خير هاڻي اندر گهڙو. هن ڪوٺيءَ ۾ خاص سامان رکيل
آهي. فرنيچر اهڙو ڪن ٿورن گهرن ۾ هوندو. باقي سچ
پچ جيڪي بنگال هوندا آهن. تن جي ته ڳالهه ئي ٻي
آهي. انهن ۾ اسان جهڙا رواجي ماڻهو نه رهندا
هوندا. ڏس هيءَ وات ڦاٽل ڪٻٽ، ان جو منهن سدائين
کليل هوندو آهي. ڇو جو هميشه ڪم ۾ ايندو رهندو
آهي. وٽس ٻاهر ڏائي پاسي ڪنڊ وٽ، فرش تي شيشن صاف
ڪرڻ وارو برش پيو آهي. ڪٻٽ اندران ڪپڙا، سٿڻون،
گهاگهريون، چولا، پوتيون ڪي ويڙهيل ڪي کنڊريل خانن
تان هيٺ پيا لڙڪن. ڪٻٽ جي مٿان پيتي رکي آهي. شايد
ٺلهي هوندي. انهيءَ پيتيءَ جي مٿان وري گري ٽوپي
فرحت پيئي وٺي. اها ٽوپي منهنجي ڀاءُ ٽي مهينا
ٿيندا ته اتي رکي ڇڏي هئي جو هو بازار مان نئين
ٽوپي خريد ڪري آيو هو. پيتيءَ جي ڀرسان اها ڪاغذن
جي وڏي پڙي آهي. خبر ناهي ته الائجي منجهس ڇا آهي!
سمجهان ٿو ته ٻارن جون سُتيون ڦڪيون هونديون. هيٺ
تري ۾ ڪٻٽ جي سامهون پٽ تي سڻيءَ جو ريل آهي. جنهن
جي ڌاڳي جو ڇيڙو ڪافي ريل تان لهي آيو آهي. انهيءَ
ڪٻٽ جي اولهه کان جيڪو فيل ۽ پئا رکيل آهن. پئسن
جي بيگم صاحبه کي به گهرج ٿيندي آهي.ان ڪري ان جي
هڪڙي ڪنجي مون وٽ ته ٻي بيگم صاحبه وٽ هوندي آهي.
ڪڙي ڪرف وٽ ته ڪاٺ ۽ ان جي پالش اکڙيل نظر ايندئي.
ڇو جو ٻه چار دفعا نه پر الائي دفعا؛ ٻنهي کان
ڪنجيون وڃائجي وينديون آهن. ڪرف ايندو آهي. ڪنجي
کان سواءِ، تنهنڪري اڪثر ڪنجيون اندر رهجي وينديون
آهن. پوءِ ڪرف کولڻ کان ڇُٽو، تنهنڪري ڪڙي کي ڪلين
۽ همام دستي سان کولڻو پوندو آهي.
بيهندا ڪيترو، هن ڪرسيءَ تي ويهي رهو. آسانيءَ سان
ڏسي سگهندا. ڏکڻ پاسي انهن ٻنهي ڪٻٽن جي وچ ۾
گاديلي سان پلنگ آهي. فڪر ناهي ته گاديلي جي ڇوَ
ڪانهي، فڪر ناهي ته اها ميري ۽ تيل سان ڀريل آهي.
پلنگ ناهي ته
تخت آهي. پاسن کان ڪپڙا رکيا اٿس، هيءُ برقعو آهي.
هي ٽوال آهي. ها گهاگهري آهي ۽ هي ٻيا ڪپڙا ته
سڃاڻپ ۾ نٿا اچن. خير ٺهيو. پلنگ هيٺان به نظر
ڦيرايو هيٺان بوٽ پالش جي برشن جو جوڙو پيو آهي.
پيرانديءَ هيٺان وري سبڻ جي مشين جو پرزو آهي. اهو
جهالر ٺاهڻ وقت ڪم ايندو آهي ۽ هاڻي گاديلي مٿان
ڏس. نوٽبڪ، ساسر، ڪاري عينڪ، اخبارن جا پرچا ۽
ڪتاب پڻ آهن.
