”زن طلاق.......“
ابن حيات پنهور
”شاهه مراد دي مار پوويس!“ هن کي
ڏسندي ئي مون کي کل ايندي هئي. جيڪو به پڇندو هوس
ته اهو ئي جواب، ”شاهه مراد دي مار پوويس!“ هڪ
ڏينهن زوريءَ ٻانهن کان جهلي، شاهه مراد جو قسم
وڌو مانس. چوڻ لڳو، ”ميڪون جهل چوڙئيس، خبر پووس
ته مريسين.“ ائين چئي، ٻانهن ڇڏائي، اٿي ڀڳو. ان
ڏينهن کانپوءِ جڏهن به ڏسندو هو، ته پاسو ڪيو هليو
ويندو هو.
هڪ ڏينهن زماني جي ڪم سان رئيس
گلڻ خان جي ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيو هوس. سيءُ به چوي
ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن چوان. ويڙهجي سيڙهجي گهر
کان نڪري اڃا ٿورو اڳڀرو ٿيس، ته نورو ويهه
پنجويهه قدم پرڀرو منهنجي سامهون اچي رهيو هو. مون
خيال ڪيو ته سڃاتو ڪينهيس، نه ته جيڪر ضرور پاسو
ڪري ها. جڏهن چئن
–
پنجن قدمن تي آيو، ته مون کي کلندو ڏسي چوڻ لڳو،
”ڏٺئي! شاهه مراد دي مار پووس.......“ مون ڇڪي کڻي
ٻانهن کان.
”ڇوڙ! ڪو نه پڇانس!“ ڏٺم ته سندس
شڪل مان ڊپ پئي معلوم ٿيو ۽ ائين پئي لڳو، ڄڻ
هينئر موت جي منهن مان پاڻ ڇڏائي نڪتو آهي. ”ڳالهه
ڪر! ٻڌائين ڇو نه ٿو؟“
”او ڏيک! ماڻهو کڙين نه، خدا دي
نالي ميڪون ڇوڙ، آپ هين ٻڌسين......“ ڏٺم ته هي
چريو ٻڌائيندو اهئين ڪو نه، ڇو نه رڙهي وڃي روبرو
ڏسان.
اڳڀرو هليس، ته رستي جي اولهه طرف
وڻن جي سائي جهڳٽي ۾ ماڻهن جو ميڙ پئي ڏسڻ ۾ آيو.
اڃا ويجهو ويس، ته ڏٺم ٽي
–
چار پوليس آفيسر هئا، جن مان ٻن کوٽيل لاهن کي پئي
ڏٺو ۽ هڪڙو لکڻ ۾ مشغول هو. ”اسلام عليڪم!“ چئي
بيهي رهيس. مجموعي مان هڪڙي ڄڻي وڃڻ جواشارو ڏنو،
۽ آءٌ هلڻ لڳس. فرلانگ کن پنڌ جو ڪري اچي واهه تي
چڙهيس. ڳوٺ جا ماڻهو واهه جي موريءَ تي ويٺا هئا.
سلام ورايم: ڄڻ ڪنهن ٻڌو ئي ڪو نه! سڀني جي زبانن
تي تالا لڳل هئا، ڄڻ مٿن ڪا وحشت ڇانيل هئي ۽ ڪنهن
نتيجي جي انتظار ۾ هئا! اڃا ٻه
–
چار منٽ ئي نه گذريا، ته پوليس ماڻهن سميت ڳوٺ
ڏانهن اچڻ لڳي. جڏهن ويجهو آئي، سڀيئي اٿڻ لڳا، هو
اٿڻ جا نه هئا، پر اٿاريا ويا
–
پوليس جي ڪري. هو پوليس کان ڊنا ٿي. اهڙو جهڳڙو
انگريزن جي زماني ۾ - پاڻ تنهان ئي وڌيڪ. منجهائن
هڪڙي ته دل جهلي، ائين چئي ڏنو: ”اچن پيا انصاف
وارا، ڏسو ته ڪيئن ٿا انصاف ڪري ڏيکارين....!“
ماڻهو انهن ئي پيرن تي هيڏانهن هوڏانهن پکڙجي ويا.
