آسرو
ع
–
ق
–
شيخ
ڊسمبر مهيني جون پويون تاريخون هيون، سيءُ به چوي
اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان! صبح کان ئي جهڙالو هو ۽
ٿڌيءَ هوا جا سوساٽ پئي پيا. ٻپهري لڙي ته سيءُ
ويتر وڌي ويو. شام جو علي اڪبر اچي گهر تي سڏ ڪيو.
ٻاهر نڪتس ته چيائين، تيار ٿي اچ ته هوٽل تي هلي
چانهه پيئنداسين. آءٌ تيار ٿي آيس ۽ ٻيئي ڄڻا ٻاهر
نڪتاسين.
ٻاهر رستي تي، ماڻهو ڇڊا پاڊا هئا، باقي ٽانگا
البت هليا پئي. اڃا اڌ رستي تي پهتاسين ته ڀرسان
هڪ ماڻهو، ديوانن وانگر رڙيون ڪندو، اڳتي ڊوڙيندو
ويو. هن جي شلوار بنهه ليڙون ليڙون هئي.
هو اڳڀرو ٿيو ئي ڪو نه، ته علي اڪبر چيو: ”اهو
اٿئي مَڪُو مست“، جو هر روز شام جو هن مهل، هن
رستي تي ائين ڊوڙيندو رهندو آهي!
اسان جي ڀرسان ٻه
–
ٽانگا ٺڪ
–
ٺڪ ڪندا نڪري ويا، ۽ هو مڪو مست، دانهون ڪندو،
ڊوڙندو، واپس وري رهيو هو. هو بلڪل اسان جي ڀرسان
ڊوڙندو لنگهي ويو. هن جون ٽنگون گوڏن تائين
اگهاڙيون، ڏاڙهي کنڊريل، ۽ مٿي جا وار بيڊولا، ۽
لڙاٽيل هئا. هن جون اکيون ٽانڊن وانگي پئي چمڪيون،
هن جي بي معنيٰ رڙين جا ڪي اکر
–
”کڻي آئي! کڻي آئي!“ ۽ پوءِ ڪجهه ٽهڪ مون ٻڌا. هو
ائين ڊوڙيندو ٿي ويو. ڄڻ ڪو بکايل شينهن اچي
پٺيان پيو هجيس. سندس پير به ته اگهاڙا هئا. مون
ڪنڌ ورائي کيس جاچيو، ته هو موٽي رهيو هو.
اسين اڳتي وڌياسين. ”ڇا تون هن کي سڃاڻين ٿو؟“ مون
پنهنجي دوست کان سوال ڪيو، جنهن وراڻيون : ”نه،
مون کي هن جي ڪا خبر ڪانهي، باقي شام جو هو هتي
هميشه ڊوڙيندو نظر ايندو آهي. ماڻهو کيس مڪو مست
ڪري سڏيندا آهن.“ ايتري ۾ اسين هوٽل وٽ اچي
پهتاسين، ۽ ڪنڊ واري پان ٻيڙيءَ واري دڪان تي
سگريٽن وٺڻ لاءِ ترسياسين. سرد هوا جي لُري پئي
لڳي. مڪو مست به اتي اچي پرڀرو بيٺو. هو سهڪي رهيو
هو. هن کي ڪو تمام پراڻو ۽ ٻانهن کان ڦاٽل ڪوٽ
پيل هو، هن جي قميص بلڪل ميري ۽ ٻيڙن کان سواءِ
هئي، جنهن مان هن جو وارن ڀريو سينو پئي ڏٺو. شايد
هو ٿڪجي پيو هو. پان ٻيڙيءَ واري اسان کي سگريٽ
ڏنا، ۽ هن کي سڏ ڪري چيو. ”مڪو مست، هان، هيءُ
سگريٽ وٺ.“ هن فقط زور سان ڪنڌ لوڏي انڪار ڪيو. هن
جو منهن وارن سان ويڙهجي ويو. ٻيڙين واري وري هڪ
پان مٿي کڻي چيو، ”ڀلا پان ته کاءُ!“ هن ڀيري مڪو
مست جوش سان ويجهو ٿيندي، ٻئي ٻانهون کڻي هيٺ
اڇلائيندي، رڙ ڪئي، ”نه کپي! نه کپي!“ هن پنهنجي
منهن تان وار پري ڪيا. هن جو سڄو منهن پگهريل هو.
