هر
هڪ ۽ هرڪو پنهنجي چِن پٽ ۾ پورو آهي. منهنجي دل ۾
ڦلٽو صاحب لاءِ ازغيبي همدري پيدا ٿيڻ لڳي. پارپتا
پڇي وڃي وٽس نڪتس. محل نما بنگلي ۾ غاليچن کي
لتاڙيندي، خوشنما پردن کي سرڪائيندي، ڪرسين ۽ ڪوچن
وارن ڪمرن مان ڦرندي گههرندي، مون کي محسوس ٿيڻ
لڳو ته آءٌ ڪا وڏي غلطي ڪري رهيو آهيان. اجهو ڪي
اجهو ڪو دڙڪا ڏيئي تڙي ڪڍندم.
آخر مون کي اهڙي ڪمري ۾ آندو ويو، جهڙو ڪنهن وڏيءَ
اسپتال جو وارڊ. دروازي تي هڪ نرس منهنجي مشڪندي
مرحبا ڪئي پريان ڦلٽو صاحب اکيون پوريو سڌو ٿيو
ليٽيو پيو هو. آءٌ اتي ترسي وڌيس، ته هوءَ نرس
اڳتي اچي تمام آهستگيءَ سان چوڻ لڳي، ”صاحب آرام ۾
آهي. اوهين ڀر واري ڪمر ي۾ ويهي سگهو ٿا. هو هينئر
ته ستو آهي، ڊاڪٽر کيس ننڊ جي سُئي هنئي آهي. پورن
پنجن ڪلاڪن کان پوءِ سجاڳ ٿيندو. ايترو انتظار نه
ڪري سگهو ته پنهنجي ائڊريس ڏيئي وڃو. اٿڻ تي کيس
سڀڪجهه ٻڌايو ويندو. آءٌ ٻئي ڪمري ۾، ڪوچ تي به
الاجي ڇو، پاڻ کي بي آرام سمجهڻ لڳس. پر نرس
ڳالهائي رهي هئي.
”ڦلٽو صاحب سٺو مريض آهي، هتي کيس چار مهينا ٿي
ويا آهن. علاج جاري آهي، هو هاڻي جسماني طور ته
بلڪل ٺيڪ آهي- البت ذهني طور ٿوري گڙٻڙ اٿس.
ڳالهائي گهڻو ٿو ۽ ننڊ به ٿوري ٿو ڪري. هزارين شعر
برزبان ياد اٿس. نهايت لاثاني انسان آهي. سچ پچ
مون کي فخر آهي، ڦلٽو صاحب جهڙي ماڻهوءَ جي خدمت
ڪرڻ جو موقعو مليو اٿم.“
اڃا هفتو کن مس گذريو هوندو، ٽاڪ ٻن پهرن جو وقت
هو، ڪانگ جي اک ٿي نڪتي، ته گهر واريءَ گهٽيءَ ۾
موٽر جو هارن، خطري جو گهگهوءَ وانگر، رانڀاٽ ڪرڻ
لڳو. دروازي تي ٺڪا ٺوڪي شروع ٿي ويئي. ڄڻ مترڪي
سان ڪو دروازي تي پنهنجي طاقت آزمائيءَ جي ڪوشش
ڪري رهيو هو. مون ڊوڙ پائي وڃي دروازو کوليو.....
”او! اهين آهيو! ڦلٽو صاحب! اچو، اچو، لک
مهربانيون، اوهين پاڻ ۽ پنهنجي سر! ڀلي ڪري آيا!“
پر ڦلٽو صاحب پوئتي هٽي، تڪڙو تڪڙو وڃي موٽر ۾
ويٺو. لاچار وڃي ڀر ورتيمانس، ته هن موٽر اسٽارٽ
ڪري ڇڏي. مون رڙ ڪندي چيو، ”هيءُ ڇا آهي،
ڦلٽوصاهب؟“ هُن کلندي وراڻيو، ”بس تنهنجي سِڪ لڳي
هئي، سو توکي ڏٺم، هاڻي جوڳي رمتا ڀلا!“
”پر.....پر!“ ”پر...... پر ڪجهه ناهي. اڄڪلهه،
هينئر ۽ هن وقت، مون وٽ منٽ منٽ جو پروگرام آهي-
وقت دناي جي هر ڪنهن شيءِ کان مهانگو آهي- هڪ اهم
ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻو اٿم- بس بس.... سڀاڻي تنهنجو
مهمان آهيان.....“ ۽ هُو هليو ويو.
