اسان ٽنهي سگريٽ کنيا، ۽ وري چانهه جو آرڊر
ڏنوسين.
چاچو حامد علي وري شروع ٿي ويو: ”مقبول جي شاديءَ
کي ٻه- ٽي سال گذري ويا، پر کس اولاد ڪونه ٿيو. هن
جي زال هڪ ننڍڙي اڇي ٻلي ڌاري هئي. ٻلي وڏي ٿي،
ٻچا ڪيائين، ته مقبول کي به انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ
سهڻو پٽ ڄائو. ڳچ ڏينهن کان پوءِ، هڪڙيءَ شام جو
انهيءَ بلڊنگ کي اچي باهه لڳي. بجليءَ جون تارون
هيون پراڻيون ۽ خراب، مالڪ خرچ جي بچاءُ کان
مڙيوئي ٽيڪڙ سيڪڙ ڪيو پيو ڪم هلائيندو هو. پر
اُنهيءَ ڏينهن اُنهن تارن مان اچي جا باهه لڳي، سو
خبر تڏهن پيئي، جڏهن باهه سڄيءَ بلڊنگ کي وڪوڙي
ويئي. فائربرگيڊون سڀ موٽرون باهه وسائڻ لاءِ
آيون، پر انهن پهريائين مالڪ جي رهڻ واري پاسي
کان باهه وسائڻ شروع ڪئي...“
ايتري ۾ بيرو چانهه کڻي آيو، ۽ اسين چانهه تيار
ڪري، ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ لڳاسين.
چانهه پيئندي، علي اڪبر پڇيو، ”هائو چاچا، باهه ته
لڳي، پر پوءِ؟“
چاچو ٻڌائڻ لڳو: ”اُها باهه، باهه ته نه هئي نه!
ان جا شعلا آسمان تائين ٿي ويا. هزارن جو سامان
جلي رک ٿي ويو. ان رات ڄڻ دوزخ زمين تي هيٺ لهي
آيو هو. رڳو مالڪ جي رهڻ واري جاءِ بچي. چوڌاري
واويلا پئجي ويئي. هر ڪنهن کي پنهنجي سر سان هئي.
بلڊنگ جو هرڪو رهاڪو حيران ۽ پريشان هو. مقبول
مستريءَ پنهنجيءَ زال ۽ پٽ کي بچائڻ لاءِ ڏاڍا
حيلا ڪيا. هن جي زال ۽ پٽ جڏهن ٻاهر ڪڍي آندا ويا،
ته اُهي هن جي سامهون ئي لڇي لڇي مري ويا. عين
انهيءَ وقت، انهن لاشن جي ڀرسان اُها ساڳي سندس
زال واري پاليل ٻلي، خبر نه آهي ته ڪنهن وقت ۽
ڪٿان پنهنجن پلونگڙن سميت پاڻ بچائي، ’ميائو
ميائو‘ ڪري، اچي مقبول جي پيرن ۾ پيئي. مقبول
مستريءَ ٻليءَ کي ڏسي وٺي هانءُ ڏاريندڙ رڙيون
ڪيون، ۽ هيڏانهن- هوڏانهن چرين وانگر ڊوڙون
پائيندي چوڻ لڳو، ٻلي ٻچا کڻي آئي، ٻلي ٻچا کڻي
آئي!“ ۽ اُتي ئي مورڇل ٿي ڪري پيو. اُنهيءَ حادثي
کي اڄ پندرهن سال ٿي چڪا آهن. ان ڏينهن کان وٺي،
مقبول مستري هر روز شام جو باهه لڳڻ واري وقت، هتي
۽ هن ئي رستي تي، ساڳيءَ مهل، سيارو هجي توڙي
اونهارو، لڇندو، رڙيون ڪندو ۽ ڊوڙندو وتندو آهي!“
ڦلٽو صاحب
هن سان منهنجي ملاقات ۽ واقفيت هڪ دوست ڪرائي هئي.
