سيڪشن؛    ڪهاڻيون

ڪتاب:مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :5  

مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

حميد سنڌي

 

اَلا جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.....!

غلام رباني

 

                ڇُٽي خان جو ڳوٺ صدين کان انهيءَ ٽڪري جي دامن ۾ آباد هو، جنهن جي ڇيڙي تي نئون ٻڌل شهر، سٺي بندرگاهه ۽ ملڪ جي گادي ٿيڻ سبب، روز بروز وڌندو ويجهندو، چوطرف پکڙبو پئي ويو. ڳوٺ ڇا هو بس چاليهارو کن ڪکاين جهوپڙين جو هڪ ويڙهو هو. سموريون جهوپڙيون هڪ ئي رنگ ڍنگ تي ٺهيل هيون. ٽڪنڊن، چوڪنڊن ۽ گول مول پٿرن جون آسيريون پاسيريون ۽ ٽيڏيون ڀتيون، جن جي سوراخن ۽ ڳڙکين مان. هوا جي جهوٽي سان، نه رڳو مٽي پر ڪک پن به آرپار ايندا ويندا هئا. ڇتيون سڀني کي ڪکايون هيون، کجيءَ جا اڻ گهڙيا، اڻ وڍيا ڦرها، ڪامن ۽ پٽين جي جاءِ تي رکيل هئا، مٿانئن وري سُڪل پَنَ پکيڙيل هئا، سڄي ڳوٺ ۾ فقط هڪ جاءِ هئي، جنهن کي ٽين جي ڇت پيل هئي، نه رڳو ٽين جي ڇت پر ان جي ڀتين کي پوچي پڻ ڪيل هئي. اها هئي ڳوٺ جي مسجد.

                سو انهن ڪکائن اجهن جي هيٺ ”ڇٽي خان“ جا رهاڪو پنهنجو سيارو سانوڻ ڪاٽيندا هئا. سندن ابا ڏاڏا ۽ تن جا ابا ڏاڏا به انهن ئي ڪکن ۾ پنهنجا ڏينهڙا گهاري ويا.

                هونئن ته قديم زماني کان وٺي، ڇُٽي خان جي رهاڪن جو گذر سفر مڇي مارڻ تي هوندو هو، پر جڏهانڪر ڀر ۾ نئون شهر اڏيو هو، ته ڪي جوان شهر ۾وڃي محنت مزدوري ڪندا هئا. ڪن ته بيل- گاڏيون ۽ گڏهه گاڏيون به خريد ڪيون هيون، جن تي هو بار ڍوئيندا هئا.

                جوان مڙس  پرهه ڦٽيءَ سان پورهئي پٺيان ويندا هئا. باقي رهندا هئا ٻُڍا، ٻار ۽ زالون، پوڙها، صبح مرداني سان وڃي مسجد جو در وٺندا هئا. علُو ٻانگي جي عادت هئي ته اسر ڏيئي اٿندو هو، ۽ اڃا اُڀ تان تارا مٽيائي نه هوندا هئا ته ٻانگ ڏيئي ڇڏيندو هو. هڪ هڪ ٿي، نمازي گڏ ٿيندا هئا ۽ نماز پڙهڻ ويل سڄو صحن ماڻهن سان ڀرجي ويندو هو. نماز پڄاڻان، دور ۽ ذڪر جي هونگار ڏيڍ پهر ڏينهن چڙهي اچڻ تائين جاري هوندي هئي -  ۽ پوءِ پوڙهن جي محفل مچندي هئي، حاجيءَ جي هَٽ تي.