ميز تي تنهنجي ڀرسان آهي. ڏس ته مٿس ڇا ڇا پيو
آهي. آرسي، قلم، تيل جو شيشو، ڪتاب، نوٽبڪ، مس
ڪپڙي، قئنچي، بوٽ پالش جي دٻلي، ڏندن وارو برش،
گلاس، دٻڪي، بڪل، صابڻ، ٿالهيون وغيره. انهيءَ ميز
کي ٻه خانا به آهن، جن ۾ به ڳچ جهڙو سامان آهي،
ميز جي هيٺان همام دستي جو هيٺيون پڙ، ڪڻڇي ۽ بوٽ
پيا آهن. باقي هيءَ ڪند رهي آهي. ان ۾ هي هيڏو
سارو پينگهو ته اوهان سولائيءَ سان ڏسي سگهندا
هوندا. انهيءَ جي هيٺان ڏسڻ جي شيءِ رکي اٿو. اهو
ته بصر آهي. ڀلا بصر هي ڇو؟ اهو ته آءٌ اوهان کان
پڇڻ وارو هوس. اهو ئي هڪڙو ڪم آهي، جو منهنجي بيگم
صاحبه سڃاڻپ جو ڪيو آهي. اهو بصر سستائي جي وقت ۾
ورتو ويو هو جو گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا هلندو، تسين
تائين اهو اتي ٽڙيو پکڙيو ۽ پاٿاريو پينگهي جن
ٿڌيون هوائون پيو کائيندو. هوند ٻئي ڪنهن هنڌ رکي
ها ته ضرور خراب ٿي وڃي ها. سمجهان ٿو ته هاڻي هن
ڪوٺيءَ جون شيون سڀ ئي اچي پوريون ٿيون آهن. ڀر
واريءَ ڪوٺي افسوس اٿم ته هينئر ڏسي نه سگهندا جو
گهر جا ماڻهو ماني کائي رهيا آهن. ها هو ڏس ڀتيون
اهي ليڪا ٻارن راند ڪندي ڪڍيا آهن. ڀلا انهن بي
پرواهه بادشاهن کي ڪير روڪي! باقي ڪپڙن ٽنگڻ جون
ڪليون رهيون. انهن ۾ سواءِ ٻوڙ رڌڻ واريءَ هنڊيءَ،
۽ ڇٻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪينهي.
اٿو ڇو ٿا؟ اوهان کان سوال پڇڻو اٿم. ڪينءَ منهنجو
گهر پسند آيو؟ وڃين ٿو وڃن تنهنجا ڪپڙا. ڀلا سچي
ويهه ته ماني کڻي اچان. تڏي تي آيو آهين، ائين
ڇڏبو! مڙيئي دال روٽي هوندي. ڀلا تون ڪٿي ٿو غريبن
جي ماني کائين. چڱو نٿو ترسين ته ٺهيو. باقي جيڪو
سوال پڇڻو هوم. ان جو
جواب ته ڏيئي
وڃو. آءٌ خود عجب ۾ آهيان، منجهيل آهيان ته هن
جاءِ کي بنگلو سڏيان يا گهر. توهان جي نظر ۾ هاڻي
اوهان جڏهين هي گهر ڏسي چڪا آهيو، تڏهن هاڻي ٻڌايو
ته ان کي بنگلو سڏجي يا گهر يا ماڳهين ٻيو ڪجهه!