خيال ڪيم ته ڪٿي وڃي ويهان. پريان ڏٺم ته نار پئي
اڙهيو، وڌي وڇي اتي ويٺس. اڃان انهيءَ ويچار ۾ ئي
هوس، ته منهنجي پٺيان ڪنهن جي پيرن جي آهٽ محسوس
ٿي. ڪنڌ ورائي ئي ورايان، تنهن کان اڳ ايندڙ جي
واتان ”اسلام عليڪم“ جو لفظ بندوق جي گوليءَ وانگر
ڪنن وٽان نڪري ويو. ”وعليڪم اسلام“ چئي، اٿي کيس
هٿ ڏنم.
”ڏٺئي!“ هو مون ڏانهن نهاري چوڻ
لڳو، ”احمد! ڇا ٿو سمجهين؟ خدا جي ديڳ اڃا نه
تپندي! موڪل ڏئي مڙس ماريو ٿن...... سو به لاهن
تان ..... شل خدا جو قهر پئين......“
ماڻهو ٽڙي پکڙي، وري اچي نار تي
گڏ ٿيا. ڪو ڪنهن سان ڳالهائي رهيو هو، ته ڪو ڪنهن
سان. هڪڙي چيو، ”غريب جو گهر ئي رلي ويو. ڪاڏي
ويئي زال، ڪاڏي ويو الهو تلهو، پَرُ هي ڏينهن هئا،
جو لائون لڌيون هئائين- اڃان ميندي به ڪا نه لٿي
هيس. ڇا ٿيندو، ڪير آ ويچاري جو، جيڪو ڪيس
لکائيندو ۽ حاضري ڀريندو. اجهو هڪ
–
اڌ شنوائيءَ کان پوءِ وڏيرو وري اچي هڪڙي نه ٻئي
جو سر کڻندو. اڳيون ڳالهيون ياد نه اٿو
–
چي، ”گهوڙي سان ڀڄ، نه ته دنبوق ٿو هڻانءِ!“
نوروءَ جي بت ۾ اڃا پيا ڇرا کڙڪن. ڏسو ٿا، ان
ڏينهن کان وٺي، ڪو هوش ٺڪاڻي اٿس! رڳو وڦلندو وتي
–
”شاهه مراد دي مار پووس!“ آهي ڪو ڌڻي سائين؟ انصاف
هجي ته ڪيترا ڏينهن نه ٽنگيو پيو هجي؟ لاهه هن ڪي
ٿوروئي چوريءَ ڪڍيا هئا
–
رئيس ئي ته چيو هوس: ”ڏيڍ رپيو وٺندو سانءِ، ڀلي
ڪڍي وڃي کوري تي وڪڻ“ آءٌ ڪين بيٺو هوس!“
ٻيو ڄڻو، جو پريان ڪنڌ هيٺ ڪيو،
سر تي چڙهيو ويٺو هو، تنهن چيو ”آءُ ٻن پهرن جو
ڀڏي واري نمبر ۾ هَرَ پئي اڙهيس، وڏيرو شهر کان
پئي آيو، جعفر کي پريان لاهه ڪڍندو ڏسي، مون کي
چيائين، ”گلو.!. اهو ڪهڙو ڪڃر لاهه پيو ڪڍي؟“
ٻڌايومانس ”سائين جعفر آهي، رئيس گلڻ خان موڪل ڏني
اٿس.“ اهو جو ٻڌايومانس، ڄڻ ڄڀي لڳي ويس
–
”آءٌ مري ويو آهيان، جو هي حرامزادو رئيس کان ٿو
موڪل وٺي“ پوءِ ته گهوڙي کي هڪليائين. ڏٺم متان
جهيڙو نه ٿي پوي. سو گهوڙي جي پٺيان تکو هلڻ لڳس.
واٽ تي وڏيري کي گهڻو ئي ٺاريم، پر هڪ به نه
سڻائين.“
”رڻ پٽ....... جڏهن به بيگر جو
چوينس، ڪنڌ ڪڍايو وڃي....... ڀرسان ايندي ئي وڏيري
بجو ڏئي، گار ڪڍي، چيس: ”رن ...... گولاڙيءَ جا
پٽ، هيءَ ڪا پڻهين جي ملڪيت آهي، جو لاهه ڪڍين
بيٺو!“
”جعفر کي ته سڀئي سڃاڻو، گهڻئي
اشارا ڏنامانس
–
مڙيو ئي ڪين. ٺهه پهه چئي ڏنائين: ”وڏيرا، اشراف
ٿيءُ، آءٌ گولاڙيءَ جو ٻار آهيان، ته تون وري
ڪنهن جو آهين؟“ بس ڳالهه ئي اها ٿي، ٺا وڃي پستول
ٿيو. مڙس ڪري پيو. مون کي چيائين ”ڀڄ تنهنجي ته
وٺي ڪري ....... تو کي به نه پورو ڪريان!“ آءٌ ته
وٺي ڀڳس، پوءِ ته هن لوڻو ئي ڪو نه هنيو، گهوڙو
هڪليو هليو ويو.