۽ جڏهن مون هن کان سندس نالي متعلق عجب مان پڇيو
ته ”واقعي، توهان جو نالو ڦلٽو صاحب آهي،“ تڏهن هن
فخر سان جواب ڏنو هو، ”هائو، ڦلٽو صاحب منهنجوئي
نالو آهي، پر نالن ۾ رکيو ڇا آهي؟ سڃاڻپ جي اها
نشاني آهي ۽ بس. اها کڻي ڪهڙي به هجي. وڏن، سهڻن،
۽ تمام ڊگهن نالن سان جن کي توهين واقعي سٺا
سمجهندا آهيو، تن ۾ دراصل ڪهڙي حڪمت ۽ ڪهڙو ڪرشمو
آهي؟ اصل نالو آهي ماڻهوءَ جا پنهنجا عملي ڪم،
جيڪي هو زندگيءَ
۾ ڪري. اسان
جا نالا ته اسان کي ثابت ڪري ڏيکاريندس ته نالي،
نالي ۾ سچ پچ ته ڪجهه به ڪونهي. ماڻهو هرون ڀرون
خسيس ڳالهين ۾ اُلجهي پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪن.
اڄوڪا انسان ڪيڏا نه رسمن ۽ ريتن جا غلام ٿي پيا
آهن.“
محترم ڦلٽو صاحب جي مٿين تڪڙي گفتگو اهڙي هئي،
جنهن مون کي ڳالهائڻ جو موقعو ئي ڪونه ڏنو هو.
”معاف ڪجو“ چئي اٿيو، ۽ ويو هليو. هن جا وار اڻڀا
۽ ڪپڙا ميرا هئا ڄڻ ته ٻن مهينن کان وهنتو ئي ڪونه
هو. ڦلٽو صاحب ڇا ڪندو هو؟ ڪهڙو ڌنڌو هوس، تنهن جي
ته مون کي خبر ڪانه هئي. مگر ايترو سو چئبو ته هو
بنهه غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو، ۽ ڳالهائڻ جي
بلا هو.
هڪڙي ڏينهن دوست ٻڌايم ته ”ڦلٽو صاحب هتي آيو آهي،
توهان سان هن جي ملاقات ٿي يا نه؟“ جڏهن مون هن کي
جواب ڏنو ته ’نه‘، تڏهن هن دوست چيو هو ته ”اِهو
کوڙوئي نٿو لڳي، ڦلٽو صاحب جتي به ويندو آهي ته هر
انهيءَ ماڻهوءَ سان ملندو آهي، جنهن سان هن جي هڪ
ئي ڀيرو ڪٿي ڪا ملاقات ٿي هجي.“
”ڀلا ڪهڙا حال هئس، تو سان ته مليو هوندو؟“ دوست
جواب ڏنو.
”چڱن حالن ۾ هئس، تو سان ته مليو هوندو؟“ دوست
جواب ڏنو.
”چڱن حالن ۾ هو، پري کان سڏ ڪيائين، ڏاڍيءَ سڪ سان
ڳالهايائين رستي تي پورو ڪلاڪ کن ليڪچر ڏيندو
رهيو.“
”ڀلا ڇاتي ڳالهائيندو رهيو؟“
”هن جي ڳالهائڻ جو موضوع هڪڙو هجي ته ٻڌايانوَ،
الائجي ڪٿان جو ڪٿان پئي آيو ۽ ڪيڏانهن پئي ويو،
ڳالهائڻ جو ڳڻڪو آهي، آءٌ جي اهو ويهي ورجايان،سو
سچ پچ ته سڀئي مون کي ياد به نه آهي، پر پوءِ به
مون کي ٻه ٽي ڪلاڪ ضرور لڳي ويندا.“
”مار! ائين آهي؛ ڀلا ڪپڙا لٽا ڪيئن هئس.“ مون
پنهنجي دوست کان پڇيو.
