اَلا، ڪنهن پَر
......!
خواجه سليم
اڄ وري منهنجي دل تي اداسيءَ جا
تهه چڙهي ويا آهن. واهه جو ماٺ ميٺ ۽ سانت ۾ وهندڙ
پاڻي منهنجن رڳن ۾ ڪو سُر نٿو جهونگاري. ڪپر تي
بيٺل وڻ ٻوٽا، پنهنجين ٻانهن تي پيلن سرءُ ماريل
پنن جو بار کنيو، مبهوت مبهوت، آسمان کي تڪي رهيا
آهن. سندن ٽارين مان لنگهندي، ٿڌي هوا منجهن ڪا
ترنگ ڪا نه ٿي تنواري. ڌرتيءَ جي روشني به ٿڪل ٿڪل
ٿي نظر اچي. سندس ڪرڻا پاڻيءَ جي سيني تي ڪو امنگ
ڀريو ناچ ڪين ٿا نچن. مان ڇا اداس آهيان، سڄي
ڪائنات اداس آهي
–
اٻاڻڪي ۽ ويڳاڻي
–
ڄڻ سندس ڪو ڪو نه هجي، هوءَ اڪيلي هجي
–
صفا اڪيلي!
مان جڏهن به اداس ٿيندو آهيان ته
منهنجي دل مون کي شهر جي هنگامن کان پري واهه جي
ڀڪ تي وٺي ايندي آهي، جتي مان ڪنهن سانتيڪي ڪنڊ ۾
ويهي پنهنجن گذريل ڏهاڙن جي پچار ڪندو آهيان.
ماضيءَ جي پچار الائي جي ڇو هڪ قسم جو سڪون، هڪ
عجيب تسڪين بخشيندي آهي. حالانڪه منهنجو ماضي
منهنجي حال کان وڌيڪ بدتر ۽ ڏکوئيندڙ هو
–
بي رنگ، پر درد ۽ سونهن ۽ سندرتا کان خالي!
اڄ وري مان اداس آهيان. منهنجي
وجود جي اٿاهه اونهارين ۾ عجيب، مبهم ۽ اڻڄاتل سور
جاڳي اٿيو آهي، ۽ دل شهر جي هل
–
هلاءَ کان پري واهه جي ڀڪ تي وٺي آئي اٿم. مان
واهه جي ٿڌي پاڻيءَ ۾ پير وجهيو، ننڊ پيل ڇولڙين
کي نهاري رهيو آهيان، ۽ منهنجو ذهن ويڳاڻي وهڪري ۾
سرن ڳولهڻ جي اجائي ڪوشش ڪري رهيو آهي. مان
پاڻيءَ تان اکيون کڻي افق تي نهار ٿو کڻي اڇلايان.
افق مون کي پنهنجن خيالن جي پهچ کان به پري ٿو لڳي
–
ايترو، جيترو خوشي ۽ سڪون پري آهن، جيترو سج جي
جنم جي جاءِ پري آهي. مون افق تان نظر کڻي، ڀرسان
بيٺل سرءُ ماريل وڻن تي اڇلائي آهي. اهي وڻ، جن
پنهنجون ٻانهون لڏي منهنجي آجيان ڪين ڪئي هئي،
پنهنجن ڍرڪيل ٻانهن ۾ پيلن پنن جا تحفا کڻي، بهاري
هيرن جو انتظار ڪري رهيا آهن. اهو اوسيئڙو، اهو
انتظار به هر وجود جي روح ۾ آهي
–
روح جو ڏاج، آس، اميد وانگي.
مان واهه جي ڪپر تان ننڍيون
ننڍيون پٿريون کڻي پاڻيءَ ۾ پيو اڇلايان. پٿريءَ
جي ڪرڻ سان ”ٽٻڪ“ جو هلڪو آواز ٿو اسري. پاڻيءَ ۾
گول ٿو ٺهي، ۽ وڌي ويجهي، وري تحليل ٿيو وڃي.
پاڻيءَ جا اهي گول، چڪر ڏيئي، ماضي جي لتاڙيل
پيچرن تي وٺي هليا اٿم، ۽ اکيون ڪي قدر ٻوٽجي انهن
گولن ۾ کُپي ويون اٿم.
***
”ٽٻڪ!“ ..... پاڻيءَ مان هڪ ماڻهو
اسريو آهي. منهن تي انيڪ گهنج اٿس، گوڏ مان سڪل
ڪاٺيءَ جهڙيون پنيون ٻاهر نڪتيون پيون اٿس. ان
ماڻهوءَ کي مان ”بابا بابا“ ڪري سڏيندو هوس.
پاڻيءَ مان هڪ ٻيو جسم اڀريو آهي. اها زائفان آهي.
سندس ٻانهن ۾ ڳچ جيتريون سونيون چوڙيون پيون
آهن، ۽ سندس آلين اکين ۾ ڳاڙهيون ڏوريون پيون
ترن. هنج ۾ ليٽي ۽ سندس اتر
–
واءَ جهڙيون ماٺيڻيون لوليون ٻڌي، مان ننڊ پئجي
ويندو هوس
–
اگهور ۽ سٻاجهڙي ننڊ. هيءَ زائفان منهنجي ”امان“
هئي
–
منهنجي جيجل امان!
هڪ ڏينهن جڏهن سڄي گهر ۾ روڄ متل
هو، جڏهن منهنجي امڙ پنهنجين ٻانهن مان چوڙيون
لاهي ڇڏيون هيون، ۽ جڏهن منهنجا ”ابا“ کي ماڻهو هڪ
اڇي چادر ۾ويڙهي الائي ڪيڏانهن کڻي ويا هئا، ته
مون پنهنجي رڙندڙ امان کان پڇيو هو، ”امان، تون
لوئين ڇو ٿي؟ هي ماڻهو ابا تي تاڏي تڻي ويا هن؟“
امان مون کي ڪنهن جواب ڏيڻ بدران ڇڪي کڻي ڇاتيءَ
سان لاتو هو، ۽ منهنجي اکين مان به ڳوڙها ڳڙڻ لڳا
هئا. گهڻا گهڻا ڏينهن پوءِ مون کي خبر پئي هئي ته
منهنجي ”ابا“ کي ماڻهو اهڙي پاسي کڻي ويا هئا،
جتان اڄ تائين ڪو به ڪو نه موٽيو آهي
–
منهنجو پيءُ مري ويو هو.
پوءِ، هڪڙي ڏينهن صبح جو سويل
منهنجون ڀينرون رنيون پئي. ماڻهو منهنجيءَ ”امان“
کي به چادر ۾ ويڙهي کڻي ويا هئا. تنهن ڏينهن
منهنجي ”امان“ مري وئي هئي. مان ڇورو ٿي ويو هوس.
ان ڏينهن مون ائين محسوس ڪيو هو، ڄڻ سڄي جڳ جون
مائرون مري ويون آهن، دنيا جا سڀئي ماڻهو يتيم ٿي
ويا آهن، ۽ حياتيءَ جو سمورو ڪاروهنوار هڪ هنڌ ڄمي
ويو آهي
–
ائين ڄڻ ڪڏهن هلڻو ئي نه هجيس.
اهي ٻئي مورتون افق جي اوٽ ۾ گم
ٿي ويون آهن، ۽ مون کان هڪ ٿڌي اونهي آهه نڪري وئي
آهي.
