ڇوڏو
نجم عباسي
ڳوٺ جي ويجهو پهچي چڪو هوس. سج
پهاڙن پٺيان غائب ٿي ويو هو. مان ٿڪل ٽٽل، مٿي تي
ڪتابن جي بُجڪي، ڪانچ جا ور مٿي کنيل، جُتي ۽ گوڏن
تائين ڄنگهون ڌڌڙ سان ڀريل، گهر جلدي پهچڻ لاءِ
تڪڙا تڪڙا قدم ڀريندو ٿي آيس. اوچتو ياد اچي ويم
ته پوڙهيءَ عارب
–
ماءُ جي شيءَ اڄ به وسري ويئي آهي. ڏاڍو ارمان
ٿيم. ارمان ان ڪري ٿيم، جو هن وٽان چوکي خرچي ملڻي
هئي.
پوڙهيءَ عارب
–
ماءُ کي ٻن
–
اڍائي هفتن کان ٽيڙ تپ ٿي آيو. ڳوٺ جي حڪيم کان ٻه
–
چار دفعا ڦڪيون ورتيو هئائين، پر فرق ڪو نه پيو
هو. ڪالهه جنهن وقت مان اسڪول ڏانهن وڃڻ لاءِ
سنبري رهيو هوس، ان وقت هوءَ آئي ۽ مون کي چيائين
ته ”پُٽڙا، منهنجي واسطي پير سائين سٻاجهي جن جي
ڪَنڊيءَ جو ڇوڏو آڻجان، هونءَ ته تپ ڇڏيندم ئي ڪو
نه!“
پوڙهي تپ جي ڪري ڳري ڪنڊا ٿي ويئي
هئي. رنگ پيلو پئجي ويو هوس، ۽ اکيون ڏرا ڏيئي
ويون هيس. ڳالهائيندي ڳالهائيندي به سهڪي پئي. مون
هن سان انجام ڪيو ته ضرور آڻيندس، پر اسڪول کان
موٽڻ وقت اها ڳالهه ئي وسري ويم. تنهن ڪري اڄ صبح
جو وري اچي ڏاڍايون آزايون نيازيون ڪيائين، ۽ لالچ
به ڏنائين ته جي ڇوڏو آڻيندين ته تمام گهڻي خرچي
ڏينديسانءِ. هڪ آنو ته اڳواٽ ئي ڏيئي ڇڏيائين.
هيتريءَ تاڪيد جو سبب اهو به هو جو ٻئي ڏينهن
پوڙهيءَ جي تپ جو وارو هو، ۽ هن چاهيو ٿي ته ڇوڏو
اڄ ئي ٻانهن ۾ ٻڌي، جيئن سڀاڻي ان بخار جي بلا کان
بچي وڃي.
اسان جي ڳوٺ جا رهاڪو پير سٻاجهي
جي ڪَنڊيءَ جو ڇوڏو اڪثر ڪري استعمال ڪندا رهندا
هئا. هر بيماريءَ جو ان کي هڪ ٽڪ علاج سمجهيو
ويندو هو. جڏهن ڪا دوا اثر نه ڪندي هئي، تڏهن
ماڻهو ان ڪَنڊيءَ جو ڇوڏو ڳاڙهيءَ اڳڙيءَ ۾ ويڙهي،
تعويذ وانگر ٻانهن ۾ ٻڌندا هئا. ڪي ته دوا اصل
ڪندا هئي ڪو نه هئا، ۽ بيمار ٿيڻ شرط اهو ڇوڏو
ٻڌندا هئا.
اُن ڇوڏو جي شفا ملڪان ملڪ مشهور
هئي. چوندا هئا ته ڪيترائي لاعلاج مريض به ڇوڏي
جي ڪرامت سان صحتمند ٿي ويا. ماڻهن جو ان م ڏاڍو
ويساهه هو. قصو ته مشهور ائين آهي ته هڪ لڱا پير
سٻاجهي ان ڪَنڊيءَ جي وڻ هيٺان اچي منزل ڪئي هئي،
۽ اتي ئي هڪ انڌيءَ کي ڪرامت سان سڄو ڪيو هئائين.
