ڍونگ
رشيد آخوند
سج جو تکو پاڇو رڙهندو رڙهندو
دروازي جي اندر داخل ٿيو، ۽ هوءَ جمالي جي قميص
ڌوئي سڪائڻ لاءِ اٿي. هن سهاري لاءِ حوض جي ديوار
تي هٿ رکيو. ديوار جي مٽي ڀُري هيٺ ڪرڻ لڳي. هٿ
ٿورو ترڪيو، ۽ اهي داغ، جيڪي سندس گهر جي ديوارن ۽
ڇت جي زينت هئا، هن جي اکين آڏو اُڀري آيا. هن
اکيون پاڻيءَ جي موريءَ تي وڌيون، جنهن جي چوڌاري
صابڻ جي گجي گڏ ٿي وئي هئي. آهستي آهستي موري چٽي
ٿيڻ لڳي، پر وري ٿوري وقفي کانپوءِ، جيئن ظاهر ٿي
هئي تيئن ميٽجي ويئي ۽ ان جي جاءِ تي هڪ پور پيدا
ٿي ويو. هُن پور کي غور سان ڏٺو. پور وڏو ٿيڻ لڳو
–
ايتريءَ حد تائين، جو هن پنهنجي وجود کي به ان ۾
گم ٿيندو محسوس ڪيو. هن چاهيو ته هوءَ هميشه
انهيءَ حالت ۾ رهي
–اتي
ڏک ۽ ڏاکڙا وسري ويا ٿي. جمالي کي کارائڻ لاءِ
محنت ۽ مزدوري ڪرڻ به ياد نه ٿي رهيو، اتي ڪو دنيا
جو غم نه هو ۽ نه ئي وري ڪا ذهني مونجهه ۽
پريشاني هئي، اتي ڪنهن جي سڌ نه هئي. خود پنهنجي
هيڻي ۽ بيمار جسم تي سڌ به نه، پر تلخ حقيقتن کان
ڪو گهڻيءَ دير تائين منهن موڙي نه سگهندو آهي....
۽ هوءَ به پاڻ کي وڌيڪ دوکو ڏيئي نه سگهي. حوض جي
هر ڪا شيءِ وري ظاهر ٿيڻ شروع ٿي - ۽ ان سان گڏ
جسماني ڪمزوري ۽ مصيبتن جو احساس به ذهن جي ڌنڌ
مان نڪري آيو.
صحن ۾ اچي هن قميص کي سڪائن لاءِ
رسيءَ تي ٽنگيو، ۽ نحيف آواز سان جمالي کي سڏ ڪيو.
جمالي اڃا ماني نه کاڌي هئي، پر هو گهر ۾ ڪو نه
هو. ماڻس پڪ ڄاتو ته گهٽيءَ ۾ راند ڪرڻ ويو هوندو.
جمالي جو گهٽيءَ ۾ وڃي ٻين ڇوڪرن سان راند ڪرڻ، هن
جي پريشانين جي ويتر وڌڻ جو باعث ٿي بڻيو. جمالو
اڃا ڇهن سالن جو ٻار هو، جنهن کي وڏا ڇوڪرا، جڏهن
به منهن سامهون پيا، ستائيندا رهندا هئا. ڪڏهن
چهنڊڙين پائڻ ۽ ڪڏهن ڪا شيءِ ڦري وٺڻ ۾ هنن کي
رونشو ٿي لڳندو هو. جڏهن هو روئي ماءُ کي اچي
دانهون ڏيندو هو، ته هوءَ ويچاري ڪجهه ڪري نه
سگهندي هئي. هن جي پاڙي وارن کي پرواهه نه هئي -
رن زال جا هئي، جنهن جو ٻيو ڪو والي وارث جو نه
هو. جمالي جي وهيءَ جا ٻار کيس ماريندا هئا، ۽
جيڪڏهن هن به ڪنهن کي ورائي ڌڪ هنيو، ته پوءِ
هنن جون مائون نه فقط جمالي جا ڳل چماٽن سان ڳاڙها
ڪنديون هيون، پر ماڻس کي به مهڻا ۽ ڇڙٻون ڏينديون
هيون. انهن ڇڙٻن ۽ مهڻن جي جواب ۾ جمالي جي ماءُ
وٽ هڪڙي خاموشي هئي..... ۽ لاچار سور سهيو مڙيو ئي
وقت پئي ٽاريندي هئي.