***
مون کي ياد آيو آهي ته پوءِ مون
کي اها جاءِ ڇڏڻي پئي هئي، جت مون جنم ورتو هو. جت
منهنجي معصوم محبت جنم ورتو هو، جت منهنجي ٻال
–
اوستا جهومندي ڳائيندي گذري هئي، ۽ جتان جي ٽڪريءَ
اوڏو مون اهي اٻوجهه ۽ اڄاڻ حرڪتون ڪيون هيون،
جيڪي ٻارن جو مرڪ هونديون آهن. مون کان ۽ منهنجين
ڀينرن کان اسان جي جنم
–
ڀومي ڇڏرائي، اسان جي چاچي جي گهر ڪوٽڙيءَ ۾آندو
ويو. اسان جو هيءُ چاچو هڪ وڏو سيٺ هو
–
لکن جو مالڪ!
منهنجو هيءُ نئون گهر، منهنجي
پهرئين گهر کان وڌيڪ وڏو ۽ سهڻو هو. ڪمرا غاليچن ۽
ڪٻٽن سان سينگاريل هئا. آءٌ اهڙو سٺو ۽ڪشادو گهر
ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هوس. هڪ ڪمري ۾ گهڙيس ٿي ته
چاچيءَ چيو : ”جتي لاهي اندر وڃ، غاليچا نه خراب
ٿي وڃن!“
منهنجي خوشي دٻجي ويئي. ڪنڌ
ورائي، چاچيءَ جو نڪ طوطي وانگر، چهنب وٽان هيٺ تي
نويل هو. اڇن کير جهڙن ڍرڪيل ڳلن تي عجيب کهري
کهري ڪنرائپ هيس، ۽ سندس اکين ۾ هڪ اهڙي قسم جي
مامتا جو اظهار هو، جيڪا همه گير نه هئي، ۽ جنهن
جو دائرو صفا تنگ هجي
–
بنهه پاڻ تائين محدود!
مون پنهنجي سوٽ ”غنيءَ“ ڏانهن
اشارو ڪري چيو: ”هو جو بوٽ پايو ويٺو آهي!“
”اهو ڪمرو آهي ئي هن جو. بوٽ پائي
ويهي يا لاهي ويهي، سندس مرضي، تنهنجو ڇا!“ مون کي
ڇڙٻ ڀريو اتر مليو هو.
مون وري پنهنجي سئوٽ کي ڏٺو. هو
آئيني ۾ اکيون کپايو پنهنجي شڪل جو جائزو وٺي رهيو
هو. ٿلهو متارو ۽ ڳاڙهو ڳٽول هو. منهن تي
لاپرواهيءَ ۽ الغرضائيءَ جو تاثر ڇانيل هوس. سندس
ڳاڙهيون اکيون هن جي خود غرض، مصاحب پسند، پر غور
۽ ضدي طبعيت جي شاهدي ڏئي رهيون هيون. منهنجون
نظرون واپس وري آيون. مون کي ائين لڳو، ڄڻ منهنجو
سئوٽ هڪ اهڙو رقيب آهي، جنهن کي زير ڪرڻ مون لاءِ
ناممڪن هو. دل احساس جي شدت سان ڀرجي ويم، ۽ ڪمري
۾ گهڙڻ بدران ٻاهر نڪري هليو ويس. پويان چاچي مون
بابت بدتميزيءَ جو رمارڪ پاس ڪري رهي هئي.
سانجهيءَ جو گهمي ڦري موٽيس، ته
چاچو ويٺو هو. وچولي قد جوچرٻيءَ چڙهيل بت،
ننڍيون، ميريون، ڳاڙهيون ۽ ڪنڊن وٽان گهنجيل
اکيون، پيٽ ٻاهر نڪتل، وڏين ناسن سان ٿلهو نڪ، وات
جي کاٻي واڇ ڇڪيل ۽ نراڙ تي ٻارهوئي رهندڙ گهنج!
چاچي کي ڏسي مون ائين محسوس ڪيو. ڄڻ هن شخص ۽
مرڪن جي ميٺاج جي وچ ۾ وڏي دشمني هئي. منهنجي دل
دهلجي وئي. سلام به ڪو نه ڪري سگهيو سانس. چاچي به
سڏي، ڀر ۾ ويهاري، مٿي تي هٿ به ڪين رکيم.
مان چُپڙي ڪري هڪ مري ۾ لنگهي
ويس. اتي منهنجون ڀينرون ويٺيون هيون. اداس ۽
اٻاڻڪيون. کين ائين ويٺل ڏسي، الائي ڇو منهنجا ڏند
ڀڪوڙجي ويا ۽ ساڻس ڪجهه ڳالهائڻ کان سواءِ ئي ٻاهر
نڪري هليو ويس.
ڏينهن ائين ئي گذرندا رهيا
–
بي ڪيف، الوڻا ۽ بي چسا!
***
”چاچي، چار آنا ته ڏيو، اسڪول جي ڪم لاءِ بڪ وٺڻو
اٿم“ هڪ ڏينهن مون پنهنجيءَ چاچي کي چيو
”پنج رپيا جو ڏنا هئا مانءِ، سي
ڪيڏانهن ڪيئه؟ هفتي ۾ سڄي ساري مهيني جا پنج رپيا
کپائي ڇڏيا اٿئي! ڇورا، تون ته ڪو وڏو هٿ ڦاڙ
آهين؟“ چاچيءَ ”مهيني“ ۽ پنجن رپين“ تي زور ڏيندي
چيو.
”انهن مان ته مون مس
–
قلم ۽ ڪتاب ورتا هئا، کپي ويا.“ مون جواب ڏنو.
چاچيءَ وراڻيو: ”مان انهن پنجن
رپين کان مٿي ڪاري پائي به ڪو نه ڏينديسانءِ. اسان
وٽ تنهنجين فضول خرچين لاءِ پئسا ڪينهن!“
مون ويچاريو، ”منهنجي گهرج جون
شيون وٺڻ به هن لاءِ فضول خرچي آهي! ..... پٽهنس
جو سئو سئو رپيا وٺي وڃي اڏائي ايندو آهي. ڇا اها
فضول خرچي ناهي؟“
گهڻيءَ ويل تائين آءٌ ماستر جي
مار کان بچڻ لاءِ بڪ هٿ ڪرڻ جي طريقن تي ويچار
ڪندو رهيس. مسين مسين طريقو سمجهيم ..... ڌڙڪندڙ
دل سان مون اهي چار آنا وڃي چاچيءَ جي هنڌ جي
وهاڻي هيٺان چورايا، ۽ بڪ ورتم.