                ٻارن لاءِ ڪا مشغولي مورڳو ئي ڪا نه هئي ڏيڍ پهر ڏينهن ننڊ مان اٿندا. اسڪول وغيره ته ڳوٺ ۾  هو ئي ڪو نه، ٻار سڄو ڏينهن گهٽين ۾ پيا ڦيريون پائيندا- ابتيون سبتيون، بي معنيٰ  بي مطلب يا وري ڦريو گهريو اچي حاجيءَ جي هٽ تي پوڙهن جون رهاڻيون ٻڌندا. بس علو ٻانگو ڪانڀ ڪڍي حاجيءَ جي هٽ تي ويٺو، ٻارن جو مڪو متو ڳاهٽ پيا ٿيندا. علو به کڻي گگ هڻندو هو، هڪڙيون لاهيندو ٻيون چاڙهيندو. چي: ”سائين، جوانيءَ ۾ اسان به ڪم ڪيا.... سانوڻيءَ جو درياهه اڪيلي سر اڪريو اٿم! ميرل ماڇيءَ جي مينهن ٻڌجي وئي. خبر پيم، پگ جو ڀير ڏيئي، چورن جو پيرو کنيم. واٽ تي وڃي پُڳو مان. اڪيلي سر، ستن جوانن سان، سر جي سٽ ڏيئي مُننهن- مقابل ٿيس.... نيٺ مينهن موٽائي آڻي ڪلي سان ٻڌم!“

                جوسو ڦل ته وري علوءَ کان به اتر گهُرندو هو- چي: ”سائين، ڪا ڳالهه آهي!.... هينئر پيري جهوري آهي، نه ته جوانيءَ ۾ گهٽ اسان به ڪو نه هئاسين!“.....”سان اک اڙجي ويم. ست ڪوهيءَ تي گهر هوس. آڌي ڏيئي اٿندو هوس.... رات رات ست ڪوهي اُڪري، وڃي ساڻس ملاقي ٿيندو هوس. روح- رهاڻ ڪري، کڻي جو کُڙي ڪندو هوس. ته ڪڪڙن دس ئي نه هنيا هوندا جو ڳوٺ اچي ٺهڪو ڪندو هوس!.... صبح سان اهو ئي همراهن سان گڏ، هر پاڃاري ڪلهي تي!...... چئه ته رات سڄيءَ ۾ اک ئي ڪين کلي هئم.....!“

                ٻڍن جون اهي ٻٽاڪون ٻارن کي به نيٺ ٿڪائي وجهنديون هيون. ڪر موڙي اٿندا، هت هت نوس نوس ڪندا،  ور وڪڙ هڻندا، وڃي وڏيءَ گهٽيءَ جو ڇيڙو ڪندا ۽ پوءِ اتان وري موٽ کائيندا، ۽ سڌو اچي حاجيءَ جي هٽ تي دم پٽيندا.

                رات ٿيندي ته گهران رکو سکو ٽڪر کائي، ٽوليون ڪري نڪرندا ۽ گهٽين ۾ واڪا ڪندا ويندا:

”اچو ٻارو! راند جو وارو......“

ڊوڙي اچي  ڊڳڙ کائو! پني اچي پادر کائو....“

                ۽ پوءِ سندن سڏ تي ٻار، ڪُئن جيان ٻڙ مان نڪرندا، کسڪندا ايندا..... تان جو هو سڀ گڏ ٿي ويندا ۽ پوءِ ڳوٺ جي وڏي  پڌر تي راند ڪندا... راند متي، ته ڌوڙ اڏامندي، جنهن ۾ چنڊ جي چانڊوڪي ڍڪجي ويندي. ”هو ٻلهاڙو!“ جي هوڪان ۽ وانجهيءَ جي واڪن ۾ بازاري ڪتن جون ڀونڪون دٻجي وينديون هيون. چنڊ ڌيري وڌندو ايندو. رات پَر پکيڙيندي  رهندي... ۽ پوءِ جڏهن ڪَتيون ڪَر موڙينديون ۽ ٽيئي ٽيڙو اُڀا ٿي اڌ آسمان تي ايندا، تڏهن سڀ ڪو سست ٿي پوندو ۽ ٿڪجي  ٻرجي گهر ورندو، ڪن جي دل اڃا نه ڍاپي هوندي، ته اهي وري موڙ ٻڌي، ڪنهن گهٽيءَ جي موڙ تي ويهندا- ”سيد ديو ۽ حُسنا پري“ جا قصا ۽ ڪهاڻيون، کڻندا، پروليون ڏيندا ۽ ڳجهارتون پيا ڏيندا وٺندا.  هڪڙو چوندو: ”شينهن کي نماز پڙهائي ڏي!“ .... ”نٿو اچيئي؟ چڱو ترار کي پاڻي پياري ڏي....!“ ۽ ائين واڪو ٿي ويندو.