ان کان پوءِ ئي ان وڻ کي اهو شرف حاصل ٿيو هو.
جنهن وقت جي مان ڳالهه ڪري رهيو آهيان، ان وقت
ڪَنڊيءَ جي وڻ جي چوڌاري لوڙهو ڏنل هو. ڪي
عقيدتمند اچي وڻ هيٺان ٻهاري ڏيئي پٽ صفا ڪري
ويندا هئا. وڻ جي ٽارين ۽ ڏارن ۾ ڪيتريون ئي ڳاڙهي
رنگ جون اڳڙيون ٻڌل هيون.
پير سٻاجهي واري ڪَنڊي اسڪول واري
ڳوٺ ڏانهن ويندڙ پيچري تي هئي. جيئن ته مان روزانو
ان رستي تان ايندو ويندو هوس، ان ڪري اوڙي پاڙي جا
ضرورتمند مون کي ڇوڏو آڻڻ لاءِ چوندا هئا. جڏهن
مان سندن اهو ڪم ڪري ايندو هوس. تڏهن هو مون کي
ٽڪو
–
آنو خرچي ڏيندا هئا. ٻئي ڏينهن به مائيءَ عارب
–
ماءُ لاءِ ڇوڏو آڻڻ وسري ويو هوم. هاڻي هن کي ڪهڙو
منهن ڏيکاريندس! هوءَ منهنجي لاءِ اکيون وجهيو
ويٺي هوندي، ڪيترو نه نااميد ٿيندي، ۽ مان پاڻ به
انعان کان محروم رهجي ويندس! هينئر ڪوهه پنڌ ڪري،
پوئتي وڃڻ به مون لاءِ مشڪل هو.
مان هڪ هنڌ بيهي رهيو هوس، ۽ دماغ
۾ اهي ئي ڳالهيون پئي آيون ويون، اتي ئي منهنجي
ذهن ۾ هڪ نئون خيال اڀريو. ان خيال اچڻ ڪري مون
اطمينان جو ساهه کنيو، ۽ خود بخود مرڪڻ لڳس. پر
وري خيال آيم ته ائين ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. اهو گناهه
آهي. اها آنڌ مانڌ ٻه
–
چار گهڙيون منهنجي اندر ۾ چالو رهي. سامهون، وک
پنڌ تي هڪڙو ڪنڊيءَ جو وڻ موجود هو. مان فيصلو ڪري
ان ڏانهن وڌيس. چوطرف نظر ڊوڙايم، مون کي ڪو به
ڏسڻ وارو ڪو نه هو. منهنجي دل ڌڙڪي رهي هئي، ڇوڏو
پٽيندي منهنجا هٿ ڏڪڻ لڳا.
پوڙهي عارب
–
ماءُ اسان جي گهر ۾ ويٺي منهنجي واٽ نهاري رهي
هئي. مون کي ڏسندي ئي رڙ ڪيائين، ”پٽ، منهنجو ڪم
ڪري آئين نه؟“ مون به ڪجهه ڪڇڻ کان سواءِ ڇوڏو هن
جي طرف وڌايو. هن وٺي ان کي چميو. پائلي ڪڍي
منهنجي تريءَ تي رکيائين، ۽ دعائون ڪندي پنهنجي
گهر ڏانهن رواني ٿي. پر مون کي هن جون دعائون پٽ
جا تير بڻجي پئي چڀيون. مان ته سڄو حراس ۽ ڊپ ۾
ڀرجي ويو هوس. خيالي خوف مون کي گهيرو ڪندا ٿي
ويا.