هڪ ڏهاڙي منجهند ڌاري گهر ۾ گهڙيس
ته چاچيءَ کي پڦيءَ سان ڳالهائيندي ٻڌم. پڦي تنهن
صبح ويل آئي هئي، ۽ اڪيلائپ ۾ مون کان پڇيو هئائين
ته ”خرچي گهڻي ملندي اٿئي؟ ڪپڙن جا ڪيترا جوڙا
اٿئي؟ چاچهين ڳالهائيندو اٿئي؟“ سندس اهڙن سوالن
پڇڻ جو مقصد شايد مون کي پنهنجي يتيميءَ جو احساس
ڏيارڻ هو! چاچيءَ پڦيءَ کي چيو پئي: ”..... جيڪو
منهنجو پٽ ٿو پائي، سو هي ٿا پائين، جيڪو منهنجو
پٽ ٿو کائي، سو هي ٿا کائين، مان ته ٻچا ڪري ٿي
پاليان!......“ اهو ٻڌي منهنجين اکين آڏو غنيءَ جو
”پڪ اينڊ پڪ“ جو فسٽ ڪلاس استري ٿيل سوٽ تري آيو،
جيڪو هن صبح ئي پاتو هو. پوءِ منهنجي نظر وڃي
پنهنجي بت تي پيل بافتي جي لئاڙيل سٿڻ
–
قميص تي پيئي، ته مون کي اهو واقعو ياد اچي ويو،
جڏهن چاچيءَ بورچياڻيءَ کي منهنجي مانيءَ ۾ سڻڀ
ذري وڌيڪ وجهڻ تي ڏاڍي ڇنڊ ڪڍي هئي. ۽ مان اهو
سوچيندو ٻاهر نڪري آيس ته هيءَ سڀني کي ائين ڇو
پئي چوندي وتي. ”ٻچا ڪري ٿي پالي...... هون! وڏي
آئي آهي ٻچا ڪري پالڻ واري!“
چاچو مون سان هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا
مس ڳالهائيندو هو. اسان جي ان گفتگوءَ ۾ به سدائين
”اندر چانهه چئه“، ”پاڻي ڀري ڏي“ وغيره جهڙا جملا
هوندا هئا، ۽ بس. هڪ ڏينهن کيس پنهنجي پٽ کان
–
”هي مجيد ڪهڙو درجو پڙهندو آهي؟“ پڇندو ٻڌي، مون
چيو: ”هي مون کان ڇو نه ٿي پڇي؟ شايد مون سان
ڳالهائڻ ۾ پنهنجي گهٽتائي ٿو سمجهي، يا وري مون کي
پنهنجو نه ٿو ڀانئي
–
نه ته مون کان پڇي ها، مون سان چڱيءَ طرح ڳالهائي
ٻولهائي ته ها؟ ..... هائو، هي مون کي غير ٿو
سمجهي!“
منهنجي سوٽ کي مون کان وڌيڪ
پنهنجا دوست پيارا هئا. گهڻو ڪري هر روز ڪار ڪاهي
حيدرآباد ويند هو. ڪڏهن ڪڏهن مان به کيس پاڻ سان
وٺي وڃڻ لاءِ چوندو هوس ته وراڻيندو هو، ”تنهنجي
هلڻ جو ڪو ضرور ڪونهي“، ۽ پوءِ سنگتين کي ڪار ۾
ويهاري هليو ويندو هو. هن جو اهڙو رکو جواب ٻڌي
منهنجي دل بي اختيار روئڻ چاهيندي هئي، پر مان
روئندو ڪو نه هوس
–
الائي ڇو؟
هڪ لڱا منهنجي مٿي ۾ڏاڍو سخت سور
ٿي پيو، ائين ٿي سمجهيم ڄڻ ڦاٽوڪي ڦاٽو. نوڪر کي
”اسپرو“ آڻي ڏيڻ لاءِ چيم. جواب ڏنائين، ”سائين،
مون کي سيٺ غنيءَ جي ڪمري جي صفائي ڪرڻي آهي، مان
ڪيئن وڃان!“ مون وڃي چاچيءَ سان شڪايت ڪئي. چاچيءَ
چيو، ”پاڻ وڃي وٺي اچ. نوڪر ويچارا به ڇا ڪن، ڪنهن
جو ڪم ڪري ڪنهن جو ڪن!“ منهنجي دل ۾ خيال آيو،
”ڳالهه ته سچي آهي، ٻچا، هي نوڪر تنهنجا ٿورو ئي
آهن! گهر جي ترتيب ۾ تنهنجو ۽ تنهنجين ڀينرن جو
نمبر آخري آهي
–
سمجهه! هي نوڪر هن گهر ۾ توکان مٿانهين حيثيت ٿا
رکن، ۽ سيٺ غنيءَ جي ڪمري جي صفائي ٿوري دير لاءِ
به ملتوي ٿي نه ٿي سگهي!....
ڊرائيور جي به مون تي اک ئي ڪا نه
ٻڌندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اسڪول کي دير ٿي وڃڻ جي ڪري
ڪار تي ڇڏي اچڻ لاءِ چوندو هومانس ته سدائين سيٺ
غنيءَ لاءِ سيڙهيل هجڻ جو عذر ڪري نٽائي ڇڏيندو
هو. يار چوندا هئم: ”سوٽهين ته ”شيورليٽ“ کان
سواءِ هيل ڪو نه ٿو سگهي، ۽ توکي ڦٽي سائيڪل به
ڪانهي ..... حيف اٿئي!“ مان سوچيند هوس. ”آخر اهو
سڀ ڪجهه ائين ڇو آهي؟ ڇا لاءِ آهي؟“ ۽ پوءِ منجهيل
دماغ ۽ سڏڪندڙ دل سان وڃي ڪنهن ڪنڊڙيءَ ۾ ويهي،
خالي خالي اکين سان چوڌاري نهارڻ لڳندو هوس.
جڏهن دل ڏاڍي اداس هوندي هيم، ته
ڪٿان نه ڪٿان ڇهه آنا هٿ ڪري وڃي کيل ڏسندو هوس.
هال ۾ سڀني پاسن ماڻهن کي ڳالهائيندي، کلندي ۽ ٽهڪ
ڏيندي ڏسي، منهنجي اداسي دور ٿي ويندي هئي. کيل
ختم ٿيڻ تي خوش خوش ٻاهر نڪرندو هوس، جي اتفاق سان
ڪو واقفڪار مون کي ڇهين آني واري ڪلاس مان ٻاهر
نڪرندي ڏسي وٺندو هو، ته چئي ڏيندو هو: ”اڙي! تون
هيڏي ڊنگ سيٺ جو ڀائٽيو ٿي ڪري ڇهين آني واري ڪلاس
۾ کيل ڏسندو آهين! چاچهين ڏيڍ رپيو به ڪو نه ٿو
ڏيئي ڇا؟“ اهو ٻڌي منهنجي خوشيءَ سان ڀريل دل وري
اداس ٿي ويندي هئي، ۽ڏاڍي خلوص سان ائين چاهڻ
لڳندي هئي ته جيڪر مان ڪنهن غريب جي گهر رهندو
هجان ها، ڪو مون کي ائين ته نه چوي ها..... اي
ڪاش!
***
ائين ئي، آءٌ پنهنجي حياتيءُ ۾
هڪ وڏو خال محسوس ڪرڻ لڳس. هڪ اهڙو خال، جنهن کان
مون کي پنهنجين ڀينرن جي موجودگي به بچائي نه
سگهي. منهنجيون ڀينرون، جيڪي سڄو سڄو ڏينهن گهر ۾
نوڪرن سان گڏ ڳهنديون هيون
–
ٻنهي مان ننڍي ڀيڻ تمام چيڙاڪ، هٺيلي، هوڏي ۽ ذري
ذري تي روئي ڏيڻ واري بڻجي وئي هئي
–
مون کان ايتريون ته پري ٿي ويون هيون، ڄڻ اسان جي
وچ ۾ ڪو به رشتو ڪو نه هو، ڄڻ اسين رڳو هڪ ٻئي جا
رسمي واقفڪار جي هئاسين. ڀينرن کي در ٻيڪڙي
روئيندو ڏسي، مون کي الائجي ڇو خار اچي ويندا هئا
- ۽ کين دلداري ڏيڻ بجاءِ ڇڙٻون ڏئي ڪڍندو هوس.