                ”لَڪَڙُ ڀڄي لڪڙ کڄي: لڪڙ ۾ لارو، پي چڙهيو تارو، تاري هنيو مَنڊ، پي چڙهيو چنڊ، چنڊ ڪيئي چانڊاڻ،  پي چڙهي ماڇاڻ، ماڇاڻ لاٿا آنا، پي چڙهيا ڪانا، ڪانن ڪئي هيرَ، پي چڙهيا پنج پير، پنجن پيرن ڪئي گُرڙي، پي چڙهي ڪاڻي ڪرڙي، ڪاڻيءَ ڪرڙيءَ ڏني پُٺ، پي چڙهي اُٺ، اُٺ کاڌي گوار، پي چڙهي ترار....!“

                ”ترار“ چوندو ۽ پڙاڏو پئجي ويندو: ”شابي! شابي گلڻ شابي! چڙهي چيلهه ڀڳي اٿئيس!“

                سو، ”ڇُٽي خان“ جي رهاڪن جي حياتي اجهو ائين موج ۽ مزي، سک ۽ سانت سان پئي گذري. بنهه سک سانت سان اصل انهيءَ ڍنڍ جيان، جنهن ۾ ڪڏهن ڪا وير ڪا نه چڙهي، سير ڪين اَڙهي! هميشه وانگر، صبح سان ساڳيو سونو سج اوڀر کان اڀرندو هو ۽ لهڻ ويل چوڌاري سونن ڪرڻن جي ورکا ڪندي، هوريان هوريان جهيڻو ٿيندو، اکين اڳيان آڪاس جي نيري ساگر ۾ ٽٻي هڻندو ويندو هو.... ۽ پوءِ رات جي راڻي پنهنجا ڪارا وار ڇوڙيندي هئي.

                اها ئي رات، اهو ئي ڏينهن، اهو ئي چنڊ، اهي ئي تارا، اهو ئي اڀ ۽ اها ئي ڌرتي... ۽ ائين سال لنگهي ويا.

                ڀر ۾ ٻڌل نئون شهر هوريان هوريان وڌندو، ڇٽي خان جي ڳوٺ کي اوڏو پوندو آيو.... ۽ ائين ئي، ٻن چئن سالن ۾ ڇٽي خان جو ڳوٺ نئين شهر جي گود ۾ اچي ويو.

                وڏو شهر سڄي ٽڪريءَ تي پکڙجي ويو. ٽڪريءَ جي چپي چپي تي وڏا وڏا بنگلا- اصل محلات ٺهي ويا،  جن جي سفيدي جڏهن اس ۾ چمڪندي هئي،  ته ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪو ڪنگن جو ولر، پَرَ پکيڙي، ٽڪريءَ تي ٽڙي پکڙي ويٺو آهي.... ۽ ”ڇٽي خان“ جون ُاسَ ۽ مينهن ۾ ڪاراٽيل ميرانجهڙيون جهوپڙيون، انهن ڪنگن مثل بنگلن جي جهرمٽ ۾ جهرڪين جي جهڳٽي جيان لڳنديون هيون.

                پر پوءِ...  ڪانگن جي ڪانگيري ۾ جهرڪين جو جهرمٽ ڪيستائين؟ جهوپڙيءَ وارو، بنگلي ڌڻيءَ جو پاڙيسري ڪو سونهي!