اهو وري ڪينءَ؟
انجام شڪني
حميد، پنهنجي ضعيف ۽ زرد آڱرين کي قبر تي
ڦيرائيندي چيو... ”محبت جي واسطي عام طرح هر ڪو
ائين چوندو آهي ته انهيءَ جي ابتدا هميشه مرد جي
طرفان ٿيندي آهي. فطرت عورت کي شرم ۽ حيا جو پتلو
بنايو آهي. ها آءٌ خود به انهيءَ جو قائل هوس. مگر
جڏهين کان جميله جي محبت ۾ گرفتار ٿيس يا جڏهين هن
جي زاهد فريب نظر جي دام ۾ ڦاٿس، منهنجي نظر هن
معاملي ۾ ساري دنيا کان مختلف ٿي ويو. منهنجو يقين
آهي ته دنيا ئي محبت جي شروعات جو آغاز ان جي
اندروني اثر کان خالي ناهي. مرد جو ان سان ڪو تعلق
ڪونهي- بي وفائي رڳو عورت کان ئي شروع ٿي ٿئي....
عورت جي عادت کي سمجهڻ عقل کان ٻاهر آهي، ان جو
وڏو دليل اهو آهي ته ان جو هر هڪ فعل جنهن جي در
حقيقت هوءَ فاعل آهي سو ان جي طرفان ٿيندو معلوم
نٿو ٿئي“......
هو مشڪيو مگر مشڪندي وري ڪنهن خيال ۾ گم ٿي ويو.
سندس ڪپڙا ڦاتل ۽ ميرا هئا- وار وڏا ٿي لڙاٽجي ڪنڌ
تي ڪري پيا هئس. ڏاڙهي بي ڊولي، بت ۾ ڄڻ ته رت هوس
ئي ڪونه. هو بي جان ٿي قبر تي منهن لڳائي مون
ڏانهن بي معنيٰ نگاهن سان تڪڻ لڳو. نظرن ۾ عجيب
ڪشش ۽ رعب هو. جهنگل، قبرستان، ديوانه ۽ آءٌ اڪيلو
خوف محسوس ڪرڻ لڳس. پاڻ کي ڦٽڪار وجهڻ لڳس ته بي
سبب هن کي ڇو ستايم ڇو ڳالهرايم. منهنجي حيرت جي
حد نه رهي، جڏهين ڏٺم ته هو اکين مان لڙڪ ڪيرائي
رهيو هو. لڙڪن جون لڙيون موتين جي داڻن وانگر حسين
مجسمه مگر خاڪ ٿيل خاڪ جي پيرن ۾ ڀيٽا ٿيڻ لاءِ گم
ٿي رهيون هيون- فضا خاموش هئي، اوچتو منهنجو مٿو
ڦرڻ لڳو، دل سست ٿيڻ لڳي. اکين اڳيان اوندهه
ڇائنجي ويم خبر ناهي ته منهنجا هوش و حواس ڪيڏانهن
ويا.....
آءٌ بيوس بوتي وانگر خبر ناهي ته ڪيترو وقت بيجان
بيهي رهي.... اوچتو ڪنن ۾ دهڪاءُ ٿيو. اکيون
کوليم، ساهه پيم.... اکيون اوچتو سامهون کٿل
ٻٻريءَ ڏانهن ڏسڻ لڳيون.... ٻه اڇا ڪبوتر گهو....
گهو.... گهو.... گهو.... ڪري کنڀڙاٽيون ڦڙڪائي....
ڪنڌ هيٺ مٿي ڪري- ڳچيون ڳچين سان ملائي رهيا
هئا.... پکيئڙا.... آزاد...... جوڙو.... جوڙو....
جوڙي کي ڏسي مون کي قبر ياد آهي.... نظير
ڦيرايم.... قبر ڏانهن... هو مجنون اکيون پوريو....
چپ چاپ... هڏن جي موڙي وانگر مرده مثل قبر کي
چنبڙيو پيو هو.... مون کي يقين ٿي ويو ته ويچارو
هن دنيا مان آزاد ٿي چڪو آهي.... انسان....
اڪيلو.... نه نه.... هو اڪيلو ڪونه هو.... ڪو
زمانو هو.... هو سچ پچ اڪيلو ڪونه هو.... مگر اڄ
هو شڪسته حال.... بيمار.... زرد رو.... دنيا جو
ٺڪاريل.... قسمت جو ڪيرايل.... برهنه.... چاڪ
دامن.... بي يار.... مانهن جي نظر ۾.... چريو....