”بس، اها ڳالهه نه پڇو، ٿوري ۾ ائين کڻي سمجهو ته
اِستري ڦِريل نه پر اُڦرڪيل هئس.“
هڪڙي ڏينهن، هو ٺيڪ ٻن پهرن جو اچي مون وٽ پرگهٽ
ٿيو، ۽ ويهندي شرط ڳالهائڻ ۾ شروع ٿي ويو. چوڻ لڳو
ته ”مون کي نوڪري ملي وئي آهي.“ ”تڏهن هيترا ڏينهن
ائين پئي هلئين ڇا؟“ ”ائين هلڻ گهمڻ ڦرڻ به ڪو
چرچو آهي ڇا......“ مون وچ ۾ پڇيومانس ته ”ڪهڙي
نوڪري ملي اٿيئي؟“ هن منهنجي سوال ڏانهن ڌيان ئي
ڪونه ڏنو. مٿي کي کنهي چيائين: ”دوست، منهنجي دماغ
۾ هڪ تجويز آهي. آئنسٽائين مرڻ کان اڳ هڪ وصيت ڪئي
هئي ته منهنجو دماغ ڊاڪٽرن ۽ طبي ماهرن کي ڏنو وڃي
ته ڀلي اُهي تحقيقات ڪن ۽ ڏسن ته ان ۾ ڪهڙي
غيرمعمولي مڻيا آهي. آئنسٽائين دنيا کي ڇا ڏنو؟
اضافيت جو نظريو! ڇا ٿي پيو؟ منهنجي دماغ ۾ هڪ
تجويز آهي. آءٌ سوچيان پيو ته ڇو نه...... توکي
خبر آهي سياڻي سقراط جي- يوناني فيلسوف هو. دنيا
الائجي کيس ڇا پئي سمجهي. منهنجي ڀيٽ ۾.....ٺهيو،
انهيءَ مان ڇا ورندو..... تون مشڪين ڇو پيو.“ هن
مون ڏانهن عجب وچان نهاريندي چيو. ۽ وري شروع ٿي
ويو.
”سقراط چيو هو ته آءٌ عقل بيوقوفن کان سکيو آهيان.
اسان جي ملڪ جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن جو حل هيءُ آهي
ته بلڪل آسان طريقو به اهو آهي ته اسان جي هرهڪ
فرد کي بيوقوفيءَ جو سبق شروعات کان وٺي، اسڪول ۽
ڪاليج ۾ نه پر يونيورسٽيءَ تائين، پڙهايو ۽ لکرايو
ياد ڪرايو وڃي. منهنجو مقصد آهي ته جڏهن اهو علم
زور شور سان سيکاريو ويندو ته اسان جا سڀئي ماڻهو
ماهر، سياڻا ۽ عقل وارا ٿي ويندا. پوءِ اسان جا
سماجي، معاشي، سياسي ۽ ٻيا سڀيئي مسئلا حل ٿي
ويندا.“
آءٌ هن جي گفتگوءَ جي انداز ۽ هن جي تجويز تي
پوريءَ ريت ويچاري به نه سگهيو هوس، ته هو اٿي کڙو
ٿيو ۽ ويندي ويندي چوڻ لڳو، ”يار هتي ڪهڙو بهترين
حجام آهي؟ سنوارت ٺهرائڻي اٿم!“
ٻئي ڀيري ملاقات ٿي ته هو بلڪل فل سوٽ ۾ هو. رسمي
عليڪ سليڪ کان پوءِ، ٻانهن ۾ ٻڌو واچ ڏانهن نهاري
چيائين، ”جلدي ڪر، اٿ ته فلم ڏسڻ هلون. گئلريءَ
جون ٻه ٽڪيٽون اٿم، جايون رزورڊ آهن، تو سان گڏ
مزوئي ٻيو ٿيندو.“
جڏهن ٻاهر نڪتاسين ته هو ڪجهه وٽ کائي رهيو هو.