                وڏن پيٽن ۾ وڪڙ  پيو.... هلنديءَ وارن حرفت هلائي... ۽ هڪ ڏينهن هڪ وڏو ميونسپل عملدار، ”ڇُٽي خان“ جي رهاڪن کي چتاءُ ڏيئي ويو ته ”اوهان کي لڏي وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ ويهڻ گهرجي، ۽ ڳوٺ خالي ڪرڻ گهرجي، اوهان جون جهوپڙيون ”ڪالونيءَ“ جي زيب زينت تي داغ آهن...!“

                ڳوٺ ۾ ٻائيتال پئجي ويو. ٻار ٻُڍا وائڙا ٿي ويا ته هيءَ آپدا ڪٿان ۽ ڪيئن ڪڙڪي؟

                ”اسين صدين کان رهندا اچون، هي ڪالهه آيا..... اڄ اسان کي ٿا لڏائين ههڙو ڪو انڌير!“

                ”نه بابا، اباڻا ڪک اسين ڪو نه ڇڏينداسون!“

                ”.... پر ڇڏيون به ڇو....؟“

                سڄو ڳوٺ اچي حاجيءَ جي هٽ تي گڏ ٿيو. آخر ڳالهه جو اڳ پڇ جاچي، سڀني صلاح بيهاري ته درخواست لکائي ميونسپلٽيءَ جي وڏي صاحب کي ڏجي، کيس سموري حقيقت کان واقف ڪجي.

                ”ميونسپلٽيءَ جي وڏي صاحب وٽ درخواست به پهتي. صاحب ڳوٺاڻن کي چيو ته، ”بابا مان ميونسپل ميمبرن جي ميٽنگ ڪوٺايان ٿو پوءِ جيڪو فيصلو ٿيو.“ ڳوٺاڻن صاحب کي ٻڌائي ويا ته ”فيصلو ٻيصلو ڪو نه.... ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي، ته اسان کان اباڻا ڪک ائين ڇڏيا ڪو نه ٿيندا!“

                ميونسپل جي ميٽنگ گڏ ٿي. صدر صاحب ميمبرن اڳيان درخواست پيش ڪندي چيو ته ”ڇُٽي خان“ جي رهاڪن جو رخ مٽيل آهي. اهڙو ڪو طريقو ڳولهي لهجي، جو دنگو فساد به نه ٿئي ۽ ڳالهه به رهجي اچي.“

                ميٽنگ ۾ خوب گرما گرم بحث ٿيو. ڪنهن ڪيئن ٿي ڳالهايو، ڪنهن ڪيئن ٿي ڳالهايو، پر سڀني جو رايو اهو ئي هو ته ڳوٺاڻن کي لڏائجي- انهيءَ ايراضيءَ ۾ چار چڱيون جايون جڙي پونديون...... ماٺ ميٺ ۾  نه مڃين ته ڪم ڪجي پوليس حوالي.“

                هڪڙي نوجوان ميمبر- جنهن کي اڃا اهو تجربو نه هو ته ميونسپل جو ڪم ڪيئن هلندو آهي ۽ ڪالونين جي زيب زينت ڪيئن وڌائبي آهي ۽ وڏي ماڻهوءَ مان تهائين وڏو ماڻهو ڪيئن ٿبو آهي. اها رٿ پيش ڪئي ته ”جيئن ته ڳوٺاڻن کي لڏائڻ اصل مقصد نه آهي، پر اصل مقصد اهو آهي ته ڪالونيءَ کي صاف ۽ سهڻو رکجي: تنهن ڪري منهنجي رٿ آهي ته ”ميونسپل طرفان، انهن سڀني جهوپڙين کي هٽائي، ساڳيءَ ئي ايراضيءَ تي، نوان ننڍڙا ۽ خوبصورت هڪ- رنگا ڪوارٽر ٺهرايا وڃن ۽ انهن ۾ ڳوٺاڻن کي آباد ڪيو وڃي.“ نوجوان ڳالهه پوري ئي مس ڪئي ته سڀني کلي ڏنو ”ماٺ ڪري ويهه، ماٺ ڪري ويهه....“

                ”وڏو آيو آهي جهنگلين ۽ جاهلن جو همدرد!“

”بابا، تون اڃا ٻار آهين....!“

”سکي ويندو.... سکي ويندو....“

                آخر متفق فيصلو اهو ٿيو ته ڳوٺاڻن کي لڏائجي، هونئن نه لڏين ته ڪم پوليس حوالي ڪجي- آخر پوليس جو ڪم بالا عملدارن جا حڪم مڃڻ ئي ته آهي!