ديوانو.... مجنون... ها ماڻهن جي نظر ۾.... هو
ننڍي هوندي منهنجو دوست هو.... سندس پيءُ لکا پتيه
هو.... ”دوست! دوست!! حميد!!!“... مري ۾ چرڦر
ٿي... هو ڪنهن ڳري آفت ۾ پيڙهجي رهيو هو... ڦڪو
منهن... ڪاراٽجي ڪارو ٿي پيو.... آهستي آهستي رنگ
هيٺينءَ ڌڙ ڏانهن پکڙيو ويو... تان جو وڃي نهن
تائين رسيو... اوچتو ڦڙڪاٽ ٿيو منهنجي خيالن جو
سلسلو ٽٽي پيو... آسمان ڏانهن... مٿي بلڪل مٿي...
ڪبوترن جو اڇو جوڙو پرواز ڪري رهيو هو... شايد....
اهو حميد جو روح هو جو ڪنهن سان پرواز ڪري.... ها
ها... ها.... ها.... ڪنهن جي کلڻ جو آواز ٻڌم، ڪنڌ
ورائي جان کڻي ڏسان ته حميد.... زندهه حميد...
جنهن کي مئل سمجهيو هوم... سو منهنجي ڀرسان هو،
ڪلهي تي هٿ رکي چيائين- ”دوست تو اڄ اهو ڪي ڏٺو
آهي... جنهن کي آءٌ دنيا جي نظرن کان لڪائيندو آيو
آهيان. منهنجي زندگيءَ جو نظارو... انهيءَ حد تي پهتو آهي... نه جيئرن گڏ نه
مئلن گڏ... عجيب بيماري... الفت جي... ها تو مون
کان حال احوال ٿي ورتو... منهنجو داستان ٻڌي ڇا
ڪندين، انسان آهين. آخر ته سيني ۾ دل اٿيئي محسوس
نٿو ڪرين ته هي سڀ ڪجهه ڇا جي بدولت آهي. ڇو
آهي... ڪينءَ آهي... تنهنجو ڏوهه ڪونهي دنيا خود
غرض آهي. ان جو ذرو ذرو به خود غرض... خود غرضيءَ
کي دل ٿئي ڪانه... نه رڳو دل مگر اکيون به ڪونه
اٿس... انڌي... آهي...“
جتي گل آهي... اتي خار به آهي... ڪنڊي جي عدم
موجودگي ۾ گل منهنجي نظرن ۾ گل ئي ناهي... مگر
مجبور دل کي ڪير سمجهائي.... حسن جي حسين دنيا جا
خواب ئي نرالا... عقل ۽ هوش موڪلايو وڃن.... فراق
۽ ڦوڙائي... روڄ ۽ راڙو... جهيڙو ۽ جهڄڻ...
بدنامي، ناڪامي ۽ رسوائي... تارا تڪڻ ڪتيون ڳڻڻ...
رات کي صبح ڪرڻ... مست الست مگن رهڻ ته به تن ۾
تاڙي واري تنوار... ڪوئل واري ڪوڪو، پپيهي واري
”پي ڪهان“ جي چنگاري پئي چڻڪي ئي چڻڪي... گل... کي
خار نه هجي ها، اکين کي تير هجي ها مگر تلوار نه
هجي ها... حسن هجي ها مگر جواني نه هجي ها...
مخمور جواني... ديواني... ۽ ديوانو... شمع ۽
پروانو... گل... اکڙيون... جواني... شمع... ۽
خار... ۽ تير... ۽ دلفريبي... ۽ بادضر صبر...
ناڪامي کان سواءِ دنيا جنجل ٿي پوي...