ڪيتريون ’سڀاڻي‘ گذري ويئون....... هن پنهنجو
واعدو وساري ڇڏيو هو...... ڦلٽو صاحب...... شايد
مصروف هو. پر هڪڙي ڏينهن شهر جي چؤواٽي ڀرسان
نوجوان جي ميڙاڪي ۾ نظر اچي ويم. هو انهن سان
ڳالهائي رهيو هو... ”نوجوان ملڪ ۽ قوم جو سرمايو
آهن. سڀاڳي آهي اُها سرزمين جنهن جا نوجوان سجاڳ
آهن. سياسي سياڻپ جو هتي ڏيوالو نڪتل آهي. اچو
اچو..... نوجوانو! اسان جي خالص سياسي جماعت ۾
شامل ٿي وڃو... اسان کي، نه.... اسان جي وطن کي
ايماندار ۽ خلوص وارا سياسي ڪارڪن گهرجن. مردن ۽
عورتن کي گڏجي ڪر۾ ڪرڻ گهرجي.“
”اُها مردن ۽ عورتن واري ڳالهه وري ڪجو، ڦلٽو
صاحب...“
”آءٌ جوان ٿو جاهل نه ٿيو.... مرد ۽ عورت، قدرت جو
عظيم عطيو آهن. پراڻيون روايتون مدي خارج ٿي چڪيون
آهن. آزاد يورپ ڏانهن ڏسو. اسان جي پارٽيءَ ۾
باهمت عورتون به آهن..... پارٽيءَ جي هر گڏجاڻيءَ
۾ بين الاقوامي سطح تي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي
ڇنڊڇاڻ ٿيندي آهي. انساني زندگي ڇا آهي....؟
انساني زندگيءَ جو سارو دارومدار اسان جي اقتصادي
حالتن تي ئي آهي.... اسان جي آفيس اٺ ئي پهر يعني
رئونڊ دي ڪلاڪ کليل ٿي رهي. او..... هو....
ڏسو...... سي. آءِ. ڊيءَ. جو سپاهي پيو اچي!......
اچي پيو ته ڇا ٿيو ٽڪي جو نوڪر آهي: ڇا ڪندو؟ متان
ڊنا آهيو.“
پر هڪڙي رڙ ڪئي، ”يارو هتان ڦُٽي وڃو، پاڻ کي ٻوهي
۾ نه وجهو.“
ٻئي نوجوان چيو، ”جلدي ڪريو! سڀئي ٽڙي پکڙي وڃو!
ٿي وڃو دودو يارنهن!“ ۽ پوءِ سڀئي نوجوان هڪٻئي
ڏانهن اشارا ڪندا، کلندا، ڇڙوڇڙ ٿي هليا ويا. ۽
هُو ڦلٽو صاحب ڪنڌ هيٺ ڪري. ڀڻ ڀڻ ڪندو، پنهنجي
پاڻ سان جهيڙيندو. ڪنهن نامعلوم منزل ڏانهن تڪڙو
تڪڙو هلڻ لڳو.
عجب اتفاق آهي. ٻئي دفعي به ڦلٽو صاحب کي رستي تي
ڏسڻ جو موقعو مليو. اهڙي شل ڪنهن سان به نه ٿئي.
هو اونڌو ٿيو پيو هو ۽ منهن گٽر ڏانهن هوس. هو هوش
۾ ڪونه هو. شايد وري ڪو حادثو ٿيو هو. رستو ته
بلڪل ويران هو. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ٿي لنگهيو، سو
به کيس ڏسي، ڪنڌ ڦيرائي ٿي هليو ويو. پر هڪ پوليس
واري خبرناهي ڪيئن کيس ڏسي ورتو. هن پهرين کيس
اٿلائي، سڌو ڪيو. پوءِ ڇاتيءَ تي هٿ رکي، ائين اٿي
کڙو ٿيو ڄڻ کيس ڪنهن ٿيلهو ڏنو هو، ۽ پوءِ حقارت
سان منهن تي رومال رکي، چوڻ لڳو صاحب ٿيا آهن.
شراب جي بدبوءِ، آءٌ اجهو ٿو ڀيڻ.... جو بندوبست
ڪريان.‘
پوليس واري پٺ ئي مس ڏني هوندي، ته ڦلٽو صاحب اٿي،
ڪپڙا ڇنڊي، کڙو ٿيو ۽ پوءِ هڪ چڱي ڀلي ماڻهوءَ
وانگر رستو پار ڪري هليو ويو.
هن ڀيري ڦلٽو صاحب شهر جي ڪورٽن وٽ ڏسڻ ۾ آيو.
ماڻهن جا ڪي ميڙ هئا. پر ڦلٽو صاهب پري کان پڌرو
هو. اڄ ته هن کي وڪيلن وارو ويس ڍڪيل هو. ڪارو ڪوٽ
۽ اڇو سوٽ، هو سچ پچ وڪيل ٿي نظر آيو. وڪيلن وانگر
هن سان به ست اٺ همراهه گڏ هئا. هو انهن سان
ڳالهائي رهيو هو. ”چاچا، ماما، بابا... بس ڪيس هلي
سهي. پنهنجو ڪم اصل پڪو آهي. سرڪاري رڪارڊ کان
وڌيڪ ٻيون ڪهڙيون ثابتيون ٿينديون؟ زمينون پنهنون
آهن. اسان جون آهن. متان ڊنا آهيو. ڇاچا، تون سڀني
جو وڏو آهين، پير کوڙي سچ چئجان.“ اهي زمينون اسان
جي ابن ڏاڏن کان به آڳاٽيون آهن.
”جج وٽ روبرو ۽ دوبدو اهي سڀ ڳالهيون ٿينديون.
