، اتي پنهنجو لڪڻ
ڇڏي، عمرڪوٽ وڃي نڪتو، صبح ٿيو ته راڻي جو لڪڻ
ڏسي، مومل ڊڄي ويئي. کيس معلوم ٿيو ته راڻو رات
رسي ويو آهي. ڪاڪ محل ۾ ماتم پئجي ويو، روڄ ۽ راڙو
شروع ٿي ويو. نيٺ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي مومل وڻجارڪو
ويس ڪري، وڃي عمرڪوٽ نڪتي، ۽ اتي ماڙي اڏائي ويهي
رهي. راڻي سان ڏيٺ ويٺ پيدا ڪري ورتائين، هڪ ڏينهن
جيئن ٻئي چؤپڙ راند ڪري رهيا هئا، ته راڻي مومل کي
سڃاڻي ورتو، پر غير نه ڪڍيائين ۽ مومل کي بي عزتو
ڪري، گهر مان تڙي ڪڍي ڇڏيائين. مومل لاءِ هاڻ جيئڻ
جنجال هو، سو ڪاٺين جو آڙاهه تيار ڪرائي، متل مچ ۾
ٽپو ڏنائين، اِتي راڻي کي خبر پئي ۽ خبر پونديئي
اچي ساڳئي مچ ۾ پتنگ وانگر ڪريو. آڙاهه جا شعلا
آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا. مينڌري ۽ مومل جا جسم
جلي رک ٿي ويا، پر هنن جا روح... روح.... هڪٻئي
سان ملي هڪ ٿي ويا.
”جا ڀُون پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين؛
ڌِڱ لٽيبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون؛
ڏيهه مڙيئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.“
”ڪُل نفس زائقته الموت...... لاشڪ دنيا درگذر جو
مڪان آهي.... پر زندگيءَ کي قرار ڪٿي آهي. خزان
کان پوءِ بهار جو وارو آهي. بهار ايندي ئي رنگ
لڳيو وڃن. بر به بازاريون ٿيو پون. جيئرن جو ميڙو
ته هميشه متل هوندو آهي. جيڏانهن نظر ڦيرايو،
تماشائين جو هل هنگامو ۽ ڪلهي گس لڳي پئي آهي.
هرڪو پنهنجيءَ هڻ وٺ ۾ قابو آهي: هتي هرهڪ مصروف
آهي. هتي هرڪو بيقرار آهي.... بي چين آهي. هن
طلسماتي دنيا جو ذرو ذرو جادونگري آهي. جادونگري
به اهڙي جو رڳو پنڊپهڻ پيا آهن. پر هن ڪلجڳ ۾....
”اڃا ڀي آهن ڪي ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي.“ سياڻا ۽ داناءُ
انسان..... تماشائي نه.... پر مشاهدو ماڻي.... ٻين
سان ونڊ ورڇ ڪندا آهن. پر عشق ۽ عقل جو جهيڙو ڪير
نبيري؟ بي انت قدرت جو ڦورو ڪير ڦولهي؟ عقل،
دانائي، سمجهه ۽ سياڻپ.... انديشا ۽ دليل....
ٺاهي.... ۽ ڊاهي.... انسان عاجز ٿيو پوي. پر جن
همٿ نه هاري..... ۽ ڪٿي، آس سان دل کي آباد رکيو،
انهن لاءِ ”مون سان مون پرين؛ ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا“
واري ڪار به ٿئي ٿي. اهي وڃيو ماڳ ماڻين ۽ منزل تي
رسن.
رنگ محلن ۾ رهڻ واريءَ ناتر کي ٽي ڌيئرو هيون،
موکي، سونگل ۽ سڦوران. موکي سڀني کان وڏي هئي. هن
جي سونهن ۽ سوڀيا جو ڪهڙو وستار ڪجي. بس وڄ جو
ٽڪرو هئي. جواني آيس ته قيامت جو قهر ٿي پيئي.
اٿندي ويهندي، کلندي ڳالهائيندي، ڪلور ٿي ويندا
هئا. هن جي اکين جي گهور جو پور.... شل نه ڪنهن
ڏانهن آر ڪري.... شڪاري خود شڪار ٿي، نيم بسمل
وانگر لڇي لڇي.... پساهه پورا ڪندو هو. هن جو جسم،
جسم جو انگ انگ... ڪو قدرت جي ڪاريگر پاڻ ويهي هٿن
سان جوڙيو هو. هوءَ سون چانديءَ، سنگ مرمر، ماڻڪ
موتين، ۽ هيرن جواهرن جو مرڪب هئي، هن جو ڳالهائڻ
موتئي ۽ گلاب جي ورکا....۽ ... ماکيءَ کان مٺو....
ٻڌڻ وارو جنهن هيڪر ٻڌو سو مُٺو... سدائين لاءِ
سوائي. راڄ محل جي رواج موجب... موکي هر وقت نُنهن
کان چوٽيءَ تائين سينگاريل پکاريل رهندي هئي. شل
نه ڪٿي ڪو سڏ ٿئيس.... هوءَ وڄ وانگر وراڪا
ڏيندي.... لچڪندي، ماڻا ڪندي، وڃي حاضر ٿيندي هئي،
هن جو هلڻ، هن جو سراپا ته جنسي ۽ هڪ ازلي ساز هو
۽ انهيءَ ساز جو آواز..... قدم قدم تي..... ازخود
نغمه سرائي شروع ٿي ويندي هئي.... هوءَ ته هوبهو
سرڳ جي اپسرا هئي.