حميد وري سن ۾ پئجي ويو. ڪنڌ هيٺ ڪري وري ڪنهن
ويچار ۾ ڦاسي ويو... هو هيٺ ويهي رهيو... آهستي چپ
چورڻ لڳو... مگر انهن مان آواز ڪوئي ڪونه ٿي
نڪتو... سندس چهري جو رنگ ڳاڙاهاڻ ڏانهن مائل پي
ٿيو، ٿوري دير کان پوءِ چپن جي چرڻ سان آواز پڻ
نڪري رهيو هو... الائجي هو ڪنهن سان ڳالهائي رهيو
هو... سندس ڳالهائڻ ڦڻڪار جي نموني هو، جنهن کي
مون ڌيان سان غور ڏيئي ٻڌو مگر ڪنهن نتيجي تي پهچي
نه سگهيس جو آواز بلڪل ضعيف هو... سندس اکين مان
سرهائي پئي بکي... چپ چريا پئي... ڀڻ ڀڻ چالو هئي.
نظر پيرن ۾ هيس... آهستي آهستي آواز وڌڻ لڳو...
بيخوديءَ جي حالت ۾ ٽٽل اکر ڳالهائڻ لڳو...
”دوست!... جميله‘... بي وفا!....نه نه!....“
چئي هو قبر کي ڳراهٽڙي وجهي وري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. منهنجي دل اهو نظارو ڏسي
بيتاب ٿي ويئي، پر جلد ئي حميد روئڻ بس ڪري وري
اچي منهنجي ڀرسان ويٺو. هنيئر هو بلڪل سامت ۾
هو...
(2)
دوست منهنجي عمر رنگين دور مان گذري رهي هئي. آءٌ
ڪاليج ۾ پڙهندو هوس... ڪتابن ۾ محو... دنيا جي
آزارن کان پري... عيش... حرص و هوائن... کان
بيزار... پريم.... محبت... پيار کان پاسو ڪندڙ...
حسن وارن ڏانهن خالي نگاهن سان ڏسندو هوس. عورت جي
وجود کي پاڻيءَ جو ڦوٽو حسين... ڪڌن ڪرتوتن... نفس
جي آگ اجهائڻ جو ذريعو... سرتاپا سهوت پرست...
گناهن ۾ اضافي جي لالچ ڏيندڙ. انسان جو رت چوسي
موت کي ويجهو رسائڻ لاءِ سندس مشغولو دنيا جي شروع
ٿيڻ کان چالو آهي. جادونگريءَ جي رهواسي.... سندس
اٿڻ، ويهڻ، روئڻ، کلڻ، ڪنڌ هيٺ ڪرڻ ۽ مخمور نگاهن
سان ڏسڻ، لبن جي لعلائي.... حيا جي سرخي.... زلف
ڪارا... گل رخسار... خط و خال... جوانيءَ... سينو
اڀريل... نيم برهنه... نقاب پوش... چلولي
البيلي... مستاني... ديواني... جادونگريءَ جي
رهواسي! ناڪام روپ ديوداسي! راهزن... دل جي
ڊاڪو... مطلبي.. مڪاري سان ڀرپور.... انسانن کي
انڌو ڪرڻ.. دربدر... بي دل... مجنون ديوانو...
پروانو... بي عقل ڪرڻ سندس اداني ڪرشمون آهي.
مرد مجبور ڄار ۾ ڦاٿل... پکيئڙي وانگر... صياد جي
دام...“ ڦڙڪي ڦڙڪي... نفس پرستيءَ کي... عورت جي
خود غرضيءَ کي لڪائڻ لاءِ عشق پيار، محبت، پريت،
پريم... پيارا... دل... من... زال... مڙس... عاشق
معشوق جي گندن الفظان ۾ شيطاني کي پردو ڏيئي...
سندس حيوانيت لڪائڻ لاءِ جادو زرده حيوان ٿيو
پوي... عام طرح ائين چيو ويندو آهي ته عورت جي
عصمت دري بي رحمي سان ٽوڙڻ وارو... پرهيزگاريءَ ۽
پوترتائي جو املهه موتي وڃائڻ وارو مرد آهي...
عورت جيڪڏهين شرم و حيا... چاڪ ۽ صاف هجي ها ته
هيءَ ڦشڪ وارو ڌنڌو وڌيءَ ڪونه ها... نه هي دنيا
هجي ها... نه هيءَ آبادي... هجي ها.... نه تون
هجين ها.... ۽ نه آءٌ....