ٻيو ته ٺهيو، مون ساڻن پنهنجي اندر جو سور به ڪڏهن
ڪين سليو
–
شايد اسان کي هڪٻئي تي ويساهه ڪو نه رهيو هو
–
شايد اسان جي دلين ۾ ڪنهن عجيب قسم جي رقابت ۽
رياڪاريءَ جا جذبا جاڳي اٿيا هئا. آخر هي ڪهڙي
قسم جو ماحول هو، جنهن اسان جي خون جي رشتي کي
فريبڪاريءَ ۽ ريب خوردگيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو هو،
جنهن محبت جي جاءِ تي حقارت ۽ بڇان جو ٻج کڻي
ڇٽيو هو، ۽ جنهن منهنجي ننڍڙيءَ حياتيءَ ۾ ايڏو
وڏو خال پيدا ڪري ڇڏيو هو! هيءُ هڪ اهڙو خال هو،
جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿي ويو، ۽ هري هري ايڏو
ته وڏي ٿي ويو جو مون کي پنهنجي سڄي هستي ان ۾
سمائبي معلوم ٿيڻ لڳي، ۽ آءٌ ائين محسوس ڪرڻ لڳس
ڄڻ ته منهنجو ڪو وجود ئي ڪونهي
–
ڄڻ ته مان آهيان ئي ڪو نه
–
رڳو اهو خال آهي، ۽ بس! هڪ تنهائي هئي، جيڪا روح
کي اُڏوهيءَ جيان کائيندي ٿي ويو. بنا ڪنهن منزل
جي. بعضي بعضي منهنجي من ۾ هڪ عجيب قسم جو امنگ
اٿندو هو، هڪ چاهنا جاڳندي هئي. منهنجو روح ڪجهه
گهرندو هو. ڇا؟ الائجي ڇا! ۽ پوءِ آءٌ ائين محسوس
ڪندو هوس، ڄڻ مون کي گهر جون ڀتيون ۽ ڪٻٽ به حيران
حيران نگاهن سان تڪي رهيا آهن: ”تون الائي ڪير
آهين، الائي ڪٿان آيو آهين، ڇا لاءِ آيو آهين؟
اسين ته توکي سڃاڻون به ڪو نه!“ انهيءَ احساس تي
منهنجن نيڻن مان لڙڪ لڙي ايندا هئا، ۽ آءٌ
ويچاريندو هوس ته هي گهر ڇڏي ڪنهن ٻئي پاسي هليو
وڃان....... هي گهر جتان جا رهواسي مون کي پنهنجو
نه ٿا ڪن، جتي جي ڪنڊ ڪنڊ مون کي غير ٿي سمجهي،
جتي جا نوڪر به مون کان اتانهون درجو ٿا رکن!
هڪ ڏينهن، آءٌ گهر جو سودو وٺي
پئي موٽيس ته گهٽيءَ ۾ پنهنجن ٻن چئن سنگتين کي
”تر“ راند ڪندي ڏٺم. منهنجي دل به سرڪي ويئي
–
(تن ڏينهن ڪڏهن ڪڏهن آءٌ قسمت آزمائي به ڪندو
هوس). اکر
–
ڀوري ڪندي، مون گهر جي سودي مان بچيل ساڍا ست آنا
هارائي ڇڏيا. گهر موٽيس ته انهن ساڍن ستن آنن جي
پُڇا ٿي. مون ڪو جواب ڪو نه ڏنو ته چاچيءَ چيو،
”ضرور جوا ۾ هارائي آيو هوندو!“ ۽ پوءِ، جڏهن
منهنجو چاچو مون کي ٿڦن ۽ مڪن سان مار ڏيئي ڏئي
ٿڪجي پيو، ته مون ويچاريو، ”هي سڀ ڪجهه شايد ساڍن
ستن آنن جي ڪري آهي..... نوڪرن جي منهن تي منهنجي
بي عزتي ٿا ڪن! هون........ ”جوا ۾ هارائي آيو
هوندو“! پٽهنس ته ڄڻ وڏو ساڌ ۽ نيڪ آهي!“ ائين
ويچاريندي ويچاريندي، منهنجي من ۾ حقارت ۽ ڪاوڙ
پيهي پيا، ۽ دل چوڻ لڳم ته هن گهر ۽ گهر جي هر
چيز کي تيلي ڏيئي ڇڏيان ۽ پاڻ ڪنهن پاسي هليو
وڃان! گهر کي تيلي ڪو نه ڏيئي سگهيس، پر ائين
گهران ڀڄي ضرور نڪتس. پاڙي جي هڪ گهر مان چاچيءَ
جي نالي پنجاهه رپيا ورتم، ۽ حيدرآباد مان پنجاب
ويندڙ گاڏيءَ ۾ چڙهي پيس. ٻئي ڏينهن تي آءٌ لاهور
۾ هوس
–
وڏي ۽ تاريخي شهر لاهور ۾، جيڪو منهنجي گهر کان
پري، گهڻو پري هو، ۽ جتي جي هر شيءِ مون لاءِ
اوپري ۽ اجنبي هئي. اڻ ڏٺل چهرا، جايون جڳهيون، گس
۽ رستا سڀ اڻڄاتل، نه دوست نه واقفڪار، - ذرو ذرو
اجنبي هو!
***
....... مون پٿريون اڇلائڻ بند
ڪري ڇڏيون آهن. ذهن وري ماٺيڻي وهڪري سان گڏ ٿڙي
هليو اٿم، هي واهه، جنهنجي ڀڪ تي آءٌ ويٺو آهيان،
انهيءَ لاهور شهر جي پاسي ۾ ئي ته وهي ٿو. مون کي
هتي آئي چار سال ٿي ويا آهن. هاڻي منهنجي عمر
پندرهن ورهين جي لڳ ڀڳ ٿيندي. انهن چئن سالن ۾ مون
جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، تنهن جون مورتون، ماضيءَ جي
جهڻين جهڪن رنگن ۾ ٻڏي، اکين آڏو ائين پيون ٽلن،
ڄڻ وقت موٽ کاڌي آهي، ۽ آءٌ انهن واقعن سان وچڙيو
پيو هلان!
........ اجهو آءٌ فٽ پاٿ تي
اخبارون پٿاري اچي ستو آهيان. ڄاڻ پوليس وارو آيو.
کيس چانهه جي لاءِ انهن پئسن مان ڇهه پئسا ڪڍي
ڏيندس، جيڪي مون صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين ٽيشن
جي ڀر واري گدام جا ڪوئلا ڍوئي ڪمايا آهن جيڪڏهن
کيس خرچي نه ڏيان ته هوند فٽ پاٿ تي سمهڻ ئي ڪيم
ڏئيم! جيڪڏهن هو مون کان ڇهه پئسا نه وٺي ته چانهه
ڪيئن پيئي؟ جي چانهه نه پيئي ته ڊيوٽي ڪيئن ڏئي؟ ۽
ڊيوٽي ته کيس ڏيڻي آهي، تنهن ڪري خير، ڇڏيو انهيءَ
ڳالهه کي!