جمالي کي گهر ۾ نه ڏسي، هوءَ
دروازي وٽ آئي. ٻاهر گهٽي سڄي گپ سان ڀري پئي هئي.
گهرن جي اڳيان جيڪي گندي پاڻي جا حوض هئا، تن مان
پاڻي اٿل کائي رستي تي وهڻ لڳو هو. ڇوڪرن اهڙي ڪني
ماحول ۾ راند ڪئي پئي. انهن ۾ جمالو به هو. جڏهن
ماڻس در تي اچي هن کي ڪوٺيو، تڏهن هن راند نه ٿي
ڪئي، پر هڪڙي ڇوڪري سان جنگ جوٽڻ جي تياري پئي
ڪيائين. ڇوڪري چيس پئي:
”هل هل ...... آءٌ توکي راند نه
ڪرائيندس، اٽي ڏڪر ته منهنجو آهي....!،
”پوءِ تون هن خميسي کي ڇو ٿو راند
ڪرائين؟“
”منهنجي مرضي...... خميسو مون کي
کٽمٺڙا کارائيندو آهي“،
”تو کان اڌ بسڪوٽ گهريو. تو ڪو
مون کي ڏنو! پوءِ آءٌ تو کي راند ڇو ڪرايان؟“
”۽ ٻَچوُ، اڄ اسين هڪڙي هنڌ شربت
پيئڻ وينداسين. توکي نه وٺي هلنداسين... ڪيئن
حميد؟“ خميسي خوش ٿيندي اِٽي ڏڪر جي مالڪ ڏانهن
نهاريو. هن خميسي جي حامي ڀري. پوءِ ٻئي شرير نظرن
سان جمالي کي ڏسڻ لڳا.
”هونهه ...... نه وٺي هلو ته نه
وٺي هلو. مون کي جهڙي خبر نه آهي. امان ٻڌايو هو
ته اڄ سيٺ هاشم امامن جو شربت ڪيو آهي!“ جمالي
مُرڪيو ۽ هو ٻئي شرمائجي ويا. پر جمالي جي مرڪ
گهڻيءَ دير تائين قائم رهي نه سگهي. هڪڙي وڏي
ڇوڪري جمالي کي ٻڌي چيو:
”ها ڙي ڇورا، ماڻهين ڪيئن نه
ٻڌائيندي توکي. هن کي سڄي جهان جون خبرون آهن. سڄو
ڏينهن ماڻهن جي گهرن کي لوسيندي آهي.....!“ جمالي
کي خار ته گهڻي آئي، پر مخالف کانئس عمر ۾ گهڻو
وڏو هو، تنهن ڪري دل ٺارڻ ڪاڻ هن چپن ئي چپن ۾
هڪڙي ڳري گار وڏي ڇوڪري کي ڏيئي ڪڍي.
”جمالا، آءٌ تو کي چوان ٿو.....
اسان جي راند مان هٽي وڃ!“ حميد کي ڪاوڙ اچڻ لڳي.
”نٿو هٽان..... تون ڇا ڪندين؟“
جمالو ضد تي هو. حميد ڏڪر کنيو. جمالو به سنڀري
بيٺو. پر ان وچ ۾ جمالي کي ماڻس اچي سڏ ڪيو ۽
معاملو اتي ئي رهجي ويو. جمالو، ٻرندڙ نگاهن سان
حميد کي ڏسندو، گهر ۾ گهڙي ويو.