قانون اسان جي پاسي آهي. ۽ هيٺيان بندوبست پڪو
آهي.“
ڦلٽو صاحب جو بندوبست ٿيو يا نه تنهن جي خبر
ملائڪن کي، باقي انهيءَ زماني ۾ اهو افواهه ضرور
ٻڌڻ ۾ آيا هئا ته ڦلٽو صاحب جي پاٿاريدارن بنهه ڪي
ٻيا آڏا ابتا ڪم ڪيا آهن. پر حق جي ڳالهه اها آهي
ته ڦلٽو صاحب جيڪڏهن ڪا ابتي ڳالهه ڪندو هو، ته
اها پاڻمرادو سُبتي ٿي پوندي هئي. هو پنهنجي حريف
کان هارکائڻ يا پٺ تي هٽڻ لاءِ ته ڄائو ئي ڪونه
هو. حوصلي جي به ڪا ڳالهه ٿيندي آهي! ڦلٽو صاحب هڪ
ئي ٽپ ۾ سڀئي سرحدون اورانگهي ويندو آهي.
وڏو صاحب
ڪن سالن کان پوءِ:- تازو واٽ ويندي نثار سان
ملاقات ٿي هو هڪ شاندار موٽر مان لٿو هو، ۽ آءٌ
اتفاق سان هن جي آمهون سامهون هوس، هن سان گڏ ٻيا
به ڪي ماڻهو هئا، هو شايد ڀر واري هوٽل ڏانهن پئي
ويا. پر منهنجي ڀرسان اچي نثار صاحب بيهي رهيو،
مون کي خبر هئي ته هو هن وقت هڪ وڏو صاحب هو، هن
مونکي سڃاتو هو ڀاڪر پائي، اهڙيءَ ريت مليو، جو ڄڻ
ورهين جا وڇڙيل هجون، نهايت هجائتي نموني تي
کيڪاري پڇڻ لڳو، ”ڪهڙا حال احوال آهن؟“ خوش ته
آهين نه!“.... ۽ آءٌ.... دل ئي دل ۾ هڪ دوست جي
دوستيءَ ۽ پنهنجائپ واري اظهار تي محسوس ڪري، چوڻ
لڳس، ”حال احُال ته الاهي آهن، ۽ ساڳيءَ ملازمت ۾
آهيان، بس مڙئي پيا هلون، خوش آهيان، جي فرحت
هجيئي ته ڪٿي نويڪلائي ۾ ويهي، ڪا روح رهان ڪيون.
ڀلا، رات جو منهنجي گهر اچي ماني کائج!“
نثار مرڪندي وراڻيو، ”يار، تنهنجي دعوت اکين تي،
تنهنجو گهر ته منهنجو گهر آهي، پر اڄ هتي منهنجا
مختلف پروگرام آهن، آءٌ مصروف هوندس، ٻه ٽي ڏينهن
هتي آهيان. پاڻهي ئي اچي تنهنجو دروازو کڙڪائيندس
۽ حاضري ڀريندس.“ آءٌ اڃا پنهنجي دعوت کي پڪي ڪرڻ
لاءِ وڌيڪ موزون اکر ويچاري رهيو هوس ته نثار صاحب
”خدا حافظ“ چئي، پنهنجن ٻين دوستن سان ڀر واري
هوٽل ۾ هليو ويو......
هو مون کي ائين ايڏيءَ حب سان ملڻ کان پوءِ ڇڏي
هليو ويو، تنهنجو ارمان ۽ افسوس ته ٿيم، پر اهو
احساس بلڪل لحظي لاءِ پيدا ٿيو هو.... هو جنهن
نموني تي مون سان مليو هو، هن جنهن طريقي تي مون
سان ڳالهايو هو.... هو ته ساڳيو ئي نثار، اهو نثار
جيڪو منهنجو دل گهريو دوست هو ۽ ننڍي هوندي جو يار
هو، ڇا ٿي پيو- اها ته قسمت جي ڳالهه آهي، جي اڄ
هو هڪ وڏو صاحب آهي، ۽ آءٌ هن جي ڀيٽ ۾ هڪ معمولي
ملازم. هو واقعي مصروف هوندو، هن پاڻمرادو مون وٽ
هلي اچڻ جو وعدو ڪيو آهي، هو ضرور ايندو. مون کي
ناراض نه ٿيڻ گهرجي، دنياداري ۾ هر ڪنهن کي پنهنجا
پنهنجا ڪم ٿيندا آهن ۽ پنهنجون ذميواريون.... نيٺ
هو وڏو صاحب آهي.... پر صاحب وندو ٻين لاءِ،
منهنجو ته هو دوست آهي.... ۽ ائين ويچاريندي، آءٌ
شهر مان ٿيندو، اچي پنهجي گهر پهتس.