ٽيون ڄڻو، جو سڀني جون ڳالهيون
ڏاڍي ڌيان سان ٻڌي رهيو هو، تنهن چيو، ”اهو ڪو بي
واجبي چيئين، پاڻ به ته مهاڻيءَ جو ٻار آهي. پڻس
کان موڪلايو هئائين، پوءِ به ڄَر وٺي ويس. يَرَ،
هي سڀ اسان جو ڏوهه آهي، نه ته ....... ٻيا به ته
وڏيرا راڄن سان اٿن ويهن. ههڙو ڪلور ڪٿي ڪينهي.
جيڪو ڏس، گهر ڪنڊ ۾ ڇپ ماريو ماٺ ڪيو ويٺو
آهي..... سڀئي پيا ڇرڪن. مڙس مڙسن جا مٽ آهن،
هونءَ به ته پيامرون نه! اڃا به نه ٿا ويچاريو. هر
ڪا بازي ڦٻندي وڃين. رڳو هن سانوڻيءَ ۾ ئي ته ڏسو،
ڪهڙا نه ويل وهايا اٿن! جانوءَ جا ڍڳا ڪنهن
ٻڌرايا؟ ايمڻا جي ڀريءَ ڪچهريءَ ۾، چوٽي ڪنهن
ڪترائي؟ ولوءَ جي نياڻيءَ سان عقوبتون ڪنهن
ڪرايون؟ آچر کي جيل اماڻي، سندس لڄ ۾ ڪنهن هٿ وڌا،
نوروءَ کي بندوق هڻي چريو ڪنهن ڪيو؟ ٻڌايو! ماٺ ڇو
ڪيئي اٿو! اڃا به ڪٽر نه ٿو پئيو! ٻڌي نه ڪندئو ته
هڪڙي ڏينهن پنهنجي به اها ئي حالت ٿيندي. هينئر
سڀئي ويٺا آهيون
–
خدا جو قسم اٿو، آهي ڪو اهڙو، جنهن جي وڏيري دل نه
ڏکائي هجي؟ ميان، مڙس ٿيو، راڄ ٿا کلن.....“
سڀئي جلي کامي ويا، جنهن کي به ڏس
ڪنڌ هيٺ، اکيون رت پيون ڇڏين. اوچتو سڏ ٿيو: ”گلو
اتي آهين؟“ ٻڌندي ئي سڀني بکايل شينهن وانگر ڳاٽ
کڻي اڀا ڪيا. گلو ٽپ ڏئي اٿيو، ته هڪڙي چيس ڪير آ
اهو؟“
”ڀانيان پيو ته ڪمدار آهي.“
ڪمدار جي ٻڌندي ئي هڪڙي رڙ ڪئي:
”وٺو ڪُٽڻ کي، آيو آهي......“ اهو ماڻهو جنهن سڀني
کي همٿايو پئي، تنهن هڪل ڪئي: ”مڙس ٿيو......
ڇوڪرا آهيو ڇا؟ دشمن سان ائين وڙهبو آهي؟ وڃ گلو!
ڏس ته ڇا ٿو چوي“.
انهن ئي پيرن تي گلو موٽي آيو،
نهار کڻي ته سڄو پيو ٿڙڪي. اچڻ سان ئي چيائين،
وڏيري چيو آهي ”شاهدي ڏيندين، ته بڻ بنياد وڃائي
ڇڏيندو سانءِ.“
ٻڌندي ئي، ٽپ ڏئي کڙا ٿيا، جهلجن
ئي نه: ”نه ڇڏيو! وٺو انهيءَ کولوءَ کي......“ هن
وري به هڪل ڪئي: ”خبردار متان وڌيا آهيو! اٻهرا نه
ٿيو. واعدو ڪريو
–
جنهن سان وڙهڻو آهي، انهيءَ سان وڙهنداسين.“
هن اڃا ڳالهايو ئي پئي، ته سڀني
گڏجي وڏي آواز چيو: ”زن طلاق“ آهي، جي هاڻي ڇڏيون
وڏيري کي!“
(مهراڻ: 6
–
1956ع)
|