....... هي منهنجو فٽ پاٿي ساٿي
ڏسو، سندس اکيون ڏسو ٿا ...... منجهن جڳ رت اوتي
ڇڏيو آهي
–
ڳاڙهو ڳاڙهو رت ! منهنجي هن ساٿيءَ جو نالو ”استاد
منگو“ آهي. سندس ڪم سوٽ ڪوٽ پهريندڙن جا کيسا صاف
ڪرڻ آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي به هٿ جي صفائي ڏيکارڻ
جي صلاح ڏيندو آهي، ۽ چوندو آهي: ”تون ته ڪو وڏو
ڀوڪ آهين! قد بت ڏسو پٽ جو...... ڪوئلا ٿو ڍوئيس!
اڙي گڏهه، ڪو جيئڻ جو ڍنگ سک: اسان وانگي کڻ
ڪئنچي، ۽ ڏيکار ڪا هٿ جي صفائي! اڙي، نه ته ائين
ڪوئلا ڍوئيندي ڍوئيندي ڪڏهن پاڻ به ڪوئلو ٿي
ويندين!...... ڀيڻان ڪو ميڄالو ڌار .....“ ۽ جڏهن
مان کيس اتر ۾ چوندو آهيان ته ”هي ڪم ته گناهه جو
آهي، خدا ناراض ٿيندو، مان نه ڪندس“، ته امالڪ رڙ
ڪري چوندو آهي: ”هاڻي، ڇا چيئه؟ - هي ڪم گناهه جو
آهي! پورهيو ڪرڻ پاپ آهي؟ ..... خدا انهيءَ ۾
ناراض ٿيندو!. ........ جي ائين آهي ته خدا سائين
کي چئه ته هن سامهين بنگلي ۾ رهندڙ سيٺ کي بنگلي
مان ڪڍي آڻي مون سان گڏ فٽ پاٿ تي سمهاري ڇڏي:
کيس چئه ته مون کي به هڪ ڪار ڏي، هڪ بنگلو ۽ ڪجهه
بئنڪ
–
بئلنس ڏي، پوءِ مان هي ڌنڌو ڇڏي ڏيندس: انهيءَ ذات
جو قسم، مان پوءِ ماڻهن جا کيسا ڪو نه
ڪتريندس!....... توکي خبر ناهي، هي سيٺ به ماڻهن
جا کيسا ڪتريندو اٿئي! مان ڪئنچيءَ سان ڪتريندو
آهيان، پر هي ڪئنچي بنا! جيڪڏهن هي سيٺ ائين نه
ڪري ها، ته مان هن فٽ پاٿ جي بجاءِ ڪنهن گهر جي
دالان ۾ کٽ تي ستو پيو هجان، ۽ تون ڪوئلن ڍوئڻ
بدران ڪنهن اسڪول ۾ پڙهندو هجين هان..... ڇا، خدا
کي اها ڳالهه پسند ناهي؟ ...... جيڪڏهن هو اهو سڀ
ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، ته مان به ڪئنچي وهائڻ بند
نه ٿو ڪري سگهان! گناهه هجي يا ثواب، مون کي
پرواهه ڪانهي. جيئڻ لاءِ ماني کپي، ۽ ماني ڪمائڻ
لاءِ هنر ..... اسان جو هنر اجهو اهو اٿئي! .....
چڱو، هاڻي بڪواس بند ڪر، ۽ سمهي رهه. ائين چئي، هو
پاسو ورائي سمهي رهندو آهي. ۽ مان کيس اکيون ڦاڙي
تپرس وچان تڪڻ لڳندو آهيان. ائين محسوس ٿيندو اٿم،
ڄڻ اهو سڀ ڪجهه منگوءَ نه پر ڪنهن ٻي جي واتان
نڪتو هجي.
***
اجهو، مان رڌڻي ۾ ويٺو ٿانو
مليان. هي رڌڻو جج صاحب جو آهي، منهنجي هڪ فٽ پاٿي
ساٿيءَ مون کي هن جج وٽ نوڪري وٺرائي ڏني هئي.
اجها، هيءَ پليٽ ڏسو. هن ۾ انهيءَ ڪڪڙ جون چوسيل
هڏيون پيون آهن، جيڪا ڪالهه سج لٿي جو هڪ خونخوار
اکين وارو ماڻهو ڏيئي ويو هو. هيءَ ڪچ جو پيالو
آهي. ان ۾ منهنجيءَ مالڪڻ ”اسڪاچ“ جا جام پيتا
هئا. منهنجي مالڪڻ روزانو شام جو هار سينگار، ڦڻي
ڦوڪار ڪري، ڏاڍي ٺٺ ٺانگر سان پنهنجي هڪ نه ٻئي
دوست سان ڪلب ويندي آهي، ۽ اتان اڌ رات جو بڪندي ۽
ٿڙڪندي ٿاٻڙندي موٽندي آهي. اهي ٿانو مليندي، ڪڏهن
ڪڏهن منهنجي ذهن ۾ اهو سوال جاڳي اٿندو آهي، جيڪو
منهنجي امڙ منهنجن وان ۾ آڱرين سان ڦڻي ڪندي، اڪثر
پڇندي هئي
–
”پٽ، تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟“ مون کي ياد آهي، مان
کيس چوندو هوس، ”سيشن جج، امان!“ ...... ۽ هاڻي
مان سوچيندو آهيان ته اهي هٿ جن کي ڪڏهن قسمتن جا
فيصلا ڪرڻا هئا، سي هاڻي رڌڻي جي اڌ اونداهيءَ ڪنڊ
۾ ٿانو پيا صفا ڪن!
...... ڪو سڏ پيو ڪريم! جج صاحب
آهي. وڪيل صاحب آيو هوندو. منهنجو صاحب ساڻس ڪي
ڳالهيون ڀڻڪندو، ۽ پوءِ کيس ڪاغذن جو مچو کڻي
ڏيندو، جيڪو اڄ ڪورٽ مان موٽندي ساڻ کڻي آيو هو.
اهو پوڙهو وڪيل گهڻو ڪري ڏهاڙي ايندو آهي. روز کيس
ڪاغذن جو مچو ملندو آهي، ٻئي ئي ڏينهن تي هو اهي
ڪاغذ موٽائي موڪليندو آهي، ۽ صاحب اهي ڪاغذ کڻي
آفيس هليو ويندو آهي. تنهن ڏينهن وڪيل صاحب جو
نوڪر چئي رهيو هو: ”تنهنجي صاحب کي اچي ڇا ٿو؟ بس،
پي ڄاڻي، عشق ڪري، ۽ رشوت وٺي ڄاڻي! ڪيسن جا فيصلا
به روز منهنجو صاحب لکي ڏيندو اٿس!“ ان مهل
منهنجيءَ دل چيو هو ته وڪيل صاحب جي هن نوڪر کي
نڙيءَ کان جهلي، رڌڻي جي دريءَ مان ٻاهر اڇلائي
ڇڏيان...... ۽ گهڻيءَ دير کان پوءِ مون کي خيال
آيو ته جج صاحب جي ڪورٽ ۾ وڃي، کيس ڪرسيءَ تان
کڻي، ڪورٽ کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيان!
....... مان جتين کي پالش ويٺو
ڪريان. هي ننڍڙا ننڍڙا بوٽ، صاحب جي پٽ جا آهن.