خبر ناهي ڇو اڄ آءٌ غير معمولي طور خوش هوس، گهر
اچي، آئون پنهنجي ڪمري ۾ صفائي ۽ ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ لڳس،
گهر وارن سان پڻ نثار صاحب واريءَ ٿيل ملاقات جو
ذڪر ڪيم، دراصل نثار سان منهنجا تعلقات مٽن مائٽن
کا به وڌيڪ هئا، هو اسان جي گهر ۾ آءٌ هن جي گهر،
ايندا ويندا هئاسين. اهو ئي سبب هيو، جو گهر جا
سڀيئي ڀاتي هن جي استقبال ۽ آڌر ڀاءُ لاءِ تياريون
ڪرڻ لڳا، سڄي گهر کي موقعي جي مناسبت سان تيار ڪيو
ويو. هن کي مانيءَ جي دعوت ڏني هيم، تنهنڪري سيڌي
سامان تي به خرچ ڪيم. نثار صاحب جڏهن به مون وٽ
ايندو هو ۽ ماني کائيندو هو، ته مڇيءَ يا مرغيءَ
جي فرمائش ضرور ڪندو هو. اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکي
ٻيئي شيون وٺي آيو هوس، هن انهيءَ بندوبست کان
پوءِ واقعي جيڪڏهن ڪا ڪسر رهجي ويئي هئي ته اها
هئي خود نثار صاحب جي گڏجاڻي ۽ سندس يادگيريون.
اهو ڏينهن گذري ويو، شام آئي ۽ رات ٿي، رات جا ڏهه
به ٿي اويا پر نثار صاحب ڪونه آيو، نثار صاحب ته
ڪونه آيو پر هُن جون يادگيريون، وساريان نه وسرڻ
جهڙيون ڳالهيون، وري وري دل ۽ دماغ ۾ پئي آيون،
سالن جا سال گڏ گذريا هئاسين. ساڳيئي، اسڪول ۾
پڙهيا هئاسين، گڏجي رانديون ڪيون سين، ۽ شرارتون
به گڏجي رٿيندا هئاسين ۽ واري وٽيءَ تي گهران پئسا
چورائي بهانا ڪري، چيري ميري به ڪندا هئاسين، ته
فلمون به ڏسندا هئاسين، جڏهن اسڪول جي هاسٽل ۾
رهندا هئاسين، ته خاص ڪري محمود کي، جيڪو ان وقت
اسان جو هم ڪلاس هو، هٿرادو جنن ڀوتن جون ڳالهيون
ٻڌائي، پورو مهينو، هر روز آڌيءَ رات جو لڪي لڪي
جنن جهڙا ڪرتب ڏيکاري، کيس ڊيڄاريو هيوسين، هن کي
اهڙيءَ ريت ڊيچاريو هيوسين، جو توبهه، الاامان!
جڏهن هاسٽل جا سڀيئي شاگرد سمهي رهندا هئا، تڏهن
اسان جون شرارتون شروع ٿينديون هيون، رڍن ۽ ٻڪرين
جون سسيون ڳاڙهي رنگ ۾ تر ڪري، هن جي بستري تي
اسان اڇلايون هيون، ته ساڳئي وقت وڌيڪ هراس پيدا
ڪرڻ لاءِ مئل گڏهه جا ڪن ۽ اُٺ جون سسيون به هٿ
ڪري محمود جي ڪمري ۾ رکيون هيوسين. هر هرات ڪانه
ڪا شرارت ضرور ڪندا هئاسين، نه رڳو محمود جو پر
سڄيءَ هاسٽل جي ڇوڪرن جو سُک ڦٽائي ڇڏيندا هئاسين،
پر جيئن چوندا آهن ته اُڻٽيهه راتيون چور جون
ٽِهين رات ساڌ جي، سو هڪڙي رات اسان ٻيئي جهلجي
پياسين. معاملو هيڊ ماستر تائين پهتو، هن اسان کي
ڏاڍي مار ڏني. پر جڏهن آءٌ ۽ نثار سزا کائي ٻاهر
نڪتا هئاسين، ته کلي کلي خيرا ٿي پيا هئاسين. ڪهڙو
نه دؤر ۽ زمانو هو، اهو، بي پرواهيءَ جو ۽ معصوميت
جو، اهو محمود جنهن کي اسان ڊيڄاريو هو، هن وقت
ڊپٽي ڪمشنر آهي ۽ مون وارو دوست نثار به هينئر هڪ
وڏو صاحب آهي- ۽ آئون هڪ معمولي ملازم هوس، مون
لاءِ حالتون اهڙيون هيون، جو ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ جي
بدران ڪلارڪ جي ڪرسيءَ تي ويهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو
چارو ڪونه هوم.
نثار ڪاليج ۾، آءٌ نوڪريءَ ۾، ته به اسان جي
دوستيءَ ۾ ڪو فرق ڪونه پيو هو، گڏجي گهمندا
هئاسون، ۽ گڏجي شرارتون به ڪندا هئاسين، جيئن
چوندا آهن ’ياري ۾ ڪهڙا ليکا‘، سو پئسن جي معاملي
۾ اسان پاڻ ۾ ، ڪڏهن به حساب ڪتاب يا ليکو چوکو
ڪونه ٿي ڪيو. هڪڙي ڀيري جڏهن هن جي چوري ٿي ويئي
هئي، ته مون پنهنجي پوري مهيني جي پگهار رضا سان
سڄي جو سڄو هن کي ڏيئي ڇڏيو هو، ايترو ياد اٿم ته
هن کان اُهي پئسا مون ڪڏهن به ڪين گهريا هئا، نه
ڪي هن پاڻ ئي مون کي موٽايا هئا.