مون کان رهيو نه ٿيو ۽ ڏانهس نهاريندي کانئس پڇي
ويٺس: ”محترم ڦلٽو صاحب، ڇا ٿي ويو اٿوَ؟“
”ڪجهه ڪونهي، ڪجهه ڪونهي! او ٽانگي وارا، اي، اي،
رڪشا! بيهه، بيهه، هل هل، جلدي، واچ، واءُ ۽
مينهن، شاهڪار سئنيما هائوس!“ خير، پُڳاسين، اندر
وڃي ويٺاسين. فلم شروع ٿي ته چوڻ لڳو، ”ڳالهه ٻڌ،
توسان بنهه ضروري ڳالهه ڪرڻي اٿم.“
”فلم پوري ٿئي ته يڪي ويهي رهاڻ ڪنداسين،“ آءٌ بي
خياليءَ کان سئنيما جي پردي کي ڏسندي چئي ويٺس.“
”هتي ڏاڍي گرمي ٿي ٿئي.“
”مٿان ته پنگو هلي پيو پوءِ به گرمي! اها نيڪٽاءِ
ڍري ڪر ۽ ڪوٽ لاهي ڇڏ.“
هن ائين ڪيو، يعني ڪوٽ لاهي ۽ نيڪٽاءِ ڍري ڪري
ڇڏيائين، ۽ بس ڪري فلم ڏسڻ شروع ڪيائين. اڃا پنج
منٽ مس گذريا هوندا ته هو وري وٽ کائيندو ۽ پيٽ تي
هٿ ڏيئي اٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”ٻاهران ٿي ٿو اچان.
هيءُ منهنجو ڪوٽ ۽ نيڪٽاءِ ڀلي منهنجي سيٽ تي پيا
هجن.“ انٽرول پوري ٿي، فلم به ختم ٿي، ڦلٽو صاحب
نه موٽڻو هو، سو نه موٽيو.
ٻئي ڏينهن هو صبح جو سوير اچي سهڙيو ۽ ڪوٽ ۽ نيڪٽاءِ بابت پڇڻ کان سواءِ
شروع ٿي ويو ڳالهائڻ ۾. ”هان، هيءَ ڏس اخبار، ۽
پڙهه منهنجو تنقيدي مضمون، بس پريس مان پهرين ڪاپي
کنيو پيو اچان، پڙهه ۽ مون کي داد ڏي. ڇا ٿا لکن،
اديب ۽ نقاد ٿا سڏائين پاڻ کي.“ مون اڃا اخبار هٿ
۾ مس کنئي ته هن چيو، ”لکي ته ڀلي ڦلٽو صاحب، ٻيا
ڇا لکندا؟ مون کي ڏي اها اخبار.“ ائين چئي، هن مون
کان اخبار ڦري ورتي ۽ پنهنجي هٿن ۾ اخبار مروٽيندي
چيائين، ”آءٌ توکي سڀ ڪجهه زباني ٿو ٻڌايان. بين
الاقوامي نظريا پيش ڪيا اٿم، ارسطوءَ کان وٺي
اِلئيٽ تائين، هوڏانهن فارسي ۽ عربيءَ جا سڀئي
مثال ڏنا اٿم، ايڏو ته مواد آهي، منهنجي ذهن ۾! هي
فقط اڃا ڇويهين قسط آهي، ڪوزي ۾ دريا بند ڪرڻو
آهي! ڇا، توهان..... توهين..... اخبار، ته ضرور
ڏسندا هوندا، ڀلا ٻڌايو اڳيون ٽيويهه قسطون ته
توهان پڙهيون هونديون.“
”ڦلٽو صاحب، خبر ناهي ته هي ڪهڙيءَ اخبار ۾ ٿيون
ڇپجن، بهرحال، ڇا به هجي، پر واقعي اوهين ڪمال ٿا
ڪريو! اوهان جي قلم ۾ قيامت جو زور آهي.“
”بس بس، اوهان جهڙا علم دوست انسان ئي قدر ڪري
سگهندا.“ هن جو چهرو خوشيءَ وچان ٻهڪي رهيو هو.
مون هن کي چتائي ڏٺو ته هن جي نئين نيڪٽاءِ واري
ڳنڍ اُبتي لڳل هئي ۽ قميص جو پويون پاسو سوٽ کان
ٻاهر هو. وري جان کڻي پيرن ڏانهن ڏسانس، ته سليپر
جو ساڄو پادر کٻي پير ۾ هوس ته کٻو پادر سڄي پير
۾.