موکي سرڳ جي اپسرا ڪيئن نه ٿئي.... راجا نند جي
راڻيءَ کيس پاليو هو ته ناتر ان کي نپايو هو. ناتر
محل ۾ نوڪرياڻي ڪانه هئي، هوءَ ته راجا ۽ راڻيءَ
جي خاص داسي هئي. جيئن ئي هن جي ڪُک سائي ٿي، ته
راجا ۽ راڻيءَ ۾ هوڏ لڳي. راڻيءَ چيو ته ناتر کي
نياڻي ڄمندي، راجا چيو ته نه نه ناتر کي نينگر
ٿيندو.... نيٺ اها شرط راڻي کٽي. جنهن ڏينهن، ناتر
جو موک ٿيو ۽ نياڻيءَ هن دنيا ۾ اکيون پٽيون ته
محل ۾ شادمانا ٿي ويا. راڻيءَ خزاني جا در
کولي.... پاڻ ويهي اشرفيون ورهايون... غريب غربي
لاءِ عيدون ٿي ويون. امير امرائن کي انعام اڪرام
مليا. ناتر سوغاتن سان سٿجي ويئي. لاشڪ هن نياڻيءَ
ڄمندي ئي پهرين پهرين راڻيءَ جي سوني پينگهي ۾
سُتي ئي لاڏ ڪيا. ناتر کي ويم ۾ ڏاڍي ڪا تڪليف ٿي
هئي. اهوئي سبب هو، جو راڻيءَ نينگر جو نالو
”موکي“ رکيو. موکي ڄائي ته ناتر جو مانُ ويتر وڌي
ويو. راڻي ناتر ۽ موکيءَ کي پاڻ کان پلڪ به پري
ڪين ڪندي هئي. راڻيءَ موکيءَ کي شهزادين وانگر
سنڀاليو ته ناتر موکيءَ کي نپائي پنهنجو پيڙهائتو
هنر سيکاريو. اهوئي سبب آهي جو موکي جڏهين جوان ٿي
ته ان جي حفاظت خاطر ناتر جي ننڊ حرام ٿي ويئي...
آخر ته هوءَ هڪ جيجل ماءُ هئي. ناتر کان وڌيڪ اڻ
تڻ ته راڻيءَ کي هئي. راڻيءَ موکيءَ لاءِ سويمبر
سڏايو. سوين سورهيه ۽ شهزادا انهيءَ اهتمام تي اچي
حاضر ٿيا. موکي هار کڻي مجلس ۾ آئي ته شاهي
سازندن وقت جا نغما ڇيڙيا..... موکيءَ جو حسن اڄ
پنهنجي انتها تي هو..... حورن ۽ پرين جو ذڪر ته
رڳو تصوراتي.... رڳو ڪاغذي هوندو آهي. موکي ته
جيئري جاڳندي حسن جي حقيقت هئي. محفل ۾ هوءَ بي
باڪ، هار هٿن ۾ جهلي، مور وانگر ٽلندي رهي، هوءَ
هر هڪ کي نهاريندي، نهاريندي، تڪيندي، ۽ توريندي
رهي.... هن جنهن ڏانهن به ٿي ڏٺو، يا جنهن به هن
ڏانهن ٿي نهاريو.... تنهن صورت جي تاب ۽ تجليءَ
کان بي تاب ٿي ازخود ٿي ڪنڌ جهڪايو. سازندن سوز
سان ساز وڄايا. پر، ڀريءَ درٻار کي ڄڻ ڪنهن ماهر
ماريءَ منڊ ۾ منڊي ڇڏيو هو. چوڌاري چپ چپات هئي.
سازن جا نغما فضا ۾ تحليل ٿيندا رهيا، سويمبر جو
ٽيون چڪر پورو ٿيڻ تي هو.... ته هن وسيع دنيا جي
ڪائنات به ڄڻ فيصلي ٻڌڻ لاءِ منتظر پنهنجي گردش
روڪي بيهي رهي..... ”خبر ناهي ڪنهن جو ٿو بخت
کُلي، خبر ناهي.... موکي.... ڪنهن جو ٿي انتخاب
ڪري..... خبر ناهي ڪنهن جي قسمت ٿي ناز ڪري.....“
موکي ٽيو چڪر پورو ڪري. راڻيءَ جي تخت ڏانهن وڌي
ويئي.... ۽ وري ڀريل درٻار ڏانهن منهن ڪري، سڀني
کي سلام ڪري، جهٽ پٽ هار کڻي راڻيءَ جي ڳچيءَ ۾
وڌائين ۽ پاڻ راجا جي پيرن تي مورڇا ٿي ڪري
پيئي..... شاهي طبيب ڊوڙي آيو.... عطر عنبير
ڇڻڪاريا ويا. هن هيڏيءَ ساريءَ تقريب جو نقشو ۽
صورتحال ئي تبديل ٿي ويئي. سڀني کي مايوسي وڪوڙي
ويئي.... ڪنهن کي به همت ڪانه ٿي، جو کڻي چون چرا
ڪري. سڀني جون نظرون شاهي طبيب ۾ هيون..... شاهي
طبيب پنهنجا حيلا وسيلا هلايا ۽ جلدي فيصلو
ڏنائين. ”موکي..... خطري کان ٻاهر آهي..... کيس
صدمو رسيو آهي..... هوءَ سُرتِ ۾ آهي، کيس آرام جي
ضرورت آهي.....“ |