هو يڪ ٽڪ پان واري ڏانهن گهورڻ لڳو. هن جون اکيون
ڄڻ چڻنگن وانگر دکي رهيون هيون. هو اڃا ٿورو اڳتي،
پان واري ڏانهن وڌيو، ۽ مون سمجهيو ته بس، هاڻي
خير ڪونهي. پان واري ٻيئي هٿ ٻڌندي چيو، ”مڪو
بابا، معاف ڪريو!ٰ مڪو بابا معاف ڪريو!“ اهي لفظ
ٻڌي، مڪو مست هڪ وڏو ۽ ڀيانڪ ٽهڪ ڏنو. خبر نه آهي
ته هن جي جسم مان يا هن جي وات مان، هڪ بدبوءِ جو
اٻارو آيو. هو زمين تي دڙها هڻي، خوفناڪ نموني،
تڪڙو تڪڙو، ”ٻلي ٻچا کڻي آئي! ٻلي ٻچا کڻي آئي!“
چوندو، ڪوڪرا ڪندو، رستي تي ڊوڙندو هليو ويو.
علي اڪبر پان واري کان پڇيو. ”ڀائو، هن مست کي
سڃاڻين؟“
”هائو سائين، هتي جو هر ڪو ماڻهو هن کي سڃاڻي. مون
کي هن دڪان تي پورا پنج سال گذري ويا آهن، هو هر
روز هن رستي تي ۽ هن ئي وقت ڪلاڪ ڏيڍ تائين پيو
ڊوڙندو ۽ ڪوڪاريندو آهي. بس سائين، مست آهي، چريو،
پر آزاري ڪنهن کي ڪو نه. هونئن ته هن کي جيڪي
ملندو آهي وٺندو آهي، پر هن مهل ڪنهن کان ڪجهه ڪو
نه وٺي. اڄ آزمايومانس. خدا الائي جي ڪهڙين ڳالهين
۾ راضي آهي. درويش آهي، درويش!“
”ادا، هي ڪٿي رهندو آهي، ۽ ڪيئن چريو ٿيو؟“ پان
واري کان وري مون ٻيو سوال ڪيو. پان واري ٿڌو ساهه
ڀريندي چيو، ”سائين، اها خبر مون کي به ڪانهي ته
ڪيئن چريو ٿيو. شل انسان جي ڪل نه ٿڙڪي. سامهون
بلڊنگ ڏسو ٿا نه، هيءُ به انهيءَ ۾ رهندو آهي.
مست وري موٽي رهيو هو، ۽ اسين هوٽل ۾ وڃي هڪڙي
پاسي واريءَ ڪئبن ۾ ويهي رهاسين. هوٽل ۾ اندر فرحت
لڳي پيئي هئي، پر آءٌ سوچڻ لڳيس، مڪو مست! خبر نه
آهي ته هو ڪير آهي؟ هن جا به ڪي مٽ مائٽ هوندا. هو
ڇو چريو ٿيو؟ ڇا هن جو علاج نه ٿو ٿي سگهي؟ هيءُ
به انسان آهي..... ڇا هيءَ به ڪا زندگي
آهي!“
بيري ميز تي چانهه اچي رکي. منهنجي دوست ڪٽليءَ ۾
کنڊ جو چمچو وجهي، ڍڪ ڏنو. اسان کان ٿورو پرڀرو هڪ
ڪرڙوڍ شخص ڏسڻ ۾ آيو. هن جي اڳيان چانهه جو ڪوپ
رکيو هو. هن بار بار علي اڪبر ڏانهن پئي ڏٺو. ”هو
همراهه تو ڏانهن هر هر پيو ڏسي،“ مون آهستي آهستي
پنهنجي دوست کي ٻڌايو. علي اڪبر هن ڏي ڏسندي ئي
خوشيءَ مان چيو، ”چاچا حامد علي، هيڏانهن اچو نه!“
۽ هو ڪوپ کڻي اچي اسان سان گڏ ويٺو.