منهنجو هي ننڍڙو صاحب ڪڏهن ڪڏهن مون کي چوندو هو،
”هيءَ ممي اسان کي ته جلدي سمهڻ ۽ جلدي اٿڻ لاءِ
چوندي آهي، پر پاڻ ڇو منجهند تائين ابتي سبتي پئي
هوندي آهي؟“ آءٌ سوچيندو هوس، منهنجي صاحب پنهنجي
پٽ کي الائي ڇو ايترو پيار نه ٿي ڪيو، جيترو پيار
منهنجو بابا مون کي ڪندو هو؟
***
هت به منهنجي اها خواهش پوري نه
ٿي آهي. جيڪا الائي جي ڪڏهن کان منهنجي من ۾ ڪر
موڙيندي رهي آهي. دل ٿي چيم ته پاڙي واريءَ مسيت
۾ وڃي اجهو ڳوليان
–
شايد الله جي گهر ۾ منهنجي بيقرار روح کي ڪو سڪون
نصيب ٿئي!
اجها، هيءَ اها پاڙي واري مسيت
آهي، جج صاحب وٽان نوڪري ڇڏي، مان هاڻي هتي اچي
رهيو آهيان. هتي منهنجو ڪم مسجد جي امام ۽ امام
صاحب جي يتيم شاگردن لاءِ چندو گڏ ڪرڻ آهي. اهي
يتيم، مون وانگر ٽولين ۾ چندو پنڻ نڪرندا آهن.
اسين هڪ نه ٻئي ڏينهن امام صاحب کي ويهارو ٽيهارو
رپيا گڏ ڪري آڻي ڏيندا آهيون. امام صاحب مون کي،
ٻين کان لڪائي، آڌوي
–
رپيو خرچي ڏيئي ڇڏيندو آهي. پنهنجي ڪيس ڏنل سڻڀيءَ
ڏاڙهيءَ تي هٿ گهمائيندي چوندو اٿم: ”شاباس!
شاباس!“ ۽ مان ان ”شابش“ جي مطلب تي ڪنڌ ڌوڻي،
انهن پئسن مان وڃي ڪا فلم ڏسي ايندو آهيان. امام
صاحب بعضي بعضي چوندو اٿم: ”پٽ، تون جلدي ڪلام
الله شريف پورو ڪري وٺين ته توکي هن مسجد جو نائب
امام بڻائي ڇڏيان
–
پوءِ تون پنهنجي دين جي خدمت ڪر، الله تبارڪ و
تعاليٰ ۽ حضور جن (صدقي وڃان سندن مبارڪ نالي تان)
کي خوش ڪري سگهندين.“ الائي ڇو، منهنجي دل امام
صاحب جي ڳالهه کي نه ٿي مڃي. الائي ڇو، مون کي هتي
به مزو ڪين ٿو اچي. روح کي اها راحت نصيب ڪا نه
آهي، جنهن لاءِ ورهين کان واجهائيندو رهيو آهيان.
هي خدا جو گهر آهي، روحاني سڪون جو مرڪز، پر
منهنجي روح کي هتي حقيقي سک ڪونهي. مون کي ته
ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هر هنڌ دولاب جو مهاڄار
وڇايو پيو آهي، دغا ۽ فريب جي بازار گرم آهي:
يتيمن جي نالي تي چندو گڏ ٿئي ٿو، انهيءَ چندي مان
مسجد جو امام سريتون ٿو پالي، ۽ مان کيل ٿو ڏسان
–
دل ٿي چويم ته هتان ڀڄي وڃي، استاد منگوءَ وٽ
رهان. ڪيڏو نه پيارو ماڻهو آهي! سندس ڳالهين ۾
ڪيترو ڪوڙ ۽ گستاخيءَ هوندي به ڪيڏي نه سچائي
هوندي آهي!
***
اجهو، مان هن اڇن لٽن پهريل ٻڍي
کي پيو چوان: ”سائين منهنجا! هوءَ ڇيڙيءَ واري
سڏيئي ٿي. ڀوتار، واهه جو مال اٿئي
–
ليئو ته پائي ڏس!“ تاريخي شهر لاهور جو هيءَ حصو
”هيرامنڊي“ سڏبو آهي
–
يعني لال بازار!
هڪ ڏينهن استاد منگوءَ کي اچي
مستي چڙهي. هن فيصلو ڪيو ته سڀاڻي آزاديءَ جي
ڏينهن هجڻ ڪري پنهنجي ڌنڌي کي بند رکبو، ۽ مڪمل
موڪل ملهائبي. سچ پچ، انهيءَ ڏينهن هن موڪل ڪري
ڇڏي. سڄو ڏهاڙو مون کي ساڻ ڪري، جلوسن ۾ ”پاڪستان
زنده آباد“ ۽ ”آزادي پائنده باد“ جا نعرا هڻندو
رهيو. شام جو جڏهن پوليس انسپيڪٽر جو ماڻهو منگوءَ
وٽ آيو ته منگوءَ پنهنجو کيسو ابتو ڪري، پوليس
واري کي ڏيکاريندي چيو: ”اڄ موڪل ملهائي هئيسين!
پاڪستان زندهه......“منگوءَ اڃا ”پاڪستان زنده
آباد“ چئي پورو ئي ڪو نه ڪيو هو
–
ته پوليس واري جو هٿ هن جي ڪنڌ ۾ هو - ۽ استاد
منگو، ”آرررررر.. رر“ ڪندو ڌڪبو، وڃي ٿاڻي تي
نڪتو.
مان انهيءَ ڏينهن ڏاڍو مونجهو ٿي
پيس. منگوءَ کان سواءِ مزو ئي ڪين ٿي آيم. منهن
ڪري، گهٽين ۾ گهڙي پيس. سوچيندو پئي ويس : ”امام
صاحب وٽ وڃان، کائنس قرآن پاڪ پڙهي، نائب امام ڇو
نه وڃي ٿيان!“...... ايتري ۾ ڪنهن سڏ ڪيو:
”هيڏانهن اچ پٽ!“ سڏ ندڙ، دڪان ۾ ويٺل هڪ ڪرڙوڍ
عورت هئي. ويجهو ويس، چيائين : ”مون وٽ ڪم ڪندين؟“
ڏاڍو عجب لڳم. هي لال بازار جون عورتون ماڻهن جي
چهرن مان سندن دل جي حال پڙهي وٺڻ ۾ ڏاڍيون ڀڙ
هونديون آهن. مون کي خبر هئي ته وٽس ڪهڙو ڪم ڪرڻو
پوندو. خيال وري نائب امام بڻجڻ ڏانهن هليو ويو.
نهڪر ڪرڻ تي هوس، ته هن وري چيو : ”هل ته نوان لٽا
وٺي ڏيانءِ ..... ڪهڙو لٽو وڻندو اٿئي؟“ مون
پنهنجي ڦاٽل سوٽ کي ڏٺو، سندس پويان هلڻ لڳس.