                ڇُٽي خان جي ڳوٺ وارن کي فيصلي جي خبر پئي، ته وسامي ويا. ”ههڙو ڪلور!“ هنن کي خواب خيال ۾ به ڪو نه هو. مڙس پِڙ هڻي بيٺا ته اباڻا ڪک اسين به ڪو نه ڇڏينداسين!“

                ۽ پوءِ ..... هڪ ڏينهن صبح جو سويل، جڏهن اڃا حاجيءَ پنهنجي هٽ ۾ ٻهاري به نه پاتي هئي ۽ اڃا ڇڻڪار به نه ڪيو هو، جڏهن اڃا علو ٻانگي کي صبح جي ٻانگ ڏني جهٽ به نه گذريو هو، ته ڳوٺ جي چوطرف غلغلو ۽ گڙگاٽ پئجي ويو... ننڍو وڏو اکيون مهٽي جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪتو. گهٽين جي موڙ وٽ ٻارن ٻڍن ۽ زالن جا ميڙاڪا ٿي ويا. علو مسجد مان نماز پڙهي بنا تڪڙو ٻاهر نڪري آيو. حاجي هٽ جو در ٻيڪڙي هليو آيو. جوسو به اکيون مهٽيندو اچي بيٺو....

                ڳوٺ جي چوطرف هٿياربند پوليس بيٺي هئي. ٿورو پرڀرو ”بلڊوزر“ ٽريڪٽر بيٺي دونهان ڪڍيا سندس گڙ گڙ جي آواز پکين ۽ پرندن جي به ننڊ  ڦٽائي ڇڏي هئي، ويچارا ڦرڙاٽ ڪندا آکيرن مان اڏامندا، ڀڄندا پئي ويا.

                پوليس ڳوٺاڻن کي ميونسپل ميٽنگ جو متفق فيصلو پڙهي ٻڌايو - ۽ بالا عملدارن جا حڪم..... ۽ تنهن بعد ”بلڊوزر“ کي اشارو ٿيو. بلڊوزر جي مشين ۾ چرپر ٿي. سندس فولادي ڦيٿا ڦرڻ لڳا. جهوپڙيون ڏڪڻ لڳيون. ٻڍا ۽ ٻار هيسجي ويا. عورتن اوڇنگارون ڏنيون. ٻارن سڏڪا ڀريا، بلڊوزر اڳتي وڌيو اڃا به اڳتي وڌيو.... ۽ پوءِ هڪ ڏڪندڙ جهوپڙيءَ سان ٽڪريو.... کڙ کڙ ڪندي، جهوپڙي اچي پٽ تي پيئي! انسان جو آباد آکيرو مٽيءَ ۽ پٿرن جو ڍير ٿي پيو ۽ جهوپڙيون ڪرنديون رهيون.... ۽ آخر بلڊوزر اچي آخرين جاءِ وٽ پهتو ..... سندس فولادي پيرن ۾ ڄڻ ڏانوڻ پئجي ويا. اڳيان مسجد هئي! ڪنهن جاهل جي جهوپڙي ڪا نه هئي.... ڪنهن جهنگليءَ جو آکيرو ڪو نه هو، جنهن ۾ مائن جي مُرڪ ۽ معصومن جا ٽهڪ هجن اڳيان هڪ خالي جاءِ هئي..... پر بلڊوزر جا پير اڳتي وڌي ڪو نه سگهيا....!

                ۽ ڳچ ڳچ ڏينهن کان پوءِ....... ڇُٽي خان جي ڳوٺ جي جاءِ تي، ميرانجهڙين جهوپڙين بجاءِ وڏا وڏا بنگلا، املهه محلات ڪر کنيو بيٺاهئا. حاجيءَ جي هَٽَ واري هنڌ تي هاڻي سيٺ ”عبدالسلام“ جو بنگلو هو، جنهن جي ڀر ۾ بيٺل مسجد جا منارا چمڪي رهيا هئا. سيٺ عبدالسلام مسجد کي ٻه ماڙ ڪري، نئين سر ٺهرايو هو.

(مهراڻ: 4 1956ع)

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com