ڪافي ڏينهن هفتا بلڪه مهينا گذري ويا، ته ڦلٽو
صاحب وري ڪونه مليو. نيٺ هڪ ڏينهن اوچتوئي اوچتو
اٺن مهينن کان پوءِ بازار ۾ آمهون سامهون گڏجي
ويو. وڏو ڀاڪر پائي بازار جي پوري وچ ۾ ڪا مهل مون
کي وٺي بيهي رهيو. آخر پاڻيهي زوريءَ پاڻ کي ڇڏائي
پڇيومانس، ”يار ڪٿي آهين؟ هيترو وقت ٿي ويو آهي.
مون کي ته وسوسا ٿي پيا هئا. وري به شڪر آهي پر
تون هينئر ڪٿي؟“
”اتيئي تنهنجي بادشاهيءَ ۾،“ هن جواب ڏيندي چيو،
”ڀلا ٻڌاءِ، مون هيترو وقت ڇا پئي ڪيو هوندو؟“
آءٌ سوچڻ لڳس، ڪڇان ئي ڪڇان تنهن کان اڳ ۾ هن ڦهڪائي ڪڍيو، ”توکي خبر آهي
آءٌ ليڊر ٿيڻ وارو آهيان. اڄڪلهه سياست جو مطالعو
ڪري رهيو آهيان. سياست کان سواءِ مڙيئي اوندهه
آهي. ارسطو، هيگل، ميڪاوليءَ ۽ مارڪس کان وٺي
فيبئنزم ۽ ويندي نازي ازم تائين سڀئي ڪتاب ۽ سياست
جا فلسفا هڪ هڪ ڪري پڙهيا ۽ پرجهيا اٿم. واهه، ڙي
هٽلر! تو جهڙو ڪو ٿيو نه ٿيندو!“ پر ڦلٽو صاحب،
هٽلر.... ته.....“
”آءٌ سمجهان ٿو ته تون ڇا چوندين.....“ هن منهنجي
ڳالهه کي ڪپيندي چيو، ”پر، آءٌ ٿوروئي هن جهڙيون
غلطيون ڪندس. بس چونڊون ٿيڻ ڏي! سڄو راڄ منهنجي
پاسي آهي، ڏسجئين ته ڇا ٿو ٿيان. اخبارن ۾ ڦوٽو
ڇپبا- اخبارن ۾......“
مون هن ڏانهن چتائي ڏٺو. مسٽر ڦلٽو جو حليو ڦريل
هو. مٿي تي ڪراڪلي ٽوپي ۽ سٿڻ چولو گيڙوءَ واري
کاڌيءَ جو، ته ماشا الله شرعي ڏاڙهيءَ ۽ مڇن سان
هن جو سڪل چهرو ڍڪجي، نرالي هڪ شخصيت ٿي پيو هو،
هن ڀيري هن وٽ هڪ بغلي ٿيلهو به هو.
گهڻي وقت کان پوءِ وري هن سان گڏجاڻي ٿي. ان دفعي
هو جيڪڏهن مون کي سڏ نه ڪري ها ته آءٌ هوند کيس
اصل ڪونه سڃاڻان ها. ڪيڏانهن ويئي ڏاڙهي ته
ڪيڏانهن ويئون مڇون، هو پاڻ واريءَ مانڊڻيءَ تي
ويٺو هو، پان پئي چٻاڙيائين ته ٻيڙي به پئي
پيتائين. مون کي مٿي ماڙيءَ ڏي اشارو ڪري چيائين،
”ڏس، مسواڙ تي جاءِ ورتي اٿم، اڄڪلهه نئين تجربي ۾
مصروف آهيان. شهر جي وچ ۾ ههڙي جاءِ مسواڙ تي ڪو
وٺي ته ڏيکاري.“
ڏاڪڻ تان چڙهي اندر وڃي ويٺاسين ته مون ڳالهه
چوري، ”مسٽر ڦلٽو صاحب! ته هاڻي يعني اڄڪلهه ڇا ٿي
رهيو آهي”“
هن يڪدم چيو، ”تخليق، تخليقي تي قبضو، يعني ڄم تي
روڪ، يعني انگريزيءَ ۾ برٿ ڪنٽرول، توکي خبر نه
آهي اسان جي معاشي بدحاليءَ جو ڪارڻ فقط وڌيڪ
اولاد پيدا ڪرڻ آهي، ايترا ڄڻجن جو نپائي سگهجن،
ولايت وارا جک پيا مارين، رڳو گوليون ۽ ٻه ٽي شيون
ٺاهي سگهيا آهن. سي به ڪو سؤ سيڪڙو ٿوروئي ڪامياب
آهن. بس پنهنجو اڪسير تيار ٿئي سهي، پئٽنٽ ۽ رجسٽر
ٿيندو. سڄيءَ دنيا ۾ وڪامندو، آدمشماري گهٽجي
ويندي ۽ ڏهن سالن جي اندر اندر دنيا جون سڀئي
اسپتالون بند ٿي وينديون. پوءِ نه ڄمندا ٻار ته
ڪٿان ويندا اسپتالن ۾؟ انقلاب اچي پيو دوست!