دوست... جيڪڏهن مرد عورت جي عصمت ٿو وڇائي ته ان ۾
عورتن جي رضامندي جو ضروري ثبوت ٿو ملي، مگر مرد
جي پرهيزگاري ٽورڻ وارو ڪير... آهي؟... ڇا مرد جي
پرهيزگاري ۽ عورت جي عصمت ۾ ڪو تفاوت آهي؟... اصل
نه... نه... نه ته خود غرضي جي شروعات... گناهه جي
دعوت... نفساني لذت... جي مرتڪب عورت ئي آهي...
لالچائڻ واري به عورت آهي... مرد هرگز نه.... لوهه
مقناطيس ڏي ڇڪجي ٿو وڃي ته لوهه جو ڪهڙو ڏوهه؟ خود
گل شاخ تان ٽوڙيو ٿو وڃي ته ٽاريءَ جو ڪهڙو ڏوهه؟
شمع جلي ٿي پروانو سڙي ٿو! شمع جو ڪهڙو قصور؟ صياد
پکي ڦاسائي ته دام جو ڪهڙو قصور؟ انهيءَ ڪري عورت
ڏانهن قصد ڪري ڪڏهين ڪين ڏسندو هوس. جيڪڏهين ڪابه
ڇوڪري بي حيا تي منهنجي سامهون ايندي ته آءُ اکيون
پوري ڪنڌ کڻي هيٺ ڪندو هوس، اڃا به جيڪڏهن ڪا وڌيڪ
جرئت ڪندي هئي ته زبان مان هڪ اکر به ڪين ڪڇندو
هوس، بي معنيٰ نفرت جي نگاهن سان نهاري، پن هنجي
من کي قابو ۾ رکي، پنهنجي ئي ڌُن ۾ هوندو هوس-
ڪاليج ۾ هوشيار هئڻ ڪري، منهنجا حرصيف ۽ حريص
گهڻائي پيدا ٿيا، ان سان گڏ ڇوڪرين جو خاص مرڪز
هئس، مگر سندن مطلبي دوستي ۽ خود غرضيءَ کان آءٌ
هوشيار هوس، تنهنڪري ڇوڪريون ته ڇڏ کڻي،مگر ڇوڪرن
مان ڪو منهنجو دوست، غمخوار ڪونه هو.
ڇوڪرن مون کي ”ساڌو“ ”ساڌو“ ڪري طرح طرح اکر سان
چيڙائيندا هئا. ليڪن منهنجي طرفان هميشه خاموشيءَ
وارو جواب ٻڌي اهي به نيٺ بس ٿي ويا. منهنجا
جيڪڏهين ڪي دوست ها ته به ڪتاب هئا ۽ گهر جون چار
ديوارون. اسڪول ۾ وڃڻ تڪليف پيو سمجندو هوس. خاص
ڪري ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي جدا جدا باغ جي ڪنڊن، موٽرن
۽ سائيڪلن تي، هوٽلن تي ٽهه ٽهه کلندو، مشڪندو
آهستي ڀڻ ڀڻ ڪندو، ڦس ڦس ڪندو ڏسي ڌڪاريندو هوس ۽
چوندو هوس ته يا الاهي هي ڪهڙو ماجرو آهي، سوسائٽي
ڇا انهيءَ جو نالو آهي ته جوان ڇڪر ۽ ڇوڪريون ريل
ڇيل گهمي کلم کلايو بي حيائي جو ائين مظاهرو ڪندا
وتن. مون کي
ته انهن تي به عجب لڳندو آهي، جن جي واسطي معلوم
ٿيندو اٿم ته شادي شده آهن، مگر اهي پنهنجي بي
حيائي جو مظاهرو ٻاهر ائين ڪندا وتندا ته ڄڻ ڪنهن
چڪلي جو سائين بورڊ کنيو ٿا وڃن. هٿ هٿن ۾ ٻانهون
چيلهه ۾ سيٽيون وڄائيندا نظر ايندا، ڄن ته شادي
ڪرڻ کان پوءِ ڍاوائي ڪونهن.