انهيءَ وچ ۾ منهنجي دوست نثار عشق به ڪيو هو، ان
معاملي ۾ آءٌ ئي هن جو رازدان ۽ همدرد هئس، مون
پنهنجي جانجوکي ۾ وجهي به هن جي مدد ڪئي هئي، نثار
به مون تي ساهه پساهه ڇڏيندو هو- اسان جي دوستيءَ
کي ٽيهه پنجٽيهه سال ٿي ويا هوندا، پر ٻنهي جون
يادگيريون ۽ ٻنهي جي زندگيءَ جو تعلق رکندڙ بيشمار
ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون ۽ واقعا مون لاءِ ڄڻ
ڪالهوڻي ڪالهه ٿيا هئا، هو منهنجو دوست ۽ ننڍي
هوندي جو يار هو، پنهنجي ياد نثار جي انتظار ۾،
پيو ڏينهن ۽ رات به گذري ويئي، ٽيئن ڏينهن ۽ ٽيئن
رات به هو مون ڏانهن لڙي ڪين آيو. خبر ناهي ڇو مون
هن جي لاءِ يڪو پئي انتظار ڪيو، ۽ سچ پچ ته ٽن
ڏينهن ۽ ٽن راتين جي هر ويلي تي هن جي لاءِ مڇيءَ
۽ مرغيءَ جو بندوبست به ڪيو هوم.
ڇا، نثار، صاحب ٿي، واقعي وڏو ماڻهو ٿي ويو؟ ڇا،
دوستيءَ جا معيار بدلجي چڪا هئا، ڇو هو مون وٽ ڪين
آيو هو ۽ اهي ۽ اهڙا سوال مون بار بار پاڻ کان پئي
ڪيا، پر نثار کي وساري ويهڻ منهنجي وس ۾ ڪين هو،
آءٌ هن جي پڇا ڪندو رهيس، نيٺ پنجين ڏينهن خبر پيم
ته ڊاڪ بنگلي ۾ ترسيل آهي، آءٌ پنڌ ڪري وڃي اتي
پهتس، کيس پري کان دروازي تي بيٺل ڏٺم. آءٌ خوشيءَ
وچان تڪڙو تڪڙو پڳس، ۽ جيئن ويجهو اچي دروزي تي
پهتس ته نثار صاحب کي کسڪندو ڏٺم ۽ اندران هڪ چاڪ
چوبند وردي پيل ماڻهو تيزيءَ سان وڌي مون ڏانهن
آيو. هن مون کي روڪيو ۽ چوڻ لڳو، ”ڪير آهين؟ هتي
ڇو آيو آهين؟ نثار صاحب نهايت مصروف آهي ۽ اندر
آفيسر ويٺا آهن- هو ڪنهن سان ڪين ملندو......“ پر
آءٌ ته هن جو دوست آهيان، تون هن کي اندر وڃي
ٻڌاءِ ته سهي، مون وڏي اعتماد سان چيو، (وردي پيل
ماڻهو مون ڏانهن هڪ چوبدار وانگر ائين گهورڻ لڳو،
ڄڻ آءُ ڪو چرو هوس). ڏسين ڇا ٿو؟ وڃي صاحب کي
ٻڌاءِ! مون وري کيس ورجايو.
هو مڙي دروازي ڏانهن ته ويو، پر موٽي اچي چوڻ لڳو،
”نثار صاحب نهايت مصروف آهي، هو ڪنهن سان به ملڻ
نٿو چاهي، هن جو هن شهر ۾ ڪوبه دوست ڪونهي.......“
منهنجي پيرن هيٺيان زمين کسڪي ويئي- منهنجي
دوستيءَ جو رنگ محل چڪنا چور ٿي ويو هو، مون کي
سمجهه ۾ ئي نٿي آيو ۽ نه ڪي اهو فيصلو ڪري سگهيس
ته هاڻ مون کي اُتي ترسڻ گهرجي يا موٽي واپس وڃڻ
جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
عورت
ڊاڪٽر موهن عينڪ صاف ڪري اکين تي چاڙهي شياما کي
حيرت ۽ غور وچان ڏسڻ لڳو. هن سر کڻي جهڪايو، شايد
رڳو انهيءَ ڪري ته ڀل هو جانچي ڏسي. هوءَ بلڪل
حسين هئي ۽ نوجوان..... امير گهراڻي جي ڇوڪري هئي.
بي. اي تائين تعليم حاصل ڪئي هئائين. ٿوري عرصي
کان پوءِ هوءَ منهن مٿي ڪري چپ چور لڳي. پنهنجي
ٻانهن مان سوني چوڙي لاهي آڱر ۾ ڦيرائڻ لڳي.