منهنجو اڪيسر لازوال ۽ انسانيت جو ڇوٽڪارو ٿيندو.“
”پر ڦلٽو صاحب اوهان اهو آزمايو به آهي، يا
فقط......“
”لک جي ڳالهه ڪئي اٿئي.“ هن وري خوامخواهه وٺي وڏو
ٽهڪ ڏنو ۽ ٽهڪ ڏيندي ڏيندي ٻاهر نڪري، چوڻ لڳو،
”چوٿين شادي ڪئي اٿم، پر ٻار هڪڙو به ڪونهيم، پر
ترس تولاءِ، چانهه جو آرڊر ڏيڻ ٿو وڃان.“ مون
چوڌاري نظر ڦيرائي ته سڄيءَ ڪوٺيءَ ۾ پير ٻوڙ
مٽيءَ جي دز هئي، سموريءَ ڪوٺيءَ ۾ کانگهارا ۽
سڙيل ٻيڙين جا اَڌڙ پيا هئا، هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ وري ٽي
چار کول ۽ ويهه- پنجويهه ننڍا وڏا رنگ برنگي شيشا
به پيا هئا.
فرشتو
انسان ڪيڏو نه خود غرض آهي! خودغرضيءَ انسان کي ڇا
ڇا نه سيکاريو آهي؟ ڪوڙ بدوڙ، دغا، دولاب، لالچ
لوڀ، مڪر ۽ فريب، رڳو انهيءَ هڪڙي عيب جي ڪري پيدا
ٿيا آهن. ائين ته هرڪو انسان خود غرض آهي، ڪو ٿورو
ڪو گهڻو، پر ڪي اهڙا به انسان آهن، جيڪي خود غرض
نٿا ٿين. اهڙا انسان ته سچ پچ فرشتا هوندا. ڪٿي
انسان، ڪٿي فرشتو؟ ٻنهي جي مناسبت، کوڙو ئي ڪونه
ٿو لڳي.
خانو ڪو وڏو ماڻهو ڪونه هو. هن جو ڏاڏو هاري هو.
هن جو پيءُ هاري هو، ۽ هو پاڻ به هاري هو. هو اڃا
چئن سالن جو ئي هو ته پڻس گذاري ويو. ماءُ کيس
سنڀاليو. ڇهن سالن جو مس ٿيو هو ته ماڻس کيس ڳوٺڙي
جي مُلي وٽ قرآن شريف پڙهڻ ويهاريو. سال- ٻن ۾ هن
قرآن شريف پڙهي پڄايو ۽ نماز پڙهڻ به سکي ويو.
ماڻس سمجهدار ۽ سياڻي عورت هئي. هن خانوءَ کي
چڱيءَ طرح پاليو هو. ٻهراڙيءَ ۾ رهندي، خانوءَ کي
ماڻس اهڙي تربيت ڏني، جو ٻارهن سالن جي عمر ۾ ماڻس
۽ خانو گڏجي زميندار وٽ ويا، ۽ کانئس پوکڻ لاءِ
ٻنيءَ ٽڪرو وٺي آيا. |