گهٽيءَ ۾ ميونسپالٽيءَ جي بتين
ٻرڻ ۾ اڃا ڪجهه دير هئي. هوءَ ٻنپهرن کان جيئن
جمالي کي امامن جا مور کارائي ليٽي هئي، تيئن شام
تائين پئي رهي. سخت تپ اچي وڪوڙيو هئس ۽ کنگهه به
زور وٺي وئي هيس. هن ۾ ايتري طاقت نه هئي، جو ڪنبل
پاسيرو ڪري جمالي کي اٿي ڏسي، جيڪو وري خبر نه
ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو. تنهن کان سواءِ اڄ سندس ستا
سور به جاڳي اٿيا هئا. هن گهڻي ڪوشش ڪئي ٿي ته
نااميدين ۽ حسرتن جي هيٺ دٻيل، خشڪ ۽ ويران
زندگيءَ مان چند سڪون جا لمحا، چند خوشيءَ جا
بهانا يا ڪي خود فريب ڳالهيون سوچي، پر هر نئين
ڪوشش هن جي ذهن جي آڏو تصوير جو فقط هڪ رخ آندو
ٿي، جنهن ۾ ساڳين ئي نااميدين، حسرت ۽ غمن جي جهلڪ
هئي. خوشيءَ جو رڳو هڪ اڻ لکو احساس وڃي سندس
طبعيت کي غم
–
پسند بڻائي ڇڏيو هو.
هن کي شاديءَ جي پهرين رات ياد
آئي، جڏهن هن جي نس نس مان خوشيءَ جو رس ڦٽيو ٿي.
ان خوشيءَ ۾ هڪ عجيب بيچيني هئي
–
هڪ دٻيل دٻيل خوف هو. پر هاڻي ان خوشيءَ جي
يادگيري به غم ۾ ٻڏي چڪي هئي.
۽ هن کي اهو ڏينهن به ياد آيو،
جڏهن هن جمالي جي پيءُ جو ڪفن مان نڪتل بيجان چهرو
ڏٺو هو. ڪافور جي بوءِ چوطرف ڦهليل هئي. ان ڏينهن
هن، ڪيترو نه رنو هو! ڏئي جي لاٽ ته وسامي چڪي
هئي، پر ڏيئي جي منهن مان نڪرندڙ ميري دونهين کيس
رئاريو پئي
–
جيڪو آخر خلا ۾ جذب ٿي وڃڻو هو.
پر اڄ هن کي ان دل- ڏاريندڙ منظر
رئاريو نه ٿي. هوءَ غم سان هري ويئي هئي ۽ جڏهن
ماڻهو غم سان هري ويندو آهي ته غم جي شدت به گهٽ
ٿي ويندي آهي. هن گويا جمالي کان به وڌيڪ، غم کي
پنهنجي حيات جو سرمايو سمجهيو هو. هن کي پڪ هئي ته
هوءَ جمالي جون خوشيون ڏسي نه سگهندي. ان کان اڳ
مري ويندي. اهو احساس سندس دل ۾ گهر ڪري چڪو هو.
هوءَ هاڻي اڪثر ڪري تصوراتي داغ؟ ڏسندي هئي، ۽ هن
جي زندگي خود هڪ داغ بڻجي ويئي هئي
–
ڏرا ڏيئي ويل اکين جو، ڏٻري جسم جو ۽ زرد چهري جو
داغ: زندگيءَ جو سَت ڀري پيو هو. انهيءَ هوندي به
هوءَ مرندي جهرندي رپئي ڏيڍ خاطر پاڙي وارن جا
ڪپڙا ڌوئيندي هئي. آخر هن کي پيٽ پالڻو هو. مڙس جي
مرڻ کانپوءِ ٻيو ڪو آسرو نه هوس. کيس اڪيلي سر
پاڻ لاءِ ۽ جمالي لاءِ گذران پيدا ڪرڻو هو. پهرين
هوءَ پاڙي وارن جي گهرن ۾ وڃي ٻهاري ڪڍندي هئي،
باسڻ مليندي هئي، بازار جو ننڍو وڏو ڪم ڪري آڻي
ڏيندي هئي، پر پوءِ هوءَ بيمار ٿي پئي ۽ هن کان
گهڻي محنت پڄي نه سگهي. خيراتي اسپتال جي ڊاڪٽر
هڪڙي ڏينهن ٻڌايس ته هن کي سلهه جي بيماري هئي ۽
هاڻي هوءَ رڳو پاڙي وارن جا ڪپڙا آڻي گهر ۾
ڌوئيندي هئي. اڄ هوءَ جمالي جي هڪڙي قميص کان
سواءِ پاڙي وارن جا ڪپڙا ڌوئي نه سگهي. سخت بخار
اچي ورايو هوس. سڄو ڏينهن کٽ تي کنگهندي گذاريو
هئائين ۽ آخر اٿي ان مهل، جڏهن گهٽيءَ ۾ جمالي جون
رڙيون ٻڌائين. هوءَ بخار جي شدت کان سهڪندي در
تائين ويئي. پوءِ هڪدم در کولي ٻاهر نڪري آئي. هن
جمالي کي گندي پاڻيءَ جي حوض ۾ ڪريل ڏٺو هو. جمالو
ماءُ کي ڏسي ويتر زور سان اوڇنگارون ڏيڻ لڳو. ماڻس
اچي هن کي حوض مان ڪڍيو.