ڦيرائڻ کان پوءِ هوءَ چوڙي پير ۾ وجهڻ لڳوي. هن جي
چرهي تي ٿوري حيا جي سُرخي هئي ۽ اکين ۾ ڪشش، هن
چوڙيءَ کي زور ڏيئي مٿي ٿي چاڙهيو مگر چوڙي پير ۾
وڃئي نه، نيٺ جڏهن هن جو نازڪ لعل ۽ اڱريون
ڳاڙهيون ٿي ويون، تڏهن بس ڪيائين هوا ۾ هٿ هيٺ مٿي
ڪري ڊاڪٽر کي ڏسي کلي، کلندي چوڙي، کڻي وات ۾
وڌائين. ڏندن ۾ هڪڙو پاسو جهلي پنهنجي هٿن جا
آڱوٺا وجهي ڇڪڻ لڳي. هن جي ٻنهي آڱوٺن ۾ وڍ پئجي
ويا. چوڙي وات مان ڪڍي. بيپرواهيءَ سان در کان
ٻاهر پنهنجي سموري طاقتن سان اڇلايائين، هوءَ
پنهنجا آڱوٺا چتائي ڏسڻ لڳي. وري پنهنجي پير ڏس ۾
لڳي آهستي ڪنڌ ڦيرائي هن ٿُڪ اڇلائي، ڊاڪٽر موهن
جنهن هن کي ڏٺو ويٺي سو هن جي ٿُڪ ۾ رت ڏسي ميز تي
پيل گهنڊڻيءَ جو بٽڻ دٻايو. ڊاڪٽر موهن جو شڪ پورو
نه بيٺو جيئن هن سمجهيو ٿي، گهنڊڻيءَ جي وڃڻ سان
هڪ پوڙهو ڇپڙاسي حاضر صاحب، چئي اچي ڊاڪٽر وٽ
بيٺو. جو! ليڊي وارڊ کي ٻڌاءِ ته هنن مريضن کي 17-
نمبر واري ڪوٺيءَ ۾ رکي.“ پوڙهو شياما کي ڏسي
(حاضر صاحب) چئي دروازي ڏانهن وڌيو.
ڊاڪٽر شياما کي ڏٺو، هن جي چهري تي خوشي هئي ۽
اکين ۾ زندگي. ڊاڪٽر وري بٽڻ کي زور ڏنو، راجو وري
موٽي آيو. ”راجو چانهن کڻي اچ، پوءِ وارڊر ڏانهن
وڃ.“
”حاضر صاحب“ چئي هو ويو هليو. شياما کي خوش ڏسي
ڊاڪٽر وري شڪجي پيو. ٻيا به وٽس گهٽائي مريض آيا
ٿي. هن جو ڌنڌو ئي پاڳلن سان هو، مگر هن جي دل ۾
الائجي ڇو ويساهه ئي نه ٿئي، ته شياما ڪا سچ پچ
پاڳل آهي. شياما ڪرسيءَ تان اُٿي. ڪرسيءَ جي هيٺان
ويهڻ جي ڪوشش ڪئي، ”شياما! هي ڇا ٿي ڪرين؟“ هن
ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، ڪرسيءَ جي هيٺان ٿوري جاءِ
هئڻ ڪري ويهي نه سگهي، تنهن ڪري ڪرسي کي کڻي مٿي
تي رکيائين.
”شياما! هيڏانهن اچ“.... ڊاڪٽر جي آواز تي جيئن
لاچار شينهن پڃري مان نڪري تيئن ڪرسي لاهي شياما
اتان ئي ڊاڪٽر ڏي نهارڻ لڳي. نهاري وري ڪرسي کڻي
مٿي تي رکيائين. ايتري ۾ راجو جي اچڻ جي ٺڪ ٺڪ ٻڌڻ
۾ آئي. شيما گهڀير ٿي ڪرسي کان نڪري جيسين راجو
اندر اچي ئي اچي تيسين هوءَ وري اچي ڪرسيءَ تي
ويٺي. اکيون پيرن ۾ کوڙي ڪجهه سوچڻ لڳي، ڊاڪٽر
عينڪ لاهي کيس نهاري چانهه جون ٻه پياليون ٺاهيون.
هڪ پيالي شياما ڏانهن وڌائي چوڻ لڳو، ”شياما، خبر
ناهي مون کي الائجي ڇو توسان همدردي آهي... هان هي
چاءِ وٺ.“
”ڊاڪٽر صاحب! اوهان جي همدرديءَ جي مهرباني.“ هوءَ
چانهه وٺي پيئڻ لڳي، ڊاڪٽر کي چتائي پئي ڏٺو. ٻنهي
چانهه پي پوري ڪئي.
”شياما! ڇا تون سچ پچ پاگل آهين؟“
”ته ڇا اوهان کي شڪ آهي؟“ هنن چيو، ورائي ڪنڌ هيٺ
ڪري هو مشڪڻ لڳي. ڊاڪٽر جو شڪ وڌندو ويو. هن ڪنڌ
مٿي ڪري ڇت ۾ نهاريو، وري ساڙهي جو پلاند پاسيرو
ڦاڙي ٻن ڇيڙن کي کڻي ڳنڍ ڏنائين، اُٿي اهو ڊاڪٽر
جي ڳچيءَ ۾ وڌائين.
”ڪهڙو نه سٺو هار آهي، ڊاڪٽر! ڊاڪٽر سٺو هار آهي
نه! ڊاڪٽر کلندي راجو کي اشارو ڪيو، شيامان چپ چاپ
راجو سان پنهجي نئين گهر ۾ وڃي پير پاتو جتي هينئر
هميشه لاءِ کيس رهڻو هو.