پير سٻاجهي جي ان ڪَنڊيءَ جي باري
۾ ڪيتريون ئي روايتون مشهور هيون. چوندا هئا ته جن
به ماڻهن ان وڻ جي بيحرمتي ڪئي هئي، يا کائڻ لاءِ
سڱريون پٽڻ يا ٻڪرين لاءِ ٽاريون ڪپڻ جي ڪوشش ڪئي
هئي، سي يا ته انڌا ٿي پيا هئا، يا ڳاٽو ڀڄي پيو
هئڻ، يا عضوا سُڪي پيا هئا، يا ٻين مصيبتن ۾ مبتلا
ٿيا هئا! ان کان سواءِ سندس ٻيون به ڪيتريون ئي
ڪرامتون ننڍي وڏي جي وات هيون.
مان رواجي ڪَنڊيءَ جي وڻ جي ڇوڏي
کي پير سٻاجهي واري ڪنڊيءَ جو ڇوڏو ڪوٺي، پڇتائي
رهيو هوس، ان ڊپ کان ڪنبي رهيو هوس ته مون تي ضرور
ڪا مصيبت نازل ٿيندي. ان رات مون کي مشڪل سان ٿوري
ننڊ آئي. ننڊ ۾ به ڊيڄاريندي خواب ڏسندو رهيس. صبح
جو اسڪول ويندي، جڏهن ان ڪنڊيءَ جي قرب پهتس، تڏهن
اهو پيچرو مٽائي، وڪڙ ڪري، ٻئي پاسي کان ويس ته
متان ان جي ويجهو لنگهڻ وقت آفت نه اچي ڪڙڪي! چار
ڏينهن ان ڳڻتي ۾ گذري ويا. مون کي پڪ هئي ته مصيبت
ضرور ايندي. ڪيترائي انديشا پئي اندر ۾ پيدا ٿيا.
هڪڙو انديشو ته اهو به هو ته مان امتحان ۾ ناپاس
ٿيندس! ڪلاس جا سبق ته هونئن به پوريءَ طرح ياد
ڪو نه بيهندا هئم.
هڪ ڏينهن، هلندي هلندي ٿاٻو اچي
ويم. هڪدم خيال پيدا ٿيو ته اچي ويئي پير سٻاجهي
جي موڪليل آفت، ۽ اجهو ٿو ڪو عضوو پڇيم! پر پاڻ
جهلي ويس ۽ ڏٺم ته بي خياليءَ ڪري رستي ۾ پيل پٿر
اٽڪڻ ڪري ٿاٻڙجي پيو هوس.
ان وچ ۾ عارب
–
ماءُ به نظر نه آئي خيال اٿم ته شايد منهنجي بي
ايمانيءَ ڪري ويچاري وڌيڪ بيمار ٿي پئي آهي، ۽ سزا
پيئي ڀوڳي. آخر پنجين ڏينهن پهه پچايم ته اڄ پير
سٻاجهي واريءَ ڪَنڊيءَ مان ڇوڏو پٽي ايندس، ۽ اهو
اچي عارب
–
ماءُ کي ڏيندس ۽ حقيقت ٻڌائي معافي وٺندس.
ان ڏينهن صبح جو وڃڻ کان اڳ، جڏهن امان مکڻ ۽ ماني
کارائيندي چئي رهي هئي ته ٻن
–
چئن ڏينهن کان توکي ڇا ٿي ويو آهي جو پوري ماني به
ڪا نه ٿو کائين، ته ان وقت مائي عارب
–
ماءُ به اچي اسان جي گهر نڪتي. بلڪل تازي تواني ۽
تندرست! مون کي ڏسندي ئي چيائين، ”پُٽ، شابس هجي
توکي! مون ان وقت ئي ڇوڏو اڳڙيءَ ۾ وجهي، ٻانهن ۾
ٻڌي ڇڏيو. تَپ وري نالو به نه ورتو. صدقي وڃان پير
سائين سٻاجهي جي نانءَ تان!،
مان وائڙو ٿي هن ڏانهن نهارڻ لڳس.
(مهراڻ 2/ 3
–
1964ع)
|