علي اڪبر تعارف ڪرائيندي چيو، ”هي آءٌ آهي چاچو
حامد علي، هن ئي پاڙي جو ۽ هتي جو رهاڪو آهي.“ مون
مشڪندي ساڻس هٿ ملايو. چاچو حامد علي، علي اڪبر
کان خبرون چارون وٺڻ لڳو. مون پاسي واريءَ دريءَ
کان ٻاهر نهاريو. مڪو مست اڃا تائين ڊوڙي رهيو هو.
ايتري ۾ چاچي حامد عليءَ مون ڏانهن نهاريندي چيو،
”ڪوئيٽا جي لهر آئي آهي. پر اوهين ڪهڙيءَ ٺپي ۾
پئجي ويا آهيو؟ ماڳهين کڻي ماٺ ڪئي اٿو!“ مون چيو،
”چاچا، اوهان ٻنهي پئي پنهنجون ڳالهيون ڪيون، تنهن
ڪري گستاخي نه ڪيم.“ منهنجو جواب ٻڌي. چاچي حامد
عليءَ هڪ هلڪڙو ٽهڪ ڏنو. ايتري ۾ ٻاهران رڙيون
ٿيون، ۽ هو مڪو مست رستي تان ڊوڙندو پئي ويو. علي
اڪبر افسوس سان چيو: ”ويچارو مڪو مست!“ مون چيو
”شل نه انسان ويچارو ٿئي!“ جيڪي هن مست تي ٿي
گذريو آهي، سو جيڪڏهن ڪنهن سياڻي سان ٿئي ها ته ان
جو هال هن کان به بدتر هجي هان ”ائين چئي، هو
خاموش ٿي ويو. ”چاچا“ علي اڪبر چيو، ”پر هن مست جي
اوهان کي ته سڄي خبر هوندي؟ اوهين ته هن محلي ۾ ئي
رهو ٿا. هي ڪيئن چريو ٿيو؟“ مون به بيتاب ٿي پڇيو.
چاچو حامد علي سگريٽ دکائي، هڪ ڊگهو سوٽو هڻي چوڻ
لڳو: ”آءٌ هن مست کي سڃاڻان. هن جو نالو ”مڪو“ نه،
پر ”مقبول مستري“ آهي. هونئن ته هر ڪنهن انسان جي
زندگيءَ ۾ لاهيون چاڙهيون آيون آهن، پر مقبول رڳو
ڏک ڏٺا آهن. هو چئن سالن جو هو ته سندس ماءُ مري
وئي. ڏهن سالن جو ٿيو ته پڻس به مري ويو. پڻس جو
هتي بازار ۾ لوهه جو دڪان هو. هو هڪ سيٺ هو پر ان
جي مرڻ کان پوءِ مقبول جا چاچا ۽ ماما ملڪيت مٿان
اکيون پوري، ڳجهن وانگر ڪري پيا. ويچارو مائٽن
هوندي به ڇورو ڇنو ٿي پيو. کيس ڪنهن به نه
سنڀاليو. نيٺ پاڙي جي دين محمد مستريءَ کي خيال
ٿيو، تنهن کيس پنهنجي گهر ۾ رهايو ۽ پنهنجي
ڪارخاني تي ملازم ڪري رکيو.....“
”پوءِ ڇا ٿيو؟“ علي اڪبر چيو.
چاچي پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ٻڌايو: ”ماڻهو چون
ٿا ته مقبول مستريءَ رستي تي پنهنجي ملڪيت پوري
هئي، اها ڪير چورائي ويو. ڪي چون ٿا ته هن کي ڪچي
قلعي مان لڳت جو حساب ٿيو آهي. وري ڪن جو چوڻ آهي
ته هن کي ڪنهن پهتل شخص امانت ڏني آهي. پر مون کي
ذاتي خبر آهي ته هن رستي ۾ پنهنجي دولت ڪا نه پوري
هئي، نڪو وري هن کي ڪنهن جو واسو آهي، ۽ نه وري
ڪنهن هن کي امانت ئي ڏني آهي. هائو، ڪي وري اهي
ڳالهيون به ڪندا آهن ته هن وٽ ڪيميا جو نسخو آهي،
۽ هيءُ رڳو ٻاهريون بيک ڪريو پيو ماڻهن کي
ڀنڀلائي. پر اهي سڀ ڪوڙيون ۽ علط ڳالهيون
آهن......“
”ته پوءِ اصل ڳالهه ڪهڙي آهي؟. مون پڇيو.