ڊاڪٽر موهن روزانو شياما کي تپاسڻ لاءِ ويندو هو. هو آزمودگار ڊاڪٽر هو، خاص
ڪري پاڳلن جي علاج ۾ هاڪارو هو. هو ٻين مريضن کي
به ڏسندو هو، مگر شياما سان هن جي غير معمولي
دلچسپي ٿي. ڊاڪٽر ڪلاڪن جا ڪلاڪ شياما سان ويهي
ڳالهيون ڪندو هو. هوءَ اهڙي ريت پورا، سٺا ۽ وڻندڙ
نموني جا جواب ڏيندي هئي، ڊاڪٽر جو شڪ وري يقين جي
درجي تي پهچڻ لڳو. شياما قتل جي الزام ڪري گرفتار
ٿي هئي، ڏوهه بلڪل صفا ۽ ظاهر هو، ثابتي به ڪافي
هئي، پر شياما جي پاڳل هئڻ ڪري کيس ڦاسيءَ بدران
پاڳل خاني ۾ موڪليو ويو هو.
منوهر شياما جي پاڙي جو هڪ نوجوان ڇوڪر هو ۽ شياما
جي شادي ان سان ٿيڻي هئي، موهن شياما جي گهر ايندو
ويندو هو. هڪڙي ڏينهن شياما کيس پستول جو نشانو
ٺاهي ڇڏيو. دماغي خلل کان سواءِ شايد ٻي ڳالهه
ڪانه هئي، جنهن ڪري هن اهڙو قدم کنيو هو. ڊاڪٽر
موهن ڪيترائي ڀيرا انهيءَ راز کان واقف ٿيڻ جي
ڪوشش ڪئي مگر شياما ان بابت کيس ڪجهه به ڪونه
ٻڌايو.
شياما جي دماغي حالت جهڙي هئي، تهڙي رهي نه ته
هوءَ پاڳل نٿي معمول ٿي ۽ نه هوءَ عاقل ٿي ڏسجڻ ۾
آئي، رڳو ايترو فرق ظاهر هو ته هوءَ روز روز ڪمزور
ٿيندي پئي وئي. ٽن سالن جي اندر شياما بلڪل بدلجي
چڪي هئي. هن جو چهرو ڪومايل گلاب وانگر ٿي ويو،
اکيون ڏارا ڏيئي اندر تي گهڙي ويون هيون. گدرايل
مرمري جسم ڦري زرد هڏن جو پڃرو ٿي پيو هو. ايتري
قدر جو هوا جي تيز جهٽڪي ۾ بيد وانگر لچڪي ويئي.
ڊاڪٽر موهن نه رڳو ڊاڪٽر هو پر فلسفي به هو. هن
پنهنجي سڄي عمر ۾ شياما کان زياده ٻئي ڪنهن کي چڱي
طرح ڪونه جانچيو هو. مگر شياما جي سڄي حالت کان
باخبر رهڻ هن جي لاءِ بي جواب معمو هو. ايترو سو
شڪي هو. هن سمجهيو ٿي ته شياما کي دل جي بيماري
آهي ۽ نه دماغ جي.
هڪ اونداهي رات جڏهن چوڌاري خاموشي ڇانيل هئي،
ڊاڪٽر موهن پنهنجي لائبرري ۾ پڙهڻ ۾ مشغول هو، هو
فلسفي جا ڪتاب پڙهي اونهو ويچار ڪري رهيو هو.
چوڌاري خاموشي هئي، ڪيڏي ڪيڏي مهل هن جي پنن
اٿلائڻ جو کڙڪو ٿي ٿيو. اوچتوئي اوچتو ٻاهر گوڙ ۽
هل ٻڌڻ ۾ آيو، هو ڪتاب بند ڪري ٽارچ کڻي ٻاهر نڪري
آيو، شايد پاڳل خاني کي باهه لڳي هئي، باهه جا الا
ڀڙڪاٽ ڏيو مٿي ٿي ويا، هو تمام تڪڙو شياما جي
ڪوٺيءَ ڏانهن ڊوڙيو، جا جلي رهي هئي. اندر شياما
کٽ تي سمهيل هئي، باهه جون ڄڀيون کٽ کي ڳڙڪائڻ
لاءِ بيرحمي سان وڌي شياما کي پهچي رهيون هيون. هن
جا ڪپڙا سڙڻ لڳا، اهو ڏسي ڊاڪٽر موهن بي تاب ٿي
ويو. ماڻهن چوڌاري شور ۽ واويلا مچائي ڏني هئي،
مگر باهه وسائڻ يا شياما کي بچائڻ جو الڪو ڪنهن کي
ڪونه هو، ڊاڪٽر موهن نڪا ڪئي هم نڪا تم، يڪدم ٻاهر
آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
شياما ڪنجهي رهي هئي. هن جي نازڪ، خشڪ ۽ سڙيل چپن
مان پرڀو پرڀو جو آواز رکي رکي پئي نڪتو، هن جي
بدن جو اڳيون حصو سڙيل ڪپڙن مان صاف ڦوڦينڊن سان
ڦوڪجي پيو هو. منهن سڄو سُڄي ڳاڙهو ٿي ويو هو. مٿي