***
ان ڏينهن کان وٺي آءٌ هت
هيرامنڊيءَ ۾ ڪم ڪندو آهيان. مون کي هتي ڪم ڪندي
ٻه سال کن ٿي ويا آهن. ان ڪرڙوڍ عورت کان سواءِ
ٻيون به ڪيتريون ئي عورتون مون کان ڪم وٺنديون
آهن. هاڻي مان رات جي اونداهين ۾ هيرامنڊيءَ ۾ ڀڙ
دلالن جيان چوندو آهيان، ”سائين، دل وندرائڻ لاءِ
ڪو ساٿي کپيو؟ - فس ڪلاس ساٿي! نئون، بلڪل نئون
صاب! هر قسم جو مال !...... اچو ..... مون سان گڏ
هلو.“ ۽ پوءِ جڏهن هو مون سان گڏ هلندا آهن، ته
مان کين هتي جي عورتن ڏانهن وٺي ايندو آهيان، جتي
اهي انسان چڀندڙ نظرن سان سندن انگ انگ ائين
توريندا تڪيندا آهن، ڄڻ هو هٽ تان گيهه جو دٻو يا
ان وٺڻ آيا هجن. انهن عورتن کي ڏسي، مون کي ڪڏهن
ڪڏهن پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرون ياد اچي وينديون آهن.
ماڻهو چون ٿا ته هتان جون عورتون
مڪار آهن، پاکنڊي آهن، ڇَلُ ڪري ڄاڻن.
هونديون...... مڪار ۽ پاکنڊ! بک ڇا نه ٿي ڪرائي؟
پيٽ ڀرڻ لاءِ، جيئڻ لاءِ، ڇا ڇا نه ٿو ڪرڻو پوي!
ڇل ڪنديون، ڇنڊ هڻنديون، تال ڪنديون، نخرا ڪنديون،
هر طرح ۽ هر طريقي سان چار ڏوڪڙ وڌيڪ ڪمائڻ لاءِ
جتن ڪنديون
–
ٻيو ڪري به ڇا ٿيون سگهن؟
....... هيءَ اختري آهي. تازو
پنهنجي پنجينءَ ڀاڄ تان موٽي آهي. سندس پهريون
يار، جيڪو کيس هتان ڀڄائي ويو هو، تنهن ٽي مهينا
کڻ پاڻ وٽ رکي، پوءِ لتون هڻي کيس گهر مان ڪڍي
ڇڏيو هو. ويچارو ڪري به ڇا ها؟ راڄ
–
برادريءَ وارن حقو
–
پاڻي ئي بند ڪري ڇڏيو هوس. ڌنڌو ڌاڙي بند ٿيس ته
بکون اچي ڳٽ پيس، ۽ عشق هوا ٿي ويو. اختريءَ جو
ٻيو يار کيس انهيءَ اقرار تي وٺي ويو هو ته سندس
شادي ڪندو. پر هن پنهنجو انجام ڪڏهن ڪين پاڙيو، ۽
اختري نراس ٿي موٽي آئي. هن جو ٽيون ۽ چوٿون يار
ته کانئس خانگي طرح ڪسب ڪرائي، ڏوڪڙ ڪمائڻ ۾ لڳي
ويا هئا. پنجون يار وري کيس هتان ملتان وٺي ويو
هو، ۽ اتي ساڻس هڪ جاءِ ۾ هفتو کن رهي، ائين گم ٿي
ويو، جيئن گڏهه جي سر تان سڱ! اختري پڇي ٿي ته
هاڻي هوءَ ڇا ڪري؟ ڪنهن سان وڃي؟ ڪيئن وڃي؟
ڪيڏانهن وڃي؟ هيرامنڊيءَ ۾ اها هڪڙي اختري نه آهي
–
اهڙيون ڪيئن اختريون انهي مهاڄار مان ڇوٽڪاري حاصل
ڪرڻ لاءِ تڙپي رهيون آهن. اهي ڇا ڪن؟ ڪيڏانهن
وڃن؟......
...... واهه جو پاڻي اڳي جيان نرم
خرام آهي. پاڇولا ڊگها پئجي ويا آهن. سج افق جي
ڇيڙي کي ويجهو ٿي ويو آهي. ڏکڻ جي ٿڌيري هوا،
گهلي، سانجهيءَ جي آمد آمد جو نياپو کڻي آئي آهي،
۽ مان اختريءَ بابت پيو ويچاريان. هيءَ اختري به
نهايت عجيب عورت آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هوءَ مون کي
پنهنجي گاڏي تي مٿو رکرائي سمهاري ڇڏيندي آهي.
منهنجي وارن ۾ آڱرين سان ڦڻي ڏيڻ ويهي رهندي آهي،
۽ چوندي آهي: ”تو هت اچي اجايو ننڍي ٽهيءَ ۾
پنهنجي حياتي خراب ڪئي آهي. تنهنجي عمر ته اڃا
پڙهڻ جي آهي. تون ڊاڪٽر ٿيءُ، جج ٿيءُ، منهنجي
صلاح مڃ، هتان هاڻي به هليو وڃ!، اهڙي سمي آءٌ
محسوس ڪندو آهيان، ڄڻ هيءَ اختري هيرامنڊيءَ جي
وئشيا نه بلڪه منهنجي ماءُ آهي..... ۽ قبر مان اٿي
منهنجن وارن ۾ آڱرين سان ڦڻي ڪندي چئي رهي آهي
–
”پٽ، تون وڏو ٿا ڇا ٿيندين؟“
تنهن ڏينهن اختريءَ ۽ مون ويٺي
ڳالهيون ڪيون
–
ماڻهن جون ڳالهيون، موسمن جون ڳالهيون، ڪپڙن جون
ڳالهيون ۽ الائي ڇا ڇا جون ڳالهيون. رکي رکي ٽهڪ
به پئي ڏناسين
–
اهڙا جهڙا ٻار ڏيندا آهن
–
معصوم ۽ اڻ گهڙيا ٽهڪ. جهٽ پل کان پوءِ ”گلاب“ هٿن
۾ ڪپڙا ۽ ٻيون شيون کڻي آئي. هوءَ بازار مان موٽي
هئي. گلاب، اختريءَ جي وڏي ڀيڻ آهي. اختريءَ اٿي
وڃي کيس در وٽ ئي پڪڙيو کانئس هڙئي شيون کسي ڏسڻ
لڳي. ڇٻر جهڙي سائي رنگ جو هڪ ڪپڙو هٿ ۾ کڻي چوڻ
لڳي: ”ادي، هن نائيلان جو رنگ ته ڏس، ڪهڙو نه شوخ
۽ ڀٿڪيدار آهي، مون کي ڏاڍو ٿو وڻي. اهو ته مان
کڻنديس.“
”اهو مان پنهنجي لاءِ وٺي آئي
آهيان، توکي ڇو ڏيان!“ گلاب ائين چئي، اختريءَ کان
اهو ڪپڙو کسي وٺي ڀڳي. گلاب پهرين مون کي ڪو نه
ڏٺو هو. ڀڄڻ مهل سندس نظر مون تي به پئي. امالڪ
بيهي رهي. سندس نرڙ تي ڪاوڙ وچان گهنج اسري آيا، ۽
ڀيڻ کي ڇوهه مان چيائين: ”هون، هيءُ وري تو وٽ
ويٺو آهي! مون جو توکي چيو هو ته هن مئي ڇوري کي
هت نه اچڻ ڏيندي ڪر! جڏهن ڏس..... تنهنجو مغز ته
خراب ڪونهي؟“ اختريءَ کي به ڪاوڙ اچي ويئي: ”مان
هن سان ويهان يا نه ويهان تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟“
”منهنجو ڇا؟ مان تنهنجي وڏي ڀيڻ
آهيان، تنهنجي ڀلي خاطر ٿي چوان. ڇوري، تون اڳي به
چار
–
پنج ڀيرا ڀڳي آهين، تڏهن به ڪو نه سڌرينءَ. پنهنجو
سمورو وقت ويٺي هن مئي لوٺي سان خراب ڪرين. جيڪو
ٿي ڪمائين، سو هن کي ٿي ڏيئي ڇڏين. ماڻهو اويل
سويل لاءِ ٻه
–
چار ڏوڪڙ گڏ ڪري، ڪي بس ! کري ٻهر ٿي آهين!“ گلاب
اکين جون ڪنڊون گهنجائيندي چيو.