”امان، حميد مون کي حوض ۾ ڪيرايو
آهي“، جمالي سُڏڪا ڀريندي چيو،
”مون ڪٿي ڪيرايو؟“ حميد پنهنجي
ماءُ جي ڀر ۾ بيهندي چيو.
”ها ها، حميد ڪو نه ڪيرايو، هي
ويچارو ته بنهه منهنجي اکين سامهون هينئر گهر مان
نڪتو آهي!“ حميد جي ماءُ صاف ڪوڙ ڳالهائي ويئي.
”ڏس حميد جي ماءُ! هڪڙي پاڙي ۾
رهي، توکي اهي ڳالهيون سونهن نه ٿيون. پنهنجي پٽ
کي جهلين ته نه ٿي، مرڳو پاسو پئي کڻين.......“
”اي لئي ٻڙي، مون کي نه
ڌمڪاءِ..... هي پنهنجيون ڦوٽن جيڏيون اکيون ٻين کي
ڏيکارج. تو جهڙيون گهڻي فقيرياڻيون منهنجي در تي
اچيو پن جو ٽڪر وٺيو وڃن- مُئي رن زال، هلي آهي
مون کي چوڻ..... ڏيڻ ڪٿي جي ....!“
غصي کان هن جي ڪنن جون ٻويٽيون
ٻرڻ لڳيون، هوءَ فقيرياڻي نه هئي. ڪنهن جي در تي
وڃي ٽڪر ڪين گهرندي هئي. اڳي هوءَ صبر سان هنن جا
مهڻا ٻڌندي هئي، پر هاڻي جيئن پوءِ تيئن پاڙي وارا
سر تي چڙهندا پئي ويا. هوءَ غريب هئي ته ڇا ٿيو؟
..... عزت هن کي به هئي. هوءَ ڪجهه چوڻ تي هئي ته
هڪڙيءَ ٻيءَ مائيءَ حميد جي ماءُ جي ڳالهه کي ٽيڪر
ڏني:
”ها امان، تون سچي آهين- هيءَ
ڇنال ڏيڻ آهي ڏيڻ! اچڻ سان مڙس کي ماريائين. جي
ٿورا سال ان پاڙي ۾ رهي، ته الاجي ڪهڙو قهر ڪندي
–
آءٌ پنهنجن ٻارن کي هن ڪامڻ
–
ڪٽيءَ جي منهن تي اچڻ به نه ڏيندي آهيان.... مُٺي
اکين ۾ کايو وڃي....!“ هوءَ وڌيڪ سهي نه سگهي. پر
اڃا ٻه لفظ چيائين مس، ته کنگهه اچي ورتس. جمالي
هن جي ٻانهن جهلي رُنو پئي، ۽ هن گهٽيل آواز سان
کنگهيو پئي، کنگهه زور وٺندي ويئي ۽ حميد جي ماءُ
وڏي واڪي سان ٻنهي ماءُ پٽن کي پٽيندي ويئي. هن
مشڪل سان، ”ڪگال“، ”ڇال“ ۽ ”ڪار ڄڀي“ جا ٻه
–
ٽي لفظ ٻڌا ۽ جڏهن هن ٿورو ساهه کنيو، ته اکين ۾
پاڻي ڀرجي آيس ۽ جمالي کي رڳو ايترو چئي سگهي:
”مئا نپٽا ..... هل گهر .... تو
منهنجي جان جلائي ڇڏي آهي.“
رات جو هڪ ٿيو هو، گهٽي سڄي ويران
پيئي هئي. ايتري وقت گذري ويندي به هن جي کنگهه
بند نه ٿي. ڪڏهن اٿندي ۽ ڪڏهن پاسا ورائيندي، هن
درد ۽ ڪَرب جي حالت ۾ کنگهيو پئي. کنگهڻ جو آواز
فضا جي مڪمل سڪوت کي چيريندو ويو پئي. سندس ان
لاڳيتي شور پاڙي وارن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون
هيون. پهرين ته هو صبر سان اکيون کولي ڇتين کي
گهوريندا رهيا، ته من ڪا ماٺ ٿئي، پر جمالي جي
ماءُ جي کنگهه بند نه ٿي سگهي. تنهن کان سواءِ
هن زور زور سان اوڪارا به ڏنا پئي. پاڙي وارن
سمجهيو ٿي ته هوءَ اجايو ڍونگ ڪري، ته جيئن هنن جو
سک ڦٽي. آخر حميد جي ماءُ کان رهيو نه ٿيو، ۽
دريءَ مان منهن ڪڍي چيائين:
”اڙي جمالي جي ماءُ، اهو تال
تيتال بند ڪر! ٻَڙي اسان کي ٻه گهڙيون سک سان سمهڻ
به نه ٿي ڏين. چئو ته پاڙو توکي ڏيئي، اسين وڃي ڪو
ٻيو ماڳ هٿ ڪريون!“ هڪڙيءَ کي ڳالهائيندو ڏسي،
ٻيءَ کي به ريس ٿي، ۽ اچي بالڪنيءَ تي بيٺي.
”ٻاڪاري ائين پئي جهڙو موت ٿو
اچيس. پر مئي مري به ته نه ٿي. جو اسان جي جند
آزار مان آجي ٿئي. مئو عذرائيل به ڪميڻيءَ وٽ اچڻ
کان ڊڄي ٿو.....!“ هن بالڪنيءَ تان چيو.
”لئي امان، هيءَ ڏيڻ آهي ڏيڻ.....
ڏيڻين وٽ مَلڪ ڪو نه اچن. هن ڌوتيءَ کي ڪو جن ڀوت
مارڻ ايندو!“ هيءَ شام واري مائي هئي. ايتري ۾ ٻين
گهرن جون دريون کليون. ڪي بالڪنين تي اچي بيٺا، ۽
ڪن بتيون ٻاريون. سڄو پاڙو جاڳي پيو هو، ۽ هنن مان
ڪنهن کان ايترو نه پڳو، جو کڻي ان غيرمعمولي شور
جو سبب دريافت ڪن. پر سبب معلوم ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت
هئي. هنن کي پڪ هئي ته هي سڀ هن جو ڍونگ آهي. پاڙي
وارن کي ستائڻ لاءِ..... سندن ننڊون ڦٽائڻ
لاءِ.....
هاڻي آواز آهستي آهستي گهٽبو ويو.
اوچتو وري هڪ وڏي اوڪاري جو آواز آيو، پوءِ هڪدم
خاموشي ڇانئجي وئي. پر هيءَ خاموشي به عارضي ثابت
ٿي- شايد ماءُ جي ٿڪجي پوڻ کان پوءِ جمالي جو
وارو هو، جيڪو هينئر ڪيڪون ڪندي رُنو پئي.
”ماءُ ڍونگ ڪري ٿڪي آهي، هاڻي پيٽ
ٿو ڦاٽي.....“
حميد جي ماءُ دريءَ مان منهن
ڪڍيو، ۽ جمالو هن جي ڦٽڪار جي پرواهه نه ڪندي
روئيندي رهيو.
آخر پاڙي وارن تنگ ٿي دريون بند
ڪري ڇڏيون. بتيون به وسامي ويون ۽ رڳو جمالي جو
روڄ راڙو گهٽيءَ جي ويرانيءَ ۾ رلندو رهيو. جمالي
جي آواز ۾ خوف هو. هو سمجهي نه ٿي سگهيو ته هن جي
ماءُ سندس ”امان! امان!“ ڪري سڏڻ ۽ روئڻ جي باوجود
به اٿي ڇو نٿي؟ ۽ پوءِ هو به ٿڪجي پيو، ۽ ننڊاکڙين
اکين سان ماءُ کي ڏسي، هن جي ڇاتيءَ تي مٿو رکي
سمهي پيو.
(مهراڻ: 4
–
1956ع)
|