سڀ ڪو سمجهي ٿو ته شاديءَ کان پوءِ جوڙي جو ڪهڙو
مشغلو شروع ٿيندو، انهيءَ هوندي به ان ڳالهه تي
ارمان يا افسوس کائڻ ته ٺهيو، مگر انهيءَ هيواني
ڪرتوتن کي همٿائڻ لاءِ خوشيون ۽ شادمان شروع ٿي
ويندا- وري جي بي حيائي جو نتيجو ڌيءَ يا پٽ ڄائو
ته دهل ڌهمامان راڳ روپ ٿيندا نظر ايندا. خود غرض
۽ مطلبي دنيا گناهن کي ڪهڙي نه ري ظاهر ظهور
همٿائي رهي آهي. خير عورت زات لاءِ منهنجي دل ۾
ايتري عزت هوندي جهڙي ڪنهن واسينگ نانگ جي لاءِ.
کائن جيئن ڪانگ ڀڄي ڪمان کان ائين ڀڄندو هوس. دوست
آءٌ بي. اي. جي پڇاڙي واري سال پنهجي چاچي جي دعوت
تي ويس. منهنجو چاچو سادو سودو ماڻهو هو. ٻهراڙي ۾
رهندو هو. منهنجي پيءُ جو هن سان گهڻو پيار هو ۽
اهو ئي سبب هو جو آءٌ ڪاليج جي بند ٿيڻ ڪري پنهنجي
پيءُ جي چوڻ موجب وئڪيشن وارو عرصو اتي گذارڻ لاءِ
تيار ٿيس. گهر پهچڻ سان منهنجي چاچي مون سان چڱي
طح مليو. ڪجهه عرصو گذريو ڪونه ته سامهون هڪ ڇوڪري
جو پاڇولو لنگهيو هو. منهنجو ڪنڌ دستور موجب هيٺ
ٿي ويو. پيرن جو آواز اچي منهنجي ڀرسان بس ٿيو.
”هيءَ منهنجي ڌيءَ آهي... جميله نالو اٿس“...
لاچار ڪنڌ مٿي کڻڻو پيم. ٻي حالت ۾ دنيا جي بيهوده
باشدن مان شمار ڪيو وڃان ها. هڪ ڦوهه جواني وري
دور مان گذري رهي هئي. اکين ۾ معصوميت ۽ شرارت هئي
ته چپن تي هڪ هلڪي مسڪراهٽ هئي. مون هن ڏانهن
نهاريو، مگر خالي نگاهن سان مون اڃا ڪنڌ مٿي کنيو
ئي ڪين ته هوءَ ڊوڙ پائي ڪمري مان نڪري ويئي.
”حميد، جميله اڃا بي سمجهه آهي.“ هائو چاچي، مون
ڪنڌ هيٺ ڪري جواب ڏنو. ان رات آءٌ ٿڪل هوس جنهن
ڪري جلد ئي ننڊ کڻي ويم. آڌيءَ رات جو سجاڳي ٿيم،
جان کڻي ڏسان ته سڀ مٺيءَ ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهيا
هئا. چنڊ چمڪي رهيو هو. هوا پرمست ۽ نشي واري
هئي. آءٌ پاسو ورائي سمهڻ تي هئس ته هڪ کٽ تي ڪنهن
جي چرڻ جو آواز ٻڌم. جان چتائي ڏٺم ته هوءَ جميله
هئي. آءٌ يڪدم پاسو ورائي ليٽي پيس. رڳو انهيءَ
خيال کان ته متان هن کي شڪ پوي. اڃا سيڪنڊ ئي ڪونه
گذريو ته وري آواز ٻڌم مطلب ته ڪو عرصو اهو آواز
بدستور چالو رهيو. دماغ ۾ طرح طرح جا خيال اٿڻ
لڳا. |