چاچي حامد علي ٻيڙي دکائيندي چيو: ”دين محمد مستري
شاهه ڪاريگر هو. هن مقبول کي هر طرح جي مشينريءَ
جو ڪم سيکاريو. مقبول اهڙو ته ايماندار ۽ سعادت
مند ثابت ٿيو جو دين محمد پنهنجي ڌيءُ کڻي پرڻايس.
پوءِ ته هيءُ جوان نالو ڪڍي آسمان تي چڙهي ويو. هن
اسان جي گهر جي سامهون بلڊنگ ۾ هڪ جاءِ مسواڙ تي
ورتي ۽ زال سان اتي جدا رهڻ لڳو
–
”اسان ٽنهي سگريٽ دکايا ۽ وري چانهه جو آرڊر
ڏنوسين، ته چاچا حامد عليءَ وري ڳالهه کنئي:
”مقبول جي شاديءَ کي ٻه
–
ٽي سال گذري ويا، پر کيس اولاد ڪو نه ٿيو. هن جي
زال هڪ ننڍي اڇي ٻلي پالي هئي. ٻلي وڏي ٿي ۽ ٻچا
ڪيا ته مقبول کي به هڪ سهڻو پٽ ڄائو. ڪجهه ڏينهن
کانپوءِ، هڪ شام جو انهيءَ بلڊنگ کي اچي باهه لڳي.
باهه لڳي، جو بجليءَ جون تارون هيون پراڻيون ۽
خراب. مالڪ خرچ جي بچاءَ کان مڙيئي ٽيڪر سيڪڙ ڪريو
پيو ڪم هلائيندو هو. پر نيٺ انهيءَ ڏينهن اوچتو
باهه لڳي پئي. خبر تڏهن پئي، جڏهن باهه سڄي بلڊنگ
کي وڪوڙي وئي. فائربرگيڊ جون سڀئي لاريون باهه
وسائڻ لاءِ آيون، پر انهن پهريائين مالڪ جي رهڻ
واري پاسي کان باهه وسائڻ شروع ڪئي.“
ايتري ۾ بيرو چانهه کڻي آيو، ۽ اسين گرم گرم
چانهه اهي پيئڻ لڳاسين. علي اڪبر چيو، ”هائو چاچا
باهه لڳي، پو؟“ چاچي حامد عليءَ چيو: ”اها باهه ته
نه هئي! ان جا شعلا آسمان تائين ٿي ويا. هزارن جو
سامان رک ۽ ڇار ٿي ويو. انهيءَ رات، قيامت زمين تي
هي لهي آئي هئي. رڳو مالڪ جي رهڻ واري جاءِ بچي،
باقي واويلا پئجي ويئي هر ڪنهن کي پنهنجي سر سان
لڳل هئي. بلڊنگ جو هر ڪو رهاڪو حيران ۽ پريشان
هو. مقبول مستريءَ پنهنجي زال ۽ پٽ کي بچائڻ لاءِ
هزارين حيلا هلايا. هن جي زال ۽ پٽ جڏهن ٻاهر ڪڍي
آندا ويا، ته اهي ٻيئي ڄڻا هن جي سامهون ئي لڇي
لڇي مري ويا. عين انهيءَ وقت، مقبول جي ڀرسان اها
سندس زال واري پاليل ٻلي، خبر نه آهي ته ڪيئن ۽
ڪٿان، پنهنجن پلونگڙن سميت، اچي ”ميائو ميائو“ ڪري
هن جي پيرن ۾ پيئي، مقبول مستريءَ، ٻليءَ کي ڏسي
وٺي چرين وانگر رڙيون ڪيون، ۽ ڊوڙندي ڊوڙندي چوڻ
لڳو: ”ٻلي ٻچا کڻي آئي! ٻلي ٻچا کڻي آئي!“ ۽
پوءِ، چرين وانگر ڊوڙي ڊوڙي، مورڇا ٿي ڪري پيو.
انهيءَ حادثي کي پورا پندرهن سال ٿي چڪا آهن، پر
مقبول مستري، اهو مڪو مست، اڃا به هر روز شام جو
باهه لڳڻ وقت ڦٿڪندو، رڙيون ڪندو ۽ پيو ڊوڙندو
آهي.
(مهراڻ: 1
–
1964ع)
|