”تو ته اصل لک گڏ ڪيا آهن. هلي
آهي ويچاري ٻين کي صلاحون ڏيڻ! منهن ڏٺو اٿئي
پنهنجو؟“
”نه ته وري! مان تو وانگر ڪا پاڳل
آهيان، جو سڄو سڄو وقت ههڙن ڇورن واهياتن سان
وڃايان، جن مان نه هڙ حاصل!“
”زبان سنڀالي ڳالهاءِ! هن کي ڪجهه
چيئي ته چوٽي پٽي وٺنديسانءِ، ها.“
”تون به زبان سنڀالي ڳالهاءِ! جي
مون کي ڪو اولو سولو اکر ڳالهائي ته اهي ٻئي تارا
ڪڍي وٺنديسانءِ! تو مون کي سمجهيو ڇاهي، ڙي!“
اختريءَ جو منهن ٽامڻي هڻي ويو.
سرير ۾ ڏڪڻي پئجي ويس. اوچتو اوڇانگ ڏيئي، گلاب کي
وڃي وارن کان جهليائين. وٺي جو سٽ ڇنائين، ته گلاب
اچي پٽ تي پيئي. گلاب جي اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا.
گهگي آواز ۾ چيائين: ”تو هن ڪين جهڙي ڇوري جي
ڪري، مون تي هٿ کنيو آهي
–
مون تي ...... پنهنجي وڏي ڀيڻ تي!“ اختري اچي ورئڻ
۾ ڇٽڪي. پوءِ ٻئي هڪٻئي جي ڀاڪرن ۾، ڪنڌ ۾ ڪنڌ
ڏئي، ائين روئڻ لڳيون، ڄڻ اڀ ۾ ڇانيل ڪارا ڪڪر پاڻ
۾ وڇڙي وڃي پيا هجن.
هي سمورو وقت مون پريان ويٺي
تماشو ڏٺو. کين هيئن روئندو ڏسي، مون ائين محسوس
ڪيو، ڄڻ هي اختري ۽ گلاب ٻه ننڍڙيون نينگريون آهن
–
اٻوجهه ۽ اڄاڻ. وڙهن ٿيون، روئن ٿيون، رسن ٿيون،
پرچن ٿيون
–
نه دولاب نه دوکو، نه دغا نه فريب
–
دل جي اڌمن کان مجبور، ساهه جي سٽن سان ڇڪجي. مون
سوچيو: ”اهو فريب، اهو مڪر، اهو دولاب ڪٿي آهي؟
گلاب ۽ اختري هيرامنڊيءَ جون ٻه رنڊيون آهن، وٽن
اهو سڀ ڪجهه هجڻ گهرجي. پر هو ٻئي پاڻ ۾ ائين
وڙهيون ۽ پرچيون آهن، جيئن اسان واري گهر ۾ سندم
ڀينرون وڙهنديون ۽ پرچنديون هيون. هي ڳوڙها، هي
هنجون، هي موتين جا داڻا: ڇا هي سڀ فريب آهي، مڪر
آهي، دولاب آهي؟“
اهڙن موقعن تي مون هميشه اهو پئي
محسوس ڪيو آهي، ڄڻ مان هيرامنڊيءَ ۾ نه، بلڪه روحن
جي ديس ۾ اچي ويو آهيان. جت معصوميت جا مانڊاڻ
منڊيل آهن، جت خلوص ۽ سچائيءَ جا گل پيا مُرڪن“ ۽
جيڪو منهنجي سپنن جي ٻيٽارين مان ڪَر موڙي اٿيو
آهي: ۽ پوءِ مان ائين پيو ڀائيندو آهيان، ڄڻ اهو
سڪون ملي ويو اٿم، جنهن لاءِ ورهين کان بيقرار
هوس. اهو خال ڀرجي ويو اٿم، جنهن کي ڏکوئيندڙ
ناسور جيان پئي محسوس ڪيو هوم! پر اهو احساس ته
اهڙين گهڙين سان ئي مخصوص آهي - ۽ اهي املهه
گهڙيون هيرامنڊي جهڙين جاين تي ڪي اهڙيون گهڻيون
هيرامنڊيءَ جهڙين جاين تي ڪي اهڙيون گهڻيون ته ڪو
نه هونديون آهن. اهو محسوس ڪندي، دل چوندي اٿم ته
”جيڪر اهي خوشيءَ ۽ آنند جا ڪرڻا سدائين ڦٽندا
ڦاٽندا رهن! ڪو اهڙو جتن ڪجي، جيئن هيرامنڊي
هيرامنڊي نه رهي: منجهس ست ۽ پوترتا جا نه
اجهامندڙ ديپ جلي اٿن، رات هت جيڪا اونداهه
ڦهلائيندي آهي، سا به پاڻ سان پيار، سچائيءَ ۽
انسانيت جا اجالا آڻي!“ ..... ائين ڪڏهن ٿي
سگهندو؟ منهنجي اها آس ڪڏهن پوري به ٿيندي؟ مان
ڪيئن چوان، ڪيئن ڪريان؟ الا، ڪنهن پر .....! ها!
ڪنهن پر!
........ اهو سڀ ڪجهه ويچاريندي
ويچاريندي، منهنجي وجود جي اونهائين مان ٿڌو ساهه
نڪري ويو آهي، ۽ روح تي ڇانيل اداسيءَ جا تهه
تحليل ٿي ويا آهن. پاڻيءَ جي مٿاڇري جون ڇوليون
هڪٻئي سان مٺيون سرگوشيون ڪري رهيون آهن. وڻن جون
ٽاريون، واءُ جي جهوٻن تي لڏي، ڏاڍي ماٺيڻي نوع ۾
ڪنهن اڻڄاتل خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيون آهن.
چوڌاري شام جو ڌنڌ ڇانئجي ويو آهي. سج افق ۾ ٻڏي
ويو آهي. اهو افق، جيڪو اڳي مون کي پنهنجن خيالن ۾
پهچ کان به پري پئي لڳو، هاڻي ايترو ته ويجهو ٿو
لڳي، جو مان کيس هٿ لائي پيار ڪري سگهان ٿو!
منهنجي وجود ۾ خوشيءَ ۽ اطمينان جي لهر ڊوڙي وئي
آهي. سنجها لڙندي پئي هلي، ۽ جوت ٻرڻ تي آهي.
پنهنجي پورهئي کي جنبڻو اٿم، سو ڪپڙا ڇنڊي اٿي
شهر ڏانهن هلڻ لڳو آهيان
–
اها آس کڻي ته منهنجي خواهش ڪڏهن ضرور پوري ٿيندي:
”جيڪڏهن سياري جا سيءَ لهي سگهن
ٿا، ته بهار جون هيرون به ڪي اهڙيون پري ته ڪو نه
ٿيون ٿي سگهن!“
|