جي وارن جو اڳيون اڌ حصو جلي خاڪ ٿي اڏامي ويو هو
ان جي جاءِ تي ڪلاري چمڙي چلڪي رهي هئي، ڄڻ اتي
قدرت ڪا گنج ٺاهي هئي، اکين جي پورن ۽ پنبڙڻن جو
ته ڪو نشان به ڪونه هو. ڊاڪٽر ٻن ٽن نوڪرن جي مدد
سان هن کي پنهنجي بنگلي جي هڪ ڪمري ۾ کڻائي آيو ۽
کيس ڊگهيءَ ميز تي ليڙارئي يڪدم دوا درمل شروع
ڪيائين. مگر شايد هوءَ لاعلاج ٿي چڪي هئي، ڊاڪٽر
نهايت هوشياريءَ سان سڙيل ڪپڙا لاهي، پائوڊر ۽
پلئسٽر هڻڻ لڳو، نهايت خبرداريءَ سان باهه جي
بيرحمي کي جانچي جونچي ذري زري کي اوزارن سان ڏسي
جدا جدا دوا ٿي ڪم آندائين. پرهه ڦٽي چڪي هئي،
ڊاڪٽر موهن پورن پنجن ڪلاڪن جي محنت کان پوءِ
پنهنجي دل جي پسندي ۽ خاطريءَ موجب ڪوشش ڪندي
پنهنجو فرض اميد کان وڌيڪ پورو ڪيو. هن جي اکين ۾
ره۾ هو مگر بيحرم هٿن سان فائدي لاءِ جيڪو درد
شياما محسوس ٿي ڪيو، تنهن مان ظاهر ته ائين معلوم
ٿي ٿيو ته مريض جو اجهو ٿو دم ٽٽي. مگر سخت جان
شياما کي اڃا ڪو وڌيڪ دک سهڻو هو. هوءَ ڪنجهندي
رهي، ڪيڏي مهل پرڀو پرڀو ڪري بس ٿي ڪيائين. ڊاڪٽر
موهن نراڙ تان پگهر اُگهي پنهنجي آپريشن وارو ڪوٽ
لاٿو. هٿ ڌوتائين، هو لڳ ڀڳ پنج ڪلاڪ ڪم ڪري ٿڪجي
پيو هو. مگر تنهن هوندي به هو وري سگريٽ دکائي ٿڪ
ٽارڻ جي بهاني سان ڪرسي تي ٽيڪ ڏيئي ويٺو هو،
شياما جو لهسيل چهرو ڏسي پنهنجي دل کان پڇڻ لڳو،
الائجي شياما بچندي يا نه؟ ويچاري شياما! شياما،
مون تنهنجي لاءِ هر ڪا ممڪن ڪوشش ڪئي، مگر تنهنجو
راز.... آخر راز رهجي ويندو ڇا! سچ پچ شياما پاڳل
هئي ڇا؟ هن پاڻهي پاڻ کي ڇو ساڙيو؟ ٽن سالن جي
عرصي اندر هن ظاهري طرح ته پاڻ کي ڳاري سڄو جلائي
ڇڏيو هو. روپ ۽ رنگ ته اڳيئي بدلجي چڪو هوس، باقي
بدن کي هن ريت جلائڻ ضروري هو ڇا؟ پاڳل کڻي ڪيترو
به پاڳل هجي مگر هو ڪڏهين به آپ گهات جي اهڙي
زبردست ڪوشش نه ڪندو. پاڻ کي ساڙڻ جي چالاڪ ڪوشش
ثابت ٿي ڪري ته هن جو دماغ سالم هو، هن جي دل
بيمار هئي، شايد هن جي دل پاڳل هئي.“
شياما اتي پرڀو پرڀو چوڻ لڳي، هن جو سڄو بدن ڪپهه
۽ پٽين سان قابو هو، هن جو مٿو، اکيون وغيره به
پٽين سان وڙيل هيون، رڳو نڪ ۽ وات وٽ خال هيس،
جنهن سان هوءَ ساهه کڻي رهي هئي ۽ وات سان ڪنجهي
رهي هئي ”پرڀو پرڀو“ جي لفظن ڊاڪٽر جي خيالن جو
سلسلو ٽوڙيو.
’هو پرڀو کي ياد ڪري رهي آهي، ڊاڪٽر ٿڌو ساهه ڀري
چيو، ”آخري وقت يا تڪليف ۾ هرڪوئي پرڀوءَ کي ياد
ٿو ڪري مگر خوشي ۾ پاپن ڪرڻ مهل کيس انسان وساريو
ڇڏي. ڌڻي پنهنجي پاپين کي ڍر سا ڏيئي ٿو، مگر بدلو
سو ضرور ٿو ڏيئي، تڏهن شياما به ڪو پاپ ڪيو هوندو!
هي سڀ ان جو نتيجو آهي. شايد هن جي ڪنهن سان دل
هجي! هن جي دل به شايد پريم ڪري ئي پاڳل ٿي هجي.
هي نتيجو شايد دنيا ۽ ان جي سماج ڪري ٿيو هجي.
ڊاڪٽر فلسفي جو ماهر هو. دنيا ڏٺي هئائين جهونو
هو. شيانا سان دلچسپيءَ هوندي به تن سالن جي ڊگهي
عرصي کان وٺي ويندي هن حادثي تائين هو ڪنهن به
فيصلي تي پهچي نه سگهيو هو. |